سنڌي ٻوليءَ جو پھريون سرريئلسٽڪ ناول ”اڏوهي“
اڪبر لغاري لکي ٿو:
“سنڌي ادب ۾ ڪجهہ اديبن سررئيلزم کي سمجهڻ کان سواءِ ئي پنھنجي لکڻين کي سررئيلسٽ قرار ڏئي ڇڏيو. ڪجهہ اديبن شعوري ڪوشش ڪري، سررئيلسٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر سنڌي ادب ۾ هي تحريڪ قدم ڄمائي نہ سگهي آهي. تنھن هوندي بہ نسيم پارس گاد سٺيون سررئيلسٽ ڪھاڻيون لکيون آهن.”
منھنجي ڄاڻ موجب اخلاق انصاري کي سنڌ جو پھريون سررئيلسٽ ڪھاڻيڪار مڃيو وڃي ٿو.
باقي شيخ اياز بہ ڪجهہ سررئيلسٽڪ ڪھاڻيون لکيون آهن. اخلاق انصاري جون ڪھاڻيون منھنجو اڄ جو موضوع نہ آهن. آئون سندس Surrealistic ناول اڏوهي جو تنقيدي جائزو وٺندس.
اخلاق انصاري جي هن ناول کان اڳ ۾ ماڻڪ جي ناول “رڃ ۽ پڙاڏا” ۾ بہ ڪجهہ سررئيلزم جا ڪجهہ اشارا ۽ نشانيون آهن. سنڌي ادب جو مڪمل طرح سان پھريون سررئيلسٽ ناول اخلاق انصاري جو اڏوهي ناول آهي.
سررئيلزم کي سنڌي ۾ ماورائي تحريڪ يا رمزيت چئجي ٿو. هونئن تہ ماورائيت جو اصطلاح گئلم اپولينيئرGuilaume Apollinaire استعمال ڪيو پر اينڊري برٽن 1924ع ۾ هن تحريڪ جو بنياد رکندڙ هو. اينڊري برٽن فرائيڊ کان گهڻو متاثر هو. سگمنڊ فرائيڊ انسان جي لاشعور ۾ موجود گوناگونيت، تخليقيت کي تحليل نفسي جي ذريعي ڳولڻ جو گس ڏنو. اينڊري برٽن انسان جي لاشعور ۽ تحت الشعور ۾ موجود مخفي بي شمار تخليقي ۽ تخيلاتي سگهہ ۾ پختو ويساھہ رکندڙ هو.
ماورائيت جو تعلق معروضيت سان نہ پر انساني داخليت سان آهي. جنھن ۾ منجهہ عقل ۽ دليل جي نہ پر انسان جي تحت الشعور ۽ لاشعور ۾ لڪل ڇڙوڇڙ بنا ترتيب جي خيالن جو اظھار آهي. ان اظھار بيان جو ڪو قاعدو يا اصول طئي ٿيل نہ آهي. سررئيلزم جديديت جي وڻ مان ڦٽل ٽاري آهي.
اڏوهي ناول ڪئمپس ناول آهي. ڇو تہ اهو هڪ پروفيسر جو لکيل آهي. ڪئمپس ناول جي گهرج ۽ وصف بہ اهائي آهي تہ يونيورسٽي جو ڪو ماڻھو جڏهن يونيورسٽي تي لکي ٿو تہ ان کي ڪئمپس ناول چئبو. اڏوهي ناول جو مک ڪردار ورسٽي جو هڪ پروفيسر آهي. کيس زال ۽ ٻار آهن. ان سان پروفيسر جي محبوبہ فوزيا جو بہ ڪردار آهي جا ساڻس يونيورسٽي ۾ پڙهي هئي. پروفيسر کي ٻہ ڀائر آهن هڪ ننڍو ۽ ٻيو وڏو.
ناول جو مک ڪردار نفيساتي خودڪاريت ذريعي جيڪي سوچون هو سوچي ٿو انھن جو اظھار بنا روڪ ٽوڪ جي ٿيندو رهي ٿو. انھي اظھار بيان ۾ ايتري تہ تيز رواني آهي جو ڪٿي بہ ائين محسوس نہ ٿو ٿئي تہ اسين ناول پڙهي رهيا آهيون ائين ٿو لڳي اهو سڀ اسان سان ي رهيو آهي ذهن جي ان ولوڙ ۾ ڪا بہ رنڊڪ ناهي.
