اهو انسان ڪنهن نه ڪنهن منزل جي تلاش
[/b]سائين منهنجا: جنهن ڏينهن کان انسان هن ڌرتيءَ تي شعور سنڀاليو آهي، تنهن ڏينهن کان اهو انسان ڪنهن نه ڪنهن منزل جي تلاش ۾ رهيو آهي. انسان هميشه بهتر کان بهتر جي ڳولا ۾ به رهيو آهي. هونءَ به سائين جيڪو جيتري محنت ڪندو ان کي اوتروئي ڦل ملندو. اسين سڀ پنهنجي من اندر ۾ هڪ شهر بڻايون ويٺا آهيون، جنهن شهر ۾ موسيقيءَ جا سوين من کي موهيندڙ ساز وڄي رهيا آهن، جنهن شهر ۾ پيار، محبت، پريت ۽ الفت هوڪا ڏيندي پاڻ ڏانهن سڏي رهي آهي. هي اهوئي ته اندر وارو شهر آهي، جيڪو درد جو شهر به سڏبو آهي. جتي “ جفا آ ملي وفا جي شهر ۾، وفا ات ملي جت جفا ٿي ڀانيم” وارا آلاپ هوندا آهن ۽ اسين ان شهر جي رستن تان هلندي، پيار جي منزل جي تلاش ۾ هوندا آهيون ۽ پوءِ اها پيار واري منزل جڏهن ملندي آهي تڏهن اندر جا احساس ئي نرالا ٿي ويندا آهن.
[b]اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اتي سچ به آهي ته ڪوڙ به:
[/b]سائين منهنجا: اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اتي سچ به آهي ته ڪوڙ به! پر اسان وٽ جيئن ته ڪوڙ بهتر کان بهتر چوغا پائي، اسان جهڙن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي، جنهن ڪري ڪجهه وقت لاءِ اسان ڪوڙ جي پاسي ٿي ويندا آهيون. اهري طرح اڄ جي هن دور ۾ جتي ناجائز طريقي سان پيسا ڪمائڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ لڳي پئي آهي، اتي انهيءَ ڊوڙ ۾ جيڪو به نقصان ٿئي ٿو، اهو غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن جو ٿئي ٿو. ڪي ماڻهو اخبارن ۾ سون جو پاڻي چڙهيل زيورن جو ڪاروبار ڪرڻ لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏيئي واضع ڪن ٿا ته اسان جي زيورن کي تيزاب به اثر نٿو ڪري ۽ هو اهڙن زيورن جي پنج سال گارنٽي به ڏين ٿا. پر مقامي ڪي سونارا اهڙي قسم جي زيورن کي غريب ۽ پهچ ماڻهن کي سچي سون جي اگهه ۾ ڏئي رات وچ ۾ آسودا ٿي وڃن ٿا. پر ڦرجي وڃن ٿا اهڙا ماڻهو جيڪي ڪنهن لاءِ به پنهنجي دل ۾ ڪنهن به قسم جو مَير نٿا رکن. اهڙا سادا سودا ماڻهو جڏهن پنهنجي ڦرجڻ جي دانهن ڪنهن امير ڏانهن کڻي وڃن ٿا ته اتي به انهن لاءِ ڄڻ انصاف جا در بند آهن. ٻئي پاسي وري اسان جي پوليس انهن ٺڳن کي ايستائين تنگ ڪندي جيستائين انهن جي کيسي مان رشوت نٿي نڪري، رشوت جي رقم بعد فريادي وسري ويو ۽ اهو پيو دانهون ڪندو پر ٻڌڻ وارو ڪير به نه هوندو. چوڻ جو مقصد هي آهي ته اسين جيڪي ڄاڻون ٿا ته ته اها ٺڳي آهي ته انهن تي فرض عائد ٿئي ٿو ته اهي هن ڪاروبار کي وائکو ڪن ۽ ڦريل ماڻهن جي هر حال ۾ مدد ڪري انهن کي پنهنجو حق ڏيارڻ جي ڪوشش ڪريون.
[b]هي جهان اميدن تي قائم آهي:
[/b]محترم سامعين: هي جهان اميدن تي قائم آهي. اسان مان هر ڪوئي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪنهن نه ڪنهن مان اميدون جوڙيون ويٺو آهي. هونءَ به سائين سياڻا چئي ويا آهن ته اميد جو پلئه ڪڏهن به نه ڇڏجي، ڇو ته اها اميد ئي ته آهي جيڪا انسان کي جيئڻ جو دڳ ڏيندي آهي. جيڪو به ماڻهو اميد جي سهاري جدوجهد ڪري ٿو سوئي ڦل حاصل ڪري ٿو. بحرحال هي سموري حياتي پل پل اميد جي گهڙيءَ سان ٽِڪ ٽِڪ ڪري اڳتي وڌندي رهي ٿي.
