يار محمد چانڊئي جي ناول ”اجري ڌرتي ميرا ماڻھو“ جي اوک ڊوک
ٽرمپ جي اهڙي رائي جي روشني ۾ ڏٺو وڃي تہ واقعي اڄ جديد دؤر ۾ سنڌي ادب ۾ اهڙو معياري قسم جو نثر نٿو لکيو وڃي. نثر جون صنفون خاص ڪري ناول، مضمون نويسي، آتم ڪٿائون سوانح عمريون ۽ ڪھاڻي ۾ گهٽ لکيو وڃي ٿو. هوڏانھن نظم ۾ غزل، وائي ۽ نثري نظم ترقي ڪري اوج تي رسيا آهن ۽ انھن صنفن تي طبع آزمائي ڪرڻ وارا بہ گهڻا آهن. پر ناول نگارن جي ۽ سٺن پوسٽ ماڊرن تي ناولن تمام گهڻي کوٽ ۽ اڻاٺ آهي.
ماضي ۾ لکيل ناول “رهجي ويل منظر” ۽ ان کان پوءِ ڪجهہ لکيل چار پنج ناول ۾ ننھن ۽ ماس واري ويجهڙائي آهي، واقعن جي ۽ ڪردارن جي. پڙهندڙ کي ائن محسوس ٿيندو سواءِ چند شين جي سڄي ڳالھہ جھڙوڪ نقل ڪيل هجي.
تاج بلوچ جو شعر آهي:
ڪو نئون موڙ ڏيو فساني کي،
ڪيترو داستان ۾ رهبو.
پٿرن جو شھر، تون هڪ خواب آهين، ڪيف ڌارن ڪوءَ، ۽ تو پڄاڻان، کي رهجي ويل منظر واري ساڳئي داستان تان کڻي ان ۾ رڳو ٿوري مٽ سٽ ڪري ساڳيو ساڳيو پٽڻو پٽيو ويو آهي. ڪو بہ نئون موڙ ڪا بہ نئين ڳالھہ ناهي.
انگريز ناول نگار جارج آرويل چيو آهي: “جيڪو بہ ليکڪ سياسي واقعن کان ڪن لاٽار ٿو ڪري، پوءِ اهو ليکڪ يا تہ بڪواز ٿو ڪري، يا گڏھہ جو ڦر آهي.” اها ڳالھہ جارج آرويل تڏهن چئي جڏهن عالمي جنگ ۾ اٽليءَ جون فوجون زمين آسمان هڪ ڪنديون حبش ۾ گهڙي رهيون هيون ۽ ٻئي پاسي هٽلر جا عقوبت خانا ماڻھن جي جسمن سان سٿيا پيا هئا. اهو ڪو اهڙو وقت تہ نہ هو جو ويھي پئرس جي گهٽين ۾ شراب وڪڻندڙ حرام خور آمريڪين جي باري ۾ سٺو ناول لکجي.
سنڌ ۾ هندن جون ڌرم شالائون ۽ مندر ۽ انھن جي گهرن ۽ نياڻين جي عزتن تي حملا هڪ وڏو سياسي اشو رهيا آهن ۽ رهندا پيا اچن، انجلي ڪماري کان ويندي لاڙڪاڻي ۾ ڦھلايل هٿرادو انتھاپسنديءَ ڪري ساڙيل ڌرم شالا ۽ مندر واري سياسي واقعي جي موضوع تي سنڌ جي باصلاحيت نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ هاڻي ناول نگار بہ، يار محمد چانڊيي تمام سٺو ناول”اجري ڌرتي ميرا ماڻھو” نالي لکي پنھنجو ادبي فرض نڀايو آهي.
جيڪو سھڻي شاعر، بھترين ڪھاڻيڪار ۽ ڪنول پبليڪيشن جي چئيرمين سعيد سومري سڪ مان تحفي ۾ ڏنو. ڪنول پبليڪيشن جو ڪم تمام وڏو آهي، جيڪو سنڌي ادب ۾ انتھائي سگهارو بہ آهي. خير سعيد تي ڪنھن ٻئي ڀيري لکندس. هن دفعي “اجري ڌرتي ميرا ماڻھو” جي اوک ڊوک ٿا ڪريون، جيڪا سعيد پاران منھنجي لاءِ چئلينج بہ هئي.
