لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد سنڌي ناول جو تجزيو

هوش محمد ڀٽي هڪ نفسياتي ماهر جيان سنڌي ادب جي فڪري پھلو تي چڱي دسترس رکي ٿو. ھن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن جي ناولن تي سندس تنقيدي ۽ تفصيلي جائزا ڏنل آھن. ھوش ڀٽيءَ ھن ڪتاب ۾ 28 سنڌي ناولن سميت ھڪ اردو ۽ ترجمو ٿيل ناولن کي تجزيي ھيٺ آندو آھي، پر ان کي بہ سنڌي ناول جي پڙھت جي تسلسل واري شاھوڪاري ۾ شمار ڪبو. ھوش محمد ڀٽي جو ھيءُ ڪتاب سنڌي ناول بابت ھڪ ريڊنگ ڊسڪورس آھي. جنھن ۾ ھن سنڌي ناول ۾ موجود تحليل نفسيءَ جھڙن محرڪن ۽ سريئلزم جھڙين اظھار جي ادبي ٽيڪنيس سان سنڌي ناول جي اوک ڊوک ڪئي آھي.

Title Cover of book Jadeed Sindhi Novel Jo Tajzio

محمد علي پٺاڻ جو ڪَوتا ناول ”مسافتون ياد جون“

رابندرناٿ ٽئگور جي منظوم شاعريءَ جو آئرلينڊ جي شاعر ۽ نقاد William Butler Yeats جڏهن انگريزي نظم ۾ گيتانجلي جي نالي سان ترجمو ڪيو ۽ جنھن عيوض ٽئگور کي نوبل انعام بہ حاصل ٿيو. ٽئگور جي نوبل انعام ماڻڻ بعد نثري نظم جي اهميت وڌي وئي ۽ هر شاعر ان جو اثر ورتو. پوري ننڍي کنڊ ۾ هر ڪوي نثري نظم لکڻ لڳو. جيڪو سلسلو اڄ سڌو هلندو اچي ۽ نثري نظم شيخ اياز کان محمد علي پٺاڻ تائين پنھنجون منزلون طئي ڪري عروج تي پھچي چڪو آهي.
اهڙي نثري نظم اسلوب ۾ مشھور ڪويسر ۽ نثرنگار محمد علي پٺاڻ هڪ طويل نثري نظم لکي ان کي ڪَوتا ناول جو نالو ڏئي، نئين صنف جو اعلان ڪيو آهي. ڪويتا ادب جو هڪ الڳ حصو آهي ۽ ناول وري نثري ادب جو هڪ الڳ شعبو آهي. انھن ٻنھي کي ڳنڍڻ بنھہ عجب ۾ وجهندڙ ۽ سمجهہ کان ٻاهر آهي. شاعريءَ جا پنھنجا اصول ۽ قاعدا آهن. جڏهن تہ ناول جا پنھنجا هڪ مخصوص قسم جا لوازمات آهن.
هن ناول جو مھاڳ ادل سومري لکيو آهي. تجربا شاعريءَ تي تہ پوري دنيا ۾ ٿيندا رهن ٿا پر ناول جي ميدان ۾ گهٽ تجربا ٿيا آهن. البتہ ڪھاڻي کي ننڍي کان ننڍو بڻايو ويو آهي. جيڪا وڃي هڪ سٽ تي پھتي آهي. جنھن کي مون ڪھاڻڙي جو نالو ڏنو آهي. مھاڳ ۾ ادل سومرو هن قسم جي ڪوشش کي “آتم ڪٿائي_ڪَوتا ناول” جو نالو ڏئي ٿو ۽ هڪ نئون تجربو پڻ ڪوٺي ٿو. جيڪا پڻ هڪ جدا صنف يا ڳالھہ ٿي پوي ٿي. مھاڳ کان بعد ۾ انور شيخ، عبدالوحيد چانڊيو، منظور ڪلھوڙو، لطيف نوناري جا رايا ڏنل آهن. جن جي راين ۾ جيڪو گهڻي کان گهڻو زور آهي اهو “هڪ نشست ۾ پڙهڻ جھڙو ناول” واري ڳالھہ تي آهي. ڪنھن بہ ادبي تخليق لاءِ اهيو دليل ڪافي نہ آهي تہ اها هڪ نشست ۾ پڙهي ختم ڪري سگهجي ٿي. هر ٻوليءَ جا پنھنجا پنھنجا قدر ۽ اظھار جا هڪڙا الڳ پيراميٽرس هوندا آهن. وحيد چانڊيو هن ناول بابت راءِ ڏيندي لکي ٿو تہ “منھنجا انگريزي ۾ وڪرم سيٺ جا ڪجهہ ٻيا Verse ناول پڙهيل هئا.” جيڪڏهن انھن جي ڪھاڻي، پلاٽ تي بہ ٿوري راءِ ڏئي انھن جا نالا ڏنا وڃن ها تہ پڙهندڙن جي لاءِ مونجهارو نہ ٿئي ها.
