دادلي ناصر زهراڻي جي ناول ”دنيا دم درياءُ“ جي الوچنا
هن ئي سال ۾ دادلي ناصر زهراڻي جو ناول “دنيا دم درياءُ” آيو تہ دوستن وٽان ٻڌم ۽ وري ان جي مھورت جو ميسيج بہ پھتم. پر ڪن مجبورين جي ڪري ان مھورتي پروگرام ۽ ناول نگار سان ملڻ جو مقعو نہ ٿي سگهيو. پر ٻڌڻ ۾ وري بہ اهيو آيو تہ پروگرام ۾ وڏا تعريفي داستان ٺاهي ٺاهي پيش ڪيا ويا مطلب تہ متوازن قسم جون ڳالھيون نہ ٿيون. رڳي اعليٰ ۽ عظيم جا ئي لقب صادر ٿيا.
ٻڌ سڌ تہ گهڻي ٿي پر ناول کي پڙهڻ جو ۽ ان تي ڪنھن جو تبصرو پڙهڻ جو بہ هڪڙو انتظار ٿي پيو. پوءِ ناول تہ مون هٿ ڪري ورتو ۽ پڙهي بہ ورتو. مون جيئن سمجهيو يا محسوس ڪيو، مو سوچيو شايد منھنجي ڪا ناسمجهي هجي، ان لاءِ ڪنھن هڪ اڌ اظھار راءِم اڀياس جو انتظار هو. دنيا دم درياءُ ضخيم قسم جو ناول آهي. لکڻ کي ايترو لکڻ تي جس هجي ۽ ان سڄي ساري لڳ ڀڳ 300 صفحن واري ناول کي پڙهي مجموعي رايو جوڙڻ هڪ خفائتو ڪم پڻ آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ پڙهندڙن جو وڏو فقدان آهي ۽ اهو ڏينھون ڏينھن وڌي بہ رهيو آهي. ليکڪ خود پنھنجون لکڻيون بہ وڏي جبر ساڻ پڙهن ٿا هيءَ تہ خشڪ صنف آهي. آءُ ناول تي پنھنجي مطالعي آڌار سوچيو ۽ ويچار ڪيو آهي.
ان وچ ۾ “نيئن آس” رسالي جو جون ۽ جولاءِ جو پرچو ورتم ان ۾ ڏٺم تہ دنيا دم درياءُ جو اڀياس ادل سولنگي جي نالي سان لڳل هو. پڙهي حيرت جي حد نہ رهي. ڇو تہ اهو اڀياس نہ پر ناول جي بابن جا ٽڪرا ٽڪرا گڏ ڪري ڏنل هئا. جن بابت ادل جي ڪا بہ راءِ ڏنل نہ هئي. وري شابس هجي ايڊيٽر مرتضيٰ لغاري کي جنھن ان اڀياس کي هلائي ڇڏيو آهي. جنھن ۾ اڀياس نالي ڪا شيءَ ناهي. جيئن اسان وٽ ٿيندو آهي ائين ئي ناول شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ناول نگار جي ويجهن دوستن جا ڊگها رايا آهن ناول بابت. انھن ۾ بہ سواءِ تعريف جي گلن جي ڪجهہ ئي ناهي ۽ نہ وري ڪو پورو تنقيدي تجزيو ڪيل آهي. مھاڳ بہ سندس جي ويجهي ساٿي ڪھاڻيڪار ۽ شاعر محمد علي پٺاڻ لکيو آهي. انھن سڀني راين ۽ تجزين کان هٽي ڪري هتي آءُ پنھنجي راءِ ڏيڻ گهران ٿو ۽ هرهڪ کي پنھنجو نقطہ نظر پيش ڪرڻ جو حق آهي.
هي ناول اٺن بابن تي مشتمل آهي. جيڪو پنھنجي جاءِ ڪافي ڊگهو آهي. ليکڪ انھن سڀني ڪردار، واقعن ۽ منظرن کي ڪيئن Conclude ڪيو آهي. اهو داد لھڻي ڇو تہ هو هڪ ڪامورو بہ آهي. سندس ادبي شروعات ڪھاڻي کان ڪيل آهي. اها معلومات هن ڪتاب ۾ موجود راين کان ملي.
