نور جوڻيجي جو ناول “مھذب وحشي” جديد استعارو
نور جوڻيجو جيتوڻيڪ سنڌي ادب ۾ ڇپجڻ جي حوالي سان نئون نہ آهي، پوءِ بہ سندس ادبي عمر ۽ ڪم تمام وڏو آهي. سنڌي اديبن ۾ مون هميشہ اسحاق انصاري کي فوٽو گرافي ڪندي ڏٺو آهي، ٻيا بہ ان شوق جي پٺيان هوندا پر ائين نہ جيئن اسحاق انصاري، نور جوڻيجي جي سڃاڻپ جا گهڻا ئي حوالا آهن. نور تمام سٺو فوٽوگرافر بہ آهي. سندس فوٽوگرافي تي مشتمل شاندار ڪتاب آسٽريليا جي ڪا پريس ڇاپي چڪي آهي. نور جوڻيجو مڪمل تخليقي ماڻھو آهي. سندس شخصيت جا روپ نرالا ۽ گڻائتا آهن. نور ناول نگار ۽ شاعر هجڻ سان گڏ وڏي ڳالھہ تہ ڳائڻ ۽ موسيقي جي ڪمپوزنگ ۾ گهري دلچسپي ۽ ڄاڻ رکي ٿو. نور جي تخليقن ۾ نفسياتي مسئلا، فلسفي جا سوال، سماجي، سياسي، ثقافتي ۽ تھذيبي شعور موجود آهي. جنھن ۾ هو پنھنجي تنقيدي ۽ تخليقي شعور، ڏاهپ ۽ سمجهہ آهر اپٽار ڪري ٿو. نور جوڻيجو جي ناول مھذب وحشي جو ٻيون ڇاچو 2014ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي.
جان لاڪ چيو آهي تہ “عقيدو اها شيءِ آهي، جنھن کي ان جي سچائي ثابت ٿيڻ کان پھرين ئي تسليم ڪيو وڃي.” سنڌي ادب ۾ اڄڪلھہ عقيدي پرستي ۽ بت پرستي جي بازار لڳي پئي آهي، اديبن جي تخليقن کي ادبي تنقيد جي اصولن پٽاندر نٿو پرکيو وڃي. هر اديب اِهو عقيدو ٺاهي ڇڏيو آهي تہ تنقيد نہ ڪرڻي آهي. تنقيد گناھہ آهي. تنقيد سان اختلاف پيدا ٿيندا آهن، ڪردار خراب ٿين ٿا وغيرہ. مون کي تہ انھن ڳالھين تي کل ايندي آهي. تنقيد تي ادب دوست طنزيہ مرڪ مرڪي ٿا پون، ڄڻ وڏو ڪو ڏوھہ ڪيو هجي. تنقيد خوبين ۽ خامين جو مرڪب لفظ آهي ان لاءِ ان کي غلط نظريي سان نہ ڏٺو وڃي، نہ ئي سمجهيو وڃي. مون نور جي ناول جي خوبين ۽ خامين تي نظر وڌي آهي ۽ پنھنجي هڪ راءِ قائم ڪئي آهي، جيڪا ڪل نہ آهي نہ ئي حتمي آهي. نقاد پنھنجي نظريي تحت ناول تي پنھنجي راءِ ڏئي سگهن ٿا.
پلاٽ ۽ ڪھاڻي:
جديد دؤر ۾، ڪنھن بہ ناول کي ان جي پلاٽ، مرڪزي خيال، ڪردارنگاري، منظرڪشي ۽ طرز تحرير جي لحاظ کان ڀيٽي سٺو يا خراب چئي سگهجي ٿو. ناول مھذب وحشي تحليل نفسي (Psycho Analysis) جي نظريي تحت لکيل بھترين ناول آهي. ناول ۾ (Stream of Consciousness) جو بہ گهڻو اثر موجود آهي. تحليل نفسي هڪ اهڙو دماغي تجزيو ڪندڙ نظريو آهي. جنھن سان انسان جون دماغي بيماريون ڪنھن جسماني نقص، نہ پر شخصي واڌ ويجهہ واري تاريخ، روين ۽ مختلف جنسي مرحلن مان گذري پيش آيل بدنظمين، رنڊڪن جو نتيجو آهن، هن نظريي جي بابي سئگمڊ فرائيڊ انسان جي برن ۽ چڱن ۽ هر قسم جي روين کي خواهش جو نتيجو قرار ڏئي ٿو.
