لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد سنڌي ناول جو تجزيو

هوش محمد ڀٽي هڪ نفسياتي ماهر جيان سنڌي ادب جي فڪري پھلو تي چڱي دسترس رکي ٿو. ھن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن جي ناولن تي سندس تنقيدي ۽ تفصيلي جائزا ڏنل آھن. ھوش ڀٽيءَ ھن ڪتاب ۾ 28 سنڌي ناولن سميت ھڪ اردو ۽ ترجمو ٿيل ناولن کي تجزيي ھيٺ آندو آھي، پر ان کي بہ سنڌي ناول جي پڙھت جي تسلسل واري شاھوڪاري ۾ شمار ڪبو. ھوش محمد ڀٽي جو ھيءُ ڪتاب سنڌي ناول بابت ھڪ ريڊنگ ڊسڪورس آھي. جنھن ۾ ھن سنڌي ناول ۾ موجود تحليل نفسيءَ جھڙن محرڪن ۽ سريئلزم جھڙين اظھار جي ادبي ٽيڪنيس سان سنڌي ناول جي اوک ڊوک ڪئي آھي.

Title Cover of book Jadeed Sindhi Novel Jo Tajzio

جتوئي ڪامران جو ناول “سستي ٽيبل مھانگي ڪرسي”

ڪرسي جي بک ۾ ڀٽڪيل نوجوان طبقو _ ناڪامي ماڻھو کي ولي ڪريو ڇڏي!

ڪي سال اڳ سارتر ادب جي اهميت کان ئي انڪار ڪيو هو ۽ چيائين: “مون ٻارن کي بک وگهي مرندي ڏٺو آهي؛ ڪوئي ناول ڪنھن مرڻينگ ٻار سان توري نہ ٿو سگهجي. ٻار وارو پڙ هميشہ ڀاري رهندو.”
ان تي نقاد ڪلاڊي سائمن Claude Simon بي صبريءَ سان چيو هو، “لاش ۽ ڪتاب ڪڏهن ساڳيءَ تارازيءَ ۾ توريا ويا آهن ڇا؟ آخر لکجي ڇا لاءِ؟ شايع ڪجي ڇا لاءِ؟”
ان تي شيخ اياز چيو آهي تہ “مان ڀانيان ٿو تہ سارتري ۽ سائمن ٻئي غلط هئا. ناول بہ ان محاذ جو حصو ٿي سگهي ٿو، جو ٻارجي بک وگهي موت جي خلاف ٺاهيو ويو هجي.”
مٿيئن تمھيد ٻڌڻ جو مقصد اهو هو تہ جتوئي ڪامران جو ناول “سستي ٽيبل مھانگي ڪرسي”سنڌ ۾ بيڪار ۽ جاهل طبقي جي لاءِ ان محاذ جو حصو آهي جنھن وسيلي هڪ شعور جي ننڍڙي لھر اٿي ٿي، جيڪا وڏي سگهہ بڻجي سونامي ٿي سگهي ٿي. هي مڪمل وجودي ناول آهي. وجودي ناول اڪثر پلاٽ ليس هوندا آهن. انھن ۾ ڪردارن جي بجاءِ آئيڊياز ۽ فڪر کي وڌيڪ اهميت هوندي آهي ۽ اهي ان جي چوگرد گهمندا آهن.
اڄ جي زماني ۾ ڪجهہ بہ لڪيل ناهي، سڀ ڪجهہ عالم آشڪار ۽ ظاهر ظھور آهي. ادب ۾ بہ ڪي تمثيلون نہ پيون استعمال ٿين خاص ڪري شاعري تہ جذبن جو سڌو سنئون اظھار ٿي پئي آهي. ائين سنڌي سماج بہ سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جي اچڻ ڪري ظاهر ٿي پيو آهي ان جا لڇڻ ۽ لحاظ سڀ سامھون ۽ سڀن جي اڳيان آهن.
ناول جي ارپنا نوجوانن کي ڪيل آهي. آئون سمجهان ٿو تہ سنڌي نوجوان رڳي خواب ئي ڏسندا آهن؛انھن جي پورائي لاءِ گهٽ ڊڪندا آهن. پر ليکڪ هن ناول ۾ نج پج سنڌي نوجوانن جي نفسيات کي دنيائي سطح تي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنھن ۾ هو ڪامياب ويو آهي.
