مختلف موضوع

ايءُ عشقَ جو آواز

جبار “آزاد” منگيءَ جو هيءَ ڪتاب “ايءُ عشقَ جو آواز” ڇهون ڪتاب آهي، جڏهن ته ريديو اسڪرپٽ جو سندس هي ٻيون ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن کي بڻياد بڻائي ڪمپيئرنگ ته شامل ڪئي ويئي آهي. انٽرنيٽ جي دنيا به، ”جيڪي منجھ جهان“ جي موضوع سان شامل ڪئي ويئي آهي ته سنڌ بابت معلومات به آهي، عام معلومات به آهي ته لطيف سائينءَ جا بيت به ڪتاب جي زينت بڻيل آهن. هن ڪتاب ۾ عالمي ڏينهن جو دائرو به وسيع ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ محنت ۽ جاکوڙ ڪئي ويئي آهي.

Title Cover of book Eeu Ishq Jo Awaz

جون

[b]1 ــ جون ٻارڙن جو عالمي ڏينهن:
[/b]ٻارن جو عالمي ڏينهن(World Children`s Day) عالمگير سطح تي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ الڳ الڳ تاريخن تي ملهائڻ وارو ڏينهن ۽ موڪل آهي. هن ڏينهن جو مقصد ٻارن جي عزت افزائي ۽ انهن جي حقن جي پاسداري ڪرڻ آهي. سن 1925ع ۾ ٻارن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ ان ڏينهن جي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ سال 1954ع ۾ عالمي سطح تي هن ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ هڪ تاريخ مقرر ڪئي ويئي. 01 جون کي ٻارن جي حفاظت جو عالمي ڏينهن سال 1950ع کان ڪيترائي ملڪ ملهائڻ لڳا ۽ ان ڏينهن کي باضابطا ملهائڻ لاءِ 22 نومبر 1949ع تي ماسڪو ۾ ٿيندڙ وومين انٽرنيشنل ڊيموڪريٽڪ فيڊريشن ، پنهنجي اجلاس ۾ ڪيو ۽ گڏيل قومن جي اداري 20 نومبر تي ان ڏينهن ملهائڻ کي رائج ڪيو.

[b]5 ــ جون ماحوليات جو عالمي ڏينهن:
[/b]محترم سامعين: روزانو ڪارخانن جي ڄمنين، بسن، موٽرن ڪارن مان نڪرندڙدونهين،وڻن جي واڍي ۽ ٻيون گئسون اسان جي ماحول کي گدلو ڪري رهيون آهن، جنهن سبب پوري دنيا ۾ ماحول تبديل ٿي رهيو آهي.
ماحولياتي تبديلين سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سن 1074ع کان هر سال 5 جون تي سموري دنيا ۾ ماحول جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو.هن ڏينهن جي حوالي سان ماهر مختلف عنوانن جي چونڊ ڪندا آهن ته جيئن سموري دنيا هڪ ئي مسئلي تي غور ويچار ڪري سگهي.

[b]5 ــ جون : ماحوليات جو عالمي ڏينهن:
[/b]سائين منهنجا: ماحول جو علم رکندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته هن دور ۾ گاڏين،ڪارخانن ۽ چمنين مان نڪرندڙ دونهين،مختلف شعبن ۾ استعمال ۾ ايندڙ گئسن ۽ وڻن جي تيزي سان واڍي ڪري اسان جو ماحول خراب ٿي رهيو آهي،جنهن ڪري مختلف بيماريون جنم وٺي رهيون آهن.جنهن لاءِ هي ڏينهن انساني ماحول جي تحفط،فضائي آلودگي ۽ زمين کي پيش ايندڙ خطرن جي مسئلن جي حل کي ڳولڻ لاءِ سن 1972ع ۾ سويڊن جي شهراسٽاڪ هوم ۾ اقوام متحده پاران انساني ماحول جي عنوان هيٺ ٿيل پهرين ڪانفرنس جي سالگرھ جي موقعي،هن تاريخ تي ماحوليات جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيوويو.

[b]6 ــ جون: روسي زبان جو عالمي ڏينهن:
[/b]روسي زبان جو عالمي ڏينهن گڏيل قومن جي اداري پاران ملهايو ويندو آهي.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو فيصلو عظيم روسي شاعر اليگزينڊر پشڪن جي جنم واري تاريخ کي مقرر ڪري روسي زبان جو ڏينهن ڪري ڪيو ويو.سائنس ۽ ثقافت جي واڌ ويجھ لاءِ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي شعبي يونيسڪو موجب هن وقت سموري دنيا ۾اٽڪل 26 ڪروڙن مان مٿي ماڻهو روسي ٻولي ڳالهائين ٿا.روسي ٻوليءَ ۾ زبردست قسم جا ناول ۽ ٻيو مواد ملي ٿو جنهن عالمي ادب تي پنهنجا گهرا اثر ڇڏيا،روسي زبان جي عظيم شاعر اليگزينڊر پشڪن،اليگزينڊر ٽالسٽاءِ،اينتانوف ۽ ناول نگارن ليوٽالسٽاءِ،فيودر دوستويوسڪي،چيخوف ۽ ميڪسم گورڪيءَ عالمي ادب جي آڪاش تي چمڪندڙ ستارا ٿي روشن رهيا.

