ناول ”ماڻھو هڪ جهنگل آ“ خيال ۽ سوال جي رڻ ۾ ڦاٿل ماڻھو
جي پاڻ ٻئي ڪٿي ملون تہ سور ئي سلي سگهون.
هي اهو شعر آهي جيڪو اڄ کان ڏھہ سال پھرين مون علي صفدر کي گنگائيندي قمبر ۾ ٻڌو هو. ان کان پوءِ شايد هن سان ڪڏهن ملڻ نہ ٿيو آهي. مرانجھڙي چھري ۽ ڪپڙن وارو علي صفدر مون کي ڏاڍو وڻندڙ ۽ پختو شاعر لڳو هيم. ان ملاقات ۾ هن منجهہ جيڪو خلوص نظر آيو هئم. اهو وساري نہ سگهيو آهيان. محترم سعيد ٻڌايو تہ علي صفدر جو ناول ٿو اچي. پوءِ نيٺ ناول ڇپجي اچي بہ ويو. شاعري مان علي صفدر جو هي نثري نعرو مون کي ڏاڍو وڻيو آهي. علي صفدر جو هي ناول “ماڻھو هڪ جهنگل آ” سندس وجدان مان نڪتل سماجي نفسيات جو اهو آئينو آهي. جنھن ۾ گند سان گڏ خوبصورتيءَ کي بہ پسي سگهجي ٿو. هن ناول کان اڳ مون سوشل سائيڪولاجي تي سنڌي ادب ۾ ھھڙو ناول نہ پڙهيو هو.
ناول جا هونئن تہ گهڻا سارا قسم آهن پر ٻہ وڏا قسم رومانوي ۽ نفسياتي ناولن جا چيا وڃن ٿا. نفسياتي ناول جي هڪ ڳالھہ هيءَ بہ آهي تہ ان ۾ حقيقت نگاري وڌ ۾ وڌ شامل هوندي آهي. ھھڙن ناولن جو دائرو صرف معاشري، ڪردار، سيرت ۽ نفسي تحليل تائين هوندو آهي.
“ماڻھو هڪ جهنگل آ” بہ هڪ اهڙو تجربو ڏيندڙ آهي. هي ناول ٻوڏ متاثرن جون ڪئمپون، لڏپلاڻ، دربدري جا منظر ۽ ماحول ڏيکاريندڙ آهي ۽ اهو سڀ يقينن هن معاشري جو حصو آهي. سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ انگريزي مان ناول جھڙي طرح آيو آهي ۽ پنھنجي اصطلاحي نانءُ سميت ضم ٿي ويو آهي هن وقت سنڌي ۾ نھايت اهم ۽ معياري ناول لکجي رهيا آهن.
صوفي مصري شاھہ چيو آهي تہ “جز مان ڪل ۾ اهو داخل ٿيندو آهي، جيڪو ٻين لاءِ جيئي ٿو.” الائي ڇو هن ناول جا ڪردار جيئڻ جو ساهس نہ ٿا سارن ۽ جيون جي جنگ هارائي وڃن ٿا. پنھنجي لاءِ جيئڻ بہ ڪو خاص جيئڻ تہ ناهي هوندو. سعيد چواڻي تہ “هي ناول روحاني طرح مثبت تبديليءَ ڏانھن پيش قدميءَ جو شديد گهرجائو آهي.”
ڪردارن جي ڳالھہ ان ڪري ڪئي سون ڇو تہ پنھنجي پاران ۾ خود ليکڪ پنھنجي ڪردارن سان هيئن مخاطب ٿئي ٿو.. “اي ڪردارو! اي منھنجا خاموش ڪردارو! مان توهان ڏي متوجھہ آهيان.”
ليکڪ لکي ٿو: “اوهان صرف پنھنجي مٿي کان وٺي پيرن تائين سوچيو ٿا.”
