اَڀِياسُ: سُک نه سُتا ڪَڏهِين
گُلَ جِي ڪهاڻي ”پَسَندِ ناپَسَندِ“ ۾ ٻُڌايو ويو آهي، ته لِکڻيُن تي تَنقِيدَ بَراءِ تَنقِيدَ نه هُئَڻُ گُھرجَي، نَوَنِ ليکڪن کي اڳتي آڻڻ لاءِ، سَندنِ حوصله اَفزائِي ڪَندَي، ڳالهه موقعي مَهِلَ مطابق ڪرڻ گھرجي. جيڪي نوجوان نُورُ نِچوڙي، هَڙان وَڙان خرچ ڪري، ڪتابَ آڻِينِ ٿا، اُنَهنِ کي سندن مِحِنَتَ ۽ جاکَوڙَ تي دادُ ڏِيَڻُ گُھرجَي. ڪهاڻيءَ مان پيغام ملي ٿو، ته نَوَنِ لِکاريُنِ جو قَدرُ ڪَندَي، سَندنِ لِکِڻِيُنِ جو جوڳو اِصلاح ڪريو، هِنَ لِکِڻيءَ مان گُلَ جِي ڪُشاده دِلِي، خنده پَيشانِي ۽ دُورِ اَندَيشِي نظر اچي ٿِي.
گُلَ وٽ مُشاهِدو، مُطالعو، ڏانءُ، ڏاهَپَ ۽ فَنُ آهي، سندس يادون سَونَ وَرنِيُون آهن. اِهو ئِي سَبَبُ آهي جو لَفِظَ، تَشِبِيهُون، فَنُ ۽ فِڪرُ، خِيالَ جي اُڏام ۾ ڊوڙِي وَٽَسِ پهچندا آهن. گُلَ جو اِظهارِ بَيان ايڏو سگهارو آهي، جو سندس ڪهاڻيون سَچِيُون لڳن ٿِيون. ”مُحَبَتَ جِي مَيخَ“ ڪهاڻيءَ جو گھاڙَيٽَو، ٻَولِي، فِڪرُ، تَشبيهُون، واقعاتِ ۽ حالتون زبردست نَمونَي پَيشِ ڪَيَلَ آهن. ڪهاڻيءَ ۾ پَورهِئَي جِي عَظمتَ، اُوندَهِه پُٺِيان رَوشِنِي اَوسِ اَچِڻِي آهي، کي بَيانُ ڪيو ويو آهي. اِنسانَ جِي تَڪمِيلَ اِنَ ۾ ناهَي، ته وَٽسِ ڇا آهي، بلڪه ان ۾ آهي، ته هُو ڇا آهي.
زِندَگِي خودِ ڪَهاڻِي آهي، جنهن جِي پرکَ طَوالتَ سان نه، پر دِلِچَسپيءَ سان ڪَئِي ويندِي آهي، گُلَ جون ڪهاڻيون لُطفَ سان ڀَرپُور آهن. ”سَفَرَ جا مُسافِرَ“ ڪهاڻي ڪراچيءَ ويندَي بِلُو لائينِزِ ڪَوچِ ۾، سُونهَن راڻِيءَ سان ڪَچَهِري. هِنَ ڪهاڻيءَ ۾ ڊائلاگ پيارا ۽ دل لُڀائِيندَڙ آهن، بَيانُ اهڙو سُهڻو، ڄڻ ٽي ويءَ جِي اِسڪِرِينِ تي، ڊرامون ڏسندا هُجئون.
سُقراط چيو؛ ”تَقرِيرَ خامَوشُ آوازُ آهي، هَٿَ جِي زبانَ قَلمُ آهي.“ گُلُ ڪُونڌَرَ جَي لِکِڻِيُنِ ۾ هَٿَ جِي زبانَ آهي، پَنهنجَي شانائِتَي ۽ سُهڻَي اَسلُوب ۾، ڪهاڻيءَ کي لفظن جِي اِهڙِي جانِ ڏِئَي ٿو، ڄَڻُ ڪِردارَ ۽ مَنظرَ اَکيُنِ آڏو ڊوڙندا هُجَنِ. گُلَ جَي تَحرِيرُنِ ۾، ڌَرتِيءَ ۽ سَرتِيءَ جِي سُونهَن، گڏوگڏ نظر اَچَي ٿِي، هُو مَحبُوبَ جِي هَنجھه ۾ وَيهِي، سِنڌُ کان غافِلُ نه ٿِيو آهي. هُنَ پنهنجي لِکَتُنِ ۾، سِنڌُ جا خُوبصُورَت مَنِظَرَ چِٽِيا آهن، ڪِٿَي ته سَرتِيءَ کان وَڌِ، ڌَرتِيءَ جِي مُحبَتَ کي اَولَيَتَ ڏِئَي ٿو. مَحبُوبَ جِي سُونهَن سان گَڏُ، سِنڌُ جِي سُونهَن بَيانُ ڪرڻ سان، هلالِي فَرزَندَ جا اُهڃاڻَ نظر ايندا آهن.