جيئن هو لکي ٿو تہ هن کي هن ڌرتيءَ تي موجود هر نسل جي عورت کي چمي ڏيڻ جي خواهش آهي، هن کي دنيا گهمڻ جي خواهش آهي. دنيا جو مھانگو شراب پيئڻ جو خواب، هي ٽئي خواهشون هر ثقافت سان تعلق رکندڙ نوجوانن جون ٿي سگهن ٿيون. پر سنڌي نوجوان تہ انھيءَ فريب ۾ گم آهي. اديب شين کي ڪُلي طور ڏسڻ جون اکيون رکي ٿو. آئون فڪشن ۾ فڪر ۽ سوچ کي اهميت ڏيندو آهيان.
هي ناول فڪري طور سگهارو ناول آهي. جنھن ۾ ناولنگار گهري نگاھہ رکي ٿو. هن پنھنجي علمي جوهر سان سماجي گندگين ۽ جھالت کي ننديو آهي.
Plotlessفڪشن ۾ اندروني تضادن، نفسياتي تبديلين يا وري روين يا حقيقت تي گهڻو زور هوندو آهي، بجاءِ ٻاهرين مامرن يا تضادن جي. ان جي ابتڙ هن ناول ۾ اندروني تضادن سان گڏ خارجي تضاد بہ بحث هيٺ آيا آهن. هي پلاٽ ليس ناول آهي. مٿي اسان پلاٽ ليس فڪشن/ناول جي باري ۾ ٻڌائي آيا آهيون. هنن ناولن ۾ عمل گهڻي شدت سان يا تڪڙا ناهن اڳتي وڌندا. دوستو وئيفسڪي ۽ ٻين کوڙ ليکڪن جا بہ اهڙي طرز جا ناول لکيل آهن.
محبت هڪ يونيورسل احساس آهي، جنھن بابت ناول نگار جا ويچار هتي ونڊڻ ضروري آهن، جيڪي گهڻا سگهارا آهن: “ڀلا محبت ڪرڻ بہ تہ ذميواري جو ڪم آهي، ڪنھن کي ڪجهہ ڏيڻ تمام وڏي ڳالھہ آهي، پوءِ ڀلي محبت ڇو نہ هجي.” ص_09
ناول نگار صفحي 07 تي لکيو آهي تہ “هتي قانون آمريڪا جو هلايو وڃي ٿو.” قانون تہ نہ پر حڪم آمريڪا جو مڃو وڃي ٿو، باقي قانون پراڻو برطانيا جو لاڳو ٿيل آهي، جيڪو پڙهايو بہ وڃي ٿو.
ٻيو هڪ احساس جيڪو ناول نگار صفحي 10 تي لکيو آهي: “۽ ڀاڄائي پٺي ٺپي هجي.” منھنجي خيال هي احساس بہ گهرو آهي جنھن ۾ جديد دؤر جي ڀاڄائن جي عڪاسي وئي آهي اها هڪ محرومي آهي نوجوان جي، ۽ پوري سنڌي سماج ۾ ائين وهي واپري پيو، اڄ جون ڀاڄائيون ڏيرن لاءِ جذبن کان خالي ۽ بيزار آهن.
هي ڪيڏو نہ شاهي خيال ليکڪ ونڊي ٿو: “جن وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجهہ بہ ناهي هوندو، اهي اتساھہ ڏيندا آهن. اتساھہ ڏيڻ ڪا گهٽ ڳالھہ تہ ناهي!” ص_13
ناول “سستي ٽيبل مھانگي ڪرسي”گهرن خيالن سان ڀريو پيو آهي، جنھن مان ائين محسوس ٿئي ٿو تہ ليکڪ وڏي ادراڪي قوت رکندي باريڪ بيني سان شين کي ڏسي ٿو ۽ انھن جي اکيل ڪري ٿو.
