35
سمئس جواب ڏنو ته، چڱو ته، سقراط، آءُ توسان سچي ڳالهه ڪندس. اسان ٻنهي کي هڪڙي مونجهاري منجهائي وڌو آهي، ۽ اسين ٻئي هڪ ٻئي تي زور آڻي رهيا آهيون ته توکان هن بابت پڇون. توکي جيڪي چوڻو آهي تنهنجي ٻڌڻ لاءِ اسين بيچين آهيون؛ پر اسين توکي تڪليف ڏيڻ نٿا چاهيون، ڇو ته اسان کي ڊپ ٿو ٿئي ته متان هن وقت سوال پڇڻ توکي ناپسند لڳي.
هن جواب تي سقراط مشڪيو، ۽ چيائين ته، مار! سمئس، جيڪڏهن آءُ اوهان کي ئي يقين ڏياري نٿو سگهان ته، آءُ پنهنجي هن قسمت کي مصيبت نٿو ليکيان، پر اوهان کي اڃان به ڊپ ٿوٿئي ته متان آءُ هن وقت اڳئين کان وڌيڪ رنج ۽ الم ۾ هجان، ته پوءِ مون کي ٻين ماڻهن کي هن بابت پڪ ڏيارڻ مشڪل ٿيندو. اوهين ڀانيون ٿا ته آءُ هنجهن (هنجهه پکي) کان به گهٽ درويش آهيان، جي، جڏهن ڏسندا آهن ته مرڻ جو وقت آيو آهي، تڏهن پاڻ اڳ کان وڌيڪ زور سان ڳائيندا آهنم ڇو ته خوشي ٿيندي اٿن ته هاڻي خدا جي حضور ۾ وڃڻ وارا آهيون، جنهن جا خادم آهيون. اوهان کي سڌ هجڻ کپي ته، ماڻهن کي جيڪو موت نسبت خوف رهي ٿو، تنهن جي ڪري ئي هو منجهن نسبت غلط چوندا رهندا آهن ته، هو پنهنجو موت ڏسي رڙن ٿا، ۽ غم وچان زور سان ڳائين ٿا. هنن کان وسري وڃي ٿو ته ڪو به پکي، جڏهن هو بکايل آهي، يا ٿڌ لڳي اٿس، يا تڪليف واري حالت ۾ آهي، تڏهن ڳائي نٿو سگهي؛ تڪليف ڪري، نڪي ڪويل ڪوڪي ٿي، نڪي تتر تنواري ٿو، ماڻهن جي چوڻ موجب، پکي غم جي ڪري ڳائي سگهندا آهن، ليڪن منهنجو خيال آهي ته، نڪي اهي پکي، ۽ نه ئي وري هنجهه حسرت مان ڳائيندا آهن. مون کي اعتقاد آهي ته انهن پکين کي غيبي طاقت آهي، جنهنڪري هنن کي ٻيءَ دنيا جي عمدين شين جي اڳئين پروڙ پوي ٿي،ڇو ته هو اپالو خدا جا پکي آهن ۽ تنهنڪري هو پنهنجي مرڻ جي ڏينهن ايترو ڳائين ٿا ۽ خوشي ڪن ٿا، جهڙي پنهنجي حياتيءَ ۾ اڳي ڪڏهن به ڪانه ڪئي اٿن. آءُ ڀانيان ٿو ته آءُ پاڻ به هنجهن وانگر آهيان، ۽ ساڳي ئي خدا جي خدمت ۾ مقرر ٿيل آهيان، ۽ مون کي هنجهن وانگر پنهنجي مالڪ وٽان ڳجهي طاقت مليل آهي؛ ۽ آءُ هن حياتيءَ کي ڇڏڻ ۾ ارهو نه آهيان، تنهن ڪري منهنجي خفا ٿيڻ جو خوف نه ڪريو، ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب ڀلي مون کان تيستائين سوال پڇندا رهو. جيستائين اٿينس واسين جا يارهن عملدار (قيدين تي نظر ڪندڙ) اوهان کي اجازت ڏين.
سمئس چيو ته، چڱو، آءُ توکي پنهنجي مشڪلات ڏسيندس، ۽ ڪيبيز توکي اهو ٻڌائيندو ته، ڇو هو تنهنجي گفتار تي راضي نه آهي. سقراط، آءُ ڀانيان ٿو، ۽ آءُ جيڪي چئي سگهان ٿو ته تون به ڀائيندو هوندين ته، هن حياتيءَ ۾ اهڙن مسئلن جي شناس بلڪل ڏکي ۽ شايد ٿيڻي ڳالهه آهي، تنهن هوندي به آءُ انهيءَ انسان کي بلڪل خسيس مخلوق سمجهندس جو جيڪي انهن مسئلن نسبت چيو وڃي ٿو تنهن کي هر طرح نٿو جاچي، ۽ ڪوشش ڪندو نٿو رهي، جيسين هو سوال بابت هر طرف کان جانچ ڪري نه سگهيو آهي. اسان تي فرض آهي ته هنن ٻن ڳالهين مان هڪڙي اختيار ڪريون: اسان کي هنن ڳالهين جي حقيقت سکڻ کپي، يا ته پنهنجي پاڻ ڳولا ڪرڻ کپي؛ يا جيڪڏهن ائين ڪرڻ ناممڪن آهي ته، اسان کي کپي ته انساني حڪمت جون سڀ کان عمديون ۽ مضبوط ڳالهيون قبول ڪريون، ۽ انهن جي تختي تي چڙهي حياتيءَ جي سفر جون سٽون سهون، جيڪڏهن اسان کي هن سفر ۾ وڌيڪ سلامتيءَ ۽ بچاءَ لاءِ ڪو ٻيو وڌيڪ طاقتور جهاز، ڪنهن غيبي الهام جهڙو، ملي نه سگهي ته.
۽ هاڻي، جيڪي تون چئي رهيو آهين تنهن کان پوءِ، مون کي توکان هڪڙي سوال پڇڻ ۾ شرم محسوس نه ٿيندو، ۽ پوءِ مون کي پاڻ کي ڏوهه ڏيڻو نه پوندو ته جيڪي مون کي خيال ۾ آيو سو مون نه چيو. ڪيبيز ۽ آءُ تنهنجي بحث تي تصور ڪري رهيا آهيون، ۽ اسين ڀانيون ٿا ته اهو ڪافي نه آهي.