اختر حفيظ جي ناول ”ڪووڊ_19“ تي تنقيد
مون جڏهن هيءُ ناول پڙهڻ شروع ڪيو تہ ڀانيم، جيڪو ناول نويس دوست گهڻ پڙهيو، سٺو صحافي ۽ نقاد طور مون وٽ سڃاڻپ رکندڙ آهي ۽ سنڌي ناول جي فني ۽ فڪري پاسن جي هر گهٽ گهيڙ کان واقف آهي، ان جو ناول تہ مڪمل شهپارو هوندو! ۽ پڙهڻ ۾ لطف ايندو! پر افسوس! ناول ان معاملي ۾ مڪمل مايوس ڪيو.
ناول جي ٽيڪنڪ بابت:
هي هڪ تجرباتي ناول آهي. جيڪو شارٽ سائيڪل اسٽوري جي ٽيڪنڪ تي لکيو ويو آهي. ڪجهہ اسڪالر ان کي سلسليوار ناول سڏين ٿا. ٻيا وري ان کي Composite Novel يا Fix up Novel سڏين ٿا. ڪي وري اهو دليل ڏين ٿا تہ Short Story Cycle هر هڪ ڪھاڻي کي الڳ هجڻ گهرجي. جڏهن تہ ٻيا وري چون ٿا تہ ان جي حصن کي هڪ ٻئي تي منحصر هجڻ کپي. هن ٽيڪنڪ جا تجربا سائنس فڪشن ۾ بہ ڪيا ويا آهن. سنڌي ۾ هي تجربو ڪيترو ڪامياب ويندو يا ليکڪ ڪيتري قدر لکڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ان تي ڳالھہ ٻولھہ ڪيون ٿا.
ناول ٻن حصن ۾ آهي. حصي پھرين ۾ چائنا جو پس منظر آهي، جنھن ۾ 11 ننڍا باب آهن. حصي ٻيئن ۾ سنڌ جو ماحول ڏيکاريل آهي. جنھن ۾ 19 ننڍا باب آهن.
ناول جي ٻولي:
هي ناول ٻوليءَ جي لحاظ کان تمام گهڻو ڪمزور ۽ غير معياري آهي. ليکڪ جي ٻوليءَ تي اردو ۽ انگريزيءَ جو گھرو اثر آهي. جنھن سان اڪثر جملا اردو انداز ۽ ترجمي جو ڏيک ڏين ٿا. هن کي اها بہ خبر ناهي تہ عام استعمال ۾ ايندڙ لفظن جا سنڌي لفظ ڪھڙا آهن. اهي لفظ ضمير متڪلم ۾ لکيل آهن. اڃا جي ڪردار ڳالھائن تہ بہ ڪم هلي ويندو پر ليکڪ خود لکي پيو.
Language Extinction and Death: when the speaker/Writer of the language uses the words from other languages in their native language.
مٿيئن اصطلاح موجب ٻولي مرندي آهي ۽ تخليق ڪار جو ڪم ٻولي بچائڻ آهي.
ناول جا ڪردار:
ڊاڪٽر وويانگ جيڪو هن ناول جو مک ڪردارن منجهان آهي. ناول جي شروعات هن ڪردار سان ٿئي ٿي. ليکڪ جو هي ڪردار اڌورو ۽ متضاد لڳي ٿو، ائين لڳي ٿو ليکڪ هن تي ڪو ڌيان يا محنت نہ ڪئي آهي. هڪڙو تضاد، ڊاڪٽر وويانگ جي لاءِ ليکڪ لکي ٿو تہ هو ميڊيڪل سائنس تي تحقيق ڪندڙ آهي. اڳتي هلي چوي ٿو تہ ڊاڪٽر وويانگ سيڪس ڊالز تي تحقيق ڪندڙ آهي ۽ ان تي وڏو مقالو لکيو اٿس. پھرين ڳالھہ تہ سيڪس ڊالز مشين ۽ روبوٽ آهن تہ ميڊيڪل تحقيق ڪئين ٿي؟ ٻئي ڳالھہ تہ سڪيس ڊالز کي ميسر ڪرڻ ميڊيڪل نہ پر سماجي معاملو آهي. هي سوشل سائنس جو موضوع آهي نہ ڪي ميڊيڪل سائنس جو.
