لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد سنڌي ناول جو تجزيو

هوش محمد ڀٽي هڪ نفسياتي ماهر جيان سنڌي ادب جي فڪري پھلو تي چڱي دسترس رکي ٿو. ھن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن جي ناولن تي سندس تنقيدي ۽ تفصيلي جائزا ڏنل آھن. ھوش ڀٽيءَ ھن ڪتاب ۾ 28 سنڌي ناولن سميت ھڪ اردو ۽ ترجمو ٿيل ناولن کي تجزيي ھيٺ آندو آھي، پر ان کي بہ سنڌي ناول جي پڙھت جي تسلسل واري شاھوڪاري ۾ شمار ڪبو. ھوش محمد ڀٽي جو ھيءُ ڪتاب سنڌي ناول بابت ھڪ ريڊنگ ڊسڪورس آھي. جنھن ۾ ھن سنڌي ناول ۾ موجود تحليل نفسيءَ جھڙن محرڪن ۽ سريئلزم جھڙين اظھار جي ادبي ٽيڪنيس سان سنڌي ناول جي اوک ڊوک ڪئي آھي.

Title Cover of book Jadeed Sindhi Novel Jo Tajzio

غلام نبي مغل جا ناول- موضوع ۽ مقصديت (تنقيدي ۽ تحقيقي اپٽار)

سنڌي ۾ جڏهن چيو ويو تہ “سنڌي ڪھاڻي کي گولي لڳي وئي!” اهو هڪ Miss Concept هو. پر ان جو مطلب ڪٿي اهو بہ هيو تہ نسيم کرل کان سواءِ ڪو بہ سنڌي ۾ بھتر ڪھاڻي لکي نہ ٿو سگهي. پر ائين نہ آهي ۽ نہ ئي هو.
انگريزيءَ ۾ جڏهن چيو ويو تہ Now, Novel is dead. تڏهن اهو بانور ڪرائڻ لاءِ چيو ويو “جيمس جوائس جي “يوليسيس کان بھتر ناول هاڻي ڪيئن ٿو اچي سگهي؟” پر مه، ائين نہ هو نہ وري آهي. ناول تہ اڃا بہ جيئرو آهي. ان جملي کي ڄاڻ اچي هڪ صدي پوري ٿي آهي.
سراج جي ٻيئن ورسي جي تقريب کي غلام نبي مغل خطاب ڪندي چيو تہ “ سراج مون کي چيو هو تہ “تو جيڪو اوڙاھہ ناول لکيو آهي، ڪاش! اهو مان لکان ها.” غلام مغل چيو تہ “مون کي فخر آهي تہ سراج ائين چيو هو.
محمد عثمان ڏيپلائي کان پوءِ سنڌي ۾ تاريخي ناول تي سراج ۽ غلام نبي مغل ڪم ڪيو آهي. سراج جو “پڙاڏو سوئي سڏ” ارغونن ۽ ترخانن جي دور جي تاريخي احاطي تي مشتمل آهي. سراج جي ناولن ۾ رومانس ڪجهہ گهڻو ئي آهي. ان ئي موضوع تي غلام مغل جو اوڙاھہ ناول بہ آهي. جيڪو غلام نبي مغل جو Debut ناول آهي. اوڙاھہ ۾ ارغونن، ترخانن، مغلن، ڪلھوڙن کان ويندي اڄ 20 سال اڳ جي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن تي طائرانہ نظر ڪئي وئي آهي.
اوڙاھہ ناول ۾ حيدرآباد جون گهٽيون، پاڙا، روڊ رستا ۽ ان جي تاريخي بيهڪ جون ڳالھيون آهن. غلام نبي مغل ۽ مدد علي سنڌي حيدرآباد شھر کي پنھنجي تخليقن ۾ دلي طور موضوع بنايو آهي. مدد علي سنڌي جي ڪھاڻي “هينئڙو ڪچي تند جيان” حيدرآباد جي اجڙي ويل خوبصورت ۽ قدرتي حسن جي ڪھاڻي آهي. منھنجي خيال ۾ غلام نبي مغل ۽ مدد علي سنڌي جي لاءِ حيدرآباد هڪ ڪيفيت بڻجي وئي آهي.
غلام نبي مغل سنڌي ناول نگاريءَ جو اهو مسافر آهي. جنھن جي ادبي ڪيريئر تي ستن ناولن جي فھرست آهي. جن منجهہ پنج اصلوڪا آهن، باقي ٻہ ناول ترجمو ڪيا اٿس. هڪ فرنچ ناول ۽ ٻيو پنجابي “بنديوان” نالي سان ناول آهن. غلام نبي مغل جي ڪھاڻي جي ميدان ۾ بہ وڏي حصيداري آهي. سندس چار ڪھاڻي مجموعا اچي چڪا آهن. ۽ هو انھن تي ايوارڊ بہ ماڻي چڪو آهي.
غلام نبي مغل جي پھريتي ناول مڃتا ماڻي. سندس ناول جي موضوع جي سوشو پوليٽيڪل تاريخ ۽ وچولي طبقي جو نہ اسرڻ آهي. پوري ناول ۾ سنڌ جي تاريخي ڇنڊڇاڻ ۽ غلط مفروضن کي چٽيو ويو آهي.
غلام نبي مغل ذاتي طور ڪالمن ۽ ڪھاڻين کي گهٽ اهميت ڏيندو، ان ڳالھہ ساڻس ملي ڪري سڌ پئي ۽ ان ڳالھہ مون کي گهڻو متاثر بہ ڪيو. ناول جي شعبي ڏانھن غلام نبي مغل جي سنجيدگي هڪ خوشي ڏيندڙ احساس آهي.
