لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد سنڌي ناول جو تجزيو

هوش محمد ڀٽي هڪ نفسياتي ماهر جيان سنڌي ادب جي فڪري پھلو تي چڱي دسترس رکي ٿو. ھن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن جي ناولن تي سندس تنقيدي ۽ تفصيلي جائزا ڏنل آھن. ھوش ڀٽيءَ ھن ڪتاب ۾ 28 سنڌي ناولن سميت ھڪ اردو ۽ ترجمو ٿيل ناولن کي تجزيي ھيٺ آندو آھي، پر ان کي بہ سنڌي ناول جي پڙھت جي تسلسل واري شاھوڪاري ۾ شمار ڪبو. ھوش محمد ڀٽي جو ھيءُ ڪتاب سنڌي ناول بابت ھڪ ريڊنگ ڊسڪورس آھي. جنھن ۾ ھن سنڌي ناول ۾ موجود تحليل نفسيءَ جھڙن محرڪن ۽ سريئلزم جھڙين اظھار جي ادبي ٽيڪنيس سان سنڌي ناول جي اوک ڊوک ڪئي آھي.

Title Cover of book Jadeed Sindhi Novel Jo Tajzio

ڳالھيون ڳجهہ اندر جون ]يار[ ناول بابت چند تنقيدي ويچار

گوتم ٻڌ کان سندس ڀڪشوءَ پڇيو تہ “سائين زندگي ڇا آهي؟” ٻڌ خاموش رهيو. ڀڪشوءَ وري پڇيو “زندگي ڇا آهي؟” ٻڌ وري بہ خاموش رهيو. جنھن تي ڀڪشوءَ ڌونڌاڙي پڇيو “سائين مان پڇي رهيو آهيان تہ زندگي ڇا آهي؟”
ٻڌ کيس جواب ڏنو “مان جواب تہ ڏئي رهيو آهيان. پر تون سمجهي ئي ڪونہ ٿو: يعني خاموشي.”
ائين آءُ حيدر دريا جو ناول “يار” پڙهي خاموش ٿي ويو آهيان. سمجهہ ۾ نہ اچي رهيو آهي تہ ڪٿان ۽ ڪيئن لکان!؟
جين مت وارا واڳونءَ جي پوڄا ڪندا آهن. ڇو تہ واڳون خاموش رهندو آهي. گوڙ نہ ڪندو آهي.
حيدر دريا جيڪو پنھنجي ڏيک ويک ۽ قول فعل ۾ هڪ سنڌي صوفيءَ جھڙو لڳندو آهي. هن جا ٻہ ناول ٻيا بہ لکيل آهن. پر هي ناول “يار” عشق، مذهب، سياست ۽ نيشنلزم جھڙي اهم ترين موضوعن کي ڇھي ويو آهي. زندگي ڇا آهي؟ جھڙي مبھم سوال کي سلجهائڻ ۽ ان جي جواب ڳولڻ جي ليکڪ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي.

جورج لوئس بورخيس پنھنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو تہ؛ “ڪنھن کي پڙهڻ سفر ڪرڻ يا ڪنھن جي پيار ۾ گرفتار ٿيڻ کان گهٽ پرلطف ناهي.”
هي ناول پڙهندي مون کي حيدر دريا سان محبت ٿي وئي آهي. هي ناول ۾ مون لطف وٺندي پڙهيو آهي ۽ پڙهڻ جو پھريون اصول منھنجي لاءِ اهيو هوندو آهي تہ آءُ جڏهن بہ ڪو ڪتاب پڙهندو آهيان تہ پنھنجي دماغ کي خالي ڪري ان ڪتاب جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهيان. ڇو تہ ان سان ئي پڙهڻ جو حقيقي لطف وٺي سگهجي ٿو. جديديت پڄاڻان جو انسان پنھنجي فلسفين، اديبن، عالمن ۽ دانشورن تي فخر بجاءِ سندن وٽ موجود Stuff تي فخر ڪري ٿو. هو جنگ جدل جو سامان جوڙي ان کي اهميت ڏئي ٿو.
سوچ، مراقبو ۽ بندگي اڄ جي ماڻھن جو شيو نہ رهيو آهي. ماڻھو پڄاڻان ماحول ۾ اهو ماڻھو ئي نہ رهيو آهي. پر پوءِ بہ ڪجهہ اهڙا ماڻھو آهن. جي سماج جي لاءِ سوچين ٿا. حيدر دريا ناول نگار بہ انھن ماڻھن مان آهي. جيڪي سماجڪ جاڳرتا ۽ سرت جو اونو رکن ٿا.
