سحر گل جي ناول “عشق تمام برھہ تمام” تي فڪري تنقيد
ابن خلدون ادب کي علم قرار ڏنو هو. ادب انسان جي جذبن اڌمن ۽ محسوسات جو کرو ۽ هيڻو اظھار آهي. ادب جنھن کي ابن خلدون علم ڪوٺي ٿو. اهو علم اسان تائين اديبن ۽ ڪتابن ذريعي پھچي ٿو. جيڪڏهن اسان چئون ٿا تہ ادب علم آهي ۽ ڪتاب ان جو ذريعو آهن تہ پوءِ رياضي، معاشيات، ڪيميا، فزڪس بہ ادب آهن. گلوبل سماج ۾ ادب پنھنجو اثر ڇڏي ٿو. ماڻھو ان مان اهو علم اخذ ڪن ٿا. جيڪو هڪ تخليقڪار تجربا ڪري سرجي ٿو.
ظفر جوڻيجي لکيو آهي تہ “ناول سماج بابت خدا ڪارڻي رپورٽ آهي.” سحر گل جو ناول “عشق تمام برھہ تمام” بہ سماجي ۽ ٻوڌي خلفشار ۽ عشق جي فڪري رپورٽ آهي. جنھن کي سحر گل شاهي نموني پيش ڪيو آهي.
هي ناول پڙهندي مون کي بالي ووڊ جي فلم “ڪرڌارناٿ” جيڪا مون انھن ڏينھن ۾ ئي ڏٺي بار بار پئي ياد آئي ۽ ان جا ڪردار ۽ منظر ذهن تي تري پئي آيا. فلم جو مک ڪردار بنا مذهبي ڀيد ڀاء جي پاڻ مسلمان هوندي هندن جي خدمت ڪري ٿو ۽ آخر ۾ بہ هڪ هندو کي بچائيندي پنھنجي جان ڏئي ڇڏي ٿو. خير_ هن ناول جا ڪردار بہ ڪجهہ ائين آهن. هو آهن تہ ٻين مذهبن جا پر سندن بنيادي نقطو انسانيت آهي.
ناول نگاره سحر گل پنھنجي پاران ۾ لکي ٿي: “ناول جو مرڪزي خيال ٻڌ مت جي روح کي سمجهڻ ۽ ان جي پانڌين جو عشق جي دنيا ۾ پاڻ پتوڙڻ آهي.”
منھنجي نظر ۾ اهو عشق ناهي، شايد ڏاهپ سان پيار ڪندڙن کي اهو قطعي عشق نہ لڳندو. جنھن ۾ هڪ انسان پنھنجو سڀ ڪجهہ گهر گهاٽ ۽ مٽ ڇڏي خاموشيءَ جي ڪن ۾ ڪري پوي. سنڌي تصوف جو بنيادي نقطو آهي تہ “خيال در گذر ٿيندا آهن وجود نہ!” پر ٻوڌي فلسفي يا هن ناول ۾ وجودن کي درگذر ڪري پراڻن خيالن کي اهميت ڏني وئي آهي.
عشق هن ناول جو مرڪزي خيال آهي. عشق منھنجي لاءِ بہ هڪ عجب الھامي اسرار جيان رهيو آهي. مون عشق تي هميشہ پئي غور ڪيو آهي. اسان وٽ عشق جا جيڪي لوازمات جوڙيا ويا آهن. اهي جنسي وڇوٽي ڪري جنميا آهن. عشق جو لفظ اسان جي چند علائقائي ٻولين ۾ آهي. انگريزي ۾ ان جو ترجمو Love آهي. يا ائين کڻي چئجي تہ انگريزي ٻولي کُٽل آهي.
پر عشق جي سائنس ۾ پروفيسر ساجد سومرو هيئن لکي ٿو: “اهوئي سبب آهي جو سڄي مغربي يورپي معاشرن ۾ بلڪ هاڻي تہ دبئي جھڙن مسلم ملڪن پر سيڪس فري ملڪن ۾ نہ صرف عشق جو تصور ئي ڪونھي بلڪ عشقيہ رومانوي شاعري بہ ڪونھي.”
اتي ڪبير جھڙي مغربي سماج ۾ تعليم پرائيندڙ وڏيري کي هڪ ٻوڌياڻي سان عشق ٿي وڃي ٿو. اهو اوسيتائين هلي ٿو جيستائين سنجوڳ ٿئي نٿو.
ايرڪ فرام جي لفظن ۾: “خدا، نبي، پيغمبر، امام، ديوتا سان عشق نہ پر عقيدت ٿيندي آهي.”
سو ٻوڌين جو ڪو عشق سان واسطو ناهي، اها سڀ عقيدت آهي. گوتم ٻڌ هڪ فلاسافر يا ائين کڻي چئجي سوشل سائنسدان هو. فلاسافر سان جذباتيت يا لڳاءُ ٿي سگهي ٿو يا عقيدت ٿيندي. جادم، لطيف يا ميرا جو ڪو عشق نہ آهي بس اهي عقيدت ۾ لڙهيل لڳن ٿا. ذات جي تڪميل لاٰءِ ڪنھن رشتي ۾ رهڻ لازمي آهي. اڪيلائي اهو عذاب گهر آهي. جنھن ۾ رهي ڪري ماڻھو جا هڙئي جذبا ۽ احساس ختم ٿيو وڃن. ميرا سان بہ ائين ٿئي ٿو، جڏهن کيس جادم ٺڪرائي هليو وڃي ٿو تہ هوءَ پنھنجي تڪميل ذات لاءِ واجهائيندي ڀٽڪندي رهي ٿي.
