لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد سنڌي ناول جو تجزيو

هوش محمد ڀٽي هڪ نفسياتي ماهر جيان سنڌي ادب جي فڪري پھلو تي چڱي دسترس رکي ٿو. ھن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن جي ناولن تي سندس تنقيدي ۽ تفصيلي جائزا ڏنل آھن. ھوش ڀٽيءَ ھن ڪتاب ۾ 28 سنڌي ناولن سميت ھڪ اردو ۽ ترجمو ٿيل ناولن کي تجزيي ھيٺ آندو آھي، پر ان کي بہ سنڌي ناول جي پڙھت جي تسلسل واري شاھوڪاري ۾ شمار ڪبو. ھوش محمد ڀٽي جو ھيءُ ڪتاب سنڌي ناول بابت ھڪ ريڊنگ ڊسڪورس آھي. جنھن ۾ ھن سنڌي ناول ۾ موجود تحليل نفسيءَ جھڙن محرڪن ۽ سريئلزم جھڙين اظھار جي ادبي ٽيڪنيس سان سنڌي ناول جي اوک ڊوک ڪئي آھي.

Title Cover of book Jadeed Sindhi Novel Jo Tajzio

اشتياق انصاريءَ جو ناول “اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ”

انصاري ڀائرن جو شعور ۽ ذهن ڪمال جي وسعت رکندڙ آهي. سائين انيس انصاري سنڌي ادب جي زمين تي هنن جو ٻج ڇٽيو جنھن منجهان اڄ هو وڏي وڻ جي صورت پوري پاڪستان ۾ نشانبر آهن. سائين انيس انصاري جي تربيت جو ئي اثر آهي جو هُو ايترو گهرو سوچن ٿا، لکن ٿا ۽ فڪر رکن ٿا.
منھنجي لاءِ اهي اديب اڃا بہ وڌيڪ متاثر ڪندڙ هوندا آهن جن پنھنجي قلمي جنگ تہ وڙهي هجي پر هو عملي ميدان ۾ رنڊا روڙيندا رهندا آهن. سائين انيس انصاري جي Radioactivity مان پيدا ڪيل ڪرڻا، اخلاق، اسحاق ۽ اشتياق سنڌي ٻوليءَ جي ادبي شان جي لاءِ پنھنجي توانائي منتقل ڪئي آهي.
اشتياق انصاري سنڌيءَ ٻوليءَ ۽ ادب جو تابينو محقق ۽ اديب آهي جنھن پنھنجي قول ۽ فعل سان ڌرتيءَ جي لاءِ پئي پورهيو ڪيو آهي ۽ جيل بہ ڪاٽيا آهن تہ هنڌ هنڌ وڃي ڦلھوري هڪ نئين تاريخ پڻ رقم ڪئي آهي.
ويجهر ۾ سندس ناول “اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ” کڻي ڏٺم. جيڪو ڳچ عرصو اڳ پڙهيل هو. ڏسڻ بعد لڳم تہ هن تي لکڻ گهرجي. ڇو تہ هن سگهاري ۽ مڪمل ناول کي ناول ڪري نہ لکيو ويو آهي. جنھن جو صد افسوس ٿيم. خود فاضل ليکڪ بہ چوي ٿو تہ “پڙهندڙ تي ڇڏجي ٿو تہ هو ان کي سچي ڪھاڻي، ناول، انٿراپالاجيڪل اسٽڊي ٿا سمجهن يا مورڳو تحقيق ٿا قرار ڏين.”
منھنجي نظر ۾ “اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ” فني ۽ فڪري لحاظ کان هڪ مڪمل ناول آهي. پوءِ خبر ناهي ڇو حاذق ليکڪ، اخلاق انصاري يا نور احمد ميمڻ صاحب ناول ڇو نہ ٿا سمجهن. جنھن ۾ سنڌ جي پراچين اڻ آريائي قبيلي، اوڏن جي اصليت، رهڻي ڪھڻي، ريتن رسمن، ۽ ڪرت ڪسب کي ناول جو روپ ڏئي خوبصورتي سان بيان ڪيو ويو آهي. هي ناول هڪ سچي قصي تي لکيل آهي. ناول ٻن دوستن جي سچي ڪھاڻي آهي. هڪ مسلمان آهي ۽ ٻيو هندو. هڪ پئسي مال ملڪيت وارو ۽ ٻيو مسڪين گڏهن تي مٽي ڍوئيندڙ. هڪڙو پڙهيل لکيل آهي ۽ ٻيو ڪلھي تي ڪوڏر.