يار محمد چانڊيي جو اڳ ۾ ڪھاڻين جو ڪتاب “جنم جنم الميو” بہ ڇپيل آهي. جيتوڻيڪ مون اهو نہ پڙهيو آهي. پر سندس ايڪڙ ٻيڪڙ ڪھاڻيون پڙهيون اٿم. سندس ڪھاڻين جا موضوع هميشہ ٻھراڙي جي ڪردارن سان ٻھڪيل آهن، خانداني جهيڙا، وڏيرن جون حرام پائيون، گهرن ۾ هلندڙ جنسي بي راھہ روين بابت ڪھاڻيون لکندو رهيو آهي. نوان خيال، نون سلسلا ۽ نوان احساس سندس ڪھاڻين ۾ گهٽ نظر آيا اٿم.
جيتري قدر هن ناول جو سوال آهي تہ يار محمد هن ناول ۾ بہ ڳوٺاڻي زندگي جو چٽ چٽيو آهي. جيڪو هت چڱو اثردار آهي ۽ اهڙو ماحول انڊيا جي ناولن ۾ درلڀ آهي.
ليکڪ پاڻ پنھنجي ڪردارن جو ڀڳوان هوندو آهي. ڪردارن تي اچڻ کان اڳ ۾ پلاٽ/ڪھاڻي تي ٿا ڳالھايون. اسان مٿي چئي چڪا آهيون تہ هي ناول هندن سان ٿيندڙ ڏاڍائن سندن ڌرم شالن ۽ مندرن کي ساڙن واري سياسي واقعي تي لکيو ويو آهي. پورو واقعو روپورٽنگ واري انداز ۾ بيان ٿيل آهي ڊرامائي انداز بہ گهڻو اٿس، اهو ادبي ذوق کان قاثر آهي.
پلاٽ ڪھاڻي جو تاڃي پيٽو هوندو آهي. ڪھاڻي ۾ پلاٽ جو هئڻ تمام ضروري آهي. پلاٽ معنيٰ ڪا اهڙي ڳالھہ ڀلي اها ائبسٽريڪٽ ئي هجي، پر توجھہ ڇڪائي، اها ڪھاڻي ئي ڪھاڻي چئبي آهي. هن ناول جو پلاٽ/ڪھاڻي ڌيان ڇڪائن ٿا. ها ڳالھہ پئي ڪئي ڪردارن جي تہ ڀڳوان يار محمد چانڊيي ڏاڍا مضبوط ۽ ڪميٽيڊ ڪردار خلقيا آهن، ڪردارن ۾ ڪافي اوڻايون آهن.
وشال، ڪلپنا، آرزو ۽ ماهين هن ناول جا مرڪزي ڪردار آهن ۽ پوري ڪھاڻي هن ڪردار جي چؤگرد گهمي ٿي. ناول جا ٻيا ڪردار سرتاج، صابو، جيجي، ڪاڪو پرڪاش، دودو، ماھہ لقاء، دل مراد، موهن ۽ ساگر جيڪو اسلام آباد ۾ رهندڙ وشال جو دست آهي.
وشال هڪ ڳوٺاڻو آهي جيڪو شھر ۾ قانون جي ڊگري وٺي وڪالت ڪري ٿو ۽ انسانن جي حقن جي تنظيم ۾ ڪم ڪري ٿو. ڪلپنا جيڪا وشال جي وڪالت ۾ هم ڪلاسي ۽ پاڙيسرڻ آهي. وشال کيس گهڻي محبت ڪري ٿو. ماهين وشال جي پڦاٽ ۽ ڳوٺاڻي ڇوڪري آهي. جيڪا وشال کي گهڻو چاهي ٿي. هڪ ٻئي ڳوٺاڻي آرزو بہ وشال جي محبت ۾ چور چور آهي. پوري ڪھاڻي انھن چئني ڪردارن جي ڪٿا آهي. رومانوي ڳالھين سان شروع ٿيل ناول ۾ ڳوٺ جا ماڻھو هڪ ڪوڙي مرشد جي چؤڦير اچي ڦالون ۽ آسون پوريون ڪرائڻ لاءِ گڏ ٿين ٿا. ناول جي هيرو وشال کي بہ پنھنجا ماءُ پيءُ وٺي اچن ٿا. وشال مرشد کي ڍونگي سمجهي ۽ سڏي ٿو ۽ ڳوٺاڻن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. نتيجتن اهوئي مرشد ڳوٺاڻي ڇوڪري آرزو کي ڀڄائي وڃي ٿو.