سنڌي ۾ ائين ٿئي ٿو تہ نثر پڙهندڙ جو وڏو ڪال آهي ۽ ٻيو تخليق ڪار جيڪو لکي ٿو اهو ڇپرائي بہ پاڻ ٿو. ٻاهرين دنيا ۾ تہ ناول جا ڏھہ ڏھہ ايڊيٽر ويھن ٿا ۽ ناول جي سڀني پاسن کي ويھي ڇنڊين ڇاڻين ٿا. پوءِ ٿو ناول بازار ۾ اچي. سنڌي ناول اسان جو ان صورتحال مان گذري پيو. ان جاکوڙ سبب هڪ تہ اهو آهي جڏهن پڙهيو نہ ٿو وڃي تہ تنقيد ڪير ڪندو؟ مختلف رايا ڪٿان ايندا! سو ان سبب سنڌ ۾ پختي ۽ پراڻي ناون نگار کان بہ پنھنجن ناولن ۾ کوڙ چڪون رهجي ويون آهن. جيڪي مون کي مطالعي وقت سامھون آيون آهن ۽ انھن بابت لکي رهيو آهيان.
پروفيسر نامديو تارا ميرچنداڻي چيو آهي تہ “ آلوچنا هڪ ڪوڙي بادامي آهي. جيڪو لکي ٿو هن لاءِ بہ، جنھن بابت لکيو وڃي ٿو هن لاءِ بہ.”
سو سنڌ جا ليکڪ ۽ نقاد جيڪڏهن اهي ڪوڙيون باداميون کائڻ شروع ڪن ها تہ ناول ۽ تنقيدي ادب هن پل گهڻو اڳتي هجن ها.
“اوڙاھہ” ناول ۾ سنڌ جي ساڍا چار سو سالن جي سوشو-پوليٽيڪل تاريخ کي بيان ڪيو ويو آهي. سنڌ جي سول سوسائٽي جو نہ ٺھڻ ۽ سنڌ جي سورن ۽ ڏچن جا ڪارڻ ۽ حيدرآباد ۾ 80ع ۽ 90ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌي مھاجرن جي جهيڙن جي پس منظر ۾ لکيل آهي. “وطن يا واويلا” ناول ۾ ان وقت سنڌ جي وڏن شھرن ۽ سنڌين کي جيڪو نقصان ٿيو، ان ۾ سگهاري طرح ناول جي صورت ۾ آندو ويو آهي. شھري سنڌ خاص ڪري حيدرآباد شھر جي تباهي جو، سنڌين سان ٿيل ويڌن ۽ قتل و غارت بہ ان ناول ۾ تاريخي طور محفوظ ٿي وئي آهي. غلام نبي مغل تاريخ سان گهيري دل رکندڙ ليکڪ آهي سا بہ پنھنجي وطن سنڌ جي تاريخ ۽ ان ۾ مفروضا ڪاري.
2004ع ۾ غلام نبي مغل جو ٽيون ناول “مون کي ساھہ کڻڻ ڏيو” ڇپيو. اهو ناول ڪارو ڪاريءَ جي موضوع تي آهي. دونھاٽيل راتيون ۽ رولاڪ” غلام نبي مغل جو ٻيون ناول آهي. جيڪو پڻ بھترين ناول آهي. غلام نبي مغل جا ناول “اوڙاھہ ۽ “همئہ منصور هزار” موضوعاتي طور يڪسانيت ۽ هڪجھڙائي جو شڪار آهن. ٻنھي ناول ۾ هڪ ئي ڳالھہ سوشو-پوليٽيڪل تاريخ ۽ مڊل ڪلاس جو نہ جڙڻ ۽ تاريخي غلطين جي ڄاڻ جيڪا ساڍا چار سو سال کان 2012ع تائين هلي اچي ٿي.
“اوڙاھہ” ناول تي ان زماني ۾ فني پھلوئن تي تنقيد ڪئي وئي هئي پر “همئہ منصور هزار” بہ فني لحاظ کان کوٽل ناول آهي.
برنارڊشا چيو آهي تہ “قانون انھيءَ کان سواءِ ٻيو ڇا آهي تہ انھيءَ بھاني توهان کي ڦاسي چاڙهيو وڃي.”
ائين فن بہ تخليقڪار جي خيال کي ماري ڇڏي ٿو. بلڪل ائين ئي سائين غلام نبي ناول جي فني پاسن جي بنا پرواھہ جي پنھنجي ڳالھہ، سوچ اثرائتي نموني سان انھن ٻنھي ناولن جي صورت ۾ رکي ويو آهي.
فڪري نقطہ نظر سان غلام نبي صاحب جون لکڻيون مضبوط ۽ ڪارائيتون آهن. اهي پڙهڻ سان گهٽ ۾ گهٽ اسان جھڙو نوجوان رومانويت جي تصورن مان نڪري اچي ٿو.
ڪارل مارڪس مڊل ڪلاس لاءِ چوي ٿو؛ انقلاب جي راھہ ۾ سڀ کان وڏي روڪاوٽ مڊل ڪلاس طبقي جي آهي، ان جون نظرون آسمان تي ۽ پير گپ ۾ هوندا آهن.”
اها حقيقت آهي تہ اسان جو وچولو طبقو لالچي ۽ فريبي آهي. ان وٽ وطن جي مفاد بجاءِ ڇسا مقصد يا ننڍا مقصد آهن. جيئن نوڪري حاصل ڪرڻ ۽ بنگلو اڏڻ وغيرہ جيڪڏهن مڊل ڪلاس سھي معنيٰ ۾ جڙيل هجي تہ انقلاب اچڻ ۾ دير نہ ٿيندي ٻئي صورت ۾ اهو ئي ان جي روڪاوٽ آهي. وچولي طبقي جي بنياد تي مستقبل جون راهون متعين ٿينديون آهن. اسان کي تاريخي طور تہ ناڪام بڻائيندي وچولي طبقي کي اسرڻ ۽ نسرڻ نہ ڏنو ويو آهي. ان ۾ انھيءَ دؤر جي حڪومتن ۽ رياستي ادارن جو قصور آهي. جنھن کي غلام نبي مغل پنھنجي ٻنھي ناولن ۾ بحث هيٺ آندو آهي.
ارسطو چيو آهي تہ؛ “بھترين سياسي فرد، وچولي طبقي جا شھري ئي ٺاهيندا آهن.”