منھنجي لاءِ ناول جي رٿابنديءَ کان اول ڪردارن جو تجسس وڌيڪ هوندو آهي. ڇو تہ ڪنھن بہ ناول ۾ ڪھاڻي تہ هوندي ئي هوندي آهي پر ڪردار ان ۾ ڪيئن ورتاءُ ڪن ٿا يا هڪ ناول نگار انھن کي ڪيئن کڻي اچي پيش ڪري ٿو اهو ڏاڍو اهم آهي.
“ماڻھو هڪ جهنگل آ” جي ڪردارن ۾ هڪ نيچرلٽي آهي. سواءِ ٻن ڪردارن جاويد ۽ جاسم جي، ليکڪ ڪا بہ ڪاريگري نہ ڪئي آهي ۽ هن ناول جا ڪردار پنھنجي ساخت ۾ سھي پس منظر رکندڙ آهن. مرڪزي ڪردار زينوء بہ ڪا فلاسافي نہ ٿي جهاڙي، پر هوءَ هڪ معصوميت سان سرشار رحم جوڳو ڪردار آهي.
ناول نگاري جي دنيا ۾ هر قسم جي ڪردار چٽڻ جو ڏانءُ صرف ليو ٽالسٽاءِ کي اچي ٿو ۽ هو ان ۾ خاشي مھارت جو مالڪ بہ آهي. علي صفدر جي ڪردار نگاري هن ناول جي جان آهي ۽ هن ناول جي اهميت بہ انھن ڪردارن جي ڪري آهي ۽ اهي ئي هن ناول کي ڪامياب بڻائن ٿا. عبدالقيوم صائب مطابق.. “ناول جي ادبي اهميت ان جي ڪردارنگاريءَ تي مدار رکي ٿي.”
هن ناول جو نالو نيئن محاوري طور اڳيان آيو آهي. پر مون کي تہ هي محاورو ڪمزور ٿو لڳي، ماڻھو جي اندر ۾ سوين ڪائناتون آهن ۽ ماڻھو خود هڪ ڪائنات آهي، جنهگ تہ هڪ محدود شيءَ آهي. شاعر لفظن جا ڪاريگر هوندا آهن. ناول نگار اهڙا تہ لفظ، محاورا ۽ تشبيھون ڪم آنديون آهن جو پڙهي دماغ کوليو وڃي. جيئن..
• عورتون.. معصوم عورتون.. پنھنجي اباڻن جي لولي واري سٻاجھڙائپ اسٽار پلس جي چمڪ ۾ گم ڪري آيون هيون. پيج-10
• پريت ڳنڍي ڇنڻ سکي ورتي سي، بس مشڪل هو تہ وسارڻ. پيج-13
• خيال ئي خيال.. رڻ ئي رڻ.. ماڻھو ئي ماڻھو..
هي ناول پڙهندي ماڻھو خيالن ۽ سوالن جي رڻ ۾ رليو وڃي. ڀانت ڀانت جا ماڻھو ليکڪ وڏي هوشياري سان گڏ سرجيا آهن. انھن جا مڪالما ۽ ڳالھہ ٻولھہ ۾ ڪٿي بہ ليکڪ نظر نہ ٿو اچي. ڪردار فطرتي رنگ ڍنگ ۾ تز ۽ پنھنجي ان اصلي روپ ۾ بيٺا آهن. جهنگل لفظ تي بہ مونکي اعتراض آهي، سنڌي ۾ جهنگ ٿيندو. جهنگ جنھن ۾ الڳ قسم جا جانور ٿيندا آهن. هي ناول بہ ماڻھن جو جهنگ آهي. پڙهندڙ کي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ هو، ماڻھن جي ميڙ ۾ بيٺو هجي. هيترن ڪردارن سان علي صفدر نڀائي ويو آهي اها ان جي قابليت آهي، جنھن کان انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي.
هن ناول جا ڪردار دلاور، جاسم، علي احمد، نور نبي، ماسي ڪامل، گلو گاڏهي جي زال، زينو، زينو جي ڀاڄائي، موسڻ، ماستر، ڄامل، سردارو، درناز، نبن، حاڪم خان، ماسي گلان، اڪمل جي زال، فاطمہ، ماستر سونو، وليد خان، ڪامريڊ حبن، هاشم، ماسي موران ڪردارن جو هڪ ڊگهو شجرو آهي جيڪو پاٺڪ کي ذهن ۾ رکڻو ٿو پوي.
