پريتم هڪ جامد ڪردار (ناول “پريتم” تي تنقيدي نظر)
ناول لکڻ لاءِ هڪ پوري زندگي گهرجي ٿي. ائين رسول ميمڻ ناول لکڻ جي لاءِ پھريان ڪھاڻيون لکيون. اسير امتياز بنيادي طور شاعر آهي، ناول سندس پھريون تجربو آهي. هن ڪڏهن ڪھاڻيون بہ نہ لکيون آهن. ضروري ناهي تہ ڪھاڻيڪار ئي ناول لکي سگهي ٿو ۽ شاعر ناول نہ ٿو لکي سگهي، دنيائي اديبن جا پروفائيل ڏسون ٿا تہ شاعري، ڪھاڻيون ۽ ناولن جا هڪ کان وڌيڪ ڪتاب لکيل آهن. ان سڄي پس منظر ۾ هڪ ڳالھہ جيڪا اسير امتياز جي لاءِ کٽڪي ٿي. اها هن جي ناول کي سنوراڻ ۾ محنت نہ ڪئي آهي.
پريتم ناول ۾ کوڙ سارا لوازمات آهن، جيڪي پورا ناهن. جن جو ذڪر اڳتي ايندو.
پريتم هڪ سياسي ماڻھو آهي، ايترو پڙهيل بہ ڪونھي، پر سياسي جلسن ۾ ويندڙ آهي. هو جنھن عورت لاليءَ سان شادي ڪري ٿو. اها اڳ ۾ ئي ٻارن ٻچن جي ماءُ آهي ۽ ڪنھن وڏيري کان قرض کنيل اٿس. اها مائي قرض لاهڻ لاءِ ان وڏيري وٽ ڦاسي ٿي تہ پريتم بہ ان سان باندي بڻايو وڃي ٿو. وڏيرو هنن کي باندي بڻائي قيد ڪري ڇڏي ٿو. پوءِ اتي اهي چارئي ماڻھو پريتم، يار محمد، لالي ۽ ان جون ڌئيون نجي قيدخاني ۾ ڪم ڪن ٿا پر ڪھڙو ڪم ڪن ٿا ۽ ڇا جي ڪري قيد ڪيا وڃن ٿا. مائي قرض ڇو ورتو؟ مائي جو وڏيري سان ڪھڙو ناتو هو؟ وڏيري ڪھڙي بنياد تي قرض ڏنو؟ اهڙو ڪجهہ واضح نہ ڪيو ويو آهي.
پريتم ۽ سندس ڪھول بنادي بنائڻ کان پوءِ وڏيرو پنھنجي ڌيءَ کي انھن مٿان چوڪيدار بڻائي ٿو. پر ڪمدار قادو بہ هنن تي پھرو ڏيندو رهي ٿو ۽ انھن تي تشدد بہ ڪري ٿو. مسرت کي باندين تي اک رکڻ جي لاءِ رکيو ويو آهي پر هوءَ پريتم ۽ سندس خاندان کي رحم جوڳي نگاھہ سان ڏسي ٿي ۽ پريتم سان پريت بہ ڪري ٿي پر پريتم ڪا بہ دلچسپي نہ ٿو وٺي. پريتم جون ڌيئر جيڪي هن جي زال لاليءَ جي اڳين مڙس مان آهن. لاليءَ جي اڳين مڙس جو بہ ڪو اتو پتو ناهي. هڪ ڌيءَ کي پيٽ ٿي وڃي ٿو، ان کي ٻار بہ ٿئي ٿو. ٻئي ڇوڪري جوان جماڻ آحي ۽ وڏي ڌيءَ خودڪشي ڪري ٿي. پريتم جي زال بہ اڳتي هلي ڪاري ڪامڻ ۽ شگر جي بيمارين ۾ مري وڃي ٿي. هن جي وڏيءَ ڌيءَ حوري جو ٻار بہ حويلي ۾ استري جي کليل تار ۾ وات وجهڻ سان مري وڃي ٿو. هن جي ننڍي ڌيءَ وڏيري جي ڌيءَ مسرت سان حويلي ۾ رهي ٿي. پريتم ڪٿي ۽ ڪيئن قيد آهي اهڙو ڪو بہ منظر پيش نہ ڪيو ويو آهي. جنھن مان نظر اچي تہ هو ڪيئن قيد ٿيل آهي.