جادم ۽ ميرا جي شادي يا پيار ڪھاڻي ۾ جتي سڀ معاملا سھي آهن، اتي جادم نفسياتي طور کُٽل آهي. ان ڪري اهو رشتو ٽٽي پوي ٿو. جادم کي نرواڻ جو نفسياتي روڳ وٺي وڃي ٿو. عشق ۽ عقيدي جون ڪيفيتون ڇو اڀرن ٿيون ۽ ختم ٿي وڃن ٿيون، احساس، جذبا ۽ جنون، جبلتون ڪيئن رت ڪن ٿا. ليکڪہ انھن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. ادب جي اندر انسان ازل کان انھن ڪيفيتن کي بيان ڪندو رهيو آهي. جيئن پروفيسر ساجد سومرو چوي ٿو:
“ادب جي ارتقا جو بنيادي ڪارڻ بہ انھن سوالن ۾ موجود آهي تہ احساس، جذبا ۽ ڪيفيتون آخر ڇا آهن؟
ڇو آهن؟
۽ ڪيئن پيدا ٿين ٿيون؟”
هن ناول ۾ جتي سوال آهن اتي کوڙ مونجهارن جا جواب بہ ليکڪہ ڏئي ٿي. ناول جي شروعات شاندار منظرنگاريءَ ۽ ٻوليءَ سان ٿئي ٿي ۽ پڙهندڙ اٿندي ئي حسين فطرتي لقائن ۾ گم ٿي وڃي ٿو. انسان ازل کان پنھنجي ماضي کي ياد ڪري ڪري بيان ڪندو آيو آهي ائين هي بہ ڪبير ۽ مينتوخ جو ماضي آهي. جنھن کي ڪبير ساري سنڀاري ڳائي ٿو. ناول جي ڪھاڻي ٻن پس منظرن ۾ آهي. هڪ ڪبير پنھنجي ڪھاڻي پاڻ ونڊي ٿو ٻيو خطن جي ڏي وٺ آهي ٻن ٻوڌين ۾ جنھن ۾ هڪ گرو ۽ ٻيو شش آهي. اهي جادم ۽ لطيف آهن. جادم سوال ڪري ۽ فڪري بحث ڪري ٿو. گرو بہ فڪري طور پنھنجي وڌيارتي کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هي ناول 584 صفحن تي مشتمل آهي. ان ۾ موجود سڀني فڪري نقطن يا اوڻاين تي لکڻ هڪ تمام ڳوڙهو ڪم آهي ۽ هي اڀياس گهڻو طويل ٿي ويندو. منھنجي ڪوشش هوندي تہ تز نموني هن مطالعي کي پاتڪميل تائين پڄايان.
هي ناول ٻڌمت جو Text Book آهي. جنھن ۾ ليکڪہ ٻڌمت سان لاڳاپيل ڪو بہ اهڙو اصطلاح نہ رهايو آهي. جيڪو اسان بحث هيٺ آڻي سگهون ۽ انھن سڀني فڪري تاريخي نقطن جي ترتيب سان گفتگو ڪبي. ٻڌمت جي سموري تاريخ اسان جي خطي سان سلھاڙي ڦلوري وئي آهي. جنھن سان پڙهندڙ کي کوڙ معلومات ملي ٿي. پر اتي سوال اهو بہ آهي تہ ڇا اهو ضروري هو؟ هڪ لحاظ کان ليکڪہ کي داد ڏيندس تہ 584 صفحن ۾ ٻڌمت کان هڪ تر بہ اڳتي پوئتي نہ ٿي هٽي ۽ نہ ئي ڪٿي گسي ٿي، تسلسل، ترتيب ۽ اڻت ڪمال نموني سان ڪئي آهي. ٻڌمت، ٻوڌي، ٻوڌي شالائون ڪٿ ڪٿ تہ پڙهي پڙهي بيزار ٿي پوي ٿو. ڀلا ان کان ڳالھہ اڳتي پوئتي ڇو نہ ٿي وڃي!
“اصل ڪيف تہ شعور ۽ ڏاهپ جو دان هوندو آهي، اهوئي تہ اصل عشق آهي.”ص_25
ڪيف معنيٰ ڪيئن آهي؟ هي فلسفي جو مقولو آهي. ٻئي جاءِ تي سماڌي کي عشق جي منزل قرار ڏنو ويو آهي. سماڌي معنيٰ هڪ چتو ٿي عبادت ڪرڻ. ان مان هڪ خيال لطيف ۽ ٻيو جادم جو آهي. عشق عبادت ڪرڻ تہ قطعي نہ ٿو ٿي سگهي. باقي عشق ڏاهپ ۽ شعور سان ڳنڍڻ ۽ ان جو دان چوڻ نيئن ڳالھہ آهي. ٻڌمت جنھن کي پوري دنيا مذهب چوي ٿي. اهو ڪڏهن مذهب نہ آهي نہ گوتم ٻڌ ان کي مذهب طور پيش ڪيو هو. ٻڌ مت جو اشتقاق ڪبو تہ بہ ان جي معنيٰ ڪٿان مذهب نہ ٿي نڪري.
ڪنفيوشس، حضرت عيسيٰ کان پنج صديون اڳ چين ۾ ڄائو. پر سندس فلاسافي چين توڙي ڪوريا، جپان، ويٽنام ۽ ڪجهہ ٻين ملڪن تائين پکڙيل آهي. ائين گوتم ٻڌ نيپال ۾هندوستان جي سرحد ويجهو ڄائو. پر سندس فلاسافي ۽ تعليم پوري دنيا تائين پکڙيل آهي. ڪنفيوشس هڪ سوشل فلاسافي آهي. جنھن جا ٻہ بنيادي نقطا آهن:
1. پنھنجي آس پاس جي ماڻھن جو خيال رکڻ.
2. رعيت جي ڀلائي واري حڪمراني يعني Good Governs
ڪنفيوشس چوي ٿو: “اسان پنھنجي موجودہ حياتي جا دنيائي مسئلا سمجهي يا حل نہ ٿا ڪري سگهون تہ پوءِ موت ۽ ان کان پوءِ واري زندگيءَ جي رمزن کي سمجهڻ جي چڪر ۾ ڇو ٿا پئون. اسان کي سڀ کان وڌيڪ اوليت پنھنجي حال کي بھتر بنائڻ تي ڏيڻ گهرجي.”
ڪيرن آرم اسٽرانگ چوي ٿي: “اگر مھاتما ٻڌ يا ڪنفيوش کان اهو سوال ڪيو وڃي ها تہ توهان ڪنھن آسماني هستي تي يقين رکو ٿا تہ شايد اهي ڇرڪي پون ها ۽ وڏي نرمي سان جواب ڏين ها تہ اهو سوال ڪرڻ مناسب ناهي.”
جتي ٻين مذهبن هن دنيا کي ڇڏي ابدي زندگي جو رينگٽ شروع ڪيو آهي. ان ۾ هي ٽولو بہ اڳيان آهي. ٻڌمت جو پنرجنم ۾ بہ يقين آهي. جيئن دنيا جي ٻين مذهبن جون رسمون ۽ تھوار نقل ڪري کنيا آهن. ائين ٻڌمت بہ گهڻو تڻو هندن جي مذهب جي فوٽو ڪاپي آهي. باقي گوتم، ٻڌمت هندومت ۾ طبقاتي اوچ نيچ جي خلاف ٿي وڃي جهنگ وسايو هو. شروعاتي خط ۾ لطيف پنھنجي شش کي هڪ ڪردار ترائيو جي باري ۾ ٻڌائي ٿو. جو چيني ساڌو هوتيئي ٻڌ جو پنرجنم آهي.
