ناول “ڪبوتر جواب ڳولي ٿو” جو تنقيدي جائزو
2021ع سال ۾ سنڌي ۾ اهڙا ناول آيا. جن ۾ ڪردار جانور آهن. جيئن ڪتا ۽ نئون ماڻھو ناول.
ڪتا ناول ۾ مک ڪردار راڪو ڪتو هو ۽ نئون ماڻھو ناول جيڪو حيدر دريا جو لکيل آهي. ان ۾ ڪوليون، شينھن، بگهڙ ۽ گينڊو ٻيا ڪردار آهن. پر ان ۾ مک ڪردار ناني ڪولي جو آهي. ائين ئي 2022ع ۾ هڪ ٻيو ناول ڪبوتر جواب ڳولي ٿوـ انور ڪليم جو پڌرو ٿيو هو. جنھن ۾ مک ڪردار ڪبوتر جو آهي. جنھن تي خيال آرائي ڪريون ٿا.
هيءُ ناول پڙهي اهو محسوس ٿئي ٿو تہ انور ڪليم جو تنقيدي شعور اعلي پايي جو آهي ۽ هُو شين کي وڏي گهري اک سان پروڙي ۽ پرکي ٿو.
سندس فڪري خيال آرائي بہ اوچي پد جي آهي. هُو سياسي طور بہ پختو آهي.
سنڌي ٻوليءَ منجهہ اڳ ۾ علامتي Allegorical ناول لکيا ويا آهن. اردو ۽ ٻين ٻولين خاص ڪري انگريزيءَ ۾ علامتي ناول بہ موجود ۽ مشھور آهن. جيئن اينمل فارم، لارڊس آف فلائيز، پلگرمز پروگريس. انور ڪليم جي هيءُ ناول Allegorical ۽ Symbollic آهي. جنھن ۾ علامتي انداز ۾ جاندارن کي ڪردار بڻائي انساني سماج ۾ ٿيندڙ بي انصافين ۽ بي حسيءَ جي منظرڪشي ڪئي وئي آهي.
هن ناول جي شروعات ڪبوترن جي ميڙاڪي کان ٿئي ٿي. جتي هڪ ڪبوتر سوال اٿاريو آهي تہ “ڪبوتر مشڪل وقت اچڻ تي اکيون بند ڪندا آهن... ڇو؟” هن باب جو عنوان بہ سوال آهي. ناول جو پلاٽ منھنجي خيال ۾ ان سوال جي پٺيان انساني حيات جي ائبسزرڊٽي آهي. جنھن کي ليکڪ بنياد بڻائي پورو ماحول چٽيو آهي ۽ ان ۾ هُن وجودي بحران ۽ حياتي جي بي رحم وارتا کي بہ عڪس بند ڪيو آهي.
ليکڪ سوال کان هٽي وڃي ٿو ۽ وچ ۾ ٻيون ڳالھيون کڻي اچي ٿو ۽ وري آخري باب ۾ ان سوال جي نقطي تي اچي ٿو. ڀانيان ٿو تہ متان منھنجي ڪم عقلي هجي ۽ توڻي جو هن ناول جا ڪردار علامتي ۽ جانور آهن پر ليکڪ اڻ سڌيءَ طرح انساني سماج ۽ انھن جي روين تي تنقيد ڪري ٿو.
ناول جي ٻئين باب جو عنوان “ڪبوتر جواب جي ڳولا ۾” آهي. ميڙاڪي مان اڏامي ڪبوتر هڪ سسيءَ ڪٽيل ماڻھو سان ملي ٿو. جنھن کي هڪ امير ماڻھو گاڏي چاڙهي هئي.