اسان جو هر عمل ٻين سان سلهاڙيل آهي:
سائين منهنجا: اسان جڏهن پنهنجي ذات جي وجود تي سوچيندا آهيون، تڏهن زندگيءَ جي ٻين پاسن تي ته ضرور سوچڻ لڳندا آهيون، پر اهو اهڙو پاسو به آهي جنهن تي ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ جي سوچ ويندي آهي، باقي اڪثر ڪري ان پاسي اسان ڪن لاٽار ڪندا آهيون، سو پاسو آهي، پنهنجي ڀلائيءَ ۾ لڪل ٻين جي ڀلائيءَ وارو پاسو. اسان جڏهن به اها ڳالهه سمجهي ورتي ته “ ٻين جي ڀلائي ڪرڻ ۾ ئي اسان جي پنهنجي ڀلائي لڪل آهي” ته اسان جو روح، اسان جو جسم، اسان جو اٿڻ ويهڻ، اسان جو ڳالهائڻ ۽ اسان جو هر عمل ٻين سان سلهاڙيل آهي ته پوءِ اسان پنهنجي مفادن واري عمل کي اوليت ڏيڻ بجاءِ، گڏيل مفادن جي لاءِ عمل ڪندا رهنداسين ۽ پوءِ يقينن ائين ڪرڻ سان هيءَ ڪائنات جهومي پوندي.
[b]ٻين جي فائدي لاءِ پاڻ پتوڙڻ:
[/b]محترم سائين: هن دنيا جي سموري سنسار ۾، ڪي اهڙا به انسان موجود آهن، جيڪي پنهنجي مفادن کي ڇڏي ڪري، ٻين جي فائدي لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا. اڄوڪي هن صبح جو به هن ڌرتيءَ جي مختلف خِطن ۾ اهڙا انسان پنهنجي نيڪ ڪم انسانيت سان محبت ڪرڻ واري ڪِرتِ سان لڳي ويا هوندا. در اصل اهڙا ماڻهو پنهنجي عمل سان سچا هوندا آهن، انهن جو انسان ۽ انسانيت سان عشق هوندو آهي ۽ سائين! جيڪي ماڻهو پنهنجي تن ۽ من کي تسيا ڏئي، پنهنجي سرير کي ساڙي ٿا ڇڏين، تن کي عشق جو اهو ٻيڙو هن دنيا ۾ تاريندو رهي ٿو ۽ اهڙو ماڻهو هميشه زندهه رهي ٿو.
[b]“سوَڙِ آهر پير ڊگهيرجن”:
[/b] محترم سامعين: اسان جي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته “ سوَڙِ آهر پير ڊگهيرجن” يا “ پنهنجي وت آهر وزن کڻجي” سو سائين! اسان توهان اهڙا به انسان ڏٺا هوندا، جيڪي پنهنجي وت کان وڌيڪ وزن کڻي فخر محسوس ڪندا آهن، اهڙن ماڻهن ۾ اڪثريت بار کڻندڙ مزدورن جي آهي. دراصل ائين ڪرڻ وارا پنهنجي صحت سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ هڪ اهڙي ازل کي دعوت ڏين ٿا، جنهن جو ڪنهن به قسم سان فائدو ناهي. چوڻ جو مقصد هي آهي ته انسان کي سوچي سمجي قدم کڻڻ گهرجي، ڪنهن به معاملي ۾ ٽنگ اڙائڻ کان اڳ، معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ گهرجي. جي ائين نٿو ڪيو وڃي ته پوءِ ڪي اهڙا به نتيجا سامهون اچن ٿا، جنهن کانپوءِ اهو انسان ڪنهن به ڪم جو نٿو رهي ۽ هو کٽ تي هميشه ستل رهي ٿو.
[b]دولت کان لاطمع ماڻهو:
[/b]سائين منهنجا: اسان پنهنجي هن سماج ۾ اهڙا ماڻهو به ڏٺا هوندا، جيڪي دولت کان لاطمع هوندا آهن جنهنڪري هو هن سماج جي هر ان عمل کان پري هوندا آهن، جنهن ۾ ڪنهن کي ڪا تڪليف پهچي.ان قسم جا ماڻهو هي به چوندا آهن ته هي دنيا مانجهاندي جو ماڳ آهي، هن دنيا ۾ انسان مسافر آهي، هي ڌن، دولت سڀ فريب آهن، اهي سڀ اهڙا دلفريب ڏيک آهن، جن کي ڏسندي انسان پنهنجي اصل مقصدن کان پري ٿي وڃي ٿو ۽ هو پنهنجي مفادن واري دنيا جو بڻجي وڃي ٿو، جنهن مان ڪنهن ڏکويل انسان کي ڪو به فائدو نٿو رسي، ابتڙ ان جي اهڙي قسم جا ماڻهو جيڪي ڌن دولت جا لالچي ٿي وڃن ٿا، تن مان غريب ماڻهن کي نقصان ئي ملندو آهي. سو اهڙا ماڻهو جڏهن مايا جو موهه ڇڏي ڏيندا آهن، تڏهن انهن جي من ۾ هڪ ئي مقصد هوندو آهي ته هن سنسار جا ستايل ماڻهو هڪ ٿي پنهنجي جيئڻ جو سامان پاڻ حاصل ڪن، جنهن لاءِ هو هر وقت جدوجهد جي عمل ۾ مصروف رهندا آهن.