ٻيو تضاد، ڊاڪٽر وويانگ جي پريميڪا ساشي جيڪا ڊاڪٽر کي جهجهو وقت ڏئي ٿي، پرڀائي ٿي ۽ هن جي جنسي عمل لاءِ اڀارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري ٿي. پوءِ بہ ڊاڪٽر مطئمن نہ ٿو ٿئي. پر ڊاڪٽر سڪس ڊال کي ڏسي هرکي ٿو پوي. هڪ انساني جذبا رکندڙ نازڪ صنف هن کي ان لاءِ ڇڏي وڃي ٿي تہ هن ۾ گرمي جوشي ناهي. پر اهوئي ڊاڪٽر هڪ مشيني گڏي کي ڏسي ٿو تہ ليکڪ چوي ٿو: “من ۾ نون امنگن جنم ورتو.”
ٽيون تضاد هن باب ۾ اهو آهي تہ وبا جي نشاندهي اڃا ٿي ئي ناهي تہ ان کي ڪرونا ڪرونا جو نانءُ ڏنو وڃي ٿو. ها ان وائرس جو شڪ تہ ظاهر ڪري سگهجي ٿو ۽ چڪاس جو انتظار ڪئي بنا ڊاڪٽر ڪرونا جي اڳڪٿي تہ ڪري سگهي ٿو نتيجو نہ ٿو ڏئي سگهي ۽ رپورٽ بعد اعلان ڪري سگهبو تہ هي جيڪا وبا پکڙجي رهي آهي اها ڪرونا آهي. پر ليکڪ ائين بيان ڪري ٿو تہ ڄڻ ڊاڪٽر وويانگ کي اڳ ۾ ئي خبر هجي.
موچائو جي ڪردار بابت اهو تضاد آهي تہ روحانيت ۾ بہ يقين رکي ٿو تہ مادي پرست بہ آهي. ليکڪ ان کي صاف ڪري نہ بيان ڪيو آهي.
سجاد جو ڪردار جنسي ويڳاڻپ يا بک جو شڪار آهي. توڻي جو هو شادي شده بہ آهي، اهڙي قسم جي پورنوگرافي اڪثر سنڌي ناولن جو حصو آهي. جيڪو هڪ تعميري ڪردار نہ ٿو چئي سگهجي جنھن کان متاثر ٿجي.
اسٽيفني جو ڪردار بہ واضح ناهي! ليکڪ جا ڪردار تڪڙا تڪڙا اچن ٿا گم ٿي وڃن ٿا. ناول ۾ ڪردار جي چٽائي ضروري هوندي آهي. هوءَ نرس آهي تہ ان کي Pandemic حالتن بابت ڪي منظر ڳالھرائڻ گهرجن ها پر هوءَ صرف سجاد جي بستر گرم ڪري ٿي ۽ ٻيو ڪو ڪم نہ ڏيکاريو ويو آهي. سجاد بہ جنسي فرسٽريشن جو شڪار آهي ۽ هن جون اکيون هن جي ڇاتي ۾ آهن. ياسيمن جيڪا سجاد جي گهر واري آهي. ان جو ڪردار بہ ڌنڌلو آهي. حاجي عثمان جو ڪردار بہ منفي ۽ بي ايمان آهي. جيڪو مذهبي هوندي بہ ٺڳي ڪري ٿو. ليکڪ هن ڪردار کي صحيح نموني چٽيو آهي. ڇو تہ ملان اهڙا بيڪار هوندا آهن.