ناول جا مک ڪردار ڪبير، مينتوخ ۽ جادم آهن ۽ ٻيا بہ ديويون، ديوتا، ٻوڌي، سياسي ۽ مختلف ڪردار ظھور پذير ٿين ٿا. پھريان ائين لڳي ٿو تہ ميرا ۽ مينتوخ الڳ الڳ ڪردار آهن. پر اڳتي هلي خبر پوي ٿي تہ ميرا ئي مينتوخ آهي. ٻڌمت ۾ ٻہ ٻہ نالا رکڻ بہ هڪ عجيب رسم آهي. ٻہ نالا منجهائيندڙ ڳالھہ آهي. ان سان هن ناول ۾ تہ ڇا حقيقي دنيا ۾ پريشاني واري حالت ٿي ويندي تہ ڪير؟ ڪير آهي؟ ترائيو جو ڪردار وڻندڙ ۽ سھڻو ڪردار آهي، جيڪو ماڻھن ۾ مٺايون ۽ مرڪون ورهائي ٿو ۽ سندس ڪرت ٻارن، ماڻھن کي کلائڻ کان سواءِ ڪجهہ ناهي!
جين، مائيڪل ۽ ڪبير علم بشريات جا اسڪالر آهن. جيڪي لداخ ٻڌمت تي تحقيق ڪرڻ اچن ٿا. سندن ڪم مڪمل ٿيڻ تي ۽ واپسي ۾ باقي هفتو ئي رهي ٿو تہ ڪبير سان مينتوخ ٽڪرجي ٿي ۽ هو ان تي اڪن ڇڪن ٿي وڃي ٿو.
الڪيمسٽ ۾ پائلو ڪوئيلھو چوي ٿو: “محبت جڏهن ٿيڻي هوندي آهي تہ بس ٿي ويندي آهي. محبت لاءِ ڪنھن سبب جي ضرورت ڪونہ آهي.” ائين بنا سبب جي ڪبير بہ مينتوخ تي موهت ٿئي ٿو.
گوتم ٻڌ جو فڪر سوشل فلاسافي آهي. پر ان کي مذهب جو پاجامو پرايو ويو آهي. هن کي دنيا جو چوٿون وڏو مذهب مڃيو وڃي ٿو. ٻڌمت بہ فرقن ۽ وهمي ماڻھن جي کچڻي آهي. هن ۾ فرقيواريت، انتھاپسندي ۽ فريب تي مبني تصور ۽ دقيانوسيت جون انيڪ ساريون ڳالھيون هي ناول نروار ڪري ٿو.
ڊاڪٽر رسول ميمڻ چوي ٿو: “مون جنھن بہ ڏاهي کي پڙهيو ان جي سوچ جو اڻ سڌو مقصد خدا جي ذات آهي. مذهب ۽ فلسفي ۾ عقيدي جو فرق آهي، عقيدو اکيون ٻوٽي قبول ڪرڻو آهي ۽ فلسفي ۾ اجازت آهي تہ اکيون کولي قبول ڪيو يا نہ ڪيو، دنيا تي مذهبن حڪومت ڪئي آهي. فلسفي کي قابل قبول ڪري بنائڻ لاءِ کيس مذهب جو روپ ڏئي مڙهيو ويو آهي.”
سو ٻڌ جي فلسفي کي بہ مذهبي رنگ ڏنو ويو آهي. ٻيو جيڪو هي ٻوڌي ڳالھہ ڪن ٿا مون کي گوتم کي حاصل ڪرڻو آهي. گوتم ٻڌ تہ هڪ انسان هو. جيڪو مري کپي ويو اڄ دور ۾ اها ڳالھہ ڪھڙي ريت قبول ڪري سگهجي ٿي. هندن مھاتما گوتم ٻڌ کي ڪرشن ڀڳوان جو اوتار ڄاڻائي، پنھنجي مذهب ۾ ضم ڪري ڇڏيو.
ٻڌ جو هڪ قول ٿو ياد پويم: “ٽي شيون ڪڏهن بہ لڪي نہ ٿيون سگهن، چنڊ، سج ۽ سچ!” اهيو سچ آهي تہ گوتم ٻڌ انسان هو ۽ ان جو فڪر سماجي ۽ انساني سنوار جو گس آهي. ان کي الھام سان ڳنڍڻ هڪ فريب آهي.
فراق بابت ليکڪہ ڪبير جي واتان هئين ٿي چوائي: “سچ اهو آهي تہ محبت رڳو سڪڻ جي سڌ کي عظيم سمجهڻ ۽ رڳو سڪڻ تي قائم رهڻ ڀٽائي جھڙن الڀ ڪردارن جي ڪري سگهڻ جو وکر آهي. مون جھڙا عاشق ڏسڻ ۽ ملڻ جا سڌڙيا هوندا آهن. انھن لاءِ وڇوڙو ٽياس تي ٽنگجڻ برابر هوندو آهي.” ص_32
منھنجي خيال ۾ اها دؤر جي تقاضا آهي، ڀٽائي هن دور ۾ هجي ها جيڪو آزاد آهي تہ ڪبير وانگر سوچي ها. ڀٽائي جو دؤر رجڊ هو. ڏند ڪٿا تي هن ناول ۾ گهڻو بحث آهي ان تي ٿورو سمجهڻ جي ڪوشش ڪبو.
ليکڪہ لکي ٿي:“ڏند ڪٿا جيئن تہ ظاهري ڏيک ۾ غير منتقي هوندي آهي، سو اها جلد مرڻ لاءِ ئي جنم وٺندي آهي. ان ۾ فقط هڪ نياپو هوندو آهي، جيڪو ڪم جو هوندو آهي. ص_28
“ياد رک! تو ڀل ڏند ڪٿائن جي غير منطقيت کي ڳجهارت جيان ڀڃي، منجهائن منطق ڪڍي، اڄ جي دنيا کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪر. منجهائن ڳجهيون معنائون بہ ڪڍ، پر انھن کي حتمي معنائون نہ سمجهجان.”ص_43
ڏند ڪٿائون لوڪ ڏاهپ جو گس آهن. جنھن کي اپنائي انسان پنھنجي رهنمائي ڪندو آيو آهي. يوناني ڏند ڪٿائون هجن يا سنڌي ڏند ڪٿائون انھن منجهہ ڏاهپ جو ڪو نہ ڪو راز لڪل هوندو آهي. گهڻي وقت کان سنڌي ڏند ڪٿائن کي گڏ ڪري ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ جو جنون رهيو آهي پر خراب معاشي حالتن سبب نہ ٿي سگهيو آهي.
ڊاڪٽر رسول ميمڻ ڏند ڪٿائن بابت واھہ جي ڳالھہ ڪئي آهي: “نہ الف آهي، نہ الف کان اڳ، سڀ ڏند ڪٿائون آهن، مان ڏند ڪٿائن ۾ جيئرو آهيان. جيئري رهڻ لاءِ ڏندڪٿائون ضروري آهن. مذهب ۽ نظريا فلسفي جون ڏند ڪٿائون آهن.!”