اڄ جڏهن دنيا چنڊ ۽ ٻين دنيائن کي سر ڪري کوجنائون ڪري اتي رهڻ جا سانباها ڪري رهي آهي اتي اسان جا ماڻھو پير پرستيءَ ۾ گهيريل انڌ جي گهوڙي تي مرشدن ۽ پيرن کان نيرانہ اولاد وٺڻ جي چڪر ۾ آهن. ليکڪ ان شيءَ کي غلط سمجهي ٿو ۽ نندي ٿو اها ساراھہ جوڳي آهي.
ناول ۾ ادبي هڳاءُ سان ڀرپور سٺا مڪالما بہ آندا ويا آهن. جئين:
• “جڏهن شعور جي روشني جھالت جي انڌيري ۾ ڪاهي پوندي آهي، تڏهن تبديلي جو جنم اڻ ٽر هوندو آهي.”
• “دنيا ۾ دولت ۽ شھرت جا بکيا ڪڏهن بہ انقلاب نہ آڻي سگهندا آهن”
• قصور نہ تنھنجو آهي نہ منھنجو ۽ نہ ئي ڪلپنا جو..!! قصرو هٿ ٺوڪين روايتن جي علمبردار سماج جو آهي، جنھن جي فيصلن ۾ ڌرتيءَ جا غير فطري ورهاڱا ٿين ٿا ۽ قومن ۾ نفرت جو ٻج پوکجي ٿو.”
راجا دسرٿ کي ٽن راڻين تي ڪو احساس گناھہ ڪونہ ٿيو ۽ رام ان تي ڪڏهن ٽوڪ نہ ڪئي. بدلجندڙ سماج ۽ سوچ ليکڪ کي ڪٿي بہ وٺي وڃي سگهن ٿا. هن ناول ۾ بہ ناول جي هيرو کي ٽي محبوبائون آهن. جنھن جو اعتراف هو خود ناول ۾ ڪري ٿو تہ مون کي ٽي پريون هيون. سنڌي ناولن ۾ اها روايت پئجي وئي آهي تہ جيڪو بہ ناول لکي ٿو ان ۾ ناول جي هيرو کي ٽي يا ان کان وڌيڪ معشوقائون هجن ٿيون. هن ناول ۾ بہ وشال کي ٽي پيار ڪندڙ ڇوڪريون آهن. هڪ کي وشال چاهي ٿو، هڪ وشال کي چاهي ٿي ۽ ٻئي ماهين کي وشال جا مالڪ هن پسند ڪن ٿا ۽ هوءَ وشال تي اڪن ڇڪن آهي. اها سنڌي رومانوي نالون ۾ ٽن راڻين رکڻ واري روات جو پھلو گهڻو بحث ۽ تنقيد طلب آهي. جنھن سان يڪسانيت ۽ ورجاءُ محسوس ٿئي ٿو. آرزو جيڪا وشال سان گهڻي محبت ڪري ٿي. اها هڪ ڍونگي مرشد سان ڀڄي وڃي ٿي. آرزو ڳوٺاڻي ۽ مسلمان پيري مريدي ۾ يقين رکندڙ ڇوڪري آهي اها وشال جي پاڻ وڇائڻ لاءِ تيار هجي ٿي. ايترو بي باڪي سان هوءَ سڀ ڪجهہ چئي ڏئي ٿي، جيڪو هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪري جي ڪردار سان ٺھڪي نہ ٿو.
آرزو جڏهن مرشد وٽ موجود آهي ۽ وشال اتي مرشد کي مڃڻ کان انڪار ڪري ٿو ۽ جهڪي نٿو گهٽ وڌ ڳالھائي ٿو تہ ڳوٺاڻا مٿس لتن مڪن سان حملو ڪن ٿا. اتي وشال جا ماءُ پيءُ بہ بيٺا آهن. آرزو جيڪا وشال سان محبت ڪري ٿي وشال جا والدين کيس بچائڻ لاءِ ڪا مزاحمت نٿا ڪن نہ ئي ڇڏائين ٿا، اهو عجيب لڳي ٿو ۽ ناول ۾ اهو منظر/واقعو غيرحقيقي ۽ فلمي لڳي ٿو. آرزو جڏهن وشال سان محبت ۾ ايتري گرفتار آهي تہ هوءَ مرشد سان ڇو ڀڄي وڃي ٿي. ورجل چيو آهي: LOVE CONQUERS ALL. تہ پوءِ آرزو هن جي پيار ۾ ويھي رهي ها، جئين اڪثر ٻھراڙي ۾ ڇوڪريون ويھي انتظار ڪنديون آهن. پر ڪردارن جو ڀڳوان تہ ليکڪ هوندو آهي. ۽ ليکڪ هروڀرون ناول ۾ ائڊوينچر پيدا ڪرڻ جي لاءِ طاوئف بڻائي ٿو ۽ اسلام آباد تائين سنڌي ڇوڪري جي جسم کي نيلام ڪري ٿو. سچا ۽ ڪميٽيڊ پريمي اهڙو قدم نہ کڻندا آهن جيڪو آرزو کان ليکڪ کڻائي ٿو.