ڊاڪٽر فرائيڊ مطابق نفسياتي پچيدگين ۽ مرضن جي ور چڙهيل بيمار شخص کي سندس لاشعوري خواهشن، سوچن ۽ ارادن بابت آگاهي ڏئي صحتمند بڻائي سگهجي ٿو. فرائيڊ پنھنجي تحليل نفسي واري نظريي تحت ڊپريشن، اضطراب، Stress، ۽ صدمي ۾ مبتلا ڪيترن ئي بيمارن کي ٺيڪ ڪري ڏيکاريو.
فرائيڊ جو ڪمال اهو نہ آهي تہ شعور ۽ لاشعور کي دريافت ڪيو آهي. ان کان وڏي ڳالھہ اها آهي تہ لاشعور جي اونھائين ۾ موجود اهي ڳالھيون ڳولي لڌيون جيڪي انسان جي عمل ۽ ڪردار کي متاثر ڪن ٿيون.
مھذب وحشي ناول کي جيڪڏهن فلسفيانہ ۽ نفسياتي ناول چئجي تہ ڪو وڌاءُ نہ ٿيندو. هن ناول ۾ زندگيءَ جي وارتائن، روين، احساسن ۽ جذبن کي نئين انداز سان پرکيو ويو آهي. جڏهن تہ آءُ چئي چڪو آهيان تہ هي ناول فلسفيانہ ناول آهي، اهڙي طرح نور جوڻيجو جو لکيل مھاڳ بہ هڪ مڪمل فلسفيانہ تاثر ڇڏيندڙ ليک آهي. جئين فرائيڊ کي اڪثر دنيا نفسيات جو عالم نہ پر فلسفي مڃي ٿي. ان جي لاءِ فرائيڊ جو هڪ حوالو ڏيون ٿا تہ : “زندگي ۾ مون کي فلسفي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو، هاڻي جڏهن مان طب کي ڇڏي نفسيات جي طرف اچي رهيو آهيان، ڄڻ منھنجي پراڻي خواهش پوري ٿي رهي آهي.” فلسفي ۽ نفسيات جو چولي دامن جو رشتو آهي. هي ناول فلسفي ۽ نفسيات جو ميلاپ آهي. جڏهن تہ سائين عبدالقادر جوڻيجي جي ان ڳالھہ سان بلڪل سھمت ٿي سگهجي ٿو تہ نور بلڪل هڪ الڳ دڳ ورتو آهي جنھن ۾ هو ڪامياب ويو آهي. ناول چئن بابن تي مشتمل آهي؛
تنھا بگهڙ
ڇڙواڳ ايلسا
احساسن کن وساڻل گفتا
سامني جا مونجهارا
هر باب جي شروعات کان اڳ واريون سٽون ڪمال جو ادبي رس چس رکندڙ خيال آهن، انھن جي جيتري بہ تعريف ڪجي اوتري گهٽ آهي. جئين سندس ٽيئن باب ۾ “احساسن کان وساڻل گفتا” جون سٽون هتي پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪجن ٿيون:
“ٽڪراءُ يا اڻبڻت جذبو خلقيندو آهي... اسان ڪھڙي سماج بابت ڳالھائي رهيا آهيون؟ منھنجي موجودہ معاشري ۾ ٽڪراءُ موجود نہ آهي، ڇو جو اهو بلڪل سھل آهي. ماڻھو عام طور تي آسانين سان نہ وڙهندا آهن. ڇا مسلسل ائين رهندي اهي رڍن جو مجموعو ٿي پيا آهن! ظاهر آهي تہ انھن ڪڏهن پنھنجي ذهن کي استعمال ڪرڻ سکيو ئي ناهي، ڇاڪاڻ جو انھن وٽ ضرورت کان وڌيڪ آساني سھولت موجود آهي.”