شَيڪِسپِيئَر چيو؛ ”خِيالَنِ جِي جَنگِ ۾ ڪِتابَ، هَٿِيارَنِ جو ڪم ڏيندا آهن.“ اِيئَن ئِي ڪَهاڻِي ”ٿَورَي خَرِچَ سان بَهتَر تَعليمَ“ ۾ پيغام آهي ته اَولادَ کي، سَرڪارِي اِسڪُولَنِ ۾ پَڙهائجَي، اُنَهنِ جِي مالِڪِي ڪَرڻُ گُھرِجَي، جِتَي تعليم سَسِتِي ۽ مَعيارِي آهي. اگر ٻارن جِي نِگَهبانِي ڪَئِي وَڃَي، کَينِ مِحِنَتَ جو پابَندُ بڻايو وَڃَي، ته هُو سَرڪارِي اِسڪُولَنِ ۾ پَڙهِي، اَعلى مَقامَ تي پَهُچِي سگھن ٿا.
گُلُ ڪُونڌَرَ جَي لِکڻِيُنِ ۾ دَردُ سَمايَل آهي، هُو مُعاشِرَي ۾ ٿِيندَڙَ اَنِياءَ تي جِھڄَندَي جُھرَندَي، نااِنِصافِيُنِ کي عَيان ڪري ٿو. ”جَذبَنِ جو قَتلُ“ ڪهاڻيءَ ۾ عورت جَي آسُنِ جو مَوتُ ڏيکاريو ويو آهي، ٻُڌايو ويو آهي ته بَدَي جُون شاديون، مُعاشِرَي ۾ وَڏِي ڀَڃَ ڊاههَ ڪَنِ ٿِيون. اَدِلَي بَدِلَي ۾ نِياڻيُنِ جون زندگيون، دَوزخُ بَڻجِي وڃن ٿيون.
ڪهاڻي ”وِيهن سالَنِ کان پَوءِ“ هِڪَ يَتِيمُ ڇَوڪرَي جِي ڪَٿا آهي، جيڪو پيءُ جَي مرڻ کان پوءِ مالُ چارَي ٿو. شاخَ جَي ڪِنارَي واريءَ تي سِلَيٽَ ٺاهَي لِکَي ٿو؛ ”تَعلِيمَ اِنِسانَ جو زَيوَرُ آهي.“ قُدرَتَ بَخشيل خان جَي صورت ۾، اهڙو هَمدَردُ انِسانُ اُتان لانگھائُو ڪري ٿِي، جيڪو اِهَي لفظ پَڙهِي، ڇَوڪرَي کي ساڻُ وَٺِي وَڃَي ٿو، ۽ کَيسِ پَڙهائَي لِکائَي، اَعلى مَنزَلَ تي پَهچائَي ٿو.
سِنڌُ ۾ اهڙا ڳُڻَ ڳَڻِيا ماڻهو پَيدا ٿِيَنِ، ته جيڪر گھڻن گھرن جِي غُربَتَ دُورِ ٿِي وَڃَي. اُهو يَتِيمُ ڇوڪرو وڏي منزل تي پَهچِي، گھڻن سالن کان پوءِ ڳوٺِ وڃي ٿو، ته کَيسِ ساڳِي حُسناڪِي نظر نه ٿِي اَچَي. اَمنُ اَمانُ غائُبُ، ڌاڙيلن جِي وَحِشَتَ جو راڪاسُ، ٻيو ته ٺهيو ٻارَ به، سِجَ لَٿَي کان پوءِ ٻاهر نه ٿا نِڪرِي سگھن. هِڪَ پاسي زِندگيءَ جِي حاصلاتِ آهي، ۽ ٻِئَي پاسَي سِنڌُ جَي ڳَوٺَنِ ۾ اَمُنَ اَمانَ جِي حَسِرَتَ..! ڪهاڻي سَبَقُ آموز آهي.