I- ڊاڪٽر ويانگ جو ڪمرو:
سنڌي ناولن جي رومانٽڪ هجڻ تي ڪجهہ ليکڪن ۽ تجزيي نگارن کي وڏو اعتراض رهيو آهي. پر هن ناول جي پھرين باب ۾ ئي ليکڪ Sex Dolls جي اشتھاري مھم ڪرڻ شروع ڪري ڏئي ٿو ۽ اهو Sex Dolls جي خوبين ۽ آسائشن جي پرچار گهڻي ڊگهي ٿي وڃي ٿي، پڙهندي ائين محسوس ٿئي ٿو تہ ليکڪ Sex Dolls جي ڪنھن ڪمپني جو نمائيندو هجي يا ان کان پئسا ورتا هجنس. خبر نٿي پوي تہ ليکڪ ڪھڙو اسڪول آف ٿاٽ ڏيڻ چاهيو آهي يا ڪھڙي فڪر کي پڙهندڙ تائين پھچائڻ ٿو چاهي!
بابII- موچائو جو اپارٽمينٽ:
جديد ناول Myth جي چادر پائي يا ان جي اوٽ وٺي اچي پيو. ڪيترين ئي ڏند ڪٿائن کي ناول نگار پنھنجي ناولن ۾ سمائڻ لڳا آهن ۽ نئين سر بيان ڪرڻ لڳا آهن. هن باب ۾ ليکڪ Myth جو سھارو وٺندي باب جي ڀرائي ڪئي آهي. موچائو جي باري ۾ اهو واضح نہ ڪيو ويو آهي تہ هو ڪھڙي جاءِ تي ويو جتي هن کي وائرس لڳي ويو. بس اهو ڏيکاريل آهي تہ موچائو پنھنجي پٽ لي چؤ سان اپارٽمينٽ ۾ رهي ٿو. ناول نگار کي کيس ۽ سندس جي استعمال جي خبر نہ آهي، جيئن لکي ٿو؛ (سندس پيءُ کيس). هن باب ۾ اردو طرز جا جملا ۽ انگريزيءَ جي لفظن جي ڀرمار آهي. ناول نگار کي شيون، واقعا ۽ ڳالھيون چٽيون رکڻ گهرجن؛ جيئن پڙهندڙ منجهي نہ!
III _ فنگ مي يا جو گهر:
هن باب ۾ فنگ مي يا جي ڪھاڻي آهي، جنھن کي وائرس لڳي ٿو ۽ ان جا سبب ٻڌايل ناهن تہ کيس ڇو وائرس لڳي ٿو. فنگ مي يا نوڪري جو مدو پورو ڪري گهر ۾ رهندڙ آهي، هن باب ۾ پروف جون غلطيون آهن جيڪي ايڊيٽ ڪرڻ کپنديون هيون.
IV وويانگ جو ڪمرو:
هن باب ۾ ڊاڪٽر وويانگ گرفتار ڪيو وڃي ٿو. ڇو تہ هو وائرس بابت اڳڪٿي يا نشاندهي ڪري ٿو. توڙي جو چين ۾ مذهب آهن پر چين سائنسي سوچ رکندڙ ڪميونسٽ رياست آهي. الائي ڇو انتظاميه ڊاڪٽر جي ڳالھہ کي ليکي ۾ نہ ٿي آڻي ۽ ٻڌي ٿي ڇڏي. ليکڪ “ئي” جو استعمال ايڏو ڪري ٿو جو هر هڪ جملي ۾ ئي ٿو لکي. تقريبن سڄي ناول ۾ ان جي ايڊيٽنگ ٿيڻ گهرجي ها. “ئي” حرف تفسير آهي، جيڪو اسم، فعل، ضمير جي خبر جو تفسير ڏيکاريندڙ آهي. مثال: 1. اسم جي خبر: “هوش ئي ٻڌايو آهي. سلام ئي سھڻو آهي.” 2. فعل جي خبر: مون چيو ئي ناهي؛ ڪمپيوٽر هلايو ئي مس تہ بجلي هلي وئي؛ 3. هو آيو ئي نہ.”