ناول جو ٿيم وڏيرا شاهي ۽ نجي قيدخانن بابت آهي. ليکڪ ان تي وڌيڪ گهرائي سان ڪم نہ ڪيو آهي. ڪردارنگاري ۾ بہ هو مار کائي ويو آهي.
وڏيرو يار محمد بنا ٻڌائڻ جي پنھنجي ڌيءَ مسرت کي اسلام آباد وٺي وڃي چئي ٿو جڏهن هوءَ پريتم سان قيد مان ڀڄي وڃڻ جو منصوبو ٺاهي ٿي. وڏيرو پريتم جي ڌيءَ کي بہ اسلام آباد کڻي وڃي ٿو ۽ ان ۾ هن جون اکيون هونديون آهن ۽ اتي هن سان نڪاح ڪري ٿو ۽ مسرت جي پنھنجي ڀائٽي سان شادي ڪرائي ڇڏي ٿو. ان جي باوجود بہ سمرت اسلام آباد مان ڀڄي ٿي ۽ هيڏانھن پريتم جيل مان ڀڄي ڪراچيءَ پھچي ٿو جتي هو ملن ٿا ۽ اتي ئي مسرت جون محبتون ۽ نوان خواب ميلاميٽ ٿي وڃن ٿا. جڏهن پريتم هن کي ٻڌائي ٿو تہ منھنجو خاص عضوو وڏيري وڍائي ڇڏيو آهي.
ٻي مھاڀاري لڙائي کان پوءِ گڏيل قومن انساني حقن جو عالمي پڌرنامو شايع ڪيو ويو. ان ۾ هڪ حق اهو بہ آهي تہ “هر ماڻھو کي ڪنھن بہ ملڪ مان جنھن ۾ هن جو پنھنجو ملڪ بہ شامل آهي ٻاهر وڃڻ ۽ پنھنجي ملڪ ۾ واپس اچڻ جو حق حاصل آهي.”
ٻين لفظن ۾ هيئن چئون ٿا تہ انسان جي چرپر تي پابندي هڻڻ اخلاقي طور غلط آهي. هي ناول اسانني حقن جي استحصالي ۽ غضب ٿيڻ جي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ انسانن سان جانورن جو ورتاءُ ڪيو ويو آهي. ليکڪ اهو بيان ڪيو آهي. ليکڪ پنھنجي پاران ۾ لکي ٿو تہ “ناول جي ڪھاڻي حقيقت تي ٻڌل آهي.” ص _16
پريتم ناول براه راست سڌو سنئون Direct Epic ۾ لکيل آهي. جنھن ۾ ناول نگار مورخ وانگي واقعن کي بيان ڪندو آهي. ان جي باوجود بہ ناول نگار ڪردارن ۽ واقعن ۾ موجود هوندو آهي.
ناول ۾ ڪردار نگاري بڻيادي اهميت رکندي آهي ۽ منظر نگاري اتفاقن هوندي آهي. هن ناول ۾ منظر چٽا ناهن. جيئن ناول جو منڍ ئي اڻ گهڙيو ۽ اوچتو محسوس ٿئي ٿو.
سنڌي ناولن جي اڪثر ڇا پر هن ناول ۾ هي لفظ پڙهيا آهن:
“هي ناول هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهي سگهجي ٿو ۽ هڪ ڀيرو پڙهجي ويندو آهي.” اهڙي گول مول ۽ روايتي ڳالھہ هن ڪتاب جي مھاڳ ۾ لکيل آهي.