[b]انسان هڪٻئي سان رشتن ۾ ڳنڍيل آهي:
[/b]محترم سامعين: هن دنيا ۾ هر انسان هڪٻئي سان رشتن ۾ ڳنڍيل آهي. ڪٿي رت جا رشتا آهن ته ڪٿي روحاني، ته ڪٿي وري پيار ۽ محبت جا رشتا موجود آهن. مطلب ته انسان ڪنهن نه ڪنهن رشتي ۽ ناتي سان لاڳاپيل يا ڳنڍيل آهي. اهڙن سڀني رشتن ۾ هڪ رشتو عشق ۽ حسن جو رشتو به آهي، جنهن ۾ عشق سدائين اها صدا بلند ڪندو رهندو آهي ته، حسن هُن کان هميشه امتحان وٺندو رهي ۽ عشق وري اهڙي امتحان کي حسن جي خدمت سمجهندي پاڻ کي ڀاڳ وارو سمجهندو آهي. عشق جڏهن محبوب جي هٿ ۾ ڪاتي ڏسندو آهي ته هو نچڻ ۽ ڪُڏڻ لڳندو آهي. هيءَ عشق جي اها منزل آهي جتي انسان پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري نينهن جا نعرا هڻندو رهندو آهي.
[b]اسان جي زندگي ڇا آهي؟
[/b]سائين منهنجا: هيءَ جيڪا اسان جي زندگي آهي، سا ڀرپور لطف انگيز به آهي ته صحر انگيز به. هن زندگيءَ جا سمورا منظر حسين به آهن ته اڻ وڻندڙ به آهن. انسان پنهنجي سموري جيون ۾ ڪڏهن هار کائيندو آهي ته ڪڏهن جيت هن جي دروازي تي فتح جا گيت ڳائيندي آهي. اهي جيت ۽ هار جا سلسلا صدين کان انسانذات سان لاڳاپيل رهيا آهن ۽ هميشه رهندا. انسان جڏهن هارائيندو آهي، تڏهن پنهنجي هار جو سبب ڄاڻائيندي پنهنجي ڪوتاهين کي لڪائيندو آهي۽ وري جيت ۾ فخر محسوس ڪندو آهي، پر هڪ لمحو اهڙو به آهي، جتي هار ۽ جيت جو مقصد هڪ ئي هوندو آهي ۽ اهو لمحو آهي پنهنجو پاڻ ۾ پيهي وڃڻ جو.
[b]هڪ ئي آواز ۾ گم ٿي ويا منصور حلاج ۽ اناالحق:
[/b]سائين منهنجا: هي جيڪي اسان جا پير، فقير، صوفي بزرگ آهن، ته هميشه هيءَ دعا گهري آهي ته کين “عشق الاهي” عطا ٿئي. هنن جا هٿ آسمان طرف کڄندا هئا ته انهيءَ ئي عشق الاهيءَ لاءِ. جڏهن مالڪ حقيقي راضي ٿي پوندو آهي تڏهن انسان کي عشق الاهي عطا ڪندو آهي. جڏهن به جنهن کي عشق الاهي عطا ٿيو آهي، تڏهن اهي ڪٿي سچل جي سرمستيءَ ۾ گم ٿي ويا آهن ته ڪڏهن شاهه لطيف جي رهبري ۽ رهنمائي جي واٽ تي هليا آهن، ڪڏهن فريدڻ جو فياض، بلها شاهه جو سچ، شاهه عنايت جو جو کيڙي سوکائي وارو نعرو، منصور حلاج جو اناالحق ۽ روميءَ جون رمزون بنجي هڪ ئي آواز ۾ گم ٿي ويا آهن.
[b]ذميوار رياست جو بنيادي ڪم پنهنجي شهرين جي حقن جو تحفظ ڪرڻ:
[/b]محترم سامعين: ڪنهن ذميوار رياست جو بنيادي ڪم پنهنجي شهرين جي حقن جو تحفظ ڪرڻ هوندو آهي. هن ملڪ جي آئين ۾ به شهرين جي بنيادي، انساني حقن جو تحفظ ڪيل آهي، جنهن ۾ آئين جي آرٽيڪل 8 کان ويندي 28 تائين جون شقون مختلف انساني حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏين ٿيون. ان کانسواءِ حڪومت پاران انساني حقن جي تحفظ جون وزارتون ۽ ڪميٽيون پڻ قائم ٿيل آهن. ڪيترائي قانون ۽ ائڪٽ به پاس ٿيل آهن، انهن سمورين ڳالهين باوجود به ملڪ اندر خاص طور تي سنڌ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جا واقعا معمول بڻيل آهن. اها لتاڙ جهڙوڪر سنڌ جي روزاني زندگي جو حصو بڻجي چڪي آهي، ڪو اهڙو شهر يا ڳوٺ خالي ناهي جتي انساني حقن جي بي رحمي سان لتاڙ نه ٿيندي هجي. ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته اسان مان هر انسان کي سچائي ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجا فرض ادا ڪرڻ گهرجن ته هي انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪڏهن به ٿي نه سگهنديون.
[b]ٽيڪسن مٿان ٽيڪس اهي به انساني حقن جي ئي لتاڙ آهي!
