آسَ جِي پُڄاڻِي
ان دلڪش منظر جو عڪس؛ دريءَ جو رُخ اولهه طرف، ان کان چاليهن گزن جي فاصلي ۽ ڏاکڻيءَ ڪُنڊ وٽ، پلازا جو ٻيو بلاڪ، جنهن جي پنجين منزل تي اُترين ڪنڊ وارو گهر، ٿورو تِرڇو جنهن جون ٻه دريون، ٻه درَ ۽ بالڪوني، منهنجي نظر جو پهريون نشانو، ان حوالي سان سامهون وارو منظر، ابتدا کان انتها تائين بيحد رومانوي. اوهان جي ذهنن ۾ سامهون واري فليٽ اندر، ڪنهن شهزاديءَ جي هئڻ جو تصور... بلڪل... توهان جو خيال درست، اُتي واقعي هڪ شهزادي موجود، ها... منهنجي خوابن جِي شهزادِي. گهر ۾ هوءَ اڪيلي نه پر پنهنجي پيءُ، ماءُ، ڀاءُ ۽ چئن ڀينرن سان گڏ رهندڙ. گهر جي ٻين ڀاتين طرف مون خاص ڌيان ناهي ڏنو، بس ايترو ته منهنجي خوابن جي شهزاديءَ سان هميشه، اُن جِي ظاهراً هڪ جيڏي ۽ حقيقتن وڏي ڀيڻ نظر آئي آهي.
سورج غروب ٿيڻ واري منظر ڏانهن ويندي، مُنهنجِي نظرَ ان کان اڳتي، انگريزي ميڊيم اسڪول جي ڇت تي پوي ٿي، جيڪو چار منزله ۽ اپارٽمينٽ کي ويجهو آهي، اسڪول جَي سڄي ڇتِ مٿان، نيرا گل جهليندڙ، انگريزي مٽرن جي سائي وَلِ، جنهن جو ڏيکُ مَنَ کي موهيندڙ. نيريُن ڦُلڙيُن واري ان چادر کان اڳتي، ڪجھه گهرن سان گڏ انبن جي باغ جو نظارو، تنهن بعد اولهه طرف ڇِڙوِڇِڙ وڻن ۽ گهرن جو ڏورانهون ڌُنڌلو مَنظرُ، جنهن کان پوءِ مُنهنجِي نظر، ننڍين شين کي ڏسڻ کان قاصر، باقي ڪافي اونچا واريءَ جا دڙا، ضرور نظر اچن ٿا ۽ يقيناً انهن جي پاسي ۾ وهندڙ سنڌو درياءَ، جنهن جي وجود کي ايترو پري کان، آئون صرف محسوس ڪري سگهان ٿو. مَنظرَ جَي آخر ۾ سنڌو درياءَ جي هُن پارِ، شَفقَ جي لالاڻِ هيٺان نظر اچي ٿو، لهندڙ سج جي روشنيءَ ۾ وِهنتَل، سنڌ يونيورسٽيءَ جو انتظامي بلاڪ ”اي سي ٽو“.
سج جي غروب ٿيڻ سان اوندهه جِي چادرَ، سڄي پسگردائيءَ تي ويڙهجڻ جي نتيجي ۾، سڄو شهر ۽ اوسو پاسو، مصنوعي روشنيُن سان جِهرِمِرِ ڪندڙ، ۽ غلام محمد بيراج جي المنظر واري پُل تي، بَلبَنِ جِي ڊگهي قطار نروار ٿي پوڻ. روزانه اهو منظر ڏسڻ منهنجو معمول بڻيل آهي، آئون انسان هئڻ جي ناتي ڪڏهن، ان سلسلي کي ٽوڙي وجهندو آهيان، پر سِجَ ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ تائين، ڪڏهن ان ترتيب کي ناهي ٽوڙيو ۽ جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پڪ سان، اهو ڏينهن ڪائنات جو آخري هوندو. سچ اهو آهي ته خوابن جي شهزاديءَ کي، شام جَي ان منظر مان ڪڍي ڇڏجي، ته گلشن ۾ ويراني اچي ويندي، وڻن ۽ ٻوٽن تي کِڙيَل گلَ مُرجهائجي ويندا ۽ بهارُ خزان ۾ بدلجي ويندو. آئون حيران آهيان ته روزانه شام جو، هوءَ ان منظر ۾ هميشه، شَفقَ جَي رنگ جهڙو وڳو اوڙهيل هوندي آهي، مون کي گُمانُ ٿيندو آهي، ته اها حقيقت آهي يا منهنجو وهم.