نور جوڻيجي سماج ۾ موجودہ مسئلن کان سواءِ انسان جي ازلي ڏکائين ۽ پيڙائن تي بہ لکيو آهي. ناول نگار ڪو بہ ناول ڪو خاص مقصد کڻي لکندو آهي ۽ اهو خاص مقصد اصلاحي پھلو هوندو آهي. مھذب وحشي مڪمل سنجيدہ قسم جو ناول آهي. جنھن جي پلاٽ ۾ فلسفيانہ ۽ سنجيدہ مڪالما ۽ گفتگو آهي. ناول نگار تفريحي پھلو ڏانھن ڪافي گهٽ توجھہ ڏنو آهي. جنھن سان پڙهندڙ تنگ بہ ٿئي ٿو.
نور جوڻيجو پنھنجي لکڻي ۾ ڪٿي بہ ادب براءِ ادب جو قائل نظر نٿو اچي، هو هڪ واضع ڳالھہ کڻي هلي ٿو، جنھن ۾ سنڌي سماج جي معاملن تي نفسياتي پھلوئن کان چٽي طرح بحث ڪري ٿو.
ناول جي ڪھاڻي جرمن ڇوڪري ايلسا ۽ نوجوان سنڌي ڇوڪري ڪبير جي مرڪزي ڪردارن جي چؤگرد گهمي ٿي. ليکڪ انتھائي سھڻي نموني ٻنھي ڪردارن جي نفسياتي ڪشمش، احساسن، جذباتن ۽ اڌمن کي بيان ڪيو آهي.
پوري ناول ۾ نور جوڻيجو هاڪاري پھلوئن تي ڳالھائيندي کوڙ سارا هاڪاري خيال، سوال ۽ ڳالھيون پڙهندڙن جي ذهنن تي نقش ڪري ٿو. جئين ليکڪ ايلسا کان بار بار هاڪاري جملو چورائي ٿو: “کليل درين کان پري رهجان.” جنھن کي گهڻين معنائن ۾ وٺي سگهجي ٿو هڪ تہ هوءَ کيس آواراه ڇوڪرين کان پري رهڻ جو چوي ٿي. ٻيو تہ ڪيبر تمام حساس انسان آهي هو اڪثر درين کان بيھي سوچي بہ ٿو تہ غش ڪيفيت ۾ بہ هليو وڃي ٿو متان دري مان ڪري پوي ان لاءِ کيس اها هدايت ڪري ٿي. ٽيون تہ کيس خودڪشي کان منع ڪريس ٿي. جيڪو هڪ بھترين هاڪاري پيغام آهي ان نفسياتي مونجهارن ۾ ڦاٿل نوجوانن لاءِ جيڪي خودڪشي جي خواهش رکن ٿا.
ناول جو عنوان مھذب وحشي هڪ انوکو، تخليقي ۽ نہ سمجهہ ۾ ايندڙ نالو آهي، ڇو تہ ان جو تعلق نفسيات سان آهي. ادبي معنيٰ يا شاعريءِ ۾ وحشي ان کي چئجي ٿو جيڪو هر روڪاوٽ کي ٽوڙي پنھنجي منزل تي پڄي. ڊاڪٽر سئگمڊ فرائيڊ چيو آهي تہ؛ “هڪ وحشي نفسياتي پھلو کان صحت مند رهي سگهي ٿو، مھذب ماڻھو نفسياتي صحت سان مالا مال نٿو ٿي سگهي.” عوام عام طور تي مزدور ۽ هاري جيڪي وحشي آهن ۽ مھذب سرمائيدار.