[/b]محترم سامعين: انساني حقن جا ادارا پنهنجي جاءِ تي پر عورتن توڙي ٻارن جي حقن جي حوالي سان به الڳ ادارا، الڳ بجيٽ رکيل آهن، پر پوءِ به عورتن توڙي ٻارن سان جنسي ڏاڍائين کان ويندي تشدد، ملڪيت ۾ حصي کان ويندي کين صحت، تعليم، کاڌ خوراڪ جي بنيادي حقن کان محروم رکڻ تائين جي انيڪ واقعن تي ڪوبه قدم کڄندي نظر نه ايندو آهي.هتي عوام کي اهو ته ٻڌايو ويندو آهي ته سندن فرض ڪهڙا آهن، انهن فرضن جي بجا آوري تي زور ته ڏنو ويندو آهي پر عوام جا حق ڪهڙا آهن، انهن جي ڪيتري سنگين لتاڙ ٿئي ٿي، انهن جي تحفظ جي حوالي سان ڪک ڀڃي ٻيڻو نٿو ڪيو وڃي. هي جيڪو عوام کي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو وڃي ٿو سو به انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي ذمري ۾ اچي ٿو ۽ جيڪي اجايا ٽيڪس مٿان ٽيڪس مڙهيا وڃن ٿا اهي به انساني حقن جي تحفظ واري ذمري ۾ نٿا اچن. تنهنڪري سنڌ جو عوام اهو ڄاڻڻ جو حق رکي ٿو ته سندن حقن جو تحفظ ڪير ۽ ڪڏهن ڪندو؟
[b]ماڻهن کي ڪهري ميار ڏجي؟ جڏهن ڊينگو ئي ڍيري هجي!
[/b]محترم سامعين: ماڻهن جي دماغي صحت کي ڪهڙي ميار ڏجي! جڏهن مهانگائي چوٽ چڙهيل هجي، بک بيروزگاريءَ کان ماڻهو غلط ڌنڌا اختيار ڪرڻ ۾ به عيب محسوس نه ڪن. نه بجلي هجي نه پاڻي، نه اٽو نه سواريءَ جو معقول انتظام، نه رهائش جي سهولت… صورتحال ايتري ڀيانڪ ٿي وڃي جو ماڻهو، پنهنجي گهر ۾ سڪون سان ننڊ نه ڪري سگهن. گهر گهٽيون رستا، گند سان ڀريا پيا هجن. هر پاسي بدبوءِ هجي. ان حالت ۾ ماڻهو پاڳل ٿي پاڻ کي چڪ هڻندو يا ٻئي کي… بس هڪ ننڍڙي موقعي جي تلاش آهي، پوءِ ڪٿي گهوٽڪي ته ڪٿي عمر ڪوٽ ته ڪٿي ٽنڊو محمد خان ته ڪٿي ڪراچيءَ ۽ نئين ديري جهڙا واقعا گهٽ، سانحا وڌيڪ ورجائبا رهبا! ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته اسان ماڻهن کي ڇا ڏيئي رهيا آهيون؟ تن جو اثر عوام جي صحت تي ڪهڙو پوندو؟ تنهن سوالن جا جواب بهترين سماجي ڊاڪٽر ئي ڏيئي سگهن ٿا ۽ انهن جي ڏنل صلاحن تي عمل ڪري پنهنجي ماڻهن کي جيئڻ جو درست دڳ ڏجي يا لائجي.
[b]سنڌ جي تعليمي ادارن جو معيار گهٽائڻ بدران وڌايو!
[/b]محترم سامعين: تعليم قومن جي وجود ۽ جياپي جو بُنيادي جُز هوندي آهي. سماج ۾ علم جي ئي ذريعي تبديلي آڻي سگهجي ٿي، جيڪو هڪ غريب ۽ مظلوم جو مضبوط هٿيار آهي. 72 سال گذرڻ باوجود اسان جي خواندگي جي شرح 58 سيڪڙو آھي، جڏھن ته سنڌ ۾ تعليم جي شرح 36 سيڪڙو آھي، سنڌ جي ڪاليجن ۾ به سھولتون اهڙيون نه آهن، جيڪي هجڻ گهرجن. اسان وٽ سرڪاري تعليمي ادارن تي آڱريون کنيون وڃن ٿيون ته پڙھائي نه آھي پر حقيقت ۾ سنڌ اندر سٺا ڪاليج موجود آھن، جن تعليم جي ميدان ۾ پاڻ ملھايو آھي. جيڪڏهن وڌيڪ ۽ مناسب سهولتون ملن ته سنڌ جا شاگرد اڳ کان به اڳرا نظر ايندا. افسوس آهي جو لائبريرين ۾ سالن جا سال پُراڻا ڪتاب پيل آهن، جِن کي اڏوهي کائي وئي آهي، هڪ دفعو ڪتاب رکڻ کانپوءِ جديد دور جي حساب سان نوان ڪتاب لائبريرين ۾ رکڻ جي تڪليف به ناهي ڪئي وئي. هاڻي ته ڊجيٽل لائبريري جو دور آهي، سنڌ سرڪار کي اُن تي به ڌياڻ ڏيڻ گهرجي،ٻي پاسي ليبارٽرين جي حالت اها آهي جو پريڪٽيڪل ڪرڻ لاءِ سهولتون موجود نه آهن. سڀ کان اهم ڳالهه آهي نصاب ۾ تبديلي ۽ استادن جي تربيت. هيل تائين اسان جي نصاب ۾ جديد دور جي گهرجن موجب تبديلي نه آئي آهي، نه ئي وري استادن جي ڪا تربيت ڪئي وڃي ٿي ته جيئن هو شاگردن کي موجوده دور جي حساب سان تعليم ڏئي سگهن. چٽا ڀيٽي جو سلسلو به ڄڻ ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شروع ئي نه ٿيو آهي، نتيجي ۾ شاگردن جي اڪثريت اهڙي نظر ايندي، جيڪي چٽاڀيٽي جي واري مزاج کان ئي پري هوندا.