ٻاهرين ادب ۾ دوستو وسڪي ۽ ٻين روسي ناول نگارن جي ناولن جي ڪردارن جا شجرا بڙ جي وڻ جيان هوندا آهن. سنڌيءَ ۾ اهڙو ڪو ناول ياد اچيم ٿو تہ اهو سانگهڙ آهي. جيڪو ڪردارن ۽ موضوع جي لحاظ کان ڪلاسيڪل آهي. جنھن ۾ انيڪ سارا ڪردار آهن.
زينو جو ڪردار جيڪو پنھنجي ڏيک ۽ سڀاءُ ۾ ٻھراڙي جي ڇوڪري جو ڪردار آهي. ان جو “جهولي لعل” چوڻ پِڙهندر کي گهائي وجهي ٿو. زينو مڪمل ڪردار آهي. پر هڪ ڳالھہ مون کي ڪردار جي حقيقت جي ابتڙ لڳي تہ زينو لتا ۽ مڪيش جي آواز ۾ ڪلاسيڪل موسيقي ٻڌي ٿي. ڳوٺاڻي ڇوڪري جي پسند لوڪل ڳائڻو ٿيندو آهي خير پسند ٿي بہ سگهي ٿي.
هي ناول دور جديد جي تڪڙين تبديلين کي قبول ڪندڙن ۽ بدلجندڙ سامجي روين کي بہ ظاهر ڪري ٿو...
“سڀ ڪجهہ بدلجي ويو هو. زينو بدلجي وئي هئي، ڪالھہ نھارن تائين محدود هئي ۽ اڄ ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ گڏ ويھڻ تائين پھچي وئي هئي. ماسي ڪامل ڳوٺ ۾ وڏو ۽ ويڪرو گهگهو پائيندي هئي. ٻوڏ ۾ شھر جو آئي تہ مائي فٽنگ پائڻ شروع ڪئي. سوڙها ڪپڙا پائي پولھہ کي لوڏا ڏئي جو هلندي هئي تہ مون کي ڄڻ مرچ پئجي ويندا هئا!!” پيج- 33
ڪيئن هڪ ڇوڪري جلدي ۾ هڪ مرد جي ويجهو اچي وڃي ٿي ۽ ڪراڙي نوان فيشن ڪري ٿي.
جاويد چوندو هو “زندگي کي جنھن سمجهي ورتو تہ زندگي ڇاهي؟ تہ ان جو جياپو زهر بڻجي ويندو!”صفحي 34 تي سوچن جا سوال سٿيندڙ هڪ احساس.
هن ناول جو خالق علي صفدر جڏهن تہ هڪ پختو شاعر بہ آهي، ان ڪري هن ناول ۾ شاعري بہ ڪئي آهي. ناول ۾ ليکڪ جيڪا کوڙ سارن ڪردارن جي مڪالمن ۽ گفتگو پرٽي آهي. انھن هر ڪردار جي بجاءِ پر دلچسپ ڳالھيون وڻن بہ ٿيون. اتي جاويد ۽ جاسم جي فڪري گفتگو ۽ بحث هن ناول جي حياتي وڏي ڪن ٿا.
جاويد ۽ جاسم جو بي جوڙ شادين تي ٿيل فڪري بحث مان هڪ مڪالمو هتي پڙهندڙن جي نظر ڪيون ٿا.. “پر جاسم! پڙهيل لکيلن کي ڪير سڌاري ۽ سمجهائي، جيڪي شعور هوندي لاشعورن کان ڪمتر آهن. جاويد ڳالھہ وڌائيندي چيو.”