هن ناول جي اچڻ تي، جنھن کي آءٌ ناول نٿو سمجهان. اهو هڪ طويل نثري نظم آهي. ان تي ڪيترائي تبصرا ۽ اڀياس لکيا ويا آهن. پر انھن مان ڪنھن بہ هڪ ۾ بہ هن تجربي جي فني ۽ فڪري حوالي سان تنقيد جي نگاھہ سان نہ ڏٺو ويو پر رڳو تعريف، تعريف، تعريف جا ئي ڍڪ ڀريا ويا. اسان جي سماج ۾ ادب دنيا ۾ ياري نڀائڻ هڪ روايت بڻجي وئي آهي ائين هن ناول جي حوالي سان مصنف کي تمام وڏن ۽ سٺن اديبن بہ وڏا وڏا لقب پنھنجي دوستي جو فرض نڀايو.
هن ڪَوتا ناول تي پھريان ناٽڪ رسالي پاران ڪارنر هلايو ويو. جنھن ۾ بہ سواءِ تعريف جي ڪجهہ بہ نہ هيو. رکيل مورائي جو مضمون “ياد جي مسافت سدائين رهڻي آهي!” جي نالي سان آهي. جنھن ۾ هو لکي ٿو تہ “اهڙي ڪوتا ناول جو تجربو رحمت ﷲ ماڃوٺي ڪيو هو.” پر جيتري قدر مونکي خبر آهي تہ رحمت ﷲ ماڃوٺي “ڪَوتا ڪھاڻي” لکي هئي. جيڪو تجربو بہ ڪامياب نہ رهيو. باقي سندس ناول “ڳولا” فني ۽ فڪري لحاظ سان پنھنجي جوهر ۾ هڪ مڪمل ناول آهي. رکيل مورائي هڪ ٻيو دليل ٽي ايس ايليٽ جو ڏئي ٿو تہ “ورجاءُ کان نواڻ بھتر آهي.” اختمامي جملن ۾ لکي ٿو تہ “مان بہ هن تجربي سان سھمت نہ هوندي، سندس تجربي لاءِ خوشگوار اميد رکان ٿو.” حيرت آهي جڏهن سھمت نہ آهيو تہ اميدون ڪھڙيون!؟ مون کي تہ هن تخليق ۾ ڪٿي بہ نواڻ نظر نٿي اچي ڪا بہ تشبيھہ، ڪو استعارو ۽ ڪي خاص ترڪيبون ڪجهہ بہ نہ، موضوع بہ ساڳيو آهي جيڪو اسان گهڻي وقت کان پڙهندا پيا اچون.
عظيم مفڪر هيراڪليٽس چيو هو “هر شيءِ مسلسل تحرڪ ۾ آهي. هر وٿ پنھنجي جوهر ۾ موجود تضاد سان جدل ۽ جنگ ۾ رهندي نواڻ کي جنمي ٿي.” مڃون ٿا تہ محمد علي پٺاڻ ڪَوتا ناول لکي نواڻ کي جنميو آهي. نواڻ يا تبديلي ابتڙن جي ميلاپ يا ٽڪراءُ مان پيدا ٿيندي آهي. پٺاڻ صاحب بہ ائين ڪيو آهي. ناول ۽ ڪويتا جي ابتڙ کي ملائي هڪ اهڙي صنف ٺاهي وئي آهي جنھن جو تخليقڪار نالو رکڻ ۾ بہ منڌل لڳي ٿو. ڪَوتا، شاعريءَ ۾ وزن جي کوٽي واڌي لاءِ استعمال ڪبو آهي. جنھن جو وزن فعلن ٿيندو. جڏهن تہ ڪويتا جو وزن فعولن ٿيندو. جيڪڏهن اسين چئون ڪويتا ناول تہ اهو ڄڻ ڊگهو ۽ ڏکيو ٿي پوي ٿو. ان لاءِ ڪَوتا ناول رکڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي. ڪا بہ تبديلي هر هنڌ يا هر صنف ۾ پسند جوڳا نتيجا مھيا نہ ڪندي آهي. هي تبديلي يا نواڻ بہ هٿرادو گهڙاوٽ آهي ان ۾ ڪا بہ سائنس يا فني پختگي ناهي.