ناول جي سر ورق کي ڏٺو وڃي تہ ان تي سنڌ جو نقشو ڏنل آهي ۽ ان ۾ سنڌ ٻري رهي آهي ۽ شاھہ جي سٽ جيڪو هن ناول جو نالو بہ آهي. اهو ان جي ٿيم سان ٺھڪي نہ ٿو اچي، دنيا دم درياءُ جو مفھوم ۽ پس منظر هڪ الڳ معاملو آهي. ٿي سگهي ٿو ليکڪ دنيا کي سنڌ سان تشبيھہ ڏئي ڪم آندو هجي ۽ سنڌ ۾ جيڪي حرام خور ڪامورا آهن انھن منجهان ڪي ڪي تارو ايماندار واري سوچ سان لکيو هجي، باقي هڪ سمجهو پاٺڪ تہ هن کي چٽو نہ سمجهي سگهندو.
مون کي ناول گهٽ داستان وڌيڪ ليو آهي. ڇو تہ ناول جا پنھنجا جديد لوازمات آهن. اهي هن ناول ۾ جهيڻا آهن. داستان ۾ حواس جي اعتبار جوڳا واقعا نہ هوندا آهن. ان ڪري دلچسپي ۽ تجسس داستان جا اهم جز هوندا آهن. هن ناول ۾ بہ ڪھاڻي جو انداز ۽ ٽريٽمنٽ داستان واري آهي ۽ ناول نگار تجسس ۽ دلچسپي جي جزن کي هٿي ڏيندي قصا ۽ لوڪ ڪھاڻيون هروڀرون هن ناول ٽنبيون آهن. هڪ اڌ لوڪ قصو تہ ليکڪ پنھنجي کاتي ۾ لکي ڏئي ڇڏيو آهي. جنھن جو ذڪر اڳتي هلي ڪبو.
Superstitions هن ناول جو وڏو حصو آهن ۽ ڀري ڀري هن ۾ اهي ڏنيون ويون آهن. ناول جديد دنيا جي صنف آهي ۽ جتي جديديت پڄاڻان جو دور هلي رهيو هجي. اسين Age of Theories ۾ رهندا هجون اتي Superstitions اهي بہ ناول ۾ ڏيڻ هڪ بنھہ ناسمجهي وارو عمل آهي. خود ليکڪ هڪ جديد دنيا ۽ اربن زندگي گهاريندڙ ماڻھو آهي ۽ ان جو لکڻ جو اسلوب وري هڪ داستان گو وارو آهي.
باب پھريون- مين تہ اڪ خيال آن...
ناول جو پھريون باب گلڻ عرف گلو پٽيوالي جي ساروڻين يا سوچن سان شروع ٿئي ٿو ۽ سڄو ناول گلو پٽيوالي جون يادگيريون آهن. جيڪي هو ڪينسر جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا هوندي بيماريءَ جي بستري تي ساري ٿو. گلوءَ جي ڪردار کان پوءِ ترت ئي هن ناول جو ٻيو ڪردار مھران نڪري سامھون اچي ٿي.
باب ۾ اڻ گهڙيا بادشاھہ ۽ وزير ڪاٺيرن جا قصا ٽنبي باب جو پيٽ ڀريو ويو آهي. ليکڪ 38 پيج تي لکي ٿو؛ “اونداهي اهڙي جو هٿ نہ ڏسي هٿ کي.” “مڇر منھنجا هڏ گڏ ڪٽي کائي ويئي.” پيج- 39
جون ۾ رات ايتري بہ گرمي نہ هوندي آهي جيتري ليکڪ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اونھاري ۾ رات ايتري گهيري اونداهي نہ هوندي آهي جيئن ليکڪ لکي ٿو. مڇرن جي ڳالھہ تہ عجيب آهي. هن باب ۾ ڪجهہ مشاهداتي چڪن سان مھران جو ڪردار ليکڪ آندو آهي جيڪو سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ ان جو خاص مقصد يا منتق ڪھڙو آهي!
باب ٻيون- مين تہ اڪ خيال آن...