[b]پوليس جي ڪوڙن مقابلن جو خطرناڪ رُجحان!
[/b]محترم سامعين: سنڌ پرڳڻي ۾ هر ٻئي ڏينهن اهڙا واقعا ٿيندا رهن ٿا، جنهن ۾ قانون ۽ عوام جي رکوالي ڪندڙ پاڻ به ملوث نظر ايندا آهن. اسان ڏٺو آهي ته قانوني عملدارن کي جتي عوام جي حقن ۽ خدمت لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، اتي هو انسانيت سان راند کيڏندي نظر ايندا آهن، ڪٿي ڪٿي ته قانوني عملدار پنهنجي حصي جي ماني جو گرهه به ڪنهن غريب کي کارائيندا ڏٺا ويندا آهن ته ڪٿي وري عملدار انسانيت جا ئي سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏين ٿا. پوليس جا ڪوڙا مقابلا ۽ گهرن تي چڙهايون ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪرڻ اُن جو مثال آهن. سنڌ ۾ ڪوڙن مقابلن جو خطرناڪ رُجحان ائين وڌي ويو آهي، جو پوليس دهشت جي علامت بڻجي وئي آهي ۽ ٻيا ادارا به سندن رستو روڪڻ بدران خاموش نظر اچن ٿا. روزانو اخبارن ۾ خبرون اچن ٿيون ته ڪوڙي مقابلي ۾ پوليس هاف فراءِ ڪري ڇڏيو يا فُل فراءِ ڪري ڇڏيو. اهڙا واقعا امن امان برقرار رکڻ بدران لاقانونيت کي وڌائڻ جو ڪردار ادا ڪن ٿا. جنهن کي فوري طور تي ٻُنجو اچڻ گهرجي.
[b]ماڻهو جي شخصيت ڄمڻ کان ئي تعمير ٿيڻ شروع ٿيندي آهي:
[/b]محترم سامعين: ماڻهو جي شخصيت ڄمڻ کان ئي تعمير ٿيڻ شروع ٿيندي آهي. ٻار ۾ ڪيترائي والدين جي طرفان سٺا ۽ خراب جين، ڪئميڪلز ۽ هارمونس مليل هوندا آهن. تحقيق منجهان پڌرو ٿيو آهي ته ماءُ کي ٻار پيٽ ۾ هئڻ دوران ئي خبر پئجي ويندي آهي ته ڪهڙي قسم جو ٻار آهي. ٻار پهرئين ڏينهن کان وٺي اکيون ملائڻ، کلڻ، روئڻ، ذريعي ٻاهرين دنيا سان ڳانڍاپو جوڙيندو آهي، جن ۾ سڀ کان پهرين ماءُ، پيءُ، گهرڀاتي ۽ رشتيدار وغيره ايندا آهن. پوءِ ٻار جيئن وڏو ٿيندو آهي تيئن هن جو ٻاهرين دنيا سان ڳانڍاپو وڌيڪ گهرو، پيچيده ۽ دلچسپ ٿيندو ويندو آهي. ٻار ڳالهائڻ کان وڌيڪ ٻڌندو ۽ محسوس ڪندو آهي. ٻار جا جذبا ان وقت اڀرڻ شروع ٿيندا آهن جڏهن ماءُ کيس هنج ۾ ويهاريندي آهي. ان ڏس ۾ شروعاتي 18 سالن تائين ماءُ جو ڳانڍاپو ٻار لاءِ تمام گهڻو اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته دماغ جا سيل ورهائجندڙ هوندا آهن، ماءُ جو ٻار توڙي ٻي دنيا سان تعلق ۽ ورتاءُ ٻار جي شخصيت جوڙيندو آهي. ٻار شروعاتي 18 سالن ۾ روئڻ، لکڻ، عزت، احترام، پيار، ڪاوڙ، ناداني جهڙا جذبا سکندو آهي، جڏهن هو هڪ بالغ فرد بڻجي ويندو آهي ته ان کانپوءِ به ماڻهن، جهڙوڪ استادن، زال، ٻارن، وغيره سان ميل جول جي ڪري پنهنجي روين ۾ تبديلي به آڻيندو رهندو آهي. پر 18 سالن جي عمر تائين جيڪي جذبا ۽ رويا انساني شخصيت جو حصو بڻجي ويندا آهن، اهي گهڻو تبديل نه ٿي سگهندا آهن.
[b]100 فوٽ پُل لاءِ به فنڊ ناهن!