هي ٻئي ناول غلام نبي مغل صاحب جا تاريخي ناول آهن. جنھن ۾ هن سياسي قوتن جي نہ اڀرڻ ۽ انھن جي محرڪن ۽ وڇولي طبقي جي ارتقا ۽ جوڙجڪ کي تاريخي تناظر ۾ ڏسڻ-پيش ڪرڻ جي هڪ سٺي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌي قوم پنھنجي مختلف تاريخي دورن ۾ ڪيئن پئي منھن ڏنو آهي. ڌارين ڪھڙي حڪمت عملي سان سنڌين جي غلطين جو فائدو وٺي انھن تي حڪمراني پئي ڪئي اهو سڀ “همئہ منصور هزار” ۾ آهي.
هن ناول ۾ پلاٽ، ڪردارنگاري ڪنھن قدر ڪمزور آهن پر منظرنگاري، مڪالما تاريخي حقيقتون بي باڪي سان بيان ٿيل آهن. غلام نبي مغل جا موضوع جتي حيدرآباد، تاريخي واقعا ۽ سول سوسائٽي آهن. اتي سندس طارق اشرف بہ هڪ الڳ موضوع آهي. غلام نبي صاحب سھڻي رسالي جي باني ايڊيٽرن منجهان آهي. پاڻ طارق اشرف کي تمام گهڻو ويجهو رهيو آهي. اوڙاھہ ناول جي ارپنا ۾ غلام نبي مغل لکيو آهي تہ هيءَ ناول مون طارق اشرف جي چوڻ تي ئي لکڻ شروع ڪيو هو. اوڙاھہ جيان همئہ منصور هزار...! جي ارپنا بہ طارق اشرف کي ڪئي وئي آهي.
“همئہ منصور هزار..!” ناول جو مک ڪردار عبدالرحمان خان آهي. جيڪو زمينداري ۽ ڪاروباري ماڻھو آهي. ليکڪ ان کي ننڍو زميندار ڪري لکيو آهي. پر ناول ۾ ان جي موجودگي ننڍي ڪاروباري زميندار جي نہ آهي. مک ڪردار پاڻ ئي چوي ٿو “منھنجا ڀائر فيوڊل لارڊس ۾ شمار ٿي سگهنٿا. پر آئون هڪ لوئر مڊل ڪلاس جو سنڌي آهيان.” زيب النساءِ جيڪا ناول جو ٻيو ڪردار آهي. مک ڪردار عبدالرحمان خان زيب جو مڙس آهي. ناول جي شروعات ٻنھي جي ڳالھہ ٻولھہ سان ٿئي ٿي.
عبدالرحمان خان جيڪو پنھنجي سڀاءَ ۽ ڏيک ويک ۾ وڏيرو بہ آهي تہ ڪاليج ۾ هيومن بيوهيور ۽ انٿروپالاجي تي ليڪچر بہ ڏي ٿو. ٻئي جيڪا اهم ڳالھہ هن ڪردار سان لاڳو ٿئي ٿي اها سنڌ آهي. سنڌ جون ابتر حالتون ۽ پٺتي هجڻ هن کان برداشت نہ ٿو ٿئي. ۽ هو خودڪشي ڪرڻ جو اعلان ڪري ٿو ۽ ان بابت پنھنجي ڊاڪٽر ۽ دوستن سان رابطو ڪري ٿو ۽ چيف سيڪريٽري کي فيڪس بہ ڪري ڇڏي ٿو.
وڏيري خان کي هزار ايڪڙ ٻني آهي پوءِ بہ هو ننڍو زميندار آهي. سنڌي سماج ۾ مڊل ڪلاس جي نہ هجڻ تي وڏي ڳڻتي آهي ۽ هو رضاڪارانہ طور مرڻ جو اعلان ڪري ٿو. هيءَ سڄو ناول سنڌ پرستي ۽ قومپرستيءَ جي پلاٽ تي آڌاريل آهي. پر ان ۾ افسانوري يا دابي لحاظ کان نہ پر ليڪچر ۽ مضمون واري طرز تي شين کي بيان ڪيو ويو آهي. وڏيري وٽ اڪثر نوجوان عورتون ۽ ڇوڪرا ايندا رهن ٿا. جن سان هو ڪچھري ڪري ٿو. چيٽاڀيٽي وارا امتحان پاس ڪندڙ افسرشاهي لڏو بہ خان جو مھمان ٿئي ٿو. ناول نگار انھن افسرن ۽ نوجوان کان سوال ڪرائي ۽ وڏيري خان جو ڪردار انھن سوالن جي جواب ۾ تاريخي ۽ زميني حقيقتن تان پردو کڻي ٿو. وڏيرو خان عورت جي سورنھن سينگارن تي ڳالھائي ٿو تہ وقم جي وصف بہ ٻڌائي ٿو. صفحي 50 تي ناول نگار لکي ٿو؛
“ڪاڪو چنو ڪٿي ڪنھن تاريخ ۾ نظر اچي ٿو جنھن محمد بن قاسم جو ساٿ ڏنو ۽ تاريخي دور ۾ چنن جي ڪنھن فرد ائين ئي سنڌ جي اوائلي غدارن منجهہ پنھنجو نالو لکرايو.”
ناول نگار اهڙيون ڇرڪائيندڙ ۽ اڻ ڇھيل ڳالھيون ڪري ٿو جو پڙهندڙ حيرت ۾ پئجي وڃي. مغل صاحب پوري تاريخ کي پڙهيو آهي، سمجهيو ۽ پوءِ هن “همئہ منصور هزار...!” ۾ ان کي اٿلايو آهي. نوجوان نسل کي هي ناول ضرور پڙهڻ گهرجن. ناول نگار جي ڪن ڳالھين سان سھمت بہ ٿجي پر پڙهندڙ جي من ۾ اهو بہ سوال اٿي ٿو تہ “راجا ڏاهر سنڌي اصل نہ هو.” ناول نگار فلاڻو بہ سنڌي نہ هو. فلاڻي جو تعلق فلاڻي ملڪ سان هو وغيرہ جھڙيون ڳالھہ ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو آهي پوءِ ڀلا ان صورت ۾ ڇا ٿئي؟
صفحي 53 تي آهي تہ “ارغون، ترخان ۽ مغلن جي متعصب ۽ سنڌ متعلق پوري ڄاڻ نہ رکندڙ تاريخ نويس ٺٽي شھر لاءِ لکيو آهي تہ ايترو وڏو شھر هو جو ان ۾ پنج سؤ مدرسا، يونيورسٽي ليول جا هئا. جت ايران، عراق ۽ وچ ايشيا جا شاگرد علم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. اهي سڀ ڳالھيون Fantasies لڳن ٿيون.”