“ناول جا گهڻا موضوع مشرق ۾ آهن، پر لکڻ جو سليقو ۽ ٽيڪنڪس مغرب ۾ آهي.” سارتر
ائين ناهي، هاڻي مشرق ۾ بہ ناول جي ٽيڪنڪس تي نوان تجربا ٿي رهيا آهن ۽ نت نوان تجربا سامھون اچي رهيا آهن، جن تي الڳ لکڻ جي گنجائش آهي، پر هتي چوڻ جو مقصد هي آهي تہ سنڌي ۾ هي ٽيڪنيڪلي ۽ فڪري لحاظ کان الڳ قسم جو ناول لکيو ويو آهي.
جن جو ڪم ڪرسي تي ويھي سوچڻ هوندو آهي. اهي ڪڏهن بہ عملي ڪم ناهن ڪندا. مھانگين ڪرسين تي ويٺل افسر شاهيءَ جي فوج ائين ئي ڪرسين تي ويھي سوچي رهي آهي تہ بجيٽ ڪيئن هڙپ ڪجي. ان بابت بہ ليکڪ مختصر لکي ٿو: “ڪو مقابلي جو امتحان پاس ڪريان ها.” ص_18
هي ناول هڪ نوجوان جي ڪٿا آهي، جيڪو امير ٿيڻ چاهي ٿو. مائٽن کان پيسا بہ وٺڻ چاهي ٿو، پر وٺي نہ ٿو،پوءِ هن کي هڪ دوست ملي ٿو. جنھن جو نانءُ لڇمڻ داس وڪيل آهي، ان کي هو لڇو سڏي ٿو. لڇو هن کي امير ٿيڻ، دنيا گهمڻ، دنيا جي هر عورت کي چمڻ ۽ دنيا جو هر شاندار شراب پيئڻ جا موقعا حاصل ڪرڻ جي لاءِ صلاح ڏئي ٿو.
مون گهڻي وقت کان سنڌي افسانوي ادب پڙهندي، هڪ ڳالھہ نوٽ ڪئي آهي تہ، ناول ۽ ڪھاڻين ۾ مک ڪردار اديب/ليکڪ هوندو آهي. هن ناول ۾ مک ڪردار ليکڪ آهي، يا چوي ٿو تہ آئون ڪھاڻيڪار ٿيندس. هر سنڌي ناول جو هيرو ليکڪ آهي، اهو يڪسانيت جي حد آهي. سنڌي ليکڪ پاڻ کان ڇني ڪا ڪھاڻي نہ ٿو سرجي سگهي.
ٻي جيڪا ڳالھہ مون کي هر ناول يا دنيائي ناول پڙهندي محسوس ڪئي آهي تہ ناول نگار ڪٿي نہ ڪٿي ڪتي جو ذڪر ڪري ٿو. سنڌيءَ ۾ ڪتا نالي سان الڳ ناول بہ اچي چڪو آهي. هن ناول ۾ ناول نگار صفحي 21 تي ڪتي سان ڳنڍي ڪري ڪمال جو لکيو آهي. لکي ٿو: “ڪتو تہ آئون آهيان، حرڪتون تون ڇو پيو ڪرين؟؟”
ڏهون باب انتشاري ذهن ۾ ورتل سنڌي نوجوان جي ذهني ڪيفيتن جي وارتا آهي، سنڌي نوجوان جنھن وٽ ڪو سمجهہ ۾ نہ ايندڙ دڳ نہ آهي، نہ ئي ڪا راھہ آهي جنھن کي وٺي هو هڪ رخ ۾ هلي سگهي. هُو پور پچائيندو رهي ٿو تہ آخر هُو ڇا ڪري؟
ناول نگار ڪٿي غير منطقي مڪالما بہ ڪردارن کان چورائي ٿو: جيئن
“ڇوڪري: “آئون مردن کان نفرت ڪندي آهيان.”
مان: “ڇا پوءِ توهان “کيري” جو استعمال ڪندا آهيو؟” صفحو 25
منھنجي خيال ۾ اهو جواب درست رخ ۾ نہ آهي ڇوڪري سان نفرت جي ڪارڻ معلوم ڪرڻ کان بعد ڪو جواب ڏجي ها، جنھن ۾ سنجيدگي جو عنصر هجي ها ڇو تہ سموري ناول ۾ سنجيدہ ڳالھيون ڪيون ويون آهن.
