سَرِيرَ ۾ سُرِتِ
آئون معصوم هئس، دنيا جِي ڪا خبر نه هئي، امان بابا نازن سان پاليو. جيئن جيئن سَرِيرَ ۾ سُرِتِ ڪَرُ کڻڻ لڳِي، عجيب ڪيفيت طاري ٿيندي ويئي. ماءُ پيءُ جي ڳالهائڻ سان، انهن بدران آسمان ڏانهن ڏسڻ لڳس، ڳاڙهيون اکيون پاڻيءَ سان ڀريل رهڻ لڳيون. ٻاهران گهر اچڻ تي امان پڇندي هئي؛ ”صدقي وڃانءِ منهنجا جيئندل، ڪير وڙهيو اٿئي ڇا؟“ ڪو جواب نه ڏيندو هُيومانس.
ماڻهو چريو سمجھڻ لڳا، ڪِن جو چوڻ هُيو، غيبات جو اثر آهي، ڪي وري امان جي پيٽ ۾ هئڻ دؤران، اُن پاران چنڊ گرهڻ ڏسڻ جِي ڳالهه ڪن پيا. آئون ڪنهن سان نه ڳالهائيندو هوس، پر سمجهندو هُيس، ماڻهو ڇا ٿا چَوَنِ، ڪهڙي نظر سان ٿا ڏِسَنِ، سَندنِ ٻار مون سان گهمڻ تي، کَينِ پري ڪرڻ جِي ڪوشش ڪن ٿا.
سڀ ڪجهه سمجهندي بيوس بڻيَل هُيس، ڪنهن کي سمجهائڻ، دلاسو ڏيڻ جِي ڪوشش ٿَي ڪَيَمِ، ته غَيبِي طاقت روڪيو ٿي. خاڪي جِسمُ، وقت سان گڏ وڌندو رهيو، امان بابا پِيرَنِ فَقيرَنِ جا دَرَ ڀَيٽيندا رهيا، کَينِ ڪجھه حاصل نه ٿيو. رنگينيءَ جي عمر کي پَهتُس، عَجَبِياتِ جو سلسلو زور وٺي ويو، مائٽن ۾؛ ”جِيئندَلَ کي اولياءُ جي درگاهه، ڪنهن مزار تي ڇڏي اچو.“ جا چؤٻول ٿيڻ لڳا.
ماءُ پيءُ اَزغَيبِي بيماريءَ ڪري پريشان هئا، مائٽن جي مَشوَرَي تي عمل ڪَندَي، صُوفِي درويش جَي مزار تي ڇڏي ويا، جِتيَ ڪيترا ئي نَصيبَنِ جا ماريَل موجود هئا. تقدير ۾ لکيل هو، سو وجود جي ٻُوٽَي کي، ڪراڙ ڍنڍ جو پاڻي ڏيئي، جِيدانُ ڏيندو رهيُس.
هِڪَ رات درگاهه تي مَحوِ ڪيفُ هئس، ڪنهن اَڻڄاتِي قُوَتَ، ٻاهر هلڻ تي مجبور ڪيو. سخت سرديءَ باوجود پگهر ۾ شَلِ ٿِي وَيُس، نه چاهيندي اڳتي وڌندو رَهيُس، جهنگ بيابانَ مان، گذرڻ جو احساس نه رهيو. هلندي وڏي جبل کان اُڪِرِي، ميدان ڏانهن وڌڻ لڳس، عجيب حالت هئي، سرديءَ سبب تلاءَ برف بَڻيَل هُيا، پر مُنهنجَي اندر ڄاولُ سَمنڊُ، پِگهرجِي رهيو هو.
اونداهيءَ ۾ کِنوڻ کِلي، ميدان جي ٻئي طرف کان، ڪنهن کي ايندي محسوس ڪَيُمِ، ڪيفيت اَبتَرِ ٿِي ويئي. ايئن پيو لڳي باطل قُوَتُون، آمهون سامهون ٿي رهيون هُجَنِ، وِکَ وِکَ سان گوڙِ جا آواز وڌڻ لڳا.
پاڻ ڏانهن وڌندڙ وجودَ جي سامهون ٿِيُس، ڏٺم هُو مون جهڙو انسان آهي، ٻنهي جِي ڪيفيت هڪجهڙي، هڪٻئي جي سامهون، دشمن جي رُوپ ۾ هُياسين. مون اڳتي وڌي وارُ ڪَيُس، هُن جوابي حملو ڪيو، دشمنيءَ جي باهه وڌيڪ ڀَڙِڪِي، هڪ ٻئي کي، نَيستِ و نابُود ڪرڻ جِي ڪوشش ۾ لڳي وياسين.
شيطاني ويڙهه جاري هُئي، نوراني لاٽ نظر آئي، ٻنهي جو ڌيان ان طرف ويو، ڏٺوسين مزار وارو درويش هو، اسان سان مخاطب ٿيندي چيائين؛ ”اي نادانيءَ ۾ گرفتار قوم جا فردؤ، توهان اَنائُن جَي ڪِرَوڌَ ۾ وِڪوڙيَل آهيو..! هوشيار ٿيو پاڻ کي سڃاڻو، نه، ته برباد ٿي ويندا، ڪا ڌارين قُوت، توهان جي ڌرتيءَ تي قابض ٿي ويندي، هيءُ وقت پاڻ ۾ وڙهڻ جو نه آهي.“
بُزرگَ جِي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، اسان وڙهڻ وارا، پاڻ ۾ ڪيئن آهيون، سمجھايائين؛ ”اوهان هڪ قوم جا فرد، پاڻ ۾ ڀائر آهيو، توهان دولابَ ۾ اچي، اڳ به هڪٻئي کي قتل ڪيو هو، وري هينئر ساڳئي ڌوڪَي ۾ گرفتار آهيو. اي خدا جا بندؤ، ان فريب ۾ نه اچو، نه ته مارجي ويندؤ. اهو سلسلو جاري رهيو، ته اوهان جِي قوم کي، ذلت ۽ خواريءَ کان سواءِ ڪجهه نه ملندو، ڪا ٻي ڌُرِ اوهان تي غالب ٿِي ويندي.“
صوفي درويش سمجھائيندي، هٿ ۾ کَنيَل زَنبِيلَ مان پاڻيءَ جا ڇَنڊا هَنيا، ٻِنهي جَي اندر ٻرندڙ باهه وسامڻ سان، تيز کڄندڙ ساههَ سامَتِ ۾ اچي ويا. بُزرگَ ويندي ويندي، محبت جي پيغام سان ڀَريَل رسالو، ۽ دل جو سُڪونُ حاصل ڪرڻ لاءِ دَنبُورو ڏيندي چيو؛ “وَڃَو وَڃِي صُوفيُن جَي ڌرتيِءَ تي، وَحدانِيَتَ جو وِردُ ڪيو ۽ پيارَ جي پچارَ کي ماڻهن تائين پهچايو، جيئن نفرتن جِي پاڙ پَٽجِي وڃي، ۽ مُحبَتُنِ جَي ديس تي، اُلفت جا آگَم ٿِيَنِ.”