ضمير متڪلم ۾ لکيل ناول کي پڙهندڙ اها ڳالھہ وساري ويھندو آهي تہ هو ناول ٿو پڙهي يا آتم ڪھاڻي. اورهان پاموڪ موجب: “اهي ناول کي آتم ڪٿا سمجهندا آهن، پوءِ ڀلي توهان انھن کي ياد ڏياريو تہ اهي ناول پڙهي رهيا آهن. ڪي وري آتم ڪٿا کي ناول سمجهندا آهن. پوءِ ڇو نہ کڻي بار بار آهن.”
“سررئيلزم هڪ خالص ۽ نفسياتي Automatism آهي. جنھن جو مطلب سوچ کي ائين بيان ڪجي، جئين اها ذهن ۾ اچي ۽ ان تي ڪنھن بہ قسم جي عقلي ۽ اخلاقي روڪ ٽوڪ نہ هجي.”
ناول جي شروعات ائين ٿئي ٿي تہ پروفيسر کي 20 هزارن جو چيڪ يونيورسٽي پاران ملي ٿو ۽ ان سان هن کي نفسياتي هيجان شروع ٿي وڃي ٿو ۽ هو سوچي سوچي الائي ڪٿي نڪري ٿو تہ آخر اهو چيڪ کيس ڇو ڏنو ويو آهي.
چيڪ ملڻ بعد هو حد درجي جي پريشاني ۾ پئجي وڃي ٿو تہ هاڻي اهو چيڪ هو ڪٿي لڪائي رکي ۽ اها ڳالھہ هو زال يا ٻارن کي ٻڌائي يا نہ ان تي هو دلگير ٿي پوي ٿو. هو پنھنجي منھن جو سوچيندو ۽ ڳالھائيندو رهي ٿو ان جو ڪينواس انتھائي ڪشادو آهي. وجود سان لاڳاپيل هڙئي شيون هن جي تحت الشعور منجهان نڪري اچن ٿيون. جيئن صفحي 26 تي هو Ecological Issue تي ڳالھائي ٿو: “ ۽ پاڻي بہ آهستي آهستي اڏامندو وڃي... ان پاڻي کي... روڪي نہ ٿو سگهجي... ان جي روڪڻ سان هاڻي جهيڙا هلن ٿا... ها... وڏا ڊيم ئي اصل ۾ اسان جي موت جو ڪارڻ آهن. ڊيمن جي ڪري Eco System تباھہ ٿيندو ۽ وڻ ٻيلا سڪي ويندا...”
مسئلو وري بہ چيڪ جو آهي هو سوچي ٿو تہ ان کي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايان يا ڦاڙي ڇڏيان يا هن کي ڦاسايو پيو وڃي.
ماورائيت جي بنيادي ڳالھہ اها آهي تہ تخليق مان زندگي جي مختلف حقيقتن جي واضع تصويرن بجاءِ ڌنڌلا، منجهيل ۽ اشارن سان ڀريل عڪس ظاهر ٿين ۽ ناول ۾ ليکڪ اهڙا ڪيترائي عڪس چٽيا آهن.
جيئن: “سوچ وڌڻ سان بہ عذاب وڌن ٿا... جيتري سوچ محدود، خواهشون بہ محدود. عذاب بہ محدود.” ص 33
“.... هن معاشري ۾ ماڻھن کي رڳو جيئري رهڻ جيتري ماني بہ تہ نصيب نہ ٿي ٿئي. پر ڪي وزن گهٽائن لاءِ گهٽ ٿا کائن، ڪي عورتون ڇاتي وڌائڻ لاءِ ڪريمون ٿيون استعمال ڪن، جن ۾ کير ئي نہ هوندو آهي ۽ ڪي ڪي تہ ٻارن کي کير پيارڻ لاءِ سڪل ٿڻن کي بہ ڏس سان ڏسن ٿيون. ڇاتيون سڪل... ٺوٺ...” ص_ 36
ناول ۾ احساسن جي مصوري ڪمال جي آهي ۽ انساني ذهني مونجهارن جو چٽ بہ چريو ڪري ٿو ڇڏي. ڊاڪٽر بشرا جي ڪردار جي جهلڪي ماري وجهي ٿي. ڊاڪٽر بشرا گائناڪالاجسٽ آهي. مڱيندي جي مري وڃڻ بعد شادي نہ ڪري ٿي ۽ شادي جي تبليغ ڪندي رهي ٿي. هڪ لاوارث ڇوڪري پاليائين جيڪا ڀڄي شادي ڪري ڪورٽ ۾ بيان هن ريت ڏيئي ٿي: “مئڊم جي ماءُ جيتري عزت ڪريان ٿي پر سندس مرضي مطابق زندگي نہ ٿي گذاري سگهان.” پوءِ ڊاڪٽرياڻي ٻليون پالي ٿي. هن ناول ۾ انساني مزاج ۽ سوچ جا اهڙا رنگ آهن. فرائيڊ چيو هو انسان ڪڏهن بہ ڪھڙو بہ ردعمل ڏيکاري سگهي ٿو اهو اوهان جي سوچ ۾ بہ نہ هوندو ۽ ڊاڪٽرياڻي سان بہ ائين ٿيو.