هر ناول نگار پنھنجي ناول ۾ پوري دنيا يا ڪائنات کي سمائي انھن تي ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڪافي معاملن کي پنھنجي نقطہ نظر سان تنقيد بہ ڪندو آهي. هن ناول ۾ ناول نگار ائين ڪيو آهي پر هو مدلل نموني شين تي تنقيد نہ ٿو ڪري نہ ئي انھن جا جواز ڇڏي ٿو بس هُو اشارو ڪري ٿو. جيئن قومپرست سياست تي طنزيہ اڇل ڏيندي لکي ٿو: “ڪاڏي؟ ڪا سنڌ ۾ قومپرست پارٽي ٺاهي، مون کي ان جو چيئرمين ڪندين ڇا؟؟” ص_26
ناول نگار جو زاويه نظر بہ راويتي سنڌي ناولن جي ڀيٽ ۾ گهڻو مختلف آهي. اها ئي تہ ناول جي خوبي هوندي آهي ۽ ان جي نالي جيان نواڻ بہ.
“شاھہ جي شاعري ۾ جڏهن سنڌي وڏيري کي ڏسبو تہ “عمر” جي چونڊ ڪبي، جنھن ظلم ۽ ڏاڍ ڪيو. “وڏيرو تماچي” ڪنھن کي نظر نہ ايندو، جيڪو ڄار ڪلھي تي رکي نوري سان گڏ مڇي ماريندو هو. يا مرد هميشہ، اهي نظر ايندا جيڪي زالن کي ڇڏي، سمنڊ ۾ ڏورانھن علائقن تي پئسي ڪمائڻ جي ڪڍ نڪرندا هئا ۽ زالون سالن جا سال انتظار ڪنديون هيون. پر “چينسر” ڪنھن کي ڪو نہ نظر ايندو، جنھن کي سندس وني هڪ سوني هار جي ڪري ڇڏي وئي.” صفحو 28
هيءَ سوچ ايڪھين صديءَ جي هڪ نوجوان سنڌي ناول نگار جي آهي، جيڪو شين کي ٻين پاسن/پھلوئن کان جاچي ٿو. ڏٺو وڃي تہ عورت جو مظلوم هجڻ يا ڪمزور هجڻ ۾ مرد جو ڪو خاص هٿ ناهي، پر اهو هڪ سماجياتي/تاريخي مرحلو آهي، جنھن ۾ عورت اڄ جتي بيٺي آهي. شين کي ائين بہ ڏسجي ٿو. يا وليم شيسڪپيئر جئين چوي ٿو تہ : Frailty thy name is woman) بيوفائي تنھنجو نالو عورت آهي) هونئن بہ بيوفائي رڳي عورت جي کاتي ۾ ناهي، نہ ئي مان ان کي ڪا خاص انساني نقص ڀانيان ٿو، پر اهو هڪ انساني زندگيءَ جو موڙ آهي؛ جتي هڪ انسان ٻئي انسان کان الڳ ٿئي ٿو، جنھن ۾ هن جو نہ پر حالتن ۽ انساني ڪيفتين جو بہ عمل دخل آهي.
اڳتي هلي ناول نويس مارڪس جي نظريي کي غيرسنڌي چئي رد ڪري ٿو. هونئن تہ مارڪس جو نظريو ڪمال آهي ۽ انساني ترقي جي بقا جو ضامن بہ آهي. پر ناول نگار هتي بجاءِ آهي تہ “هن وطن جي مسئلن سان تعلق ناهي.”ص 29
اها بہ هڪ زميني حقيقت آهي تہ هتي جيستائين قومي سوال/تضاد موجود آهي تہ طبقاتي سوال ڪئين اٿارجي. ليکڪ ايڊم سمٿ ۽ مارڪس جي خيالن جا تضاد بيان تہ ڪري ٿو پر ان تي کلي پنھنجي راءِ نہ ٿو ڏيئي.
هتي سنڌي ناول نگاري جي حوالي سان سوال اهو بہ ٿئي ٿو تہ ناول شاگردن جي ڪھڙن رجحانن کي هٿي ڏيئي يا روڪي ٿو؟ جيئن ڪئمپس ناول پڙهي ورسٽي جا بانولا ڇوڪرا پنھون ضرور ٿيڻ چاهين ٿا يا اڻ سڌي طرح ان سنجها ۽ صبا جي ڳولا ۾ رهن ٿا، ٻيا سڀ مامرا هن جي لاءِ هڪ پاسي ٿي وڃن ٿا. اها هڪ حقيقت آهي تہ الهڙ پڻي ۾ رومانس طاري ٿي ويندو آهي پر رڳي رومانس بہ طبعيت کي هاڃيڪاري اثر وجهي ٿو. سماجي/سياسي/ثقافتي/انساني قدر مرجهائجي وڃن ٿا. هي ناول هاڪاري ۽ نوان سوال/رجحان پيدا ڪندڙ ناول بہ آهي.