[/b]محترم سامعين: هي ڊجيٽل ايج جو دور آهي جتي انفارميشن خبرن توڙي تصويرن جي صورت ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي ٿي. اهڙي دور ۾ جڏهن سمنڊن مٿان پليون وڇائيندڙ ملڪن جي ماڻهن ڏانهن سنڌ جون اهي تصويرن وڃن ته هتي جنازا به پُل بدران ڪاٺ جي تختي تان اُڪاريا وڃن ٿا ته ان کان وڌيڪ بدبختي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ جڏهن هڪ پيرسن جي اهڙي جنازي جي تصوير وائرل ٿي هئي ته وڏي وزير نوٽيس وٺندي پُل جي تعمير جو حڪم ڏنو هو پر سال گذرڻ بعد پُل نه ٺهي هڪ وڌيڪ جنازو اُڪاريو ويو. مُرده احتجاج ناهن ڪندا، تڪليف جيئرن ماڻهن کي ايندي آهي ۽ اهي جيئرا ماڻهو جڏهن زندگي ۾ بنيادي سهولتن لاءِ ٻاڪاري ٻاڪاري مري وڃن ٿا ته کين مئي پڄاڻان ته عزت ۽ مانُ ملڻ گهرجي!؟ پُل جي تعمير نه ٿيڻ جو سبب ڪهڙو به هجي، پر 100 فوٽ پُل لاءِ به جيڪڏهن فنڊ ناهن ته پوءِ سنڌ جا ماڻهو اهو پڇڻ ۾ حق بجانب آهن ته آخر سنڌ جي ماڻهن کان ٽيڪس جي صورت ۾ گڏ ڪيل پيسو وڃي ڪيڏانهن ٿو؟
[b]پنهنجائپ بازار جي ڪنهن به دڪان تان ناهي ملندي!
[/b] اسان همدردي ڪندا آهيون ته دل کي سڪون ملندو آهي، همدردي يا پنهنجائپ بازار جي ڪنهن به دڪان تان، ڪنهن به قيمت تي ناهي ملي سگهندي. پر اها انمول ڪيفيت انسان جي اندر ۾ موجود هوندي آهي، جنهن وقت ڪوئي ڪنهن سان اوکي ويل ۾ صرف ٻه پيار جا ٻول ٻولي پنهنجائپ ڏيکاري ٿو ته اهو ماڻهو ڪيڏو نه ان وقت همدردي ڪرڻ واري ماڻهو کي پنهنجو پرين لڳي ٿو، تنهنڪري هميشه همدرديءَ جي سٿ ۾ رهجي ۽ ان کي پنهنجو محبوب سمجهي، پنهنجو سمورو جنم ارپي ڇڏجي.ائين ڪرڻ ۾ لطف آهي،مزو ۽ سڪون آهي ۽ اسين جڏهن ڪنهن سان همدريءَ ڪري پنهنجي من ۾ جهاتي پائيندا آهيون ته دل ۽ دماغ کي سڪون کي ملندي محسوس ڪندا آهيون.
[b]اکين کي آهين،عجب جهڙيو عادتون:
[/b]محترم سامعين:قدرت پاران زبان جهڙو بي بها تحفو عطا ڪيو ويو آهي، ڳالهائڻ لاءِ ڪنن جو تحفو مليو ته ٻڌو ۽ سٺين ڳالهين تي عمل ڪريو، پرائي پچار کي هڪ ڪن مان ٻڌي، ٻئي مان ڪڍي ڇڏيو. اکين جهڙي نعمت ڏنائين ته اکيون کولي ڏسو،سچ کي سڃاڻو. سونهن جا ساٿي بڻجو. قدرت جي حسن جي واکاڻ ڪريو. اکيون جيڪي ڏسڻ سان گڏ ڳالهائينديون به آهن، اکيون جڏهن ڳالهائينديون آهن، تڏهن اکيون ئي اهي ڳالهيون سمجهنديون آهن. اکيون پيار،محبت جا سنيها ڏيڻ لاءِ به ڳالهائينديون آهن ته ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو به اظهار ڪري وجهنديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته لفظن جا تير به وسائينديون آهن. اکين جون سدائين سمجھ نه ايندڙ ڳالهيون هونديون آهن.
اکين کي آهين،عجب جهڙيو عادتون،
سور پرائي ساٿ جا، وڃيو وِهائين،
اُتي لنئون لائين، جت حاجت ناه هٿيار جي.
(شاھ)
[b]ماضيءَ کي ڪڏهن به نه وسارجي:
[/b]سائين منهنجا: سياڻا چئي ويا آهن ته پنهنجي ماضيءَ کي ڪڏهن به نه وسارجي، ان کي سدائين ياد ڪندو رهجي.ڇو ته ماضيءَ جي تجربن مان ايندڙ وقت کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. ٽي اکر ي،الف ۽ د جڏهن پاڻ ۾ ملن ٿا ته هڪ لفظ “ياد ”ٺهي پوي ٿو،جيڪو هڪ وڏي معنيٰ ۽ مطلب رکي ٿو.رات جو ننڊ ڪرڻ کان اڳ جيڪڏهن اسان سموري ڏينهن جي ڪيل ڪمن کي ياد ڪيون ۽ انهن تي غور ڪيون ته اسين سڄي ڏينهن ۾ انسان ذات جي ڀلائي لاءِ ڪهڙا سٺا عمل ڪيا؟ جيڪڏهن اسان مان هر ماڻهو پنهنجي سمورين ڪا گذارين کي ياد ڪري ته هي سمورو سنسار وڌيڪ سونهن ڀريو ٿي ويندو. ياد جيڪا وڇڙي ويل ساٿيءَ جي به ايندي آهي، تڏهن اندر جا اڌما ئي ٻيا هوندا آهن.