اي ڪي بروهي چوي ٿو:”نفسياتي ۽ روحاني اوسر ان وقت تائين نہ ٿي ٿئي، جيستائين انسان دنيا جي اعليٰ خيالن ۽ ڻظرين کان واقف نہ ٿو ٿئي ۽ اعليٰ انسانن جي صحبت اختيار نہ ٿو ڪري.”ص.82
حيدر دريا جي ذهني ۽ مطالعياتي حس اعليٰ سطح جي آهي. ۽ ناول نگار هن ناول ذريعي انساني روحاني ۽ نفسياتي آسودگي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ناول نگار پنھنجي پاران ۾ لکي ٿو: “منھنجو هي ناول، عشق جي اسڪول ۾ نيئن داخلا وٺندڙ نوجوانن جي ٿوري ڪجهہ رهنمائي ضرور ڪندو.” ص_4
پر منھنجي مطابق هي ناول ڪنھن بہ حد تائين ڪا بہ رهنمائي نہ ٿو ڪري. ان جا دليل مان اڳتي هلي ڏيندس. هي ناول سڄي جو سڄو تصوف جي Theme رکندڙ آهي. جئين تہ ناول جو ڪينواس وسيعو هوند آهي ان ڪري سياست، مذهبي انتھا پسندي ۽ مجازي عشق جا موضوع بہ بحث هيٺ آيا آهن.
ويدانيت ۽ وحدانيت جي فڪري ڳانڍاپي سان تصوف وجود ۾ آيو آهي. اسان جو سمورو خطو هڪ پراچين وقت کان وٺي ويدانتي رهيو آهي. جڏهن اسلام آيو تہ نئين فڪر جو نظارو ٿيو آهي.
ناول منجهہ جيئن اسان جي سنڌ جو هر گهر اڄڪلھہ آهي. ائين ئي ڏيکاريو ويو آهي. قربان هن ناول جو هيرو آهي، هو قومي فڪر جو پرچاري بہ آهي. ناول جي هيرو جو پيءُ وفاقي سياست سان تعلق رکندڙ پارٽي پ پ پ جو حصو آهي. هيري جو ڀاءُ وري حافظ ۽ جماعت اسلامي جو مذهبي اڳواڻ آهي. قربان جا ٻيا بہ 2 ڀائر آهن جيڪي ڪراچي جي ڪنھن مدرسي ۾ پڙهندڙ آهن. پر انھن جي موجودگي نالي ماتر آهي. ناول جي هيروئن عدن نالي سيدياڻي آهي. عدن جو پيءُ رانجهن شاھہ Lord آهي. جمال ذاڪر جو ڪردار جيڪو ناول جي هيرو جو دوست آهي. اهو مون کي ناول نويس جو پنھنجو ڪردار لڳي ٿو.
قربان جيڪو ملاح آهي. ٻيلي کاتي ۾ آفيسر آهي. اها خبر اڌ ناول پڙهڻ کان پوءِ پوي ٿي. ناکئا، هندوستاني جيلر ۽ جيل ۾ قيدين جا ڪردار پنھنجي جوهر ۾ حقيقي لڳن ٿا. “يار” ناول جي ڪھاڻي جيئن چوندا آهن تہ ناول جي ڪھاڻي جو اهڙو رخ رکڻو هوندو آهي، جيئن پڙهندڙ سمجهي تہ ائين ٿيندو؟ هئين ٿي سگهي ٿو؟ اهيو ناول جي فني تقاضائن موجب آهي!
آءٌ بہ ڪجهہ ڪھاڻي جي موڙ تي پنھنجا انومان جوڙيندو رهيس. ڪردار جي انت ۽ ڦيرن بابت ذهن چوندو رهيو تہ هاڻي قربان ۾ ڦيرو ايندو ۽ هو ڪو وڏو ڪارنامو ڪري ڏيکاريندو. ناول جو پلاٽ ۽ رٿا تصوف جي عجب افسانوي ۽ رومانوي دنيا جو سرجيل آهي.
ناول جو مک ڪردار اهڙو هوندو آهي يا ائين چئجي تہ مک ڪردار ناول نويس کي اهڙو کڻڻ کپي. جيڪو پيروي ڪرڻ جوڳو هجي. شان ۽ مان وارو هجي. هتي ناول جو مک ڪردار قربان اهڙو ڪو بہ عمل نہ ٿو ڪري جنھن سان ان جي پٺيان لڳجي، پوئلڳي ڪجي. ڪردار نگاري لاءِ اول هي هجڻ ضروري آهي تہ ڪردار جيئرا جاڳندا زندگي جو چٽ هجن ۽ اهي ائين هجن جئين اهي آهن. حيدر دريا ڪردار نگاري ۾ بھترين وکون کنيون آهن. حيدر دريا جا ڪردار گهڙيل مڪمل فطرتي آهن. ان ۾ هن جو ڪو بہ عمل دخل نہ آهي. پر ڪن ڪردارن تي خاص طور قربان ۽ محمد صالح تي ضرور ڳالھائيندس. “يار” ناول جا قصو ۽ ڪردار سٺو توازن رکندڙ آهن.