هڪ خيال جيڪو سوال بہ آهي جواب بہ آهي! “منھنجو سماج هر مرد کي “وحشي” ڪري سڏيندو آهي.”صفحو 30
اهو واقعي الميو ۽ هڪ نفسياتي رجحان ٿي ويو آهي تہ مرد وحشي آهي، رڳو زنا جو ئي رشتو جوڙي ٿو عام نفسيات ٿي وئي آهي سنڌي سماج جي، جنھن کي ليکڪ چٽي ٿو. آئون ان نقطي تي ساڻس سمھت آهيان. هر مرد وحشي ناهي هوندو. خاص ڪري پڙهيو ڪڙهيو مرد.
باب سورهون مذهبي حقيقت بياني کي ظاهر ڪري ٿو. ان ۾ هڪ جملو واھہ جو آهي: “دنيا جا سڀ مذهب منھنجا آهن.”ص_33
مولانا ابوالڪلام آزاد چيو هو تہ؛ “هڪ زمين ۽ ٻيو ضميراهي ڪڏهن مذهبي ناهن هوندا.”اهو سچ آهي تہ حساب ڪتاب وٺڻ وقت ضمير مذهب سان نہ پر پاڻ سان جوابده هوندو آهي. مذهبي فريبي ۽ ٺڳي کان هٽي ضمير جي آواز ڏي ڌيان ڏيڻ جي گهرج آهي ۽ اهائي هن ناول جي ڪردار جي صلاح بہ آهي.
سومل جيڪا هن ناول جي ڪھاڻي بيان ڪندڙ هيرو جي هيروئن/محبوبا آهن. آءٌ چوندو آهيان، جيئن دنيا جي سڀني انسانن جو رت ڳاڙهو آهي ائين دنيا جي هر نسل/ثقافت سان تعلق رکندڙ محبوبا جي نفسيات بہ ساڳئي هوندي آهي. توهان وس ڪيو پر ان ۾ عورت جي روايت ايڏي ڀريل هوندي جو اوهان ڪڍي ڪڍي ٿڪي پوندا. وري سنڌي محبوبائون تہ پنھنجو مٽ پاڻ آهن! ائين هن باب سترنھن ۾ ٽين جنس سان تعلق يا ميل جول جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. مون کي ٽين جنس جي انسانن کان نفرت ڪندڙن کان حيوانيت جي ڌپ ايندي آهي. جڏهن هُو پنھنجي محبوبا کي کدڙي سان سنجوڳ جي ڳالھہ ڪري ٿو تہ هوءَ ان سان تعلق ٽوڙي ڇڏي ٿي. هي اهي ڳالھيون آهن جيڪي TABOO آهن اسان وٽ. ليکڪ انھن تي قلم تلوار جيان وهايو آهي. هڪ ڳالھہ وڏي مزيدار لڳي تہ کدڙي جو هيرو وري ليکڪ عمران خان ڏيکاريو آهي.
هر نسل جي عورت جي اگهاڙي بدن کي ڇھڻ جو خواب ڏسندڙ هن ناول جي ڪھاڻي ٻڌائيندڙ سنڌي نوجوان جي سوچ۽ سنڌي ڇوڪري جي سوچ کي بخوبي لکيو آهي جڏهن ڇوڪري هن کي چوي ٿي تہ؛ “تون پنھنجي گهر کان نڪري ڪيبن تان ڏھہ روپين جا سگريٽ وٺڻ جي حيثيت نہ ٿو رکين! تون دنيا ڪٿان گهمي سگهندين؟؟”ص_39
سنڌي ڇوڪري ڀلي ڪھڙي بہ طبقي سان تعلق رکندي هجي، غريب ڇو نہ هجي! پر هوءِ پنھنجي عاشق کي ملڪيت جو مھڻو يعني حيثيت ضرور ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ ڇوڪرو وري بنگلي، ڪرپشن، گاڏي ۽ سھڻي ڇوڪري. اهو الميو آهي سنڌي سماج جي ٻن نوجوان نسل جي صنفن جو.
هڪ لاجواب خيال سان هُو سومل کي پنھنجي زندگيءَ مان ڪڍي ڇڏي ٿو.
“مون کي سڀ کان ويجهو ماڻھو منھنجي خوابن جي پھرين رڪاوٽ آهي.” صفحو_39
ناول جو مک جيڪو ڪھاڻي جو بيان ڪندڙ بہ آهي، ڪڏهن سوچي ٿو تہ ليکڪ ٿئي، ڪڏهن سوچي ٿو تہ ڪيبن کولي، ڪڏهن کيس ملھہ پھلوان ٿيڻ جا خيال اچن ٿا، ڪڏهن ڪاروباري هيراڦيري ڪرڻ جو سوچي ٿو، پوءِ آخرڪار پيربابا ٿيڻ جو سڄو منصوبو لڇمڻ عرف لڇو ٺاهي ان تي عمل ڪرائيس ٿو ۽ هُو ڪوڙ بدوڙ هڻي مرشد ڪامل بڻجي وڃي ٿو ۽ وڏا ٺٺ ٿي وڃنس ٿا.
آتم ڪٿائي ناول، ساروڻين ۽ آتم ڪٿا ۾ فرق ڪرڻ ۾ ڪافي پڙهندڙ منجهي پوندا آهن. خاص ڪري ناول سان اها ڪار ٿيندي آهي. هي ناول پڙهندي گهڻن کي اهو لڳندو تہ اهي آتم ڪٿائي ناول ٿا پڙهن يا ساروڻيون پر ناول جي اهائي خوبي هوندي آهي تہ ان کي پڙهندي اهو محسوس ٿئي اهو خود پڙهندڙ سان ٿئي پيو. هي “سستي ٽيبل، مھانگي ڪرسي” مڪمل ناول آهي.
ناول نگار لکي ٿو تہ؛ “منھنجو عقيدو آهي تہ عشق ٺھيو ئي انسانن لاءِ آهي، عورت ۽ مرد لاءِ. سو منھنجو عشق عورت کان ٻاهر ويو ئي ڪو نہ.” صفحو _75
هڪ يوناني فلسفي ٿي گذريو آهي، جنھن ۾ ڪنھن بہ سوال کي ٻن پاسن کان جاچڻ ۽ دليل ڏيڻ ۽ بحث مباحثي ڪرڻ جي صلاحيت هئي. هن ناول ۾ بہ ٻنھي پاسن کان هر سوال/خيال کي ڏٺو/پرکيو ۽ ڳالھايو ويو آهي. مٿي جيڪا عشق جي ڳالھہ ڪئي آهي ڇا ٽين جنس (کدڙي/کدڙو) عشق نہ ٿا ڪري سگهن. مون تہ انھن جي عشق جون گهڻيون ڪھاڻيون سڻيون آهن.
هن ۾ مولوي جو ڪردار بہ دلچسپ ۽ سگهاري نموني چٽيو ويو آهي، ان ۾ ليکڪ جي اک جو ڪمال آهي. شروع ۾ جيڪا منظرڪشي ڪئي وئي آهي تہ ڪرسي آهي، ٽيبل آهي، دنيا جو نقشو آهي ان مان لڳي ٿو تہ ڪو سي ايس ايس جي تياري ڪندڙ جوان آهي. بعد ۾ ناول نگار اهو بہ ڏيکاري ٿو تہ ڪھاڻي ٻڌائيندڙ جي ماءُ غريب آهي ان جو پيءُ بہ غريب آهي ڦاٽل ڪپڙن کي چتيون هڻن ٿا. وري ان ئي ڪردار وٽ بائيڪ بہ آهي مامو ان کي لک رپيا بہ ڏئي ٿو، هن وٽ واش روم بہ آهي. هن وٽ هڪ موبائيل بہ آهي جنھن تي هو ميان خليفا جي وڊيو ڏسي ٿو. اهي ڳالھيون ا بھام پيدا ڪن ٿيون. منظرن کي منجهائي وجهن ٿيون تہ آخر جيڪو ڪردار آهي ان جو عڪس يا واسطو ڪھڙي طبقي سان آهي.