[b]جذبات هڪ اهڙي ڪيفيت جنهن مان نقصان ئي ملي ٿو:
[/b]محترم سائين: جذبات هڪ اهڙي ڪيفيت آهي،جنهن مان صرف نقصان کي حاصل ٿي سگهيو آهي، ڇو ته جنهن وقت به جذبات انسان مٿا حاوي ٿي ويندي آهي، تنهن وقت انسان اُٻهرو ٿي پوندو آهي ۽ اٻهرائيءَ ۾ اهڙا فيصلا ڪري وجهندو آهي، جنهن جا نتيجا سٺا ناهن نڪرندا. دنيا جا سڀ ڏاها ۽ اڪابر، هن ڳالهه تي متفق آهن ته “جيڪڏهن ڪو ماڻهو جذبات ۾ هجي ته ان وقت نه هو ڪا راءِ ڏيئي نه ڪو فيصلو ڪري” نفسيات جا ماهر چون ٿا ته جذبات جو ٻيو نالو“چريائپ” آهي. ڇو ته چريائپ به اهڙي ڪيفيت آهي،جنهن ۾ نه نفعي جي ڄاڻ پوندي آهي نه انسان نقصان جو سوچيندو آهي.تنهنڪري هردم پنهنجي جذبات تي ڪنٽرول ڪرڻ گهري، ڪڏهن به ان ڪيفيت جي تابع نه ٿجي، پر جذبات کي پنهنجي ئي حڪم هيٺ رکجي، جنهن مان فائدو ئي فائدو ملندو.
[b]غير معياري شين جي وڪري خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي!
[/b]محترم سامعين: اسان وٽ اڪثر ڪري شارٽ ڪٽ هڻڻ ۽ راتو رات امير ۽ پئسي وارو ٿيڻ جو هر ڪنهن کي جنون سوار رهي ٿو. پوءِ ان پئسي ميڙڻ جو طريقو ڪهڙو به ڇو نه هجي. حد اها آهي ته ڪپڙن کان ويندي جوتن تائين جيڪڏهن ڪابه شيءِ مارڪيٽ ۾ ايندي آهي ته فوري طور تي ان جو سستو نقل به بازار ۾ اچي ويندو آهي ۽ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اهو نقل، اصل کان وڌيڪ وڪرو ٿيندو آهي. هڪ نقل ۽ غير معياري شيءِ ۾ اصل شيءِ وارو معيار ملڻ مشڪل هوندو آهي. اسان جو پنهنجي روزمره واري زندگي ۾ سڌي طرح سان جن شين سان تعلق رهي ٿو، گھر جي استعمال ٿيندڙ هر شيءِ کائڻ پيئڻ، دوائن، کير کان وٺي ٻارن جي چاڪليٽ، بسڪيٽ، صابڻ، شيمپو، جو نقل ۽ وڪرو سرِعام جاري آهي. اهڙين نقلي، جعلي ۽ غير معياري شين جا اسان جي زندگي تي واضع هاڃيڪار اثر پون ٿا. پوءِ اهڙين شين منجھان مختلف قسمن جون بيماريون پڻ جنم وٺن ٿيون. جعلي ۽ ٻه نمبر ڪم ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جا به ڏوهاري آهن ڇو ته اهڙا “عنصر” ٽيڪس کان به بچيو وڃن. جن سان ملڪ جي ترقي ۾ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون. اهڙين نقلي جعلي ۽ غير معياري شين جي روڪٿام لاءِ سخت قانون جوڙڻ ۽ انهن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي ضرورت آهي.
[b]هي سموري ڪائنات محبت جي مياڻ ۾ بند آهي:
[/b]محترم سامعين: هن سموري ڪائنات ۾ يا کڻي ائين چئجي ته هن آسمان هيٺ،جيڪا به ساهواري مخلوق آهي، سا آهي ئي محبت جي مياڻ ۾ بند. اسان انسانن ۽ جانورن جو ازل کان واسطو رهيو ئي قرب ڪرڻ وارن سان آهي. جتي به انسان کي محبت ملندي آهي يا قرب ڏسڻ ۾ ايندو آهي،اُتي ئي ان کي سڪون ۽ آرام ملندو آهي. ڇو ته محبت ۽ قرب اهو گهاٽو وڻ آهي، جنهن جي ڇانوَ ڏاڍي ٿڌڙي ۽ وڻندڙ ٿئي ٿي. هن سماج ۾ محبتون ورهائيندڙ ۽ قرب ونڊيندڙ انسان به ٿڌا ڇانورا ڏيندڙ وڻَ آهن، جن جي ڇانوَ ۾ ويهي ماڻهو گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو.