V _سٽي اسپتال ووهان:
هن باب جي شروعات ۾ هڪ ڳالھہ منجهائي وجهي ٿي تہ فنگ مي يان ۽ موچائو کي ڪرونا وائرس رپورٽ ۾ اچي ٿو پوءِ بہ وويانگ انھن کي نمونيا جو چئي داخل ڪري ٿو. بعد ۾ ماڻھن ۾ وچڙندڙ وائرس جو منظر نامو آهي. ٻيو تہ پوري ناول ۾ ڪرونا لفظ ڪورونا لکيو ويو آهي. جيڪو ڪرونا تي ناول لکي ٿو ان کي ڪرونا لکڻ بہ نہ ٿو اچي. جيئن کهڙو ٿيندو کهوڙو نہ ٿيندو ائين ڪرونا ٿيندو ڪورونا نہ ٿيندو. ليکڪ کي لفظن جي مذڪر مؤنث جي خبر ناهي تہ موبائيل کنيي ٿيندو موبائيل کنيو نہ ٿيندو، اهڙا ڪيترائي نقص آهن.
VI_ موچائو جو اپارٽمنٽ:
وائرس جي ڦھلجڻ ڪري ليکڪ اڳئين باب ۾ اهو چوي ٿو تہ ماڻھن کي اچ وڃ کان روڪيو ويو آهي، هر شيءِ بند ڪئي وئي هئي پر هن باب ۾ ليکڪ لکي ٿو : “هن ڪمري جي دريءَ جو پردو هٽائي ٻاهر ڏٺو تہ ماڻھو گاڏين ۾ سوار ٿي وڃي رهيا هئا.”ص_33
ليکڪ اهو نہ ٿو ٻڌائي تہ ڪھڙا ماڻھو ڪاڏي وڃي رهيا هئا. جڏهن تہ لاڪ ڊائون آهي. وري صفحي 34 تي لکي ٿو: “هن کي وري پنھنجي اپارٽمينٽ جي فرش تي تڪڙ ين وکن سان حرڪت ڪندڙ پيرن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا.”
VII فنگ مي يان جو گهر:
ڊاڪٽر وويانگ وبائي حالتن ۾ سو بہ وچڙندڙ وبا ۾ پنھنجي مسيحي پيشي سان لاڳاپيل آهي. اها ڳالھہ ليکڪ جي ڏاڍي هاڪاري ڏيکاريل آهي. هي باب سوا صفحي جو آهي پر ان ۾ “ته” حرف جملي جو بيجا استعمال ليکڪ جي مھارت جي کوٽ ۽ معيار کي ڌڪي ٿو.
VIII موچائو جو اپارٽمينٽ:
هي ناول پڙهندي ائين محسوس ٿئي ٿو تہ ليکڪ انگريزي جو وڏو ماهر آهي. ڇو تہ هي ڄڻ سنڌي اسڪرپٽ ۾ لکيل انگريزي ناول لڳي ٿو. پر ليکڪ کي اها بہ خبر ناهي تہ پيمپر ۽ Diaper ۾ ڪھڙو فرق آهي؟ پيمپر ڊائيپر ڪمپني جو نالو آهي. هن باب ۾ ليکڪ احساسن کي سٺو اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
IX سٽي اسپتال:
هي باب ڏيڍ صفحي جو آهي ۽ ان ۾ جيڪڏهن سنڌي لفظ ڳڻيون تہ ٿورا، انگريزي گهڻا، پروف جون چڪون ۽ گرامر جو سھي استعمال ڪونھي، فنگ مي يان مري وڃي ٿو ۽ منظر نامو ڳڻتي جوڳو ٿي وڃي ٿو.
X موچائو جو اپارٽمينٽ:
هن باب ۾ ليکڪ لي چؤ جي بدحالي ۽ بيوسيءَ جي سٺي منظرڪشي ڪئي آهي، پر ليکڪ جي ٻوليءَ ۾ دم ناهي، ان ۾ تخليقي هنر ناهي.