قربان سيدياڻي عدن سان عشق ڪري ٿو. بعد ۾ جڏهن اها ساڻس نہ ٿي ملي تہ هو صوفي ٿي وڃي ٿو. قربان مون کي اڌورو ڪردار محسوس ٿئي ٿو. ارسطو ڪردارن کي اهميت ڏيندو هو ۽ انھن کي گرفت ۾ رکڻ ضروري ڄاڻايو اٿس. ائين ناول نگار قربان جي ڪردار کي پنھنجي قبضي ۾ رکيو آهي. ان کي جامد ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌي سماج ۾ پيءُ هميشہ پٽ کي پاڻ جھڙو بنائڻ چاهيندو آهي هت بہ اها ئي ڪار آهي. گل محمد قربان کي پنھنجي نقش قدم ۽ فڪر تي هلائڻ چاهي ٿو پر قربان عدن ۾ اهڙو تہ ڦاسي وڃي ٿو جو قوم وطن مٽ مائٽ زال ٻار سڀ کائنس وسري وڃن ٿا. ناول نگار شروعات ۾ قربان جي خاندان کي وچولي طبقي جو زميندار ٻڌائي ٿو اڳتي هلي وري اهي غريب ملاح ۽ بي وس نظر اچن ٿا جو رانجهن شاھہ بہ کين گهر ويٺي ڳالھائي وڃي ٿو. ليکڪ سڄي ناول ۾ سڄي دم جي جاءِ تي Hyphen ڏني آهي.
قربان جيڪو پھريان وائڙو آهي. عدن جي عشق ۾ سوچي ٿو شاعر ٿيان. پنھنجي سرڪاري نوڪري ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪري ٿو. مطلب تہ عدن جي برھہ جي باھہ قربان کي ساڙي ناڪارہ بڻائي ڇڏي ٿي. سندس ڀاءُ حافظ سيدياڻي سان عشق تي بحث ڪري ٽوڪي ٿو، ڳالھائي ٿو.
ناول ۾ شاعري ڏيڻ تي مون کي ڪوفت ايندي آهي. توڙي جو آءٌ پنھنجي پھرين ناول ۾ شاعري ڏيئي چڪو آهيان. دنيا جي ٻين ٻولين جي ناولن ۾ ائين نہ آهي. تہ بہ خود ليکڪ پنھنجا شعر نثري نظم ڏنا آهن. حيدر دريا بہ ڪجهہ پنھنجا، ڪجهہ جديد ۽ ڪلاسيڪل شاعري مان شعر حوالي طور کنيا آهن.
عدن جو پيءُ رانجهن شاھہ قربان جي پيءُ گل محمد کي دانھن ڏئي ٿو. گل محمد جڏهن پٽ کي چوي ٿو “ٻيلي اهل بيت جي در کان دل پل.” ان کي اهيو چئي ان جو پيءُ ان کي روحاني خواهش جو قتل سمجهي ٿو. قربان عدن کي چاهي ٿو ۽ ماڻڻ چاهي ٿو اها روحاني خواهش تہ نہ ٿي!
قربان جيڪو قومپرست سياست سلھاڙيل آهي ان دؤر ۾ سائين جي ايم سيد بہ زندہ آهي. تہ پوءِ قربان قومي سياسي سوچ مان ڇو ناخوش آهي. اها ڳالھہ مون کي سمجهہ ۾ نہ آئي. ليکڪ صوفيانہ سنڌ جو منظرنامون خوبصورتي سان پيش ڪري ٿو. حاضر دؤر جي صوفي ازم تي تنقيد بہ ڪري ٿو جيئن: “وقت هو، سنڌ جي صوفي مزارن تي، پيار محبت جي حاصلات، عقل، امن ساڃاھہ جي سلامتي لاءِ عشق کان دعائون گهريون وينديون هيون. اتي هاڻ رڳو جنسي حوس جا شائق، جتين جا چور، لليجا ۽ عزتون وڪڻندڙ دلال نظر ايندا.” ص_56
ليکڪ عورت بابت پنھنجو نقطہ نظر هيئن پيش ڪري ٿو: “هن پنھنجي سيني تي اڀريل نازڪ ۽ نفيس عضون کان وڌيڪ جبلن، جانارن ۽ ڍنڍن ڍورن جي سنڀال رکي آهي. پوءِ بہ مرد جي مذهب سندس بشارت قبول نہ ڪئي! ۽ عورت جيڪا اصل ۾ ارض سما کي سونھن بخشيندڙ ۽ انساني ٻج جي ماءُ آهي، پوءِ بہ سندس الھامي اشارن کي قبوليت نہ ڏنائين.” ص _57 هي پوانئٽ آف ويو ليکڪ جو سگهارو آهي. جنھن مان هن جي عورت دشمني نظر نہ ٿي اچي.
