مختلف موضوع

ايءُ عشقَ جو آواز

جبار “آزاد” منگيءَ جو هيءَ ڪتاب “ايءُ عشقَ جو آواز” ڇهون ڪتاب آهي، جڏهن ته ريديو اسڪرپٽ جو سندس هي ٻيون ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن کي بڻياد بڻائي ڪمپيئرنگ ته شامل ڪئي ويئي آهي. انٽرنيٽ جي دنيا به، ”جيڪي منجھ جهان“ جي موضوع سان شامل ڪئي ويئي آهي ته سنڌ بابت معلومات به آهي، عام معلومات به آهي ته لطيف سائينءَ جا بيت به ڪتاب جي زينت بڻيل آهن. هن ڪتاب ۾ عالمي ڏينهن جو دائرو به وسيع ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ محنت ۽ جاکوڙ ڪئي ويئي آهي.

Title Cover of book Eeu Ishq Jo Awaz

وحدت تان ڪثرت ٿئي،ڪثرت وحدت ڪُلُ

[b]وحدت تان ڪثرت ٿئي،ڪثرت وحدت ڪُلُ،
[/b]حـــــــق حقيقي هيــــــــــڪڙو،ٻولي ٻي مَ ڀُلُ،
هـــــــــــــــــــو هُلاچو هُل، باالله سندو سڄڻين.
(سر ڪلياڻ/داستان 01 )
محترم سائين: شاهه عبداللطيف فرمائي ٿو ته “مونکي قسم آهي الله جو ته هي جيڪو جهان ۾ ڪثرت يعني گهڻائي شين جي آهي، سا سموري وحدت يعني انهيءَ مالڪ حقيقي کان آهي،وحدت تان ڪثرت ٿئي،انهيءَ هڪڙي وٽان يا ان جي اَمُر سان يا ارادي سان يا گهرڻ وڌي ٿي،پر اها سموري ڪثرت جا وحدت کان آهي،در حقيقت هڪڙي آهي.ڇاڪاڻ ته اها ڪثرت سموري نفي آهي،انهيءَ جو وجود وحدت جي وجود سان آهي. هن جهان جي سءني شين جو اهرو مثال آهي،جيئن جَرَ تي پاڻيءَ جو ڦوٽو،جنهن جو هجڻ پاڻي جي ڪري ئي آهي،پاڻي کان سواءِ ڦوٽي جو ڪو به وجود ناهي. هن بيت جو مطلب هي ٿيو ته هن دنيا ۾ بقا صرف مالڪ حقيقي کي آهي،باقي جهان کي بي بقائيءَ جو مزو چکڻو آهي،ان ڪري حقيقي مالڪ اڳيان نفي ۾ هجڻ سان ئي منزل ماڻي سگهبي.

[b]عشــــــق جـــــــي ميــــــــــدان ۾،ڪر پڙاڏو پَٽُ،
[/b]سِرُ سوري،ڌڙ ڪُنگرين،متان ڪُڇين ڪَٽُ،
عشــــــق نانــــــگ نپٽُ،خـــــبر کاڌن کي پوي.
هن بيت مان هي مطلب نڪري ٿو ته “عشق جي ميدان ۾ اهڙو نعرو هڻ جو پٽَ مان پڙاڏو نڪري،تنهنجو سِرُ سوريءَ تي هجي ۽ ڌڙ بُرجن تي تڏهن به متان ڪجهه ڪُڇيو اٿئي،عشق نسورو نانگ آهي،اها خبر انهن کي پوي ٿي جن کي انهيءَ نانگ کاڌو آهي.” ڪن سالڪن وري هن طرح جو مطلب ڪڍيو آهي ته تون پنهنجي پڙاڏي کي ئي نابود ڪري ڇڏ،نه عاشق ڪا باهر ٻِڙڪ ڪڍي نه ئي ان جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي.

[b]پاڻهين جـــــــل جـــــــــلال هُــــــو،پاڻهين جان جمال،
[/b]پاڻهين صورت پرينءَ جي،پاڻهين حسن جمال،
پاڻهين پـــــــير مــــــــريد ٿئي، پاڻهين پــــاڻ خيال،
سڀ سڀوئي حــــــال، منجهان ئـــــي معلوم ٿئي.
(ڪلياڻ 01)
هن بيت جو حاصل مطلب آهي ته هو پاڻ ئي وڏي شان ۽ شوڪت وارو آهي،پاڻ ئي سونهن جو جوهر آهي،هو پاڻ ئي پرينءَ جو روپ آهي،پاڻ ئي حسن جي انتها آهي،هو پاڻ ئي مرشد ٿو ٿئي ۽ پاڻ ئي پنهنجو مريد ٿو بنجي،هو پاڻ ئي پنهنجو خيال آهي،جنهن مان هي سمورو مانڊاڻ يا پسارو نروار ٿيو آهي ۽ هو سمورو حال اندر مان ئي پروڙي ٿو.

