مختلف موضوع

ايءُ عشقَ جو آواز

جبار “آزاد” منگيءَ جو هيءَ ڪتاب “ايءُ عشقَ جو آواز” ڇهون ڪتاب آهي، جڏهن ته ريديو اسڪرپٽ جو سندس هي ٻيون ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن کي بڻياد بڻائي ڪمپيئرنگ ته شامل ڪئي ويئي آهي. انٽرنيٽ جي دنيا به، ”جيڪي منجھ جهان“ جي موضوع سان شامل ڪئي ويئي آهي ته سنڌ بابت معلومات به آهي، عام معلومات به آهي ته لطيف سائينءَ جا بيت به ڪتاب جي زينت بڻيل آهن. هن ڪتاب ۾ عالمي ڏينهن جو دائرو به وسيع ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ محنت ۽ جاکوڙ ڪئي ويئي آهي.

Title Cover of book Eeu Ishq Jo Awaz

جولاءِ

[b]جولاءِ جو پهريون ڇنڇر : گڏيل تعاون(امداد باهمي) جو عالمي ڏينهن:
[/b]هي ڏينهن هرسال جولاءِ جي پهرين ڇنڇر تي ملهايو ويندو آهي.هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد عوام ۾ گڏيل تعاون/امداد باهميءَ جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ آهي ته پوري دنيا ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ کي تيز ڪرڻ ۽ اقتصادي بحران تي ضابطو رکڻ لاءِ گڏيل طور تي هڪ ٻئي سان تعاون ۽ امداد کي ترقي ڏيارڻ آهي.

[b]2 ــ جولاءِ: خلائي مخلوق جو عالمي ڏينهن:
[/b]اسان جي ملڪ سميت پوري دنيا ۾ خلائي مخلوق جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي.2 جولاءِ سن 1947ع جي رات جو آمريڪا جي علائقي “روزويل” ۾ ڪيترن ئي ماڻهن ڪنهن شيءِ کي آسمان ۾ اڏندي ڏٺو.آمريڪي حڪومت تائين اها ڳالهه پهتي،جنهن ماڻهن کي ٻڌايو ته هي هڪ ڌات جا ٽڪر آهن جيڪي اصل ۾ هڪ موسمياتي ڦوڪڻي جا آهن.30 ورهين کان پوءِ انهيءَ حادثي جي تحقيق ۾ شامل ٽيم جي ميمر جيسي مارسل ٻڌايو ته اهي ڌات جا ٽڪرا ڪنهن ٻي دنيا جا آهن.ان ڪري هن تاريخ کي خلائي مخلوق جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي.

[b]11 ــ جولاءِ آباديءَ جو عالمي ڏينهن:
[/b]آباديءَ جو عالمي ڏينهن پوري دنيا ۾ 11 جولاءِ تي ملهايو ويندو آهي.
انسان جي شروعات کان 1800ع تائين انساني آباديءَ کي هڪ ارب تائين پهچڻ ۾ هزارين ورهيه لڳا. پر 1920ع جي ڏهاڪي ۾ آبادي بن اربن تائين پهچي ويئي، يعني ٻيڻي ٿيڻ ۾ صرف هڪ سؤ سال لڳا. پر وري پنجاھ ورهين بعد 1970ع واري ڏهاڪي ۾ آبادي وري ٻيڻي يعني چار ارب ٿي وئي. پوري دنيا جي آبادي جي ٻيڻي ٿيڻ ۾ يعني اٺ ارب ٿيڻ واري لڪير تي جلد پهچڻ واري آهي ۽ صرف اڄوڪي ڏينهن تي پنهنجي هن ڌرتيءَ تي اڍائي لک ماڻهن جو اضافو ٿي رهيو آهي.
سن 1978ع ۾ معاشيات جي ماهر ٽامس رابرٽ مالٿس هڪ نظريو ڏنو هيو ته آبادي جيو ميٽرڪ جي حساب سان 1،2،4،8،16،32 فارمولي تحت وڌي رهي آهي، جڏهن ته وسيلن ۾ واڌ ارٿميٽڪ جي حساب سان 1،2،3،4،5،6،7، ٿي رهي آهي. هن نظريي موجب آبادي ۾ واڌ وسيلن تي ٻوجھ جي سبب بڻجي ٿي.
عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته دنيا جي آبادي جنهن تيزيءَ سان وڌي رهي آهي تنهن تيزيءَ سان وسيلا مهيا نه ٿي رهيا آهن. دنيا جا تمام گهڻا مسئلا آباديءَ ۾ واڌ سان ٻڌل آهن، جنهن ۾ خوراڪ جي فراهمي، علاج، رهائش، تعليم ۽ ٻيون بنيادي شيون انسانذات بيحد ضروري آهن. آباديءَ جي واڌ سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ آباديءَ جو عالمي ڏينهن هر سال 11 جولاءِ يعني اڄوڪي ڏهاڙي تي ملهايو ويندو آهي

[b]25 ــ جولاءِ:والدين جو عالمي ڏينهن:
[/b]ٻار جي معاشري ۾ بهترين فرد بڻجڻ لاءِ سندس صحيح پرورش ڪرڻ والدين جو فرض آهي. ٻارن جي سٺي تربيت لاءِ حڪومت ۽ والدين ذميوار آهن.انهن جي تعليم ۽ تربيت سٺي ڪري ٻار کي سٺو شهري بنائڻ بهترين والدين جي فرض ۾ شمار ٿئي ٿو.ٻنهي جهانن جي سردار حضرت ﷴ ﷺ فرمايو ته “پنهنجي ٻارن تي اڪرام ڪريو ۽ انهن کي سٺي تربيت ڏيو.”اڪرام جو مفهوم هي آهي ته ٻارن کي پيار ڏيو،انهن کي تعليم ڏيو ۽ انهن کي ادب سيکاريو. والدين جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد هي آهي ته ٻارن جي بهترين پرورش ڪرڻ وارن والدين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي.هن ڏينهن جي ملهائڻ جي شروعات سن 1992ع ۾ آمريڪي ڪانگريس جي هڪ بل جي منظوريءَ بعد ٿي.

[b]30 ــ جولاءِ:دوستيءَ جو عالمي ڏينهن:
[/b]ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته“اهو دولتمند غريب آهي،جنهن جو ڪو به دوست نه آهي ۽ اهو غريب دولتمند آهي جنهن کي مخلص دوست آهن.”دوستي رڳو فردن وچ ۾ ناهي ٿيندي پر دوستي ٻن ملڪن وچ ۾ به ٿيندي آهي.دوستيءَ جو عالمي ڏينهن ملهائن جو مقصد دوستي جي رشتن وسيلي امن جي ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ آهي. سن 2011ع ۾ گڏيل قومن جي اداري هي ڏينهن هن عزم ۽ ارادي سان ملهايوته ماڻهن،ملڪن ۽ مختلف ثقافتن وچ ۾ دوستي سان امن جي ڪوششن کي وڌائي سگهجي ٿو ۽ مختلف قومن جي وچ ۾ معاملن کي به سميٽي سگهجي ٿو.