جيئن ٻين مذهبن ۾ گيڊهڙو آهي ائين ٻڌمت ۾ بہ انيڪ سارا ٽولا آهن. جو ليکڪہ ترتيبوار ذڪر ڪندي هلي ٿي! چيني ٻڌمت ۽ جاپاني الڳ آهن. وري چيني ۽ جاپاني جدا فرقا آهن.
“ٻوڌين ۾ اهو ويساھہ آهي تہ پاڻي تي هڪ سؤ اٺ ڀيرا سندس نالي جو منتر پڙهي پيئڻ سان هر قسم جي روڳ مان آجو ٿي ويندو.” ص_46
ٻڌمت ۾ بہ منتر تنتر جي فضوليات موجود آهي. جن تي مشيني ۽ ميڊيڪل جي اوج واري دؤر ۾ ويساھہ رکيو وڃي ٿو. پوءِ هي فلسفو بہ قدامت پرستيءِ جي ڪوڙھہ ۾ وتل ٿيو.
“تو اسان جي دؤر ۾ سنڌ ۾ ٻوڌي نارين بابت پڇيو آهي. سچ اهو آهي تہ پانڌي ٻڌمت سنڌ ۾ تڏهن بہ، اڄ جيان ئي، نھايت ماٺ ۾ ڪنھن سماجي چؤٻول کان سواءِ هلي رهيو هو. اهو سوچيندي تہ ان جي پکيڙ سان ويري ان کي ناس ڪري ڇڏيندا.ننڍي کنڊ جي ٽٽڻ کان پوءِ هتي ٻوڌي شالائن ڀؤ جي ان زور هيٺ هميشہ آهستڙي ۽ ماٺار ۾ وک کنئي.”ص_47
هيءَ اهو فلسفو آهي. جنھن کي مذهبي شڪل ڏئي، وجودي سڪون لاءِ سماج کان ڪٽجي زندگي کي گذارڻو آهي. مٿئين ٽڪري ۾ سنڌ جي صورتحال جو ذڪر آهي. سنڌ جو ماڻھو ان دور ۾ بہ پنھنجي سياسي، سماجي حالتن کان ڪن لاٽار پئي ڪئي ۽ هاڻي بہ اهوئي حشر آهي ۽ ليکڪہ کي وري ان فڪر سان گهرو چاھہ آهي.
“ٻڌمت جو اهم ترين پھلو ذهني سجاڳي آهي. آگاهي آهي. جنھن کي سنسڪرت ۾ سمرتي ۽ پاليءَ ۾ سَتِي چون ٿا.” ص_59
پوءِ ان ذهني سجاڳي کي فطرت ۽ انساني ترقي جي لاءِ ڇو نہ ٿو استعمال ڪيو وڃي. ڇو تہ ترقي پذير زندگي کان منھن موڙي کائڻ ۽ پيئڻ ڇڏي پھاڙن ۾ انگ اگهاڙا ڪري اڌ جانور ٿي وڃجي. جيڪو نہ ڳالھائي ٿو نہ وري دنيا جھان جو کيس فڪر آهي.
“وپاسنا مطلب چٽو ڏسڻ ۽ ذهني سجاڳي آهي؟ ان سجاڳي ۾ مان_پڻي يا آپي کان ڇوٽڪارو، بي تباتي، دکا ۽ موت بابت سجاڳي شامل آهي.” ص_59
موت کان سجاڳي ڇا يار! اهيا تہ موت جي پرچار ڪرڻ آهي. ذهني طور سجاڳ ٿي پاڻ کي ماريو اها ڪھڙي عبادت ٿي!؟ ٻوڌي رسم مون کي زندگي کان مايوس ۽ فراريت جو گس ڏسن ٿيون. وپاسنا جھڙي ڪڌي رسم جو هن ناول جو مک ڪردار مينتوخ شڪار ٿئي ٿي. ٻڌ مت جا ٻہ وڏا فرقا آهن. جن جي فڪر جو اگر تنقيدي جائزو وٺجي تہ ٻئي فرقا هنايانہ ۽ مھايانہ ٻئي فتني باز آهن. وٽن ڪو خاص مقصد نہ آهي. جنھن سان معاشري جو ڀلو ٿئي! هڪڙا ٻڌ جي ڳالھين کي جديد دور مطابق تبديل ڪرڻ جي لاءِ قطعي تيار ناهن! ٻيا وري پٿر، امر نيرو پاڻي ۽ عجيب خرافاتي رسمون ۽ ڳالھيون ڦھلائڻ چاهين ٿا يا ڦھلائين پيا.
“اهو لازمي آهي تہ هڪ سچي ٻوڌي کي واقعن ۾ سبب ڳولھڻ گهرجن، جو اڻ ڄاڻائي ٻڌمت جي روح جي خلاف آهي، پر سبب ڳولھڻ جو اهو مطلب نہ آهي تہ هر شيءِ مان روحاني پھلو ڪڍي ان کي کوکلي ماديت پسنديءَ سان ڏسجي.” ص_72
ٻڌمت روحانيت ۾ بہ يقين رکي ٿو. ان جو اندازو ان پيراگراف مان ٿي وڃي ٿو. جڏهن روحانيت، پاڻ سڃاڻڻ، دنيا سڃاڻڻ ۽ ڌيان سڀ ڪجهہ آهي تہ پوءِ تياڳ ڇو؟ دنيا کان بيزاري ڇو؟ ناول جي ليکڪہ جو منظرنگاري جو هنر ڪمال ڪري ڇڏي ٿو. ناول پڙهندي ائين محسوس ٿئي تہ اسان لداخ، ليھہ ٿڪسيءِ ۽ ٻين علائقن ۾ پھچي ويا هجون ۽ گهمي رهيا آهيون. هي سڄو ناول حسين منظرن، عڪسن ۽ رنگن سان ڀريو پيو آهي.