اُن ڏينهن آئون سج جي لهڻ واري منظر کانپوءِ، ڄامشوري جي پُلِ مٿان ٻرندڙ، بَلبَنِ جِي جِهرمِر ۾ گُم، ٽيليفون جي گهنٽي وڄڻ سان، خيالن جي دنيا مان واپس اچي ويس ۽ ڪريڊل تان رِسيوَر کڻندي چيم؛ ”هيلو.“
سامهون واري فليٽ ڏانهن ڏٺم، منهنجي خوابن جي شهزاديءَ کي ٽيليفون جو رسيوَر کنيل هو، هن مون طرف منهن ڪندي جواب ۾ وراڻيو؛ ”هيلو السلام عليڪم.“
”جِي وعليڪم السلام.“ خبر نه هُئي ته ڪال هُنَ جِي آهي، پر سندس باڊي لينگويج مان محسوس ٿيو، ته هُوءَ ئي مون سان مخاطب آهي.
”آئون اوهان جي سامهون واري فليٽ مان ڪَنولِ پئي ڳالهايان.“
سندس ڳالهائڻ جِي پَڪَ ٿيڻ کان پوءِ، خوشيءَ جي عجيب ڪيفيت ۾ منهنجا هٿ ڏڪڻ لڳا، پنهنجي حواسن تي ظابطو آڻيندي چيومانس؛ ” جِي جِي... ڳالهايو آئون گُلُ آهيان.“
”اوهان ڏاڍا سنگلدل آهيو.“
”سنگدل... جِي نه نه... آئون اوهان جي ڳالهه نه سمجھيُس.“
”ايتري اُٻهرائي؟“
پنهنجِي ڪيفيَت کي لڪائيندي؛ ”اُٻهرائيءَ جي ڳالهه ناهي، منهنجي ڳالهائڻ جو انداز اهڙو آهي.“
”توهان جو نالو گُلُ آهي، انداز وري رُکو ۽ مايُوس ڪندڙ، جيڪڏهن گُلَن جو اهو حال آهي ته پوءِ خارَ ڪهڙا هوندا؟“
حيران پريشان حالت ۾، کيس هُون هان ڪندي، ڪجھه چوڻ چاهيُم ته ڪَنَن تي آواز پيو؛ ”آئون توهان سان ملڻ چاهيان ٿي، مناسب سمجهو ته سڀاڻي ڏينهن جو ڏهين وڳي، راڻي باغ ۾ ڪينٽين جي سامهون واري پارڪ ۾ مِلو.“
ذهن سوچن ۾ ويڙهجي ويو، کيس جيتر ڪو جواب ڏيان، سندس ڪمري ۾ ڪنهن جي اچڻ ڪري، رسيوَر رکي ڇڏيائين.
ساڻس ڳالهه ٻولهه ٿيڻ کانپوءِ، عجيب خوشيءَ ۽ اڻڄاتل خوف واريءَ حالت ۾ هُيس، آئون کيس بيحد چاهڻ ڪري سڄو سڄو ڏينهن ڏسندو هُيس، پر هُن ڪڏهن به، مون ڏانهن نه ڏٺو هو. اڄ سندس ملڻ واري ڳالهه مُنهنجي سمجھه کان ٻاهر هُئي. مون سڄي رات عجيب سوچون سوچيندي گذاري، خيالن ۾ ڪڏهن پيار جي حاصلات جا محل جُڙي ٿي پيا، ته ڪنهن مَهِلَ اُنهن کي ڪِرندَي محسوس ٿي ڪَيُم.
جيئن تيئن عجب اُڻ تُڻ ۾ رات گُذري، ڪَئين انديشا، انومانَ ۽ وهم گُمانَ مُنهنجي دل ۽ دماغ ۾ ايندا رهيا. صبح جو پنهنجي ڪپڙن ۾ موجود، سڀ کان سٺو وڳو پائي، سندس ڏسيَل جاءِ تي پهتس. ٻيئي ڀينرُ سائي رنگ جي جوڙن ۾ ملبوس، مون کان اڳ اُتي موجود هُيون. مُنهنجي خوابن جِي شهزاديءَ جو گلابي اڇو چهرو، سائَي جَوڙَي ۾ ڪَنول جي گُلَ جيان ٻَهڪي رهيو هو.