ٻيو ناول جو هڪ واقعو جنھن ۾ وشال ۽ ڪلپنا جي لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ موجود آهن ۽ مريضن جي ڊاڪٽرن پاران واهر نہ ڪرڻ تي جڏهن وشال ڪلپنا مريضن جي مالڪن کان پڇن ٿا تہ “توهان ڪٿان آيا آهيو؟” هو ٻڌائن ٿا بلوچستان قلات مان... ۽ جڏهن تہ مريض کي گوليون لڳل آهن. ڪيڏي نہ عجيب ۽ ناسمجهي واري ڳالھہ آ تہ بلوچستان قالت مان گوليون لڳل مريض لاڙڪاڻي تائين زندھہ بچي پھچي ٿو. اها بہ حقيقت بنھہ ابتي ڳالھہ آهي.
ڪاڪو پرڪاش جيڪو ناول جي هيروئن ڪلپنا جو پيءُ آهي. انقلابي ۽ شاعر آهي. اهو وشال کي شاعري ٻڌائي ٿو سان بہ ڪارو ڪاري تي... جنھن سان ائين لڳي ٿو تہ نوان سلسلا ۽ جذبا ناول ۾ گهٽ پويا ويا آهن. ڪارو ڪاري واري ساڳي موضوع جو ورجاءُ محسوس ٿئي ٿو، جيڪو تمام گهڻو ورجايو ويو آهي. ڪھاڻين شاعري ۽ ناولن ۾... پر ان شاعري ۾ بہ ڪا جدت نہ آهي ڪو نئون احساس نہ ٿو اڀري.
ليکڪ آرزو جي بيوفائي کي ٻہ دفعا يوسف زليخان واري مذهبي قصي سان تشبيھہ ڏئي ٿو منھنجي خيال ۾ اها تشبيھہ سراسر غلط آهي ۽ ٻنھي جي(يوسف زليخان ۽ وشال آرزو) صورتحال ۾ ڏينھن رات جو فرق آهي. آزاد بلوچستان ۽ سنڌ ديس واري ڳالھہ بہ ليکڪ کي رپورٽر وانگر نہ پر آرٽسٽ وانگر رکڻي هئي.
موهن جي دڙي تي ڪلپنا ۽ وشال گهمڻ وڃڻ وارو واقعو... جتي ميوزم ڇوڪرا هڪ ڇوڪري کي ڇيڙن ٿا ۽ اهي ڪي وڏيري جي بگڙيل اولاد آهن ۽ ان تان وشال انھن سان جيڪي ڊائلاگ ڪري ٿو سي بہ ٺيٺ فلمي ۽ اهو پورو منظر فلمي ۽ هڪ ڊرامي جي سواءِ ڪجهہ ناهي. گوليون هلن ٿيون ۽ ڪلپنا ۽ وشال کي اتفاق سان ٻانھن ۾ ئي گوليون لڳن ٿيون. مون کي تہ پوري ناول ۾ اهو واقعو فضول ۽ زبردستي ڏنل لڳو.