جي ايندي چَوني آءُ،ويندي چَوني ويھ،
ٻيو ڇڏي سارو ڏيھ،اڱڻ وڃجي انِ جي.
[b]پرائيويٽ اسپتالن جي فيس تي نظرثاني ڪرائي وڃي!
[/b]محترم سامعين: سرڪاري اسپتالن ۾ سھولتون نه ھجڻ ڪري ماڻھو پنھنجن عزيزن کي پرائيويٽ اسپتالن ۾ داخل ڪرائيندا آھن، پرائيويٽ اسپتالن ۾ هر ڳالهه جي فيس هوندي آهي، داخلا فيس الڳ ته ڊاڪٽر جي چڪاس جي فيس جدا. مطلب تي شاھوڪار ماڻھو به ان جو مشڪل سان خرچ برداشت ڪري سگھن ٿا، غريب ماڻھو ته پرائيويٽ اسپتالن ۾ ايڊمٽ ٿيڻ جو سوچي به نٿا سگھن. جڏھن غريبن جي مھيني جي مزدوري ڇھ کان ست ھزار آھي، جنھن مان کيس پنھنجي گھر جو گذر سفر به ڪرڻو آھي، پوءِ ھن مھانگائي دور ۾ مريضن کي ڪيڏانهن کڻي وڃن!؟ اسان صحت جي اختيارين جو ڌيان ڇڪايون ٿا ته يا ته سرڪاري اسپتالن جو نظام بهتر بڻايو وڃي يا گهٽ ۾ گهٽ پرائيويٽ اسپتالن جي فيسن تي نظرثاني ڪرائي وڃي.
[b]سنڌ ۾ هارين لاءِ ڪا تحريڪ ڇو ڪونهي؟
[/b]محترم سامعين: سنڌ صدين کان زرعي خطو رهيو آهي. هڪ طرف درياھ جا وهڪرا هوندا هئا ته ٻئي طرف ريگستاني علائقا بارش تي آباد ٿيندا هئا ۽ اڄ به سنڌ ۾ زراعت جو ساڳيو ڪاروهنوار هلندڙ آھي. ٿر توڙي بئراج ۾ ھارپي جو قانون ٿوري گهڻي فرق سان ساڳين طور طريقن سان لاڳو آھي. جاگيرداري سڄي دنيا جيئن سنڌ ۾ به عروج تي رهي آھي. جاگيردار وڏيرا هزارين پورهيت هارين جي پگهر جي ڪمائي کي صدين کان هڙپ ڪري پنهنجا ڀڀ ڀري غريب هارين جو استحصال ڪندا رهيا آھن، نتيجي ۾ پورهيت جو حال بدتر ٿيندو ويو ۽ جاگيردار مچي مواڙ ٿيندو رهيو. سنڌ ۾ ھارپي جي نظام بابت لاتعداد ڳالهيون اڃان تائين منجهيل آھن. جاگيردار طبقو پنهنجا هٿ جا قانون ٺاهي پنهنجا مفاد ماڻي رهيو آھي ۽ هاري مسلسل پيڙهجي رهيو آھي. اهي سور هارين جو نصيب بڻايا ويا آھن. سوال اهو آهي ته سنڌ جو هاري جنهن تڪليف ۾ آهي، تنهن مان ڇوٽڪاري لاءِ اڄ ڪا هاري تحريڪ ڇو نٿي هلي سگهي؟ اهي هاري اڳواڻ ڪٿي آهن؟ جيڪي هارين جي حقن لاءِ ڳالهائيندا هئا! اڄ اهي ڇو خاموش آهن؟ ڇا انهن تسليم ڪري ورتو آهي ته سنڌ جو هاري هاڻي خوشحال ۽ سکيو ستابو آهي،تنهنڪري ڪنهن تحريڪ جي ضرورت ڪانهي؟
[b]سرڪاري اسڪولن ۾ سياسي دٻاءُ ۽ اثر رسوخ جو استعمال:
[/b]محترم سامعين: سنڌ ۾ تعليمي نظام جي تباهيءَ جا ڪارڻ جيڪڏهن ڳوليا ويندا ته اُنهن ۾ هڪ ڪارڻ سرڪاري اسڪولن ۾ سياسي دٻاءُ ۽ اثر رسوخ جو استعمال به نظر ايندو. هتي سرڪاري اسڪولن جي استادن جون پگهارون نجي اسڪولن استادن کان وڌيڪ هونديون آهن، پوءِ به سرڪاري اسڪولن ۾ تعليمي معيار بدترين آهي. ادارا اها روايت به ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن ته سرڪاري اسڪولن جا استاد نجي اسڪولن ۾ نه پڙهائيندا، ڇاڪاڻ ته جڏهن سرڪاري استاد نجي ادارن ۾ پڙهائيندو آهي ته پوءِ هُن جو سرڪاري اسڪول ۾ پڙهائڻ تي گهٽ ڌيان هوندو آهي، کين ٻارن جو مستقبل سنوارڻ بدران پئسا گڏ ڪرڻ جي ڳڻتي هوندي آهي. حڪومت تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪئي ۽ نجي ادارن کي وارننگون به جاري ڪيون، پر عملي طور تي اُنهن جو ڪوبه اثر نظر نه آيو.