XI سٽي اسپتال:
هن باب ۾ ليکڪ کي “لي شائو” کي بہ وائرس جي ڪري ماري ڇڏي ٿو. واري واري سان سڀ ڪردار مرندا ٿا وڃن. پر هو ڪنھن بہ هڪ مريض کي احتياط ڪري صحت مند ۽ خوش ٿيندي نہ ٿو ڏيکاري. آئون ڪا هدايت نہ پيو ڏيان تہ ليکڪ هيئن لکي ها پر ليکڪن کي شين جا ڪي هاڪاري ۽ سنئين دڳ لائيندڙ پاسا بہ آڻڻ کپن.
هن سڄي پھرين ڀاڱي ۾ سڀ ڪرونا مريض مري وڃن ٿا. هي حصو رپورٽ واري اسلوب ۾ لکيل لڳي ٿو ڇو تہ ليکڪ صحافي آهي. فڪشن جو چس گهٽ ملي ٿو. تشبيھون استعارا بنھہ گهٽ آهن. لکڻي ۾ گهرائي جي کوٽ بہ ڏاڍي محسوس ٿئي ٿي.
ٻيو حصو هن ناول جي ڏينھن واري عنوان سان باب آهن.
ڏينھن پھريون:
پھرين ڏينھن تي حڪومتي عملدار پريس کي تفصيل ڏئي وائرس جي ڪري لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي اهو ٻڌايو وڃي ٿو. مرڪزي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت جي ڇڪتاڻ جو هلڪو اشارو آهي جنھن تي ڳالھايو وڃي ها. ٻيئن حصي ۾ سنڌ جو ماحول آهي، ڪردار بہ سنڌ جا ظھور پذير ٿين ٿا.
ڏينھن ٻيو:
هن باب ۾ سجاد نالي ڪردار نروار ٿئي ٿو. جيڪو چين ۾ پڙهي ٿو پر وائرس جي ڦھلجڻ ڪري سنڌ واپس اچي ٿو.
هو لکي ٿو: “هو چين جي شھر بيجنگ جي بيجنگ سٽي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي اسڪالر هو.” ص_51
بيجنگ دنيا ۾ ڪو ٻيو بہ آهي ڇا؟ جو ليکڪ چين جو شھر بيجنگ لکيو آهي. جڏهن بيجنگ ٿي ويو تہ شھر جو اسم ڇو استعمال ڪيو ويو آهي. اهڙيون کوڙ غلطيون هن باب جو حصو آهن. جن کي هتي پيش ڪرڻ سان اڀياس طويل ٿي ويندو.
هتي ليکڪ جي نئين پرچار ۽ اشتھار شروع ٿي وڃن ٿا. مساج پارلر، ڪال گرلز ۽ سيڪس ورڪر جي معيار ۽ بھتري کي بيان ڪيو ويو آهي. ليکڪ جي ڪردار سجاد کي وڏا پستان وڻن ٿا.
“اٺ مھينا اڳ هو ۽ اسٽيفني هڪ بار ۾ مليا هئا، اها بار يونگڊنگ نديءَ جي ڀرسان هئي. (بار سنڌي ۾ مذڪر آهي تہ هو ٿيندو.) ائين تہ هو ڪيترن ئي مساج پالرن جا چڪر هڻي چڪو هو ۽ ٻہ ٽي ڀيرا ڪال گرلز سان پڻ راتيون رنگين ڪري چڪو هو پر هو سدائين وڏين ڇاتين ۽ موڪري ٻنڍڻن وارين ڇوڪرين بابت سوچيندو هو. چين جون ورلي ڪي اهڙيون ڇوڪريون هيون، جيڪي سندس ان ڪسوٽيءَ تي پوريون ٿي لٿيون. چيني ڇوڪرين جون ڇاتيون ڏسي کيس ليما ۽ نارنگيون ياد اينديون هيون. جڏهن تہ هو گدرن جو تصور کڻي گهران نڪتو هو.” ص_53
ليکڪ، ٻين سنڌي ناولن جيان جنسي پاڇي کان پاڻ بچائي نہ سگهيو آهي.پر هن ۾ تہ ليکڪ ڄڻ پرچار ڪندو هجي، ناول ۾ ايتريون تہ ايڊيٽنگ، فڪر، ٻولي ۽ ڪردارن جو کوٽون آهن جو سمجهہ ۾ نہ پيو اچي تہ ڇا لکي ڇا نشاندهي ڪجي؟ مثال طور هڪ جملو آهي: “کيس پريشان ڏسي ياسمين کانئس پڇيو.” (ص_57 ) هتي کانئس جو استعمال اجايو ۽ واڌو لڳي ٿو.