ايڏي وڏي طبقاتي فرق جي هجڻ ڪري بہ ٻئي دوست هڪ ٻئي تان ساھہ صدقو وڃن ٿا ۽ دوستي جو نڀاءُ ڪن ٿا. جنھن کي هڪ مثالي دوستي چئي سگهون ٿا.
اوڏ پراچين ماڙهو آهن. ڪن ماڻھن جو چوڻ آهي تہ سنڌ جا قديم رهواسي آهن. ٿي سگهي ٿو درواڙي نسل جا هجن. اوڏ اڪثر ڪري گڏهن تي مٽي کڻڻ ۽ ڀتين جوڙڻ جو ڪم ڪندا آهن. ان کي اوڏڪو ڌنڌو يا ڪم چون. سنڌ ۾ اوڏ ٻن طبقن ورهايل آهن. هڪڙا مسلمان ۽ ٻيا غير مسلم.
راجپوتن وانگر هنن جا بہ پاڙا آهن. جئين راٺوڙ، پرمار چوهاڻ ۽ ڀٽي وغيرہ سنڌي لوڪ ۾ اوڏن جا ڪي ئي ڪردار ملن ٿا. اهو هي ناول پڙهڻ بعد پتو پوي ٿو. سنڌ ۾ اوڏ بنيادي طرح عمارتون ٺاهيندڙ ۽ هنرمند آهن. ڪيترائي اوڏ اعليٰ تعليم يافتہ ۽ اديب آهن.
اسان جي شھر باڊھہ ۾ دادو ڪينال جي ڪڙ سان ڪيترائي اوڏن جا گهر هوندا هئا. آئون ننڍپڻ ۾ هنن جي ٻوليءَ، چال چلت، رسمن، رنگ ڍنگ بنھہ مختلف ڏسندو هوس. اهي هاڻي مسلمان ٿي چڪا آهن ۽ انھن ۾ رلجي ويا آهن. هنن کي ڀلا گڏھہ هوندا هئا ۽ آهن جن تي هو مٽي پراڻي وقت ۾ ڍوئيندا هئا ۽ هاڻي سڀ ڪجهہ ڍوئي پنھنجو گذر سفر ڪن ٿا.
اوڏڪي ٻولي جيڪا هو ڳالھائيندا هئا/آهن هاڻي تہ سندن لھجو اسان جھڙو ئي ٿي ويو آهي. ٿي سگهي ٿو تہ هو گهر ۾ اها ٻولي اڃا ڳالھائيندا هجن. اسان جو سڄو پاڙو گڏهن تي مٽي ڍوئڻ وارن جي ڪرت سان ڀريو پيو آهي. منھنجي خيال موجب اهي اوڏ هجن ۽ هاڻي مسلمان ٿيا هجن.
هن ناول جو نالو سنڌ جي لاڙ واري حصي واري لوڪ گيت تان کنيو ويو آهي. ان گيت جو تعلق ڄام لاکي ۽ اوڏڻ جي تاريخي داستان سان آهي. گيت جا ٻول هئين آهن؛
اسين اوڏ، مٽيءَ جا ڪوڏ، ڪوڏر لاڏ اوڏڻ سان،
ڪھڙو لاڏ ڪوڏ اوڏڻ سان، فٽو ڪر شان اوڏڻ سان،
اسان جو پکڙن سان آهي پيار...

ٻيو هن ناول ۾ مشتاق ناگاڻي جي وائي بہ ليکڪ 212 صفحي تي ڏني آهي:
اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ سھڻا،
اوڏ مٽي جا ڪوڏ!
ڌرتيءَ کان هي دان ڳنھن ٿا،
گنجڙي ڦاٽل گوڏ، سھڻا،
اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ!

اوڏڪي ٻولي جيڪا هن ناول جي سونھن بہ آهي. جڏهن ناول پڙهجي ٿو تہ ڪردارن جي اصلوڪي هجڻ جو هڳاءُ دل ڇھي ٿو. اهو پاسو ناول جو گهڻو تخليقي ۽ سگهارو آهي.
