مادرِي ٻَولِي
سنڌيءَ کي لازمي مضمون طور پڙهائڻ بابت، دوست کي جذباتي انداز ۾ ڳالهائيندو ڏِسِي، دل خوش ٿي ويئي.
ساجن مير، شاگرديءَ واري زماني کان بيحد هوشيار، ڪرنٽ افيئرس سميت سماجي ۽ معاشي معاملن تي، نه رڳو ڳالهائيندو پر سيمينارن، ڪانفرنسن ۾ تقريرون ڪندو ۽ مقالا پڙهندو هو. پڙهائي مڪمل ڪري، سُٺي سرڪاري نوڪري وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ ڪيترا سال، سنڌ جي اشوز واري منظرنامي تان غائب رهيو. سندس تعلق غريب گھراڻي سان هُيو، ڪاليج، يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دؤران، اخبار ۾ نوڪري ڪندو هو.
ساجن مِيرَ پَنهنجِي ڪلاس فَيلَو، نِيلوفَر سان شادي ڪئي، هُوءَ مناسب صورت واري بيحد ذهين، پُراثر شخصيت جِي مالڪ ڇوڪري هُئي. پهرين ملاقات ۾ ساجنُ، کانئس متاثر نه ٿيو هو، پوءِ نِيلوفَر جي گُڻن کيس مَوهي وڌو. سندن آهستي آهستي وَڌيَل دوستي، محبت کان عشق ۾ تبديل ٿي ته يونيورسٽي، سَندنِ مَوههَ جو مَسڪَن بڻجِي پئي.
ساجن مير ۽ نِيلوفَر جَي شاديءَ واري ڪاڄَ ۾، آئون پنهنجي دوست، ضمير سان گڏ ويو هوس، اها تقريب، سندن ويجھن عزيزن ۽ ڪجھه دوستن جو مختضر ميڙاڪو هُئي. هونئن به پَرڻَي جَي شاندار جَشنَ کان اهم، اِنَ مقدس ٻَنڌڻ جو، ڪاميابيءَ سان نِڀاءُ آهي. ساجن ۽ نِيلوفَر جو وهانءُ سادگيءَ سان ٿيو، پروردگار سندن حياتيءَ کي اولادَ، سُٺَي روزگار ۽ زندگيءَ جي وقار سان ڀري ڇڏيو.
سماج ۾ گھٽ ماڻهو محنت سان، وڏي مقام تي پهچن ٿا، هي قابل ماڻهو آخري دفعو، ادبي دوست جي شاديءَ ۾ مِليو، ان وقت صفا مالدار نه ٿيو هو، ملاقات ۾ پيارَ ۽ پنهنجائپ جو اظهار ڪيائين. سوچيُم وڏي عهدي تي هُوندي، بدليو ناهي، محبت واري مَڻيا موجود اٿس. ساڻس خُوبُ ڪچهري ٿي، کيس سنڌ، سنڌي ماڻهن، سنڌي ٻولي ۽ ادب سان چاههَ وارَي قُربَ ۾ قابُو محسوس ڪيُم.
ڪافي سال گذري ويا هُن بابت ڄاڻ مِلَندِي رَهِي، لاهور کان اسلام آباد بدلي ٿيو، ڪراچيءَ ۾ پوسٽنگ رهيَس. خبر پئي سرڪاري نوڪريءَ تان استعيفى ڏيئي، بين الاقوامي اين جي او جُوائن ڪئي اٿائين، جتي وڏي پگھار سان گڏ، نوڪريون ڏيڻ جا اختيارَ اَٿَس. هُو واقعي قابل ماڻهو هُيو، پراڻن دوستن ڏانهن پاڻ نه ايندو هو، پر وڃي ملندا هُيَس، ته خوش ٿيندو هو.
شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾، ڪو آپريٽو ڊپارٽمينٽ جي آفيس وڃڻ ٿيو، هُن جو ويجھو دوست خالد مِلِي ويو، ٻيئي شاگرديءَ واري دؤر ۾ ساڳي اخبار ۾ ڪم ڪندا هُيا. خالدَ چانهن پِيارِي، ساڻس سُٺي ڪچهري ٿي، زندگيءَ مان مطمئن نظر آيو، سندس شادي شاهوڪار گھراڻي مان ٿِي، ان ڪري گھر وٺڻ/ٺهرائڻ واري ڏَچَي کان بَچِي ويو. سترهين گريڊ جو بنا رشوت واري کاتي جو آفيسرُ، سڄي سروس دؤران مُشڪل سان، ٽن چئن ٻارن کي تعليم ڏيارڻ کان پوءِ، لَونِ کڻي گھر جَوڙَي سگھي ٿو. کانئس ساجنَ مِيرَ بابت پڇيُم، ٻڌايائين، حيدرآباد شِفٽِ ٿيو آ، سندس رهائش ڊفينس ۾ آهي، اڪثر ڪم ڪار جي سلسلي ۾، حيدرآباد کان ٻاهر هوندو آ. خالد کان سندس ايڊريس ورتم، شهباز بلڊنگ ۾ پنهنجو ڪمُ اُڪلائَي، گھر اچي ويُم.
****
عاليشان بَنگُلَي جي در تي، ساجن مير جي نوڪر کي نالو ٻڌايُم، اندر سڏائڻ بدران تڪڙو تڪڙو ٻاهر آيو، ڀاڪُر پائي مليو، نوڪر کي ڊرائنگ روم ڏانهن اشارو ڪري، ڪجھه چوڻ چاهيائين... پر وري مون سان مخاطب ٿيندي چيائين؛ “سليم، هِڪُ ڊرائيورُ موڪل تي آ، ٻيو بيگم صاحبه کي شاپنگ لاءِ وٺي ويو آهي، پاڻ پهريان نَوميءَ کي وٺي اچون، پوءِ ٿا ويهون. اسڪول تائين پهچڻ وارو وقت، انگريزي ٻوليءَ جي اهميت تي ڳالهائيندو رهيو. ”نوميءَ“ کي انگريزي ميڊيم اسڪول ۾، پڙهائڻ بابت چوڻ هُيُس؛ ”اڄڪلهه مُقابِلَي جو دؤر آهي، انگريزي ڳالهائڻ ۽ پڙهڻ وارا ماڻهو ڪامياب آھن، پرڏيهي ملڪن کان ويندي، مُلڪي اين جي اوز ۾، انهن کي تَرجِيحَ مِلَي ٿي.“
آئون ٽي ويءَ تي ڪَيَلَ ڳالهيُن جي اُبتڙ، مادري ٻوليءَ بجاءِ انگريزيءَ جي حمايت ۾، سندس خيال ٻُڌي وائڙو ٿي ويُس. ننڍڙو نَومِي اسڪول کان ٻاهر آيو، پيءُ کي ”هاءِ ڊيڊي“ چئي کيڪاريائين، جواب ۾ ساجن مير کيس ”هاءِ“ چيو.
نوميءَ کي چيائين؛ ”هينڊ شيڪ وٿ اَنڪل سليم.“
جنهن ”هيلو اَنڪل“ چوندي هٿ ملايو.
نَومِي پوئين سيٽ تي ويٺو، ساجن مون کي اڳيان ويهڻ جو اشارو ڪندي، پَراڊو گاڏيءَ جو دروازو کوليو. هُن سان موڪلائڻ ۾ عافيَت سمجھيم، ضروري ڪم ياد اچڻ جو بهانو ڪري، کانئس اجازت ورتم. پَنڌِ پَنڌِ ساجن مِيرَ جَي، ٻِٽَي مَعيارَ تي سوچيندو، پَنهنجَي گھر پَهتُس.