ليکڪ حاجي عثمان جي واتان چوائي ٿو: “ها مالڪ جو ڪرم آهي، بس ڪرونا جي ڪري ڌنڌو صفا ڪونھي.”ص 59
پر اتي ئي سينيٽائيزر مھانگو ڪري کپائي ٿو ۽ ڌڙا ڌڙ فائدو وٺي ڌنڌو ڪري ٿو. انتھا پسند مولوي علم الدين جو ڪردار بہ هن باب ۾ متعارف ٿئي ٿو. ناول جي دنيا ڏاڍي ڪشادي هوندي آهي پر Pandemic حالتن ۾ ليکڪ هن ناول ۾ صرف اسلام مذهب جي صورتحال کي عڪس بند ڪيو آهي. چين ۾ وائرس ڦھلجڻ بعد اتي مذهبن جي ڇا صورتحال يا عقيدا هئا اهو ليکاري سگهاري نموني نہ آڻي سگهيو آهي.
ٽيون ڏينھن:
سنڌي ۾ چوندا آهن تڪڙي ڪتي انڌا گلر. سو ليکڪ بہ هن ناول سان اها ڪار ڪئي آهي. اسد ۽ راحيلا جي ڪھاڻي هن ٽڪري ۾ اچي ٿي. مختصر جي تڪڙ ۾ ليکڪ کي ڪجهہ ياد ئي نہ رهيو آهي تہ ڪردارن جي جوڙجڪ ڪئين ۽ ڪھڙن بنيادن تي رکجي. لاڪ ڊائون آهي سڀ ڪو گهرن ۾ آهي، اسد ۽ راحيلا جي نئين شادي آهي هنن جو ڪمرو بہ الڳ آهي پر پوءِ بہ هو ميل ميلاپ لاءِ رات جو انتظارڪري ٿو. ڪيڏو نہ عجيب ٿو لڳي اهو. ليکڪ هنن ڪردارن جي ازدواجي زندگيءَ کي پورنوگرافڪ انداز ۾ چٽيو آهي. لکي ٿو “اسد پنھنجي اڱر ۽ آڱوٺي سان راحيلا جي نرم نازڪ چپن کي مھٽڻ لڳو.” ص_66
چپ مھٽبا بہ آهن ڇا؟ اهي بہ نرم نازڪ چپ!! ٻئي هڪ جاءِ تي لکيو اٿس “هن جا چپ موڪرا هئا.” چپ موڪرا بہ ٿيندا آهن ڇا؟ مون تہ چپ ٿلھا ۽ سنھا ٻڌا لکيا پڙهيا آهن. اهي موڪرن چپن واري اڃا ڪا عورت ناهي ڏٺي.
الھہ بخش ۽ ان جي پٽ جي بيماري واري ڪھاڻي گهڻي احساساتي آهي، پر اها ڪھاڻي هنن سڀني ڪرونا سان لاڳاپيل ڪھاڻين کان ڄڻ الڳ لڳي ٿي جڏهن تہ هن ٽيڪنيڪ شارٽ اسٽوري سائيڪل مطابق سڀ ڪھاڻيون پاڻ تي دارومدار رکندڙ هجن يا جڙيل هجن يا وري صفا الڳ هجن. هن ناول جو ليکڪ ٻنھي قسمن جون ڪھاڻيون ڏئي ٿو. انھن کي تمام گهڻو مختصر رکيو اٿس. جنھن ڪري ڪافي مونجهارا بہ ٿين ٿا. ان مان لڳي ٿو ليکڪ تڪڙ ڪري ٿو.