ڪلپنا هن ناول جي هيروئن آهي. انساني حقن جي تنظيم جي اڳواڻ ۽ سٺي وڪيل بہ. آءُ سمجهان ٿو تہ ڪمٽمينٽ ۽ محبت ۾ ماڻھو پٺتي نہ هٽندو آهي. محبت بہ هڪ وڏي ڪمٽمينٽ آهي. پوءِ حالتون کڻي ڇا بہ هجن. پر هوءَ پوري ناول ۾ ڀاڙي نظر اچي ٿي. کيس سنڌ ۾ مزو نٿو اچي. هر وقت هندوستان ڏي وڃڻ جو سوچيندي رهي ٿي. جيڪڏهن هي سنڌ ڌرتي سان سچي آهي ۽ هندن سان ظلم ٿين ٿا ۽ ڌرم شالا ۽ مندر جلن ٿا تہ ڀڄڻ ۽ بزدل ٿيڻ ۽ ائين چوڻ تہ هي ديس منھنجو نہ آهي مون کي محبت آهي پر مان سنڌ نہ ايندس. ڪلپنا جو هڪ ڊائلاگ:
“بابو پيرسني ۾ بہ سنڌ کي چنبڙيو پيو آهي.” ان جو مطلب تہ هو سنڌ کي ڇڏي ڏي هند لڏي وڃي. صفحي 64 تي وشال کي ڪلپنا چوي ٿي:
“اهي پکي جيڪي سال جي هڪ موسم سنڌوءَ جي ڍنڍن ۾ گذاريندا آهن، تہ وري سال جي ٻئي موسم گنگا جمنا جي ندين ۾ رهندي گذاريندا آهن. انھن پکين جي خوبصورتي پري کان ڏسڻ گهرجي، نہ ڪي انھن جا پر پٽجن..!! ڇو تہ پر پٽيل پکي نہ سنڌ جي ڍنڍن جا مھمان ٿي سگهندا آهن ۽ نہ ئي گنگا جمنا جا...!!”
جيڪڏهن ڪلپنا پاڻ کي سنڌ ۾ پرديسي پکي ٿي سمجهي. ڄمڻ کان وٺي جواني تائين هتي رهي بہ هي ديس هن کي پنھنجو نٿو لڳي تہ اها سندس ڪردار جي نفي آهي. ديس سان محبت جي دعويٰ ڪوڙي آهي.
صفحي 96 تي ڪلپنا جو ڊئلاگ:
مان نٿي چاهيان تہ، تنھنجي ۽ منھنجي هڪ ٿي وڃڻ کان پوءِ ايندڙ طوفان تنھنجي منھنجي وچ ۾ ڪي تلخ تجربا سامھون آڻي، جنھن سان هندو مسلمان جي وچ ۾ ڪي تلخيون جنم وٺن. جنھن سان قومي تحريڪ نفرتن واري ماحول جو شڪار ٿي وڃي.!!!”
لبرل، ترقي پسند سوچ رکندڙ ۽ پڙهيل ڪڙهيل ڪردار بہ اهڙي ٻولي ڳالھائين تہ حيرت آهي ۽ اها ڪھڙي قومي تحريڪ آهي هئي جنھن سان وشال ۽ ڪلپنا جي محبت ڪري نفرتن جي ور چڙهي وڃي ها. منھنجي خيال ۾ قومي تحريڪ سان جڙيل ماڻھو ۽ وڪيل، انساني حقن جا اڳواڻ تہ گهٽ ۾ گهٽ پسند شادي جي خلاف نہ هوندا آهن.
آرزو وشال کي ڇڏي مرشد سان ڀڄي وڃي ٿي ۽ مرشد کيس وڪڻي ڇڏي ٿو. اتي ئي ڪلپنا بہ جيڪا پڻ وشال سان محبت ڪري ۽ ڌرتي جو عشق ۽ اونو اٿس ، باجود ان جي بہ پاڻ کي غير محفوظ سمجهي ٿي، هميشہ لاءِ انڊيا هلي وڃي ٿي.
مصر جي انساني حقن جي ڪانفرنس ۾ موهن نالي احمد آباد جو نوجوان ڪلپنا کي چاهڻ لڳي ٿو ۽ هوءَ جهٽ هن سان مڱڻو رٿي ويھي رهي ٿي. هندن جي اصل حقيقت، فطرت ۽ حسب نسب کي سمجهڻو هجي تي مشھور ناول نگار سائين غلام نبي مغل جي ناول “همئہ منصور هزار” کي پڙهجي. جنھن ۾ هندن جي سنڌ ديس سان وابستگي جي حوالي سان تاريخي بحث ٿيل آهي. بدامني، دهشتگردي، انتھاپسندي رڳو هندن لاءِ نہ پر هر سنڌي جو مسئلو آهي پر هندن وٽ هميشہ ڀڄڻ جو ئي آپشن هوندو آهي. تاريخي طور هندن جو ڪو ديس ئي نہ رهيو آهي، اهي لاڏو رهيا آهن ۽ حيشو ڪيول راماڻي ۽ سوڀي کان سواءِ سڀ ڀاڄوڪڙ رهيا آهن.