اوڏڪي ٻوليءَ تي سنڌي ٻوليءَ جو گهڻو اثر آهي. هن کي سنڌي ٻوليءَ جو لھجو بہ مڃيو وڃي ٿو. 1998ع تائين جي انگن اکرن موجب هن ٻولي جا ڳالھائيندڙ 50 هزار موجود هئا. مون کي هي نيم تاريخي قسم جو ناول لڳي ٿو.
خوبصورت منظرڪشيءَ سان هي ناول ڪر موڙي اٿي ٿو ۽ شروعات ۾ اوڏن جي خاندان جو هڪ ننڍڙو پکڙو آهي. جنھن جا گهرڀاتي سج اڀري سان پنھنجي ڪرت ۾ جنبي وڃن ٿا. هن ناول جا ڪردار تمام گهڻا سٻاجھڙا آهن سواءِ چند ڪردارن جي ٻيا هڙئي ڪردار هيٺين طبقي سان رکندڙ آهن. ناول جو مک ڪردار ناٿو آهي. جيڪو ليکڪ جو ڏٺل وايٺل آهي. جيل ۾ ساڻس ملاقات ٿئي ٿي ۽ ليکڪ هن جي قصہ گوئي کان متاثر ٿي ان ڪردار کي ناول بنياد بڻائي لکيو آهي.
مک ڪردار جا ماءُ ڀاڳل ۽ پيءُ ڀڳت ۽ ڀيڻيون لاچان آهن. ناٿي جو دوست جيڪو هڪ امير پيءُ جو اولاد آهي. سندس نالو اميد علي آهي. سونو مل اوڏن جو مکي آهي. جنھن جي چوڻ آکڻ ۾ سڄو قبيلو آهي. اوڏن جو هي خاندان گهڻو مسڪين ۽ محتاج آهي. مٽيءَ جا ڪوٽ ٺاهڻ سان سندن زندگي جو گاڏو گڙي ٿو. ناٿو ۽ ان جو ڪٽنب ٺيڪيدار جمن جي باغ کي اوڏڪو ڪوٽ ڏيڻ جو ذمو کڻن ٿا. ناٿو ان وقت معصوم آهي. ٺيڪيدار جمن تہ ايڏو ظالم ماڻھو نہ آهي پر ان جو منشي نواز اوڏن جي سڪيلڌي پٽ ناٿي تي بي وجهہ تشدد ڪري ٿو ۽ اهو اميد علي جيڪو ٺيڪيدار جمن جو پٽ آهي اهو ڏسي وٺي ٿو ۽ ناٿي کي منشي جي مار کان بچائي ٿو. رحم واري ان خصلت ڪري اميد علي جي ان ڪٽنب سان انسيت ۽ ناٿي سان گهري دوستي ٿي وڃي ٿي.
هن ناول جي اها بہ خوبي آهي تہ اوڏ جيڪي هن ناول جا ڪردار آهن انھن جو ڪي قدر حقيقي پس منظر پيش ڪندڙ تصويرون بہ شامل ڪيون ويون آهن. اوڏن جي ڪرت، عورتن جي فيشن ۽ ڪرت وارا عڪس هن کي وڌيڪ رونق ڏين ٿا. ناول ۾ گڏهن جي باري ۾ بہ ڪافي معلومات ڏنل آهي. جيئن مختلف ماڻھن جو جانور جو تصور پنھنجو پنھنجو آهي ائين اوڏن وٽ گڏھہ جي هينگ ۽ ان جي سڀاڳي يا نڀاڳي هجڻ جا پنھنجا تصور آهن. صفحي 91 تي هڪ جملو آهي:
“ڪاسائي اچڻ سان ڇيلا حلال ڪرڻ شروع ڪيا.”
اوڏ ڪي مسلمان آهن اڄوڪا پر هن ناول ۾ ڏيکاريل اوڏ غير مسلم آهن. حلال ڪرڻ جو رواج مسلمانن ۾ آهي. ان خيال سوچن ۾ وجهي ڇڏيو. اوڏن ۾ ڀنگ پيئڻ هڪ رسم آهي ۽ ڀنگ جي پيالي کي “لعل سائين جو پيالو” ڪوٺين. آفيم مليل پاڻي کي وري رهاڻ چون.