چوٿون ڏينھن:
الھہ بخش تبليغي اجتماع ۾ واعظ ۾ مولوي کان اهو ٻڌي ٿو تہ “هي وائرس مسلمانن خلاف هڪ سازش آهي.” پر ليکڪ اها سازش ڪردار واتان چوائي نہ ٿو تہ ڪھڙي؟
پنجون ڏينھن:
سجاد جيان اسد بہ جنسي محرومي جو شڪار لڳي ٿو. هو جڏهن پنھنجي زال کي ڏسي ٿو تہ هن جي قميص جي اندر پھچي وڃي ٿو. صفحي 82 تي اهڙي جنسي اڀار واري منظرڪشي آهي. ليکڪ شارٽ اسٽوري سائيڪل واري تجربي جي چڪر ۾ ڪردارن جي اڻت انتھائي ڪمزور نموني ڪئي آهي. منھنجي خيال ۾ هي تڪنيڪ سنڌي ناول نگاري ۾ ڪارگر يا ڪامياب ڪين ٿيندي ۽ مون مٿي بہ ڳالھہ ڪئي تہ ليکڪ جو هڪ اسڪول آف ٿاٽ ڪھڙو آهي اهو Diversity تي مبني هجي پر ان ۾ هيومنٽي هجي. مڃون ٿا جنس هڪ زميني حقيقت آهي پر ان جو بار بار ورجاءُ سوال اٿاري ٿو.
ڇھون ڏينھن؛
هي باب مڪمل رپورٽنگ آهي. ناول ۾ اسلوب جي وڏي اهميت هوندي آهي. پر ليکڪ پاڻ وڌيڪ ظاهر آهي. ڪردار گهٽ نمايان آهن ۽ اهي ڳالھائين بہ تمام ٿورو ٿا.
ستون ۽ اٺون ڏينھن:
اسد جي پيڙا کي ليکڪ خوبصورت نموني پيش ڪيو آهي ۽ ان ڪيفيتن کي گهرائي ۾ بيان ڪيو آهي. مولوي علم الدين ڪرونا خلاف پنھنجي واعظ ۾ گهٽتائي نہ ٿو آڻي. اسد قرنطينہ ۾ رهندي رهندي Obsessive Compulsive Disorder ۽ ڊيول پرسنلٽي جو شڪار ٿي وڃي ٿو. هو راحيلا ٿي پاڻ سان ڳالھائي ٿو. هن کي پويان پور پون ٿا. هي بہ حقيقت آهي تہ هن وبا دؤران ماڻھو مري رهيا هئا پر اها بہ حقيقت آهي تہ ماڻھو صحت مند بہ ٿي رهيا هئا ۽ اهڙيون خبرون بہ ميڊيا تي اچي رهيون هيون. پر اهڙين خبرن جو ڪو بہ ذڪر هن ناول ۾ ڪٿي بہ ناهي! جيڪو هن ناول کي ائين ثابت ڪري ٿو جئين ميڊيا خوف ڦھلائي رهي هئي ائين هي ناول بہ رڳو سنسي سان ڀريل آهي. اسد رڳو ميڊيا تي ڪرونا وگهي مرندڙ ڏسي ٿو ٺيڪ ٿيندڙ نہ.
نائون ڏينھن:
سجاد چين ۾ پڙهندڙ آهي پر سنڌ ۾ هن جو ذريعہ معاش ڪھڙو آهي. هن جو ڪٽنب آهي. ڇو تہ لاڪ ڊائون ۾ مالي طور پوري سنڌ پريشان هئي. بس علي سڀ ڪجهہ خريد ڪري اچي ٿو ۽ هن سان ڪو بہ مالي معاملو نظر نہ ٿو اچي.