سنڌي ناول ۾ ايڊيٽنگ جي وڏي کوٽ آهي، جنھن لاءِ آئون بار بار لکندو رهيو آهيان. هن ناول جو ليکڪ بہ هڪ ايڊيٽر ۽ نقاد آهي. پوءِ بہ هن ڪي بنيادي ۽ اهم ايڊيٽنگنس نہ ڪيون آهن. جيڪو نھايت ئي افسوس ناڪ ۽ ان پروفيشنل عمل آهي. جھڙوڪ: اڌ دم، سڄي دم ۽ واڪ جون نشانيون بہ نہ ڏنل آهن. مٿان وري لفظن جو ورجاءُ پڙهندڙ کي ڏاڍو تنگ ڪري ٿو ۽ منجهائي وجهي ٿو. جن جا مثال هتي ضرور ڏبا. ناول ڇپائڻ کان اڳ ۾ بار بار ايڊٽ ڪرڻ جي تصنيف آهي. پر هي ناول مون کي موبائيل تي ڪمپوز ڪري ڪمپيوٽر ۾ لاهي ڇپايل آهي.
ناول جا ڪردار پريتم، لالي، وڏيرو يار محمد، حوري، موتي، مسرت ۽ ڪمدار قادو انھن جي مصوري ۾ ليکڪ جا رنگ ڇڊا آهن. ڪنھن بہ ادبي تخليق جي سرجڻ جي لاءِ لفظ اهم مسئلو آهن پر هن ناول ۾ ليکڪ لفظ ڄڻ ڀرتي ڪيا آهن ۽ لفظن جو رچاءُ ٿورو دلچسپ هجڻ گهرجي. ليکڪ جا هڪ پيراگراف ۾ ورجايل جملا:
(“اهو خوبصورت فلسفو مسرت بہ ٻڌي رهي هئي. پريتم اهڙي ادائيگي ويتر مسرت کي پنھنجي ويجهو آڻڻ جو ڪم سرنجام ڏئي رهي هئي، مسرت بہ بيھي رهي ۽ هن لاليءَ ۽ پريتم جي گفتگو کي دل سان ٻڌڻ پسند ڪيو هو. لاليءَ، پريتم سان جو مخاطب ٿيڻ لڳي تہ مسرت بہ پنھنجو غور انھن طرف ڪيو.) ص _ 34
مٿئين پيراگراف ۾ مسرت جي جي ٻڌڻ جي ڳالھہ کي ٽي دفعا ورجايو ويو آهي. اهڙا الاهي سارا ٽڪرا هن ناول ۾ آهن جن ۾ لفظن جو ايترو تہ ورجاءُ آهي جو ماڻھو پڙهي پڙهي تنگ ٿو ٿي پوي.
وري هي ڏسو: (پريتم پاسو ورائي هڪ نھار پنھنجي گهرواري کي ڏٺو، جنھن جون اکيون کليل هيون، پريتم کليل اکين سان پنھنجي گهرواري کي ڏٺو.) ص 35
ڪھڙي ڳالھہ تان ڳوٺاڻن کي قيد ڪيو ويو آهي،اهو چٽو ڪونھي! جيڪڏهن قرض ڏنو ويو آهي تہ اهو قرض ڇا جو ۽ ان جو پسمنظر ڪونھي!!
ڪردار اوچتا آهن انھن جو بہ تعارف خاص ناهي! جيئن نوريءَ جو ڪردار. ناول جي شروعات جي بہ خبر ئي نہ ٿي پوي تہ ڪيئن ٿئي ٿو ۽ هڪ ماڻھو بس ڳالھائڻ شروع ڪري ٿو ان جو ڪو اڳ پٺ يا بيهڪ ناول نگار نہ ٺاهي آهي. فلسفي جو لفظ استعمال بيجا آهي. هڪ اڌ سياسي ماڻحو جيڪو قيد آهي اهو عام رواجي ڳالھيون ڪري ٿو تہ ان کي مسرت فلاسافر ٿي سمجهي. جڏهن تہ مسرت فلسفي/فلاسافر جي ڳر کان واقف ئي ناهي.