هڪ منظر هتي ڏيڻ کان رهي نہ ٿو سگهجي:“مٿي ٻوڌي درن جو ظاهري ڍانچو بہ ان ٽڪريءَ کان هيٺ بيٺل هيمس جي عمارت جيان قديم هو، ان جيان ئي درن ۽ درين تي پراڻي طرز جي چٽسالي ٿيل هئي. ڪمرن ۾ ساڳي چٽسالي سان فرشي نشست لاءِ ننڍڙيون ميزون رکيل هيون. هيٺ ويھي جن تي ٻڌمت جا تربيت ڪار توڙي شاگرد لکندا پڙهندا هئا. ان کان سواءِ رنگين جهنڊيون عمارت جي مختلف پاسن تي ٽنگيل ۽ ٻوڌي مالائون ماڻھن کي پاتل، اهي هيمس جون خاص نشانيون هيون. ان ڪري اهي مٿي بہ ائين ئي نظر آيون، پوءِ پتو پيو تہ اهو سمورو لداخ مزاج هو.” ص_91
سحر گل جي هن ناول تي اڳ ۾ ناول جي نانين جا مضمون اچي چڪا آهن. جن ۾ سحرگل جي ڪردار نگاريءَ جي تعريف ڪئي وئي آهي. پر منھنجو رايو ان جي برعڪس آهي. ناول جا مک ڪردار پنھنجي قول ۽ فعل ۾ تضادن سان ڀريل آهن. هن ناول جا ڏند ڪٿائي ڪردار حقيقي دنيا جي ڪردارن کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ آهن. ليکڪہ انھن ڪردارن جي ذريعي چڱائي ۽ سٺائي جو ڦھلاءُ ڪري ٿي تہ جيئن پڙهندڙ ان کان متاثر ٿي سگهن.
جين جڏهن مينتوخ کان هي سوال ڪري ٿي: “ڇا سبب هو جو پنھنجو مذهب ڇڏي ٻڌمت ڏانھن آئين؟”
ان تي ٺھہ پھہ وراڻيائين، “سڀ کان پھرين تہ هڪ ڳالھہ واضع ڪريان تہ ٻڌمت ڪنھن بہ صورت ۾ مذهب نہ آهي، اهو هڪ فلسفو آهي، ڏاهپ آهي.”95_ص
جڏهن مينتوخ ٻڌمت کي مذهب نہ ٿي سمجهي تہ ڪٽر ٻوڌي وارو سلوڪ ڪري، ڇو وپاسنا ڪري ٿي. فلسفو آپگهات لاءِ تہ ڪڏهن نہ ٿو اڪسائي سگهي. يا وري ٻئي هنڌ مينتوخ خود جين، مائيڪل ۽ ڪبير کان سوال ڪري ٿي:
“اوهان جو ڇا خيال آهي، سقراط جي پاڻ ڄاڻڻ واري تصور جو اهو مطلب هو تہ سماج ۽ دنيا ۾ اٿئي ويٺي بنا ئي پاڻ کي ڄاڻجي؟”ص_97
جڏهن ميرا جو خيال آهي تہ سماج ۾ اٿي ويٺي بنا پاڻ نہ ٿو سڃاڻي سگهجي تہ هو لمبينو ۾ وڃي سڄي دنيا کان ڪٽجي پاڻ موت جي منھن ۾ ڏئي ڇڏي ٿي.
وري جڏهن ڪبير کانئس سوال ٿو ڪري تہ بہ جواب ۾ هو هيئن چوي ٿي:“هڪ ڀيرو وري ورجائيندس عام ٻوليءَ جي معنيٰ ۾ ڌرم نہ آهي، اهو هڪ فڪري سلسلو آهي.”
ٻوڌي دنيا فڪري سلسلو آهي تہ ان ۾ ايترا نقص ۽ مونجهارا ڇو آهن جو انسان ان ۾ هڪ بيڪار پرزو ڇو ٿو بڻجي وڃي، انسانن کان ڪٽجي پاڻ سڃاڻي، پاڻ کي بک، اڃ ڏئي پاڻ مارڻ ڪھڙو تعميري عمل ٿيو؟ اها تہ تباهي ٿي! ٻوڌي دنيا ۾ ٽي ٽي سال خاموش رهڻ ڪٿان جي انساني ڪرت ٿي اهو تہ جانورپڻو ٿي ويو. انسان ۽ جانور ۾ بنيادي فرق ڳالھائڻ جو ئي آهي.
اوشو چيو آهي: “مذهبي ماڻھو جي بڻيادي ڪمزوري اها هوندي آهي، هو ٻين کي پاڻ جھڙو بنائڻ چاهيندو آهي.” مينتوخ بہ ائين ئي ڪري ٿي.
پوسٽ ڪارڊن تي ڏاهپ ڀريا نقطا وڏي ذهانت سان ليکڪہ موقعي جي مناسبت سان ڳنڍي ڏنا آهن. اهي ناول جي فڪري سگهہ کي ويتر مضبوط ڪن ٿا. پڙهندڙ ڇرڪي حيران ڪندڙ احساسن ۾ وٺجي وڃي ٿو. چار عظيم سچ جيڪي گوتم ٻڌ ٻڌايا ۽ انھن جي حل جي لاءِ اٺ نقطا پيش ڪيا. ڇا اهوئي زندگي جو ڪل سچ آهي. يا آخري ڳجهو حل آهي. چاڪي جي ڏاند وانگر ان کان اڳتي پٺتي نہ نھارڻو آهي.
پروفيسر ساجد سومري مطابق: “ٻڌ ڌرم 3000 سال قديم آهي. عيسائيت 2018 سال قديم آهي. اسلام لڳ ڀڳ 1500 سال قديم آهي. پر سماج گهٽ ۾ گهٽ 10 کان 15 لک سال قديم آهي. سو ڪالھوڪا مذهب 3000 هزار سالن جا اربن سالن جي فطرت تي ڇا ڳالھائي سگهندا ۽ ڪھڙي ڏاهپ ڏئي سگهندا.”
ٻڌ مت انساني سماج جي ڊسڪورس ۾ ناڪام نظر اچي ٿو.
جيئن لطيف جادم کي خط لکي ٿو: “جيڪڏهن ٻڌ جي اصلوڪن ليکن کي هن جديد دور موجب تبديل ڪرڻ جي ڳالھہ ڪندين تہ پوءِ ٻڌ مت جي اصلي فڪر کان پري هليو ويندين.”ص_70
جڏهن اڻ ڄاڻائي ٻڌ جي روح جي خلاف آهي تہ دور جديد کان اڻ ڄاڻائي بہ تہ ان جي خلاف ٿي نہ! مھايانہ ٻڌ مت ۾ خدا جو تصور آهي. انھن ٻڌ کي خدا بڻائي ڇڏيو آهي. مينتوخ جيڪا هڪ فلسفي جيان بہ آهي تہ وري ان ئي مذهب جو اثر بہ مٿس گهڻو حاوي آهي.
