ماضِي حالُ
احساسن کي سمجھندي مُرڪَ وراڻيُس؛ ”آئون اڄ تائين تو کي سَمجِهي ناهيان سَگِهي، تنهنجو اِهو روپُ، ڀَلو لڳندو اٿم، اِنَ تي حيرت ٿيندي آ ۽ خوشي به!“
شهبازُ، ڊرائيونگ سيٽ تي ويهندي ڪار چالو ڪري ٿو، مُرڪَ آڪاش ۾ نظرون اَٽڪائَي، پيارَ جا انڊلٺي رنگ ڏسڻ ۾ مَحُو آهي. ڪار اسٽارٽ ٿيڻ تي دروازو کولي اندر وهي ٿِي؛ ”شهبازَ گاڏي ڇو اسٽارٽ ڪيَئي؟ آئون نه ٿِي چاهيان تو کان جلدي جُدا ٿِيان، ڪجهه منٽن جي ڊرائيوِ تي هاسٽل آهي ۽ پوءِ جُدائي.“
”جدائيءَ جِي ڪهڙي ڳالهه آ، وري سُڀاڻي مِلنداسين.“
”سڀاڻي ملنداسين پر ڪهڙو اعتبار آ، تون اڄ وارَي مُوڊَ ۾ هُوندَين يا نه، مُون تُنهنجَو اهڙو سُٺَو مُوڊ، ڪڏهن ناهي ڏٺو.“
”چڱو بابا، تو کي جلديءَ ۾ هاسٽل تي ڊراپ نه ٿو ڪريان.“ ايئن چوندي، شهبازُ گاڏيءَ کي گيئر ۾ وِجِهي، حرڪت ۾ آڻي ڇڏي ٿو، اِسپيڪَرسِ مان منظور سخيراڻيءَ جَي آواز ۾، استاد بخايءَ جا ٻول؛ ”ها مان تُنهنجَي بِنا ڪجهه به ته ناهيان، تون جَي گَڏُ گَڏُ هُجِين پوءِ مان آهيان.“ ٻُرَڻَ لڳن ٿا.
مُرڪَ خوشيءَ مان ٽِڙي پوي ٿِي، شهبازُ روڊ جي کاٻي پاسي ڦُولَرَ جو خوبصورت نظارو ڏسي، گاڏي روڪَي، مُرڪَ کي هٿ کان وَٺِي رائِيءَ جَي فصل ۾ گِهڙي پَوي ٿو. مُرڪ ٿاٻڙجندي پُڇَيس ٿِي؛ ”شهبازَ هِي ڇاهي، ڪاڏي ٿو هَلين؟“
”پَنهنجَي ماضيءَ ڏانهن.“
”ڇا تُنهنجَو ماضي ايڏانهن آهي؟“
شهبازُ اُونُهون ساههُ کڻندَي، ”ها“ چويس ٿو، اَهُر جَي گلن کي هَٿَ لائيندَي، اُنَ جو پَنُ کائڻ لڳي ٿو، مُرڪَ حيران ٿيندي؛ ”شهباز ڇا ٿو ڪرين، اِهو گاهُه وات ۾ ڇو ٿو وجهين؟“
”مُرڪَ واقعي توکي حيران ٿيڻ گهرجي، تو ٻهراڙيءَ ۾ نه رهڻ ڪري، ڪڏهن رائيءَ، موريءَ، ڄانڀَي جَي پَنَنِ، سِنجههُ ۽ ڪَچَي بَصَرَ سان مانِي ناهي کاڌِي، تو ڪڏهن اَهُرِ جو ساڳُ نه کاڌو هوندو، جيڪو امان ٺِڪَرَ جَي ڪُنيءَ ۾ چاڙهيندي هُئي. مُنهنجَو اِهو ماضي آ، هَوشُ سنڀالڻ کان پوءِ هِڪُ عرصو، ايئن کَيتَنِ ۾ گُذاريو آهي مُون.“
”شهبازَ تُنهنجَي عاليشان حالَ پُٺيان، ڏَکوئيندڙُ ماضي هوندو، مون ايئن نه سَمجِهيو هو.“
”تو اڃا ڪَٿا ٻُڌِي ئِي ڪاٿَي آ، آئون ڇا آهيان، ڇا هُئس، اَچُ توکي ٻُڌايان.“
هُو ٻيئي زمين تي پَلٿِي هڻي وَيهَنِ ٿا، شهبازُ کيس ٻڌائَي ٿو؛ ”سيٺ سرفراز، چيمبر آف ڪامرس جو صدر، ڪيترن ڪارخانن, ڪَمپَنِيُنِ جو مالڪُ، مُنهنجو پيءُ آهي، آئون ان جي گھر ۾ ڪجهه شرطن تي رهندو آهيان، لاڳو شرطن مان وڏو شرط، اڄ منطقي انجام کي پهچي چُڪو، باقي ٻيا ڳَنڀِير نه آهن، جن جَي پُورائَي لاءِ تڪليف پهچندي هُجَي.