ناول جو مرڪزي ڪردار گلو رات جي پھرن ۾ پنھنجي ساورڻين ذريعي هڪ ٻئي ڪردار جي ڪھاڻي قصو کڻي ٿو جنھن ۾ ليکڪ هڪ داستان گو وانگر لکي ٿو. سخاوت علي ناول جو ٽيون ڪردار آهي. جيڪو گلو جو نڍپڻ جو دوست-هم ڪلاسي آهي. هن ناول ۾ ليکڪ اهم ڪردارن سان گڏ فضول جا ننڍا ننڍا ڪردار بہ کنيا آهن. جن جو ڪو بہ خاص ڪم ناول ۾ نہ آهي. جيڪڏهن ويھي هڪ هڪ ڪردار جي اوک ڊوک ڪجي تہ هوند هي الوچنا ڪتاب جو روپ اختيار ڪري وڃي. غريب جي ڌيءُ جي عرزت ماءُ پيءُ جي پريشاني جو فڪر ليکڪ جيئن هتي بيان ڪيو آهي. بجاءِ ائين بہ ڪونھي ۽ غير حقيقي ۽ غيرمھذب انداز ۾ ڏنو آهي. هن باب ۾ ليکڪ هڪ اڌ پيراگراف ورجايا آهن. جنھن سان پڙهندڙ بوريت جو شڪار ٿي پوي ٿو.
سخاوت علي جو ڪردار جيڪو ليکڪ چٽيو آهي. اهو سٺو آهي. پر ان جو خودڪشي ڪرڻ آدرشي هوندي بہ اهو انھن جي آدرشن جي نفي آهي ۽ ليکڪ ڏيکاريو آهي تہ هو ڇھين درجي ۾ ٽالسٽاءِ ۽ لينن جا ڪتاب پڙهي ٿو. اهو تہ وڏو ڪارنامو ٿي ويو. خير هتي ليکڪ امر جليل واري ڪار ڪري ويو آهي ڪردار کان ان جي ائپروچ کان مٿي ڏيکاري ويو آهي. هن باب ۾ کوڙ سارا منظر مڪمل فلمي ۽ Fictitious آهن. هن ئي باب ۾ هن پرائمري استاد جو ڪردار جانب تہ انتھائي غير حقيقي سمجهہ ۾ نہ ايندڙ غيرافسانوي ادب جو ڪردار لڳي ٿو. ان کان اهڙا ڪم ڪرايا ويا آهن جيڪي هڪ استاد تہ نہ ٿو ڪري سگهي گهٽ ۾ گهٽ. هي سڄو باب فضول ڊرامي وانگر آهي. ليکڪ 86 صفحي تي سمجهہ ۾ ڳالھہ نہ ٿي اچي تہ ڪھڙو نقطو نروار ڪرڻ گهر ٿو ۽ حقيقي طور ڪو بہ ڪردار ايترو پرفيڪٽ نہ ٿو ٿي سگهي. هن ۾ ليکڪ ڊرامائي منظرن ۽ عجيب ڳالھين جي حد ڪري ڇڏي آهي.
باب ٽيون- موران تيڏي اي...
ناول جي هن باب ۾ ليکڪ حوالن جا ڌوڙيا لائي ڏنا آهن. ناول جو هرهڪ باب هڪ الڳ مڪمل جدا ناول جي ڪھاڻي ۽ سوچ رکندڙ آهي. گلو پٽيوالو رات جي پھر ۾ وري هڪ ٻئي قصي کي کڻي ٿو جنھن جو مرڪزي ڪردار صوفن آهي ۽ ان سان هڪ جڙيل ٻيا ڪردار چاچي زيبل، موران، علي جانل ۽ ٻيا بہ آهن. عجب حيرت جي ۾وجهندڙ هن باب ۾ ليکڪ ڪا ڪم جي ڳالھہ ڪو اهم نقطو نہ ٿو ظاهر ڪري پر اهي ئي ڳالھيون جن ۾ سواءِ بوريت جي ڪجهہ ئي ناهي. ناول ان کان وڌ ئي گهر ٿو. اهڙي قسم جون دقيانوسي ۽ پراڻيون گهڙاوتي ڳالھيون اڳ ۾ لاتعداد ڪھاڻين ۾ اچي چڪيون آهن. جنھن کي ليکڪ هڪ ڪردار کان پنھنجي پيءُ کي گڏيون ڏياري ٿو تہ جيئن سندس شادي ٿئي!
