شَناسَ
سِراجَ ۽ اَظهرَ جي مالي حيثيت ۾، فرق هُوندَي سُٺا دوستَ، وَڏنِ ۾ ڪا تَفريقَ نه هُئڻَ ڪري، سندن اُٿڻُ ويهڻُ، راند رُوندِ کان وَيندَي، پڙهائيءَ ۽ گھمڻ ڦرڻ جَي معاملن ۾، هميشهه گَڏُ گَڏُ. ڳوٺ ۾ سِراجَ جَي ذات وارن جا گھڻا گھرَ، جن مان ڪِنِ وٽ وڌيڪ، ته ڪِنِ وٽ ٿورِي زمين. اَظهرَ جَي ذات وارن جو تعلق، زمينداريءَ سان نه، پر ٻِيَن ڌنڌنِ ۽ نوڪريُن سان، ٻِنِهي برادريُن جَي ماڻهن جو تعليم سان لڳاءُ. اَظهرَ جَي ذاتِ وارن ماڻهن جِي اڪثريت، ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ ڳوٺ مان لَڏَي، تعلقي واري شهرَ ڪنڊيارو کان علاوه، سکر ۽ حيدرآباد ڏانهن شِفِٽِ ٿِي ويَل، ان ڪري سندن تعليم جَي ميدان ۾ معاملو سَرسُ.
ٻيئي دوستَ پهرئين کان، اٺين درجي تائين گڏ پڙهيا، اَظهرَ مِڊلِ پاس ڪَئِي، ته سندس پيءُ جِي بَدلِي، ضلعي جَي شهر ڏانهن ٿي ويئي، هُن نواب شاهه ۾ جاءِ وَٺِي، ٻارن کي اوڏانهُن مُنتَقِل ڪري ڇڏيو. سال ٻن تائين تَڪڙو تَڪڙو آيو، پر نَنڍَي ڀاءُ سان ڳوٺَ ۾ رَهندڙَ، ماءُ جَي انتقال کان پوءِ، اَچڻُ گھٽائَي ڇڏيائين.
سِراجُ ۽ اَظهرُ مِلڻَ جو موقعو، ضايع نه ڪندا، سِراجَ جو پيءُ نواب شاهه ويندو، ته هُو اَظهرَ سان ملڻ لاءِ زوريءَ گَڏُ ويندُس، اَظهرَ جو والدُ غَمِيءَ خوشيءَ ۾، پَيرُ ڀرڻ لاءِ ڳَوٺِ اُسَهندَو، ته اَظهرُ اُنَ سان ڳَوٺِ ويندو، اِنَ حد تائين جو ڪو مامون چاچو ڪَمَ سانگَي، ڳَوٺِ يا شَهرِ ويندُنِ، ته هُو ساڻنِ گڏ وڃڻ جَي چَڪرَ ۾ هُوندا، اِيئَن سَندنِ ملاقاتن جو سلسلو جارِي رهيو. ٻِنهي جَي دوستيءَ جو اَنَوکَو تَعلقُ، اِهڙِي سَنگتِ جو هڪ ٻئي کان سوا رَهِي نه سگھن. اِها ئِي حَقيقِي سِڪَ ۽ ڇِڪَ هُئِي، جنهن سَندنِ جُدائيءَ کي اِيئَن ختم ڪيو، جو ميٽرڪ کان پوءِ هايَر سَيڪنڊرِي تعليم لاءِ، سِراجُ نواب شاهه اچي ويو، ۽ وِڇڙيَل دوستَ، فرسٽ ييئر ۾ داخلا وٺڻ سان گَڏجِي ويا.
سِراجَ ۽ اَظهرَ جو گھڻو وقت، عام رواجِي ڪچهريُن کان وڌيڪ، پڙهائيءَ ۾ گُذرندو، ڪڏهن ڪڏهن بازار جو چَڪرُ لَڳائِڻُ، ڪنهن سُهڻَي چَهرَي جِي تعريفَ، ڳَوٺَ جَي ڇَوڪرَنِ ڇوڪرِيُنِ جون ڳالهيون، سندن مَعمُولَ ۾ شامل، سراسري طور ٻيئي بُرائِي ڪرڻ وارا نه، پر جوانِي ديوانِي آ، جنهن ۾ هر شيءِ ڦُولاربِي آهي، سَو هِي به چَسڪَنِ واريون ڳالهيون، ضرور ڪندا هُئا.
ڪاليج واري پڙهائيءَ جو دؤر پُورو ٿيو، ٻيئي دوست سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو ۾ پڙهڻ لاءِ آيا، سَندنِ هِتَي جا چار سال خُوبُ گُذريا. پڙهائيءَ سان گَڏُ عِشقُ، سِياستَ ۽ اَدبَ جهڙن معاملن سان لاڳاپيَل رهيا، حيدرآباد جَي باغن، بازارُن، هوٽلن ۽ اَلمَنظَرَ جَي نَظارَن جو لُطفُ ماڻِيندَي، وَقتَ جا وَرقَ تِيزيءَ سان وَرِي ويا. زمانَي جا ڪهڙا لاها چاڙها، رَنگَ رنگينِيون، دوسِتِيُون دُشمَنيُون، مَيلَ مُلاقاتون ۽ سَردِيُون جھولا هُيا جيڪي هنن نه ڏٺا، َسندنِ زندگيءَ جو هِي خُوبصُورَت دؤر هُيو.
پڙهائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، سِراجَ ڪجھ وقت ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪَئِي، جِتَي ترقيءَ جا کَوڙَ موقعا هُيَسِ، پر پيءُ جِي طبيعت ناساز رهڻ ڪري، زمين جي سارَ سنڀالَ ۽ راڄ ڀاڳ سان اُٿِي وَيٺيءَ سبب، وڃِي ڳَوٺُ وَسايائِين. پَنهنجِي سَڳِي سؤٽِ سان شادي ٿِيَسِ، جيڪا پيءُ جَي ملڪيت جِي، اَڪيلِي وارث هُئي.
سِراجَ کي عام وڏيرڪا شوق نه هُيا، کيس هڪُ ئِي ذوقُ هو سُٺيُن گاڏيُن جو، اِهو سندس مَشغلَو هُيو، ته گاڏيون مَٽائِيندو رهندو هو. ڪڏهن ڪَمَ ڪارَ سانگَي نواب شاهه ويندو، ته ڪڏهن اَظهرَ سان مِلَڻَ لاءِ، اوڏانهُن نِڪري پوندو. اَظهرُ لَيڪچِرَر جِي ڪميشن پاس ڪري، تعليم جَي شُعبَي سان وابسته ٿِي ويو. سِراجَ ۽ اَظهرَ جِي دوستي، سَچِي يارانِي هُئِي، هُو هڪٻئي کان سوا رَهِي نه سگھندا هُيا، ڪونه ڪو بهانو ڪري، سِراجُ نواب شاهه ايندو ۽ ڪڏهن اَظهرُ ڳَوٺِ ويندو، جِتَي هاڻ سندس ذاتي گھر نه هُيو.
****
اَظهرَ جو رِشتَو ڌارِيَنِ مان طئه ٿيو، سندس ڪاڄَ جو سڄو اِنتظامُ، سِراجَ جَي نگرانيءَ ۾ ٿيو، وِهانءَ جَي ڪَمنِ ۽ شاديءَ جَي سڀني رَسمُنِ ۾، سِراجُ اَظهرَ سان گڏ رهيو، جيئن ڪو ڀاءُ يا سؤٽُ، گھوٽَ سان هُوندَو آهي. سِراجَ، اَظهرَ جَي گھرواريءَ کي، سَونُو سَيٽُ مُبارڪَ ۾ ڏنو، جنهن تي هُوءَ حَيرانُ هُئي، کَيسِ عَجَبُ هُئو ته، اهڙي دوستِي به ٿيندي آ..! جو هيڏو مهانگو تُحفَو ڪَيرُ، دوستَ جَي زال کي ڏيندو آهي. اَظهرُ گھرواريءَ کي سِراجَ سان، دوستيءَ جِي ڪَٿا ٻُڌائيندَي، ساڻس رَوزُ اُنَ جو ذڪر ڪندو، ڇو ته هُو سندس اهڙو دوستُ هُيو، جنهن کان سوا پاڻ کي اَڌُورو لڳندو هو. شاديءَ کان پوءِ گھوٽَ ڪُنوار جِي، سِراجَ دعوت ڪَئِي، ڳَوٺِ اچڻ لاءِ کَينِ گاڏي اُماڻِي، جيڪا هُنن کي کَڻِي ۽ واپس ڇَڏَي آئِي، پُرتڪلف دَعوتَ ۾، سڀني کي ڏاڍو مزو آيو.
سِراجُ نواب شاهه ويندو، اَظهرُ، ڀاءُ جِهڙَي دوستَ کي اندر وَٺِي ايندو، اَظهرَ جِي گھروارِي، سِراجَ کي ٻِي نظر سان ڏِسَندِي، هُو اُنَ سان بَي تَڪلُف ٿِي ڳالهائيندو، کَيسِ ڀاڄائِي ڪري مُخاطب ڪندو. هُن ڀاڄائيءَ کي ڀَيڻُ سَمجھندَي، ڪڏهن نظر کڻي به نه ڏٺو، ته هُوءَ شڪل جِي ڪهڙي آهي، خوبصورت، سادِي سُودِي يا عام ڇوڪِرِي/ عَورَتَ آهي.