مُنهنجَي پيءُ جُون ٻه شاديون آهن، پهرين ڳوٺ ۾ رهندڙ ڏاڏي پوٽيءَ سان، جنهن مان کيس ٻه ٻارَ، آئون ۽ ٻيو ڀاءُ جيڪو اڃا تائين بابا کي، چڱيءَ طرح ڏِسِي به نه سگهيو آهي. ٻي شادي، سيٺ اياز خان جي ڌيءُ نادره بيگم سان ٿيل آهي، جنهن مان بابا کي اولاد ڪونهي، پر نادره بيگم کي پهرئين گهروارَي مان ڌيءَ آهي، جيڪا شاديءَ کان پوءِ، طلاق جو تجربو ڪري چُڪي آ, اڃا به ڪَي نَيڪ ارادا ناهِنِس.
بابا امان جِي شادي، وڏن جَي مرضيءَ سان ٿِي، ڏاڏا سائين اڻپڙهيَل هوندَي بابا کي پڙهايو، هُن بي اي کان پوءِ سيٺ اياز خان جي ڪارخاني ۾ ملازمت اختيار ڪئي، جِتَي بابا جي ذهانت کان متاثر ٿي، سيٺ صاحبُ کيس تڪڙي ترقي ڏيندو ويو.
امان ٻڌائيندي آهي، جيسيتائين آئون چئن سالن ۽ ننڍو ڀاءُ ڇهن مهينن جو هُيو، بابا جلدي جلدي ڳوٺ ايندو، پئسا ڏيندو ۽ لٽا ڪپڙا گھڻا آڻيندو هُيو. هڪ دفعي کيس چيم؛ ”سرفراز ايترو خرچ نه ڪر.“ ”وراڻيائين؛ ”ڀاڳَڀَري، پئسو نصيب ۾ هُجَي، مِلَي ۽ کَپائِجَي نه، ته ڪِهڙَي ڪَمَ جو.“ شايد اهي لفظ چئي مون، نصيب کي نظر هڻي ڇڏي.
اِهي، اُهي ڏينهن هُيا، جڏهن بابا کي سيٺ اياز خان، بيوه ڌيءُ نادره بيگم سان شادي ڪرڻ لاءِ چيو. شادي ڪرڻ جَي صورت ۾ مِلڪيَتَ جو اَڌُ، بابا جَي نالي ڪرڻ جو چيائين، اِنِڪارَ جي صورت ۾ کيس، نوڪريءَ تان هٿ کڻڻ لاءِ چيو.
ان وقت بابا اسان جي ڀَلَي لاءِ، شادي ڪرڻ جِي حامي ڀَرِي، پوءِ سندس خيالَ بَدلِجِي ويا، آهستي آهستي ڳوٺ اچڻ، اسان جِي سارَ سنڀالَ لَهَڻُ ڇڏي ڏِنائين، سندس اهڙي رَوَيَي ۾ نادره بيگم جو وڏو هٿ هو.