ڏهون ڏينھن:
هتي هڪ بي ايمان ٺيڪيدار جي شارٽ اسٽوري آهي. جنھن جي اين جي او بہ آهي. لاڪ ڊائون جو زڪوات وارو سٺو فنڊ ۽ سامان هڙپ ڪري وڃي ٿو.
يارهون ۽ ٻارهون ڏينھن:
هن باب ۾ اسد جي راحيلا جي زندگيءَ جي لاءِ فڪرمنديءَ کي گهٽ پر فرسٽريشن کي وڌيڪ چٽيو ويو آهي.
هوڏانھن راحيلا جي صحت ڪري رهي آهي هيڏانھن اسد جي جنسي بک وڌي رهي آهي. جيڪا ڪردار جي بي حسي کي ظاهر ڪري ٿي.
ڏينھن تيرنھون:
هن ۾ سجاد جي دوستن عليم ۽ سھيل جا ڪردار ظاهر ٿين ٿا. جيڪي گهٽي ۾ ملن ٿا ۽ سگريٽ ڇڪيندي تبري بازي ڪن ٿا. اهي ڪردار بہ ڪجهہ عجيب ڏيک ڏين ٿا. وائرس سان وڙهڻ ۽ ان جي ڦھلجڻ کان روڪٿام تي ڳالھائن ٿا پر پاڻ SOP تي ڪو عمل ڪون ٿا ڪن. ماسڪ بہ لاهن ٿا ۽ سگريٽ نوشي بہ ڪن ٿا.
ڏينھن چوڏهون ۽ پندرهون:
ناول ۾ آهستي آهستي سڀني کي وائرس ۾ وٺجندي ڏيکاريو ويو آهي پر ڪو بہ ان وائرس مان احتياط ڪري صحت ياب ڪون ڏيکاريو ويو آهي ۽ جيڪي وائرس ۾ وٺجن ٿا بيمار رهندي مري وڃن ٿا. راحيلا، علم الدين مري وڃن ٿا.
ڏينھن سورهون:
هن باب ۾ ليکڪ وڏي وزير جي لاڪ ڊائون ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس کي جيئن جو تيئن کڻي هتي رکيو آهي. اخبار جي ڇپيل خبر ۽ هن باب ۾ ڪو فرق ڪونھي.
ڏينھن سترهون:
ٽئي دوستن عليم ۽ سجاد ۽ سھيل جيڪي پاڻ کي باشعور سمجهن ٿا لاڪ ڊائون هر گهٽي گهر جو نظارو ڪندا وتن ٿا. لاڪ ڊائون وري ڇا جو؟ ٻين کي سبق ڏيڻ سولو هوندو آهي. هڙن قحط واري صورتحال بہ هي دوست مالي طور خوش آهن ۽ سگريٽن جا مزا وٺن ٿا ڪنھن بہ مالي حالت کي ليکڪ ظاهر نہ ڪيو آهي سجاد وٽ تہ الائي ڪھڙو خزانو آهي.
آخري باب بہ اخباري سرخين جيان لکيل ليک آهي. جنھن سان ڪو خاص تاثر نہ ٿو جڙي. ادب اهو ناهي تہ اوهان ڇا ٿا ٻڌايو؟ پر اهو ڪيتري گهرائي ۾ ٿا ٻڌايو اهو اهم آهي. اڳ ۾ شارٽ اسٽوري سائيڪل جي تڪنيڪ کي طئي ڪري ليکڪ ننڍيون ننڍيون اڻ پوريون ڪھاڻيون اڻي هي تجربو ڪيو آهي. هي تجربو ڪا سگهاري وک نہ ٿي لڳي. ان ڪھاڻين ۽ ڪردارن جون گهرجون بہ پوريون نہ ڪيون ويون آهن ان پس منظر ۾ هي ناول مڪمل ناڪام ناول آهي، اميد تہ ليکڪ ٻيا سٺا ناول لکندو ۽ اهي ايڊيٽ ضرور ڪندو ۽ پوءِ ڇپائيندو.