هڪ ٻئي مضمون ۾ رسول ميمڻ صاحب، محمد علي پٺاڻ جي ڀيٽ دنيا جي تمام وڏي ناولسٽ ۽ ڪائناتي وسعت رکندڙ ذهن دوستو وسڪي سان ڪري ٿو. جنھن جو مختصر ڪھاڻيون بہ جھڙوڪ: ڳھيلي جو خواب، جهريل جذبا ۽ اجهاڻل اکيون، جواري بہ هڪ ڊگهي ناول وانگر آهن. دنيا جي نقادن مطابق اگر سڄي دنيا جي افسانوي ادب جا ٻہ ڀاڱا ڪيا وڃن تہ هڪ دوستو وسڪي جو لکيل افسانوي ادب تہ ٻيو سڄي دنيا جو. دوستو وسڪيءَ جي ماضي ۽ محمد علي پٺاڻ جي ماضيءَ جي اظھار ۽ فن ۾ ڏينھن رات نہ پر زمين ۽ ستن آسمانن جو فرق آهي.
مغربي اسان کان ناول جي شعبي ۾ تمام گهڻا اڳتي آهن. انھن نہ رڳي تمام وڏا ناول نگار پيدا ڪيا آهن پر اتي تہ ماڻھو ناول نويسن جي رهبريءَ ۾ هلن ٿا. پڙهندڙن تي انھن جي عملي زندگيءَ ۾ ناولن جو تمام گهيرو اثر پوي ٿو. پر مشرق ۾ نہ صرف ناول نگارن جو انگ گهٽ آهي پر اتي ڪو وڏو ناولسٽ بہ اڃا تائين پيدا نہ ٿيو آهي. محمد علي پٺاڻ جي ناول مان اسان ڪھڙي رهبري وٺون نوجوان کي ان مان ڪھڙو پيغام ٿو ملي. سندس ناول جي پوري ڪھاڻي جتي زندگي سان جنگ ڪندي گذري ٿي، اتي سندس انت نھايت ئي مايوس ڪندڙ آهي.
ناول نثري صنف آهي. ان لاءِ نثري نظم ناول ۾ اچي سگهن ٿا ۽ اهي ڊائلاگ يا منظرڪشي لاءِ ڪتب آڻي سگهجن ٿا. جئين طارق عالم ابڙي جي “ناول رهجي ويل منظر” ۾ هن ڪٿي ڪٿي ٺاهوڪا نثري نظم ڏنا آهن. ائين ڪازان زاڪس پنھنجي ناولن ۾ گفتگو ۽ منظرڪشي طور نثري نظم ڏنا آهن.
فرنيچ شاعر بودلئير تمام گهڻا ڊگها نثري نظم لکيا آهن. جن ۾ ڪٿائي انداز آهي. انھن ۾ تہ واقعا بہ آهن. پوءِ اسان محمد علي پٺاڻ جي هن ڪوشش کي هڪ ڊگهو نثري نظم تہ چئي سگهون ٿا پر ناول نہ.
هن ڪَوتا ناول جو موضوع ماضي جون چڀندڙ سانڀرون آهن. جيڪي درد سان ڀريل واقعن تي مشتمل آهن. پھرين جيڪا ڳالھہ سمجهہ ۾ نٿي اچي اها آهي، هي ڪوتا ناول مونولاگ ۾ لکيل آهي ۽ مک ڪردار جو نالو بہ نہ آهي، ان مک ڪردار کي جڏهن ننڍپڻ ۾ سندس ماءُ هڪ درزيءَ وٽ، درزڪو ڪم سکڻ لاءِ ڇڏي ٿي. هو اتي ڪم ڪار ٺيڪ ڪري ٿو ان جي باوجود بہ درزي کيس بنا ڪنھن دشمني يا سبب ٻن وڳن جي وري جي الزام ۾ پوليس حوالي ڪري ٿو ۽ پوليس هڪ ڪپڙن جي چور ٻار کي جنھن اها چوري ڪئي بہ ناهي، ڪنھن ڌاڙيل وانگر ڪٽي ٿي.