اڪانامي آف ورڊس وارو اصطلاح جديديت واري لاڙي ۾ استعمال ٿيندو آهي. شاعريءَ لاءِ مقرر ڪيل معيار جو مطلب اهو آهي تہ “شاعريءَ ۾ اوترا لفظ استعمال ڪجن جيترن لفظن جي ضرورت آهي.” اهڙي نموني نہ رڳي نظم پر ادب جي ٻين صنفن ۾ بہ جديد ادب ۾ لفظن جي بچت واري اصطلاح کي ڪتب آندو وڃي. جنھن سان تخليق وڌ ۾ وڌ دلچسپ، پاٺڪ جي ڌيان جو سبب بڻجندي ۽ سگهاري بہ ٿيندي.
ائين هن باب ۾ غير ضروري لفظن جو واهپو آهي؛
ـ ڀڻڪي جھڙي آواز ۾ چوڻ لڳو:ص ـ23 (ڀڻڪڻ لڳو)
ـ جيڪو اڪيلو اتي پسار ڪرڻ واري انداز ۾ گهمي رهيو هو. ص ـ 20 (جيڪو اتي اڪيلو پسار ڪري رهيو هو.
ـ ساڻس گڏ ص ـ 27 (ساڻس)
ـ اهو سڀ ڪجهہ تنھنجي مٿان ٿي گذريو آهي. ص ـ 25 (اهو سڀ توسان ٿيو آهي.)
ـ هياسين. (هئاسين) هياـ (هئا) هيائين (هئائين) ۽ ڪجهہ ٻيون اهڙيون چڪون آهن.
منڍي ڪٽيل ماڻھو جي المناڪ فردي سور کي اجتماعي ڪري واھہ جو پيش ڪيو ويو آهي. جنھن تي ليکڪ کي آفرين هجي. ليکڪ پنھنجي شعوري سگهہ انوسار اهو بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي تہ جيڪي نجي مسئلا آهن اصل ۾ اهي ئي اجتماعي آهن. ان ڪري اسان سڀ هڪ ٻئي جي مامرن ۽ پاڻ تي دارومدار رکون ٿا.
هن باب ۾ بحث طلب ڳالھہ هي آهي: “ناڪام نسل جي هڪ نشاني اها بہ آهي تہ هو حد کان وڌيڪ ماضي پرست هوندو آهي. جڏهن تہ هر نسل جا پنھنجا مسئلا، پنھنجا خواب هوندا آهن. نيئن نسل کي ماضيءَ جي ڪرندڙ ڀيتن کي بچائڻ بدران پنھنجي طاقت ايندڙ وقت کي بھتر استعمال ڪرڻ تي لڳائڻ کپي.” ص ـ 26
هتي ليکڪ موهن جي دڙي جي ڪرندڙ ڀيتن بچائڻ تي تنقيد ڪري ٿو. ڏٺو وڃي تہ اهو بہ صرف شعور وند ماڻھن ئي ان جي بچاءُ ۾ آواز اٿارين ٿا. باقي سرڪار تہ ان ڪا بہ دلچسپي نہ ٿي وٺي. اهو درست آهي تہ اڄ جڏهن سموري دنيا ۾ مشيني انقلاب اچي ويو آهي ۽ سڀ ڪجهہ ڊجٽلائيزڊ ٿي چڪو آهي. اتي رڳو موهن جي دڙي جي تھذيب تي ڀاڙڻ ڀورائي جي ڀل ئي هوندي. نيئن سنڌ جا نوان چئلينجز آهن.
باب فل فراءِ هاف فراءِ: سنڌ ئي نہ پر پورو ملڪ پاڪستان پوليس اسٽيٽ بڻيل آهي. قانون نالي ڪا شيءِ اسان جي سماج ۾ نہ رهي آهي. جنھن کي هر عام خاص ۽ اسين تخليقڪار تہ ذهني ڪوفت ۾ سُن ٿي وڃن ٿا. ليکڪ اهڙو سڄو منظرنامو هن باب ۾ چٽيو آهي، اهو دل دهلائيندڙ آهي.
نصيحت جا ڪڻا: هن باب جو نالو ۽ ترتيب ٿوري ناصحانہ لڳي ۽ ليکڪ هتي ڇا تہ ڳالھيون ڇڙي ٿو جو چئي بس ڪر.