مھذب وحشي ناول ۾ محبت ڇا آهي؟ خودڪشي ڇا آهي؟ دوستي ڇا آهي؟ انساني دوستي ڇا آهي؟ تقدير ڇا آهي؟ جنگ کان نفرت، حسن ڇا آهي؟ ناول نگار عورت تي ڳالھائيندي مڪمل فيمينسٽ ٿي پوي ٿو. حقيقي سياست ڇا کي چئبو آهي؟ جھڙن عظيم سوالن تي زبردست بحث ڪري عظيم راءِ ڏئي ٿو. جئين سياست لاءِ لکي ٿو تہ؛
“اها سياست ئي آهي، جيڪا زندگي جي وسيع تر دامن ۽ آسان ترين بنائيندي آهي. پر اها بہ سياست آهي، جيڪا زندگي کي نيچ، ڪم تر ۽ ڪرڀ سان دوچار ڪري وجهندي آهي. ڪيبر جنھن سماج جو فرد هو اتي سياست جو تصور گناھہ ۽ وقت جو زيان چيو وڃي ٿو.”
“ڪنھن خاص روش ۽ منصوبي تحت سياست کي عام ماڻھو جي معيار کان ڪيرائي، انھن جي زندگي کان ڌار ڪيو ويو آهي. اُهي سياسي بحث ڪرڻ کان خوفزده رهندا آهن.”
“بھتر زندگيءَ جي ساڀيان پنھنجي قوم سان ئي جڙيل آهي.” جھڙيون شاندار سٽون هن ناول جون زينت آهن. جيئن ارسطو چيو آهي:
“جيڪو ماڻھو سماج جي اجتماعي مفادن ۽ انھيءَ جي تحفظ جي عمل جو شعور نٿو رکي، اهو سياسي ٿي نٿو سگهي ۽ جيڪو سياسي ناهي اهو مھذب نٿو ٿي سگهي.”
ليکڪ اڄ جي عالمگيريت واري سماج ۾ سندس دوست وفات ڪري وڃي ٿو تہ دوستي تي لکي ٿو:
“ڇا ڪيان؟ وڃي بہ ڇا ڪندس؟ سڄي حياتي اسان پنھنجن خواهشن ۽ حوس جي حاصلات لاءِ يارن کان پري رهياسين ۽ هاڻ جڏهن هو رهيو ئي ناهي تہ وڃي ڇا ڪندس؟ اها احساس جي نفي آهي.”
ناول ۾ ڪبير ۽ ايلسا جيڪي صنفي لحاظ کان عورت ۽ مرد آهن. جيڪي دنيا جھان جي ڳالھين تي گفتگو ڪن ٿا پر سيڪس کان صفا وانجهيل آهن ۽ ڪٿي بہ اهڙو مرحلو نٿو اچي اهو ڪنھن حد تائين غير حقيقي لڳي ٿو. جنسي ڇڪ هڪ ڪائناتي سچ آهي ۽ ليکڪ ان کي هروبرون دٻائي ويو آهي ۽ نہ چٽيو اٿس.
سڄو ناول دونھين سان ڀريو پيو آهي، جڏهن مون ناول پڙهڻ شروع ڪيو ۽ سگريٽ جي ذڪر پڙهيو تہ آءُ سمجهي ويم تہ ليکڪ ضرور امر جليل کان متاثر هوندو. ليکڪ نہ صرف ان کان متاثر آهي پر ان جي تعريف جا ڍڪ بہ ڀري ٿو ۽ ان کي آدرشي فقير بہ چوي ٿو. منھنجي خيال ۾ ليکڪ کي ڪا بہ ادبي تحرير جوڙڻ وقت تاريخي متناعزا شين کي نہ ڇھڻ گهرجي. مڃون ٿا تہ امر جليل مھان ڪھاڻيڪار آهي پر تاريخ ۾ ان جي ڪردار تي ڪافي اهڙا سوال موجود آهن جيڪي اسان نئين نسل کي گهٽ خبر آهي. جئين ارنيسٽ هيمنگوي چيو آهي تہ “اديب ڪنواري ڇوڪري وانگي آهي، جيئن ٿورڙي غلطي سان ڪنھن ڪنواري جي ڪنوارپ ختم ٿي سگهي ٿي، تيئن اديب جي بي ايمانيءَ سان لکيل هڪ سٽ، سندس سموري ڄمار جي جاکوڙ تي پاڻي ڦيري سگهي ٿي.” ان لاءِ ڪنھن بہ اديب جي ماضي ۾ ڪيل هڪ غلط عمل سان سندس ادبي تحريرون بي معنيٰ بڻجي وڃن ٿيون.
