دَيسَ جا ٻارَ
ميدانن ۽ مٽيءَ جي ڀِٽُنِ تي، معصوم ٻارَ ڊوڙون پائَي، لِڪَ لِڪوٽي، اِٽِي ڏَڪَر، وَنجَهه وَٽِي، ڦِرڦِر سَئونٽو ۽ ٻيون رانديون ڪُڏَندي، ٿَڪِجَنِ پيا ته ويهي پيا رهن. اُڃَ لڳڻ تي ڀرسان وهندڙ مَيرَي پاڻيءَ جي اَڏَ مان، ٻُڪَ ڀَرَي پاڻي پِيئَنِ پيا، کَينِ ڪا ڳڻتي نه هُئي، پَنهنجَي ڌُنَ ۾ مَگَنُ، سَندنِ هَرِ چُرِپُرِ اُٿَ وَيههَ لاشعوري.
جان محمد ڳوٺ جو نوجوان، علم نفسيات جو شاگرد، يونيورسٽي بند هئڻ ڪري ڳوٺ آيل، شاگرد تنظيم جو سرگرم ڪارڪُن. هُو انساني نَفسياتِ جي باري ۾ ڪافي ڪجهه ڄاڻندڙ، عام معلومات، سياست ۽ سماجيات جا ڪتاب پڙهڻ ڪري، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻيءَ، سياسي چُرِپُرِ ۽ نفسياتي لڳاءَ کان چڱيءَ طرح واقف. کيس خبر هئي ته مظلوم قومن جي ٻارن جي زندگي ڪيئن گذرندي آهي ۽ آزاد قومن جا ٻار ڪيئن زندگي گذاريندا آهن، هي ڄاڻي پيو ته اسان جي ديس جي ٻارن کي ڇا ڪرڻ گهرجي.
ڳوٺَ ٻاهران جان محمد ڏسي ورتو، ته ديس جا ٻار ڇا ڪري رهيا آهن. جيڪو ڏٺائين سا صرف ٻاراڻي خوشي، بي شعوري، ناداني ۽ اڻڄاڻائي هئي، جنهن جو ڪو مقصد نه هو. سوچيائين منهنجي ٻارائيءَ به ان طرح گُذرِي، صُبح جو ڳوٺ جَي ڪَکائين اسڪول ۾، الف .. اَنبُ، ب.. بَلا ڪيوسين، پوءِ جو سڄو وقت اَجاين کَيڏنِ ۽ حرڪتن ۾ گذريو. ڌڪا ٿاٻا کائي ڪاليج پهتس، سمجهه ۾ آيو انسان جَي زندگيءَ ۾، ٻالڪپڻ جِي ڪيڏي اهميت آهي.
ٻاروتَڻِ ماڻهوءَ جَي مستقبل جو سانچو آهي، اهو سُهڻو هوندو، ته سندس آئيندو به سٺو ٿيندو، ٻارَ مستقبل جا معمارَ، اجايون رانديون کيڏندي جوان ٿيندا، انهن ۾ سُجاڳِي ۽ حقن حاصل ڪرڻ جو شَعُورُ نه هوندو. هَيترَنِ ٻارن مان ڪو، ڪاليج، يونيورسٽيءَ تائين پهچندو، ٻيا سڀ نادانيءَ جَي رستي تي هلندي نادان رهندا، ۽ اهو ڪجهه ڪندا جيڪو سندن اَبَا ڏاڏا ڪندا رهيا آهن.
