خوشيُن جَي باغ ۾ اُداس وڻُ
مڃيان ٿو تو اهو ڪجهه، مرضيءَ سان نه ڪيو هوندو، پر آئون ان سوال جو حق رکان ٿو، رِيتُنِ رَسمُنِ سان بغاوت جِي همٿ نه هئي تو ۾، ته مون کان منهنجي زندگيءَ جِي خيرات ڇو گُهريَئي؟ مون وعدن تي اعتبار ڪندي، تو کي پَنهنجِي زندگي بخشي ڇَڏِي، ۽ بَخشش جِي سزا اَڪَيلَي سِرِ ڀوڳيان پيو، ڇا ان ڀوڳنا جو توکي ڀاڱي ڀائيوار نه هجڻ کپندو آ؟ گناهه ۾ ڀائيوار هئاسين، ته اڄ مان اڪيلو هن حال ۾ ڇو آهيان؟
خبر آهي تنهنجي حقيقي حالت جِي، ماضيءَ جا عڪس مَنَ تي چِٽيَل آهن، تن مان سچائيءَ جِي مَهڪَ اڃان به اچي ٿي، تنهنجون يادون اَمُلهه خزانو آهن، دل ۾ سانڍي رکيو اٿم انهن کي. مون کي عزيز آهن يادون، ڇو ته اهي منهنجي پياريءَ جون آهن، جيڪا منهنجي وجود جو حصو هُئِي، هوءَ صرف مُنهنجِي هُئِي، هُنَ جا جَذباتِ صرف مون لاءِ هُيا.
ٻِنِ وجودن ۾ ورهائجي ويا هُون، پاڻ ۾ فرق جو عنصر نروار ٿِي پيو آهي، اڄ چاهيندي به توکي، پنهنجو نه ٿو چئي سگهان، ۽ تون اهو سوچڻ جي به، قابل نه رهي آن، تنهنجا حق واسطا ڪنهن ٻئي جَي نانءِ لکجي چُڪا آهن، تنهنجا پاڪ جذبا، مون لاءِ ناپاڪ ٿِي ويا هِن. پر ماضيءَ جي زَمانَ کي پڪڙي ورتو آ مون، جنهن ۾ تون پَوتَر هُئينءَ، انهن لَمحَنِ کي زندگيءَ جو همسفر بڻائي ڇڏيو اٿم.
مون ۽ تُنهنجَي ظاهري جيون ساٿيءَ ۾اهو فرق آهي، جو مُنهنجِي ڪائناتِ، لَوڀَ لالچ کان آجِي مُقدَس آهي، ۽ هُن جِي ڪائنات، وَيساههَ گهاتِي ڪندڙَ، يا ريتن رسمن جِي ماريَل بي وس ناري آهي. ٻنهي صورتن ۾ هُن وٽ جيڪا، ڪائنات موجود آهي، ان کي پَوِتَرِ نه ٿو چئي سگهجي، ڇو ته جيڪڏهن هوءَ ويساهه گهاتِڻِ آهي، ته به، اُنَ جا جذبا نيڪ ناهن، ۽ اگر ريتن رسمن هٿان هاريَل آهي، ته هوءَ رسماً هُن سان گڏ آهي، سندس جذبن کي پاڪ نه ٿو چئي سگهجي.
يادُنِ وارِي ڪائنات، تون مُقدَس آهين، تُنهنجَي شانَ ۾ قصيدا لکجن، انهن جو ڪو انَتُ نه ٿيندو، غزل گيت لکجن، انهن جو سِلسِلو اڻکٽ ثابت ٿيندو. پر هُن وارِي ڪائناتِ لاءِ، نَوحَو به نه ٿو لکي سگھجي، ڇو ته اُنَ لاءِ پَوِتَرتا جِي ضرورت آهي، پر تو ۾ اهو گُڻُ ناهي، تُنهنجو ڪردار آبِ حيات کي، زَهرَ ڪري پيئڻ جهڙو آهي.
پنهنجو رشتو ماسات مِٺِي ذات وارو هُيو پر پنهنجا ڳوٺَ وِٿيرڪا هئا، تو سان ملاقات موقعي کانسواءِ نه ٿيندي هئي. ڪنهن نه ڪنهن بهانَي، تُنهنجَي ڳوٺ ايندو هئس، سوڪَهڙي وارَي سَلَي جيان پيارُ، پَروان چڙهندو رهيو، رشتي جي ڀَرمَ پنهنجي پيار کي، حقيقي پيارَ ۽ شرافت جي حد اندر رکيو. ڳوٺ کان پري نوڪري ملي، مهيني ٻئي ڳوٺ ايندو هُيُمِ، خواهش هوندي هئي سڀ کان پهريان توکي ڏسان، پر ايئن ڪري نه سگهندو هوس، ڪنهن دفعي ته ٿوري موڪل هئڻ ڪري، توکي ڏِٺَي بغير واپس هليو ويندو هئس. ملاقات نه ٿيڻ ڪري سفر جي تڪليف کان بيمار ٿي پوندو هئس. پر توسان ملاقات ڪري واپس ايندو هُئس، ته پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪندو هُيُس. ياد آهي تو سان ملاقات جَي چڪر ۾، ڳوٺ کان نِڪرندَي دير ٿي ويئي، نوڪريءَ واري شهر ڏانهن وڃڻ لاءِ، اهڙي بس ملي جنهن ۾ ويهڻ جي جاءِ نه هئڻ ڪري، چئن ڪلاڪن جو سفر بيهي ڪَيُمِ، پر ٿَڪاوَٽَ جو احساس نه ٿيو.
زندگي، پيارُ، عشقُ، منزل ڏانهن روان دوان هُئا، امڙ جِي وفات ٿي ويئي، ان وقت آئون نوڪريءَ واري شهر ۾ هئڻ ڪري، سندس مُنهن نه ڏِسِي سَگھيُسِ، مون کي بابا وارن امڙ جَي وفات جو نه ٻڌايو. ان المناڪ واقعي بيحد متاثر ڪيو، جيئڻ تان ارواحُ کڄي ويو، زندگيءَ کي بارُ سمجهندي، ان کي ختم ڪرڻ جِي ڪوشش ڪَيَمِ. مُنهنجَي مَنصوبَي کي ناڪام ڪرڻ ۾ ڪاميابُ وئينءَ، سُهڻا خواب ۽ زندگيءَ جون رَعنائيون ڏيکاريَئي، توکي هَمدردُ، مَحبوبُ ۽ هَمسَفر سَمجِھي، پَنهنجِي زندگي پاڻ کي، بَخشِ ڪري ڇَڏيَمِ.
يادُنِ وارِي ڪائناتِ، مُنهنجَي حافِظَي جو واچُوڙو، گولُ ڦِرندَي اُنَ لَمِحَي تي وِکِرِي ويندو آهي، جنهن ۾ ڪنهن ٻڌايو، تُنهنجِي شادي ٿِي رهي آهي، منهنجا حوصلا خطا ٿي ويا. تو سان ملاقات ڪَيَمِ، تو کي وَچَنَ ياد ڏياريَم، تو همٿ نه جَهلي، ريتن رسمن کان هار کائِي وَئينءَ. شاديءَ واري ڏِينهُن، ديوانگيءَ ۾ سِهرا ڳائڻَ لَڳُس. شاديءَ لاءِ زوريءَ ها ڪرائڻ کانپوءِ، توکي ڏندڻَ پَئجِي ويا، پر مُنهنجَي يادُنِ وارِي ڪائناتِ، سَچِي مُحبَتَ لاءِ ايترو ڪُجُهه، گهڻو گَهٽِ هَو.