17
هن پڇيو ته، تنهنجو مطلب ڇا آهي؟
هن جواب ڏنو ته، منهنجي معنيَ سمجهڻ ڏکي ڳالهه ڪانهي. جيڪڏهن مثلا، هڪ مخالف شيءِ، ننڊ ۾ پوڻ هجي، پر انهيءَ جي ابتڙ شيءِ، جاڳڻ، جا پهرينءَ مان پيدا ٿي ٿئي، نه هجي، ته پوءِ جيڪر ساري دنيا ۾ اينڊيمئن جي آکاڻي اجائي ٿي پوي، ۽ هن جو نالو ئي نابود ٿي وڃي، ۽ سڀڪا شيءِ هن وانگر ساڳي ننڊ ۾ اچي وڃي، ۽ جيڪڏهن سڀ شيون هڪ ٻئي سان مرڪب ٿيل هجن ۽ ڪڏهن به ڌار نه ٿين، ته جيڪر انئڪسئگورس وارو هرج مرج ظاهر ٿي پوي. ساڳئي دستور موجب، پيارا ڪيبيز، جيڪي به شيون، جن ۾ ساهه آهي، مري وڃن، ۽ مرڻ بعد انهيءِ ئي حالت ۾ رهن ۽ وري جيئريون نه ٿين، ته جيڪر ائين ضرور ڪين ٿئي ته سڀڪا شيءِ نيٺ مري وڃي، ۽ ڪجهه به جيئرو نه رهي؟ ڇو ته جيڪڏهن جيئندڙ شيون مئلن مان پيدا نه ٿين ۽ ڪنهن ٻئي هنڌان پيدا ٿين، ۽ پوءِ مرن، ته جيڪر ضرور ائين ٿئي جو نيٺ سڀ شيون موت ختم ڪري ڇڏي. ائين ٿئي يا نه؟
ڪيبيز چيو ته، سقراط، آءُ ڀانيان ٿو ته برابر ائين ٿئي. تون جيڪي چوين ٿو سو بلڪل صحيح آهي.
هن چيو ته، ڪيبيز، آءُ سمجهان ٿو ته تحقيق ائين آهي. هن نتيجي ڪڍڻ ۾ اسان غلطي ڪانه ڪئي آهي. مئا وري هستيءَ ۾ اچن ٿا، ۽ جيئرا هنن مان پيدا ٿيا آهن، ۽ مئن جا روح سلامت رهن ٿا، ۽ چڱن جي روحن جو چڱو حال ٿو ٿئي ۽ بدڪارن جي روحن جو برو حال.