ٻارن کي جوان ٿيڻ تائين سماجيات، سياست ۽ ادب جِي خبر ئي ناهي، هُو نادانيءَ جَي صحرا ۾ پيا ڀَٽڪَنِ. ڪو ٻارُ اسڪول کان اڳتي ڪاليج ۾ پهچي ٿو، ته سندس ڪَنَ کَڙا ٿَِينِ ٿا، معاشري ۾ مقام بابت خبر پوي ٿِي، ڳالهه جَي تَههَ تائين پهچندَي، گهوڙا گهوڙا ڪرڻ شروع ڪري ٿو. شَعُورُ اِيندَي اِيندَي ذميواريون سِرَ تي اچي وَڃنِس ٿيون، مالي حالتن کان مجبور ٿِي، نوڪريءَ جي جُستجُو ۾ لَڳِي وڃي ٿو، جَڏِي ڦِڏِي نوڪري ملڻ سان، پاڻ کي سُڃاڻڻ وارو شَعُورُ، حق وٺڻ جو جذبو، اَنڌِي مَنڊِي نوڪريءَ جَي ڪَفَنَ ۾ وَيڙهجِي، دفن ٿي وڃي ٿو ۽ وڏي مُشڪل سان جاڳايل ماڻهو، وري بي هوشيءَ جي ننڊ سُمهي رهي ٿو.
جان محمد کي ڪاليج واري دؤرَ ۾، دوستَ پاران ڏنل ڪتابُ، ”مَظلومُ قومُنِ جَي ٻارن کي ڇا ڪرڻ گُهرجَي“ ياد اچي ويو، جنهن جي پڙهڻ سان هُن ۾ شعور پيدا ٿيو، حقيقتن کي سمجھي ورتائين. جان محمد ڪتاب پڙهيو، ان تي عمل پيرا رهيو، پر سندس ڌيانُ اِنَ پاسي نه ويو، ته ديس جَي ٻارن ۾ اهڙو جذبو پيدا ڪَجَي، جو هُو پنهنجي حَقنِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ، حق جو آواز بڻجي پَوَنِ.
ٻارَ راندِ کَيڏِي گهرن ڏانهن هليا ويا، جان محمد سوچ جَي ڪُنَ مان ٻاهر نَڪتَو، ڪافي دير ٿي چُڪِي هُئي، لَهندڙَ سِجَ کان پوءِ، چَنڊُ روشن ٿِي چُڪَو هو. جان محمد فيصلو ڪيو، جيسيتائين يونيورسٽيءَ جون موڪُلون آهن، دَيسَ جَي ٻارن لاءِ ڪجهه ڪرڻ گُهرجي.
جان محمد بِسترَي تي لَيٽِيو، ننڊ نه اچڻ ڪري پاسا ورائيندو رهيو، سندس ننڍو ڀاءُ جيڪو دير تائين پڙهي رهيو هو، کيس چوڻ لڳو؛ ”ادا ڇا ڳالهه آ، ننڊ نه ٿِي اَچَي ڇا؟“
جان محمد کيس شام جِي ڪَٿا ٻڌائيندَي چيو؛ ”اسان کي ٻارن لاءِ ڪجهه ڪرڻ گهرجي.“
دين محمد وراڻيُس؛ ”ان ڳالهه کي سُڀاڻي ڏسبو، هينئر آرامُ ڪريو.“
صُبح جو جان محمد ۽ دين محمد ڳوٺ وارن کي چيو؛ ”اسڪول بند هئڻ ڪري ٻار سڄو ڏينهن، اجاين راندين ۾ گذارين ٿا، اسان چاهيون ٿا اوهان ٻارن کي اسان ڏانهن موڪليو، اسان کين پڙهائينداسين.“
ٻار هنن وٽ اچڻ شروع ٿيا، جان محمد کين نصابِي، معلوماتي، ادبي ڪتابن کان علاوه، ٻارن جي دلچسپيءَ لاءِ ڪارٽُون ڏيکارڻ، ۽ دلچسپ ڪهاڻيُن جا ڪتابَ پڙهائڻ شروع ڪيا. ڪارٽونن ۾ ٻارن جِي دلچسپي هوندي آهي، ان جو فائدو وٺندي جان محمد کين مختلف ڳالهيون سمجهائيندي، عام معلومات، سائنس، ايجادُن جي فائدن بابت ٻڌائڻ لڳو. جان محمد ٻارن کي سياست متعلق سمجھائيندي ٻڌايو ته چونڊون ڇا هِن، ووٽ ڇو ڏبا آهن، اليڪشن جي وقت سياستدان ڇو هلي ايندا آهن ۽ چونڊ کٽڻ کانپوءِ ساَر به نه لهندا آهن، پٺتي پيل علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڇو نه ٿيندا آهن، مفاد پرست وڏيرا ڳوٺن ۾ منظور ٿيَل اسڪول ڇو رَدِ ڪرائيندا آهن؟
هُو، اِهو سڀ ان ڪري ڪندا آهن، جيڪڏهن ڳوٺن ۾ اسڪول کُلِي پوندا، سُٺِي پڙهائي ٿيندي، نوجوان پڙهيل لکيل ۽ باشعور هوندا، ته پنهنجا حَق گهرندا، سُٺين نوڪريُن تائين پهچندا، جنهن سان هنن جِي هڪ هَٽي ختم ٿي ويندي.