ڪلپنا جو انڊيا ۾ موهن سان گذارو نٿو ٿئي، هيڏانھن سندس پيءُ ڪاڪو پرڪاش بہ گذاري وڃي ٿو. وشال بہ سڀ شيون وساري پنھنجي پڦاٽ ماهين ڏانھن موٽ کائي وهانءُ ڪري ٿو ۽ ڪلپنا واپس سنڌ اچي ٿي ۽ پنھنجي پيءُ جي مرتئي تي وشال کي ابتو ڏوراپو ڏئي ٿي تہ منھنجو انتظار ڪرين ها ۽ موهن خراب شخص هو. پر وشال لاچاري جي ڪيفيت ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
ڪنھن ڏاهي جو قول آهي: انسان سماج ان ڪري جوڙيو آهي جئين هو سچ جي سج کي لڪائي چنڊ جي ڪوڙي روشني ۾ جيءُ سگهي.” هن ناول جا سڀ ڪردار بہ سواءِ ڪاڪي پرڪاش جي چنڊ جي روشني جھڙا آهن.
ناول جو سرورق ۽ پٺ ورق AMBIGUITY سان ڀرپور آهي. ناول نالو اُجري ڌرتي ميرا ماڻھو آهي پر ماڻھو وري ڌرتي کان ٻاهر خلا ۾ بارود جي مرندي ڏيکاريا ويا آهن. ائين ٿو لڳي ڄڻ ماڻھو هن ڌرتي جا نہ هجن. ڪنھن ٻئي گولي تي رهندا هجن.
ناول ۾ آندل ڪجهہ غلط جملا ۽ تشبيھون:
• “ڪلپنا جي بند سنھڙن چپن مان ٽھڪ نڪري ويو.” ٽھڪ بند چپن مان نہ پر کليل چپن مان نڪرندو آهي.
• دل ۾ ٻڏتر” دل ٻڏتر ۾ ٿيندي آهي. دل ۾ ٻڏتر نہ ٿيندي آهي.
• مرشد طرف ويو هيس.” نہ پر مرشد ڏي ويو هيس.
• وشال جو ڊائلاگ: “ڳوٺ ۾ هيٿاربندن جديد هٿيارن سان حملو ڪيو آهي.” جنھن وقت حملو ٿيندو آهي ان وقت وشال ننڊ پيو هوندو آهي. ان کي ڪيئن خبر پئي هٿيار جديد ها.
• SP جو ڊائلاگ: “اوهان جي ڀيڻ جي خون ۾ ملوث هٿ، ضرور بي نقاب ٿيندا.” منھنجي خيال ۾ هٿ نہ پر چھرا بي نقاب ٿيندا آهن.
• مصر جي ڪانفرنس ۾ جڏهن ڪلپنا تقرير ڪري ٿي تہ وچ تي ڪي انگريزي مڪالما آهن جيڪي واضع نہ آهي تہ ڪنھن چيا آهن.
• “قومي سڃاڻپ رکندڙ دوست شاهزيب..” ڇا لاڙڪاڻي ۾ قومي سڃاڻپ قرف شاهزيب جي آهي باقي سڀ غير قومون آباد آهن.
• “سنڌ ۾ سنڌي هندو ۽ سنڌي مسلمان....” ڇا سنڌ ۾ انگريز هندو ۽ مسلمان بہ آهن.
• “جڏهن ستارا ڌرتي تي لھي اچن ۽ ڌرتي پاتال جو محور ٿي وڃي.” هي تہ سمجهہ ۾ ئي نٿو اچي تہ ليکڪ ڇا ٿو چوڻ چاهي.
• ناول ۾ آهي تہ؛ “هندو مسلم يعني ٻہ قومي نظريو علام اقبال ڏنو آهي.” ٻہ قومي نظريو علامہ اقبال نہ پر سرسيد احمد خان ڏنو هو. علامہ اقبال آئيڊيالوجي آف پاڪستان ڏني هئي.