شروعات ۾ ناول نگار قربان کي عدن لاءِ ڇتو ٿو ڏيکاري ۽ هن جي بي آرامي جي انتھائي ظاهر ڪري ٿو. پر لائق ليکڪ عدن جي حضرت عشق ڪھڙي حالت ڪئي آهي ۽ هن جي ڪھڙي ڪيفيت آهي ان کي بيان نہ ڪيو ويو آهي. نہ ئي ناول نگار جي صوفي مزاج هجڻ ڪري هن ان جو سٺو عڪسي ڏيک بيانو آهي. قربان خود غرضي جون سڀ حدون اورانگهي وڃي ٿو. قربان کي ٽي ٻار آهن. زال، ڀائر، پيءُ ماءُ اٿس. قومي تحريڪ سان لاڳاپيل هجڻ ڪري بہ هو روحاني طرح کوٽل آهي. مون تہ هميشہ ائين ڏٺو پڙهيو ۽ پرکيو آهي تہ جيڪي ماڻھو سيد ۽ سنڌ جي چاھہ ۾ چريا ٿيا اهي پنھنجي محبوبائن کان پري ٿي آزاديءَ جي محبوبا ماڻڻ لاءِ ماندا ٿي پيا هئا. قربان عجيب مٽيءَ جو ٺھيل آهي. اهڙي رنگ ۾ آهي جنھن جو ڪو عڪس نہ آهي نہ ئي اهو ڪنھن روشني نڪري نروار ٿئي ٿو.
“انسان کي عشق نرم ڪندو آهي ۽ نفرت کيس خشڪ ۽ سخت ڪري ڇڏيندي آهي. حق تي صرف اهوئي هوندو آهي. جنھن ۾ قرباني جو جذبو هجي.” ص_70
قربان جي مٿين لفظن ۾ اهڙي ڪائونسلنگ ٿئي ٿي پوءِ بہ هو پنھنجي خول مان نڪري ئي نہ ٿو. صوفي ازم کي 21هين صدي ۾ سائنسي رنگ ظاهر ٿيڻ گهرجي ها پر سنڌي سماج ۾ اهو صوفي ازم فڪر مذهبي شڪل ۾ اڃا بہ اوائلي بيهڪ وانگر موجود آهي. عطا محمد ڀنڀري وانگر تہ صوفي ازم اسان کي گهڻو نقصان رسايو آهي. پوءِ حيدر دريا اهڙي ڪردار کي ڇوسرجيو آهي جو دنيا جھان جو ڪم ڇڏيو ڪنڊ ويھي ڌپ ڪري وڃي ٿو. منھنجي خيال ۾ اسان انھن پراڻ پسند نظرين کي 21 صدي ۾ ڇو گهلي رهيا آهيون. ڇو حالتن کي ليکڪ موجودہ تناظر ۾ نہ ٿا ڏسن. قربان قومي سياست سان 10 سال ڏيڻ باوجود ڪا بہ شعوري سگهہ ۽ ارادن کي مستقل نہ ٿو بڻائي سگهي سواءِ جيل واري حصي جي.
سنڌي ۾ جيڪي ناول اچي رهيا آهن انھن ۾ شاعري جو ليکڪ رواني سان استعمال ڪري رهيا آهن. تازو مون سحر گل جو ناول پئي پڙهيو ان ۾ بہ شعر آهن سنڌي ليکڪ شاھہ لطيف جا شعر گهڻو ڏين ٿا. هي ناول بہ شاعريءَ جي ڇاپ کان بہ بچي سگهيو آهي.
“اهڙا ڪيترائي نوعمر نوجوان، سنڌ ۾ اهڙين ڪيفيتن ۽ حالتن جو شڪار هئا.” ص_80
“(مسلمانن جي ايمان جو لائسنس Renew ڪرڻ لاءِ، حافظ امين جھڙن نوجوان جنوني ملن ۽ متولين کي، مذهبي آزاديءَ جي نالي سان منجهايو پي ويو.)” ص_83
(“ٻنھي ڀائرن ۾ نظرياتي طور بہ وڏو فرق هو، پر اهو رڳو انھن ٻن ڀائرن جي وچ ۾ اهڙو فرق نہ هو، بلڪ سڄي سنڌ پنھنجي محروميت جي سبب ڪنھن تبديليءَ جي راھہ ڏانھن ڊڙندو هئي.”) ص_83
جيئن آءٌ چئي چڪو آهيان تہ هي ناول انھن خاندانن جي ڪھاڻي آهي. جن ۾ مختلف خيالن جي کچڻي پڪي پئي آهي. حافظ امين عالم آهي عربي فارسي، شيخ سعدي ۽ امام غزالي ۽ مولانا رومي بہ پڙهيو اٿس پوءِ بہ انتھا پسند سوچ رکندڙ آهي. هي ڪردار بہ ڪنھن ڪم جو ناهي.
(آئون سنڌ آزاد نہ ڪرائي سگهيس ۽ پاڻ کي آزاد ڪري گهر جي ڪنڊ ۾ اچي ويٺو آهيان. تڏهن بہ تنھنجي نظرن ۾ نادان آهيان.) ص_94
فرائڊ جي تحليل نفسي The Freudian Psycho Analysis اهڙو طريقو آهي. جيڪو شعور جي دٻيل ڪيفيت ۾ وٺي وڃي ٿو. قربان سان ائين ٿئي ٿو. جنھن کي لاشعور چئجي. هي قسم جو علاج آهي. جيڪو ذهني پيڙا Neurosis کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪتب ايندو آهي. اسان قربان جي Psycho Analysis ڪيون تہ هو بہ هڪ پيڙا ۾ آهي. جيڪا ان کي شعوري طرح لاشعوري ۾ وٺي وڃي ٿي.