جيئن هوءَ ڪيڏو نہ سھڻو ۽ معنيٰ خيز مڪالمو ڳالھائي ٿي: “مذهبن علمن تي قبضا ڪيا آهن.” ص_134
مينتوخ ظاهري طرح تہ پاڻ کي غير عقيدتمند چوي ٿي، پر اندر ۾ عقيدي پرست آهي. ٻڌ مت ڇو ۽ ڇا لاءِ جو دليل هن ناول جي ئي لفظن ۾ ڏيندس: “فڪري نظرين کي لاڳو ڪري سماج سڌارڻ جو خيال بھترين آهي، پر ان لاءِ عظيم عوام دوست ۽ غريب دوست سياسي ۽ سماجي نظرين کي ڇو نہ سماجن تي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي؟ هروڀرون بطور مذهب اڀريل ٻڌ مت کي لاڳو ڪري سماجن جي متروڪيت مختلف واقعن ذريعي پئي پنھنجا ڀيانڪ روپ ڏيکاريندي آهي!” ص_135
ڏند ڪٿائي ڪردار اميتاڀہ ٻڌ جنھن کي گوتم ٻڌ جھڙو سمجهيو وڃي ٿو. هن ڪردار بابت وڌيڪ ناول ئي پڙهيو وڃي، باقي سندس بابت اهم ڳالھہ اهيا آهي تہ محبت جو ٻڌ سڏيو ويندڙ اميتاڀه ٻڌ انسانن ۾ شعور ۽ روشن خيالي پيدا ڪندڙ سمجهيو وڃي ٿو. ٿچ ڪوانگ بہ هن ناول جو مضبوط ۽ ڪميٽيڊ ڪردار آهي. جنھن تي مختصر راءِ ضرور رکبي. تاشي ۽ خوان لي ساڌوئن جا ڪردار بہ پنھنجو اثر ڇڏين ٿا. لائق ليکڪہ ناول ۾ ٻڌ مت جا ٻہ پاسا کڻي آئي آهي ۽ سڄي ناول ۾ فڪري ڳالھہ ٻولھہ ڪنھن بہ موضوع جي تھہ تائين لھي وئي آهي. هتي ٻڌ مت جي اپٽار تمام گهيري ڪئي وئي آهي.
ناول جي هڪ ڪردار جي سوچ:“نظريو يا فلسفو کڻي ڪھڙو بہ هجي، ويندي عقيدو ڇو نہ هجي، ان کي لازمي طور عمل جي ميدان ۾ آڻجي تہ مٿيئن اها پرک ٿئي تہ اهو تصور سماج ۾ هلڻ جي قابل آهي، اهو سماج کي اڳتي وٺي ٿو وڃي، يا پوئتي ٿو ڌڪي؟” ص_160
هن وقت دنيا ۾ 200 ملين ٻوڌي آهن. مسلمان 500 ملين ۽ هڪ بلين کان وڌيڪ عيسائي آهن. ان مان ائين لڳي ٿو تہ ٻڌ، حضرت عيسيٰ ۽ حضرت محمد صلعم جي ڀيٽ ۾ گهٽ ماڻھن کي متاثر ڪيو. هندوستان ۾ ٻڌ مت جي ناڪام ٿيڻ جا سبب اهي بہ آهن. هندوئن ڪيترائي اصول اپنائي انھن کي پنھنجو ڪري ڇڏيو. چيني جو هڪ وڏو تعداد پاڻ کي ٻڌ جو پيروڪار نہ ٿو چوائي پر ان جي فڪر کان متاثر آهي.
اسلام ۽ عيسائيت جي ڀيٽ ۾ ٻڌ مت وڌيڪ امن پسند مذهب/فڪر آهي. عيسائيت، جي يورپ ۾ جنگيون وڙهيون ۽ اسلام ۾ جيڪي جهيڙا ٿيا انھن جي ڀيٽ ۾ ٻوڌي وڌيڪ امن وارو اثر رکندڙ نظر اچن ٿا. پر جيئن حضرت عيسيٰ، يا حضور سائين جي فڪر ۾ غلط رسم رواجن کي وجهي، فڪري طور الڳ الڳ ڌارائون جوڙيون ويو آهن. اهڙو ئي چڪر هن ٻوڌين بہ گوتم ٻڌ جي فڪر سان ڪيو آهي. اهي پاڻ ۾ سخت اختلاف بہ رکندڙ آهن. ٻوڌي نرواڻ جي آڙ ۾ انسان کي نڪمو ۽ ناڪارہ بڻائي ڇڏين ٿا.
ڪنھن دانشور جو چوڻ آهي تہ؛ “موت فلسفي جي تخليق ڪئي آهي.”
موت سان منھن مقابل ٿيڻ ڪري انسان جون فڪري صلاحيتون جاڳن ٿيون. موت کي لاحق سمجهي ۽ ان تي سوچي زندگي بابت ڪو ناڪاري نظريو تہ نہ ٿو جوڙي سگهجي، جيئن ٻڌ، شوپنھار جوڙيو هو. ليکڪہ لکي ٿي: “مون ڀاسيو تہ ٻڌ مت جو جوهر ۾ ارتڪاز وارو فلسفو دراصل انساني جيون جو فلسفو آهي. پنھنجي چوڌاري مادي توڙي خيالي لقائن کي ارتڪاز سان سمجهڻ کان سواءِ ماڻھوءَ جو انسان بڻجڻ ممڪن نہ هو.” ص_164
آءٌ ان جيون جي فلسفي کي ڪل ۽ آخري فلسفو نہ سمجهندي رد ڪريان ٿو. ڪردار نگاري مختلف قسمن جي ٿيندي آهي. هڪ تہ ناول نگار خود ڪردارن جي جذبن ۽ احساسن کي بيان ڪري! ٻيو ناول جا ڪردار خود پنھنجن جذبن جا ترجمان بڻجن. ليکڪہ ناول ۾ ٻنھن قسمن جي ڪردار نگاري کي چٽيو آهي. ڪبير ۽ مينتوخ جي فڪري مناظري ۽ جذباتي اٿل پٿل ۾ پاٺڪ گهڻو مستفيد ٿيو پوي ۽ من مگن ٿي وڃي ٿو.
جڏهن ڪيبر مينتوخ کان پڇي ٿو تہ “درد ڇا آهي؟” ليکڪہ درد لفظ استعمال ڪيو آهي. مينتوخ ڪيڏي نہ اندر ۾ کپي ويندڙ ڳالھہ ڪئي آهي: “فقط احساس ۾ آهي، ٻاهر احساس جو لينس. اندر جو پيالو خالي ڪري پوءِ ڏسجي تہ ڪٿي آهي درد؟ درد کوٽ جي احساس ۾ آهي، اهو احساس ڪٿان آيو؟ انسان هر قسم جي درد کي پنھنجي زير ڪري ان کي تسخير ڪري سگهي ٿو.” ص_167
جين مت ۾ آواگون جو نظريو انھن جو بنيادي اصول آهي. ان نظريي مطابق: “انسان جي ڪمن جا نتيجا ان جي مستقل جي جوڻ تي اثرانداز ٿيندا آهن.”