• سعيد سومري جھڙو پبلشر هوندي بہ ناول ۾ اڻ ڳڻيون پروف جون چڪون رهجي ويون آهن. جئين : هند کي هنڌ، رليءَ کي رلھيءَ ۽ جهُمر کي جهومر وغيرہ ڪري لکيو ويو آهي. جنھن سان پڙهندڙ منجهي پوي ٿو.
• ناول ۾ ٻہ جملا جيڪي ڪافي دفعا آيا آهن: “اڪيلو سوچيندي رهجي ويو هيس.” ٻيو: “مان ڏانھس معصوم نگاهن سان ڏسندي رهجي ويس.” منھنجي خيال ۾ شڪاپوري لھجي ۾ متان ائين چوندا هجن، باقي اسين تہ ڏسندو، سوچيندو رهجي ويس چوندا آهيون. سھي بہ ائين ئي آهي.
• هندي ۾ لفظ آهي انتيم سنسڪار يا اگني سنسڪار، جنھن کي ليکڪ انتيم سنگسڪار لکيو آهي.
• ناول جي ٻوليءَ ۽ اسلوب تي ڳالھائي سگهجي ٿو. ناول نويس تي اردو جو تمام گهڻو اثر آهي ۽ اجايو سجايو انگريزي جا لفظ ٽنبيا ويا آهن جيڪي ڪنھن بہ لحاظ کان نٿا سونھن. جئين: بڙبڙ ڪرڻ، لڙکڙائڻ، پاڻي جي جڳ، شور ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا لفظ جيڪي اردو جو ترجمو آهن سنڌي ۾.
• ناول ۾ ڊاڪٽر جو هڪ ڊائلاگ: “اوهان جھڙا ذميوار فرد ئي قومن جا گائيڊر هوندا آهن.” MBBS ڊاڪٽر کي بہ گائيڊ لفظ اچارڻ نہ اچي اهو تہ ليکڪ جو ئي نقص ٿي سگهي ٿو.
سنڌ ۾ هن وقت جيڪي بہ نوان ناول ڇپجي اچي رهيا آهن. انھن ۾ ٻوليءَ جو وڏو جهول آهي. مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ سنڌي ليکڪ ڪو سنڌي ٻولي جو نئون لھجو DIALACT ٺاهڻ جي پٺيان آهن. الائي ڇا؟؟؟ سراج ۽ آغا سليم جي ناولن جھڙي ٻولي ورلي اڄوڪي ناولن ۾ ملي ٿي، جنھن پاسي تمام گهڻي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ناول جو انت هاڪاري آهي. ڪلپنا انڊيا نٿي وڃي ۽ ماهين ۽ وشال کي شاديءَ مبارڪ ڏيڻ لاءِ اچي ٿي. ۽ وشال کان وچن وٺي ٿي تہ هو ٻئي گڏجي ديس جي ماڻھن لاءِ جدوجھد کي تيز ڪن ۽ ان ۾ ماهين بہ کين گڏ اچي بيھي ٿي. اتي ناول پورو ٿئي ٿو باقي نہ تہ سنڌي ناولن جو انت ڏاڍو عجيب رهيو آهي. يار محمد کي شابس هجي جو هو اهڙي هاڪاري سوچ ڦھلائڻ لاءِ وک سوري پيو.
مون هي ناول ٽي دفعا پڙهيو ۽ مون کي ائين محسوس ٿيو آهي تہ هي ناول PRE OCCUPIED THOUGHT تحت لکيو ويو آهي. پر پوءِ بہ هڙي گنڀير صورتحال ۽ اهم معاملي تي ليکڪ قلم کڻي وڏي بھتري جو قدم کنيو آهي.
PRICIPLES OF LITRARY CRITICISM جي خالق آئي اي رچرڊسن چوي ٿو: “جيڪي ادب وڻيو، سو پيدا ڪريو، پر ان ۾ سادگي SIMPLCITY ۽ ايڪائي UNITY ضرور ڀريو.” يار محمد چانڊيي جي هن ناول ۾ اها يونٽي ڀرپور نموني آهي ۽ مان اِها ڳالھہ وڏي ذميداري سان چوان ٿو تہ يار محمد چانڊيي ۾ ناول لکڻ جي قابليت آهي ۽ هو مستقبل ۾ سٺا ناول لکي سگهي ٿو، پر ان لاءِ هن کي شين کي تمام گهڻي محنت ۽ هوم ورڪ جي وڏي ضرورت پوندي.
اڱارو.. ست جولاءِ 2015ع