ڪَينَيڊِيَنِ بَيلا
”اوهان مَصِرُوف هوندا، آئون ڊِفَينسِ کان گھڻو پَرَي آهيان، هاڻي حيدرآباد ٿو وڃان، توهان سان ٻِئَي ڀَيرَي ملاقات ڪَندُس.“
”ادا اوهان وَرِي الئه جَي ڪڏهن ڪراچيءَ اِيندا، هِينئرَ مُون ڏانهُن اچو، آئون اِنتظارُ ٿو ڪَرِيان.“
موبائيل تي گُوگِل مَيپِ جَي ذريعي لَوڪَيشَنِ اُماڻَي ڏِنائين. سندس اُڪِيرَ ڏسي ”اُوبَرِ ٽيڪسيءَ“ تي چَڙهِي ڊِفَينسِ ۾ ”پَيٽِسِ ڪِلينِڪِ“ تي پَهتُس، سُهڻَي نَمونَي آڌر ڀاءَ ڪيائين، پر اُتي جِهڙِوڪَرِ ايمرجنسي بَرِپا ٿِيَل هُئِي.
ڊاڪٽر پَنهنجَي پَيشَنِٽ ”بَيلا“ نالَي ”ڪَينَيڊِيَنِ ڪُتَي“ جِي طِبِي چَڪاسَ ڪري رهيو هو، جنهن جِي عُمرِ چوڏنهن سال، يعني اِنسانِي عُمِرِ جي ڀَيٽَ سان، سَترِ سالَ جَي برابر هُئِي. ڪُتَي جَي مالڪن جو، پَيٽِس جي حوالي سان، ڊاڪٽر رِضوانُ، ڄڻ فيملي ڊاڪٽر هُيو، پَوڙهَي بَيلا جِي طبيعت خراب ٿِيڻَ تي، رابطو ڪرڻ ۽ حالُ احوالُ وٺڻ سان، هِڪُ ڏِينهُن اَڳُ، ڊاڪٽر کَينِ چيو هو، مَريضَ ڪُتَي کي مَعدَي جِي خرابِي آهي، ان ڪري ”تاباني ليباريٽري“ مان سندس بِلَڊِ ٽَيسٽِ ۽ اَيڪِس رَي ڪرايون اَچجَو.
ڪُتَي جا مالڪَ، ٽَيسٽِ ۽ اَيڪِس رَي ڪَرائَي آيا ها، بَيلا کي تَپاسِڻَ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحبَ، کَينِ دوائون لِکِي ڏِنِيُون ۽ مَريضَ کي ڪَينَيڊِيَنِ کاڌو کارائڻ لاءِ، ”رايَل ڪَينِنِ پَپِي فوڊ“ جِي جَيلِي صُبح شامَ ۽ هِتان جو گوشت ڀانءِ نه پَوَڻَ ڪري، اِنَ ئِي ڪمپنيءَ جَي مَٽَنِ، رَيبِٽِ ۽ چِڪنِ فِلَيوَرَز وارِي خَوراڪَ ڏِيَڻَ جِي هدايت ڪَئِي.
مالِڪَنِ جِي پريشانِي ڏِسَڻَ وٽان هُئِي، هُو ڊاڪٽر صاحب کي چَئِي رهيا هُئا؛ ”ڊاڪٽر صاحب اسان جو ”بَيلا“ ٺِيڪُ ٿِيَڻُ گُھرجَي، جيڪڏهن اوهان رَيفَرِ ڪندا، ته اسان هِنَ جو علاجُ دُبَئيءَ مان، ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون.“
ڊاڪٽر کَينِ تَسَلِي ڏيندي چيو؛ ”اوهان دِلِ نه لاهِيو، بَيلا کي ٻُڌايَل دوائون ۽ کاڌو کارايو، انشاالله ٺِيڪُ ٿِي ويندو. جيڪڏهن هِنَ وقت آئون بَيلا کي دُبئيءَ ۾، پَيٽِس جَي آمريڪن ڊاڪٽرَ ڏانهُن رَيفَرِ ڪَندُس، ته هُو پَيشَنِٽ کي هِڪَ هَفتَي لاءِ اَنڊَرِ آبزَرِوَيشَنِ رکندو، پوءِ مَريضَ جَي مَعدَي جو، آپريشن ضروري سمجھندو ته ”اوپِنِنگِ آفُ اَيبِڊومِنِ“ جِي چار هزار ڊالرَ فِي وٺندو.“
جنهن تي ڪُتَي جَي مالڪ سان، گڏ آيَل عورت چيو؛ ”ڊاڪٽر صاحب فِي ڏِيَڻُ ڪو مسئلو ناهَي، بس اسان جو بَيلا صِحَتِمَند ٿِيَڻُ گُھرجَي.“
آئون سَڄِي ماجِرا حيرانگيءَ سان ڏِسِي/ٻُڌِي رهيو هَوسِ، رِضوانَ ڪُتَي جَي مالڪن کي، مُطمَئن ڪري روانو ڪيو. فارِغُ ٿِي مون سان وَيٺَو، چيومانس؛ ”رضوان آئون اَچرَجَ ۾ آهيان، ماڻهو ڪُتَنِ ٻِلَنِ تي ڪَيڏَو خَرچُ ڪَنِ ٿا، کَينِ جانورن جو ايڏو فِڪرُ آهي.!!“
