عِزَتَ ۽ مُحبَتَ
بس تي چڙهڻ واريءَ پوائنٽ کان منهنجو گَهرُ، چَڱَي پنڌ تي آهي، اچڻ وڃڻ مهل اهو فاصلو، پيادل طئه ڪَندِي آهيان. مون ڏٺو ان سفر دوران هڪ ڇوڪرو، ڪڏهن مُنهنجَي اڳيان هلي ٿو، ڪڏهن پويان. کيس مسلسل پنهنجي اڳيان، پويان هلندو ڏسي ڇِرڪيَس، ته نظر ۾ رکيومانس. مَحسُوسُ ڪَيُمِ، هُو مُنهنجي اڳيان آهي، ته تڪڙو هلندي اڳتي نڪري وڃي ٿو، پويان آهي ته آهستي هلڻ ڪري، پوئتي رهجي وڃي ٿو.
آئون هُن کي جانچڻ لڳي هُيس، هڪ ڏينهن پوئتان اچي رهيو هو، ته پُوائنٽ بس وارِي جاءِ تي پهچڻ کانپوءِ به، کيس اکيُن کان اوجھل ٿيڻ نه ڏنم، شاگردن کان پرڀرو ٿِي بيٺو. بس آئي سڀن کان آخر ۾ پوئين دروازي کان چڙهيو، پُوائنٽ هلڻ لڳي، ڪنهن سان ڳالهائڻ بدران ڪتاب کولي پڙهڻ لڳو.
آئون شهر کان يونيورسٽيءَ تائين، هُن کي ڏسندي رَهيَس، پُوائنٽ بس ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ وٽ بَيٺِي، هُو بس مان لهي اندر هليو ويو. حيرت ٿِي هُن سڄي سفر ۾، ڪنڌ کڻي هيڏي هوڏي، خاص ڪري ڇوڪِريُن ڏانهن نه ڏٺو. سندس اِن ادا مَوهَي وڌو، منهنجا قدمَ ڊپارٽمينٽ اندر وڌي رهيا هئا، نظرون سندس تلاش ۾.
ڪلاس شروع ٿيڻ ۾ دير هُئي، ڪاريڊور ۾ شاگردن جي رش هُئڻ ڪري، نظرن کان هَٽِي ويو، آئون سيمينار لائبريريءَ طرف وَيَس، گُمانُ صحيح نِڪتو، هُو اخبار پڙهي رهيو هو. اخبار کڻي اٿلائڻ لڳيَس، تِرڇي نظر هُن تي رَهِي، اک کڻي نه ڏٺائين. ڪلاس جو ٽائيم ٿيو، اوڏانهن وڃڻ لڳو، آئون پويان هلڻ لڳيَس، ڪلاس ۾ اندر ويو، غور سان ليڪچر ٻُڌائين، ٽيچر کان موضوع بابت سوال پڇيائين، سڄو وقت ليڪچر نوٽ ڪندو رهيو. سندس طبيعت ڏسي، ذهن تي اُهي ڇوڪرا ڦرڻ لڳا، جن جون نظرون هر وقت، ڇوڪريُن جي گِرِدِ رهنديون آهن.
ٻئي ڏينهن معمول مطابق سيمينار لائبريريءَ ويو، سندس ڌيانُ ڇڪائڻ لاءِ، فرش تي ڪِرڻ جِي ايڪٽنگ ڪَيَمِ، ڦُڙتيءَ سان اُٿِي، سهارو ڏنائين. مون پاڻ سنڀاليو، پري ٿِي بيهي رهيو. مون چيُس؛ ”ٿينڪس، اوهان ڪِرڻ کان بچايو.“
محسوس ڪَيُم، هُو ڇوڪِريُن جيان شرمائڻ لڳو. مقصد ۾ ڪامياب ٿِي ويَس، ڳالهائڻ جو بهانو ملي ويو، کانئس پُڇيُم؛ ”يوئر گُڊ نَيمِ پليز؟“
بغير ڏسڻ جَي وراڻيائين؛ ”سانوڻ.“
مختصر جواب ڏئي، اخبار پڙهڻ لڳو، ڇوڪرِي هُوندَي ڪِينَ گهٽايُم، ڀر واري ڪُرسيءَ تي ويهي رََهيس. مخاطب ٿيندي چيومانس؛ “معاف ڪجو، مون توهان کي ڊسٽرب ڪيو آهي.”