جاسم، جاويد، زينو ۽ ٻين ڪردارن جي خواهشن، معصوم خوابن ۽ احساسن ۽ محبتن جي دنيا هي ناول آهي. جاويد جو هڪ خواب مون صفحي 55 تي ڦتڪندي ڌٺو...
“تون ڏسجان رڳو مان ۽ فاطمہ شادي ڪيون تہ هن ديھہ ماڻڪپور ۾ شعور ئي شعور جهلڪندي ڏسندين. هوءَ ڊاڪٽرياڻي ٿيندي ۽ مان ماستر... مفت تعليم بہ ڏينداسين تہ ماڻھن جو علاج بہ ڪنداسي..”
اسان هيٺين طبقي جا خواب ڇو پورا نہ ٿيندا آهن ڇو اسان انھن جو پوري ٿيڻ جي آس ۾ پوري حياتي کائي ويندا آهيون توڙي جو اهي ايڏو وڏو ڪجهہ نہ گهرندا آهن. اهي ڪنھن ٻئي جا نہ پر مون کي تہ علي صفدر جا لڳن ٿا. جو انھن لاءِ تڙپي ۽ زهر کائي ٿو ۽ چريائپ جي دور مان گذري پاڻ کي چار گوليون بہ هڻي ٿو.
هي دور جديديت پڄاڻان جو آهي. جنھن ۾ انسان وڪامي ٿو. احساسن ۾ مطلب ويڙهيل آهن. جديديت پڄاڻان جا هڪ ٻہ عڪس هت بہ آهن؛ “آءُ وقت بہ سوچيندو رهجي ويس تہ اسين آخر ڪھڙو موقف کڻي جھان ۾ آيا آهيو ۽ ڪيون ڇا ٿا!؟ماڻھو ماڻھوءَ کي نہ ٿو سڃاڻي. ڀيڻ لاءِ ڀائرن جو ڀرجهلو شامت بڻجي ويو آهي. اولاد جو والدين سان رويو سخت ٿي ويو آهي. گهر جو فرد پنجاھہ ڀاتين وچ ۾ اڪيلائين جي جي ايڪانت جو شڪار ٿي رهيو آ... ٻاهر اڱڻ ۾ ستل گهرڀاتين کي ڪمري ۾ ستل گهرڀاتيءَ جا سڏڪا بہ ٻڌڻ ۾ ڪونہ ٿا اچن.” پيج-57
هي ان سماج جي نشانبري آهي جتي نوجوان وٽ پنھنجي محبوبہ سان ملڻ وقت مالي شرمساري هوندي آ ۽ نوجوانن سان ائين ٿيندو آهي.” جيئن جاسم چوي ٿو-
“زينو! جڏهن بہ تون ايندين آهين تہ مون وٽ ان وقت پئسا ناهن هوندا” 67-پيج
عورت جي نفسيات تي ناول ۾ تمام جهجهو ڊسڪورس آهي. فڪري طور ناول سگهارو مشاهدو ۽ ڏانءُ رکندڙ آهي ان ڪري هن ڳوڙهيون پيچيدگيون کولي رکيون آهن. ڪٿي ڪٿي آءُ ليکڪ سان فڪري طرح سان سخت اختلاف رکان ٿو. اهو عورت جي حوالي سان ڪيل ڳالھين بابت.
عورتن جي ڪوڙ هڻڻ، ڳالھہ وڌائي پيش ڪرڻ، ڳالھيون هتان جون هتي کڻي وڃڻ، عورت جي فطرت ۾ آهن ان کان انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي. ليکڪ ائين بيان ڪيو آهي جو ٽھڪ نڪريو وڃن.
ناول جو هر ڪردار ٻوڏ متاثر آهي. ناول جي هي سٽ جيءُ جهوري وجهي ٿي...”جنھن غضب سان هي شامت آئي هئي. ان تي ڪو بہ فڪرمند نہ هو تہ هي سيلاب- سياسي چال بازي هئي يا خدا جو قھر...” پيج-72
ناول نگار هيٺين طبقي جي سوچ ۽ سائيڪي کي بہ سمجهي ٿو ۽ انھن کي زميني حقيقت بہ ڏسي ٿو.