گُلُ ڪُونڌَرُ ٻَهراڙِي ۽ شَهِرِي زِندگيءَ جو، نَبِض شَناسُ آهي، هُو آسائِشِ ۾ ضرور وَيٺَو آهي، پر سِنڌُ جَي غريب ماروئڙن کي نه وِساريو اَٿِس. ڪهاڻي ”دَيسَ جا ٻارَ“ ۾ جانِ محمد، عِلِمُ نَفِسياتِ جو شاگِردُ، يونيورسٽي بند هُئڻ ڪري ڳوٺِ اچي ٿو. هُو شَعُورَ، عِلمَ ۽ ڄاڻَ سبب سَمجَھي ٿو، ته غريبن جِي برباديءَ جا ڪَيرُ ذميوارَ آهن، اُهَي جيڪي وَوٽَ وَٺِي غائبُ ٿِي وَڃَنِ ٿا. غُربَتَ، مُفِلسِي ۽ بِيمارِيون، ڄَڻُ غريبن جو مقدر بَڻيَل آهن، اِهڙِي نااِنِصافِيءَ تي هُو ديس جَي ٻارڙن ۾، سُجاڳِي پيدا ڪري ٿو، ۽ ڳوٺ سَمَيتَ سڄي دَيسَ کي، خوشحال ڏِسَڻُ چاهَي ٿو.
ڪهاڻي ”ڪَنهن سان شَلَ اِيئَن نه ٿِئَي“ جَي بيانَ ۾ لَيکڪُ، ڪِردارَ جي نِڀاءَ سان، درد ۾ دَٻجِي وَڃَي ٿو، اِيئَن ڄَڻُ پاڻ سان وارِتا ٿِي هُجَي. ڪهاڻيُون لِکَندَي گُلَ دَرِدَنِ کي ڀوڳيو آ ۽ ڪِردارَنِ سان انصاف ڪيو آهي. ڇا ته ڪهاڻيءَ ۾ خود ڪلامِي آ ڪِردارَ جِي؛ ”ماڻهن جَي نَظرُنِ جا نانگ ڏَنگِينِ ٿا، مُنهنجَي وجودَ کي ڏَڪِڻي وَٺِي ٿِي وَڃَي، آئون جيڪو سِتمُ سَهان پَيئي، اُن جِي اَذيَتَ مري وڃڻ کان گھڻو وڌيڪ آهي. آپگھات ڪرڻ چاهيان ٿِي..! پر ٻارَ جَي اَمان پُڪاِرڻَ تي، اِهڙِي ڌُٻڻ مان نِڪران ٿِي، مُنهنجِي زندگي معصومن جي مُهابَي بَچيَل آهي.“
”آيا جَوڀَنَ ڏِينهَڙا“ ڪهاڻيءَ ۾ ڦُوهه جوانيءَ جُون، ڪَيفيَتُون بيانُ ڪيون ويون آهن. ٻالڪپڻ جِي حد مان نِڪري، جڏهن ماڻهون ڳَڀ وارِي جوانيءَ تي پَيرُ رکي ٿو، تڏهن سندس اَنگَ اَنگَ ۾ مَوجَ مَستِي پيدا ٿِئَي ٿِي، ڏاڍِي منفرد ۽ دِلِچَسِپُ ڪهاڻي آهي.
”مادِرِي ٻَولِي“ ڪهاڻيءَ ۾ ٻُڌايَل آهي ته، ماڻهو جڏهن سَڻِڀِيُنِ پَوسِٽُنِ تي پَهُچَنِ ٿا، ته ماءُ ٻوليءَ کي وِسارَي ٿا ڇَڏِينِ. سِنڌُ جا اِهڙا ڪَيئِي سِياسَتدانَ، اَدِيبَ، شاعِرَ ۽ وڏا ماڻهو آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ لاءِ تقريرون ڪَنِ ٿا، پر پَنهنجَي ٻارن کي نه ٿا پڙهائين، ڪهاڻي اهڙن ٻَهرُوپِيَنِ جَي، مُنهَن تَي چَماٽَ آهي.