ٻيو بہ هڪ واقعو جيڪو ڪردار جي حالتن سان ٺھڪي نٿو اچي. جڏهن سندس گهر برسات ۾ سڄو تباھہ ٿي وڃي ٿو. ان کي ٻيھر ٺاهڻ لاءِ هو ناناڻن کان ٿوڻيون وٺي ٿو. جڏهن هڪ ماڻھو وٽ گهر ٺاهڻ جي همت وسعت ناهي، اهو وري ٻين جي مدد سان ٺاهيل گهر جي خوشي ۾ تانھري ڀت جو ديڳڙو لاهي ٿو ۽ مولوي کان خاص دعا گهرائي ٿو.
ٽيون واقعو بہ ڪيتري قدر منجهائيندڙ ۽ تضاد سان ڀريل آهي. جڏهن سندس ڀيڻ رات جي پيٽ ۾ گهران ڀڄي وڃي ٿي. هو من ئي من ۾ پاڻ کي ان جو ذميوار سمجهي ٿو. سڀ ڪجهہ ڄاڻي ٿو تہ سندس ڀيڻ ڇو ڀڄي وئي. سندس ضمير ملامت بہ ڪريس ٿو. هو ڀيڻ جي وقت سر شادي نہ ڪرائڻ تي ڏوهي آهي. هڪ غريب گهراڻي جي ڇوڪري هڪ تہ گهران ڀڄي وڃي ٿي ٻيو تہ سندس ايتري همت ڪٿان اچي ٿي جو هو اخبارن ۾ بيان ڏئي ٿي. پر اها ئي ڀيڻ جنھن جو پاڻ کي ڏوهي گناهگار سمجهي ٿو اها کيس جڏهن پيرن تي پوتيءَ لاهي وجهي معافي وٺي ٿي تہ کيس معاف نٿو ڪري. اهڙو ڪردار جيڪو باضمير آهي سوچي، فڪر ڪري ٿو اهو بہ سماج جي فرسوده غيرت واري قدر کي اوليت ڏئي ٿو.
هن ڪوتا ناول ۾ ڊرامائي انداز ۽ منظر ڪافي آهن. اهو شايد ان ڪري تہ ليکڪ ڊرامه نگار آهي. جئين هڪ واقعي جي منظر ۾ ماءُ جڏهن پنھنجي پٽ کي طوائف جي گهران وٺڻ اچي ٿي تہ سندس هٿن ۾ قرآن شريف آهي. پٽ پاران مارڪٽ ڪرڻ تي اهو هوا ۾ اڏامي وڃي ٿو ۽ اتي ڪوئي ان کي جهپي وٺي ٿو.
چوٿون واقعو پڻ ڪردار جي فڪر ۽ سوچ جي نفي ڪري ٿو. جڏهن سندس ننڍي ڀيڻ جو موت پيٽ جو سور ٻڌائي ٿو. پر سندس ڀيڻ خودڪشي ڪري مري ٿي. توڙي جو کيس هر ڳالھہ جو احساس ۽ سڌ بہ آهي تہ هو انھن شين جو ذميوار آهي.
هن ڪَوتا ناول جو مک ڪردار جيڪو پنھنجون يادگيريون ٻڌائي ٿو، ان ۾ هي ڳالھہ بہ غير حقيقي ۽ ڊرامائي لڳي ٿي:
“مون کي ياد آهي اها گهڙي
جڏهن ان شفيق
ٻاجهاري ۽ بي لوث
استاد جي محنت سان
مون اديب، عالم ۽ فاضل جي
امتحانن سان گڏ
نائين ڏهين
فرسٽ ائير انٽر
۽ بي اي جي ٻنھي سالن جا
انگريزيءَ ۾ پيپر پاس ڪري
پوءِ فرسٽ ڪلاس ۾
ايم اي ايڪنامڪس ۾ پاس ڪيم.”
هڪ ماڻھو جيڪو چار درجا پڙهي پنھنجي تعليم ڇڏي ڏئي ٿو ۽ ايترو جلدي ۾ وري کيس سڀ امتحان ڪئين ٿين ٿا ۽ اهو بہ ماسٽرس تائين سو بہ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري ٿو. ٻيو تہ ٺھيو پر اهي اديب ۽ فاضل جا امتحان ڪري وٺندو آهي ۽ اهي ڪٿي ٿيندا آهن. جيڪي بہ هو پاس ڪري ٿو.