مسرت پريتم کان پڇي ٿي تہ ڇا ٿيو تہ پريتم مان مان ۾ لڳي وڃي ٿو. لفظ اصليت بہ ليکڪ ائين استعمال ڪيو آهي جو معنيٰ جي خبر ئي نہ ٿي پوي تہ هاڪاري آهي يا ناڪاري.
پريتم هڪ جاءِ تي لاليءَ کي ڏاڍي هاڪاري خيال واري ڳالھہ ڪري ٿو جو ان جي سوچ تي پيار اچي ٿو:
“ها لالي هي پھريون ڀيرو تاريخ ۾ٻار ڄمندو جيڪو پنھنجو نہ هوندي بہ، پنھنجو ڪنداسين، معاشري جا اڪثر ماڻھو تہ اهڙي ٻار کي حرامي چوندا آهن ۽ جنھن عورت جي ڪک ۾ اهڙو نامعلوم ٻار جڏهن پلجڻ لڳندو آهي.” ص_52
ناول نگار لکي ٿو تہ “پريتم جي اکين تي ڪڏهن ڪڏهن پٽي ٻڌي هڪ ٻنيءَ جي ٽڪري کان ٻنيءَ جي ٻي ٽڪري تائين سندس موڪليو ويندو هو ۽ اڪثڙ پير ۾ زنجير پيل هوندي هئي.” ص_58
وري ٻي هنڌ لکي ٿو تہ “گهر جي ماحول ۾ سواءِ اداسي جي هاڻي ٻيو هيو بہ ڇا؟” ص_59
اهو ڪھڙو جيل آهي جيڪو پريتم کي هڪ ٽڪري کان ٻئي تائين پٽي ٻڌي وٺي وڃي ٿو. وري ڪير ڏسي نہ ٿو سگهي. ٻني ۽ حويلي ايڏو پري آهن يا ايڏو نامعلوم علائقو آهي. ليکڪ ڪنھن بہ طرح تز بياني کان ڪم نہ ورتو آهي. منظر منجهيل ۽ واضح ناهن. وري باندي آهن تہ گهر ڪنھن جو ۽ ڪٿان جو.
ليکڪ ڪردارن جا نالا بار بار ورجائي ٿو. تقريبن هر سٽ ۾ نالو آهي. ان سان گڏ پڙهڻ جي رواني ۾ مزو نہ ٿو رهي.
پريتم جي زال وڏيري جي ظلم ڪري باندي بڻجي وڃي ٿي هن جي ڌي خودڪشي ڪري ڇڏي ٿي پر پريتم وٽ وڏيري لاءِ نفرت پيدا نہ ٿي ٿئي، پوءِ بہ هٿ ٻڌيون هن جي اڳيان بيٺو آهي.
مسرت پريتم جي پٺيان پيل آهي ۽ پريتم اشارن ئي اشارن ۾ ڪپيل خاص عضوي جي ڳالھہ ڪري وڃي ٿو ۽ ناول نگار بہ اها ڳالھہ فنائتي نموني رکي آهي:
“بندق جي فائر جھڙي ڇرڪائيندڙ ڇوڪريءَ هاڻ منھنجي جان ڇڏ، ڪپيل ڪاني ۾ رس ڳولڻ جي آس ۾ ڇو ٿي، پنھنجو سج لاهين.” ص _89
پوري ناول ۾ پريتم هڪ جامد ڪردار طور سامھون اچي ٿو ۽ هن ۾ بغاوتي عنصر ڀرڻ واري بہ مسرت آهي. جيڪا هن کي اتان ڀڄڻ تي مجبور ڪري ٿي باقي پريتم جي ڪردار ۾ حالتن آهر تبديل ٿيڻ جي سگهه ناهي ۽ هو بار بار مايوسي جون ڳالھيون ڪري ٿو.