“اهي مايون ڪھڙي قوم مان آهن؟” اميد علي مکي کان سوال ڪري ٿو. جيتوڻيڪ اميد علي هڪ پڙهيل ڪڙهيل ۽ باشعور فرد آهي. پوءِ بہ هو اوڏن کي قوم سمجهي سوال ڪري ٿو. اها وچڙائيندڙ سوچ آهي. ناول ۾ کوڙ جاين تي اوڏن کي قوم ڪري لکيو ويو آهي. اوڏ يوني ۽ لنگم جي بہ پوڄا ڪندڙ آهن. رام پير سندن ڪرتا ڌرتا آهي. جيئن مسلمانن جو مسجدون آهن هنن جا بہ مندر آهن ۽ مندرن مان مسلمانن جيان اوڏ بہ چپليون چورائن ٿا. ناول ۾ اهو بہ ٻڌايو ويو آهي تہ اوڏ هڪ مخصوص گرھہ/ستاري جي بہ پوڄا ڪن ٿا ۽ ان جي لھڻ چڙهڻ تي ريت رسم رکن ٿا. اهو ستارو زهرہ آهي.
ناول ۾ ليکڪ ڏانءُ ۽ اسلوب پختو، سھڻو ۽ پراثر آهي. ناول نگار منظر ڪشي ان لاءِ بہ ڪندو آهي تہ جئين ناول بہ پرڪشش بڻجي. هڪ مطلب اهو بہ هوندو آهي تہ اهي منظر آهن تہ معمولي پر ناول نگار انھن کي اثرائتي ۽ گهرائي سان ڏسي چٽي ٿو تہ پاٺڪ ڇڪجي پوي ٿو اهڙو منظر صفحي 117 تي آهي:
“آسمان تي هلڪي چنڊ جي روشني ڦھليل هئي. اها روشني صرف آسمان کي ٿورو روشن ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي. زمين تي مڪمل چانڊوڪي ڦھلائڻ لاءِ اڃا چنڊ کي ڪجهہ ڏينھن بي چين رهڻو هيو. تنھن هوندي بہ چنڊ جي ڪجهہ سھائي هئي. اتي ويٺل اوڏن کي صرف تاري (زهره ستاري) جي ظاهر ٿيڻ جو انتظار هيو. ڇو جو ان، تاري نروار ٿيڻ بعد ئي هو شادي جي رسمن کي اڳتي وڌائن ها. ڪافي دير تائين ٻئي گهوٽ ميدان ۾ پنھنجي ساٿين سميت تاري جي اڀرڻ جو انتظار ۾ ويٺا رهيا.”
ناول جي قصي ۾ ان وقت سنسني مچي ٿي جڏهن ناٿي جي وهانءَ ۾ اوڏن جو بزرگ لڌو مل اميد علي جي مٿان چڙهي وڃي ٿو ۽ اميد علي تڪليف جي صورت ۾ ان کي ڌڪو ڏئي پري ڪري ٿو تہ بزرگ جي پڳ لھي پوي ٿي. تنھن تي بزرگ اميد جي گهڻو بي عزتو ڪري ٿو تہ اميد بچاءُ خاطر فائر ڪري ٿو. اوڏن ۾ وڏي جي پڳ جو ڪري پوڻ وڏو اپمان سمجهيو وڃي ٿو. اتان وڏو فساد جنم وٺي ٿو. منگهر مل وارا جتي ناٿي جي شادي ٿئي ٿي. اڳرائي پوڙهي لڌي مل جي هوندي آهي.
گهڻي گهپي کان پوءِ شادي کي اڳتي وڌايو وڃي ٿو پر پوءِ بہ لڌي مل وارا ناٿي تي حملو ڪن ٿا ۽ هو اميد علي واري پسٽول سان ٽن ماڻھن کي ڪيرائي وجهي ٿو. ناٿو جيل ۾ پوي ٿو ۽ موت جي سزا اچيس ٿي. ان سڄي ماحول ۽ مصيبت ۾ اميد علي ناٿي جي مالي، قانوني ۽ سماجي سھائتا ڪري ٿو. کيس موت جي سزا تہ ختم ڪئي وڃي ٿي.
دنيا جي هن گولي تي هر خطي، مذهب ۽ قومن ۾ عورت لاءِ ڪا خاص آزادي يا رعايت ناهي، ائين اوڏن جي رسم بہ عورت کي جڪڙي ٿي: ليکڪ لکي ٿو “ڇو جو اوڏن جي رسمن مطابق عورت صرف زندگي ۾ هڪ ڀيرو ڦيرا ڏيندي آهي. ان کان پوءِ هو زندگي ۾ وري ڪڏهن بہ ڦيرا نہ ٿي ڏئي سگهي، پوءِ ڀلي سندس مڙس مري وڃي، عورت شادي ڪري يا ڀنج (طلاق) ٿئي.” ص_119
اشتياق انصاري هڪ انٽرويو ۾ چيو تہ “مون کي سنڌ جي ورثن سان جنون جي حد تائين محبت آهي. اهوئي سبب آهي جو هن سنڌي اوڏن جي سموري تاريخ کي هن ناول ۾ سموئي ڇڏيو آهي.