“هڪ ڏينھن مون دلاور خان کي چيو تہ “دلاور خان توهان ديھہ ماڻڪ جا رکولا ٿا سڏجو. ڳوٺ ۾ ڪو سڌارو نظر اچي ٿو. نہ اسان کي حق وٺڻ جي جرئت آهي نہ حق ڦٻائڻ جي طاقت... ماڻڪ پور ۾ تہ مون کي ڪو زميندار بہ نہ ٿو سجهي، ماين مڙسن سان سمھندي سمھندي رڳو ٻارن جا ولر پيدا ڪيا آهن!” پيج -73 (وڌيڪ ڏسو ناول)
شھري ماڻھن بابت ليکڪ هيئن سوچي ٿو ۽ اها ئي حقيقت آهي؛ “ڏس نہ پاڙي ۾ غريب بک تي مرندن تہ اٽي جي لپ بہ ڪونہ وٺي ڏيندس... ڪو دڪان تي چڙهي ويندين تہ 30 رپين واري شي 60 رپين ٻڌائي سٺ هزار ڪوڙ هڻندا. انسانن کي ڍو جون اوڳرايون ڏياريون اٿن جو جاين تي پاڻي ۽ داڻي جون ڪنڊيون رکي پکين جي پاسداري ٿا ڪن..” پيج-77
ليکڪ ذات پرستي، انتھاپسندي، مذهب پرستي ۽ طبقاتي ڪشمش کي نندي ٿو. سجاڳي جي لاءِ ليکڪ جو هي جملو ڪيڏو نہ تخيلقي محاوراتي چهونڊڙي آهي...
“اسان ٻلي جي ٻلونگڙن وانگر اکيون پٽي ڪونہ سگهياسي.” پيج-92
ليکڪ جي سوچ معاشرتي اک جيان عورت جي لاءِ گهڻي تلخ نظر اچي ٿي. يا مٿس پدرشاهي هي ڇاپ آهي. هو لکي ٿو..
“سڀ ڪوڙ. ڪوڙ. عورت جو من تيستائين مرد جو آ، جيستائين هوءَ هن وٽ موجود آ ۽ پوءِ... هو ڪنھن بہ طرح ڪنھن سان بہ ڪيئن بہ من بهلائي سگهي ٿي.” صفحو-106
“عورت خوبصورت دوکو آهي. دوکو عورت جي فطرت آهي يا مجبوري!؟”
“عورت جھنم جوترو هوندي آهي. جاويد جھنم ۾ پوڻ سان سڙڻ جو احساس نہ ٿيندو تہ ڇا ٿيندو؟” پيج-115
عورت جي لاءِ اهڙي قسم جا ريمارڪس رکڻ منھنجي خيال ۾ علي صفدر جھڙي نفيس ماڻھو کي نٿا جوڳائن. ۽ اها اسٽئريوٽائيپ سوچ آهي.
باقي عورت بابت اها ليکڪ جي راءِ آهي خيال آهي. جيڪو دراصل حقيقت تي مبني نہ آهي. جيڪڏهن فاطمہ جاويد کي دوکو ڏئي ٿي تہ ان جو مطلب اهيو تہ نہ ٿيو تہ عورت ذات دوکو ٿي وئي. پر اتي زينو جاسم لاءِ زهر کائي مري وڃي ٿي. اها بہ تہ هڪ عورت آهي ۽ ان کان سواءِ وفا جو ٻيو ڪھڙو مثال ٿيندو. پوءِ اتي ناول نگار هيئن چوي تہ مرد بہ دوکو آهي. توڙي جو جاسم ڪانئرتا جو مظاهري ڪري زينوءَ کي اڪيلو ڪري مري وڃڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏي ٿو ۽ ڪا بہ هڪ تر جي ڪوشش نہ وٺي ٿو زينوءَ جي لاءِ. زاويه نظر جي درستگي جي کوٽ آهي.