پيار جي وڻندڙ احساس سان اڳتي وڌيس، ڪجهه وکون هو اڳتي آيون، ته هڪٻئي جي سامهون اچي وياسين. مُنهنجي خوابن جَي شهزاديءَ سلام ڪيو، ته جواب ۾ وعليڪم السلام چيومانس. ساڻن آئون ڪجھه وڌيڪ ڳالهايان، مُنهنجَي خوابن جَي شهزاديءَ، مونکي ”ڀاءُ گُلَ“ ڪوٺيندي، پنهنجي ڀيڻ جو تعارف ڪرايو. سندس ڀاءُ سڏڻ تي آئون، هَڪو بَڪو رهجي ويس، پيرن هيٺان زمين کي، کِسڪندي محسوس ڪَيُم. سندس واتان پاڻ لاءِ اهڙو مقدس لفظ ٻڌي، کيس جواب ڏيڻ ته ڇا، پر ڪنڌ لوڏي، ها يا نَنهن ڪرڻ جَي، قابل نه رهيس. هُن منهنجي حالت کي سمجهندي، جواب جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ، ڳالهه جاري رکندي چيو؛ ”هيءَ منهنجي وڏي ڀيڻ گلشن آهي، اسان گھر ۾ پَرِي چوندا آهيونس.“
بيحد ڦِڪائيءَ مان مُنهنجي وات مان نڪتو؛ ”ماشاالله.“
پَري ڀرسان خاموش بيٺي رهي، هُن ٻنهي ڏانهن ڏسندي، پنهنجو بيان جاري رکيو؛ ” ادا مون توهان کي هتي اچڻ جِي تڪليف ان ڪري ڏني، جو هيءَ منهنجي ڀيڻ، توهان کي تمام گهڻو چاهي ٿي، هاڻي هن جي طبيعت خراب رهڻ لڳي آهي، آئون سندس اها حالت ڏسي نه ٿي سگهان. توهان کي نِماڻي گذارش آهي، ته هِنَ جي درد کي سمجهو، اوهان ئي منهنجي ڀيڻ جو دامن، خوشين سان ڀري سگهو ٿا.“
پنهنجي خوابن جي شهزاديءَ جي واتان، اها ڳالهه ٻڌي مون کي پنهنجي اميدن جي دنيا، برباد ٿيندي نظر آئي، خيالن ۾ جوڙيَل پيار جا محل، ڀورا ڀورا ٿيڻ لڳا. هوءَ مون کي پنهنجي ڀيڻ جو، سهارو بنجڻ لاءِ گھڻو ڪجھه چوندي رهي، پر منهنجو مَنُ آس جَي پڄاڻيءَ تي، ماتم ڪدو بڻجي چڪو هو، منهنجي اکين مان ٽِميَل آب جا ڳوڙها، رت بڻجي دل مٿان ڪري رهيا هئا. آئون پاڻ کي مظبوط سمجھندڙ نوجوان ماڻهو، بَي ڪَيفِ ٿِي ڪنڌ نِوائي ويهي رهيُس. پَرِي جنهن هن وقت تائين ڪجهه نه ڳالهايو هو، پريشان ٿيندي چيائين؛ ”اوهان جِي طبيعت ته ٺيڪ آهي، ڇا ٿي رهيو آهي توهان کي؟“
سندس معصوم چهري ڏانهن نظر کڻي ڏٺم؛ ”ڪجھه به نه، ڪجھه نه ٿيو آهي، آئون ٺيڪ آهيان.“
مُنهنجي خوابن جي شهزاديءَ ڀرسان وهندي، اهڙي حالت ٿيڻ جو ڪارڻ پڇيو، پر ان کي ڇا ٻڌايان، ته آئون ڇا سوچي آيو هُيس، ۽ هتي ڇا ٻُڌي رهيو آهيان. مُنهنجِي حالت غير ٿي وئي، ته پريءَ اچي سهارو ڏنو، پوءِ به آئون بَي سَهارَي هُيس.
مُون ڇا سوچيو هُيو ۽ ڇا ٿي ويو، پر ان وقت پريءَ جي پيارَ ۽ حالت کي ڏسي، ڪنول کي ڪجهه به چئي نه سگهيس. مُنهنجَي آس جِي پُڄاڻِي ٿي چُڪي، پر مون ڪنهن ٻئي جَي آس کي، ڀورا ڀورا ڪرڻ نه چاهيو. بس ان ڏينهن کان مون، ڪنهن به شيءِ، ڪنهن ڪم جي پُڄاڻيءَ کي، پسند ڪرڻ جو نظريو ترڪ ڪري ڇڏيو.