ٻيو جيڪو ليکڪ انتھائي گهڻو اثر وٺي ٿو، اهو مرزا غالب جو وتو آهي. مرزا غالب جي لاءِ چيو ويندو آهي تہ اُهو درٻاري شاعر آهي ۽ هو هو بہ سھي. پئسن جي ڪري انگريزن جي شان ۾ شاعري پئي ڪيائين. جيئن خود غالب پاڻ لاءِ ئي چيو آهي تہ؛
بنا هي شھہ ڪا مصاحب ڪپڙ هي اترتا،
وگرنہ شھر مين غالب ڪي آبرو ڪيا هي.
منھنجي خيال ۾ اديب جي لکڻين ۽ فعل ۾ هڪجھڙائي هجڻ ئي مڪمل اديب جي نشاني آهي. ليکڪ جي اهڙي خيالن سان پڙهندڙن تي جو خاص تاثر نہ جڙندو. اليڪس ڊي ٽارڪول چيو آهي تہ؛ “تاريخ تصويرن جي گئلري آهي، جنھن ۾ چند اصل ۽ گهڻيون نقلي آهن.” ليکڪ ڀڳت ڪبير جھڙن اعليٰ انسان کي تہ آئيڊيل بڻائي سگهي ٿو پر غالب ۽ امر کي نہ.
پورو ناول ضمير غائب ۾ لکيل آهي ۽ ليکڪ صفحي 63 تي ضمير متڪلم ۾ پنھنجي ئي ناول تي راءِ ڏئي وڃي ٿو: “هي ناول مفروضو آهي” ناول مفروضو آهي يا حقيقت اهو فيصلو پڙهندڙ ڪندا نہ ڪي ليکڪ پاڻ.
مرڪزي خيال:
ناول جو مرڪزي خيال اهو آهي تہ “معاشرو/سماج ڪھڙو هجڻ گهرجي؟ زندگي ڪيئن گذارجي؟ شيون حقيقي معنيٰ ۾ ڇا آهن، اوڀر ۽ اولھہ جي سماجي حقيقتن کي کنيو ويو آهي. سماج اولھہ جو هجي يا اوڀر جو هجي ان معاشري ۾ هڪ حساس انسان جي لاءِ ڪيتري نہ ڌڪار، نفرت ۽ حياتي گهارڻ مشڪل هجڻ سان گڏوگڏ مصنوعيت سان ڀرپور آهي. ناول ۾ تھذيبي، سياسي ۽ سماجي شعور ڏيڻ جي شاندار ڪوشش ڪئي وئي آهي جنھن ۾ ناول نگار ڪامياب ويو آهي.
اسلوب:
هر تخليقار جي لکڻ جو انداز پنھنجو هوندو آهي ۽ اهوئي ساڻس پڙهندڙن سان متعارف ڪرائيندو آهي. ڪنھن بہ ليکڪ کي ڪا سگهاري ادبي تخليق جوڙڻ جي لاءِ اگر ڪو ڪچو مال گهرجي تہ اهي لفظ آهن. جيترو سندس لکڻي ۾ فصاحت، سلاست ۽ بلاغت هوندي اوترو ئي پڙهندڙ متاثر ٿيندو ۽ لکڻي جي سحر ۾ جڪڙجندو ويندو. ڪافي حد تائين ليکڪ جي سوچ کي قبول ڪري پنھنجي سوچ بڻائي ڇڏيندو آهي.
ادبي تنقيد جا ٻہ خاص قسم ٿيندا آهن، هڪ فني پاسو ۽ ٻيو مواد جي حوالي سان. فني پاسي ۾ سڀ کان پھريان ٻولي ۽ گهاڙيٽو، بندشون، تشبيھون، تمثيلون، استعارا ۽ ڪنايا اچي وڃن ٿا. ادب جي فني تنقيد ۾ ٻوليءَ جو نج پڻو ۽ تخليقي هجڻ هڪ وڏو ميعار هوندو آهي.