صوفن جيڪو هڪ معصوم کي ٻوڙي ماري قتل ڪري ٿو حوس جي آڙ ۾، ان کي وڏو پھتل بزرگ سمجهيو وڃي ٿو ۽ ٽٻي هڻي اهو وڃي مديني نڪري ٿو. ليکڪ اهڙيون ڳالھيون لکي پڙهندڙن تي وڏو جبر ڪيو آهي. جنھن سان پڙهندڙ ڪو لاڀ نہ ٿو ماڻي الٽو بيزار ٿي پوي ٿو. باب جو بس هڪ ئي جملو آهي جيڪو ڪنھن بہ حساس دل کي روئاري سگهي ٿو.
“صوفن ميڏا ڀرا، ميڪون نہ مار، مين موران نہ پرڻيسان، موران تون پرڻين، موران تيڏي اي.. موران تيڏي اي..” پيج- 113
ناول جو Taste پڙهندڙن تي ڪو گهرو اثر نہ ٿو وجهي، ڪالرج چيو آهي تہ؛ “ذوق صرف مسرت ۽ غم جي احساس جو نالو ناهي پر اهو معروضي شين جي عقلي ادراڪ جو بہ حامل هوندو آهي.” ۽ اها ئي هن ناول جي وڏي ۾ وڏي کوٽ آهي. جنھن کي ناول نگار ذهن ۾ نہ رکيو آهي.
باب چوٿون- تون راڻو رب آن...
هن باب ۾ پٽيوالو گلو هڪ نئين ڪردار سان سامھون اچي ٿو. خير بخش خيراڻ! هن باب جو قصو ڪجهہ ٻيو آهي. خير بخش خيراڻ- انسان گهٽ Superman مافوق الفطرت لڳي ٿو. هڪ ئي وقت ان ڳڻين خوبين جو ڪمن جو ماهر آهي. هن باب ۾ ليکڪ ۾ سنڌ جي امر ڪردار وتائي فقير جو هڪ مشھور قصو ڍڳي ۽ گڏھہ واري ڳالھہ پنھنجي ڪري لکي ويو آهي. ان ۾ وتايو نہ پر ڪردار مٽائي ڏنو اٿس. سنڌي ليکڪن جي ٻئي خامي يا بيماري چئجي، هوندي آهي تہ جنھن خول، مڪتب فڪر، مسلڪ جا هوندا، ان جي جهلڪ يا پرچار يا ورجاءُ ضرور ڪندا آهن. جيئن هن ناول ۾ ليکڪ بار بار حضرت علي جا قول ڏئي ٿو. ان مان هر ڪنھن کي اندازو ٿي ويندو تہ صاحب ڪھڙي مسلڪ سان تعلق رکي ٿو.
ليکڪ هر هر شاھہ لطيف جي شعرن کي مرشد مرشد ڪري حوالي طور ڏئي ٿو. اڄ جي سائنسي دؤر ۾ شاھہ لطيف کي مرشد چئي ليکڪ ڪھڙي سجاڳي جو ثبوت ڏئي ٿو. شاھہ لطيف باڪمال شاعر آهي. سنڌين کي هاڻي ان پيري مريدي واري وبا مان ٻاهر نڪرڻ گهرجي. هر باب جو انت ان باب جي مک ڪردار جي موت سان ٿئي ٿو. خبر ناهي ليکڪ ڪھڙي مثبت سوچ ان ذريعي اسان تائين پھچائڻ چاهي ٿو. ناول جو مک ڪردار گلو پٽيوالو هر ڳالھہ ڪرڻ کان اڳ ۾ ان ڪردار جو Death Certificate پڙهندڙن جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏي ٿو. ناول جا قدر Values جيڪي ليکڪ ڪردارن کي ڏئي ٿو اهي ڇسا ۽ ڪمزور آهن.
باب پنجون- امير بخش ڪاريھر...
“عجب دنيا آهي سنڌ سيڪريٽريٽ. پٽيوالي کان وٺي، سيڪريٽري تائين، خواهش سڀني جا کيسا ڀرڻ آهي. سيڪريٽريٽ ۾ ڪروڙ پتي، ڪک پتين جي روپ ۾ ايندا آهن.”
هي آهي اهو اهم نقطو جنھن کي ناول نگار جنھن تحت هي ناول خلقيو آهي. سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن کي وائکو ڪرڻ ئي ليکڪ جو Motive آهي تہ پٺيان ايڏا سارا اجايا چار باب جن جو ان سان ڪو لاڳاپو ئي ناهي. پوءِ ڇو ناول کي ايترو لفاظيت سان طويل ڪرڻ جي ليکڪ ڪوشش ڪئي آهي جنھن ۾ هو مڪمل ناڪام ويو آهي. 155 صفحي تائين ۽ ان جي پٺين مواد سان ان جي اڳيئنText جو ڪو تعلق ناهي.
