سنڌ شناسي

سنڌ جي انتظامي تاريخ

سر چارلس نيپئر سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جو پھريون انگريز گورنر مقرر ٿيو ۽ چار سال ھن عھدي تي رھڻ بعد 1847ع ۾ سنڌ کي ڇڏي ولايت روانو ٿيو، جتي سندس ڀاءُ وليم نيپئر سنڌ جي حوالي سان ڪتاب لکيا.  ھي ڪتاب History of General Sir Charles Napier’s Administration of Seinde and Campaign in the Cutchee Hill   جي نالي سان 1851ع ۾ لنڊن مان ڇپيو. سنڌ ۾ نيپئر جي انتظامي تاريخ نالي ھي ڪتاب 13 بابن، ھڪ اضافي ۽ 20 ضميمن تي مشتمل آھي. ھي ڪتاب رڳو سنڌ جي انتظامي تاريخ نہ آھي، پر ان سان گڏ گهڻن حوالن سان سنڌ جي باري ۾ اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪري ٿو. نيپئر سنڌ ۾ پراڻي نظام جي جاءِ تي نئين انتظامي سرشتي جا بنياد رکيا. ڪتاب ۾ زمين جي ورڇ، ڍل، زراعت، آبپاشي جي نظامن، سنڌ جي معدنيات ۽ ھنرن جي سنڀال، جنگ جي انتظامن، انتظامي جوڙجڪ سميت مختلف عنوان شامل آھن. 

Title Cover of book سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب ٽيون: سنڌ جي زمين جي ورڇ

سنڌ جي زمين جي ورڇ، زرعي پيداوار، آبپاشي نظام، ڍل ۽ آمدنيءَ جا ٻيا ذريعا

سر چارلس نيپئر ڪراچيءَ ۾ ويھي، مختلف ڪليڪٽرن ۽ انجنيئرن جي ڏنل رپورٽن کي آڏو رکي، سنڌ جي انتظاميھ جي جوڙجڪ جو اھڙو بنيادي پٿر رکيو ھو، جنھن جو تعلق ميرن جي حڪمراني ھيٺ رھندڙ ماڻھن سان ھو ۽ جنھن جي پيش منظر ۾ سنڌ جي بھتري ھئي. اھڙيءَ ريت معلوم ائين ٿيندو تھ گندي حڪومت روح کي ڦٽڪن ھڻڻ برابر ھوندي آھي. اھو گند ڪچرو چوڏس پکريو رھندو آھي ۽ ھيٺ گھرو بھ ويندو آھي. اھڙي گندي قسم جي حڪومت جي تباھي جنگ جي اجاڙ کان وڌيڪ خطرناڪ ھوندي آھي. پر ھوندي سو وقتي آھي. جيئن ان جو دور گذرندو رھندو، انساني قوتون اڀرنديون ۽ اڀار کائينديون رھنديون آھن. ان کان پوءِ ھڪ اھڙي طاقت پيدا ٿيندي آھي، جو انھيءَ گنديءَ حڪومت جي ڇڏيل سڀني خرابين ۽ انھن جي اثرن کي ختم ڪري ڇڏيندي آھي. اھڙو اثر ٻين ڳالھن کان سواءِ پوکيءَ راھي تي بھ پوندو آھي ۽ اھو اثر ڏاڍيءَ دير تائين رھندو آھي. اھو اثر انھن علائقن تي بھ پوندو آھي، جتان ”پو“ Po درياه وھندو آھي ۽ اھي علائقا بھ متاثر ٿي ويندا آھن، جن کي سڪيلڊ Scheld درياه آباد ڪندو آھي. مذڪوره علائقا يورپي ملڪن جا جنگي ميدان رھيا آھن، جيڪي ڪڏھن سکيا ستابا ھوندا ھئا پر ھاڻي تھ اھي ويران لڳا پيا آھن.
ٿوري عرصي واريءَ جنگ دوران بھ عورت جي عزت وڌي ويندي آھي. ڇاڪاڻ تھ مردن جي غير حاضري ۾ گھر جي ضرورتن کي اھي منھن ڏينديون آھن. ان وقت سندن خيالن ۾ مھانتا ۽ مزاج ۾ سنجيدگي اچي ويندي آھي. ان دور ۾ عورت سان مرد جا بھ خيال اوچا ۽ اعليٰ ٿي ويندا آھن ۽ ھر بيھودگي کان دور ھوندا آھن. اھڙيون بھترين ڳالھيون قومي جنگ دوران ڏسبيون آھن. پر گھرو جنگ ۾ اھڙيون اوچيون ۽ ڀليون ڳالھيون ڪونھ ڏسبيون آھن. ڇاڪاڻ تھ گھرو جنگ گنديءَ حڪومت جي علامت ھوندي آھي. جنھن جا نتيجا ڏاڍا خراب نڪرندا آھن. سنڌ ۾ بھ اھڙيون گنديون ۽ اخلاق سوز ڳالھيون چوٽ چڙھيل آھن، جيڪي ٽالپر دور جي گندي حڪومت ڪري آھن. جنھن جا ڪردار بھ اھڙا آھن، جو ڏسي اندر کي جھٽڪو لڳي وڃي ٿو. انھن گندين ڳالھين کي صاف ڪرڻ انگريز فاتح جي ذميواري آھي. اھي خرابيون ھاڻي چوٽ چڙھي ويون آھن، جن کي روڪڻ جي سگھھ فقط سر چارلس نيپئر کي آھي، نھ تھ اھي اڃا بھ اڳتي وڌي ساري ملڪ کي تباھھ ڪري ڇڏينديون.
ساري سنڌ جي زمين ٽالپر حڪمرانن جي آھي، جن بلوچ جاگيردارن ۽ قبائلي سردارن جي حوالي ڪري ڇڏي آھي. حڪمرانن جو وڌ ۾ وڌ محصول زمين جي پيداوار مان اوڳڙندو آھي. پئسي ڏوڪڙ جي وصوليءَ دوران اھي ايذاءَ رساني کان بھ ڪونھ مڙندا ھئا. ڪن ماڻھن جا عضوا بھ وڍيا ويندا ھئا. حڪمران بھ نالي ماتر ھئا ۽ پئداوار جو اڌ محصول طور وٺندا ھئا. ھر بلوچ حڪمران ۽ ھو سنڌي رعيتي ماڻھو ھوندو ھو. حڪمران انھن رعيتن کان پيداوار جون ٻھ پتيون وٺندي ھئي ۽ ٽين پتي رعيتن کي ملندي ھئي. ھن قسم جي ورھاست کي ٽھ - سھي بٽئي چيو ويندو ھو. ڪڏھن تھ اوڳاڙي ھڪ جھڙي ڪانھ ھوندي ھئي. ڪن ھنڌن تي روڪ رقم بھ ورتي ويندي ھئي، نھ تھ محصول جنس جي صورت ۾ وصول ڪيو ويندو ھو. جن علائقن مان محصول (ڍل) روڪ رقم جي شڪل ۾ اوڳاڙيو ويندو ھو، تھ تن علائقن ۾ ظلم ۽ قھر بھ چوٽ تي چڙھيل ھو. ڪلھوڙن حڪمرانن زمينون موروثي طور ڏئي ڇڏيون ھيون. ۽ ان زمين ۾ تمام گھڻي دلچسپي ورتي ويندي ھئي. جڏھن ساري سنڌ تي ڪلھوڙا راڄ قائم ٿي ويو تھ ملڪ ڏاڍو خوشحال ٿي ويو ھو، پر ٽالپر حڪمران پنھنجي شخصي فائدي ۾ نظر رکندا ھئا. ورثي ۾ مليل سڀئي زمينون مالڪن کان کسيون ويون ھيون. ھارپو فقط رعيتي ماڻھو ڪندا ھئا، جن کي غلام سمجھيو ويندو ھو. ساريءَ سنڌ جي چوٿين حصي جيتري زمين تي شڪارگاھھ بڻايا ويا ھئا. سڀ کان وڌيڪ زرخيز ۽ ڀليون زمينون بلوچ جاگيردارن ۽ بلوچ قبائلي سردارن کي ڏنيون ويون ھيون، جيڪي پوکي راھي ڪرڻ تھ ڄاڻندا ئي ڪونھ ھئا. اٺئي پھر واندا ڪک ڀڃي ٻيڻو بھ ڪونھ ڪندا ھئا، نھ پرواھھ لٿيءَ جي نھ اڀريءَ جي. پر جاگيردار ھجڻ وارو شان اھڙو ڏيکاريندا ھئا، جو سندن پير ڌرتيءَ تي کپندو ئي ڪونھ ھو.
معلوم ائين ٿي رھيو آھي تھ ٽالپرن جي ڏاڍاين کان آجا بلوچ جاگيردار بھ ڪونھ ھئا. انھن کي پيداوار جو ايترو حصو ڪونھ ملندو ھو. جيترو حڪمرانن کي سرڪاري زمين جي آبادي تان ملندو ھو. ننڍا جاگيردار تھ ويتر وڏي ڏچي ۾ ھئا. ڇاڪاڻ تھ حڪمران ڪڙين ۽ ڪسين جي کاٽي ڪونھ ڪرائيندا ھئا. تنھن ڪري پوکي راھي مشڪل بلڪ ناممڪن ٿي ويندي ھئي. تنھن ڪري اپت اڌ بھ ڪانھ ٿيندي ھئي. اھو ئي ڪارڻ ھو جو جاگيردارن ۽ حڪمرانن وچ ۾ تڪرار پيو ھلندو ھو ۽ ٽالپر وصوليءَ لاءِ ڏاڍ کان ڪم وٺندا ھئا. جيڪڏھن ڪو جاگيردار پٽ جي اولاد کان سواءِ مري ويندو ھو تھ ھن جي جاگير سندس ڌيءَ کي نھ ملندي ھئي. جيڪڏھن پٽ ننڍا ھوندا ھئا تھ بالغ ٿيڻ کان پوءِ کين پيءُ واري جاگير ڏني ويندي ھئي. ھنن جاگيرن جو اھم مقصد ٽالپر حڪمرانن کي خوش ڪرڻ ھوندو ھو ۽ خاص موقعن تي انھن کي قيمتي تحفا بھ ڏنا ويندا ھئا.
ڍل طور سرڪار اناج وصول ڪندي ھئي، جيڪو وري ھندو واپارين کي ڏنو ويندو ھو. ٽالپر سرڪار مٿن ڏاڍ ڪري ھڪ کان ڏيڍوڻ اگھھ تي ان ڏيندي ھئي. واڻيان ويچارا ڪچي پنڊي سو سزا جي ڊڄ کان ميرن جون اره زورايون ۽ ڏاڍايون مڃي ويندا ھئا. مير نصير خان 1842-3ع ۾ ھڪ ھندو واپاريءَ کي مجبور ڪيو ھو تھ کانئس ساريون في خرار 26 روپين ۾ خريد ڪري. جڏھن تھ چانورن جو کليءَ بازار ۾ اگھھ ارڙھن کان ويھھ رپيا ھو.
سنڌ ۾ پوکي راھي جو سارو دارومدار آبپاشي نظام تي آھي. ٽالپر حڪمران رعيت کان زوريءَ پوکي راھي ڪرائيندا ھئا. ھن خاندان پنھنجي حڪمرانيءَ جي ساري دور ۾ ڪوبھ خرچ نھ ڪيو ھو. سنڌ جا سڀ ننڍا وڏا واھھ ڪڙيا ۽ ڪسيون اڳين حڪمرانن جون کوٽايل ھيون، جن کي پنھنجي ھڙئون خرچ ڪري صفائي بھ ڪونھ ڪرائيندا ھئا. ھتان جي آبادي فقط سنڌوءَ جي چاڙھھ واري موسم تي ٿيندي ھئي. جڏھن واھن مان پاڻي اچڻ صفا بند ٿي ويندو ھو تھ پوءِ بھ مير کاٽي ۽ صفائي واسطي تمام ٿورو خرچ ڪرڻ چاھيندا ھئا. اھڙيءَ ريت کاٽي ۽ صفائي بھ مختصر ٿيندي ھئي. پھرين ڳالھھ تھ اٿل وارو پاڻي چاڙھھ ڪري پنھنجي پھچ تائين ٻنيون ۽ ٻيلا ٻوڙي وڃي پار پوندو ھو. باقي ٻيءَ زمين جي آبادي لاءِ واھھ ڪڙيا ۽ ڪس کوٽائي پاڻي پھچايو ويندو ھو ۽ فصل نار جي مدد سان ڀڄايا ويندا ھئا. جتي شخصي مفاد وڌيڪ ھوندو ھو تھ بٽئي اڌو اڌ ھوندي ھئي ۽ فصل جي پيداوار جو اڌ سرڪار جو ۽ اڌ جاگيردار جو ھوندو ھو. ڪٿي وري پنج سھي بٽئي ھوندي ھئي. ھن قسم جي تقسيم مطابق پيداوار جا پنج حصا ڪيا ويندا ھئا، جن مان ٻھ حصا سرڪار کڻندي ۽ ٽي حصا جاگيردار کي ملندا ھئا. پر اھڙي بٽئي جو دارومدار آبپاشي نظام جي سھوليت ۽ سھي تي ھوندو ھو. جيڪڏھن زمين ڪسھي ھوندي ھئي تھ سرڪار جو حصو گھٽ ٿي ويندو ھو ۽ جيڪڏھن پاڻي جي پيچ اڻانگي ھوندي ھئي تھ سرڪار پيداور جو اڌ وٺندي ھئي. وڌيڪ ڍل انھيءَ زمين تان اڳاڙي ويندي جتي نوان واھھ کوٽايا ويندا ھئا. پر سرڪار جا اھڙا حصا بھ نالي ماتر ھوندا ھئا ھر مير جي حڪمرانيءَ اندر ڍل جا اگھھ ڌار ڌار ۽ پنھنجا ھوندا ھئا، پر ھڪ ئي مير جي حڪمرانيءَ جي حدن اندر بھ ڍل جا اگھھ مختلف ھوندا ھئا.
ڍل جي وصوليءَ جو ھڪ طريقو بٽئي ھوندو ھو، جنھن مطابق ٽالپر سرڪار زمين جي پيداوار جو حصو جنس جي شڪل ۾ کڻندي ھئي. ٻيو طريقو ڪاسگي Kasgee جو ھوندو ھو. ان طريقي مطابق ميرن جو ڪاردار بيٺل فصل جو اندازو ڪري، ان جا ڪاسا مقرر ڪندو ھو. جڏھن اناج ڳاھجي ۽ واور جي صاف ٿيندو ھو تھ مير جو مقرر ڪيل سيٺ اچي مقرر ڪيل ڪاسن جي وصولي ڪندو ھو. جڏھن تھ ٽيون طريقو داڻبندي danbandi جو ھوندو ھو. ڪاسگي ۽ داڻبنديءَ ۾ فرق ھي ھوندو ھو تھ آباد زمين جي ماپ ڪرڻ کان پوءِ ڪاسگي مقر ٿيندي ھئي. جڏھن تھ داڻبندي فصل جي ڀلائي ڍلائي کي ڏسي پوءِ مقرر ڪئي ويندي ھئي. رعيتي ماڻھو جيڪي ھاري ھوندا ھئا، سي بٽئيءَ کان وڌيڪ ڪاسگي ۽ داڻبنديءَ کي پسند ڪندا ھئا، پاڪاڻ تھ بٽئي واري طريقي ۾ رعيتي ويچاري تي ٻيون ڳالھيون بھ مڙھيون وينديون ھيون. جھڙوڪ: ڪارائو جيڪو بيٺل فصل تي نظرداري ڪندو ھو، ان جي ماني ٽڪي بھ رعيتي مٿان ھوندي ھئي. لاباري کان پوءِ ڳاھن ڳھڻ ۽ ان جي واورجي صاف ٿيڻ تائين ديري تي راکو ويھندو ھو جنھن جي خرچ پکي جو بار بھ ھاري جي ڪنڌ تي ھوندو ھو. جنھن ڏينھن ڪاردار بٽئي ڪندو ھو تھان سان گڏ آيل اٽالي جي ماڻھن جو خرچ پکو بھ ويچارو رعيتي ڀريندو آھي. تنھن ڪري انھن ڏچن کان بچڻ واسطي ھي ماڻھو ڪاسگي ۽ داڻبندي کي وڌيڪ پسند ڪندو آھي. اھڙي ريت پيداوار جي تقسيم سان لاڳاپيل ڳالھيون ميرن ۽ ڪاردارن جي مرضيءَ مطابق پيون ڦرنديون رھنديون آھن. رعيتي ماڻھن کي ميرن جي مٿئين حصي head money بھ ڀرڻي پوندي ھئي. ان کان سواءِ ميرن جي اناج کي سرڪاري ڀانڊ تائين پھچائڻ جو خرچ پکو بھ رعيتي ڀريندو ھو. اھڙن خرچن کان پوءِ وٽس ايترو ان ڪونھ بچندو ھو جو پنھنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪري سگھي ۽ ايندڙ سال جي فصل لاءِ ٻج بھ بچائي سگھي، تنھن ڪري کيس ميرن کان اھو ساڳيو سندس ئي ان ڏاڍي مھانگي اگھھ تي ملندو ھو.
ھنن حڪمرانن جي اھڙن ڏاڍ کان جت ۽ کوسا آباد علائقا ۽ ڀليون زرخيز زمينون ڇڏي وڃي ٿر ۾ آباد ٿيا آھن. سندن خيال آھي تھ ھنن حڪمرانن کان تھ ٿر جي سڃ چڱي آھي. ھت بھ جاڏي نھار تھ سڃ پئي ٿي واڪا ڪري، رعيتي ماڻھو ڪنگال ٿي ويا آھن. ھنرمند بھ لڏي، پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏي وڃي ٻين ملڪن ۾ سک جو ساه کنيو آھي، سنڌ ۾ تھ انھن جو نانءُ نشان بھ ڪونھ آھي.
ھتان جي صنعتڪار ۽ واپاريءَ جو بھ ساھھ مٺ ۾ آھي، پر ھنن مان ھندو ماڻھو چالاڪ ۽ اٽڪلي آھن، تنھن ڪري ھو پنھنجو بچاءُ ڪري سگھندا آھن. اھا ويجھي ماضيءَ جي ڳالھھ آھي جو سنڌ سوٽي ڪپڙي ۽ شالن ڪري ڏاڍي مشھور ھوندي ھئي. ھن صنعت جو مشھور شھر ٺٽو ھوندو ھو. جيڪو لاڙ ۾ سنڌوءَ ڪناري سان واقع آھي ۽ ڪنھن زماني ۾ ھي وڏو ۽ مشھور شھر ھوندو ھو. پر اڄ ھن شھر جي چاليھھ ميل چوڌاري سڃ پئي واڪا ڪري. ٺٽي شھر ۾ ھڪ اھڙو ماڻھو بھ ڏٺو ويو ھو، جيڪو ڇويھن سالن کان وٺي ھڪ ننڍڙي پڃري ۾ بند ڪيو ويو ھو. چيو ويندو آھي تھ ھن ھڪ ننڍڙو جرم ڪيو ھو. ھاڻي ڊگھي قيد ڪري چريو ٿي پيو آھي. ٽالپر حڪمران رڳو ان ماڻھوءَ کي اھا سزا ڪانھ ڏني ھئي، پر ھن جي ساريءَ آڪھھ کي مجرم قرار ڏنو ھو. اھو ٽالپرن جي ڏاڍ جو ڪو اڪيلو مثال ڪونھ آھي، پر ٺٽي ٻاھران ھڪ ٽڪري تي اڪريل ھڪ صاف ۽ پڙھڻ جوڳي تحرير ۾ موجود آھي. سنڌ الله تعاليٰ طرفان وڇايل ھڪ اھڙي زرخيز ڌرتي آھي جنھن ۾ خوفناڪ ۽ ڪرڀ جھڙن ماڻھن اچي پير رکيا ھئا، جيڪا پوءِ اھڙي ويران ٿي وئي. ڇاڪاڻ تھ اجڙيل شھر ٺٽي کان ٿوريءَ وٿيءَ تي ھڪ علائقو (مڪلي) خوبصورت مقبرن سان سينگاريل ڏسجي ٿو، جن تي پٿر جي اڪير جو ڪم ٿيل آھي. اھڙين ڳالھين مان نظر ائين اچي ٿو تھ سنڌ جا اصل رھاڪو ڪيڏا نھ خوشحال ھئا، جيڪي ھينئر فقيراڻيءَ حالت ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انھن جي جڳھھ ھاڻي ميرن ۽ گدلن ماڻھن اچي والاري آھي. زراعت بھ اھا ساڳي ڪانھ رھي آھي، جيڪا پڻ زوال پذير آھي. وحشي جھنگلي ماڻھن جي ان حڪومت جي تبديلي ضروري ھئي. ٽالپرن نھ رڳو سنڌ جي زراعت کي نھوڙي ناس ڪري ڇڏيو ھو پر وڏا محصول مڙھي درياه وسيلي آمدني ۽ روانگي واپار کي ڪاپاري ڌڪ ھنيو ھو. جيڪڏھن ھي اڃا ٻھ ٽي سال وڌيڪ حڪومت ڪن ھا تھ ھي سکي ستابي سنڌ ويران رڻ پٽ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ڪونھ بچي ھا.
ھن ملڪ جي آدمشماري ڏھھ لک کن ٿيندي جيڪا ميرن جي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري ڪنگال ٿي وئي آھي. نھ تھ ھن ملڪ جي زمين ايڏي زرخيز آھي جو ڏھھ ملين ماڻھو پنھنجي زندگي عزت آبرو سان گذاري سگھن ٿا. ٽالپر حڪمران اھڙي تباھي آڻي ڇڏي آھي جو تازين جنگين بھ ايتري ڀينگ ناھي ڪئي، ھن ملڪ جي فتح جي اھي ماڻھو گلا ڪري رھيا آھن، جن جي عادت ئي گلا ڪرڻ ھوندو آھي. پر قدرت دخل اندازي ڪري ھڪ تھذيب کي موٽائي ورتو آھي ۽ مايوس دلين کي جيئڻ جي آس ۽ اوسيئڙو ڏنو آھي.
ڪن ماڻھن چيو آھي تھ سنڌ جي فضا اھڙي آھي جنھن مان وچڙندڙ بيماريون پکڙبيون. اھي ڳالھيون انھن جون آھن جن کي سنڌ جي وسيلن لٽڻ جو موقعو ڪونھ مليو آھي. پر حقيقت اھا آھي تھ ھتي ڪجھھ ماڳ ۽ ڪي موسمون اھڙيون آھن جنھن ڪري ماڻھو ٻرجي پوندا آھن. ان جو ڪارڻ بي انتھا گرمي آھي ۽ ٻيو تھ سنڌوءَ جي چاڙھھ کان پوءِ پاڻيءَ جون ڍنڍون ۽ چرون آھن، ان کان سواءِ شڪارگاھن جي وڏن ٻيلن ڪري مليريا پيدا ٿي پوندي آھي. ان کانسواءِ ٽالپر حڪمرانن سنڌين ويچارن کان ڀليءَ ۽ آباد زمين جا وسيع علائقا کسي ورتا آھن. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن انھيءَ زمين تي شڪار گاھھ قائم ڪري سگھن. ڇاڪاڻ تھ اھي بلوچ حڪمرانن جو ڏاڍ سھي ڪونھ ٿي سگھيا ۽ لڏي ھليا ويا ھئا. ڪراچي بھ سنڌ جو صحت بخش ماڳ آھي. جيڪڏھن ھتي ھڪ سٺي حڪومت قائم ٿي وئي ۽ امن امان بحال ٿي ويو تھ سنڌ وري بھ خوشحال ۽ سکيو ستابو ملڪ بڻجي ويندو ۽ ائين شھرن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ مدد ڪندو جيئن اھو اڳي ڪندو رھيو آھي. اھڙي بھتر حڪومت فقط سر چارلس نيپئر ئي قائم ڪري سگھي ٿو. امن امان بھ اھو بحال ڪري سگھي ٿو ۽ تباه ٿيل شھرن جون رونقون پڻ اھو موٽائي سگھي ٿو. ھن سنڌ جي انتظاميھ جي ٻين شاخن سان گڏي عوامي ڀلائي جا ڪم بھ ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آھن. ھو ننھن چوٽيءَ جا زور لائي رھيو آھي تھ سنڌ کان ٻاھر نڪري ويل ھنرمند وري ھيڏانھن ورن ۽ تھذيب بھ موٽي اچي.
ھي پاڻ بھ وسيع نظر جو مالڪ آھي. سندس سرگرميون بھ اڻ کٽ آھن. ھن ملڪ ۾ قديم شھر ۽ وسنديون بھ تمام گھڻيون آھن. تنھن ڪري ھو رھبريءَ لاءِ انھن شھرن ڏانھن نھاري رھيو آھي. ھن يونان جي ڏاھن ماڻھن جي لکيل ڪتاب ۾ ڪي ماڳ ڏٺا ھئا، جيڪي سنڌوءَ جي ڪناري مٿان واقع ھئا. پر ھي درياه جي دھشت، مستيءَ ۽ سندس رخ بدلائڻ واري خاصيت کي ڏسي، اترين ماڳن جي موجودگيءَ کان مايوس ٿي ويو ھو. ڇاڪاڻ تھ سڪندر اعظم کي ھتي آئي ڪيئي صديون گذري ويون ۽ سنڌو ان دور جي وھڪري کان گھڻو پري ھليو ويو ھوندو. پر روھڙي، سيوھڻ ۽ جھرڪ جبل تي جوڙيل شھر ھئا، جن سنڌوءَ جي وھڪري کي رخ بدلائڻ کان روڪي ڇڏيو ھوندو. تنھن ڪري سمجھيو ھئائين تھ اھي ماضيءَ جا اھم شھر ھوندا. ان وقت ھن سوچيو ھو تھ ھو پنھنجي فتح کي ڪھڙي طريقي سان دوام بخشي سگھي ٿو. کيس پنھنجي قد جي سپاھين جي صحت جي بھ ڳڻتي ھئي. حيدرآباد ڇڏڻ کان اڳ ھن صحت افزا جاءِ تي بئرڪون جوڙايون ھيون، جيڪي چوويھھ فوٽ اوچيون ھيون ۽ زمين جي عام مٿاڇري جي سطح کان مٿي ۽ ٻھ ماڙ ھيون، جيڪي ھوائي منگھن سان سينگاريل ھيون. مذڪوره بئرڪن جي تعمير ۾ عاليشان پڪل سرون ڪتب آنديون ويون ھيون. اھڙين سرن لاءِ حيدرآباد جي کورن جي مالڪن کي تاڪيد ڪيو ھو، جيڪي ڪنڀارڪو ڪم ڪندا ھئا. ميرن جي ڏاڍ ڪري سنڌ جو اھو فن بھ سڪرات ۾ ھيو. ھن ڪراچيءَ واريون بئرڪون بھ حيدرآباد وارين بئرڪن جي نموني مطابق ٺھرائڻ پئي چاھيون، پر انھن بئرڪن جي تعمير جو ڪم جنگ کان اڳ ئي شروع ٿي چڪو ھو. سندن نمونو بھ عام فوجي بئرڪن جھڙو ھو. تنھن ڪري ھو وڌيڪ تھ ڪجھھ بھ ڪري ڪونھ ٿي سگھيو. پر بئرڪن جي تعمير ۾ فقط ورانڊي جو اضافو ڪيو ھئائين، جيڪا انھيءَ وقت ممڪن ھئي، پر ھن ارس آرٽيلري سان لاڳاپيل فوجين لاءِ ڪجھھ بئرڪون تعمير ڪرايون ھيون، جيڪي پنھنجا اڏاوت ۾ ڏاڍيون شاندار ھيون. ان کان سواءِ ھن ٻيا بھ سرڪاري ڪم ڪرايا ھئا.
حيدرآباد ۾ ھن ميرن جي تعمير ڪرايل اھم قلعي جي مرمت ڪرائي. سندس پنھنجي فوجي ڪئمپ ۾ نئين خندقن کي جوڙايو ۽ رھيل ڪم پورو ڪرايو. جنگ وارين ٻنھي جڳھن جي وچ تي ھڪ ننڍڙو قلعو جوڙايو آھي. ان کانسواءِ سر چارلس ھن ڳالھھ تي پڻ سوچيو ويچاريو ھو تھ سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ وقت زمين کي کائڻ کان ڪھڙي ريت روڪي سگھجي ٿو. ھن کان سواءِ سنڌوءَ جي چاڙھھ اٿل وارو پاڻي ڪوٽڙي جي قلعي کان ھڪ سو گزن تائين پھچي ويندو ھو، جيڪو ھن وھڪري کان اڍائي گز پري ھو. ھن پنھنجي تجربي کي آڏو رکي، دريا جي ڪناري سان ٻارھن فوٽ ڊگھا منگھا کوڙائي، پٺئين پاسي کان جھنگ جي جھاتر ڏياري ڇڏي ھئي. جنھن ڪري سنڌوءَ جي چاڙھھ وارو پاڻي قلعي ڏانھن وڌڻ رڪجي ويو ھو.
سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو وھڪرو ايڏو طاقتور ۽ تيز ھوندو آھي، جو ڪيترا شڪارگاھھ ۽ ٻيون زمينون پاڻيءَ ۾ وھائي کڻي ويندو آھي. تنھن ڪري ھن درياھھ وسيلي آگبوٽن جي تجارتي آمد رفت بھ رڪجي ويندي آھي.
حيدرآباد کان اوڀر پاسي ٽنڊي الھيار جو ھڪ وڏو قلعو آھي جنھن جي مرمت ۽ ميرپور خاص واري قلعي کي ڏنل ديوارون بھ ڪمزور ٿي ويون ھيون، جن جي پڻ ھن مرمت ڪرائي ھئي. ھنن ماڳن ۾ حيدرآباد جي وچ تي وڏن واھن تي پليون تعمير ڪرايون ھيون، انھيءَ مقصد سان تھ جيئن سنڌوءَ جي چاڙھھ واري رت ۾ آمد رفت جاري رھي سگھي.
ٿر ۾ عمرڪوٽ نالي ھڪ مشھور قلعو آھي، جنھن وسيلي ميرپورخاص ۽ ڪڇ جي ڀڄ شھر جو رابطو رھندو آھي.
ھن کان اڳ ڪڇ وارو علائقو ممبئي پريزيڊنسي ۾ ھو، جيڪو ھاڻي سر چارلس جي حڪومت سان شامل ڪيو ويو آھي. پر ان ھوندي بھ ڪڇ جو اڳوڻو پوليٽيڪل ايجنٽ اڃا بھ اتي رھندو آھي. ھي معزز شخص ھڪ ايماندار سرڪاري ملازم آھي. ليڪن فوجي سرگرمين جي کيس ڪا ڄاڻ ڪانھ آھي. جڏھن سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي فوجي ڪارروائي ھلي رھي ھئي، تھ ھي ماڻھو ڏاڍو پريشان ٿي ويو ھو. تنھن ڪري ھن فوجي سرگرمين لاءِ ڪڇ ۾ ڪرنل رابرٽس کي مقرر ڪيو. ھن آفيسر ھڪ فوجي ڪارروائي ۾ مير شير محمد جي ڀاءُ کي سوگھو ڪري ڀڄ ۾ رکيو ھو، جيڪو آزاد قسم جو فوجي ماڳ آھي. لارڊ ايلنبرو ڏاڍو سڃاڻ ۽ سچيت ماڻھو آھي، جنھن حالتن جي نزاڪت کي محسوس ڪندي، ڪرنل رابرٽس کي ڪڇ جو پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو. ھي فوجي عملدار ڏاڍو ڏاھو ھو، جنھن ٿوري وقت اندر ڪڇ جي راءِ ۽ اتان جي ماڻھن سان شناسائي پيدا ڪري ورتي. ان کان سواءِ ھو علائقي جي جتن ۾ بھ ڏاڍو مقبول ھو. ھي قبيلو ٽالپرن جو مخالف ھو. ھي ماڻھو انھيءَ عھدي لاءِ بلڪل موزون ھو. کيس ھڪ اھڙي غير فوجي عملدار جي جاءِ تي رکيو ويو ھو، جيڪو ان وقت جي حالتن تي ضابطي ھيٺ رکي ڪونھ سگھيو ھو. ممبئي ۾ رھندڙ ھڪ ڌر ھن ڳالھھ کي وٺي انگھن تي کنيو ۽ تيليءَ مان ٿنڀ بڻائي پيش ڪيو ۽ چيو ويو تھ، ھڪ غير فوجي عملدار کي ھٽائي فوجي عملدار کي مقرر ڪري، ملڪ سان غداري ڪرڻ جھڙو ڏوھھ ڪيو ويو آھي. سندن خيال آھي تھ اتي اھڙي فوجيءَ کي مقرر ڪيو ويو آھي، جنھن کي وڳوڙي وايو منڊل جي ڪا خبر ئي ڪانھ آھي. جڏھن تھ اڳيون غير فوجي سول عملدار ان وقت جي خطرناڪ صورتحال جو مھا ڄاڻو ھو. انھيءَ ڌر لاءِ عملدارن جي اھا تبديلي اھڙو جرم آھي، جيڪو ڪڏھن بھ معاف ٿي ڪونھ ٿو سگھي.
حيدرآباد ھيٺ جھرڪ نالي ھڪ ماڳ آھي، جنھن جي سر چارلس جاچ پڙتال ڪئي ھئي. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ان کي آگبوٽن جي اسٽيشن بڻائي سگھجي. ان کان سواءِ ھن حيدرآباد کان مٿي سيوھڻ کي فوجي پوسٽ بنائڻ جو پڻ سوچيو ھو. توڙي جو اھو ماڳ گرميءَ ڪري گھڻو مشھور آھي. گرمي بھ اھڙي ڇتي آھي جو خود اتان جا رھواسي پٽڪو پاڻيءَ ۾ پسائي ۽ بستري جون چادرون پاڻيءَ ۾ آليون ڪري استعمال ڪندا آھن تھ جيئنءَ گرميءَ کان بچاءُ ٿي سگھي. اتي جيڪڏھن ماحول مطابق سٺيون بئرڪون جوڙيون ويون تھ فقط فوجي سپاھي رھائي، ھڪ فوجي پوسٽ قائم ڪري سگھجي ٿي.

سکر کي تجارتي مرڪز بنائڻ لاءِ ۽ ترقي لاءِ ڪوششون
سيوھڻ کان اتر سکر بکر ۽ روھڙي جا ماڳ آھن. ھتان جا ماڻھو ھنن شھرن کي انھيءَ ھڪ نالي سان سڏيندا آھن. اتي انھن ماڳن کي مضبوط ڪيو ويو آھي، جتي فوج رھندي آھي. ھتي موجود ھڪ وڏيءَ سراءِ کي وڌايو ۽ سڌاريو ويو آھي. جيڪو ھڪ اھم تجارتي ھنڌ آھي.
لارڊ ايلنبرو جي سوچ بھ ساڳي ھئي، جنھن جي خواھش آھي تھ انھيءَ ماڳ کي سڌارجي ۽ وڌائجي. انھيءَ لاءِ تھ جيئن وچ ايشيا سان واپار ڪرڻ وقت، ھن تعمير مان گھڻي کان گھڻو فائدو حاصل ڪجي. ڇاڪاڻ تھ تجارت سنڌوءَ ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ شاخن وسيلي ھلندي. سر چارلس جو ھي بھ منصوبو ھو تھ سکر ۾ ھڪ تجارتي بندر ۽ ٻيڙين جي ٺاھڻ لاءِ ”ڊاڪ يارڊ“ بھ تعمير ٿيڻ گھرجي تھ جيئن سنڌوءَ درياه جي اتر وارين شاخن سان ٿيندڙ تجارت لاءِ سھوليت پيدا ٿي سگھي. ھن جنرل پنھنجي حڪمت جي آخري دور ۾ ھتي گھوڙن جي ميلي منعقد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. سندس مقصد ھو تھ افغانستان ۽ ترڪستان جي ڀلن گھوڙن جي خريد و فروخت ھتي ٿئي ۽ ھندستان جي فوج لاءِ ڀلا ۽ سگھارا ۽ متارا گھوڙا ملي سگھن. عربي نسل جا گھوڙا مھانگا ۽ وڙ وجھھ ۾ بھ پوڻا ھوندا آھن. انھن جي ڀيٽ ۾ افغانستان ۽ ترڪستان جا گھوڙا ڀلا ۽ مھانگا ھوندا آھن. اھو وچ ايشيا ۽ ممبئي جي وچ تي تجارت جو ھڪ اھم مارڪيت ھو، جنھن جي قائم ڪرڻ لاءِ تڪڙيون ڪوششن ٿي رھيون ھيون، بنگال ڏانھن بھ افغانستان ۽ ترڪستان جا سوين گھوڙا موڪليا ويا ھئا، جيڪي ردي قسم جي عربي گھوڙن کان بھ گھڻا سھانگا ھئا. اھڙا گھوڙا فقط فوجي مقصدن خاطر گھرايا ويا ھئا، پر مفاد پرست ۽ حاسد قسم جي فوجي عملدارن ھن ڪم ۾ رنڊڪون وجھي ڇڏيون ھيون. انھيءَ زماني ۾ اوچتو ھڪ حڪم اچي پھتو ھو تھ افغانستان ۽ ترڪستان جي گھوڙن جي تجارت بند ڪئي وڃي. لارڊ ايلنبرو جي وڃڻ کان پوءِ ھي ۽ ٻيا اھم منصوبا بند ڪرايا ويا. ھن ڪڌي ڪم ۾ بورڊ ۽ ڪائوسنل جا ماڻھو بھ شريڪ ھئا، جن کي پنھنجي ڪامورا شاھيءَ واري ھڪ ھٽي گھڻي پياري ھئي.
ھنن ٻنھي شھرن کان اوڀر طرف سروي ڪرڻ جي غرض سان ڪن انجنيئرن کي موڪليو ويو آھي، جنھن جو مقصد آھي تھ ناري درياه کي وھائي سگھجي. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن انھن ٽڪرين کي سرسبز ڪري سگھجي، جيڪي گھاٽن جھنگن سان ڇانيون پيون آھن. ان کانسواءِ اھڙين ڀلين زمين جي وسيع خطي کي آباد ڪري سگھجي، جيڪو ھن سڪي ويل درياه جي ڪنڌين ڪنارن سان واقع آھي.
سنڌوءَ جي الھندي ڪناري سان بھ سڌارن جي منصوبي جي ابتدا ڪئي وئي آھي، جنھن جو مقصد شڪارپور واري علائقي کي سکيو ستابو بڻائڻ آھي. انھيءَ منصوبي سان ھڪ وسيع علائقو صحت بخش بڻجي ويندو. ھيءُ شھر وري تيزيءَ سان ترقي ڪري اڳيون عروج حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيو آھي، تھ وڏا واپاري ۽ شاھوڪار ماڻھو لڏي ھتي اچي آباد ٿي رھيا آھن. اھڙن ماڻھن جو تعلق مختلف ملڪن سان آھي، پر سر چارلس جي نياءَ ۽ نيت پت واري راڄ کي ڏسي ھندستان جي متعلق ڀاڱن کان ماڻھو لڏي اچي شڪارپور ۾ آباد ٿي رھيا آھن. تپاولي تھ شڪارپور ۽ سکر ۾ اڻيھھ ئي رھندي آھي. سر چارلس پنھنجي راءِ جو اظھار ڪندي چيو ھو تھ، جڏھن ھڪ شھر صحت بخش ٿي ويندو آھي تھ ٻئي ۾ تپاولي شروع ٿي ويندي آھي. اھڙي صورتحال مختلف قسم جي ھوا جي ڪري آھي. تنھن ڪري ھو انھيءَ نتيجي تي پھتو ھو تھ مليريا جو تپ پاڻي جي انھن ڍنڍن ۽ ڇرن کان شروع ٿئي ٿو، جيڪي ھنن ٻنھي شھرن جي وچ تي آھن ۽ سنڌوءَ جي اٿل واري پاڻيءَ سان ڀرجي تار ٿي وينديون آھن. ھن پھرين ڳالھھ اھا ڪئي جو ٻنھي شھرن کي ڳنڍڻ لاءِ ھڪ رستو تعمير ڪرايو. جتي جتي ڍنڍون ۽ چرون ھيون، اتان دمدمون ٺھرائي رستي کي گذاريو ويو. انھيءَ لاءِ تھ جيئن اھي ٻئي وڏا شھر تجارتي طور ھن رستي وسيلي پاڻ ۾ گڏجي وڃن. ان کان سواءِ سنڌو جي پاڻيءَ کي اوسي پاسي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ ھڪ بند بھ تعمير ڪرايو ويو، جيڪو ڪافي اوچو ۽ ٽيھھ ميل ڊگھو آھي.

ڪراچيءَ جي ترقيءَ لاءِ رٿابندي
سرڪار ڪراچي کي بھ اھڙن ڪمن کان ڪونھ وساريو ھو. ھن فوجي ڇانوڻيءَ جي چوڌاري ھڪ مضبوط قلعي اڏڻ جو منصوبو جوڙيو ھو. انھيءَ مقصد سان تھ جيئنءَ سنڌ کي فوجي ضابطي ھيٺ رکي سگھجي. ھن شھر جي آدمشماري بھ نھايت تيزيءَ سان وڌي رھي آھي. جنھن جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ بھ مختلف منصوبا ھٿ ۾ کنيا ويا آھن تھ جيئن ھن تجارتي شھر جي مناسب اوسر ۽ ترقي ٿي سگھي. ان کان سواءِ سندس حڪومت جو اھي بھ ڪوششون ھلي رھيون آھن تھ ھن اھم تجارتي شھر کي سنڌوءَ جو اھم بندر بھ بڻائي سگھجي. اھڙيءَ ريت ھن منصوبي جي مشڪلاتن مان بھ پار پوڻو آھي. سمنڊ جي ويجھڙائي وارو علائقو جابلو آھي. پر اصل ڪنارو سڌو ۽ بندر وارو سامونڊي پاڻي تانگھو آھي. تنھن ڪري جھازن کي بندر تائين پھچڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ڏسڻي پوي ٿي. پر چوماسي ۽ مينھوڳيءَ واريءَ موسم ۾ بندر تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪانھ ڪئي ويندي آھي. ھن آزار کي گھٽ ڪرڻ جي ارادي سان لائيٽ ھائوس تعمير ڪرايو ويو آھي، انھيءَ لاءِ تھ جيئنءَ جھاز سولائيءَ سان بندر ڀيٽي سگھن. ھن کان سواءِ ھڪ دمدمو بھ تيار ڪيو ويو آھي، جيڪو ٻھ ميل اندر سمنڊ ۾ ھليو وڃي ٿو.
تعمير جي ھن ڪم جو مقصد بندر کي بچائڻ آھي. ساڳيءَ ريت شھر بھ ايراضي جي لحاظ کان گھڻو وڌي ويو آھي. جنھن کي پڻ تحفظ ڏيڻ جي ڪوشس ٿي رھي آھي.
ھنن ڪمن کان سواءِ سنڌو درياه ۽ ڪراچي جي بندر کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ گھارا ڪئنال جي نالي ھڪ واھھ کوٽائڻ جي پڻ ابتدائي ڪئي وئي آھي. فوجين ۽ چيف ڪيمساري جي ترڻ واسطي تلاءَ بھ تيار ٿي رھيا آھن. ڪراچيءَ ڀرسان زمين جي وڏي خطي تي سرڪاري باغ لڳايو ويو آھي. جنھن جو انتظام ميجر بلينڪنس جي حوالي آھي. ھن باغ ۾ ھتان جي ديسي سبزي ترڪاري ۽ يورپي ڀاڄيون پوکجي رھيون آھن، جيڪي فوجي سپاھين کي مفت ۾ ۽ عملدارن کي پئسن سان ملنديون آھن، پر قيمت مناسب ورتي ويندي آھي. اڳي سروي جو آزار تمام گھڻو ھوندو جيڪا ھاڻي بلڪل ختم ٿي وئي آھي. سنڌ ۾ ڀاڄيون ڏاڍيون ڀليون ٿينديون آھن، جن ۾ واڌ بھ گھڻيي ٿيندي آھي.
باغ جي ضرورت وڌندڙ شھر جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ، ڦوارا تعمير ڪرڻ، شھر جي ماڻھن جي تفريح، پاڻي کي ماڻھن جي گھرن تائين پھچائڻ جو ھڪ منصوبو جوڙيو ويو آھي. جنھن مطابق ملير يا مليريي ندي جو منھن موڙي ان جي پاڻي کي ڪتب آڻي سگھجي ٿو. جيڪا ھتان کان ٻارنھن چوڏھن ميل پري آھي. آخر ۾ ان نديءَ جو پاڻي نولن pipes وسيلي ڪياماڙيءَ تائين بھ پھچائي سگھبو. ان کانسواءِ ھي پاڻي جھازن لاءِ بھ استعمال ڪري سگھجي ٿو. اھو منصوبو نھايت ضروري آھي، ڇاڪاڻ تھ جھازن ۾ استعمال لاءِ پاڻي تمام گھڻي پنڌ تان آندو ويندو آھي، جنھن تي خرچ بھ حد کان زياده اچي ويندو آھي.
اميد آھي تھ ھن اھم منصوبي تي ھاڻي جلد ئي ڪم جي شروعات ڪئي ويندي، جنھن جي خرچ جو تخمينو ھڪ ھزار پائونڊ في ميل ڪيو ويو آھي. پر ھاڻي تھ لارڊ ايلنبرو، سر چارلس کي پاڻ وٽ سڏائي ورتو آھي. ھن کان پوءِ جيڪا حڪومت ايندي سا ھن اھم منصوبي تي خرچ ڪرڻ ڪانھ چاھيندي. پر اھي خط بھ پڙھڻ گوارا ڪانھ ڪندي، جيڪي ھن منصوبي جي اھميت ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ لکيا ويا آھن. ڪراچيءَ جو پاڻي خراب آھي، جنھن ڪري فوجين ۽ عام ماڻھن کي تڪليف جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي.
ھتي ھڪ ڳالھھ ضرور ياد رکڻ گھرجي تھ لارڊ ايلنبرو، سر چارلس جي ھر ڪم ۾ وڏي مدد ڪندو ھيو ۽ مٿي بيان ڪيل ڪمن جي عزت ڪندو ھو. ھنن مان ڪجھھ ڪم اھڙا بھ ھئا، جن جي تڪميل لاءِ ھن عظيم شخصيت پاڻ سوچيو ويچاريو ھو ۽ ڪجھھ ھن جي راضپي سان اڳتي آندا ويا ھئا. ھڪ ڪم اھڙو جنھن تي ھنن ٻنھي گڏجي سوچيو ھو. اھو منصوبو سنڌوءَ مان ڪڇ کي پاڻي ڏيڻ جو ھو، جيڪو ڪلھوڙن حڪمرانن ۽ ان کان پوءِ ٽالپرن بند ڪري ڇڏيو ھو. اھو ڪڌو ڪم ائين ھو جيئن البوقرق نيل درياه جو منھن تبديل ڪري مصر کي سڪائڻ پئي چاھيو. سندن منصوبو ھو تھ شاھبندر وٽان سنڌوءَ جو ڪجھھ پاڻي ڪڇ ڏانھن موڙيو وڃي. لارڊ ايلنبرو جي مرضي ھئي تھ ويران ٿي ويل ڪڇ کي وري آباد ڪرڻ گھرجي. سر چارلس جو اھو بھ منصوبو ھو تھ ناري درياه کي نئين سر وھايو وڃي. ائين ٿيڻ سان نھ رڳو ڪڇ کي پاڻي ملي وڃي ھا، پر ناري جي اولھھ ڪٺار سان جيڪو ڀليءَ زمينن جو وسيع خطو ويران پيو ھو، سو بھ آباد ڪري سگھجي ٿو. ھي منصوبو تمام وڏو ھو. جڏھن تھ سنڌ وٽ ايترا مالي وسيلا ڪونھ ھئا، جو ايڏو وڏو خرچ ڀري سگھي. پر مٿي سرڪار جا اھڙا عملدار ويٺا ھئا، جيڪي ھن قسم جي شاندار ۽ اعليٰ منصوبن کي پوئتي ڌڪڻ جا حامي ھئا، تنھن ڪري ھنن سنڌ جي گورنر جي ھن اھم منصوبي کي قدر جي نظرن سان ڪونھ ڏٺو.
ھنن ۽ ٻين اھڙن اھم منصوبن کي ڪير اک کڻي بھ ڪونھ ڏسندو آھي. ڪي ماڻھو وري ھنن ڳالھين ۾ نالي چڙھيل آھن تھ ھو ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏيندا آھن، پر ان ڪم جي منصوبي جو خرچ وري نئون آيل سندس جانشين ڀريندو آھي. سر چارلس نيپئر انتظاميھ جي ھر شاخ کان چڱيءَ ريت واقف ھو، جھڙوڪ نون طرحين جي کوٽائي، ڪاٺ جا ٿنڀا کوڙائي دمدمي جي تعمير ۽ جاين ٺھرائڻ جي کيس گھڻي ڄاڻ ھئي. ھن جا تيار ڪيل منصوبا وڏا ھوندا ھئا. تنھن ڪري انھن تي ايندڙ خرچ جو تخمينو بھ وڏو ھوندو ھو، پر سڀ کان ڏکي ڳالھھ ڪاريگرن جي اڻاٺ ھئي، جنھن ڪري معاوضو گھڻو ڏيڻو پوندو ھو ۽ حساب مطابق انھن معاوضن جو خرچ محصول جي پيداوار کان گھڻو ھو. کيس اھو بھ ڏسڻو ھو تھ ھن عظيم معاشري جو بنياد ڪير رکي رھيو ھو. ان کان سواءِ عارضي تڪليفون کڻي ڪيڏيون بھ وڏيون ڇو نھ ھجن، پر مزدرون جي مستقل نوعيت جا حق انھن سڀني ڳالھين کان وڌيڪ اھم آھن. تنھن ڪري انتظام جي سڀني شاخن اندر اصولن کي اھميت ملڻ گھرجي. انھيءَ ڪري ھن گھڻيون ذميواريون قبول ڪيون ھيون، پر پنھنجي وس پڄنديءَ عوامي ڀلائي جي ڪم وچ ۾ تناسب ضرور رکيو ھئائين ۽ اھڙين ڳالھين جي ھروڀرو نھائين بھ ڪونھ ڪندو ھو. سڀني ميرن جي ساري پيداوار چاليھھ لک رپيا ھئي جيڪا ڪلھوڙا دور جي پيداوار کان گھڻي گھٽ ھئي. اھو تھ ٺھيو پر ھيءَ پيداوار تھ چؤياري واريءَ سرڪار جي پيداوار کان بھ گھٽ ٿي. ميرن جي سڀ اوڳاڙي ڏمر ۽ ڏاڍ کان سواءِ ڪانھ ھوندي ھئي. ڪابھ ايماندار حڪومت دٻاءَ کان سواءِ پيداوار جو انگ وڌائي ڪانھ سگھندي. ھن انگريز حاڪم پھريون ڪم اھو ڪيو ھو جو ظلم وسيلي اوڳاڙيءَ کي ختم ڪري ڇڏيائين. پر سندس سارو زور ھن ڳالھھ تي ھو تھ سڀني پيداواري وسيلن کي يقيني بڻايو وڃي، عوامي خوشحاليءَ جا جيڪي دروازا بند آھن، اھي کوليا وڃن يا جيڪي اڌ کليل آھن، تن کي مڪمل طور تي کوليو وڃي. ان کان سواءِ سندس ڪوشش اھا بھ ھئي، تھ مستقبل جي پيداواري ذريعن کي پيدا ڪرڻ واسطي معاشري ۾ ھڪ نئين سگھھ پيدا ڪئي وڃي. سندس ابتدائي دور واري پيداوار ضرورت گھٽ ڏسڻ ۾ ايندي. اھڙيءَ ريت پيداوار جو پھريون سال حيدرآباد واري جنگ کان پوءِ ڳڻڻ گھرجي. معلوم ائين ٿي رھيو آھي تھ ميرن جي زماني ۾ سالياني پيداوار چار لک پائونڊ ھئي، جيڪا ان سال گھٽجي وڃي نوي ھزارن پائونڊن تي پھتي ھئي. پر مذڪوره جنگ سال جا ڇھھ مھينا وٺي وئي ھئي، انھيءَ ڪري گھڻي کان گھڻو اناج بلوچ فوجي کڻي ھليا ويا ھئا. امن امان قائم ٿي وڃڻ کان پوءِ پيداوار جي وصوليءَ لاءِ انگريز ڪليڪٽر مقرر ڪيا ويا ھئا، پر سندن اختيار انھن جي قائم ڪيل ڪئمپ کان ٿورو ٻاھر تائين مس ھلندا ھئا. کين ڀئھ ھوندو ھو تھ متان ڌاڙن لاءِ ڇڙواڳ ھلندڙ بلوچ سندن مٿان حملو ڪن. انھيءَ زماني ۾ فوجي محافظن رکڻ جي بھ اجازت ڪانھ ھوندي ھئي. جنرل چارلس جي پڻ اھا خواھش ڪانھ ھئي تھ وقت کان اڳ پوليس لاءِ ڪي تڪليفون پيدا نھ ڪجن ۽ محصول جي ٿوري اضافي ڪري اھڙن خطرناڪ ماڻھن سان منھن ڏيڻو پئجي وڃي. ان کانسواءِ مير علي مراد سبزل ڪوٽ، ڀونگر ڀڙا جي پيداوار بھاولپور جي حوالي ڪئي وئي آھي، جنھن کي پڻ ميرن جي پيداوار سان شامل ڪيو ويو آھي.