ناٿي کي موت جي سزا اچي ٿي پر اميد علي جي وڏي ڪورٽ ۾ قانوني جنگ ڪرڻ بعد موت جي سزا ختم ٿئي ٿي پر هن کي گهڻي وقت لاءِ جيل ۾ رهڻو پوي ٿو. پوءِ اها عمر قيد واري سزا سٺي چال چلت ڪري معاف ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ پڪو قيدي ٿي گهاري ٿو. ڦاسي گهاٽ جا ڀيانڪ منظر ۽ جيل جون وحشتون ناول نگار گهرائي ۽ سچائي سان چٽيون آهن ڇو تہ هو پاڻ بہ جيلن ۾ رهيو آهي.
هن ناول ۾ مون کي ڪٿي ڪٿي ڪي غلطيون بہ نظر آيون جيئن صفحي 145 تي جڏهن اميد علي ناٿي سان ملڻ جيل وڃي ٿو تہ جيل سپرنٽينڊنٽ کي ڪنھن رئيس کان سفارش بہ ڪرائي ٿو ۽ اهو سندس پيءُ جي شخصيت کان بہ واقف آهي کيس چانھہ بہ پياري ٿو ان جي باوجود بہ اميد علي هن کي ملاقات ڪرڻ لاءِ رشوت ڏئي ٿو.
ناول ۾ اوڏن جي قبيلن جو بہ ذڪر آهي جيئن ماڙيچا اوڏ، گرگٽ اوڏ، سنڌي اوڏ ۽ اوڏ ڀٽي بہ سڏائن ٿا. هڪ ٻئي کوٽ جيڪا ناول جي صفحي 169 تي آهي. اميد علي جو پيءُ جمن بيمار آهي پوءِ بہ ناول نگار ڏيکاريو آهي تہ اميد علي پيءُ کي ڇڏي حيدرآباد هليو وڃي ٿو ۽ اهو بہ ڏيکاريل آهي تہ جمن بہ ڪم ڪار لاءِ حيدرآباد وڃي ٿو.
ناول ۾ هڪ ٻہ پيراگراف ورجايل بہ لڳا يا ڪي مڪالما بار بار پئي آيا. اهڙو اظھار 174 صفحي تي آهي.
ناول نگار جي ناٿي جي ڪيس تي اميد علي جي لڳايل دولت جي ڳالھہ بہ چٽي ناهي ۽ اميد علي جا سڀ پئسا بنئڪ بيلنس ايتري قدر جو ڪار بہ کپائي ٿو اهو ڪجهہ ڪجهہ غير حقيقي لڳي ٿو ۽ وري ان جي ابتڙ خوشحال بہ لڳو پيو آهي. ڀٽائي بہ اوڏن کي ڳايو آهي ۽ ناول جو هڪ ڪردار ماستر، لاکي ۽ اوڏڻ جو داستان ڦاهي گهاٽ جي اسيرن کي بلند آواز ۾ ٻڌائي ٿو. جيئن ڀٽائي چيو آهي:
“تماچي آندي مھاڻي، لاکي آندي اوڏ،
سما پيا ڪوڏ، ذات نہ پڇيائون جوءِ جي.”
ٻئي هڪ غلطي جا مون کي 193 صفحي تي محسوس ٿي:
“ڳالھين ڳالھين ۾ رات جو ڪافي پھر گذري ويا ها، آسمان تي وري کجڻ ۽ ڪڪرن ڪڻجهڻ شروع ڪيو هو. ٿوري جهڙ ڦڙ کان پوءِ وڏو وسڪارو وسڻ لڳو. هرڪو قيدي، پناھہ... پناھہ... منھنجا مالڪ پناھہ چوندو وڃي بستري تي ليٽيو.”