هڪ ٻئي ڳالھہ جيڪا منجهائيندڙ ۽ سمجهہ ۾ نہ ايندڙ آهي تہ ڪردار کي جڏهن لڇو ڪمري ۾ واڙي وڃي ٿو تہ تون چاليھہ ڏينھن ويھي ڪتاب پڙهجان. تہ ڪمري ۾ هن کي گل يعني ٻوٽو بہ ڏئي وڃي ٿو. گل/ٻوٽي جو ڪمري ۾ سج جي روشني کان سواءِ نسرڻ/اوسرڻ ناممڪن آهي. پر هُو تہ ڪمري ۾ ان جي خوشبو بہ سنگهي ٿو جيڪو اڻ ٺھڪندڙ آهي.
هڪ ٻئي منظر ۾ ليکڪ ڌراڙ جي منظر ڏيکاري ٿو جيڪو جلال چانڊيي جو ڪلام ڳائيندو اچي ٿو. ليکڪ لکي ٿو تہ هن کي ڪلھي ۾ پاڻي جي بوتل هئي. منھنجي خيال ۾ پاڻي جي بوتل جديد طرز ۾ رهندڙن ماڻھن جو فيشن آهي نہ ڪي ٻھراڙي ۾ رهندڙ ڌراڙي جو، جيڪو ڪلام بہ جلال جو ڳائي ٿو، خير اها ننڍڙي چڪ چئي سگهجي ٿي. ناول لکڻ وقت باريڪ بيني سان سڀني شين کي جاچي لکڻو پوي ٿو.
پير ٿي وڃڻ کان پوءِ هو سوچي ٿو: “جنھن دنيا گهمڻ جا مون خواب پئي ڏٺا سا دنيا مون هتي اڏي ڇڏي آهي.”صفحو_ 104
سنڌي سماج، جو اٻوجهہ سماج آهي، سنڌ جو سماجي تاڃي پيٽو درگاهي آهي هر ڳوٺ ڳلي ڳلي ۾ درگاھہ آهي پير آهن سنڌي ماڻھو ڪيترا ڀورڙا آهن اهو توهان کي هي ناول پڙهي محسوس ٿيندو ۽ سنڌ ۾ پير هڪ قسم جي انڊسٽري آهن جيڪي ارب کرب رپيا ڪمائن ٿا انھن جا نسل کائن ٿا. سنڌي سماج ۾ سانئسي سوچ جا بکيا اڍڙي ڇڏيا آهن. ليکڪ چواڻي: “سائنس دنيا ۾ ديوتائن کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي ۽ سائنس ديوتائين کي آفريڪا ۽ ايشيا ۾ قيد ڪيو آهي. جتي هو پنھنجي زندگين جا آخري سال گذاريندا.”صفحو_105
وري بہ ناول نگار جي لفظن ۾ تہ “ناڪامي ماڻھو کي ولي ڪريو ڇڏيو.” هو ولي ٿي يا نہ ٿئي، پر ناول نگار ٿي ويو آهي، هن ڀرپور ۽ گهرو ادارڪ رکندڙ ناول لکي ورتو آهي. سنڌي ناولن جي باري ۾ آئون بار بار اهو چوندو رهيو آهيان تہ ناول لکي ايڊيٽ ضررو ڪرايو ۽ اهائي کوٽ مون کي هن ناول ۾ بہ لڳي هي ناول هڪ ايڊيٽر ضرور ڏسي ها تہ جيڪي غلطيون رهجي ويون آهن اهي هن جي سونھن کي متاثر نہ ڪن ها. جيئن ناول، ناوليٽ ۽ ڊائري ٽن قسمن جا نالا ڏنا ويا آهن هن کي ڪتاب کي، پر منھنجي نظر ۾ هي ناول آهي. آخري ڳالھہ هي تہ؛
Samuel Johnson said: ‘A writer only begins a book. A reader finishes it.’
سو جتوئي ڪامران هي ڪتاب جيڪو ناول آهي شروع ڪيو ۽ مون ان کي وڏو چس وٺي پورو ڪيو.