45
ڪيبيز چيو ته، تحقيق، منهنجي مرضي آهي ته آءُ تنهنجا تجربا ٻڌان.
هن ورندي ڏني ته، ڪيبيز، تڏهن به ته ٻڌايانءِ، جڏهن آءُ جوان مڙس هوس تڏهن مون کي انهيءَ حڪمت لاءِ بيحد شوق هو، جنهن کي علم طبعي سڏين ٿا، آءُ ڀائيندو هوس ته سڀ ڪنهن شيءِ جي سبب مان واقف ٿيڻ ڏاڍي چڱي ڳالهه آهي؛ ته ڇو ڪا شيءِ هستيءَ ۾ اچي ٿي، ۽ ڇو اها ناس ٿئي ٿي، ۽ ڇو اها حيات رهي ٿي. آءُ سدائين پيو پاڻ کي اهڙن مسئلن سان هلاک ڪندو هوس ته ائين آهي ڇا ته، زنده شيون ڪا خاص صورت اختيار ڪن ٿيون، گرميءَ ۽ سرديءَ جي جوش ڪري، جيئن ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي؟ جنهن شيءِ وسيلي اسين تصور ڪريون ٿا سا رت آهي، هوا آهي، يا باهه آهي؟ يا انهن مان ڪابه نه آهي، پر مغز آهي جو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۽ سنگهڻ جا حواس ڏئي ٿو، ۽ حافظو ۽ خيال ان مان اُڀرن ٿا، ۽ جڏهين حافظو ۽ خيال آرام جي حالت ۾ آهن تڏهن علم الهام جي صورت ۾ اچي ٿو؟ وري، آءُ انهن شين جي ڊهڻ، ۽ زمين ۽ آسمان جي انقلابن تي غور ڪندو هوس. تان جو مون محسوس ڪيو ته، آءُ اڀياسن جو بلڪل ۽ بنهه لائق ڪين هوس. اها ڳالهه آءُ توکي چڱي طرح ثابت ڪري ڏيکاريندس. انهن اڀياس جي ڪري آءُ اهڙو ته انڌو ٿي پيس جو جيڪي اڳي پاڻ توڙي ٻين بابت چڱي طرح ڄاڻندو هوس، سو به وساري ويٺس. جيڪي آءُ ڀائيندو هوس ته ڄاڻان ٿو سو سڀ دل تان لاهي ڇڏيم؛ خود انسان جي واڌ جو سبب به، اڳي آءُ صاف سمجهندو هوس ته واڌ جو سبب آهي کائڻ ۽ پيئڻ؛ ۽ ته، جڏهن کاڌي مان گوشت تي گوشت چڙهي ٿو، هڏ وڌي ٿو، ۽ ساڳئي نموني ۾ جسم جي ٻين ڀاڱن ۾ سندن ضروري جزا ملايا وڃن ٿا، تڏهن درجي بدرجي ننڍو قدم وڌي وڏو ٿئي ٿو، ۽ ائين ڇوڪرو مرد ٿئي ٿو. تون نٿو ڀائين ته منهنجو خيال واجبي هو؟
ڪيبيز چيو ته، آءُ ڀانيان ٿو ته اهو واجبي هو.
اڃا ٻيو به تجربو تنهنجي اڳيان پيش ڪندس. منهنجي دل ۾ ڪوبه شڪ پيدا نه ٿيندو هو، جڏهن آءُ ڪنهن ڊگهي ماڻهوءَ کي ڪنهن ڪوتاهه قد ماڻهوءَ جي ڀر ۾ بيٺل ڏسندو هوس، ته هڪڙو ٻئي کان سر جيترو سوايو آهي، يا، ساڳئي دستور موجب، هڪڙو گهوڙو ٻئي کان وڏو نظر ايندو آهي. هيءَ ڳالهه ته پاڻ منهنجي لاءِ وڌيڪ صاف هوندي هئي ته ڏهه، اٺن کان ٻن جي جوڙ سان وڌيڪ آهن، ۽ ڪا شيءِ ٻه هٿ ڊگهي، پنهنجي ڊيگهه جي اڌ جيتري وڌيڪ لنبي آهي ان شيءِ کان جا هڪ هٿ ڊگهي آهي.
ڪيبيز پڇيو ته، ۽ هاڻي تون ڇا ٿو سمجهين؟
آءُ ڀانيان ٿو ته مون کي ڪوبه يقين نه آهي ته ڪو مون کي انهن ڳالهين مان ڪهڙي جي به سبب جي خبر آهي. ڇو ته، جڏهن هڪ هڪ سان جوڙ ڪيو وڃي ٿو، تڏهن مون کي پڪ نه آهي ته اهو هڪ جنهن سان هڪ جوڙ ڪيو ويو آهي سو ٻه ٿي پيو آهي، يا اهو هڪ جو جوڙ ڪيو ويو آهي ۽ اهو هڪ جنهن سان هو جوڙ ڪيو ويو آهي، سي جوڙ سبب، ٻه ٿي پيا آهن. آءُ سمجهي نٿو سگهان ته ڪيئن، جڏهن اهي گڏ ڪيا ٿا وڃن، اهو ميلاپ، يا هڪڙي جو ٻئي جي ڀرسان رکڻ، سبب ٿئي ٿو هنن جي ٻن ٿيڻ جو، ڇو ته، جڏهن اهي جدا هئا، تڏهن انهن مان هر ڪو هڪ هو، ۽ اهي ٻه نه هئا. نڪي، وري، جڏهن هڪ کي ٻن ۾ ورهائجي ٿو، مون کي يقين ٿئي ٿو ته هي ورهاڱو ئي سبب ٿئي ٿو هڪ جي ٻن ٿيڻ جو؛ ڇو ته تڏهن ڪا شيءِ ٻه ٿي ٿئي بلڪ مخالف سببن منجهان. پهرينءَ حالت ۾ ائين ٿيو ڇو جو ٻه ايڪا گڏ آندا ويا، ۽ هڪڙو ٻئي سان جوڙ ڪيو ويو، ۽ هاڻي وري ائين ٿئي ٿو جو هو ڌار ڪيا وڃن ٿا، ۽ هڪڙو ٻئي کان ورهايو وڃي ٿو. نڪي، وري آءُ پاڻ کي قبول ڪرائي سگهندس ته آءُ ڄاڻان ٿو ته ڪيئن هڪڙو پيدا ٿئي ٿو، مطلب ته، هي دستور ڪنهن به شيءِ جي پيدا ٿيڻ، ڊهڻ يا زنده رهڻ جو سبب مون کي ڏيکاري نٿو سگهي. مون کي پنهنجي دل ۾ هڪڙي ٻئي طريقي جو منجهيل خيال بيٺل آهي، پر آءُ هن دستور کي لحظي لاءِ به قبول ڪين ڪندس.