شعور جي بيماري ۾ ورتل ناول نگار ۽ فرهاد جيلاني جو ترجمو
وجودي اديب پنھنجي ناولن ۾ پنھنجو پاڻ ڳولين ٿا. ڪاميو جو ڌاريو Outsider اهڙن اڌمن سان ڀريو پيو آهي. ڪافڪا جو Metamorphosis انسان جي وجود کي ڪيڙي ۾ تبديل ٿيندي ڏيکاري ٿو. جيمس جوائس جو Ulysses بہ ڪاميو جي سيسيفس جي ڏند ڪٿا وانگر ديو مالائي ڪردار وسيلي انسان جي اجاين ۽ بغير سبب پيڙائن کي چٽو ڪري ٿو.
فريڊريڪ نٽشي پنھنجي دوست پيٽر گاسٽ کي لکيو:
“هتي توهان کي هڪ اهڙو نفسياتدان ملي ٿو، جنھن سان مان اتفاق ڪيان ٿو.”
اهڙو اظھار نٽشي دوستو وسڪي بابت ڪيو آهي. دوستو وسڪي جي ناول Notes from Underground کي “پاتار مان پنا” جي نالي سان نوجوان شاعر، اديب فرهاد جيلاني اسان کي سنڌي ويس پارائي ڏنو آهي. جيڪو سنڌي ادب لاءِ سٺو قدم آهي.
نٽشي “پاتار مان پنا” ناول بابت لکي ٿو:
“هن ڪھاڻي جو انام غير هيرو، ان تڪليف ۽ فالج پڻي جي گهرائي ۾ وڃي تر لھي ٿو، جيڪي ذات جي شعور جي بيماريءَ مان پيدا ٿين ٿيون.”
“پاتار مان پنا” مان:
“مان بيمار ماڻھو آهيان، هڪ بغض ڀريو ماڻھو آهيان، مان هڪ اڻ موهيندڙ ماڻھو آهيان، پڪ اٿم تہ منھنجي جيري کي بيماري لڳل آهي.”
دوستو وسڪي لکي ٿو:
“مان توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو تہ... مان هڪ جيت جڻو ڇو نہ ٿي سگهيس...! باشعور ٿيڻ هڪ بيماري آهي... ماڻھو جي روزاني وارين ضرورتن جي پورائي لاءِ... اڌ يا ان جو چوٿون حصو ڪافي هو... جيڪو شعور اسان جي اڻويھين صديءَ جي گهڻن تڻ ناخوش ماڻھن کي ميسر آهي.”
دوستو وسڪي جو هي ۽ ٻيا ناول انساني نفسيات ۽ شعور جا اهي شهپارا آهن، جن ۾ انسان جي ڪيفيتن ۽ خيالن جا آبشار آهن جيڪي وهندا رهن ٿا. هو پاڻ بہ باشعور هجڻ کي هڪ بيماري سمجهي ٿو. دوستو وسڪي کي آئون وجوديت جو Pioneer چوندو آهيان ۽ اها ڳالھہ جاويد ڀُٽي بہ ڪئي هئي، اهڙي ئي ڳالھہ هڪ ٻيو ليکڪ لارنس گين بہ لکي ٿو:
“نٽشي مسيحيت جي آخري نشانين کي پاڙان اکيڙڻ جي ڪوشش ۾ هو؛ جڏهن تہ دوستو وسڪي جيڪو پنھنجي من کان ڪافر هو، سو هڙان وڙان ڪري حياتيءَ جي سڃي قبوليت جي ڳولھا ۾ هو. ٻئي آخري حدن تائين انسان ٿيڻ جي احساسن جي ڳولھا ۾ هئا ۽ ان ريت اهي ٻئي وجوديت جي فلسفي جا باني هئا.” ص_143
رسول ميمڻ صاحب دوستو وسڪي جي وجودي هجڻ يا وجودي نظريي کي گهڻو واضح ڪري ٿو:
“دوستو وسڪي مذهبي اثر هيٺ رهندي پھريون وجودي اديب آهي. هو لاشعوري طور خدا کي ياد ڪري ٿو ۽ اهو خدا هن جو شخصي خدا آهي. ڪئرڪگارڊ جيان هو بہ، نہ ڪيل گناهن جي احساسن کان مذهب جي پاڇي کان ٻاهر نہ ٿو نڪري، وجوديت جنھن بہ عقيدي جي نفي آهي، پر فلسفي ۽ ادب ۾ وجوديت جا بانيڪار مذهب جي دائري کان خارج نہ آهن. جيئن ڪئرڪگارڊ وجودي فلسفي جو باني آهي. دوستو وسڪي وجودي عدميت Existentialist Nihilism جو تخليق ڪار آهي. هو نجهہ Nothingness ۾ پاڻ وڃائي پاڻ ڳولھي ٿو.”
دوستو وسڪي وجودي خيالن جو گاڊ فادر آهي. ان کان ڪوئي انڪار نہ ڪري سگهندو. هو ماڻھو جي من جي مانڌاڻ کي پاتار مان ڳولھي لکي ٿو. هن جا ڪردار ۽ لکڻيون هڪ پوري ڪيفيت حائل ڪندڙ آهن. جن مان نڪرڻ هڪ حساس ذهن لاءِ گهڻو اوکو آهي. ان ڪيفيت کي “دوستو وسڪيانا” چون ٿا.
“پاتار مان پنا” کي رسول ميمڻ کان فرهاد جيلاني تائين دوست ناول نہ ٿا چون پر آئون ان کي ناول مڃان ٿو. هڪ ڀرپور تاثر ڇڏيندڙ ناول آهي. جنھن ۾ ماڻھو جي مونجهہ جو لاڀائتو اظھار آهي.