هو روشن ڪردار واتان چئي ٿو تہ “ڇا بنا مذهبي لاڳاپي سماجي طبقي جي ڪنھن بہ وابستگي کان سواءِ ڇا نيڪي نہ ٿي سگهندي ڇا انھن بنا اسان ٿي ڪري انسانيت جي خدمت نہ ٿي ڪري سگهجي.”
پنجون باب ڪاميابي جو اسم اعظم:
منھنجو هميشہ اهو خيال رهيو آهي تہ جيئن سچ کي طئي نہ ٿو ڪري سگهجي ڪڏهن ۽ ڪھڙو سھي آهي ائين ڪاميابي جي وصف ڪرڻ بہ گهڻي ڏکي ٿيندي. ڇو تہ هڪڙا چون آخرت ۾ ڪاميابي هڪڙا چون هن دنيا ۾، ڪن کي ڪار حاصل ڪرڻ ڪاميابي نظر اچي، پر ڪاميابي ڇا آهي ان جا ماڻ ماپا مڪمل ٿي ئي نہ ٿا سگهن. جديد دؤر جو ماڻھو ڪھڙي قسم جي ڪاميابي جي فريب ۾ ورتل آهي ان کي ليکڪ فڪري انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
ليکڪ جي فڪري باليدگي هن مان پرکي سگهجي ٿي:
“جيڪڏهن اوهان کي ڪو مسلسل بيڪار، ناڪارہ چوندو رهي تہ توهان مان ڪجهہ ڪرڻ جو شوق ۽ صلاحيت واقعي بہ نڪري ويندي.” ص ـ62
هونئن تہ ادب سماج جي تنقيد آهي، پڙهندا ۽ پرجهيندا رهيا آهيون پر ناول سماج جي نفسياتي تنقيد آهي. انور ڪليم سنڌي سماج جي نفسيات جي نبض تي هٿ رکي هي ناول لکيو آهي، مختصر ۽ پراثر.
جيئن چوي ٿو؛
“يا کڻي ائين چئجي تہ جنھن ملڪ ۾ اسڪول ۽ درسگاهون گهٽ هونديون آهن ان ملڪ ۾ پير خانقاهون گهڻيون هونديون آهن.” ص ـ 63
ساڳئي صفحي تي لکي ٿو:
“توکي خبر ناهي... جن ملڪن ۾ ٻارن لاءِ اسڪول گهٽ هوندا آهن، ان ملڪ ۾ ٻارن جي قومي وندر ڪتن کي سڄو ڏينھن پٿر هڻڻ ۽ ڊڪائڻ هوندو آهي.” ص ـ 63
تعليمي شرح گهٽ هجڻ ڪري جيڪي شيون اسان جو ڪلچر بڻجي ويون آهن. انھن تي ليکڪ طنز ڪري ٿو ۽ علمي فڪري نوع ۾.
باب ڇھون ڪتا ۽ شيرواني جي نانءَ سان آهي. “ڪتا” استعاري جو استعمال سنڌي ادب ۾ گهڻو تڻو رسول ميمڻ استعمال ڪيو آهي ۽ هن جو پورو ناول ان نالي سان اچي چڪو آهي. پر هن ٻين ناولن ۾ بہ “ڪتا” وارو استعارو بار بار استعمال ڪيو آهي. سنڌي ۾ ڪتا ناول اچڻ کان پوءِ ڪافي ليکڪن کي اهو ڪتا لفظ مختلف معنائن ۾ استعمال ڪندي پڙهيو اٿم ۽ هن ناول جو هي باب بہ ان جو تسلسل آهي.