[b]انڌا اونڌا ويڄ، کــــل ڪڄاڙيا کائين،
[/b]اسان ڏُکي ڏِيل ۾، تون پيارين پيڄ،
سوري جنين سيڄ، مرڻ تن مشاهدو.
(ڪلياڻ 2)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي هن بيت ۾ ظاهر جي طبيب / ڊاڪٽر کي مخاطب ٿيندي فرمائي ٿو ته اي انڌا يعني نابين، اونڌا يعني ابتا ويڄ طبيب منهنجي کل کي ڇا جي لاءِ ٿو کائين؟ هن جو مطلب هي آهي ته اي طبيب / ڊاڪٽر تون دل جي اکين کان نابين آهين ۽ ابتا تنهنجا خيال آهن جو منهنجي کل کي ڏنڀ ڏئي ساڙين ٿو،اهو تنهنجو ابتو ۽ غلط خيال آهي، ڇاڪاڻ ته ڏنڀن ڏيڻ ۾ گناهه آهي ۽ شريعت جي منع ٿيل آهي ۽ تنهنجي ظاهري طب جي اصولن موجب به ڏنڀ ڏيڻ نه جڳائي، جو ان ۾ پاڻ نقصان آهي. سور اندر ۾ آهي ۽ تون کل ساڙين ٿو، اسان کي پنهنجي محبوب جي ملڻ جو درد آهي تون وري اسان کي دوا ٿو پيارين، اسان لاءِ سوري به سيج مثل آهي.

[b]آيـــــل ان نه وِســــــــهان، هنـــــــــجون جي هارين،
[/b]آڻيــــــو آب اکيــــــــن ۾، ڏيهه کــــــــي ڏيکارين،
سڄڻ جي سارين، نه ڪي روئن نه ڪي چون.
(يمن ڪلياڻ/ 01)
هن بيت جي معنيٰ آهي ته اي منهنجي امڙ مان انهن کي ڪو نه ٿو مڃان يا اعتبار ڪريان، جيڪي هنجون هاري يعني ڳوڙها ڳاڙي رياءَ خاطر ڏيهه ۽ ڏيهه جي ماڻهن کي ڏيکارين ٿا. اکين ۾ روئڻ وانگي پاڻي آڻي ڏيکارڻ هڪ ڏوهه آهي،جيڪي سڄڻ کي ياد ڪن ٿا سي نڪي ظاهر ۾ روئندا آهن نه ڪي پنهنجي راز جون ڳالهيون ڪنهن کي چوندا آهن، اهي صابر، شاڪر ۽ ذاڪر هوندا آهن، انهن جي اندر ۾ هزارين درد موجود هوندا آهن پر اهي پنهنجي محبوب جي اڳيان ٻڙڪ به ٻاهر ناهن ڪڍندا. جيڪي ناٽڪي هوندا آهن، مطلب پرست هوندا آهن، اهي ڏيکاءَ وارا رستا وٺندا آهن ۽ پنهنجو مطلب پورو ڪري هليا ويندا آهن.

[b]ڪوڙ ڪمايئي ڪچُ، اُٿي اُور الله سين،
[/b]ڪـڍ تون دغا دل مان، صاحب وڻي سچ،
محبت سنـــــــدو من ۾، ماڻڪ ٻارج مچ،
اِن پرِ ٿــــــي اچ، ته ســــودو ٿئي ســـــــڦرو.
(سر سريراڳ/ داستان 01 )
شاهه لطيف هن بيت وسيلي اسان کي سمجهائي ٿو ته “ تو هميشه ڪوڙ جو واپار ڪيو آهي،اٿي ڌڻيءَ سان پنهنجو حال اور، تون پنهنجي دل من ڪوڙ ۽ ڪُپت کي ڪڍي ڇڏ، ڇو ته صاحب وٽ رڳو سچ ٿو اگهامجي، اي املهه موتي يعني اي انسان پنهنجي من ۾ سچي محبت جو مچ ٻاري اچي پرينءَ جي پيش پئه ته تنهنجو وڻج واپار سجايو ٿئي.


