سَمُهاڳُ : گُلُ به ڪَهاڻِي آ..!
لَيکَڪَ کي سندس تَحرِيرَ کان، ڌارَ ڪري نٿو سگهجي... ۽ اُهو لَيکَڪُ، جنهن سان ٽِنِ ڏَهاڪَنِ جو ذاتِي تَعلقُ هُجَي، جنهن جَي ڪَيتِريُنِ ئِي ڪهاڻِيُنِ جَي، حَقيقتُنِ جا توهان گَواهَه هُجو، ته اُنَ جَي لِکڻِيُنِ بابت سَوچيندَي، اِلاهِي سچا ڪِردارَ ۽ مَنظَرَ اَکيُنِ اڳيان اڀُرِي اچن ٿا. گُلَ جَي ڪهاڻِيُنِ تي سوچيان ٿو، ته هُنَ جَي کَوڙَ ڪهاڻِيُنِ جُون ڪَٿائون، حقيقت جِيان سامُهون اچي بَيٺِيُون آهن. اِهڙِي حالتِ ۾ آئون تَخليقڪارَ کي، سندس تَخليقُنِ کان ڌارَ ڪِيئَن ٿو ڪري سگهان! سَچُ ته گُلَ جِي زندگي به ڪهاڻيءَ جِهڙِي آهي. ڪنهن به شَخصَ جَي زِندگيءَ جِي ڪهاڻي، طويل هُوندِي آهي جيڪا، ڪنهن اَفسانَي ۾ ناهَي سَمائِجِي سَگهندِي. اِيئَن گُلَ جَي زندگيءَ جِي ڪهاڻي به تمام ڊگھي آهي، جنهن کي ڪنهن ناوِلَ ۾ سَمائَي سَگهجَي ٿو، مُنهنجِي صلاح آهي ته، هُنَ کي اهڙو Autobiographical ناوِلُ لِکَڻُ به گُهرجَي، ڇو ته گُلَ زندگيءَ ۾ گھڻا لاها چاڙها ڏِٺا آهن.
هِڪِڙو وَقتُ هو جڏهن هُنَ جِي، سَترهَين گِريڊَ وارِي پَگهارَ، سندس کَيسَي خَرچَ لاءِ هُوندِي هُئِي، گَهرَ جا بارَ وڏن تي ۽ سَواريءَ لاءِ وَٽَسِ ٽَي ٽَي گاڏيون هُيون. ڪاروبار جَي شوق ۾ گَھڻيُن جايُن تي سِيڙَپَ ڪَيائِين، دوستن جَي سمجھائڻ سان به نه مُڙِيَو، نَتِيجَي ۾ لَڳايَلَ مُوڙي به وِڃائَي ويٺو! پر مَجالِ جو سندس مُکَ تَي، مايُوسيءَ جو ڪو پاڇو نظر اچَي. اهڙي حالت ۾ دوستَ ۽ مائِٽَ به ڪِنارا ڪري ويندا آهن، ته پَنهنجِي دل به بي وفا ٿِي پَوندِي آهي، ۽ ماڻهو اُن کي بچائڻ لاءِ وَڃِي، دل جَي وارِڊَنِ ۾ وارِد ٿيندا آهن، پر هِي يارُ اسان کي حَيرانُ ڪندو، لَڳِي ويو جدوجهد کي.