”سائين پَنهنجَي پاليَل پَيٽِس لاءِ فِڪرمَند آهن، ٻَيَنِ جانورن/ پَکيُن سان کَينِ پيارُ ناهي. وڏن ماڻهن ۾ ڪُتَنِ، ٻِليُنِ ۽ پَکِي پالڻ جو رواجُ آهي، ۽ اِها سندن وِنُدَر به آهي. هِنَنِ وٽ راڄَ بِرادريءَ سان، اُٿِي وَيٺِيءَ جا مُعاملا ته آهن ڪونه، پَيسَو تمامُ گھڻو اَٿَنِ، غريبن کي ڏيَنِ ٿا، يا نه ٿا ڏِيَن، اِهَو خدا کي عِلمُ آهي، باقي اِيئَن خَرچُ ڪندَي، هزارين ڊالرَ کَپايَو ڇَڏِينِ.“
”اوهان کَينِ ٻُڌايو، بَيلا جو آپريشن ٿيو ته، آمريڪن ڊاڪٽرُ چار هزار ڊالر وٺندو، ڇا واقعي اِيئَن آهي؟“
”ادا بِلڪُل، عَجَبَ جهڙي ڳالهه وَرِي اِها آهي، ته جيڪڏهن علاجَ ۽ آپريشن کان پوءِ به، پَيٽِ جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو، ۽ ڊاڪٽر سَمجِھيو ته هِي صِحَتمَند ٿِي نه سگھندو، ته اُن لاءِ مالڪن کي ”زَهرَ جِي اِنجَيڪِشَنِ“ تَجوِيزَ ڪندو، ۽ ڪُتَي لاءِ استعمال ٿيندڙَ، اِهڙِي سُئيءَ جِي قيمت به تمام گھَڻِي آهي.“
ڊاڪٽر صاحب جُون ڪُتَنِ، ٻِلَنِ ۽ سَندنِ مالِڪَنِ بابت ڳالهيون ٻُڌي آئون حيران رَهجِي وَيُس، هُنَ ٻُڌايو؛ ”اسان وٽ پَيشَنِٽ جِي عام چَيڪ اَپِ فِي، هزار روپيا ۽ گھر تي يا فارم هائوس تي وَڃِي ڏسڻ جِي فِي، پنج هزار روپيا آهي.“
”رِضوانَ غريب ماڻهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجھ ناهَي، هِتَي بَي مقصد جانورن تي هَيڏو خَرچُ ڪيو ٿو وڃي..!! بابا مُنهنجَي سَمجَھ کان اِهَي ڳالهيون مَٿَي آهن، اوهان ڀَلِي عَجَبُ وارِتائون ڏسندا رََهو، آئون هاڻِ هلان ٿو، مون کي حيدرآباد وڃڻو آهي.“
”ادا مان به هِتان اُٿان ٿو، اوهان کي ”عُثِمانِيه رَيسِٽَورَنِٽِ“ تي مانِي کارايان، اُنَ کان پوءِ آئون گُلشنِ اقبال وارِي ڪِلينڪِ تي ويندس. اوهان کي هِتَي جَي ماڻُهنِ، جِي سَوچَ تي حيرت ٿِئَي ٿِي، ته هِڪَ وڌيڪ حَيرانُ ڪَندڙَ ڳالهه ٻُڌَو.“
”رضوانَ، اڃا به ڪا وَڌِيڪَ، حَيرَتَ جِهڙي ڳالهه آهي ڇا؟“
”جِي ادا، حَساسُ ماڻهوءَ لاءِ ته، حيرانگيءَ جِي ڪا حَدَ ئِي ناهي، هِڪَ ڇوڪِريءَ ”اِسِٽِريٽِ ڪَيٽِ“ گھٽيءَ مان کَڻِي پالِي، سندس نالو ”پِنڪِي“ رکيائين. پِنڪيءَ کي سائِي/پِيليا ٿِي پَيئي، مون وٽ کَڻِي آيا، علاجَ جَي مڪمل ڪورسَ تي، پنجويهه هزار روپيا خَرچُ آيُنِ. گَھڻِي وَيجِھڙائِي ٿِي وڃڻ ڪَرَي، ڇوڪِريءَ جِي ماءُ، مون سان گَھرَ جا حالَ احوالَ به اَورِڻَ لَڳِي. ڇوڪِريءَ جَي ٻليءَ سان لَڳاءَ بابت ٻُڌايائِين، ته هُوءَ ان کان سِوا رَهِي نه ٿِي سَگَھي، هاڻَي اسان هِنَ ڇوڪِريءَ جِي شادي به، صِرِفِ اُنَ شَخصَ سان ڪرائينداسِين، جيڪو ”پِنڪيءَ“ کي خوشيءَ سان قَبُول ڪندو، ۽ اُنَ جو هر طرح سان خِيالُ رکندو....“
”رِضوانَ بَسِ مون ۾ وَڌِيڪَ، حَيرَتَ جِهَڙِيُون ڳالهيون ٻُڌَڻَ جِي سَگھ ناهَي، هاڻي آئون اوهان جِي مانِي به ڪونه ٿو کاوان، توهان جَلدَ ۾ مون کي، حيدرآباد وڃڻ واري ڪوچ ۾ ويهاريو، مُنهنجَي دِماغَ تي رُڳَو ڪُتا ٻِليون ۽ سَندنِ عَجِيبُ مالِڪَ سَوارُ ٿِي ويا آهن.“