ذهني پيڙا تلخ ۽ وارين سانڀرن ۽ روين جي ڪري ٿيندي آهي. جيڪي هڪ ٻئي جي ابتڙ آهن. تحليل نفسي سمجهائي ٿي تہ انھن کي شعور کان الڳ ڪرڻ گهرجي. کين تعليم ۽ اخلاقي مقابلي وسيلي لاشعور جي صورت ۾ تبديل ڪجي! لاشعور ابتڙ ۽ وسريل روين کي ڪڍي اسان جي اڳيان آڻي بيھاري ٿو ۽ پوءِ نوان رويا جنم وٺن ٿا. قربان سان بہ اهوئي مسئلو آهي. جيڪڏهن قربان پنھنجي شعور کي اجتماعي شعور سان ڳنڍي تہ مسئلو هل ٿي وڃي ۽ هو هڪ نئون گس وٺي. پر ڪٿي ليکڪ هن لاءِ لکي ٿو: “پنھنجي اندر ۾ لھندي، خود کي پنھنجي خدا جي ويجهو تصور ڪندو هو.” ص_86
وري ڪٿي ليکڪ هن لاءِ هيئن لکي ٿو: “سندس نفس جي اها بڇڙائي کيس سمجهہ ۾ ڪونہ پئي آئي.” ص_87
مون کي قربان جو ڪردار غلام فريد جي هن قول جيان لڳي ٿو: “جنھن ڏينھن مون کي ماءُ ڄڻيو، دائي ناڙو ڪپيو، ان وقت ڪاتي جيڪڏهن منھنجي نڙگهٽ تي گهمائي ڇڏي ها تہ پوءِ نہ دنيا ۾ هجون ها نہ هي ڏينھن ڏسڻا پون.”
ليکڪ تصوف جي پس منظر ۾ سنڌ جي ماضي ۾ ھھڙي جهاتي پائي ٿو: “سنڌ جون اهي اوطاقون ۽ اوتارا اجڙي ويا هئا، جتي تصوف مان، ديس جي دشمنن لاءِ خطرناڪ سياسي هٿيار بہ تيار ڪيا ويندا هئا.” ص_101
ليکڪ ناول ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي شخصيت کي سنڌي ماڻھن جي آجپي يا انھن کي نئين رخ ۾ وٺي وڃڻ جو ڪرڻو سمجهي ٿو. ڀٽو کڻي ڪنھن جي لاءِ ڪيڏو بہ عظيم ۽ امر هجي. منھنجي نظر ۾ هو Play Boy هو. جيڪو جنرلن کي Daddy چوندو هو. ڪي ئي دانشور نصير ميمڻ ۽ ٻيا چوندا آهن تہ هو جڏهن ٽڪٽڪي تي چڙهي ٿو تہ امر ٿئي ٿو. منھنجي خيال ۾ هن وٽ مرڻ کان سواءِ ڪو آپشن ئي نہ هو ۽ شھيد ٿي ڪري، هن پنھنجي سمورين غلطين ۽ گناهن کي سنڌي ماڻھن جي ذهنن کان ميسارڻ ٿي چاهيو ۽ ائين ئي ٿي بہ ويو.
ويدانتي ۽ وحدانيتي فڪر جي ڳانڍاپي سان صوفي ازم وجود ۾ آيو آهي. ان تي ليکڪ وڌيڪ گهرائي ۾ وڃڻ گهرجي ها.
مذهبي جماعت، جماعت اسلامي جي ڪرتوتن ۽ ڪارگذارين کي مقصدن سميت ڏيکاريو آهي. مذهبي سياست نہ ڪرڻ ۽ ان جي نقصانن تي ليکڪ جي پختي راءِ هن ناول ۾ شامل آهي. مون کي هي ڳالھہ بہ مٿان گذري وئي تہ هو ڀٽن ۽ سيد کي گڏ ٿو پيش ڪري. جئين هو چوي ٿو: “ڀٽي خاندان مان ڪجهہ باقي نہ پچندو. جي ايم سيد کان پوءِ هاڻ قوم کي پنھنجو وجود وسري ويندو.”ص_132
ڀٽو خاندان يا ان جا ليڊر ڀلي اهو شاهنواز ڀٽو ئي ڇو نہ هجي، پيپلز پارٽي بہ کين سيد ٺاهي ڏني. اهي سيد جي اڳيان ڄامڙا آهن. وقت جي بادشاهن جا سلامي رهيا آهن. سيد هر آمر ۽ ڪائنر جي اک ۾ اکيون وجهي منھن مقابل ٿيو آهي. اها ڳالھہ بہ ٿوري حيرت انگيز آهي تہ سيد گهراڻي جي مائي ڪيئن هن سان اچي ملي ٿي ۽ چؤگرد مذهبي ماڻھو ناکئو قاسم ۽ ٻيا هن جي مدد ڪن ٿا.