“گڏھہ سوئي گڏھہ” مک ڪردار سوچي ٿو جڏهن اسڪول ۾ کيس اهو جملو چيو وڃي ٿو ساڳيو ئي جملو پڻهس گهر ۾ چوي ٿو.
پيڙائن کي ناول نگار عمده نموني سان چٽيو آهي. سورن جون سڀ صورتون هن ناول جي ورقن تي وکريون پيون آهن. پروفيسر جي زال جو جڏهن ٻار ضايع ٿي وڃي ٿو تہ منظر متاثر ڪندڙ ۽ منجهائيندڙ آهي. هڪ ڳالھہ جيڪا مون کي سمجهہ ۾ بہ نہ آئي.
پروفيسر کي ڪتي جي چڪ جو ڀوء حاوي ٿئي ٿو ۽ هن کي ننڍپڻ ۾ ماسات کي لڳل ڪتي جي چڪ جو منظر ياد اچي ٿو. ان کي ليکڪ ڏاڍو ڀوائتو پيش ڪيو آهي. ڪتي جي چڪ واري مريض کي ڪراچي کڻي وڃن ٿا ۽ Isolation Room ۾ رکن ٿا. ٿي سگهي ٿو ڪتي جو چڪ ان دور ۾ ايڏو وڏو مسئلو هجي.
ناول جا ڪجهہ اهڙا مڪالما جيڪي هڪ الڳ دنيا ۽ حقيقي معنيٰ خيز منظرن سان ڀرپور آهن:
1. “سيٽلائيٽ چئنل تہ ٻارن کان خوشيون ئي ڦري ورتيون آهن.” ص_66
پر اڄ جي دور جو ٻار موبائيل تي فيس بوڪ، واٽس ايپ ۽ وڊيو گيم جي هڪ نہ کٽندڙ جھان ۾ گم ٿي ويو آهي.
2. “مينھن پوندو هو تہ ڪمري ۾ ٻرندڙ ميڻ بتين جي هلڪي روشني ۽ ڪارويڊور ۾ فلسطيني شاگردن جو نہ سمجهہ ۾ ايندڙ راڳ ۽ فرش تي لڳندڙ بوٽن مان نڪرندڙ آوازن جو رڌم...” ص_ 67
فلسطين جي شاگردن جو ذڪر پر اڄ جي دنيا ۾ تہ ان جي نالي نشان کي ئي دنيا جي نقشي تان مٽايو ويو آهي.
3. “سوچي سوچي وزن ئي گهٽجي ويو آهي... ڳري ويو آهيان.” ص_68
فڪرات انسان جو رت چوسيندڙ هوندي آهي. اها هڪ فطري سائنسي حقيقت آهي. اخلاق سائين جي تخليقن اهڙا گهرا خيال اڪثر هوندا آهن.
“گڏ هلندي اوچتو هن هٿ منھنجي هٿ ۾ ڏنو. بھار، سرءُ، سيارو، سارنگ ۽ سوين ستارا منھنجي اندر ۾ لھي پيا.” ص_ 69
ناول جي ٻوليءَ ۾ کنڊ جي چاسني جي مٺاڻ آهي. منظرن جا حقيقي عڪس آهن. جيڪي من موهيندڙ آهن. ناول مان هڪ منظر:
“الائي ڪيتريون شامون يونيورسٽي جي روڊن تي فوزيه موسمن ۾ سنبت هئي. وقت ۾ صبح هئي. سرهي شام هئي. تارن ڀري رات هئي. ڪينجهر ۾ لھر هئي. جهومندڙ ڏاڙهونءَ گل جي ٽاري هئي. هلڻ ۾ برکا هئي. کلڻ ۾ جانجهہ هئي. سارنگيءَ جي تار هئي. شاعريءَ ۾ لطيف جي وائي هئي. يونيورسٽي جي Annual فنڪشن ۾ ... سڄي سڄي رات راڳ ٻڌندي.... صبح جو ڳاڙهين اکين سان هڪ ٻئي کان موڪلايوسين...” ص_69
مٿيون سٽون پاڻ ئي ڳالھائي رهيون آهن. انھن جي تشريح اهي پاڻ ئي آهن. هڙو بنھہ منفرد تعارف هيروئن جو مون اڳ منجهہ ڪڏهن ڪنھن سنڌي ناول منجهہ نہ پڙهيو آهي.