هن ناول جي هڪ منظر ۾ اهو استاد جيڪو مک ڪردار کي پڙهائي لکائي قابل بڻائي ٿو. ان کي سرعام گوليون هڻي اڇلايو وڃي ٿو. ليکڪ ان جو سبب اغوا ڪرڻ تي مزاحمت ڪرڻ ڄاڻيو آهي. اهو واقعو بہ غير حقيقي ۽ ڊرامائي آهي. هڪ باعزت استاد کي ڀلا ڇو اغوا ڪيو ويندو. ڪھڙو اهو امير مير، ڪروڙ پتي آهي جو ان کان وڏو ڀنگ طلب ڪيو وڃي ها.
اهڙي طرح هي ڪوتا ناول غير حقيقي ڳالھين ۽ واقعن سان ٽٻ ٽار آهي. هڪڙي آخري ڳالھہ جيڪا بہ سمجهہ کان بلڪل ٻاهر آهي تہ هن ناول جو مک ڪردار بئنڪ ۾ ڪلارڪ جي نوڪري لاءِ درخواست ڏئي ٿو. مون تہ ڪڏهن نہ ٻڌو آهي تہ بئنڪ ۾ ڪلارڪ ٿيندو آهي. سو بہ درخواست پوسٽ ذريعي اماڻي وڃي ٿي. ٻئي حيرت ۾ وجهندڙ ڳالھہ اها ٿي ٿئي تہ بئنڪ جي نوڪري جي انٽرويو لاءِ سنڌي ٽوپي ۽ ڪلھن ۾ اجرڪ وجهي وڃي ٿو ۽ وڏي ڳالھہ تہ انٽرويو ڏئي بہ اچي ٿو. ان بعد ان ئي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جي ڪري کيس ڪھي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو وڃي ٿو ۽ گند جي ڍير تي اڇلايو وڃي ٿو.
ناول کي هروڀرون سنسي خيز بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اهڙي قسم جي پڄاڻي ڏئي ليکڪ ڇا ٿو ڏيکارڻ چاهي؟ اديب شاعر چاهي ڪھڙو بہ نظريو رکي پر زندگي سنورجي، ڪامياب ٿئي، سڌري وڃي، عقل ۽ شعور ملي اهو ئي هڪ تخليقڪار جي لکڻي يا تخليق جو مقصد يا پيغام هجڻ گهرجي. ان کي ترقي پسندي، نواڻ چئجي تہ ڪو وڌاءُ نہ ٿيندو.
جڳ مشھور ناول نگار گبريل گارشيئا مارڪيز کي “ويڳاڻپ جا هڪ سؤ سال” ناول لکڻ تي جڏهن نوبل انعام مليو. ان کان پوءِ کانئس ڪنھن پڇيو “اڄڪلھہ ڇا پيا ڪريو؟” جواب ڏنائين “ناول جي ٽيڪنڪ پيو سکان.” ان تي همراھہ حيران ٿي چيو “توهان کي تہ ناول تي نوبل انعام ملي چڪو آهي.” وراڻيائين “اهو مون جذبي ۾ لکيو هو. هاڻي جڏهن اهو نہ رهيو آهي تہ ٽيڪنڪ پڪڙڻ ٿو چاهيان.”
جيتوڻيڪ ڪا بہ ادبي تخليق شعر ۾ هجي يا نثر ۾، اها زندگي جي احساسن جو فني اظھار هوندي آهي. پر احساس ڪا آخري معنيٰ تہ نٿا رکن. محمد علي پٺاڻ وٽ احساس تہ آهن پر ان جي فن جو اظھار جنھن نموني ناول ۾ ڪرڻ چاهيو آهي، اهو عجيب، غير حقيقي ۽ ناڪافي آهي. جذبات سان گڏ فن بہ لازمي آهي.
اڄ جتي سنڌي ۾ ناول جي اڻاٺ ۽ تنزلي لڳي پئي آهي اتي وري پڙهندڙن کي اهڙا ناڪارا ناول ڏيڻ مورڳو ناول جي شعبي کي پوئتي ڌڪڻ آهي. ان لاءِ ڪنھن بہ ادبي تخليق جي سھي نموني ڇنڊڇاڻ ڪرڻ هر اديب جو فرض آهي نہ ڪي روايتي اڀياس لکي ميار لاٿي وڃي.