ليکڪ پنھنجي تخليقي حس ڪٿي بہ استعمال نہ ٿو ڪري ۽ ناول ۾ تخليقيت جو فقدان آهي. ليکڪ تخليقي قوت کان بنھہ خالي آهي. هن باب ۾ ليکڪ قصو ڪوٽ ڪري ٿو. امير بخش جي ماءُ چاهي ٿي تہ هن جو پٽ نہ پڙهي، منھنجي خيال ۾ دنيا جي ڪھڙي بہ ماءُ هجي ڪھڙي بہ خطي سان تعلق رکندڙ هجي ڀلي اها مڪمل ڄٽي هجي اها ائين تہ نہ چاهيندي تہ هن جو پٽ نہ پڙهي، اهو لقاءُ بنھہ غير حقيقي آهي.
184 صفحي تي لکيڪ وري هڪ بادشاھہ جو قصو ڏئي ٿو. جھڙوڪ هي ناول نہ هجي پر بادشاهن جي قصن جو داستان. ليکڪ جو هي ڪردار امير بخش بہ ڪنھن ڪم جو ناهي. جھڙي قسم جي ليکڪ ڪردارن جي اڻت ڪري انھن جي نڀاءُ ۾ هو ناڪام ويو آهي. امير بخش جڏهن ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾ هجي ٿو تہ زهرا کيس سھارو ڏئي ٿي گهر ڏي، عزت ڏيس ٿي، بي انتھا پيار ڪريس ٿي پر امير بخش ڪنھن فلمي ولين جيان ڪميشن پاس ڪرڻ کان پوءِ هن کي هيئن چئي ٿو..
“ها زهرا، توکي غلط فھمي آهي!” امير بخش ڳالھايو. “تون پاڻ ڏس مون ڏانھن بہ ڏس. مون کان چار سال وڏي آهين. لڳي ائين ٿو تہ تون تہ منھنجي ماءُ برابر آهين. توسان شادي ڪري مون کي پاڻ تي جڳ تہ نہ کلائڻو آهي. پيج-188
باب ڇھون- رحمان علي ٽنڊڻ..
ناول جو مک ڪردار گلو پٽيوالو جيڪو مرڻ ڪنڌي تي آهي. مرڻ وقت ان کي پنھنجا عزيز قريب ياد پوڻ گهرجن. پرين پيارا محبوب يا ماءُ پيءُ سارڻ گهرجن. پر هن کي موت جي بستري تي ڪرپٽ ڪامورا ئي ياد پون ٿا ۽ هو ائين چوي ٿو؛ “يادون ئي ٿوري ديرلاءِ سھي منھنجي درد جي دوا دارون آهن.” هي ڪھڙيون يادون آهن جن کي ياد ڪري هو دارون حاصل ڪري ٿو. ڪرپٽ ڪامورن جو عياشيون هن لاءِ دوا ۽ دارون آهن. اهو تہ غير منتقي آهي يار!
گلو هن باب ۾ هڪ ٻئي ڪاموري رحمان علي ٽنڊڻ جي رام ڪھاڻي ٻڌائڻ لڳي ٿو. مون هڪ آفريقي ناول “آمنہ” پڙهيو هو. جيڪو هڪ نائيجيرين ناول نگار محمد ڪبير عمر جو لکيل هو. ان ناول ۾ ليکڪ پنھنجي ملڪ ۾ افسرشاهي کان ويندي هيٺين سطح تائين جيڪا ڪرپشن ٿئي ٿي ان جا ذميوار ۽ محرڪ ڪھڙا آهن؟ اها ڪھڙن سببن ٿئي ٿي. ان کي ليکڪ وڏي فنڪارانہ ۽ تخليقي اسلوب ۾ بيان ڪيو آهي. پر هي سنڌي معاشري تي محيط ناول ايڏو تخليقي ۽ جديد تقاضائن ۽ ٽڪينڪل گهرجن کي پورو نہ ٿو ڪري. مثال طور؛ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيندڙ ايڏين وڏين گهوٻين کي ڇڏي ليکڪ انتھائي معمولي ڳالھيون ظاهر ڪيون آهن..