گُلُ ڪُونڌَرَ کي گاڏيُنِ مان لاهِڻَ ۾، ماهوار ادب جو به ٺاهُوڪو هَٿُ هُيو. جڏهن ادب شروع ڪيائين، ته کَيسِ چيو هَومِ، ”گُلَ، تون وَڃِي گاڏيُنِ ۾ گُهمُ، حيدرآباد جَي گاڏِي کاتَي ۾ گاڏَنِ تي وِڪامَندڙَ رِسالَنِ جَي ڍَيرَ ۾ واڌارو نه ڪر.“ پر هُنَ مُنهنجِي هِڪَ نه ٻُڌِي. ادب جَي هَرِ پَرچَي تي بِنا حِسابَ جَي، نُقصانُ بَرداشتِ ڪندو رهيو ۽ ادب سان عِشقَ جِي تَجدِيدَ ڪَندَي، گھاٽَي جو ڪاروبار جارِي رَکيائِين. گُلُ ڪَونڌَرُ اسان جي اَدَبِي قافِلَي جو اُهو مُسافِرُ آهي، جنهن ڪيترن ئِي نَوَنِ هَمسَفرنِ جو بارُ، پَنهنجَي ڪُلَهنِ تي کَنيو. ماهوار رِسالَي “ادب” جَي اَيڊِيٽَرَ جِي حيثيت سان، هُنَ نه فقط سَوَين نَثرُ نَوِيسَنِ ۽ هزارين شاعِرَنِ جون لِکڻِيُون ڇَپِيُون، پر اُنَهنِ مَنجهان ڪيترن جَي تَحرِيرُنِ ۾ دُرُستِيُون به ڪَيُون. ڪجهه نَوَنِ لَيکَڪَنِ جَي لِکِڻِيُنِ کي ته، هن رِسالَي ۾ شايع ڪرڻ لاءِ، ٻِيهَرَ لِکِي (Re Write) ڪري سندن هِمَت اَفزائِي ڪَئِي هُئِي! جن لِکاريُنِ کي اِبتدائِي دؤر ۾ ڇَپيائِين، اُنَهنِ مان ڪَيترائي نَثر نَوِيس ۽ شاعرَ، پَنهنجِي اَلڳِ سُڃاڻَپَ جا مالڪ به آهن، ته صاحبِ ڪتاب به. بِنا ڪنهن شَڪَ جَي هِنَ هِڪَ اَيڊِيٽَرَ جَي حَيثِيَتَ سان، اِهڙَي مالهيءَ وارو ڪَمُ ڪيو، جيڪو باغ ۾ اُسِرَندڙَ هَرِ ٻُوٽَي جِي حفاظت ڪندو آهي، هُو چاهيندو آهي ته سندس چمنَ جو، ڪوبه گُلُ نه ڪُومائِجَي.
سؤ پَرچَنِ جَي مُسَلسَلِ نُقصانَ کان پوءِ، ماهوار اَدَبُ ته نَفِعي نُقصانَ کان سواءِ وَڃِي پَنهنجَي پَيرَنِ تي بِيٺَو، پر پروفيسر منجهان ڪجهه عرصي لاءِ آفيسرُ ٿِيَڻَ جَي چڪر ۾، ماهوار "ادبُ" سندس هَٿَنِ سان نِڪرَڻ بَجاءِ، سندس هَٿَنِ مَنجهان نِڪِري ويو! هاڻي سوچيان ٿو ته گُلَ بِنا اِشتهارَنِ ۽ ڪنهن مالِي مدد کان سواءِ، سنڌي رِسالَي جا هِڪُ سؤ اَٺَٽِيهَه شمارا شايع ڪري ۽ هزارين نَوَنِ لَيکَڪَنِ جِي هِمَت اَفزائِي ڪري، يَقِينَنِ تاريخ ساز ڪم ڪيو آهي. جڏهن ته اڄڪلهه اسان جا اديب ۽ ايَڊِيٽرَ، تاريخ ساز ڪم بجاءِ ”خود ساز“ ڪَمُ ڪري رهيا آهن، پر هِنَ شريف ماڻهوءَ ادبي حَلقَنِ توڙي مِيڊِيا ۾، چَڱِي خاصِي ڄاڻَ سُڃاڻَ ۽ رِسالَي جَي اَيڊِيٽرُ هئڻ باوجود، ڪڏهن به پاڻ کي وڏو لَيکَڪُ مَڃرائِڻَ/ چَوِرائِڻَ جِي جُسِتَجُو ناهَي ڪَئِي. ڪَيرُ کَيسِ وڏو لَيکَڪُ مَڃَي يا نه، گُلَ انهيءَ ڳالهه جِي ڪاڻِ به ناهي ڪَئِي، پر هُو هِڪُ سادو سَٻاجَهو ۽ سَچو لَيکَڪُ ضَرُورُ آهي.