نهارڻ بِنا جواب ڏنائين؛ ”ڪا ڳالهه ناهي.“
مختصر جواب تي ڪاميابيءَ کي، ناڪام ٿيندي محسوس ڪيم، پنهنجو تعارف ڪرايومانس؛ ”مُنهنجو نالو سائره آهي، پهرئين سال جِي شاگرد آهيان، حيدرآباد ۾ پاڻ ساڳي ڪالونيءَ ۾ رهون ٿا.“
رَسمِي جواب ڏنائين؛ ”توهان سان ملي خوشي ٿِي.“
سندس روَيَو عجيب لڳو، چيومانس؛ ”پليز، آئون توهان سان ڳالهائڻ چاهيان ٿِي.“
اخبار ٽيبل تي رکندي وراڻيائين؛ ”ييس گو آن... ڳالهايو...“
ڊپريس ٿيندي ڳالهائڻ چاهيُم، چوڻ لڳو؛ ”ڪلاس شروع ٿيڻ وارو آهي، پاڻ کي هلڻ گهرجي، اوهان ضروري ڳالهه ڪنهن فِري پيريَڊ ۾ ڪري سگهو ٿيون.“
پنجون ڪلاس فري هيو، سانوڻ سان ڳالهائڻ جي چڪر ۾، پهريان چار پيريَڊ خراب ٿِي ويا، آئون ڪلاس ۾ مستقل طور، سانوڻ بابت سوچَي رهي هُيَس، مُنهنجِي اندروني ڪيفيت، ظاهري حالت تي غالب اچڻ لڳي هئي، چوٿين پيريَڊ ۾ ٽيچر سمجهائي رهيو هو، متوجه نه ڏِسِي پُڇيائين؛ ”توهان ٻڌايو، مون ڇا سمجھايو؟“
آئون ڇِرڪِجِي ويَس؛ ”سوري سر، مون نه سمجهيو.“
”بابا ايئن نه ڪريو، جسم سان گڏ، ذهن کي ڪلاس ۾ حاضر رکو.“
انتظار جون گهڙيون پوريون ٿيون، ڇوڪريون، ڇوڪرا ڪلاس مان نِڪرندَي، ٽولِيُن ۽ جَوڙَن ۾ ورهائجي ويا. سانوڻ جو پاسو ورتم، نه ڪنهن ٽولي ۾ هُيو، نه جوڙيوالَ سان. ڀوڳ ڪندي چيائين؛ “مون سمجھيو اوهان کان ڳالهه وسري وئي.”
دل ۾ چيم؛ ”تو سان ملڻ واري ڳالهه، وسارڻ جهڙي ڪٿي آ.“
ڪجهه قدم اڳتي هلي، لانِ تي ويهي رهياسين، مون سانوڻ جي منفرد شخصيت کي سمجھڻ ٿَي چاهيو، پچيومانس؛ ”سانوڻ توهان جِي نِرالي طبيعت آ، عام ڇوڪرَن کان مختلف ڇو آهيو.“
سادگيءَ سان وراڻيائين؛ “ ٻِيَن جِي ڄاڻ ناهي، پَنهنجِي خبر آهي، مون تي ذميداريون آهن، جن کي پورو ڪرڻ لاءِ، ڪا گهڙي ضايع ناهيان ڪندو، پَلُ پَلُ قيمتي آهي مون لاءِ، وقت کي ضايع ڪرڻ سان پڇتاءَ کانسواءِ ڪجهه حاصل نه ٿيندو.”
سانوڻ نظرون ملائڻ کان سوا، مون ڏانهن ڏسندي جواب مڪمل ڪيو؛ ”بابا کي اڌ رنگ آ، گهرڀاتيُن ۾ امڙ بابا کانسواءِ ٻه ننڍيون ڀَينرُ آهن، کَينِ ڪنهن به صورت پڙهائڻ چاهيان ٿو، پاڻ هتي شاگرد، شام جو سرڪاري اسڪول ۾ ٽيچر آهيان. خرچ پورو نه ٿيڻ ڪري، پاڙي جي ٻارن کي ٽيوشن پڙهايان ٿو، اهڙيءَ طرح رات جي ڪجھه آرام بعد، صبح ٿيَڻ سان ساڳي پريڪٽس شروع ڪندو آهيان... آئون هلان ٿو، اسڪول پهچڻو آهي، خدا حافظ..“
سانوڻ پَنهنجِي ڪَٿا ٻُڌائَي روانو ٿِي ويو، دل ۾ سندس لاءِ، جيڪا عزت ۽ محبت هئي، وَيتَر وڌي ويئي.
لَش گِرين لانِ جي ڪِنارن تي، ٽِڙيَل گلن کي ڏسندَي، ڪافي دير اُن جَي باري ۾ سوچِيندِي رَهيَسِ....