[b]8 ــ جون سمنڊ جو عالمي ڏينهن:
[/b]بحر يعني سمنڊ جو عالمي ڏينهن، ساري دنيا ۾ 8 جون تي ملهايو وڃي ٿو. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد انساني زندگيءَ ۾ پاڻيءَ جي اهميت، پاڻي وارن جانورن جي سار سنڀال ۽ حفاطت ۽ سامونڊي گدلاڻ کي گهٽ ڪرڻ آهي. گڏيل قومن جي ڏنل هڪ ڄاڻ موجب دنيا جي ڪل آباديءَ جو 40 سيڪڙو حصو، سمنڊ ۽ ان جي ڪنارن سان لاڳاپيل هڪ سؤ ڪلوميٽرن تائين پکڙيل علائقن جي آبادي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته سمنڊ اسان جي زمين جي دل ۽ ڦڦڙ آهن، جيڪي زمين تي استعمال ٿيندڙ چاليھ سيڪڙو تازو پاڻي ۽ پنجهتر سيڪڙو آڪسيجن پيدا ڪري ٿو، جنهن سبب سان ساھ کڻي رهاي آهيون. ان مناسبت سان سمنڊ جو بهتر ماحول انسان جي بقا لاءِ تمام اهم آهي. سمنڊ جي گدلاڻ نه فقط سامونڊي ڪنارن تي رهندڙ انسانن پر سمنڊ ۾ موجود نباتات ۽ سامونڊي جيوت لاءِ به خطرناڪ آهي.

[b]12 ــ جون پورهيو ڪندڙ ٻارن جو عالمي ڏينهن:
[/b]ٻارڙن کان جبري پورهيو وٺڻ خلاف عالمي ڏينهن( ( World Day Against Child Labor
پوري دنيا ۾ 12 جون ڏهاڙي ملهايو وڃي ٿو. هن ڏينهن تي سماجي تنظيمن پاران مختلف تقريبون ملهايون وينديون آهن. جن وسيلي جبري پورهيو ڪندڙ ٻارن جي مسئلن کي حڪومتن ۽ ٻين ذميوار ادارن تائين پهچائي سگهجي. هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ٻه ڪروڙ ڏھ لکن کان وڌيڪ ٻار مجبوري وچان مزدوري ڪري رهيا آهن، پاڻ وٽ غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائيءَ غريب ٻارن کي اسڪولن کان ايترو پري ڪري ڇڏيو آهي جو تعليم اهڙن ٻارڙن لاءِ هڪ خواب ئي بڻجي ويئي آهي. اهڙي قسم جا ٻاربوٽ پالش ڪرڻ کان وٺي هوٽلن، چانھ خانن، ورڪشاپن، مارڪيٽن، ننڍين فيڪٽرين، گاڏين تي هيلپري ڪرڻ، بٺن تي سرن کڻڻ، سي اين جي ۽ پيٽرول پمپن تي گاڏين جا شيشا صاف ڪرڻ جي ڪمن سميت ٻيا ڪيترائي پورهيا جبري طور ڪري رهيا آهن.

[b]14 ــ جون رت جي عطيي جو عالمي ڏينهن:
[/b]هر سال پوري دنيا ۾ 14 جون يعني اڄوڪي ڏينهن تي رت جي عطيي ڏيڻ جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. اسان جي رڳن ۾ گردش ڪندڙ رت سان اسان جي زندگي جي ڏور ٻڌل آهي. اهو احساس اسان کي ان وقت ٿيندو آهي جڏهن ڪنهن پياري کي اوچتو رت جي سطت ضرورت پئجي ويندي آهي. اهڙي صورتحآل ۾ رت جو عطيو ڏيندڙ رضاڪار، ڪنهن فرشتي کان گهٽ ناهن هوندا جيڪي ڪنهن رشتي يا نفعي نقصان کان سواءِ پنهنجو رت ڏئي هڪ انساني زندگي بچائين ٿا. ڪنهن به بيمار کي رت ڏيڻ دنيا جو اخلاقي فرض آهي. هن سلسلي ۾ شعور ۽ آگاهي ڏيڻ لاءِ 14 جون تي رت جي عطيي ڏيڻ جو عالمگير ڏينهن ملهايو وڃي ٿو.