ليکڪ جي ساڃاھہ، ڄاڻ ۽ سرت مٿانھين آهي ۽ هن جي معلومات ڪٿي ڪٿي ڇرڪائي وجهي ٿي. جيئن: “عمر ڪوٽ جھڙا سنڌ جا تاريخي عجائب گهر بہ سرڪاري ايجنسين جون آفيسون بڻجڻ لڳيون هيون. ڏوٿين کي تہ جھڙي ڏيھہ نيڪالي مليل هئي!”ص139
ڀُٽي خاندان جي سياست تي ليکڪ جو ڊسڪورس ڏاڍو دلچسپ آهي. پر هو قومي سياست جي اوڻاين تي ڳالھائڻ کان پاسو ڪري ويو آهي. سيد جي غلطين کي نظر انداز ڪري ويو آهي. جيئن تہ هن ناول جو احاطو مني صديءَ تائين آهي تہ انھن شين کي آڻڻ گهربو هو. ناول نويس جي هي Perception واھہ جي آهي: “انسان هن دنيا ۾ ڄڻ ابدي ضمانت تي آزاد آهي، جنھن ۾ کيس رڳو پنھنجي حال جي گرفتاري جا اختيار مليل آهن.” ص145
ٻئي هنڌ لکي ٿو: “ها! البتہ ائين چئون تہ سپنن کان خالي ننڊ، نامڪمل ماڻھوءَ کي ايندي آهي ۽ الھام کان محروم ماڻھو، سجاڳ نہ ٿو چئي سگهجي.” ص_152
حيدر دريا جو سائنسي، سياسي ۽ مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي شعور تہ دل سان اعليٰ آهي. هن جي کان اک هن ناول ۾ ڪوئي خيال نہ بچي سگهيو آهي. جنگ، سياست، مذهب، تصوف، ارض جي سائنسي عمر، تاريخ مطلب تہ هو هر موضوع کي ڇھي ويو آهي. ناول جي هي ڪماليت جي ڳالھہ ٻڌو: “انسان مردہ پيدا ٿئي ٿو ۽ جڏهن محبت ڪري ٿو، تڏهن زندہ ٿئي ٿو، ۽ خود کي محبت ۾ پوکي، خود کي ئي لڻي ٿو.” ص_154
بندي جي ۽ مالڪ محبت تي ليکڪ جا ويچار: “ماڻھو جو موت ان وقت هجي ٿو، جڏهن خدا هن کي چاهي ٿو، پوءِ موت جو نالو، خدا جي محبت ڇو نہ رکيو ويو، ڇا خدا جي محبت هر بندي سان هڪ جھڙي ناهي!؟”ص_156
ناول ۾ ليکڪ جيڪا قربان فقير ۽ صوفي محمد صالح جي ڪچھري ڏني آهي. اها تہ پڙهندڙ جو ساھہ مٺ ۾ ڪيو ڇڏي. ڇا تہ فلسفيانہ موضوعن کي ليکڪ سھڻي سٽاءُ ۾ بيان ڪيو آهي. جيڪي ڪجهہ ٽڪر هتي ڏيڻ تمام ضروري ٿو سمجهان. محبت فلسفي جو موضوع رهي آهي: “۽ جيئن روشني، هر انجڻ جي رفتار کان تيز آهي، ائين محبت وارو خيال، انسان جي ذهن ۾ باقي هر خيال کان تيز آهي ۽ جئين باھہ، پاڻي کان سواءِ هر شيءَ ساڙي ڪر ڪري ٿي، ائين محبت، انسان جي ذهن کان سواءِ باقي هر ضرر رسا خيال ذهن ۾ ئي فنا ڪري ڇڏي ٿي.” ص_158
محبت بابت ناول نگار جو نقطہ نظر شاندار ۽ گهرو آهي:”ماڻھوءَ جي اندر ڪوئي جنون حد کان مٿي وڌي ويندو آهي تہ ماڻھوءَ مان پنھنجو ماڻهپو بہ هٿ ڪڍي ويندو آهي. پر محبت جو جنون وڌي وڃڻ سان، ماڻھوءَ مان پنھنجي انا، مڪمل ختم ٿي ويندي آهي. دنيا سان عداوت ختم ڪري ڇڏيندو آهي. پنھنجي وجود جي احساس ۾ رهندي، ديوانگي بہ سندس حصي ۾ اچي ٿي. پر هر حالت ۾ پنھنجي ذات کان سواءِ ڪنھن کي نقصان نہ ٿو رسائي.” ص_160
وطن جي حب تي ليکڪ جو نيريٽو Narrative 160 کان 162 صفحي ڏاڍو پراثر آهي. ليکڪ صوفي محمد صالح واتان صوفي ازم بابت هيئن ٿو چوائي: “قربان فقير، دنيا جا سڀ مذهب تصوف جي ٿنڀي تي بيٺل آهن.”ص_163
جڏهن تہ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صوفي ازم کي سنڌ جي پھرين ادبي تحريڪ ڪري بيان ڪيو آهي. هو چوي ٿو تہ سنڌي جي سموري اوائلي ڪلاسيڪل شاعري ان تحريڪ جو ثمر آهي.