وري هي ڳالھہ بہ سوچن ۾ وجهيو ڇڏي تہ جين مت ۾ سخت بک ڪٽي پاڻ کي مارڻ بہ قابل تعريف عمل سمجهيو وڃي ٿو. نرواڻ ۽ آواگون ڪو خاص فرق نظر نہ ٿو اچي. مھاوير چوي ٿو نفسي خواهشون ختم ڪيو. ائين ئي گوتم بہ چوي ٿو. جين مت ۾ خدا جي تصور بابت مھاوير ڪجهہ نہ چيو آهي. هي بہ عدم تشدد جا حامي آهن. هندوستان کي هن فڪر بہ متاثر ڪيو. ساڳيون ڳالھيون ٻڌ ۽ ٻوڌي بہ ڪن ٿا.
جين مت يا ٻڌ مت جي ڪيترن ئي عقيدن سان معاشري جي بنيادي بيهڪ تباھہ ٿي وڃي ٿي. انساني حيات جي هي سڄي ڪارگذاري ساڃھہ جي ڪري آهي. آواگون يا نرواڻ _ ڏاهي ٿيڻ ۽ سور جي خبر هجڻ کان پوءِ ڪجهہ بچي نہ ٿو! سوال اهو بہ آهي تہ انسان جي ڏاهي ٿيڻ کان پوءِ ڇاهي؟ آءُ تہ چوندس مايوسي! ان ڪري ئي وپاسنا ۽ بک ۾ مرڻ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. اهڙي نرواڻ جو ڪھڙو فائدو؟ نرواڻ ڪري زندگي جو رومانس ٽٽي پوي ٿو. رومانوي احساسن بنا جيئڻ فضول ٿي وڃي ٿو.
گهڻ نفسياتي ماهرن جو چوڻ آهي تہ “رومانويت مان نڪرڻ هڪ قسم جي بيماري آهي. نرواڻ ڊپريشن جو نالو آهي. جنھن زندگي کان فراريت اختيار ڪري Meta Physics سوالن تي سوچيو وڃي ٿو. دنيا ۾ ٽي سو ڌرم آهن. سڀئي چون ٿا اسان وٽ اچو تہ اسان وٽ نجات آهي ان باوجود بہ دنيا جي حالت سڌرڻ بجاءِ بگڙجندي پئي وڃي. ڌرم اميرن جو وندر آهن. غريبن جا ڌرم ٻيا آهن. هي ڌرم بہ اميرن جو آهي. هن ڌرم ۾ غريب لاءِ ڪا ڪشش نہ آهي.
ليکڪہ منظرڪشي زندگي سان ڀرپور ڪئي آهي! ناول ۾ مختصر لفظن ۾ حسين منظر:“شي ۾ هڪ مقدس مڇيون نالي ڍنڍ هئي. جنھن جي چوڌاري وسندي کي چراگاهي علائقو پئي سڏيو ويو. شي وٽان مٿاهينءَ کان بہ ان ڍنڍ ۾ آڙيون ترندي نظر پئي آيون.” ص_180
هن ناول ۾ جيڪا وڌ ۾ وڌ بحث طلب ڳالھہ آهي اها ناري تياڳ واري رسم يا عقيدو آهي. ناري تياڳ تہ پري، پر ناري کي ڇھڻ سان بہ گناھہ تصور ڪيو وڃي ٿو. هن نقطي تي ناول ۾ گهڻو بحث آهي.
هن ناول جو ئي هڪ مڪالمو آهي: “مون ان تي سوچيو تہ آخر ڇا ناريءَ ۽ مرد جي هڪ ٻئي کان ڏوري سان ڪنھن فرد جو ٻڌ مت مڪمل ٿيندو؟” 186_ص
ڪنوارپ کي روحانيت سان سلھاڙڻ هڪ عجيب منتق آهي. اهو سڀ مھاوير ۽ گوتم ٻڌ اچي ڪيو. ان کان اڳ اهڙو ڪو بہ مثال هن خطي ۾ نہ ٿو ملي. اهي ويدن يا اپشندن جا خالق هجن يا شارح! مھاوير ۽ ٻڌ پوءِ هن خطي ۾ جنسيت کي ختم ڪرڻ ۽ ناري تياڳ جي بيمار ۽ سماج دشمن روايت جا بنياد وجهندڙ هئا. جنس کي دٻائي ڪري انسان ڪھڙو ذهني سڪون حاصل ڪندو يا Stress گهٽائيندو. اهوئي سبب آهي تہ ڪبير جادم ۽ مينتوخ بن بن ڀٽڪندا رهن ٿا. پر سڪون هن جي حصي ۾ نہ ٿو اچي. توڙي جو جادم ۽ ميرا کي پنھنجو زبردست گهر آهي ڪار آهي ۽ ڪبير تہ آهي ئي جاگيردار گهراڻي جو!
شوَ مراقبي جا 112 طريقا لکيا هئا. اهي ذهني دٻاءَ گهٽائڻ جي سائنس آهن. ميلاپ بہ تہ مراقبو آهي. جنھن ۾ سڀ دٻاءُ، پريشانيون مڪمل ڇڻي وڃن ٿيون، سڪون نصيب ٿئي ٿو. اوشو پنھنجي ليڪچرن ۾ مراقبو لفظ 25 هزار ڀيرا ڪم آندو آهي ۽ محبت 42هزار ڀيرا استعمال ڪيو آهي. اوشو مراقبو ۽ محبت جي انيڪ سارن مفھومن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر اها ٻڌ واري مراقبي واري نہ آهي جو انسان پاڻ وساري ختم ڪري ڇڏي. مراقبو هڪ قسم جي سائيڪو ٿراپي آهي. مراقبو سنڌي سائنس آهي. اولھہ سائيڪو ٿراپي ٺاهي ۽ اوڀر اڳ مراقبو ايجاد ڪيو.
ٻڌ مت تہ محبت جي خلاف آهي. ٻن محبت ڪندڙن کي ٻڌ مت پاپ سمجهي ٿو. ائين ئي سڀ مذهب بہ اها ئي پرچار ڪن ٿا. ٻڌ مت بہ ٻين مذهبن جي ئي تقليد ڪري ٿو. جيئن هن ناول جا ڪردار جادم، ميرا، ڪبير، لطيف ۽ ان جي آمريڪي محبوبہ انھن سڀني جي عشق جي وچ ۾ ٻڌ مت اچي وڃي ٿو. اهي هڪ ٻئي کي ان لاءِ ڇڏي ڏين ٿا تہ ان سان انھن جي سچي ٻوڌي هجڻ تي الزام اچي ٿو. ان لحاظ کان هن ناول ۾ هڪ وڏو بھترين گفتگو موجود آهي. پر اهو ڪنھن نتيجي تي نہ ٿو پڄي پر اهو ئي ٻڌ مت ۾ ناري تياڳ هجڻ گهرجي! منھنجي خيال ۾ ناري تياڳ سان شايد ٻوڌي هن ڌرتيءَ تي ڄم روڪ ڪرڻ چاهين ٿا شايد!؟ باقي ٻيو تہ ان جو فائدو ڪونھي، اها هڪ غير انساني رواج لڳي ٿو.