جيئن... “صوبيدار خان توهان هڪڙو ڪم ڪيو، توهان جيڪي اندر باٿ روم ۾ چپلز رکرايون آهن. ڏاڍيون ڀليون آهن. هيئن ڪيو، جو اهڙيون ٽي چپليون وٺي منھنجي گهر موڪليو.” سيڪشن آفيسر صوبيدار خان حڪم جي تعميل جي لاءِ ٻاهر نڪتو. ايمانداريءَ دري مان ٽپو ڏنو، سنڌ ڏکويل اداس ۽ لٽيل سنڌ! هڪ سڏڪو ڀريو.” پيج-200
سنڌ جي سالياني بجيٽ 12هزار ارب آهي. جيڪا اسٽيبلشمينٽ ٽي هزار ارب ظاهر ڪندي آهي. اها سنڌ جنھن جي بجيٽ 4 هزار ارب هجي ۽ سيڪريٽري ليول جو ماڻھو رڳو ٽي چپلون جي ڪرپشن ڪري ٿو تہ ڏاڍو ڀلو پر ناول نگار پاڻ ڪميشن پاس آفيسر هوندي بہ سھي معنيٰ ۾ انگ اکر، ڪرپشن ۽ مانگر مڇن کي نمايان نہ ڪري سگهيو آهي يا لڪائي ويو آهي. اهي عياشيون ۽ عورت بازي تہ اڳ ۾ الائي ڪيترين ڪھاڻين ۽ ڪتابن ۾ اچي چڪي آهي. کيس ناول جھڙي حسين ۽ وسيع ڪينواس هجڻ جي باوجود هو صرف غير ضروري پٽاڙ ۾ پئجي ويو ۽ اهم انڪشاف کائنس هٿان نڪري ويا آهن. ادب ڪنھن خاص معاشري تائين محدود نہ هوندو آهي پر اهو تہ انساني نسل ۽ انساني فطرت جي لاءِ هوندو آهي. نائيجيرين ناول نگار جو ناول پڙهي اسان کي نائيجريا جا مسئلا يا سامراجي قوتن جو استحصال اسان جو پنھنجو محسوس ٿئي ٿو. ڇا “دنيا دم درياءُ” کي ان پيرائي ۾ ترجمو ڪري ٻين ٻولين ۽ معاشرن ٿائين پھچائي سگهجي ٿو بلڪل بہ نہ!
نوبل انعام يافتہ ناول نگار گبرئيل گارشيا مارڪيز چيو آهي تہ “جيڪڏهن توهان ڪو سياسي نقطو بيان ڪرڻ چاهيو ٿا تہ سٺو ڪتاب لکو.” هن ڪتاب جو ليکڪ اهو سٺو ڪتاب لکڻ ۾ گسي ويو آهي. رتنا باگڙياڻي سان سيڪريٽري جو ريپ ڪرڻ ۽ انٽرٽينمينٽ هائوس جون فضوليات، ڪامورن جون جيڪي افسانوي ادب کان علاوہ صحافتي ادب ۾ منظر عام تي اچي چڪيون آهن. ڪراچيءَ جي اندر سنڌ جي انتظامي معاملن جا فيصلا ڪندڙ ادارو- سنڌ سيڪريٽريٽ جي بابت ليکڪ هڪ شاندار ناول ڏئي سگهيو پئي پر اهو سندس وس جي ڳالھہ نہ ٿي لڳي.
باب ستون- صوفي صاحب...
گلو پٽيوالو جيڪو هڪ گهٽ پڙهيل ماڻھو آهي. اهو هن باب “ چوي ٿو تہ جيڪڏهن هو پنھنجي يادن کي قلمبند ڪري ها تہ چڱو خاصو ناول لکجي وڃي ها. هنڪڏهن ناول پڙهيو ناهي پر کيس ناول جي خبر آهي اهو تہ ابتڙ ڪم ٿيو. خير. اچو ٿا هن باب جي ڪردار تي جنھن جي ڪھاڻي بہ ساڳيو گلو پٽيوالو ٻڌائي ٿو.