لَيکَڪَ ۽ شاعرَ جِي حَيثِيَتَ سان، گُلُ ڪُونڌَرَ ادب جَي ڪَيتِرِيُنِ ئِي صِنفُنِ سان نِينهُن نِڀايو آهي. شاعريءَ کان ويندي ڪهاڻي ۽ ناوِلَ جَي پَيچرَنِ جا پَنڌَ ڪري، هِنَ ٽي وي ڊرامَي جو لَيکَڪُ ٿِيَڻُ ٿَي چاهيو. مان سدائين کَيسِ چوندو هُئسِ ته، تون پَنهِنجُون ڪهاڻيون کَڻِي مون سان وَيهُه، ته اُنَهنِ کي ٽي وي لاءِ ڊراماٽائيز ڪرڻ جِي پلاننگ ڪيون، پر ”ادب“ جي وقت سِرِ اشاعت جَي عِشِقَ، کَيسِ وَقتُ ئِي نه ڏِنو! گُلَ عِشِقُ ڪرڻ لاءِ الائجَي ڪِيئَن وَقتُ ڪَڍِي ورتو... پر عِشِقُ ته پَنهنجَو وَقتُ پاڻ ڪَڍِي وٺندو آهي. هِنَ شَريفَ ۽ عِبادَت گُذار ماڻهوءَ، عِشِقُ به عبادت سَمجِهي ڪيو. پِيارَ جَي پَهرئَين مَنظَرَ کان پوءِ ڪيترن سالَنِ تائين، عِشِقَ جَي انهي ڪَٿا ۾ ڪيترا ئِي رَومَينٽِڪِ ۽ ٽِرَيجِڪِ مَوڙَ آيا. اُنَ ڇوڪِريءَ به کَيسِ ڏاڍو چاهِيو، پر گُلَ جَي زندگيءَ ۾ جيڪي لاها چاڙها آيا، هُو اُنَهنِ ۾ اُلِجهيَلُ رهيو. ڇوڪِريءَ گُلَ جو گهڻو انتظارُ ڪيو، پر جڏهن سندس وارَ چاندِي ٿِيَڻَ لڳا، ته خاموشيءَ سان هُنَ جَي زندگيءَ مَنجهان نِڪِري وَئِي. انهيءَ ٽِريجِڪِ ڪلائِمِڪسِ وارِي لَوِ اِسِٽَورِيءَ کي ڪَي سالَ گُذرِي ويا آهن. اُها ڇوڪِرِي اڄ به هِنَ ئِي شَهرَ ۾ رَهَي ٿِي. اُهو ئِي حيدرآباد شَهرُ آهي، اُهَي ئِي هِنَ شَهرَ جا رستا آهن ۽ ڪِٿَي نه ڪِٿَي اُها ڇوڪِرِي کَيسِ نَظَرِ به اَچَي ٿِي ۽ گُذرِي وَڃَي ٿِي... ۽ گُل ڪُونڌَرَ جَي دِلِ تي جيڪو گُذرَي ٿو، اُنَ جو اِظهارُ هُو پَنهنجَي ڪَنهَن ڪهاڻيءَ ۾ ڪري ڇڏي ٿو.