حقيقت ۾ مون کي بہ ان ڳالھہ تي اعتراض آهي تہ پنج سؤ مدرسا سو بہ يونيورسٽي ليول جا، ڇا سنڌ ۾ هن وقت 500 يونيورسٽيون آهن؟ مغل صاحب ڪوڙ تي ٻڌل تاريخي نقطن کي ڇني لاتو آهي. ناول ۾ ڪردارن جو لھجو منتقي ۽ جارحاڻو يا عقلي آهي.
ڪو بہ ناول تخليقڪار جي سوچ جو اولڙو هوندو آهي. غلام نبي مغل سنڌ جي هڙي حالت جيڪا پنھنجي پوري حياتي ۾ پئي ڏٺي آهي. انھن سڀني تجربن جوعڪس هي ناول آهي. ليکڪ لاءِ نہ صرف حيدرآباد هڪ ڪيفيت آهي پر سنڌ بہ هن لاءِ هڪ نينھن آهي ڪيفيت آهي جنھن ۾ هو پوري طرح لھي وڃي ٿو. سنڌ ڌرتيءَ ۽ وطن پرستيءَ جي ڪيفيت ۾ وتل هن ناول جا ڪردار وڏيرو خان سنڌ کي هڪ عورت جي روپ ۾ ڏسڻ لڳي ٿو ۽ هوءَ ڪمري ۾ اچي هن سان هيئن مخاطب ٿئي ٿي؛
“تون مون کي سڃاڻين نہ ٿو. آئون ڌرتيءَ ماءُ جو حصو آهيان. مون کي تون پنھنجي لاءِ ڌرتي ماءُ سمجهہ. آئون سنڌ آهيان.” پيج-66
۽ پوءِ وڏيرو خان پنھنجي ڌرتيءَ ماءُ لاءِ سڪ ۽ تڙپ ڏيکاري ٿو ۽ سنڌ پنھنجي اهنجن جو اظھار ڪري ٿي. ليکڪ ڪلھوڙن کي سنڌ جو حقيقي رهاڪو سمجهي ٿو. ۽ انھن بابت ۽ انھن جي غلط روين بابت هو لکي ٿو؛
“انھن ئي پنھنجي طاقت وڌائڻ ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ، پليجن سان گڏجي سنڌ جي پھرين ڪامريڊ شاھہ عنايت جهوڪ واري کي، مغل گورنر هٿان شھيد ڪرايو ۽ سنڌي عوام جي پھرين Socio-Economic تحريڪ کي ڏاڍ جي ذريعي ختم ڪرائي، سنڌ جي حڪومت حاصل ڪئي ۽ پنھنجي مذهبي تحريڪ کي بہ اڳتي وڌايو. پنھنجو بڻ بنياد سنڌ کان ٻاهر نبي ڪريم صلعم جي چاچي حضرت عباس رضہ سان ڳنڍي سنڌ ۾ قبائلي ۽ نسلي برتريءَ جي پيڙھہ جو پٿر رکيائون.” پيج-88
“ٽالپر پاڻ کي بلوچ سڏايو يا مير يا امير جو لقب ماڻيو ۽ پنھنجو پاڻ کي برتر نسل ڄاڻائڻ لاءِ پنھنجو پاڻ کي رسول ڪريم صلعم جي چاچي حضرت امير حمزہ رضہ سان وڃي ملايو. ٻروچن جون تاريخون پڙهڻ جھڙيون آهن. ڪي پاڻ کي امير حمزي سان ملائين ٿا تہ ڪي بروهي يا بلوچ پاڻ کي حام بن نوح جي نسل مان پيدا ٿيل نمرود سان ملائين جيڪو پاڻ کي نمرود بلوص سڏائيندو هو.” مٿئين راءِ ليکڪ صفحي 89 تي ٽالپرن بابت رکي ٿو.
ٽالپر دؤر ۽ حڪمرانن جون چڪون ڪيئن هنن سنڌ انگريزن حوالي ڪئي. ان جا محرڪ ۽ تاريخي نقطہ نگاھہ کي ليکڪ پرکي ٿو ڏاڍو پختگي سان حقيقت بياني ڪئي آهي. جئين هو هندن ۽ مسلمانن بابت لکي ٿو؛
“سنڌ يا هند ۾ اهو اصول اڪثر ڏسڻ ۾ ايندو آهي تہ هت جا هندو توڙي مسلمان، نسلي طور برتر سڏائڻ لاءِ هندوستان کان ٻاهر جي نسلن سان ملائين ٿا ۽ شايد اهو سمجهن ٿا تہ سنڌ هند کان بھتر نسل انساني نسل ايران، عرب يا وچ ايشيا ۾ رهندا هئا. ائين بلڪل نہ هو. پيج-90
اها حقيقت آهي تہ اسان اصلوڪا سنڌي هجون يا ٻاهران آيل هتي جا مختلف ماڻھو اهي تاريخي طور احساس ڪمتري جو شڪار رهيا آهن. ٿيڻ تہ ائين کپي جو اسان جي تاريخ، ثقافت ۽ تھذيب کي ڏسي ٻين دنيا جي نسلن کي اهيو ڪم ڪرڻ کپي پر اسان ان مرض مان ڪڏهن جند ڇڏاينداسين، ڪا خبر نہ آهي. هن ناول ۾ الائي ڪيتريون اهڙيون ڳالھيون آهن. جيڪي ڪوٽ ڪرڻ جھڙيون آهن. 400 صفحن تي مشتمل هن ناول جون اگر اهي حوالا ڏجن تہ تجزيو تمام ڊگهو ٿي ويندو. ناول ۾ ليکڪ ڏکيا ادبي، سياسي، سماجي، تاريخي، فلسفي ۽ ٻين علمن سان لاڳاپيل اصطلاح انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪم آندا آهن. پڙهندڙ کي اهي اصطلاح ڪٿ منجهائي بہ وجهن ٿا تہ ان مان ليکڪ جي علمي ادراڪ جو اندازو بہ ٿئي ٿو. اهي ڪنھن قدر قبول بہ ڪري وڃجن پر سنڌي ٻولي کي اردو انداز ۾ مذڪر مونث جو فرق نہ ڪري لکڻ قبولي نہ ٿو سگهجي، ان پاسي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.