ناول مھذب وحشي ۾ ٻولي تمام گهڻي تخليقي آهي پر ان جي نج پڻي تي سؤ سوال اٿاري سگهجن ٿا. نور جوڻيجي جي لکڻي تي اردو ٻوليءَ جو وڌيڪ اثر آهي. پر ليکڪ ان کي ڪردار جي ٻولي چوي قرار ڏئي ٿو، ڇو جو ڪردار ڪبير شھري ماحول ۾ رهندڙ آهي. ڪردار جي ٻولي تي اردو جي اثر کي بہ ليکڪ سماجي مسئلو سمجهي ٿو. ڪردار سان ٻولي جي اڻڄائي جو مسئلو آهي.
ڊاڪٽر فرائيڊ مطابق اگر ڪو ماڻھو گفتگو دؤران اوچتو نہ چاهيندي بہ ڪو غلط لفظ ڳالھائي وڃي ٿو تہ، ان کي نہ رڳو اتفاق، حادثاتي غلطي يا “زبان آلو لڪڻ آهي” چئي نٽائي نٿو سگهجي، ان قسم جون غلطيون بہ لاشعور ۾ موجود ڪنھن نہ ڪنھن خواهش ياد يا وارتا ڏانھن نشاندهي ڪندڙ هجن ٿيون، جنھن کي زبان جو ترڪي پوڻ (Freudian Slips) چئبو آهي. نفسياتي طور بيمار ماڻھو جي واتان لفظ واضح نہ پر ترڪي نڪرندا آهن. ترڪي نڪرڻ کي، جي ۽ ۾ جو فرق نفسياتي مسئلو تہ نٿو ٿي سگهي. اهي اهم غلطيون ڳڻائي سگهجن ٿيون ناول ۾. ٻوليءَ جي لحاظ کان ليکڪ تي اڳ۾ ڪافي تنقيد ٿي چڪي آهي، هتي وري انھن لفظ ۽ ڳالھين جو ورجاءُ ڪرڻ سھي نہ هوندو. اڻ ڳڻيا اردو ۽ انگريزي لفظ ۽ اصطلاح استعمال ڪيا ويا آهن، توڙي جو انھن جا سلوڻا سنڌي لفظ موجود آهن.
بگهڙ ۽ گهوڙي سان تشبيھہ ڏئي سگهجي ٿي. مشھور ناول “راجه گدھہ” جتي ڪلاسيڪل ۽ خوبصورت آهي، اتي ليکڪه انسان ۽ جانور جي فطرت تي ڳالھايو آهي. ان ۾ ڪو بہ شڪ ڪونھي تہ نور جوڻيجي ۾ تخليقي نور آهي، پوءِ بہ ڪجهہ لفظن تي ڳالھائڻ ضروري ٿو سمجهان، جئين نور ناول ۾ تنھا بگهڙ جي ادبي تشبيھہ ڪم آندي آهي، بگهڙ کي انسان سان سو بہ هڪ مھذب، گهڻو پڙهيل ڪڙهيل ۽ شريف النفس ماڻھو کي ڀيٽڻ ۽ تنھا بگهڙ چوڻ سمجهہ کان ٻاهر آهي. بگهڙ تنھا گهٽ هوندو آهي ۽ ميڙ ۾ رهڻ، گهمڻ ۽ شڪار ڪرڻ پسند ڪندو آهي.
ليکڪ باب ٻئي جو نالو رکيو آهي “ڇڙواڳ ايلسا” هتي لفظ ڇڙواڳ ڪھڙي معنيٰ ڏئي ٿو. اهو سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ ليکڪ ڪھڙي Sense ۾ لکيو آهي.هونئن تہ ڇڙواڳيءَ جا ڪيترائي قسم آهن پر ڏاهي مائوزي تنگ ڇڙواڳيءَ جا 11 قسم ٻڌايا آهن. جن مان ڪو بہ قسم ايلسا سان نٿو لڳي جڏهن تہ ايلسا مڪمل طور تجرباتي ۽ باشعور سوچ رکندڙ آهي پوءِ بہ ان کي ڇڙواڳ لکيو ويو آهي. گليلو ۽ حليم باغي کي تخريبي چيو ويو آهي، جڏهن تہ تخريبي سنڌي ٻوليءَ جو لفظ نہ آهي ان جي معنيٰ فسادي آهي نہ ڪي تبديلي پسند آهي.