ليکڪ لکي ٿو تہ “سنڌي ماڻھو ڀڳتي مرڳ ۾ پيو گذاري.” اها هڪ چٽي حقيقت آهي تہ سنڌي ماڻھو سڀ ڪم خدا جي کاتي وجهن ٿا. جنھن اڄ جي سنڌي ماڻھو باسون، ڌاڳا ۽ ٽوڻا ڪن. مون ڪو ناول پڙهيو جنھن ايشين ماڻھن تي لکيو هو Waiting for God ايشائي ماڻھو خدا جي انتظار ۾ هوندا آهن.
ليکڪ چوي ٿو: هندو ڌرم ۾ هاڻي اهو دور نہ رهيو آهي جو سماج کي طبقن ۾ ورهائي قائم رکي سگهجي.” منھنجي خيال موجب هندن ۾ اڃا تائين طبقاتي نظام هلندڙ آهي. اهو ڪنھن بہ صورت ۾ موجود آهي.
ناول ۾ هڪ زبردست ڳوڙهو خيال اوهان جي نظر؛ “سوڀ نفرت پيدا ڪندڙ آهي. سوڀاري جي ننڊ حرام آهي. هار ۽ جيت کان بي نياز ماٺيڻو ماڻھو امن ۾ رهي ٿو.” ص_166
اڄ جو شاعر نہ ڄاڻ ڇا مان ڇا عجيب خيال سرجي پيو سندس فڪر ڪٿي آهي ان بابت “يار” چوي ٿو “چوندا آهن تہ ٻيڙي پاڻي جي پنڌ لاءِ پار اڪاريندڙ ۽ تار پاڻيءَ ترندڙ گهر آهي. گوتم ٻڌ چواڻي تہ؛ ان کي مٿي تي کڻي هلندا تہ ٻڏي مرندا.” سو ان لحاظ کان اسان جو شاعر شخصي طور، پاڻ کي پنھنجي مٿي تي کڻي، هلندڙ ٿي پيو آهي. شايد قوم کيس ٻڏندي نظر پئي اچي، جنھن ڪري پاڻ ٻڏتر جو شڪار آهي.” ص_170
ناول جو پاسو تڏهن پلٽجي ٿو، جڏهن مک ڪردرا سمنڊ ۾ مڇي مارڻ وارن سان سير تي وڃي ٿو. زندگي غيريقيني وارن منظرن جو نالو آهي. هن حصي ۾ ليکڪ ڇا تہ درياھہ ۽ سمنڊ جي منظر نگاري ڪئي آهي. ائين ٿو لڳي ڄڻ پڙهندڙ اتي وچ سمنڊ ۾ ٻيڙي تي بيٺو هجي.درياهي ۽ سامونڊي ٻول، محاورا ڪمال ڪاريگري سان ڪم آندا آهن.
ناول جي پوئين حصي ۾ ليکڪ ڪردارن جون ڪيفيتون ۽ سوچون سھڻي من مھڻي اسلوب ۾ اڳيان ڪيون آهن. جيئن: “ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي تہ دنيا ۾ قيامت سمنڊ ئي آڻيندو.”182ص
حسين رات جي منظرنگاري: “هاڻ، چنڊ جي کليل چانڊاڻ ۾ رات، سمنڊ ۽ آسمان جو رنگ هڪ ٿي ويو آهي. ائين پئي لڳو: دنيا ڄڻ دارالفنا کي رسي هجي ۽ خدا رڳو مڇين ۾ باقي موجود هو، جنھن ڪنھن ڪنھن مھل پاڻيءَ مان اڇل کائي آواز پي ڪيو.” ص_183
“سمنڊ پنھنجن وڻجارن سان بي حد محبت ڪندو آهي ۽ پنھنجي ڪيفيت جا سڀ آڪار ۽ ارڪان، وڻجارن جي طبعيت ۾ وجهي ڇڏيندو آهي.”184ص
ليکڪ جو هي سمنڊ جي ڳالھين، منظرن وارو سڄو حصو بي حد پسنديدہ ۽ متاثر ڪندڙ آهي. ليکڪ جو هي ارمان بہ ڪيڏو نہ وڻندڙ آهي: “مرد ۽ عورت جي عشق مان، ماڻھو ڇو خفا ٿا ٿين، جڏهن تہ ٻنھي جي وچ ۾ خدا موجود آهي.” ص_189
هي ڳالھہ پڙهندڙ کي منجهائي وجهي ٿي تہ؛ “اسان ان مھل سير نھر Creek تي انھيءَ هنڌ بيٺل هئاسين. جتان کان ٿوري ئي مفاصلي تي پاڪستاني فوجي ڇانوڻي آهي.” جڏهن هو پاڪستاني فوجي ڇانوڻي جي ويجهو آهن تہ پوءِ پڪڙجي ڇو ٿا وڃن ۽ انڊين بحري فوج هنن کي تائين ايترو جلدي پھچي ٿي وڃي. جڏهن قربان کي هندوستاني فوج کڻي ٿي وڃي اتان ڪھاڻي ۾ Twist شروع ٿئي ٿو. صفحي 215 تي لسانياتي مھارت متاثر ڪري ٿي. هن ناول ۾ تشبيھون الائي تہ ڪيتريون ناول نويس ڪم آنديون آهن جيڪي جاندار ۽ شاندار آهن. پر هن تشبيھہ تي روئجي يا خوش ٿجي. ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي. پر آهي زبردست.