جيئن صفحي 99 تي؛ “ڪامريڊ؛ پر سائين! اسان بحث conclude نہ ڪئي.”
ليکڪ ناول ۾ هندن لاءِ لکيو آهي تہ اهي هتان جا هئا ئي نہ ۽ هنن ڌرتيءَ ماءُ کي ڏاڍي آساني سان پٺي ڏئي ڇڏي ويا. ڀيرومل آڏواڻي جا مثال بہ ڏنا اٿس. هندن بابت اها راءِ ڪافي ڇرڪائيندڙ بہ آهي تہ اهي هتان جا هئا ئي نہ..
ناول ۾ ليکڪ سنڌ جي مختلف تاريخي دورن ۾ سنڌ ۾ سياسي ۽ تھذيبي سول سوسائٽي يا سماج جي بنياد بابت پنھنجي گهري تاريخي مطالعي ۽ سوچ سان نظر وڌي آهي. ان ۾ ڪنھن جو ڪھڙو ڪردار رهيو ۽ ڪن انھن کي پوئتي ڪيو. ٽالپر ۽ ڪلھوڙا دور ۾ سنڌ کي وڌ کان وڌ نقصان پھتو، جنھن بابت ليکڪ وڏيري خان جي واتان تفصيلي تشريح ڪرائي آهي. ادب ۾ تنقيد جو پورائو يا فرض ادائي جيڪي صنفون ڪن ٿيون انھن ۾ ناول تيز ۽ اڳڀرو آهي. ناول خود زندگي جي تنقيد بہ هوندو آهي. ناول نگار هتي ان جو فائدو وٺندي شخصيتن ۽ تاريخي واقعن، نعرن، قومن ذاتين وغيرہ تي تنقيد ڪئي آهي. ان کان اڳ انھن شخصيتن يا واقعن تي نہ ڳالھايو ويو آهي. 1857ع ۾ انگريزن جي خلاف سڄي سنڌ ۾ ڪٿي بہ ڪو آواز نہ اٿيو هو جڏهن تہ پوري هند ۾ جنگ لڳي پئي هئي. سنڌ ۾ ڪجهہ نوجوانن بغاوت ڪئي هئي تن مان ستن نوجوانن کي ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ وٽ سرعام ڦاهي ڏني وئي ۽ بارٽل فريئر هڪ لسٽ ٺاهي هئي انھن جي جن کي بغاوت نہ ڪرڻ عيوض جاگيرون ڏنيون ويون هيون. جنھن بابت ليکڪ صفحي 144 تي لکي ٿو؛
“ڇو نہ اها لسٽ ظاهر ڪئي وڃي ۽ انھيءَ کان علاوہ انھن مجاهدن بابت کوجنا ڪري حقيقتون ظاهر ڪن جيڪي ايمپريس مارڪيٽ وٽ ڦاسي چاڙهيا ويا. يار 1987 کي ڇا ياد ڪريون اسان تہ 4 مارچ 1967ع کي بہ وساري ڇڏيو آهي.”
اها حقيقت آهي تہ سنڌي قوم پنھنجي سياسي ۽ تاريخي جدوجھدن ۽ واقعن کي وساري سطحي مفادن جي پويان ڪاهي پئي آهي. ان ڪري اهي ڏينھن اسان کي ياد نہ رهيا آهن. صفحي 151 تي هڪ ڊائيلاگ آهي؛ جنھن تي مون کي اعتراض آهي. توڙي ليکڪ ان کي واضع ڪري لکيو آهي. “پر سنڌ بہ منھنجي امڙ وانگي شريڪ حيات آهي.” شريڪ حيات زال لاءِ ڪتب ايندو آهي.
مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جي قداور شخصيت ٿي گذري آهي. مغل صاحب مرزا قليچ شخصيت تي جنھن رخ کان تنقيد ڪئي آهي، ڳالھايو آهي اهو پاسو منھنجي خيال ۾ ڪنھن بہ ليکڪ نہ ڇھيو آهي. مغل صاحب صفحي 166 تي لکي ٿو؛
“مرزا صاحب ڪڏهن بہ سنڌ جي سياسي حالت تي پنھنجا ويچار ظاهر نہ ڪيا. مرزا صاحب کي تہ اها شڪايت هئي تہ منھنجو قدر سنڌ ۾ ايترو نہ ڪيو آهي جيترو ٿيڻ کپي ها. آئون تہ سمجهان ٿو تہ مرزا صاحب کي جيڪو شمس العلماءُ جو خطاب مليو اهو سنڌي ۾ لکڻ ڪري مليو، سو گهٽ نہ آهي.”
يا وري ناول جو ٻيو هڪ ڪردار ڪامريڊ هيئن چوي ٿو؛
“مرزا صاحب ذهني طور آخر تائين پاڻ کي انگريز جي ديسي Eliteڪلاس جو ميمبر سمجهندو رهيو. مرزا پاڻ کي غيرشعوري طور جارجيا سان بہ ڳنڍي رکيو. اهو نفسياتي ڪارڻ رڳو مرزا صاحب ۾ نہ پر ڪيترائي پرڏيھي ڪنٽب سنڌ ۾ آيا آباد ٿيا سي Physically ۽ Socially تہ سنڌ ۾ Assimilate ٿي ويا پر ذهني طور تي اڃا بہ سندن ذهن جي ڪنڊ پاسي ۾ ماضي ۽ Superiority جا احساس پنھنجي طور تي موجود هئا. پر جي ڪجهہ ماضي جي ڇنڊڇاڻ ڪبي تہ خبر پوندي جيڪو مان ۽ عزت، سنڌ سڀني کي ڏنو سوئي سڀ ڪجهہ آهي. مرزا صاحب جا وڏا ايران مان سنڌ ۾ ڪھڙي حالت ۾ آيا. مرزا کي پنھنجي ڏاڏي جي بہ خبر نہ هئي! نڌڻڪن غلامن جي صورت ۾ آيا. سنڌ کين ڇا ڏنو؟ مرزا صاحب تمام اعليٰ شخصيت هو ۽ سندن پويان ڪو بہ وارث يا خاندان جو ماڻھو اهڙي رتبي کي پھچي نہ سگهيو آهي. شايد وارثن جي مذهب سان وابستگي ۽ ٻئي علم، ادب ۽ فلسفي ۾ گهٽ دلچسپي ڪري انھي خاندان منجهان ڪو ٻيو عالم شخص سامھون نہ اچي سگهيو آهي.