ڪرداري نگاري:
ناول ۾ ڪيترائي ڪردار آهن. جن ۾ ٻہ مرڪزي ۽ اهم ڪردار ڪبير ۽ ايلسا جا آهن. باقي ٻيا هرا جيڪا ڪبير جو پھريون پيار آهي. ڪبير جي ماءُ، ڪبير جا دوست تصنيف ۽ جاويد، ايلسا کي پاليندڙ عورت اومي ۽ ان کان علاوہ ڪبير جي ڳوٺ جا هاري مزدور، نوڪر ۽ پورهيت ڪردار ۽ بورچي جو ڪردار اچي وڃن ٿا.
ڪردار نگاري ۾ مصنف تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. جيتوڻيڪ ناول جي ٻن ڪردارن “هرا” ۽ ناول جي هيرو جي ماءُ جي ڪردار کي ايتري اهميت نہ ڏني وئي آهي. پر ان هوندي بہ ليکڪ ڪبير ۽ ايلسا جي ڪردارن کي چٽو ۽ صاف رکڻ ۾ ڪين گهٽايو آهي. ان سان گڏ جماليات جو عنصر بہ آهي تہ ماحول جو بيان بہ رنگين ۽ دلچسپ آهي. هرا ۽ ڪبير جي ماءُ جي ڪردارن سان ليکڪ انصاف ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي.
سنڌي ۾ لکجندڙ ناولن ۾ مون اڪثر ناولن جا ڪردار هميشہ کوٽل ۽ اخلاق کان ڪرندي حرڪتون ڪندي پڙهيا آهن. پر مھذب وحشي جا مرڪزي ڪردار ڪيبر ۽ ايلسا سواءِ هڪ سماجي برائي سگريٽ پيئڻ جي پنھنجي جوهر ۾ مڪمل ڪردار آهن. ناول مھذب وحشي جا ڪردار عام هوندي بہ خاص آهن. سندس ڪردار اعليٰ انساني قدرن سان سرشار ۽ روشن خيال آهن. اها هڪ ناول نگار جي تمام وڏي ڪاميابي آهي.
منظرڪشي:
منظر ڪشي ناول جو اهم جز سمجهي ويندي آهي. جنھن ۾ ليکڪ پاٺڪن کي جمالياتي تسڪين ۽ حز وٺرائيندو آهي. جيڪڏهن ناول ۾ منظرڪشي ڪمزور نموني ڪئي ويندي تہ ان جو تخليقي پاسو کوٽي پوندو آهي. مھذب وحشي ۾ منظرڪشي بھتر نموني ڪئي وئي آهي. ناول جي اڪثرن منظرن ۾ جديد سماج جا عڪس آهن. ڪميپوٽر، اي ميل، ميوزڪ پليئر، فليٽ ۾ رهڻ واري زندگي ۽ رڪشن تي گهمڻ وغيرہ جيئن هڪ منظر آهي:
“اڄ آچر آهي... هن سست مشين P.C کي هلايو ۽ ٻاهر نڪري ويو، جنھن تي هٿ اکرن سان لکيل هو “ٽيڪنالاجي اڃا تعيمر جي مرحلي ۾ آهي. آخري ايجاد جو انتظار آهي... هو اپارٽمينٽ جي بورچي خاني مان، سج جي روشني کان لڪندو ڦري ٿو. هن جي خشڪ چپن ۾ سگريٽ آهي ۽ هٿ ۾ چانھہ جو ڪوپ آهي. هن ڪمپيوٽر ڏانھن نھاريو جيڪو اڃا Process ۾ آهي ۽ هو بالڪني ڏي وڃي ٿو.”