دلاور حسين جيڪو پاڻ کان گهٽ ليول جي ڪاموري نعيما کي چاهي ٿو هڪ تہ هن سان اظھار محبت نہ ٿو ڪري سگهي وري ڪري ٿو تہ هوءَ کيس اسٽيٽس جو طعنو ۽ والدين جو چيو مڃي ٿي ۽ هن کي پيار ڪندي بہ هن کي ڇڏي ڏئي ٿي. هڪ ڪامورو ۽ ڪاموري بہ شادي ڪرڻ لاءِ ايڏو پريشان هجن ٿا بنھہ غير منتقي آهي، اهي اربن لائيف گذاريندڙ. شھري زندگي گذاريندڙ ڇوڪري ۽ مٿان آفيسرياڻي تہ گهٽ ۾ گهٽ پيار پرڻو ڪري سگهي ٿي. ناول جو پٺ ورق لکندڙ علي بخش پٺاڻ چوي ٿو تہ “هن ناول جا ڪردار حقيقي ڪردار آهن.”
مون کي تہ هن ناول جا ڪردار خبر ناهي ڪھڙي دبستان جا ڪردار لڳن ٿا. (دبستان معنيٰ عقيدي- نظريي يا خيال جا ماڻھو) هن ناول جا سمورا ڪردار Hypocritical منفر ڪردار لڳن ٿا. ناول نگار خبر ناهي ڪھڙي Vision تحت هي ناول لکيو آهي. هر تخليق ڪار جو حيات و فن جي باري ۾ ڪو نہ ڪو نقطہ نظر هوندو آهي ۽ اهو ئي هن جو نقطہ نظر ٿيندو آهي پر هن ناول جو Vision چٽو ناهي.
ناول زندگي جي حقيقي منظرن کي بي اختيار ۽ بي لاگ پر تخليقي انداز ۾ بيان ڪري ڇڏڻ آهي. پر هتي هن ناول ۾ تہ ماجرا ئي ٻئي آهي. ناول زندگي بابت هاڪاري ۽ اميد ڀرين احساسن جي رست گامزن ڪندو آهي نہ ڪي مايوسين جي ڪن ۾ اڇلي ڇڏيندو آهي!
ليکڪ جي ناول ۾ موجود ٻوليءَ جا ڪجهہ جملا ڏسو...
“هڪ ڏينھن ﷲ جي ڪرڻ ائين ٿي تہ....”
“هائو ٻيلي ڇا ڏسي تہ...”
“دانھن ڪرڻ سان ساھہ تو ڏٺو نہ مون ڏٺو.”
ناول جديد ادب جي صنف آهي ۽ ليکڪ هن ناول ۾ ٻوليءَ ۾ انتھائي ڄٽڪي ٻولي استعمال ڪئي آهي. جديد انداز ۽ اسلوب نہ اپنايو آهي نہ ان ۾ تخليقي سگهہ شامل آهي. تشبيھون ۽ استعارا بہ ناول جي سونھن هوندا آهن. پر ليکڪ اهي بہ گهٽ پر شعر ۽ قول ڀري ڀري ڏٺا آهن. دنيا جا جيڪي شاهڪار ناول آهن کڻي ڏسي انھن ۾ شعر ۽ قول گهٽ هوندا آهن. اسان وٽ سنڌي ۾ اهي شعر ۽ قول لکيا وڃن ٿا. پر خود سنڌي ادب جي ڪامياب ۽ شاندار ناولن جا نالا کڻو تہ “موهن جو دڙو” همہ اوست” پڙاڏو سوئي سڏ” ٻين ناولن ۾ شعر نہ آهن. نج تخليقي ٻولي سان ڀريل آهن.
ناول جي پڄاڻي بہ ڪو خاطرخواھہ وڻندڙ احساس نہ ٿي ڇڏي نہ ئي ان ۾ ڪا نواڻ آهي. پر رهندو مايوس ڪن آهي. منظرنگاري ناول جو اهم ترين عنصر آهي محترم ليکڪ جي ناول ۾ منظر نگاري جي بہ وڏي کوٽي آهي. پلاٽ، ٿيم، ڪردار نگاري، منظرڪشي ۽ ڪلائميڪس جيڪي هڪ جديد ناول جا اهم جز آهن. مجموعي طرح ڏٺو وڃي تہ اهي هن ناول ۾ پورا نہ آهن ۽ هي ناول ڪنھن بہ طرح هڪ ڪامياب ناول نہ ٿو چئي سگهجي.