ناول ۾ ٻوڌين جو سياست سان هجڻ، سنڌ، ويٽنام ۽ آمريڪا جون پاليسيون، جيئڻ ۽ مرڻ، سياسي سماجي معاملا، ٻڌ مت ۾ شادي، ڏند ڪٿائي ڪردار ايوالڪٽشوارا، ٻوڌي جهرڪي، چنڊول جيڪو مختلف ٻوليون ڳالھائي ٿو. ويٽنامي سياسي پس منظر، ساڌو ٿچ ڪوانگ جو Suicide Protest اهم ترين ۽ معلوماتي آهن. ٿچ جو ڪردار پاڻ ارپڻ وارو جذبو ڏاڍي پيڙا ۾ وجهي ڇڏي ٿو ۽ پڙهندڙ اداسي جي آسمان هيٺ اچي وڃي ٿو.
مزي جي ڳالھہ تہ ڪبير ۽ مينتوخ جتي بہ پھچن ٿا تہ اتي ڪو نہ ڪو ميلو يا ڪورس شروع ٿيڻ وارو هجي ٿو. ٻنھي ڪو بہ ايونٽ رهجي نہ ٿو. سڀ مڪمل لڳي ٿو عجيب آهي نہ! ٻوڌين جي لاءِ هر وقت جيڪو کاڌو تيار هجي ٿو ان جو ڪو خاص اشارو نہ ڏنل آهي تہ ان جي لاءِ ڪير چندو ڏئي ٿو جو هزارين ساڌو آرام سان بروقت کاڌو کائن ٿا. اسلام يا عيسائيت ۾ جئين ڪورس ٿين ٿا ۽ ڪورس پورو ڪندڙ کي عالم، مفتي سڏيو وڃي ٿو. ائين ٻوڌي بہ ڪورس ڪرائين ٿا. ضرور انھن تربيتي ڪورسن جا ڪا في هوندي. اهي مفت ۾ تہ نہ هوندا. جيڪي ڪو غريب غربو تہ نہ ڪري سگهندو. ڪيبر ۽ مينتوخ بہ هر وقت ڪرايي جي ڪمرن ۾ رهن ٿا.
نچيئرن شوشو ٻڌ مت جو هڪ فرقو آهي. ڪي محقق نچيئرن کي ٻڌ مت ۾ وڏين تبديلين آڻڻ جي ڪري مليٽنٽ پيغمبر بہ سڏيندا آهن. مينتوخ ۽ ڪبير جو پيار منجهيل آهي. ٻنھي ڪردارن جو Vision چٽو ناهي. ڪيبر ڪنھن ٻوڌي رسم تي ٽوڪ ڪري ٿو تہ مينتوخ سھي وڃي ٿي پر اتي ئي وري ڪبير کي ڇڏي ٻوڌي راھہ تي هلي پوي ٿي ۽ اتي وري لکي ٿي: “(توکان ۽ تنھنجي پيار کان پري وڃڻ ڪيڏو نہ ڏکيو آهي ڪبير!) ص_492
لطيف جو ايمان جي عشق کي لت هڻي عقيدي کي اوليت ڏيڻ بہ غير اخلاقي عمل لڳي ٿو. تارا ديوي جھڙا ڪردار ٻين مذهبن ۾ ڪنھن قدرگهٽ آهن جيڪي صنفي برابري جي جنگ وڙهن ٿا. محبت کي غلط چوڻ سڄي دنيا جو روايتي ڌنڌو آهي. ٻڌ مت يا ٻوڌي جي نظر ۾ بہ محبت پاپ آهي! محبت، شادي، جسماني تعلق ٻوڌي راھہ ۾ رنڊڪون آهن. محبت ۽ مذهب هڪ ٻئي جا دشمن آهن. دنيا جو هر مذهب محبت ۽ هن دنيا کي رد ڪري ٿو ۽ ٻوڌين جو بہ اهوئي نقطہ نظر آهي.
جئين هن پيراگراف ۾ آهي:“اهو ٻڌي هوءِ ڪيتري دير تائين اداس رهي. ڏاڍي ارمان مان چيو هئائين: “جادم بلڪل صحيح ڪيو هو، ڪبير. ٿيڻ تہ ائين ڪري گهرجي هر سچي ٻوڌيءَ کي. هن جو تياڳ غلطي نہ هئي جي هو ٻوڌ_ستو ئي پنڌ تي هو ته... پوءِ هو واپس ڇو موٽيو، هن خواهش جي غير جٽادار دنيا ڏانھن؟ هو مايا جي موھہ پٺيان ڇو هلڻ لڳو، اوچتو، صحيح رستي تي هلندي هلندي؟” ص_553
مينتوخ جيڪا پھريان منتقي، روشن خيال ۽ گھري سوچ رکندڙ لڳي ٿي پر اوچتو هوءَ ڪٽر ۽ عقيدي پرست ٻوڌياڻي ٿي ڪبير کي غير معقول دليل ڏئي پنھنجي عقيدي کي سھي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. ڪبير جو عشق ۽ محبت بہ آخر ۾ منجهيل منجهيل لڳي ٿي. ڪڏهن هو ان کي ديوي ڪري پوڄڻ چاهي ٿو تہ ڪڏهن ڪيئن؟ سندس من ۾ چٽو ناهي تہ اها رسم هن کي ديوي ٿي بڻائي يا موت جي منھن ۾ ٿي وجهي!
هونئن تہ هي ناول گهڻائي نقطا نروار ڪري ٿو پر هي ٻہ جملا ڄڻ هن ناول جو تت آهن:
“ٻڌ مت کي عشق ۽ عقل ٻئي ساڻ کڻي هلڻا پوندا تہ جيئن ٻوڌي سختيءَ جي نتيجي ۾ سماج ۽ انسان ماڻين وڃائين نہ!” ص_ 576
سحر گل جو هي ناول ٻڌ مت تي تنقيد آهي. جنھن ۾ هن ٻوڌين جي ريتن رسمن ۽ عقيدن جي اکيل ڪئي آهي. ٻوڌين جي نفسيات کان هي ناول ٻاهر نہ ٿو نڪري. ٻوڌي نفسيات ناڪارہ ذهنن ٺاهڻ جي نرسري آهي. روبوٽي ماڻھو ٺاهي ڪھڙو سجاڳ سماج اڏي سگهجي ٿو. حد کان وڌيڪ تحقيقي مواد ناول جي رس چس کي ڌڪي بيزار ڪري وجهي ٿو. باقي ناول جي ٻولي ۽ فڪري گفتگو شاهڪار آهي.