1
فيڊو: ايڪيڪٽرئٽيز، آءٌ پاڻ اتي حاضر هئس.
ايڪيڪٽرئٽيز: تڏهين اسان جي آقا مماتيءَ کان اڳ ڇا چيو ۽ هو ڪيئن موت سان ملاقاتي ٿيو؟ تنهنجي مهرباني ٿيندي جيڪڏهن تون مون کي هيءَ ڳالهه سربستي ڪري ٻڌائيندين. اسان جي شهر جا باشندا هاڻي اٿينس ڏي گهڻو ڪونه ايندا ويندا آهن، ۽ ڳچ وقت کان وٺي ڪو اٿينس واسي به هيڏي ڪونه آيو آهي، جو اسان کي انهيءَ ڳالهه جي پوري خبر ڏئي سگهي. اسان ته ان کان وڌيڪ ڪجهه به ڪين ٻڌو آهي ته هن زهر پيتو ۽ مري ويو.
فيڊو: تڏهن اوهان اهو به ڪين ٻڌو آهي ته ڪيئن ڪيس ٿيو ۽ ڪيئن هليو؟ ايڪيڪٽرئٽيز: هائو، اسان انهيءَ بابت ٻڌو هو. اسان کي ڪجهه عجب لڳو ته سقراط ڪيس ختم ٿيڻ کان ايترو پوءِ فوت ٿيو. فيڊو، ائين ڇو ٿيو؟
فيڊو: انهيءَ لاءِ ته ڪو اتفاقي سبب بنجي پيو. جيڪو جهاز اٿينس واسي ڊيلاس (ٻيٽ) ڏي موڪليندا آهن، سو ڪيس کان هڪ ڏينهن اڳ سينگاريو ويو هو.
ايڪيڪٽرئٽيز: اهو ڪهڙو جهاز آهي؟
فيڊو: اٿينس واسين موجب اهو جهاز آهي جنهن ”ٿيسيوس“ (اٿينس شهر جو پايو وجهندڙ پهلوان) ستن جوانن کي ۽ ستن ڇوڪرين کي جهاز ۾ چاڙهي ڪريٽ ڏي وٺي ويو ۽ هنن کي موت کان بچايائين ۽ پاڻ به بچي ويو. ۽ پوءِ اٿينس جي ماڻهن اپالو خدا سان انجام ڪيو ته هو پنهنجي بچاءَ لاءِ هر سال ڊيلاس (اپالو ديوتا جي رهڻ جو مڪان) ڏينهن هڪ پاڪ وفد موڪليندا رهندا، ۽ انهيءَ وقت کان اڄ ڏينهن تائين هو سڀ، هر سال ائين ڪندا رهيا آهن. هنن ۾ قاعدو آهي ته جيئن وفد جو ڪم شروع ٿئي، تيئن هو شهر کي پاڪ رکندا، ۽ ڪنهن کي به قتل نه ڪندا، جيسين جهاز ڊيلاس کان موٽي. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن واءُ سڻائو نٿو لڳي ته پوءِ جهاز کي موٽڻ ۾ وقت لڳيو وڃي. هن پاڪ سفارت جو ڪم تڏهن شروع ٿئي ٿو جڏهين اپالو خدا جو پادري جهاز جي مهڙ تي گلن جا هار چاڙهيندو آهي، ۽، جيئن مون چيو ته، هي ڪم ڪيس واري ڏينهن کان اڳئين ڏينهن تي ٿي چڪو هو. اهوئي سبب هو جو سقراط ڪيس پوري ٿيڻ کانپوءِ ايترو عرصو زندان ۾ پيو هو ۽ پوءِ فوت ٿيو.
ايڪيڪٽرئٽيز: فيڊو، پر هن جي مماتيءَ جي خبر ته سڻاءِ. انهيءَ وقت ڇا وهيو واپريو ۽ اسان جا ڪهڙا ڪهڙا دوست آقا وٽ حاضر هئا؟ يا سرڪاري عملدارن ڪنهن کي به کيس وٽ اچڻ ڪين ڇڏيو؟ هو وفات وقت اڪيلو هو ڇا؟
فيڊو: نه نه، ڪيترائي دوست هن وٽ موجود هئا.
ايڪيڪٽرئٽيز: جيڪڏهن تون واندو هجين ته مهرباني ڪري اسان کي سربستي ڳالهه سڻاءِ.
فيڊو: مون کي ڪو ڪم ته ڪونهي ۽ آءٌ اوهان کي سڄي ڳالهه سربستي ڪري ٻڌائيندس- ڇو ته مون کي خود ڪنهن به ڳالهه مان ايتري فرحت نه ايندي آهي، جيتري سقراط کي ياد ڪرڻ سان، يا هن بابت ذڪر ڪرڻ سان يا ٻين جي واتان هن بابت ذڪر ٻڌڻ سان ايندي اٿم.