[b]محترم سامعين: [/b]ذڪر ڪريون ٿا، لطيف سائينءَ جي رسالي جي سرن جو.
● سر ڪلياڻ: ڪلياڻ سنسڪرت لفظ آهي ۽ معنيٰ اٿس سک، شانتي، امن يا خير.
● سر يمن ڪلياڻ: يمن جي معنيٰ آهي من کي روڪڻ.
● سر کنڀات: سر کنڀات کي کماچ به چوندا آهن، کنڀات نالي هڪ شهر هندستان ۾ آهي.
● سر سريراڳ: هن سر کي سراڳ پڻ چيو ويندو آهي جنهن جي معنيٰ سٺو آهي.
● سر سامونڊي: هن سر تي اهو نالو ان جي مضمون ڪري پيو آهي، هن سر ۾ سمونڊ وسيلي وڻج واپار ڪندڙ سامونڊين جو ذڪر بيان ڪيل آهي.
● سر سهڻي: هن جو اصل نالو سر توڏي آهي، هڪ هندستاني راڳڻي آهي، هن سر ۾ سهڻيءَ جي سونهن، صداقت جو بيان ڪيل آهي.
● سر سسئي آبري: هيءَ سسئيءَ جي ڏکن ڏاکڙن جو سر آهي، معنيٰ اٿس، ڪمزور، هيڻي، ضعيف.
● سر معذوري: هي عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي هن سر ۾ به سسئي جو ذڪر آهي. مطلب اٿس بيحال.
● سرديسي: هي سر به سسئي جي داستان کي بيان ڪري ٿو. ديسي معنيٰ آهي ڏيهي،پنهنجي وطن وارا، پنهنجا ماڻهو.
● سر ڪوهياري: ڪوهه معنيٰ جبل. هن سر ۾ سسئيءَ جو جبلن ۾ هجڻ ۽ اتي جي پنڌ دوران آيل ڏکن ڏاکڙن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
● سر حسيني: حسيني هڪ نامياري فارسي ۽ عربي سر جو نالو آهي، هن ۾ ڪربلا جي شهيدن جا مرثيا ڳايا ويندا آهن.
● سر ليلا چنيسر: هن نالي سان سنڌ ۾ هڪ لوڪ داستان مشهور آهي ۽ هن ۾ زال جي بيوفائيءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
● سر مومل راڻو: هي پڻ سنڌ جو هڪ انمول لوڪ داستان آهي جنهن ۾ عورت جي محبت ۽ اٽڪل بازين ۽ جادوگريءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
● سر مارئي: هن سر ۾ مارئيءَ جي پنهنجي مارن، پکن، پنهوارن ۽ وطن سان حب جو ذڪر کولي بيان ڪيو ويو آهي.
● سر ڪاموڏ: هن کي سنپورڻ راڳڻي چوندا آهن، ڪاموڏ سنسڪرت لفظ ڪامودا جي بگڙيل صورت آهي، مطلب اٿس ڪام وهيڻي.
● سر گهاتو: گهاتو لفظ جي معنيٰ آهي ماري يا شڪاري. هن سر ۾ مڇي مارڻ وارن جو ذڪر شاهه سائينءَ ڪيو آهي.
● سر سورٺ: سورٺ سو راشٽر جي بدليل صورت آهي، هي پڻ مشهور لوڪ داستان آهي جنهن ۾ هڪ سخي سردار ساز تي پنهنجو سر ڏيئي ٿو.
● سر ڪيڏارو: ڪيڏارو معنيٰ جنگ جو ميدان، سنسڪرت لفظ ڪيدار جي بگڙيل صورت آهي.
● سر سارنگ: هن ۾ برسات جي نه وسڻ جي حالتن ۽ وسڻ بعد جي صورتحال جو ذڪر ڪيو ويو آهي، هن سر جي معنيٰ مينهن، برسات ۽ جهڙ آهي.
● سر آسا: هڪ راجڪماريءَ جو نالو آهي، جيڪو نالو پوءِ سر جو نالو بڻجي ويو.
● سر رپ: رپ لفظ جي معنيٰ ڳري آفت آهي، من ۾ جدائيءَ ۽ غم جو ذڪر هن سر ۾ ڪيل آهي.
● سر کاهوڙي: کاهوڙي لفظ جي معنيٰ آهي جاکوڙ ڪندڙ، جبل ۾ ڏٿ ڏوريندڙ. هن سر ۾ شاهه لاطيف جدوجهد ڪندڙن جو ذڪر ڪيو آهي.
● سر بروو سنڌي: بروو هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي، جنهن کي لاکيڻي لطيف نج سنڌي رنگ ڏنو آهي.
● سر رامڪلي: هن سر ۾ جوڳ ۽ ويراڳ جا خيال سمايل آهن.
● سر ڪاپائتي: ڪاپائتي لفظ جي معنيٰ آهي ڪتڻ واري يا ڪاتار. هن سر ۾ سٽُ ڪتڻ وارن جو بيان آهي.
● سر پورب: شاهه لطيف هن سر ۾ پورب، پرينءَ جي ديس کي سڏي ٿو.
● سر ڪارايل: هن لفظ جي معنيٰ مور يا هنج آهي ۽ انهن پکين جي خوبين کي هن سر ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
● سر پرڀاتي: هيءَ راڳڻي جو نالو آهي جا سر ويل ڳائبي آهي.
● سر ڏهر: هن جي معنيٰ آهي ٻن ڀٽن جي وچ واري ماٿري يا ميدان.
● سر بلاول: هي سر ڏک لاهيندڙ ۽ رب پاڪ جي ساراهه لاءِ موزون آهي.