[b]17 ــ جون: پوک جي قابل ايراضيءَ کي بنجر ٿيڻ کان بچائڻ جو عالمي ڏينهن:
[/b]پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ پوکائي جي لائق ايراضيءَ کي بنجر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هر سال هي ڏينهن ملهايو ويندو آهي،اقوام متحده ڊسمبر 1994ع ۾ 17 جون تي هي ڏينهن ملهائن جو فيصلو ڪيو هو.

[b]جون: جي ٽيئن هفتي جو آچر: پيئرن (والد فادرس) جو عالمي ڏينهن
[/b]پيءُ گهر جو اهو فرد آهي جنهن جي مٿان گهر جون سموريون ذميواريون اچن ٿيون.پيءُ اها هستي آهي جيڪو گهر اندار شفقت،محبت،انصاف ۽ ٻين اهڙين سوين ڪيفيتن مالڪ آهي.جنهن جي هر گهر جي ڀاتيءَ تي نظر رکڻي پوي ٿي.پيءُ جي عظمت جو انڪار ڪري ئي نٿو سگهجي.اسان جي ملڪ سميت سموري دنيا ۾ پيءُ جي عطمت جو ڏينهن جون جي ٽئين هفتي جي آچر تي ملهايو ويندو آهي.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد اولاد لاءِ پيءُ جي قربانين،قربتن جي باري ۾ شعور ۽ ڄاڻ پيدا ڪرڻ آهي ۽ پيءُ جي عظمت کي اجاگر ڪرڻ آهي. پيءُ دنيا جو اهو انسان آهي جيڪو پنهنجي اولاد کي پاڻ کان وڌيڪ ڏسڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري ،اولاد لاءِ هر رڪاوٽ پري ڪرڻ جا جتن ڪندو رهندو آهي.

[b]20 ــ جون ورلڊ ريفيوجي ڏينهن، يا پناهگيرن جوعالمي ڏينهن:
[/b]هر سال جون 20 تي، ورلڊ ريفيوجي، يا بين الاقوامي پناهگيرن جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. دنيا ۾ جنگ، تعصب، سماجي ۽ سياسي تڪرار، نسلي مت ڀيد ۽ ٻين قدرتي آفتن ڪري اٽڪل هڪ منٽ ۾ اٺ ماڻهو پنهنجي گهرن کان محروم ٿي وڃن ٿا. اهڙن ماڻهن سان پنهنجائپ جو اظهار ڪرڻ لاءِ 20 جون تي يعني هن ڏينهن کي دنيا جي پناهگيرن جو بين الاقوامي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي.
هڪ ڄاڻ موجب هن وقت پوري دنيا ۾ 4 ڪروڙ ستٽيھ لکن کان وڌيڪ ماڻهو بي وطن زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته ٻه ڪروڙ پنجهتر لکن کان مٿي ماڻهو پنهنجي ئي ملڪن ۾ بغير ڇت ۽ ساز و سامان جي زندگي گذاري رهيا آهن.

[b]21 ــ جون يوگا جو عالمگير ڏينهن:
[/b]21 جون جو ڏهاڙو هر سال يوگا جو ڏينهن ڪري ملهايو ويندو، اهري ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ 11 ڊسمبر 2014ع تي ڪيو. يوگا هڪ جسماني، ذهني ۽ روحاني مشق آهي، يوگا جو مقصد جسم کي ذهن سان سمائڻ آهي. ورزش انسان جي صحت کي بهتر رکڻ لاءِ تمام ضرور آهي، دنيا جو ڪو به اهڙو ڊاڪٽر ناهي جيڪو هن عمل جي حمايت نه ڪندڙ هجي.

[b]23 ــ جون: سرڪاري ملازمن جي عوامي خدمتن جو عالمي ڏينهن
[/b]پاڪستان سميت دنيا جي سڀني ملڪن ۾ (پبلڪ سروس) سرڪاري ملازمن جي عوامي خدمتن جو ڏينهن اڄوڪي تاريخ تي ملهايو ويندو آهي.اقوام متحده جي جنر اسيمبليءَ 20 ڊسمبر 2002ع تي قرارداد نمبر 57/277 منظور ڪئي،جنهن قرارداد هيٺ تاريخ 23 جون کي هر سال پبلڪ سروس جو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد سٺي حڪمرانيءَ جي طور طريقي ۽ ترقيءَ جي عمل ۾ سرڪاري ملازمن جي ڪردار جي ضرورت ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي.