38
ايڪيڪرئٽيز-خدائن جو سنهن آهي ته، فيڊو، آءُ تنهنجي اندر جو احوال سمجهي سگهان ٿو. جڏهن تو پئي ڳالهايو، تڏهن آءُ پاڻ ڀانئڻ لڳس ته پوءِ آئنده لاءِ اسان ڪهڙي مباحثي تي اعتبار ڪري سگهنداسون؟“ سقراط جو مباحثو بلڪل يقين ڏياريندڙ هو، ۽ هاڻي اهو خاطري کان گهڻو پري پيو لڳي. ڇو ته انهيءَ ڳالهه ته، روح هڪڙي همسازي (Harmony) آهي تنهن سدائين منهنجي مٿان عجيب اثر پيدا ڪيو آهي، ۽ جڏهن تو انهيءَ جو ذڪر ڪيو، تڏهن مون کي يادگيري آئي ته منهنجو پاڻ انهيءَ ۾ اعتقاد هو. هاڻي مون کي وري نئين سر ڳالهه ڳڻڻي پوندي ۽ ڪو ٻيو دليل ڳولڻو پوندو، جو مون کي يقين ڏياري ته، انسان جو روح سندس موت وقت ساڻس گڏ نٿو مري. تنهنڪري آءُ توکي عرض ٿو ڪريان ته، مون کي ٻڌاءَ، ڪيئن سقراط مباحثي کي هلايو؟ هن جي منهن مان ڪي بي آراميءَ جون نشانيون ظاهر ٿيون، جيئن تون چوين ٿو ته اوهان جو حال هو، يا هن سانت ۽ سڪون سان پنهنجي مباحثي جي حمايت ڪئي؟ ۽ هن، پنهنجي بحث جو خاطريءَ جهڙو بچاءُ ڪيو ڪِ نه؟ مون کي جيترو به ٿي سگهي سموري ڳالهه سربستي ٻڌاءِ.
فيڊو- ايڪڪٽرئٽيز، مون گهڻائي دفعا سقراط تي عجب کاڌو هو، پر هو اڳ ڪڏهن به مون کي اهڙو پسند نه آيو هو، جهڙو انهيءَ وقت آيو ٿي. هن جي حاضر جواب هئڻ ۾ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي؛ پر جنهن ڳالهه تي مون کي خاص طرح عجب لڳو سا هيءَ هئي: پهريون ته، هن، مڙني نوجوانن جي اعتراض کي مروت ۽ ميٺاج ۽ ادب سان ٻڌو؛ ۽ ٻيو ته، انهن جو جيڪو اثر اسان تي پيو، تنهن کي جلدائي سان جانچي ٿي ورتائين؛ ٽيون ته، عمديءَ طرح سان اسان جي زخمن تي پٽيون پئي رکيائين ۽ اسان ۾ اميد ۽ امنگ ٿي جاڳايائين، ڄڻ ته اسين ڪا جنگ هارائي ڀڄندڙ سپاهي هئاسون، ۽ هو اسان کي همٿائي رهيو هجي ته اسان سندس پويان لڳون ۽ مباحثي کي جانچيون.
ايڪيڪرئٽيز- ڪهڙي طرح؟
فيڊ- آءُ توکي ٻڌايان ٿو ته. آءُ هن جي سڄي پاسي کان کٽ ڀرسان هڪڙي اسٽول تي ويٺل هئس، ۽ هو مون کان گهڻو مٿي ويٺل هو. هو منهنجي مٿي تي هٿ ڦيرائڻ لڳو ۽ منهنجي ڳچيءَ تي پوندڙ وارن کي سهيڙي ڪري هٿ ۾ جهليائين- توکي معلوم آهي ته هو اڪثر منهنجي وارن سان راند ڪندو هو- ۽ چيائين ته، فيڊو، آءُ چئي سگهان ٿو ته سڀاڻي تون هنن سهڻن زلفن کي ڪپي ڇڏيندين.
مون جواب ڏنو ته، سقراط، آءُ به ائين ڀانيان ٿو.
جيڪڏهن منهنجي صلاح وٺين ته، ائين نه ڪجانءَ.
مون پڇيومانس ته، ائين ڇو نه ڪريان؟
هن چيو ته، تون ۽ آءُ اڄ پنهنجا وار ڪٽينداسون، پر تڏهن، جڏهن اسان جو مباحثو مري پوي ۽ اسين هن کي وري زنده ڪري نٿا سگهون ته. ۽ جيڪڏهن آءُ، تون ٿي پوان ۽ مباحثو سمجهه ۾ نه اچيم ته جيڪر آرگاس جي ماڻهن وانگر قسم کڻان ته آءُ تيستائين وڏا وار ڪين رکائيندس، جيستائين ڪِ وري جنگ جوٽي سمئس ۽ ڪيبيز جي دليلن کي نه جيتيندس.
مون جواب ڏنو ته، چوندا آهن ته، خود هرئڪليز پهلوان به ٻن جو مٽ ٿي ڪين سگهندو.
تڏهن، جيستائين اڃا روشني آيه، مون کي پنهنجي واهر لاءِ آيولاس دوست سمجهي، سڏ ڪر.
آءُ توکي پڪاريان ٿو، پر ائين به جيئن هرئڪليز، آيولاس کي سڏيو، بلڪ جيئن آيولاس، هرئڪليز کي سڏي ها.