سِراجُ گھرواريءَ سميت اَظهرَ جَي گھر ويو، منجهند جِي ماني گَڏُ کاڌائون، ڪچهري ڪيائون ۽ آرام ڪرڻ کان پوءِ ڳَوٺَ لاءِ روانا ٿِيا. رَستَي ۾ سِراجَ کان گھرواريءَپُڇيو؛ ”اوهان کي ادا اَظهرَ جِي زالَ، ڪيئن ٿِي لَڳَي.“
هُنَ وَراڻيُس؛ ” خَيرُ ته آهي.“
”جِي ها خَيرُ آهي، پر تون مُنهنجَي سوال جو جواب ڏي.“
”بس ٺِيڪُ آهي، اَظهرَ سان سُٺَو ٿِي هَلَي.“
”اُها موڪلائڻ مَهلَ، تو کي گھُورَي ڇو پَئِي؟“
”مون کي گھُورَي پَئِي... ڇا مطلب آ تُنهنجَو.!!“
”مُنهنجو مطلب آ، هُوءَ توکي وَڻَڻَ وارِي نظر سان پيئي ڏِسَي.“
”سؤٽِ تو مان اهڙي اُميدَ نه هُئِي، ته تون مون تي شَڪُ ڪندينءَ.“
”آئون تو تي شَڪُ نه ٿِي ڪريان، مان ته هُن لاءِ ٿِي چوان، ته سندس نَظرُنِ مان اِيئَن لڳو، ڄڻ تون کَيسِ وَڻِين ٿو.“
”سؤٽِ جيڪڏهن اِيئَن آهي به سَهِي، ته مون اُنَ تي غَورُ ناهَي ڪيو.“
”تون به، ايڏو ته سادو ناهين.“
”اَظهرُ مُنهنجَو ڀاءُ آهي، سَڳَو ڀاءُ....“
”بهرحال آئون بَحثُ نه ٿِي ڪريان، جيڪو مَحسُوسُ ڪَيُمِ، توکي ٻُڌايو اَٿَمِ.“
گھروارِيءَ جَي واتان اِهڙَي اِنِڪشافَ کان پوءِ، اِلاهِي سارِيون ڳالهيون ڪندا ڳَوٺِ پَهتاسُون. مون کي سؤٽِ جِي ڳالهه دل سان لَڳڻَ لَڳِي. مون اَظهرَ جَي محبت ۾، اهو سوچيو به نه هو، ته ايئن ٿِي سگھي ٿو، سندس گھروارِي اُنَ جَي سامهون به، بَي تَڪلُف ٿِي ڳالهائيندِي هُئي.
نواب شاهه جو پروگرام ٺَهيَو، سَعيو ڪري آچر جَي ڏِينهُن وَيُسِ، ته جيئن اَظهرُ گَھرِ هُجَي، ايِئَن کَيسِ پَيشِگِي اطلاع کان سوا، سندس گھر پَهتُس، ڀاڄائيءَ اچي دروازو کوليو، پُڇيومانسِ؛ ”ڀاڄائِي اَظهرُ ناهي ڇا؟“
جنهن انداز ۾ جوابُ ڏِنائِين، پَريشانُ ٿِي وَيُسِ؛ ”اَظهرُ به اچي ويندو، اوهان کي رُڳَو، اَظهرَ جِي سِڪَ ڇو لَڳندِي آ.“
گھرواريءَ جون ڳالهيون ذهنَ تي اچڻ لڳيون، وائڙو ٿِيندَي پُڇيومانسِ؛ ”اَظهرُ گھر ۾ ناهي ڇا، ٻيا ڀاتِي چاچِي ۽ چاچا ڪاٿَي آهن؟“
”اوهان کي ڇو انتظار ٿِي پيو آ.. مُون کان ڊِڄُ ٿو لَڳيوَ ڇا؟“
مائِيءَ جا تَيوَرَ ڏِسِي، آئون ويهڻ بجاءِ ٻاهرئين دروازي ڏانهُن وڌيُس، آڏو وَڌِي روڪيائين ته ڪونه، پر لَڳَو، هُوءَ اِيئَن ڪري به سگھي ٿِي، سو هُن کي ڪو ڪم ياد اچڻ، ۽ جلدي موٽڻ جو چَئِي، ٻاهر نِڪري آيُسِ. گاڏيءَ ۾ وَيٺُسِ، سمجھ ۾ نه پيو اچي ته ڇا ڪريان، سوچيُم عَورتُون، عَورتُنِ کي ڪيڏو سُڃاڻِينِ ٿِيون، جيڪڏهن گھرواريءَ پاران ٻُڌايَلُ نه هُجَي ها، ته شايد اصل ڳالهه، سَمجِھي نه سگھان ها.
فيصلو ڪَيُمِ اَڳتَي ڪڏهن به، اَظهرَ جَي گَھرِ، کانئُسِ پروگرام وٺڻ کان سوا نه ويندُس، هُن سان مُنهنجِي ڀائپِي آهي، کَيسِ ڪهڙِي عورتَ مِلِي آ، اُنَ سان مُنهنجَو ڪو سَروڪار ناهَي، پر دوستَ کي ڇَڏَي ڏِيان، يا بَي غَيرتُ ٿِيان، ٻَيئِي ڳالهيون خرابُ آهن، مُنهنجَي نظر ۾ جنهن شَخصَ وٽ، رِشتَنِ جِي شَناسَ ناهَي، حَقَيقَتَ ۾ اُهَو اِنسانُ ئِي ناھَي.