ڪهاڻي ”بَيوَسِي ۽ سَچائِي“ ۾ اُنَهنِ ماڻهن کي وائُکَو ڪيو ويو آهي، جَيڪَي حَوَسِ پَرستَ، جِنسِي وَحشِي پَڻي ۾ لِڪِيَلَ مَدارِي آهن ۽ محبت کي مذاق سَمجَھنِ ٿا.
اَعلى زِندگيءَ جون چارِ نِشانِيُون آهن، نَيڪ گُفتارَ، نَيڪ نِيَتَ، نَيڪ ڪِرِدارُ ۽ نيڪ صُحبَتَ، اِهَي چارئي خُوبِيُون، گُلَ جِي شَخِصِيَتَ ۾ مَوجُود آهن، ”رَيشَمِ“ ڪهاڻيءَ ۾ سندس آدمِيَتَ جو اِهڙو رُوپ نظر اچي ٿو. ڪهاڻيءَ جو پهريون جملو؛ ”دروازو کُلڻ سان خوشبُو جو سَيلابُ ڪَمرَي ۾ ڪاهَي پوي ٿو.“ لَيکَڪَ اِبَتدا اِهڙنِ لفظن ۽ لَڪاءَ سان پَيشِ ڪَئِي آهي، جو کَيسِ دادُ ڏِيَڻَ کان سواءِ رَهِي نه ٿو سَگھجَي. هِنَ ڪهاڻيءَ ۾ هِڪَ ڪالِ گَرِلِ جَي ڪِردارَ کي، مُعاشِرَي جي اصلاح لاءِ پَيشِ ڪيو ويو آهي.
”سَندِي لارَ ماکِيءَ“ ڪَوِتا ڪهاڻي آهي، ڏاهَنِ جو چوڻ آهي ته، شاعِرَ جو نَثُرُ، اِنَ ڪري وَڻندو آ، ڇو ته هُن جَي نثر ۾ رِدمِ هوندو آهي. ”بَهارُ ۽ خِزان“ ڪهاڻيءَ ۾ بَهارَ جَي مَنِظَرَنِ کي، خُوبُ چِٽِيو ويو آهي. اَمِيرَ ۽ وڏيرا آباد گُلشَنَ کي ڪِيئَن ويران ڪندا آهن. ٿِٿِ تاريخون شاديءَ لاءِ مقرر ٿِي ويون، پر وَڏَيرَي جَي پُٽَ ڪِريَلَ حَرِڪَتَ ڪري، سڀني جي خوشِيُن کي ڀَور ڀَور ڪري ڇڏيو، اِيئَن شادي ماتم ۾ تبديل ٿِي وَيئِي.
”هُوءَ“ ڪهاڻيءَ ۾ جمالياتي پَهلُو، ۽ مَنظرَنِ جون حُسناڪِيُون آهن. ڪهاڻيءَ جَي هَرِ پَيراگِرافَ جِي پُڄاڻيءَ ۾ اِيندڙَ وَراڻِي، ”تو کي هَرُو ڀَرُو اِيئَن ٿو لَڳَي“، ڏاڍي دل لُڀائيندَڙ آهي. گُلُ ڪُونڌَرَ ڪَمالِ فَنَ سان، پِيارَ جا اندازَ بيان ڪيا آهن، ڪهاڻيءَ جا ڊائلاگ خُوبصُورَت آهن. گُلَ جون ڪهاڻيُون پَڙهَندَي، خَلِيل جِبرانُ ياد پوندو آهي، جنهن لِبنانَ جُون حُسناڪِيُون بَيانُ ڪيون آهن، ۽ گُلَ سِنڌُ جَي سُونهَن کي پَيشِ ڪيو آهي. گُلُ ڪُونڌَرَ جون ڪهاڻيون اَثرائِتِيُون آهن، هِنَ وَٽِ سَگھارَي اِظهارَ جِي قُوَتَ ۽ بَهتَرِينِ لِکارِيءَ وارِي صَلاحِيَتَ مَوجُود آهي. دُعا آهي ته اسان جو هِي گُلُ، صَندَلَ جِي ڪاٺِيءَ جِيان هَرِ ڪنهن کي وَڻندڙُ هُڳاءُ ڏيندو رَهَي، آمين.
نور حُسين ڪلهوڙو
6 ڊسمبر 2019ع
03453573485