ناول ليکڪ ٻولي ڏاڍي دلڪش معياري ۽ بج استعمال ڪئي وئي آهي جنھن سان ناول جي اهميت اڃا بہ وڌي وئي آهي. علي صفدر جو محاورو گهڻو سگهارو آهي. جيئن صفحي 126 تي... “ها مائي! تنھنجو نوٽ بہ ٻڌو آ، جڏهن کليو ڪرائيه تہ خبر پوندئي!”
ڇوڪرين، ڪراڙين ۽ اڌڙوٽ زالن جا اهڙا مڪالما آهن. پڙهي داد ڏئي کان سواءِ رهي نہ ٿو سگهجي.
“عورت سارين جي مرائي وانگر آهي، اها هڪ جاءِ کان پٽي، ٻي جاءِ تي لڳائبي تہ ڪي ڏينھن ڪوماڻي تہ رهندي پر وري چھچ چھچ ٽڙي پوندي آهي.” صفحو-137
هي تخليقي لوڪ ڏاهپ جي گفتن، اصطلاحن ۽ محاورن سان ڀري پئي آهي. جيڪي شيون پاٺڪ کي موهيو ڇڏين ٿيون.
علي صفدر عورتن جي نفسيات خاص ڪري ٻھراڙي جي عورتن وڏي گهرائي سان بيان ڪري ويو آهي. جيئن گلا غيبت واري عورت جي عادت، غلط ڳالھہ کي سھي ڪري هلائڻ، پنھنجي مڙسن جي ڪنھن بہ ڪرت مان معطمن نہ هجڻ، عورت جو مائٽن جي رحم وڪرم تي رهڻ. ماڻھو هڪ جهنگل آ جا سڀ عنصر پلاٽ، ڪردار، ماحول ۽ منظر فني فريم ۾ ٺھڪائي وڌل آهن. ڏاڍا ڀرپور ۽ ڪامياب آهن. پر انت ۾ ليکڪ چڪي ويو آهي.
ناول جا هي ٽي واقعا جيڪي پڙهندڙ کي ڌوڏي وجهن ٿا...
“جاويد پاڻ کي ٻن گولين جو نشانو بڻايو هو.”
“زينو زهر کائي فوت ٿي چڪي هئي.”
“پر منھنجا...” يعني جاسم جا ٻئي جھان ڊهي پيا هئا.
ناول نگاري هڪ فن آهي جنھن کي پنھنجا الڳ قسم جا اصول آهن انھن سڀني اصولن جي پوئواري علي صفدر ڪري ٿو ۽ هڪ ڪامياب ناول لکي ويو آهي. جيڪا شي کوکي ٿي، اها هن ناول جو ڪلائيمڪس آهي. ناول جو فڪر اهڙو هجي جو دل و دماغ کي تازگي بخشي، جذبن کي اڀاريو ڇڏي. جيڪي ماڻھو ڪجهہ ڪري نہ سگهن، انھن ۾ ڪجهہ ڪرڻ جي چاهت پيدا ٿي. علي صفدر جو هي نقطہ نظر ناول جي صنف ۾ زندگي ۽ سماج کي پنھنجي سمجهہ آهر ڏٺو آهي. نقطہ نظر ۾ پھرين پرک اها ٿيندي تہ هو پاڻ ڇا جي طرفداري ڪري ٿو. جاسم آهي تہ روشن خيال پر عملن زيرو آهي. ان سان جڙيل ساٿي موت جي منھن ڏسن ٿا. اعليٰ ناول سماج ۾ سڌاري جو سبب بنجن ٿا پر هي ڪردار تہ مريو وڃن.
ناول معاشري تي گهڻو اثر وجهي ٿو سڌاري ۽ واڌاري جا گس گهڙي ٿو. علي صفدر ۽ اسان جي چاهيون ٿا تہ معاشري ۾ نت نيون اميدون ۽ خواب جنم وٺن تہ پوءِ ناولن ۾ هاڪاري پھلو کي وڌ ۾ وڌ هٿي ڏيون.