5
سمئس چيو ته، سقراط، ايوينس کي هيءَ ڪهڙي عجيب صلاح ٿو ڏين. آءُ هن سان گهڻائي ڀيرا مليو آهيان، ۽ مون کي جيئن هو ڏسڻ ۾ آيو آهي، تنهن جي آڌار تي آءُ چئي سگهان ٿو ته، هن کان جيتري قدر ٿي سگهندو، هو ان صلاح کان پري ڀڄندو.
هن چيو ته، هان! ايوينس فيلسوف نه آهي ڇا؟
سمئس جواب ڏنو ته، هائو، آءُ ڀانيان ٿو ته هو فيلسوف آهي.
هن چيو ته، تڏهن ايوينس مرڻ جي خواهش رکندو ۽ ٻيو به هر اهو ماڻهو انهيءَ لاءِ شوق رکندو جو انهيءَ علم ۾ بهرو وٺڻ جو لائق آهي. پر هو پاڻ کي پاڻهي ڪين ماريندو، ڇو ته چون ٿا ته ائين ڪرڻ گناهه آهي. هن جيئن اها ڳالهه ڪئي، تيئن پنهنجا پير هنڌ کان هيٺ ڪيائين ۽ پوءِ گفتگو وارو سمورو وقت ائين پير لڙڪايو ويٺو رهيو.
پوءِ ڪيبيز هن کان پڇيو ته، ان مان تنهنجي معنيَ ڇا آهي، جڏهن تون چوين ٿو ته پاڻ کي پاڻهي مارڻ گناهه آهي، ليڪن فيلسوف مرندڙ ماڻهوءَ جي پٺيان وڃڻ جي خواهش ڪندو.
ڇا، ڪيبيز؟ تون ۽ سمئس، فلولاس جي صحبت ۾ آيا آهيو ۽ هي ڳالهيون نه ٻڌيون اٿوَ؟
سقراط، پوريءَ طرح نه ٻڌيون اٿئون.
ٺهيو، مون به اهي ڳالهيون ٻين جي واتان ٻڌيون آهن، پر انهيءَ ۾ ڪا خرابي ڪانهي، جيڪڏهين آءُ توکي اهي سربستيون ٻڌايان، سچ ته، جيئن آءُ ٻيءَ دنيا جي سفر تي وڃان ٿو، تيئن مون لاءِ هن کان وڌيڪ ٻي ڪا سهڻي ڳالهه ڪانه ٿيندي ته آءُ اوهان سان پنهنجي سفر بابت ذڪر ڪريان ۽ هن جي چڱاين کي ڌيان ۾ رکان. هينئر کان وٺي شام تائين پاڻ وٽ جو وقت آهي، سو ڀلا ٻيءَ ڪهڙيءَ بهتر مشغوليءَ ۾ صرف ڪري سگهبو؟