جئين صفحي 96 تي هو چوي ٿو: “مسرت مان هن حال ۾ بہ مطمئن ناهيان، بلا جي زهر جھڙي زندگي کان بھتر موت ڀانيان ٿو، ڪٿان ڪو زهر آڻي ڏينم تہ کائي مري وڃان، هاڻ هن دنيا ۾ پل پل جي پريشاني ۾ ساھہ ٿو منجهي.”
مسرت بہ سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ ليکڪ کي شايد ياد نہ رهيو آهي تہ هو ڪردارن کان ڪرائڻ ڇا ٿو گهري. مسرت پريتم کي ڀڄي وڃڻ جي بہ صلاح ڏئي ٿي ۽ وري هيئن بہ چئي ٿي:
“مون بابا کي پنھنجي رهائي جي باري ۾ چئي ڇڏيو آهي، ڪجهہ ئي ڏينھن ۾ تنھنجي رهائي ٿي ويندي، پوءِ تہ آزاديءَ سان پنھنجي زندگي گذاري پنھنجو پاڻ کي وکرڻ کان بچائيندي نہ.” ص_99
سموري ناول ۾ پريتم ستو پيو آهي. مسرت اچي ٿي وري وڃي ٿي. پريتم اٿي ٿو ويھي ٿو عجيب جملا ۽ اٿ ويھہ ۽ ننڊ جاڳ کان سواءِ ڪي ٻيون ڳالھيون ٿين ئي نہ ٿيون.
پريتم ڪردار جو ٻيو وڏو ۾ وڏو نقص اهو آهي تہ هن جي ڀيڻ پسند جو پرڻو ڪري ٿي تہ هو ان کان نفرت ڪري ٿو ۽ بدلي جي باھہ سندس رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳي ٿي. ڪامريڊ ٿي ڪري بہ اهڙي سوچ ڪردار جي جوڙجڪ سان ٺھڪندڙ ڇا ڪوهين ڏور آهي.
پريتم جيئن تہ ٻڌل آهي ان کي زنجير جو نشان بہ ٿي وڃن ٿا. وري ٻڌل ماڻھو ماني ڪيئن پچائيندو. ڪمدار قادو ۽ پريتم جي ڳالھہ ٻولھہ 116 صفحي تي ٿيل آهي جنھن ۾ ڪمدار چئي ٿو:
“زمانو هلائڻو پوي ٿو تون اڪيلو ناهين، جو توکي کارايان، سردار جي هوڏانھن واري ٻني تي تو وانگي يارهن باندي آهن.”
جڏهين ايترا باندي آهن تہ ليکڪ انھن جو ڪو بہ منظر ناول ۾ پيش نہ ٿو ڪري ۽ اهي ڪھڙي ڏوھہ ۾ باندي آهن؟ بس ناول نگار پريتم ۽ مسرت ئي فوڪسڊ رکيو آهي. ناول نگار جي ٻولي ڪمزور پاسن سان گڏوگڏ ڪٿي ڪٿي هو سٺا محاورا بہ لکي وڃي ٿو: جيئن “سندس اميدون ڪچا ٻار ڪيرائڻ لڳيون هيون.”
“هڪڙا ڪتا انسان جي روپ ۾ بہ هوندا آهن جيڪي بہ ڏاڙهين ٿا.”
ليکڪ ڪردارن جي اڻت ۾ ماري کائي ويو آهي. انھن جا رخ ۽ لھجا انھن جي صورتحال سان نہ ٿا ملن پر الڳ بيٺا آهن. آخري ڳالھہ ان پسمنظر ۾ ڪري هن اڀياس جي پڄاڻي ڪندس.
مسرت جي زبردستي شادي ٿئي ٿي ۽ پيار هوءَ پريتم سان ڪري ٿي پر ڪمدار قادو کي چئي ٿي تہ منھنجا ڪپڙا سنڀالي کڻي اچجان. اها ڳالھہ تہ منھنجي سمجهہ کان بالاتر آهي. جيڪا خود ليکڪ ئي سمجهائي سگهي ٿو.