مٿيئن ٽڪري ۾ منظر ڪشي تہ زبردست ڪئي وئي آهي ۽ ٻولي جي حسناڪي بہ آهي پر ڦاهي گهاٽ ۾ اسيرن کي ڪال ڪوٺڙي ۾ ڪو بہ بسترو نہ ڏنو ويندو آهي ۽ ٻيو تہ اسير ڦاهي گهاٽ ۾ هوندي بہ خبر ناهي ڪھڙي پناھہ پيا گهرن. نانڪي جيڪا ناٿي جي زال آهي. هن ناول جو سگهارو ڪردار آهي. جنھن جي وفا هماليه کان اوچي ۽ مضبوط آهي. نانڪي ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪندڙ ماڻھو سان نينھن نڀائي ٿي. موت بابت ليکڪ جو فلسفيانہ تجزيو پڙهي ڏسو:
“موت هڪ مڪروھہ ڳجهہ وانگر اکيون ڦوٽاريون، ڳچي اڳتي ڪري، جهاتيون پائي رهيو هو. موت جنھن جو گُجُ ڀرجڻ جو ئي نہ آهي، نہ وري انھيءَ موت کي موت اچڻو آهي.” ص_213
سنڌي ناولن جا مک ڪردار اڪثر ڪتاب پڙهندڙ، لکندڙ يا اديب ئي هجن ٿا. اهو عام جام هر ناول ۾ محسوس ڪيو اٿم. اميد علي بہ ڪتاب پڙهندڙ ۽ گهڻو وقت لائبريري ۾ گذاريندڙ آهي.
ناٿو جيل مان نيٺ آزاد ٿئي ٿو ۽ آزاد ٿيڻ بعد روزي جي لاءِ پريشان هجي ٿو. مون کي اها کوٽ محسوس ٿي تہ ناول نگار ان کي جيل ۾ ٽوپين ٺاهڻ جو ڀلو ڪاريگر ڄاڻايو آهي تہ آزاديءَ بعد هو روزيءَ لاءِ پريشان ڇو آهي ٽوپيون ۽ اڳٺ ڇو نہ ٿو ٺاهي؟ بھرحال اميد علي جو ڪاروبار سنڀالي ٿو.
لڌي مل جنھن کي ناٿي پسٽول سان ماري وڌو هو. پر سندس هڪ پٽ ان جهيڙي ۾ بچي ويو هو جيڪو ننڍو هو. جيڪو 25 سالن بعد وڏو ٿي پيءُ ۽ ڀائرن جو پلاند ڪري ٿو ۽ ناٿي کي ماري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڪتن کي وجهي ٿو ۽ اتي ناول جي پڄاڻي ٿئي ٿي.
هن ناول جا کوڙ سارا سين ڊرامائي آهن ۽ هي هڪ ڊرامائي ناول آهي. هن قسم جي ناولن ۾ ڪردار جون خوبيون ۽ خاميون واقعن جي ڪري هونديون آهن. هن قسم جي ناولن ۾ جاين جي تبديلي تمام ٿوري هوندي آهي ۽ وقت بس بدلجندڙ هوندو آهي. عام طرح ڊرامائي ناول اسان کي ڳوٺ يا هڪ ٻن گهرن کان ٻاهر نہ وٺي ويندو آهي ۽ هي ناول بہ ناٿي جي ڳوٺ ۽ ان جي واقعن، ڪردارن جي خوبين ۽ خامين جي چوگرد گهمي ٿو.
اشتياق انصاري انجنيئر، محقق ۽ هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ هڪ سٺو ناول نگار بہ آهي. جن جو وڏو ڪارنامو بدر ابڙي، ڪليم لاشاري ۽ انور پيرزادي سان گڏ ڪابل درياھہ کان عربي (سنڌي) سمنڊ تائين ٻيڙي ذريعي ۽ پيرين پنڌ سفر ڪيو آهي. درياھہ جي ٻنھي ڪنڌين تي موجود ماڻھن جي اٿڻي ويھڻي، ثقافت، ٻولي، قديم آثار ۽ لوڪ داستانن تي ڊاڪيومينٽريز ٺاهيون آهن.گورک ۽ ڪتي جي قبر جي سوين فوٽن اوچن جبلن تي بہ چڙهيو آهي ۽ ان سان هن شاهڪار ڪتاب بہ تخليق ڪيا آهن. جيڪي سنڌ جي تاريخ کي نئون جنم ڏين ٿا. اسان کائنس اهڙي قسم هڪ ٻئي ناول لکڻ جي آشا ڪيون ٿا.