سنڌ ۾ ناول نويسيءَ جي رفتار گهٽتائي جو ڪارڻ هڪ اهيو بہ آهي تہ ناول لکڻ هڪ نيئن دنيا تخليق ڪرڻ برابر آهي ۽ اهو ڪم ڏاڍو اوکو آهي. هر ڪردار جي اڻت، انھن جا مڪالما ۽ سوچ منظر سڀ هڪ ئي ناول نگار کي ادا ڪرڻا پون ٿا. ان ڪري بہ سنڌ ۾ ناول گهٽ تخليق ٿئي ٿو. سنڌي ليکڪ کان ايڏي مشقت نہ ٿي پڄي ۽ اسان جون معروضي حالتون بہ اسان کي ان خف هڙتال ۾ پوڻ نہ ٿيون ڏين.
مغل صاحب جو هي ناول “همئہ منصور هزار..!” سٺو ناول آهي. پر منھنجي خيال ۾ سائين ان کي ٻيھر چڱي طرح نہ ڏٺو هوندو. ناول ۾ گهڻيون ڳالھيون Repeat ٿي ويون آهن. 1. ايمپريس مارڪيٽ وارو واقعو 2. ٺٽي ۾ پنج سئو مدرسا يونيورسٽي ليول جا هئا. 3. مرزا قليچ بيگ واري ڳالھہ. ساڳئي ڳالھہ بار بار اچڻ سان خوبصورتي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ پڙهندڙ بوريت جو شڪار ٿي پوي ٿو. اهي شيون Rewrite ڪرڻ وقت ٺيڪ ڪرڻ کپنديون هيون. يا وري ليکڪ کي لکڻ وقت ياد نہ رهيون آهن تہ اهي ڳالھيون اڳ ۾ بحث هيٺ اچي چڪيون آهن.
ليکڪ هالن جي مخدومن ۽ حر تحريڪ تي پڻ تنقيد ڪئي آهي جيڪو هڪ معلوماتي بحث آهي. خاص ڪري رومانس ۾ رهندڙ سنڌين کي اهي ڳالھيون ضرور پڙهڻ گهرجن. اندروني ۽ بيروني سنڌ وارو فضول اصطلاح صفحي 205 تي مغل صاحب جو سچيت ليکڪ بہ استعمال ڪري ويو آهي. جنھن تي مون کي بي حد افسوس آهي. اسان ليکڪن کي اهڙي پروپينگنڊہ وارن اصطلاحن ۽ محاورن کان عقلمندي کان ڪم وٺندي ڪم نہ آڻڻ گهرجي. اميد تہ سائين اڳتي اهڙن اصطلاحن کان ذهن ۾ رکندو.
ناول جي مک ڪردار وڏيري خان جو دوست آهي جيڪو آمريڪا مان آيو آهي NIR ۽ پراڻو ڪامريڊ آهي. پوري ناول ۾ وڏيري خان ۽ ڪامريڊ جي ڊگهي گفتگو ۽ مڪالما آهن. جنھن ۾ ورجاءُ گهڻو آهي. صفحي 269 تي سڄو هڪ پيج Repeated آهي.
محترم ليکڪ جتي مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين شخصيتن تي تنقيد ڪئي اتي هن سائين جي ايم سيد کي بہ تنقيد جو نشانو بنائيندي لکيو آهي تہ “ سنڌ ڪڏهن بہ مسلم ليگ جي معاملن ۾ حصو نہ ورتو سواءِ سائين جي ايم سيد جي جنھن مسلمان ملڪ جي لاءِ قرارداد اسميبليءَ مان پاس ڪرائي ۽ ڌمڪي ڏني تہ جي ائين ٿيو تہ سنڌ ۾ سول وار شروع ٿي سگهي ٿي. پوءِ بہ اسين ڏسون ٿا تہ سائين جي ايم سيد، جناح سان اصولي جنگ نہ ڪئي پر سيد سڳورن کي ڪجهہ وڌيڪ سيٽون نہ ملڻ تي مسلم ليگ مان نڪري آيو. آئون سمجهان ٿو تہ سائين جي ايم سيد مسلم ليگ مان نہ نڪري ها تہ شايد حاڪمن جي ايوانن ۾، سرڪاري ميمبر جي حيثيت منجهہ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ان وقت جي حالتن مطابق، سنڌين لاءِ وڌيڪ بھتر رول ادا ڪري سگهي ها ۽ لياقت علي جي ٽولي کي سياسي منھن ڏئي سگهي ها. (پيج-270)
منھنجي خيال ۾ تحقيقي ۽ افسانوي ادب ۾ اگر ڪنھن شخصيت لاءِ لکيو ويندو آهي ان ۾ ان جو صرف نالو لکبو آهي. ان جي نانءُ اڳيان سائين يا پٺيان صاحب نہ لڳائبو آهي. ليکڪ کي Civil War واري ڳالھہ واضع ڪري لکڻ گهربي هئي. ليکڪ جي تاريخ جي مطالعي، اهو سياسي هجي يا سماجي جي قابليت ۾ ڪو بہ شڪ نہ آهي. پر جيتري قدر مون پڙهيو آهي تہ اها سيٽن جي جنگ نہ هئي ان جو تہ صرف جناح بھانو بڻايو هو. جي ايم سيد ۽ جناح ۾ اها اصولن ۽ سچائي جي جنگ هئي. ترقي پسند ۽ رجعت پسند ڌڙن جي ويڙھہ هئي. جنھن بابت سائين جي ايم سيد پنھنجي ڪتاب “نيئن سنڌ جي لاءِ جدوجھد” ۾ تفصيلي لکيو آهي. باقي ليکڪ جي پوئين راءَ سان متفق آهيان تہ جي ايم سيد سرڪاري مميبر جي حيثيت ۾ سنڌين لاءِ گهڻُ ڪجهہ ڪر سگهي ها. پر جنھن طرح سان جناح سارزشون ڪري ڌانڌليون ڪرايون ۽ پنھنجي هٺ ڌرمي سان فيصلا ڪيا. اهي بہ ڏسڻ گهرجن.