هِي ڪِتابُ "مائِي مُجاوِرُ" گُل ڪونڌرَ جَي ڪَيتِرِيُنِ ئِي پِريم ڪهاڻيُنِ جو مَجمُوعو آهي، هِنَ فقط پيارَ ڪهاڻيون ناهِنِ لِکيُون، گُلَ جا اَفسانا سندس ذاتِ تائين مَحدُود نه آهن، پر هُنَ جَي ڪهاڻيُنِ ۾ سَماج جا ڪَيترائِي عَڪسَ مَوجُود آهن. گُل ڪونڌرَ مُحبتَ کان دَهشتگَرديءَ تائين جهڙنِ، ڪَيتِرَنِ ئِي موضوعن تي قَلمُ کَنيُون آهي. مان هِتَي گُلَ جَي ڪهاڻيُنِ جا مَرڪَزِي خِيالَ ٻُڌائَي، توھان لاءِ ڪهاڻِيُنِ پڙهڻ جو تَجَسُسُ ختم ڪرڻ نٿو چاهيان، پر هُنَ جَي مُختلف ڪهاڻيُنِ جون ڪُجهه سِٽُون پَڙهِي، اوهان کي سندس تَحرِيرَ جِي سادِگِي، سَچائِي ۽ خُوبصُورِتِيءَ جو اندازو ڪرائڻ ضروري ٿو سمجھان:
”صاحِبه خاتُون جَي ڪِلينِڪِ ۾ داخل ٿِيَڻَ سان، دوائُن جَي واسَ تي پَرفِيُومز جِي خوشبُو حاوِي ٿِي ويندِي آهي. مَهَڪَ جو به عَجَبُ اَحِساسُ آ، عَورتَ کي لَڳَلَ هُوندِي، ته هُڳاءُ سؤ ڀَيرا وَڌِي ويندو، اِها حَقِيقَتَ آهي يا صِرِفِ مَحسُوس ٿِيندڙُ فَرقُ، پر عام طورَ اِيئَن لڳندو آهي.“
(مائِي مُجاوِرُ)
”رَيشَمِ مُعاشرَي جو اُهو ڪِردارُ آهي، جَنهَن جِي سُونهَن ”ڪَينِواس“ تي رَکيَل نامُڪَمِل تَصوِيرَ جِيان لَڳَندِي آهي، جَنهَن ۾ پَينِٽِ ٿِيَلَ گُلَ ڦُلَ ۽ مَنظَرَ پَرَي کان ڏِسِي سگهبا آهن، اُنَهنِ کي ڇُهِي ناهَي سَگهبَو."
(رَيشَمِ)
"آئون سِنڌُ، هزارها سالن کان دنيا جَي نَقِشَي تي نِرِوار اهڙي ماءُ آهيان، جنهن لَکين، ڪِروڙين اولاد کي جَنَمُ ڏِنو آهي، مون ڪَئين ڪُونڌرَ پيدا ڪيا آهن، جيڪي مون کي پَنهنجِي ماءُ، ماتا، جِيجَل ۽ جَنَمُ ڀومي چوندا آيا آهن. جڏهن به ڪنهن ڌارئين دُشمنَ، مون تي ڪاههَ ڪَئِي آهي، ته مُنهنجَي ڪُونڌرَنِ، ڪڏهن هَوشُوءَ، هَيمُونءَ جي رُوپ ۾، ڪڏهن دَودَي ۽ دُولَهه جَي نالي سان، ڪڏهن شاهَه عِنايَت، مَخدُوم بِلاوَلَ جي شڪل ۾ ۽ ڪڏهن ٻيِن اَنَيڪ شهيدن ۽ غازِيُنِ جَي رُوپ ۾ مُنهنجِي عزت، آبِرُو ۽ ٻَولِيءَ جِي حِفاظتَ ڪَئِي آهي."
(اَٿَمِ آسَ الله ۾)
گل ڪونڌر جُون ڪهاڻيُون اسان کي، ڪنهن تَصوراتِي ماحولَ ۾ نه ٿِيُون وَٺِي وَڃَنِ، پر سندس ڪهاڻيُنِ ۾ "اور بھی دُکھ ہیں زمانے میں محبت کے سوا۔۔۔" جا عَڪسَ مَوجُود آهن. سندس ڪهاڻِيُنِ ۾ اسان جِي ملاقاتِ، اسان جهڙن ماڻُهنِ سان ئِي ٿِئَي ٿِي.
زيب سنڌي
21 ڊسمبر 2019ع
zaibsindhi@hotmail.com