ليکڪ 64 صفحي تي لکيو آهي تہ؛ “جتي تعليم آهي اتي ڪتن کي اعلي اسٽيٽس جي نشاني سمجهيو ويندو آهي. مطلب تہ ڪنھن معاشري جي باري ۾ ڪو اندازو لڳائڻو هجي اهو ڏس اتي ڪتن سان ورتاءُ ڪيئن آهي.” ص ـ 64
ڪتي کي اعلي اسٽيٽس جي نشاني نہ پر آڪسيٽوسن ڪيميڪل خوشي جا هارمون واڌائڻ جو طريقو آهي. جانور پالڻ سان يا انھن سان پيار ڪرڻ سان آڪسيٽوسن وڌندو آهي. اسان وٽ جتي سنڌي سماج ۾ سماجي لڳ لاڳاپي ختم ٿيندو پيو وڃي. ان ڪري اهو سڀ ڪرڻو ٿو پوي ۽ اولھہ ۾ تہ ڪڏهڪو سوشلائيزنگ ختم ٿي چڪي آهي. ان ڪري اتان جا ماڻھو جانور پالن ٿا. ائين اسان وٽ بہ ڪيترائي سنڌي اديب جانور پالن ٿا ۽ سماجي ڳانڍاپي کان پري آهن. انھن جا نالا نہ ٿا لکون. باقي سوشل ميڊيا تي انھن جون تصويرون پيل آهن.
ڪيترائي سنڌي ناول پڙهڻ جي لاءِ ميسر هوندا آهن. انھن ۾ رومانوي يا سماجي روين جي انساني نفسيات جو ادراڪ يا بحث تہ موجود هوندو آهي پر سياسي تنقيد بنھہ مشڪل هوندي آهي. اڻ ڌريائپ جو اصطلاح هونئن تہ مڪمل سياسي اصطلاح آهي ان جو مطلب جنگ کان نفرت ۽ بيٺڪيت کان چڙ آهي. سنڌ ۾ اڻ ڌريائپ معنا خود غرضي آهي ۽ پ پ پ جي پاسي بيھڻ آهي. پر انور ڪليم اهڙي تنقيد هن ناول ۾ ڪري ٿو، جنھن کي ساراهجي ٿو:
“دعا کان پوءِ مون ڏٺو تہ منھنجو پُڇ بلڪل سڌو ٿي چڪو هو. مون واپسي لاءِ ان رنگ برنگي جهنڊي کي ڏاڍو ڳوليو پر هو لائي ڪٿي غائب ٿي چڪو هو.” ص ـ 65
ليکڪ مٿئين پيرا ۾ پ پ جي جهنڊي جي ڳالھہ ڪري ٿو. اهڙي ساڳي ڳالھہ ناول نگار 68 صفحي تي بہ ڪئي آهي. مختصر ناولن ۾ ساڳين ڳالھين، لفظن کي ورجائڻ جي گنجائش ناهي هوندي.
ليکڪ سان مذڪر ۽ مؤنث جو معاملو بہ آهي. هُو مؤنث لفظن کي مذڪر ۽ مذڪر لفظن کي مؤنث ڪري لکي ويو آهي.
جيئن: “جتان جي مخلوق سڪون سان وقت گذاري رهيو هوندو.” ص ـ 68
ٻيو ناول نگار تڪڙ کي تڪڙي ڪري بار بار لکيو آهي. تڪڙي وارو تڪرار “پاڇو ڳالھائي ٿو” واري باب ۾ آهي، جيڪو ايڊيٽ ٿيڻ گهرجي.
ڪتا ۽ شيرواني جو سڄو باب پ پ پ جي ناقص ۽ هٺ ڌرمي واري وڏيرڪي سياست تي ڇتي تنقيد آهي. اهو ليکڪ جي بي باڪي جو ڪمال آهي.