“ڀل سماج هن کي سيکاري بہ پر... سياڻپ چريائپ تہ تانئيڙي جي تند جھڙي سرحد ۾ ورهايل آهي.” ص_75
“حادثا هلن ٿا جوڙ، ڪٽ، ڪٽ، جوڙ، ضرب ونڊ ۽ ونڊ.... ضرب...مسلسل نہ کٽندڙ آهي تہ ڏک آهي.” ص_75
ناول نگار جي ڏاهپ ۽ گهري پروڙو Perception هن ناول جي هر صفحي تي پسي سگهجي ٿي. ناول ۾ ٻيون تہ سڀ ڳالھيون ٺيڪ آهن پر ناول نگار عورتن جي معاملي ۾ ڪجهہ سوايو ئي سخت ۽ ڪاوڙيل آهي.
هو لکي ٿو تہ؛ “ڪنھن فيمنسٽ عورت جو ڪالم... ڪالم ۾ ڇا هوندو؟ مرد سوسائٽي خلاف بڪواز، بليڪ ميلنگ... عورتن جي آزاديءَ جي نالي ۾ ڪلچر کان بغاوت .... سماج کي ٽوڙڻ جي لاءِ دليل...!” ص_77
خبر ناهي ڪھڙي ڪلچر جي ناول نگار ڳالھہ ڪري رهيو آهي. اسان وٽ جيڪو ڪلچر هلي ٿو تہ ان ۾ تہ عورت جي ڪا بہ انساني حيثيت تہ آهي ئي نہ. اتي اگر عورت ان ڪلچر کان بغاوت ڪري ٿي تہ اهو ان جو حق آهي.
ناول ۾ ليکڪ جو نقطہ نظر عورت لاءِ گهڻو تنگ نظري تي مبني آهي. کيس عورت جي سگريٽ پيئڻ، گهمڻ ۽ فيشن ڪرڻ تي بہ اعتراض آهي. هي ڳالھہ گهڻي نفرت يا عورتن کي گهٽ سمجهي ڪري لکيو ويو آهي.
“هن سوچيو، عورت ڀل پڙهي لکي ڪجهہ بہ ٿئي پوءِ عورت ئي آهي.”
عورت هجڻ معنيٰ روايتي سوچ وانگر خراب ۽ ڪم عقلي مخلوق آهي. عورت ڪجهہ ناهي مرد سڀ ڪجهہ آهي.
ناول جئين تہ وسيع ترين ڪينواس جو نانءُ آهي. ناول نگار هن ناول ۾ مختصر ئي پر هر اهم ڳالھہ سندس اک ۾ اچي وئي آهي ۽ ان کي شاهي نموني پيش بہ ڪري ويو آهي. ڪارونجهر جا نظارا ۽ ڪولھين جي ڪسمپرسي حالن جو بھترين پيش منظر ليکڪ سامھون ڪيو آهي. ڪئپس ناولن ۾ هي ناول انتھائي ڪارائتو ناول آهي. جنھن جو موضوع، پلاٽ ۽ مڪالما اوچي خيالن سان سرشار ۽ زندگي جي گول گول ڦرندڙ آهن. يونيورسٽي جي سياست، شاگردن جا معاملا ۽ يونيورسٽي جي پلاٽن جي ڪاروبار ڪيئن ٿو ٿئي ۽ ڪير ٿو ڪري. ليکڪ ان کي ڏيکاري ويو آهي.