ڪيبر پنھنجي محبوبہ هرا کي ڏسي ائين سوچي ٿو.”هن کي اسڪارف ائين ويڙهيل هو جئين منھنجي امان کي ڪفن ويڙهيل هو.” هي تشبيھہ يا منظر بنھہ انوکو ۽ نت نئون آهي.
ناول ۾ آندل غلط تشبيھون هن ريت آهن:
“هن وقت ڏينھن جا لڳ ڀڳ 2 ٿيا آهن، سج پنھنجي عروج تي پھچي چڪو آهي. گرمي جي شدت جي ڪري ماڻھو وڃي پنھنجي ٻرن ۾ لڪي ويا آهن.”
ماڻھو ٻرن ۾ نہ پر گهرن ۾ لڪندا آهن. اهو منظر بہ ٺھڪندڙ نہ آهي.
“سياري ۾ اڪثر ڳوٺ ۾ سانت ٿي پوندا آهن.” هن منظر جي معنيٰ بہ چٽي سمجهہ ۾ نٿي اچي.
“ميھار مال کي وٿاڻن ۾ واڙي نلڪي تان پگهر ۽ ڌوڙ ڌوئي رهيا آهن.” سياري جي سخت سردي واري مند ۾ ميھارن جو نلڪي تان پگهر ڌوئڻ بہ ڪجهہ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالھہ آهي.
ليکڪ ڪيبر ۽ ايلسا جي ڪردارن جا عڪس بہ پڙهندڙن تي واضع نقش نہ ڪري سگهيو آهي تہ جئين اهي ڪردار پاٺڪن جي ذهنن ۾ پھي وڃن. ايلسا جي خوبصورتي ۽ ڪبير جي هڏ ڪاٺ ۽ ڏيک ويک ٻنھي جا ڌنڌلا ۽ اونداهان آهن.
آخر ۾ جڏهن ايلسا ۽ ڪبير ملن ٿا تہ اهو منظر بہ ليکڪ چٽڻ ۾ پوئتي ويو آهي نہ ان ۾ايترو تجسس آهي نہ ئي جذباتيت آهي. ائين ٻہ پيار ڪرڻ وارا بنا ڪنھن جذباتي منظر جي ملن ٿا ۽ ڪا ڪشش نٿي اڀري. ان منظر کي ٿورو ڌيان ڇڪائيندڙ بڻائڻو هو. پر ان ۾ بہ اهو ئي سگريٽ پئيڻ وارو ناڪاري منظر آهي. ٻئي سگريٽ دکائي هڪ ٻئي کي ڏين ٿا.
مجموعي طور نور جوڻيجو جو ناول سنڌي ۾ لکجندڙ ناولن کان بھترين ناول آهي ۽ آءُ ان جي ڀيٽ جي ٻين ناولن يا ليکڪن سان ڪري complex جو نہ شڪار ٿيڻ چاهيان ٿو نہ ئي نور کي ان ۾ وجهندس. ڇو تہ ليکڪ پاڻ کي ٻين وڏن ناول نگارن سان ڀيٽي پنھنجي حيثيت کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن اها هڪ نفسياتي بيماري آهي.
سوماليہ جي ليکڪ نورالدين فرح چيو آهي تہ “ليکڪ کي حڪومت بدلائڻ جي بدران عوام جي سياسي سوچ کي بدلائڻ گهرجي.” نور جوڻيجو جو ناول سوچ کي تہ بدلائي ٿو پر شيون ڇا آهن؟ ڪئين آهن ۽ ڇو آهن؟ اها تقريبن گهڻي سڌ سڀ ڪو رکي ٿو، ليکڪ کي ڇا ٿيڻ گهرجن ۽ انھن جا حل ڪھڙا آهن؟ اهي بہ بيان ڪرڻ گهرجن ها.
“کليل درين کان پري رهجان!” جھڙي ادبي ۽ انتھائي هاڪاري سوچ واري جملي سان پڄاڻي تي پھچندڙ هي ناول چارلي چئپلن جي چواڻي تہ :
Simplicity is not a simple thing.