“مون کي ڪنھن مان بہ وفاداريءَ جي اميد ناهي. توهان مان اڪثريت انھن جي آهي. جيڪي ڪئي ٽولا مٽائي مون تائين پھتا آهن، مان وفاداريءَ جي اميد رکڻ وارن بيوقوفن مان هجان ها تہ اڄ توهان جھڙن کي شيروانيون پارائي راڄ ڪرڻ لائق نہ بڻايان ها، پر پاڻ ٻين کان توهان وانگر شيرواني وٺڻ لاءِ ڪنڌ جهڪائي بيٺو هجان ها...!” ص ـ 72
هن ٽڪري ۾ پ پ جي لوٽن جي ڪھاڻي ۽ پ پ جي سموري سياسي ڪريم ۽ دانشور طبقي کي کسي ڪرڻ جو خوب بيان آهي، جو افسانوي هوندي بہ حقيقي آهي.
ڪارل مينهم موجب: “نظريو ڪنھن ليکڪ جي سماجي موقف جو اظھار هوندو آهي.” ائين انور ڪليم جو نظريو سماجي اوڻاين ۽ ڪوڙھہ وتل روين جو پختو ۽ اجهل اپٽار آهي.
ڪتا ۽ شيرواني جي باب تي ڳالھائڻ جي پڄاڻي هن باب جي ڪلاسڪ مڪالمي سان ٿا ڪريون تہ “سڌو انسان ۽ سڌي پُڇُ وارو ڪُتو ڪنھن ڪم جا ناهن هوندا.” ص ـ 73
ناول جو آخري باب “پاڇو ڳالھائي ٿو” آهي. جنھن ۾ ڪبوتر جي سوال جو جواب آهي.
هن باب ۾ جيڪا شيءِ هر هر مون کي ٿڪائي رهي هئي (اڏام ڪري رهيو هو) ان کي سادو ڪري هيئن بہ لکي پيو سگهجي. (اڏامي رهيو هو) ناول نويس ڪافي لفظ هر پيرا ۾ ورجايو آهي. ان جي جاءِ تي ٻيو ڪو لفظ بہ اچي پئي سگهيو. ان سان سلاست برقرار رهي ها.
انور ڪليم جو “ڪبوتر جواب ڳولي ٿو” ناول ۾ اسلوب ۽ انداز بيان، فڪري سگهہ نمايان ۽ دل ۾ پيھي ويندڙ آهي. ناول جو اسلوب ۽ مڪالمو هجڻ بہ اهڙو گهرجي. انساني فطرت ۽ نفسيات جو ڇا تہ ناول نگار تجزيو ڪيو آهي توهان بہ پڙهي ڏسو:
“انسان، ذلتن، تڪليفن جي باوجود وري جنم وٺڻ جو خواهشمند... اولاد جي صورت ۾... قبر جي صورت ۾ پنھنجي نشاني، پنھنجي موجودگيءَ جي نشاني ڇڏي وڃڻ جو خواهش مند...!” ص ـ 90
يا وري:
“انسان رشتن، ناتن ۽ تعلقات جو ايترو عادي ٿي ويندو آهي، جو مرڻ کان پوءِ بہ چاهيندو آهي تہ سندس قبر بہ ٻين عزيزن، رشتي دارن يا سندن چاهيندڙن جي ڀرسان هجي!” ص ـ 92
اها تہ انسان جي فطرت آهي تہ هُو رشتن کان سواءِ رهي ناهي سگهندو ۽ سچائي بہ آهي. پر اڄوڪي سماج ۾ رشتن جو زوال اچي چڪو آهي.
ناول نگار لکي ٿو:
“ڪجهہ فلسفياڻا جملا ذهني عياشي کان سواءِ ڪجهہ بہ ناهن هوندا.”
مٿئين ڳالھہ سان آئون سھمت نہ آهيان. ڇو جو فلسفو يا فلسفياڻو ڊسڪورس اسان کي سنئين دڳ لائيندو آهي ۽ فلسفو سڀني علمن جو خلقيندڙ بہ آهي اهو ذهني عياشي ڪئين ٿيندو.
انور ڪليم جي لکڻي ۾ تجسس، جاسوسي ۽ مبھمتا آهي. جيڪا هن جي پنھنجي تخليق آهي ۽ هن جي لکڻي کي سگهارو بہ ڪري ٿي.