6
هن چيو ته، تون دلجاءِ ڪر، شايد ڪنهن ڏينهن تون اهي ڳالهيون ٻڌندين، پر توکي البت انهيءَ تي عجب لڳندو ته هي قاعدو ٻين انهن قاعدن وانگر نه آهي، جيڪي انسانن سان لاڳاپو رکن ٿا، ڇو ته هي بنا شرط قطعي سچو آهي، ۽ ائين نه آهي ته ڪو موت فقط ڪن ماڻهن لاءِ ۽ ڪن وقتن تي حياتي کان چڱو آهي. شايد توکي حيرت لڳندي جيڪڏهن آءُ توکي چوندس ته اهي ماڻهو به جن لاءِ مرڻ سڀ کان چڱو ٿيندو تن کي پڻ پنهنجي پاڻ ائين ڪرڻ نه کپي، پر کين ترسڻ کپي جيسين ڪو ٻاهران اهڙو نيڪوڪار اچي سندن لاءِ اهم ڪم سرانجام ڏئي.
ڪيبيز کلي آهستگي سان پنهنجي ملڪي زبان ۾ چيو ته، واهه.
سقراط چيو ته، هائو، هيءَ ڳالهه اهڙي طرح پيش ڪرڻ سان عجيب لڳندي، پر هن لاءِ سبب ڏئي سگهبو. جيڪو سبب مخفي علم هن ڳالهه لاءِ ڏئي ٿو، ته انسان هڪڙي قسم جي قيد ۾ آهي، پر کيس پاڻ کي پاڻ آزاد ڪرڻ يا ڀڄي وڃڻ نه کپي، سو منهنجي نظر ۾ ذرا عميق آهي ۽ انهيءَ جو تهه ڳولڻ سڀ ڪنهن لاءِ سولو نه آهي. ڪيبيز، پر مون کي پڪ آهي ته اها ڳالهه سچي آهي ته خدا اسان جا نگهبان آهن ۽ اسين انسان هنن جي ملڪيت آهيون. تون نه ٿو ڀائين ته اها ڳالهه سچي آهي؟
ڪيبيز چيو ته، هائو، منهنجو انهيءَ ڳالهه تي پختو اعتبار آهي.
هن چيو ته، چڱو، جيڪڏهن تنهنجي مال (جانورن) مان ڪو تنهنجي رضامندي کانسواءِ گهڻو چارو چري يا ڪنهن ٻئي سبب سان پاڻ کي ماري وجهي، ته جيڪر تون خفا ٿين؟ جيڪڏهن ائين ڪرڻ ممڪن هجي ته تون جيڪر انهيءَ کي سزا ڏين.
هن جواب ڏنو ته، ضرور.
تڏهين هن ريت ائين سمجهڻ شايد غير واجبي نه ٿيندو ته ڪنهن به ماڻهوءِ کي پنهنجي پاڻ حياتي وٺڻ جو حق ڪونهي، پر سڀ ڪنهن کي ترسڻ گهرجي جيسين خدا هن تي اها ضرورت موڪلي، جيئن اها هنيئر مون ڏي موڪلي وئي آهي.