41
هنن ٻنهي قبول ڪيو ته، اهي ئي سوال آهن.
هن پڇيو ته، اسان جيڪي اڳي نتيجا ڪڍيا آهن، سي سڀئي اوهين رد ڪريو ٿا، يا فقط انهن مان ڪي؟
هنن جواب ڏنو ته، انهن مان فقط ڪي.
هن چيو، چڱو، اوهين اسان جي انهيءَ عقيدي بابت ڇا ٿا چئو، جنهن موجب علم يادگيري آهي، ۽ تنهنڪري اسان جا روح اسان جي جسمن ۾ قيد ٿيڻ کان اڳ ضرور ڪٿي حيات رهيا هوندا؟
ڪيبيز جواب ڏنو ته، مون کي انهيءَ عقيدي اڳي ئي چڱي طرح خاطري ڏياري هئي، ۽ هاڻي ڪوبه ٻيو عقيدو نه آهي، جنهن ۾ مون کي وڌيڪ ويساهه هجي.
سمئس چيو ته، ۽ منهنجو به اهو ئي خيال آهي؛ بلڪه تڏهن مون کي تمام گهڻو عجب لڳندو، جڏهن آءُ انهيءَ کي ڪڏهن کڻي ڦيرائيندس.
سقراط چيو ته، پر، منهنجا ٿيبيس وارا دوست، توکي اهو خيال بدلائڻو پوندو، جيڪڏهن تنهنجو هي رايو بيهڻو آهي ته، همسازي (Harmony) هڪڙي مرڪب چيز آهي، ۽ روح جسم جي عناصرن جي پوري ميلاپ مان جڙيل همسازي (Harmony) آهي. تون پاڻ کي ائين چوڻ جي اجازت ڏئي ڪين سگهندين ته ڪو همسازي (Harmony) انهن شين کان اڳ حيات هوندي، جن مان هوءَ جڙي آهي؟ تون ائين ڪري سگهندين؟
سقراط! بلڪل نه.
پر تون ڏسين ٿو ته تنهنجن لفظن مان هيءَ معنيَ نڪري ٿي ته روح انسان جي جسم ۽ شڪل ۾ اندر اچڻ کان اڳ حيات هو، ۽ تنهن هوندي به هو اهڙن عنصرن مان جڙيل آهي جيڪي اڃا حيات نه هئا؟ تو واري همسازي (Harmony) اهڙي نه آهي جهڙيءَ سان تون هن کي ڀيٽين ٿو. سرندو ۽ تارون ۽ آواز، سر ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي زنده هئا؛ ۽ همسازي (Harmony) سڀني کان پوءِ پيدا ٿي ٿئي، ۽ سڀني کان اڳ ۾ ناس ٿي ٿئي. تنهنجو هي ويساهه تنهنجي ٻئي عقيدي سان ڪيئن ڀچي ايندو؟
سمئس جواب ڏنو ته، اهي ڪين ڀچندا.
هن چيو ته، ۽ تنهنڪري همسازي (Harmony) بابت دليل ۾ اختلاف جي جاءِ هئڻ نه گهرجي.
سمئس چيو ته، تحقيق، نه.
هن چيو ته، پر تنهنجي دليل ۾ اختلاف آهي. توکي فيصلو ڪرڻ کپي ته تون ڪهڙو عقيدو رکندين، علم يادگيري آهي، ڪين روح هڪڙي همسازي (Harmony) آهي.
هن جواب ڏنو ته، سقراط، ضرور پهريون رکندس. پويون ڪڏهن به منهنجي اڳيان ثابت نه ٿيو آهي؛ اهو فقط ممڪن ۽ چڱن سببن تي بيٺل آهي، جن جي ڪري هو عام ماڻهن جو رايو ٿي پيو آهي. مون کي معلوم آهي ته جن عقيدن جون ثابتيون ممڪن ڳالهين تي بيٺل هونديون آهن، سي دولابي هوندا آهن، ۽ اهي، جيڪڏهين خبردار نه رهبو ته، جاميٽريءَ ۾ توڙي ٻيءَ سڀ ڪنهن ڳالهه ۾، اڪثر ڪري گمراهه ڪندا آهن. پر يادگيري ۽ علم وارو عقيدو اهڙي بنياد تي بيٺل آهي جو اعتبار تي دعويَ ڌري سگهي ٿو. اسان قبول ڪيو هو ته روح جسم ۾گهڙڻ کان اڳ زنده آهي، ۽ انهيءَ ڳالهه جي ايتري قدر خاطري آهي جيتري انهيءَ جوهر جي، جنهن جو نالو آهي خالص هستي. ۽ آءُ ڀانيان ٿو ته آءُ انهيءَ جوهر ۾ حق جي ڪري ۽ پوريءَ گواهيءَ جي ڪري اعتبار رکان ٿو. ۽ آءُ سمجهان ته انهيءَ ڪري نڪي آءُ پاڻ کي ۽ نڪي ڪنهن ٻئي کي اجازت ڏئي سگهندس ته چئجي ته روح هڪڙي همسازي (Harmony) آهي.