امان، بابا جَي جدائيءَ جو سُورُ دِلِ ۾ سانڍيو، اسان جِي پَروَرِشِ ڪَندِي رَهِي. ڏاڏا سائينءَ جِي ٻه ٽَي ايڪڙ زمين، اسان لاءِ وڏي وَٿَ هُئِي، آئون اسڪول کان موٽڻ بعد، ڏاڏا سان زمين تي ويندو هُئس، پَنهنجَي وِتَ آهر، اُن جِي هر ڪم ۾ مدد ڪندو هُئس. مطلب اسان جَي گهر جو گاڏو، ڳوٺن ۾ رهندڙ اڪثريت جِيان گِڙندو رهيو. ڳوٺ جي ٻِيَن ٻارن، ۽ مون ۾ فرق اهو هو ته، آئون پاڻ کي پيءُ هوندي، يتيم مَحسُوس ڪندو هُيُس.
مون بي اي ڪري وَرتِي، نوڪريءَ جي ڳولها ۾ هُئس، بابا جو خط آيو، جنهن ۾ لکيَلُ هو، آئون جلدي اُنَ وٽ پهچان. بابَي جو خط پڙهڻ سان، دل ۾ اُنَ لاءِ مُحبتَ وارا جذبا نه اُڀريا، نه ئي خوشي ٿِي. امان کي بابا جَي خط بابت ٻڌائيندَي، آگاهُه ڪَيُم ته آئون اُنَ ڏانهن وڃڻ نه ٿو چاهيان، پر الائي ڪِهڙَي جَذبَي تَحتِ امان، پيءُ جَي سَڏَ کان اِنِڪارِي ٿيڻ نه ڏنو.
بابا وٽ آيُس، نِڳيءَ ماءُ کان سُٺِي مَوٽَ مِلِي، بابَي نوڪري ڪرڻ بجاءِ، تعليم مڪمل ڪرڻ لاءِ چيو. مون يونيورسٽيءَ ۾ بين الاقوامي تعلقات جَي شُعبَي ۾ داخلا وَرتِي، بَظاهر وڏا ٺَٺَ ٿِي ويا، مُنهنجَي صدقي امان وارن کي باقائده خرچ ملڻ لڳو، مون ماضي ۽ مستقبل کي پاسيرو رَکِي، حالَ کي تَرجِيحَ ڏِنِي.
اصل معاملي جو انڪشاف ڪجهه مَهينَنِ کان پوءِ ٿيو، ته مون کي لاڏَ ڪَوڏَ سان ڇو رکيو ويو آهي، ڪَلَهه جا نامهربان، ايڏا مهربان ڇو ٿيا آهن. خبر پيئي نِڳي ماءُ جَي ڌيءُ “ درخشنده ” ڪجهه وقت اَڳ ُمرضيءَ جِي شادي ڪئي، جلد کيس طلاق مِلِي، هاڻي نادره بيگم کي ان لاءِ سادَي سُودَي، ڇَوڪرَي جِي ضرورت آهي، جيڪو ان جو مُڙسُ ڪَم (Cum) نوڪرُ هُجَي.
آئون مُونجهارَي جو شِڪارُ ٿِيُس پر تعليم جي تَڪميلَ کي، پهريون مقصد بڻائي چُپ رَهيُم. بابا ۽ نِڳي ماءُ جو سُلوڪُ بهتر هُوندَي به، درخشنده حِقارتَ سان ڏِسندِي هُئِي. جنهن مان اندازو ٿي ويو ته، بابا ۽ نِڳي ماءُ رِٿيَل مَنصوبَي ۾ ڪامياب نه ٿِي سگهندا.
”مُرڪَ، تو کي پهريون دفعو ڏِٺُم ڏاڍو وڻينءَ، پر حالتن کان مجبور، مُحبتَ جو اظهار ڪري نه سَگهيُس. آئون تُنهنجَي جَذبَن کي سمجهندو هوس پر ڄاڻِي واڻِي لَنوائيندو هُيُس. اڄ پنهنجي لاءِ خوشيءَ جو ڏِينهُن آهي، آئون آزاد ٿِي ويو آهيان، مُنهنجَي مٿان پَيَلُ بارُ لَهِي پيو آ، درخشنده مون کي ڄَٽُ ڪَوٺَي، شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آ...، ها مُرڪَ... هُن انڪار ڪري ڇڏيو آ....“