[b]جــــي ڀائين پرينءَ مِڙان، ته سِکَ چوران ڪي ڌات،
[/b]جـــــاڳڻ جشــــــن جِـــــــــــن کي، سُکُ نه ســــاري رات،
اَجهـــــــــي ٻُجهـــــي آئــــيا، وائـــــــي ڪـــــــن نــــه وات،
سلــــــي ســــــوريءَ چـــــــاڙهيا، بيـــــان ڪـــــن نه بات،
تـــــوڻي ڪُسن ڪات، ته به ساڳي سَلنِ ڪين ڪي.
(يمن ڪلياڻ/ 02)
شاهه لطيف هن بيت ذريعي اسان کي سمجهائي ٿو ته جي چاهين ٿو ته پنهنجي پرينءَ سان ملان ته چورن جي روش سک، هنن لاءِ ساري رات جاڳڻ جشن آهي ۽ ذرو به هو آرام نٿا ڪن، هو ڄاڻي ٻجهي ٻاهر نڪريو پون ۽ زبان سان حرف به نٿا ڪُڇن، هو هڪٻئي سان سلهاڙجي وڃي سوريءَ تي چڙهن پر وات مان ٻڙڪ به ٻاهر نٿا ڪڍن، هو ڪات سان ڪُسيو وڃن تڏهن به سچي ڳالهه نٿا سلين، يعني محبوب سان ملڻ لاءِ سک ڦٽائڻو آهي آرام ناهي ڪرڻو، دل ۾ ڪنهن به قسم جو خوف ناهي رکڻو، ڪو به راز دل مان ناهي ڪڍڻو، کڻي ڪيڏي به تڪليف اچي پر هڪ ٻاڦ به ٻاهر ناهي ڪڍڻي.

[b]جَکـــــِري جِهـــــــو جُـــــــوانُ، ڏِســـــــــان ڪـــــــونَ ڏيــــھَ ۾؛
[/b]مُـــــــهَڙُ مِڙَنــــــــي مُرۡسَلِيـــــــن، سَـــــــرسُ سَندسِ شــــــــانُ؛
”فَڪَانَ قَابَ قَوۡسَيۡنِ اَوۡ اَدۡنَىٰ“، اِيُ مُيسَرُ ٿِـيُسِ مَـڪانُ؛
اِيُ آگـــــــي جو اِحۡسانُ، جَنهِـــــــــن هــــــــــادِي مـــــــيڙِيُمِ هَهِڙو.
(سر بلاول 6 )
جکري جھڙو جوان ساري جھان ۾ ڪونه ٿو پسان. هو سڀني روحاني رهبرن (پيغمبرن) جو مهندار آهي ۽ سندس شان مڙين کان مٿي آهي. ”حضرت جن (نبي سڳورو) ٻن ڪمانن جيترو (خدائي تخت جي) ويجھو آيا، بلڪ اُنهيءَ کان به ويجھو“ اهو رتبو حاصل ٿيس (قرآن شريف)“. اها ڌڻيءَ جي مهر آهي، جنهن مون کي ههڙو روحاني رهبر ملايو. (هتي اشارو پيغمبر صاحب ۽ معراج ڏانهن آهي)

[b]کَـپُرَ! گـــــاروڙِيُنِ ســــــــــين، وڏو وِڌُءِ ويرُ؛
[/b]نانگَ! نه ويندين نِڪِرِي، تو ڏَرِ مَٿي پيرُ؛
هِـــيُّ تنِين جو ڊيرُ، جن جُهوناڳَڙُھ جَلائِيو.
(سر ڪارايل/ 7)
اي ڪاري! تون منڊ منڊيندڙ جوڳين سان دشمي رکي آهي. اي نانگ! تون وٽائن پاڻ بچائي واپس نه ويندين. تو وڏي خطري مٿان پنهنجو پير رکيو آهي. هي اُنهن جو ديرو آهي (اُنهن جوڳين جو آستان آهي) جن ساري جھوناڳڙھ جي جھنگ کي يوگ ٻل سان جلائي خاڪ ڪري ڇڏيو.