پورفيسر جي روئيداد اڳتي هلندي هلي ٿي. پروفيسر بيمار ٿئي ٿو سندس گڙدا ڪم نٿا ڪن. شاگرد ۽ استاد ملي ڪري هن جي علاج جي لاءِ ڪوششون وٺن ٿا. ڪاميٽي ٺھي ٿي. ڊونر جي ڳولا ڪئي وڃي ٿي. سندس گڙدو ڏيڻ لاءِ راضي ٿئي ٿو. بيماري ۾ اچي پور پچائي ٿو تہ اگر پيسا مليا تہ ڪيئن استعمال ڪندو. من ۾ لالچ اچيس ٿي. وڏن ماڻھن سان واسطو رکڻ جا ارادا ڪري ٿو. ننڍو ڀاءُ کيس بڪي ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو تہ يونيورسٽي جو هڪ پروفيسر جيڪو ناڪام عاشق آهي اهو هن کي گڙدو ڏيڻ لاءِ راضي ٿئي ٿو.
ناول جي ڪھاڻي آٽو فڪشن ۾ اڏامندي ٿي وڃي ۽ آئون اچي ان سوچ تي بيھي ٿو رهان.
“سوچيائين: ان جي زال، ڌيءُ ۽ ڀيڻ جي ارهن تي الائي ڪيتريون اکيون چنبڙيل هونديون...”ص_101
ڪردار جتي اهو سوچن ٿا اتي سنڌ جو المياتي نوحو بہ هنن جي سوچن جو محور هجي ٿو. ڪينجهر ڍنڍ، سنڌو درياھہ، موهن جو دڙو، گورک هل جي تباهي جا سبب بہ هن ناول منجهہ آهن. ناول جي هن مڪالمي جيان: “هاڻي رڳو مارڪيٽ آهي، ماڻھو ٽول آهي، جيترو سستو ملندو اوترو....” ص_115
ڪيڏو نہ اثر انگيز خيال آهي. ماڻھو جي اهميت بابت! هي ناول Intellectual Approach سان هڪ اهڙي دنيا سامھون آڻي ٿو جيڪا ڄڻ ڪجهہ ئي ناهي، سڀ فريب آهي. توهان ان ۾ بس هڪ پروزي جيان آهيون. جيڪو ڪڏهن بہ هٽي ويندو خراب ٿي پوندو ۽ ڪنھن کي ڪو فرق نہ پوندو.
ناول جي پڄاڻي_ واقعي پڄاڻي هوندي آهي يا نئين ابتدا؟
ناول جي پڄاڻي سان ڪئين نيون آسون ۽ امنگ ٿا پيدا ٿين. يا اها حقيقت ۾ پڄاڻي هوندي آهي. ناول جو مک ڪردار پنھنجي ماحول، رشتن لڳ لاڳاپن کان بيزار ٿي پوي ٿو ۽ بي معنوعيت هن جي اندر ۾ ڪاهي پوي ٿي.
هو بنا ڪنھن مقصد جي پنھنجي زال کي پنھنجي ڀائٽي جي هٿان مارائي وجهي ٿو. جنھن زال سان هو پيار ڪري ٿو. ڀائٽي کي لالچ ڏئي ٿو تہ پوليس کان پئسا ڏئي ڇڏرائيندس ۽ ان کي حادثي جي شڪل ڏيندا پر هو ائين نہ ٿو ڪري. اهو سڀ ڪرڻ کان پوءِ بہ هن وٽ ڪنھن احساس يا پڇتاءُ جو ڪو خيال نہ ٿو رهي. توڙي جو هو هرپل خيالن ۾ وڪوڙيل رهي ٿو.
ڪا بہ ڪھاڻي يا ناول تڏهن ڪامياب ٿيندو آهي جڏهن ان جي پڄاڻي پراثر، شاندار ۽ حيران ڪندڙ هجي. هن ناول جي پڄاڻي حيران ڪندڙ تہ آهي پر شاندار ناهي. جنھن ۾ ڪا نئين ابتدا ناهي.
اخلاق انصاري جو هي ناول رشتن جي کوکلائپ کي سھي نموني ظاهر ڪري ٿو. جنھن ۾ دنيا بي رحمي سان بنا ڪنھن ڊپ جي ائين ئي هلندي رهي ٿي ۽ ان ناول جي پڄاڻي جھڙا واقعا ٿيندا رهن ٿا. جن ۾ لاپرواهي جي هڪ بي انت لھر آهي جا کٽي نہ ٿي. ڪو بہ اهو نہ ٿو ڄاڻي تہ ان سان اهو سڀ ڇو ٿو ٿئي؟ انساني حياتي جي جستجو فطرت جي ڪاروهنوار اڳيان بي معنيٰ فضول لڳي ٿي ۽ انسان جيتامڙي جيان سوچيندو سوچيندو مري کپي وڃي ٿو.