“ڪنھن جيل ۾ قيدي کوھہ ۾ پيل ڏيڏر کي آسماني نظارا بس اوترائي نظر ايندا آهن، جيترا سنڌي سماج جي گهر ۾ بند هڪ سنڌي عورت کي نظر ايندا آهن.”ص217
“نااميد ماڻھو نامرد هوندو آهي.” هي بہ نئون استعارو آهي. ناول ۾ يوناني ۽ سنڌي ويڙهاڪن جو منتقي مناظرو ڏاڍو دلچسپ آهي. حيدر دريا جيل ۾ گهڻو وقت گذاريندڙ قيدين جي لاءِ سينئر جو لفظ ڪم آڻي ٿو. ان جي لاءِ پڪو قيدي لفظ ڪتب آندو ويندو آهي. جن کي گهڻو وقت ٿيندو آهي. ۽ سزا بہ اچي ويندي آهي. ناول جي خيال جديد دور سان ڪيڏو نہ ٺھڪي اچي ٿو: “۽ ٻيو دنيا ۾ جنھن کي اسان ضروري سمجهون ٿا، سو بس پريشانين جو سبب ئي آهي.” ص225
ليکڪ عربي سمنڊ لکيو آهي ان بس هيئن چوندس:
نہ عربي نہ هندي،
سمنڊ اسان جو سنڌي.
قربان تي لڳندڙ الزام ۽ ٿيندڙ تشدد اڻ تڻ ۽ بيوسي جي ڪيفيت پيدا ڪيو ڇڏي. ناول جي پڄاڻي بہ صفا ڪونہ مايوس ڪندڙ آهي. عدن کي سندس پيءُ لوڙهي ماري ڇڏي ٿو ۽ قربان کي بہ جيل ۾ تشدد ڪرائي مرڻينگ ڪرائي وجهي ٿو ۽ قربان عدن جي قبر ڏسي پاڻ بہ مري وڃي ٿو.
تاريخ ۾ جيڪي بہ قومون ختم ٿيون آهن. ان جو سبب وقت جي نروار حالتن کي سمجهڻ لاءِ ڪا سوچ نہ رکي. پراڻين سوچن ۽ ردي طريقن کي ختم نہ ڪيو. اسان جي قوم بہ فرسودہ نظرين کي چنبڙي پئي آهي. قدامت پسند، جدت پسندي يا تبديلي انھن کي بيلنس ڪرڻ گهرجي تہ جيئن ترقي جو آغاز ٿئي. جھڙي سوچ هوندي نتيجو بہ اوهڙو ئي ٿيندو. ان لاءِ صوفي ازم ۾ جديديت سائنسي رنگ ۾ اڳتي آڻيون.
هر ليکڪ زندگي ۽ معاشري کي پنھنجي سوچ آهر سمجهندو آهي ۽ پوءِ اهو فڪر لکڻين ۾ سمائڻ چاهيندو آهي. حيدر دريا جو نقطہ نظر همہ گير ۽ اونو، مشاهدو ۽ تجربو وسيع ترين آهي. بھترين ناول اهو آهي جنھن ۾ ليکڪ پنھنجو نقطہ نظر ڪردارن کان چورائيندو آهي. “يار” ۾ حيدر دريا اهڙي سٺي ڪوشش ڪئي آهي پر ڪٿي ڪٿي هو پاڻ ظاهر ٿي ويو آهي. ناول نگار کي پاڻ کي ظاهر نہ ڪرڻ گهرجي. اعليٰ ناول سماجي سڌاري جو باعث بڻجندا آهن. يار ناول بہ اهو ئي اثر ڇڏي ٿو تہ توهان سچتي هجو حق تي هجو انسانن جي فائدي ۽ ڀلائي ڪريو پوءِ ڀلي ماريا ڇو نہ وڃو.
ناولسٽ ميلان ڪنڊيرا چوي ٿو: ناول نگار پنھنجي زندگي جي گهر کي تباھہ ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ان جي پٿرن سان ناول جو گهر ٺاهيندو آهي.” مون کي ائين لڳي ٿو حيدر دريا سنڌي ناول جو گهر پنھنجي زندگي جي ڀڳل گهر جي سرن سان جوڙي رهيو آهي ۽ جوڙيندو رهندو.