ايئن ٻارن کي باشعور بنائي، جان محمد کين دنيا جي مظلوم قومن، سائوٿ آفريڪا، فلسطين، اريٽيريا ۽ نميبيا جي قومن پاران ڪيل جدوجهد بابت ٻڌايو، ۽ سمجھايو ته انهن جي ننڍن توڙي وڏن، ڪهڙيون قربانيون ڏنيون ۽ ڏيئي رهيا آهن. ٻار جان محمد جون ڳالهيون غور سان ٻڌندي، تصور ۾ پنهنجي وجود مان نِڪري عِلمَ، آدرش ۽ ادب جي دنيا ۾ گھمڻ لڳا. شروع کان ئي ٻار، مقرر وقت کان اڳ جان محمد وٽ پهچڻ لڳا، کانئنِ اجايُون رانديون وِسرِي ويون، هُو پاڻ کي سُڃاڻي ويا، ۽ ظالمن کي حق جِي ڳالهه چوڻ جو سعيو ڪرڻ لڳا.
ڪجھه هفتن م اسڪولن جون موڪلون ختم ٿيون، يونيورسٽي کلڻ ۾ ڪجهه ڏينهن هئا، جان محمد ٻارن جي تعليم جاري رکي، ۽ دين محمد کي تيار ڪيائين ته سندس يونيورسٽيءَ وڃڻ کان پوءِ، هُو اِهو سِلسِلو شام جَي وقت جاري رکي. دين محمد ساڻس اهو فرض پورو ڪرڻ جو وعدو ڪيو.
يونيورسٽي کُلي، جان محمد هليو ويو، دين محمد مِشَنِ کي اڳتي وڌائيندو رهيو. ڳَپَلُ وقت کان پوءِ يونيورسٽيءَ جَي موڪلن ۾، جان محمد بس مان لهي، ڳوٺ ڏانهن هلڻ لڳو، کيس نعرن جا آواز ٻُڌڻَ ۾ آيا، اڳتي وڌي ڏٺائين، بيحد خوشِي ٿيَس. سندس ڳوٺ جا نادانَ ٻارَ، باشَعُور ٿِي هٿن ۾ جهنڊا ۽ بَينَرَ کڻي، پنهنجا حق وٺڻ نِڪتا هئا، هُو سراپا احتجاج هئا. سَندنِ بَينَرَنِ تي لکيَل هو، پنهنجا حق وٺي رهبا، طبي سهوليتون ڏنيون وڃن، پاڻيءَ جِي کوٽ ختم ڪئي وڃي، اسڪول جِي عمارت ٺهرائي وڃي، ڳوٺ جو رستو پڪو ڪرايو وڃي، اسان جا مُطالبا جلد منظور ڪيا وڃن....
ٿوري دير ۾ مَعصومن جو ميڙُ، نعرا هڻندو مَينِ روڊ تي پهتو، جتان حَلقَي جو چونڊيل ميمبر ۽ وزير لنگهڻ وارو هو.
جان محمد ٻارن جَي باشعور ٿيڻ تي، خوش ٿيندو گهر پهتو، ٻئي ڏينهن پوليس کيس گرفتار ڪري ويئي، مٿس ڪوڙا ڪيس مَڙهيا ويا، پر هُو خوش هو، ته سندس پويان ڪيترا ئي جان محمد آهن، جيڪي شَعورَ جي لاٽَ کي اُجھامَڻُ نه ڏيندا.