مرزا قليچ بيگ ۽ جي ايم سيد کان علاوہ ليکڪ جن شخصن تي تنقيد ڪئي آهي اهي پير علي محمد شاھہ راشدي ۽ امر جليل آهن. ليکڪ پير علي محمد شاھہ راشدي لاءِ لکيو آهي تہ؛
“پنھنجي مطلبکي حاصل ڪرڻ لاءِ، پنھنجي ملڪ يا پنھنجي مذهب جي بہ پرواھہ نہ ڪندو هو.”پيج-270
علي محمد شاھہ راشدي وزيراعظم ڀٽي کي چئي 35 سنڌي رسالن اخبارن ۽ ڪتابن تي پابندي وجهرائي. سنڌي اديبن کي ٻڌرايو. ان سڄي ڪارگذاريءَ ۾ سھڻي رسالي ۽ طارق اشرف عتاب جو شڪار رهيا.
ليکڪ امر جليل جي افساني کي فحش افسانو لکيو آهي. “سرد لاش جو سفر” ڪنھن بہ لحاظ کان فحش نہ آهي. ليکڪ جي امر جليل تي ڀلي ڪيڏي بہ ڪاوڙ هجي پر ڪھاڻي تي ڪاوڙ نہ هجڻ گهرجي. باقي امر جليل جي ڪردار تي ڳالھائي سگهجي ٿو. اڄ جو نئون نسل امر جليل کان گهڻو متاثر آهي پر امر جليل جيڪي عمل ڪيا آهن ڪجهہ انھن کي بہ منظر تي آندو وڃي. تاريخ ۾ عظيم ليکڪ هميشہ باغي ۽ حڪومت جي ٽڪر ۾ رهيا آهن. پر امر جليل هميشہ حڪومتي ملازم رهيو آهي. ڊڄڻو رهيو آهي. ليکڪ جي امر جليل تي ڪجهہ تنقيد واجبي آهي يا اها ان جي راءِ ٿي سگهي ٿي ۽ اهو ان جو جمھوري حق بہ آهي. جنھن ۾ شيخ اياز تي بہ لکيو ويو آهي جڏهن طارق اشرف گرفتار ٿيو تہ امر جليل جنھن جي افساني ڪري هو عذاب ۾ پيو اهو تہ خاموش هو پر سڄو ترقي پسند گروھہ گم هو. پيج -278 تي لکي ٿو تہ ؛
“دانشورن ۾ جيڪي مناقف هئا سڀ خاموش رهيا. کين ڀٽو جي دور ۾ سنڌي ڪتابن ۽ مخزنن تي پابندي ۽ هڪ ايڊيٽر جي گرفتاري تي شايد ڪو افسوس نہ ٿيو. سندس مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لائن آف ايڪشن ٻي هئي. شيخ اياز مرحوم هميشہ چاهيندو هو تہ سندس بھتر شعر سھڻي ۾ ڇپجن. اهو بہ وڪيل هو. خاموش رهيو. ڀٽي صاحب جي ناراضگي سندس مستقبل لاءِ بھتر نہ هئي. امر جليل سنڌ مان جان ڇڏائي اسلام آباد جي ٿڌين هوائن ۽ ملٽي اسٽورڊ بلڊنگس جي ڇانو ۾. اتي ئي حياتي جا جوان ڏينھڙا گذاري، ڪلچرل ادب ۽ سنڌي ادب جي ڄاڻو ۽ پنھنجي اجگر نالي کي بيوڪريسي جا ڪانٽڪريٽ جي جهنگ ۾ استعمال ڪري، اردو، انگريزي ۽ سنڌي تخليقڪار جي حيثيت سان پاڻ مڃرايو ۽ اعليٰ عھدا ماڻيا. هوڏانھن طارق اشرف سينٽر جيل حيدرآباد، سنيٽرل جيل سکر ۽ ڪراچي جي لاڪ اپس ۾ ٽيويھہ مھينا ڪاٽي ڊڪٽيٽر ضياالحق جي ڏينھن ۾ آزاد ٿيو جو انھيءِ ڊڪٽيٽر کي طارق اشرف منجهان خوف ڪو نہ هو.”
اڳ ۾ چئي آيو آهيان تہ ليکڪ لاءِ طارق اشرف بہ هڪ خاص موضوع آهي. هن ناول ۾ هن 10 کان 15 صفحا طارق جي حوالي ڪيا آهن. جن ۾ طارق اشرف جو ذڪر آهي. جنھن ۾ ڪافي ڇرڪائيندڙ انڪشاف بہ آهن. ليکڪ عبدالقادر جوڻيجي جو ابراهيم جويي کي لکيل خط جو بہ حوالو ڏنو آهي. جنھن ۾ طارق اشرف کي پنجابي چيو ويو آهي. ابراهيم جويو بہ طارق اشرف کان ارهو هو. ايم ڪيو ايم جو منشور جو اشارو عبدالقادر ڏانھن ڏنو ويو آهي.
ناول جي ٻوليءَ ۾ ڪافي دقيق جملا ۽ اصطالح ڪم آندا ويا آهن. تاريخي محاوره ۽ ڳالھيون آهن اتي ناول جا ڪردار هيٺين قسم جا ولگر مڪالما بہ ڳالھائين ٿا پيج-306
“آئون کلندي چوندو آهيان هاڻ تہ ڪمر نہ پر ڪمرو ٿي پئي آهي.”
اهڙي قسم جي تہ موبائيلن تي فحش SMS ايندا آهن. ڪامريڊ جھڙو ڪردار وري اهو جملو چوي ٿو. ناول جي ڪردارن جي ٻوليءَ تي سنڌي اردو جو رنگ چڙهيل آهي. صفحي 320، 326، 327 تي وڏا وڏا Passages ورجائي ٻيھر ڏنا ويا آهن. ليکڪ جي ايم سيد لاءِ 312 صفحي تي لکيو آهي؛ “جي ايم سيد وٽ نيئن دور جي سياسي ڏاهپ جي اڻ هوند هئي. جنھن ڪري سنڌ اڃا سورن ۾ آهي.”