آئون ٿورو “پاتار منجهان لکڻيون” جنھن کي فرهاد جيلاني “پاتار مان پنا” جو خوبصورت نانءُ ڏنو آهي تي ڳالھائي پوءِ آئون فرهاد جيلاني جي ترجمي بابت ڳالھائيندس.
فرهاد جيلاني هڪ محنتي نوجوان آهي ۽ سٺو شاعر آهي، جيڪو شاعري جي دنيا کان پوءِ ترجمي جي شعبي ۾ آيو آهي. هن ناول کي ترجمو ڪرڻ ۾ هن گهڻي محنت ڪئي هوندي ڇو تہ دوستو وسڪي جي ٻولي ڳوڙهي ۽ پيچيده آهي. ان کي سنڌيءَ ۾ لاهڻ هڪ للڪار وارو ڪم آهي. پوءِ بہ ترجمي نگار گهڻي حد تائين ڪامياب ويو آهي.
ترجمي نگار جون ترجمي ۾ خوبيون هن ريت آهن:
1. ترجمي نگار ترجمي دوران روسي ماحول کي اوئين رکيو آهي جھڙو هوندو آهي، ان کي هروڀرون سنڌي ماحول نہ بڻايو اٿس. کوڙ سارا ترجما نگار اهڙو ڪم ڪندا آهن ٻين علائقن کي سنڌي علائقن جو روپ ڏيئي ويندا آهن.
2. هن ترجمي ۾ ٻولي جو گهڻو تڻو تحفظ ڪيو ويو آهي. ڇو تہ ترجمي نگار پاڻ شاعر آهي ان کي ڪري هن سنڌي يا سنڌيءَ ۾ مروج ٻين ٻولين جي لفظن جي چونڊ ڪئي آهي.
3. موضوع جي چونڊ تمام ڪلاسيڪل آهي. مستقبل ۾ اهڙي اميد رکجي ٿي تہ هو اهڙا شاهڪار اسان کي سنڌي ۾ ڪري ڏيندو رهندو.
4. ترجمي نگار پاران ڪجهہ اصطلاحن يا نالن جي حوالي سان ڏنل فوٽ نوٽ ان جي قابليت کي ظاهر ڪن ٿا.
5. ترجمي نگار جي اها ڳالھہ وڻي جو ان پروف صحي نموني ڏٺا آهن. پر ان جي باوجود پروف جون چڪون رهجي ويون آهن. پر جيڪي اڄڪلھہ جيڪي ڪتاب ڇپجن ٿا ان جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن. جيڪا ساراھہ جوڳي ڳالھہ آهي.
ترجمي نگار لاءِ صلاحون جيڪي غلطيون هو ڪري ويو آهي اهي ايندڙ ترجمي ۾ نہ دهرائي:
1. سڀ کان پھريان تہ “ئي ۽ ته” جو جيڪو بي جا استعمال هر صفحي تي گهڻو آهي ان کي هميشہ نظرثاني ڪئي وڃي.
2. ڪو ڪتاب ترجمو ڪرڻ کان پوءِ ڪجهہ سينئر ترجمي نگارن سان رابطو ڪري ان کي ڏيکارڻ گهرجي. جيئن اهي ماهرانہ رايو ڏين.
3. سنڌي ۾ اردو ترجمو ڪرڻ وقت سنڌي جي لفظن کي وڌيڪ اهميت ڏجي نہ ڪي اردو جا لفظ ڏجن جڏهن تہ سنڌي جا لفظ هجن بہ، مثال طور اردو جا استعمال ٿيل لفظ جڏهن تہ انھن جا تمام سلوڻا سنڌي لفظ بہ آهن؛ (اناب شناب، (گهٽ وڌ) شرمندہ (پشيمان يا شرمندو) بري (خراب) ڪوئي(ڪو) نازيبہ (بي ڍنگو)، ناشائستہ (اگري)
4. ڪٿي ڪٿي تہ ڪي پورا جملا اردو جو سڌو سنئون ترجمو لڳن ٿا جيئن: “مان هار مڃڻ وارو ڪٿي هيس.” مين هار ماننہ والا ڪھان تھا. ڇهپانا کي ڇُپائي، سنڌي ۾ بہ ڇپائڻ آهي پر وڌيڪ درست لڪائڻ آهي منھنجي خيال ۾.
5. آخري صلاح اها تہ ڪو بہ ڪتاب ڇپائڻ اڳ ۾ ڪنھن سٺي ايڊيٽر کي ضرور ڏيکارڻ گهرجي ۽ اسان کي هاڻي اهو رواج شروع ڪرڻو پوندو ۽ ايڊيٽر ڳولڻا پوندا، هن وقت بہ سنڌي ۾ تمام وڏا ايڊيٽر موجود آهن.
Notes from Underground ڪتاب تي گوگل بابا ٻڌائي ٿو تہ ساڍا ڇھہ هزار کان وڌيڪ ريووز لکجي چڪا آهن اهي شايد سنڌي ۾ ڪو ٻيو ريوو آهي جيڪو آئون لکي رهيو آهيان. فرهاد جيلاني جو ترجمي وارو تجربو وڻندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي. اسين فرهاد جيلاني جوشيلي ۽ سنجيدہ قسم جي ادب دوست کان مستقبل ۾ اهڙي قسم جا سنجيدہ ترجما پڙهڻ جا منتظر رهنداسين.