منھنجي خيال ۾ ليکڪ جي اها راءِ گهڻي جذباتي ۽ اٻھرائي تي ٻڌل آهي. هر هلندڙ دور نئون هوندو آهي. جي ايم سيد جي سياسي ڏاهپ ۽ حڪمت عملي سان پوري 20هين صدي دور پاڪستان ٺاهيو ۽ وڏا وڏا پليٽ فارم جوڙي ڪوششون ڪيون اهو تاريخ جي رڪارڊ تي آهي ۽ سنڌ جي سورن جو ذميوار رڳو سيد سائين نہ پر گهڻا پير مير، جاگيردار ۽ غدار آهن. جن بابت خود ليکڪ ناول ۾ گهڻي اپٽار ڪئي آهي.
هن ناول کي جيڪڏهن تاثراتي تنقيد جي پرائي ۾ ڏٺو وڃي تہ ليکڪ ڪنھن جو بہ اثر نہ قبوليو آهي. سندس اسلوب ۾ ڳالھيون ۽ زاويه نظر هن جو نج پنھنجو آهي. قومي سياست، سول سوسائٽي ۽ سنڌ جي صورتحال کي جيئن هو ڏسي ٿو. شيون تقريبن ائين آهن باقي شخصيتن جي حوالي سان هن سان اختلاف بہ رکي سگهجي ٿو تہ سھمت بہ ٿي سگهجي ٿو.
مرزا قليچ بيگ، پير علي محمد شاھہ راشدي، شھيد ڀٽو، شيخ اياز يا امر جليل جي لاءِ مون کي ڪارل مارڪس جي هڪ چوڻي ياد ٿي اچي؛
“جيڪڏهن ڪو ماڻھو فقط پنھنجي ذات لاءِ ڪم ڪري تہ گهڻو ممڪن آهي هو وڏو فاضل انسان بڻجي وڃي يا وڏو شاعر، عارف ٿي وڃي، پر هو مڪمل انسان يعني عظيم انسان ڪڏهن بہ ٿي نہ ٿو سگهي.”

• ناول ۾ سنڌ تي ٻاهرين حملن ۽ قتلام جي نقصانن کي ڏيکاريو ويو آهي.
• ناول ۾ حيدرآباد شھر جي اڏجڻ جي تاريخ ۽ پس منظر جي عڪاسي ٿيل آهي.
• ٽالپرن ۽ ميرن ڪيئن هار کاڌي، هڪ ٻئي کي شڪست ڏئي، انگريزن کان تاريخي هار کاڌي بہ ناول ۾ چٽيل آهي.
• انگريزن جي سنڌ تي قبضي بعد ڇا ڇا ٿيو؟ وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري جو مستقبل ڪيئن سيٽ ڪيو ويو. فائدا ۽ نقصان خاص طور سول سوسائٽي جي جڙڻ کي فوڪس ڪري ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي.
• پياري پاڪستان ٺھڻ بعد سنڌ سان ڪھڙي ويڌن ٿي ۽ ڪيئن بي ايماني ۽ غداري سان سنڌ سان جٺيون ٿيون آهن. ان تي ليکڪ ڏاڍو تفصيل لکيو آهي.

مٿئيون پنج پوائيٽس ليکڪ جي پھريئن ناول “اوڙاھہ” ۾ اڳ ۾ اچي چڪيون آهن ۽ اهي ئي ڳالھيون وري ٻئي ناول “همئہ منصور هزار..!” ۾ بہ بحث هيٺ آنديون ويون آهن. مون کي تہ “اوڙاھہ” ۽ “همئہ منصور هزار..!” ۾ ڪو بہ خاص فرق نظر نہ ٿو اچي سواءِ ڪردارن ۽ جاين جي.
اوڙاھہ ناول جي انت ۾ هڪ نيئن اسرندڙ سنڌ ڏيکاري وئي آهي. ۽ ناول “همئہ منصور هزار..!” جي ڪلائيمڪس بہ هڪ اهڙي سنڌ جا عڪس قلمبند آهن. جنھن ۾ نوجوان سنڌ ماتا سان وفاداريءَ جو وچن ڪندي سنڌ جي راڄڌاني جي سمنڊ ڪناري ڏيکاريا ويا آهن ۽ ناول جا مک ڪردار اهو سڄو منظر ڏسي خوشي خوشي گهر روانا ٿين ٿا. خبر ناهي ليکڪ ٻنھي ناولن ۾ ڇو ساڳيو مرڪزي خيال رکيو آهي.
رچرڊسن چيو آهي؛ “منھنجي نظر ۾ تنقيد اها شيءَ آهي، جنھن ۾ اسان تجربن ۽ مشاهدن جي ڇنڊڇاڻ ڪريون ۽ پوءِ انھن جو قدر ۽ قيمت مقرر ڪريون.”
غلام نبي مغل صاحب جا تجربا ۽ مشاهدا تاريخي ناولن جي صورت ۾ گهڻا لاڀائتا ۽ معنيٰ خيز آهن. سنڌي ناول نگاريءَ ۾ سندس حصيداري کي اسان نھايت ئي مان ۽ عزت جي نگاھہ سان ڏسون ٿا. مغل صاحب جي ناولن کي اڳيان رکي اسان کي تاريخ جي پيچيده معاملن کي درست رخ ۾ ڏسي سھي ڪرڻ گهرجي. غلام نبي مغل جا ناول معياري ۽ خوبصورت آهن ۽ انھن سان هن پنھنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ۽ حيثيت ٺاهي آهي. مون پنھنجي سمجهہ آهر سندس ناولن جي هلڪي ڇنڊڇاڻ پيش ڪئي آهي. جيڪا ٻيا نقاد بہ ڪري سگهن ٿا. پر مغل صاحب جي ناولن کي هر سنڌ دوست کي ضرور مطالعو ڪرڻ گهرجن تہ جيئن تاريخي سچائين جي کين خبر پوي.