ائين سمجھڻ کپي تھ ھيءَ اوڳاڙي محدود ۽ اڻپوري آھي، جنھن مان خرچ ڪٽي حساب ڪيو ويو آھي تھ پوءِ سترھن ھزار پائونڊ بچيا آھن. ان کان سواءِ سرڪاري ڀانڊن ۾ رکيل اناج جو اندازو بھ حقيقت کان وڌيڪ لڳايو ويو ھو، جيڪو اقتصادي حالتن جو مثال ھوندو آھي، جنھن ۾ محنت بھ شامل ھوندي آھي. اھڙا انگ اکر ھندستان جي ڪنھن ٻيءَ انتظاميھ کان گھڻا مختلف آھن، جن تي ناراض ٿيڻ جي ضرورت بھ ڪانھ آھي. ڇاڪاڻ انھن علائقن تي فضول خرچي تمام گھڻي ٿيندي آھي ۽ پئسي کي خرچڻ وقت عقلمنديءَ کان ڪم ڪونھ ورتو ويندو آھي. ھن ٻنھي ڳالھين ۾ مشابھت ڪرڻ خطرناڪ ڳالھھ ثابت ٿي سگھي ٿي. ان سان گڏ عام ماڻھن کي بھ حقيقت کان پري رکي سگھجي ٿو. ڇاڪاڻ تھ سنڌ ۾ ٿيندڙ خرچ تي ھڪ اجائي واويلا مچي وئي آھي. خرچ کان جا جيڪي بھ انگ اکر ٻڌايا پيا وڃن سي بلڪل غلط آھن ۽ اھو بھ چيو پيو وڃي تھ فوجين جي ڪوارٽرن جي تعمير تي تمام گھڻو خرچ اچي ويو آھي. ھن سان گڏ اھو بھ چيو پيو وڃي تھ سنڌ کي اڃا مڪمل طور فتح ڪونھ ڪيو ويو آھي. ان کان سواءِ اھو بھ چيو پيو وڃي تھ ماڻھن جي جنھن گروھھ کي ”عوام“ سڏيو پيو وڃي ۽ اتان جي سڀني رھاڪن کي انھيءَ اصطلاح سان سڏيو پيو وڃي، اھڙا ماڻھو چئي رھيا آھن تھ سنڌ جي حڪومت ساڳين حڪمرانن جي حوالي ڪئي وڃي. پر ھن قسم جي ماڻھن کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏيءَ طاقت کي ڪتب آڻڻو پيو آھي.
ھن حقيقت کان بھ انڪار ڪونھ ٿو ڪري سگھجي تھ فوجين تي آيل خرچ سنڌ جي پيداوار جي ڀيٽ ۾ گھڻو ٿيو آھي. ان جو ڪارڻ اھو آھي تھ ھتي ايتري فوج رکڻ جي ضرورت ھئي. سنڌ ۾ ايتري فوج رکڻ جو مقصد اھو ڪونھ آھي تھ ھتان جي ماڻھن کي ھيسائجي، جيڪي حڪومت جي تبديليءَ ڪري گھڻا خوش آھن. پر جيڪڏھن ھڪ غير مناسب جنگ لڳي بھ وئي تھ اھي ماڻھو انگريز سرڪار جي مدد ڪندا. اھڙي جنگ گواليار ۾ لڳي چڪي آھي. امڪان آھي تھ اھڙي جنگ پنجاب ۾ بھ لڳي. اھا جنگ اڳتي وڌي افغانستان ۾ بھ ڀڙڪي سگھي ٿي. اھڙين حالتن ۾ سنڌ جي دنگ مان بلوچستان واري روھھ ۽ ڪوھھ واري علائقي ۾ بھ بي صبري وارو ماحول پيدا ٿي سگھي ٿو. ھنن ماڻھن طرفان اھو بھ ٻڌو وڃي ٿو تھ ان فوج جي سنڌ کي نھ پر ھندستان جي علائقن کي ضرورت آھي. اھڙي فوج جو خرچ سنڌ جي حالتن کي ڏسي برداشت ڪري ڪونھ ٿو سگھجي. ان کان سواءِ ھڪ غلط الزام کي ھٿ وٺي پکيڙيو پيو وڃي تھ سنڌ ۾ رکيل فوج جو تعداد تمام گھڻو آھي. اھڙيون ھلايل ڳالھيون سڀ غلط آھن. پر حقيقت اھا آھي تھ اِريگيولر ھارس جو تعداد ضرور وڌايو ويو آھي. ليڪن فتح وقت يا فتح کانپوءِ انتظام لاءِ اھڙو تعداد ڪونھ وڌايو ويو آھي. اھڙيءَ فوج جي مقرري ھيٺئين درجي سان واسطو رکي ٿي ۽ مشرق جي ماڻھن تي مشتمل آھي، جنھن ۾ سنڌ جو ماڻھو مقرر ڪونھ ڪيو ويو آھي. ان فوج کي ھر اول دستي طور ڪتب آندو ويندو آھي ۽ دشمن جي منھن ۾ انھن ماڻھن تي مشتمل فوج جي ڪئمپ ھوندي آھي. ھن کان سواءِ ھڪ ٻئي قسم جي واويلا ۽ شور شروع ڪيو ويو آھي تھ اڌ دنيا جو خرچ انگلينڊ تي مڙھيو ويو آھي. ڇاڪاڻ تھ تمام گھڻي گئريسن فوج کي خواھھ مخواھھ رکيو ويو آھي ۽ ڊاڪ يارڊ جي تعمير لاءِ بھ وڏو خرچ ڪيو پيو وڃي. سنڌ فتح کان پوءِ ھندستان جي انگريز شھنشاھت جو ھڪ اٽوٽ انگ بڻجي ويو ھو ۽ مٿس ان شھنشاھت جي حڪمت عملي جو نمايان اثر ھو، پر ٻن جنگين جي ڪري گھڻي متاثر ٿي وئي آھي.
ان کان سواءِ ھي ڳالھھ بھ چئي پئي وڃي ۽ جنھن ۾ ڪا صداقت موجود ڪانھ آھي تھ ھندستان جون سنڌ سان لڳندڙ اڳيون سرحدون محدود ھيون، تنھن ڪري ڪمپني کي پنھنجي فوج گھٽائڻ جو ھڪ جواز ھو. پر حقيقت ھيءَ آھي تھ اھا سرحد مختصر ۽ وڌيڪ مضبوط آھي. جيڪڏھن ھن ملڪ جو سک جنگ ڪري وايو منڊل بدنظميءَ جو شڪار نھ ٿيو تھ سنڌ جي فاتح جي ڪوشش آھي تھ ھو نئين فتح ٿيل ملڪ جي انتظام جو صحيح طريقي سان بنياد رکي سگھندو. پنجاب خلاف جنگ جي مقصد لاءِ سنڌ جي فتح کان اڳ ئي ھتي فوج رکي وئي ھئي، جنھن جو خرچ ھن ملڪ جي پيداواري ذريعن مان ڪيو ويندو ھو، پر ان جو اضافي خرچ ھندستان سرڪار جو خزانو ادا ڪندو ھو.
ھن قسم جي بي بنياد الزامن ڏانھن ڪير اک کڻي نھاري بھ ڪونھ ھا، ڇاڪاڻ تھ ماڻھو نھايت تيز رفتاريءَ سان سفر ڪري رھيو آھي ۽ ڪوڙ سچ کان چڱيءَ ريت واقف آھي پر ھن واويلا ۽ الزام تراشيءَ جي ابتدا فقط ڪن ماڻھن وٽان ڪانھ ٿي آھي. جيڪڏھن اھو قصو فقط ائين ھجي ھا تھ ڪا وڏي ڳالھھ ڪانھ ھئي، پر اھڙن افواھن ۽ الزامن جي ھمت افزائي ڊائريڪٽر پاڻ ڪري رھيا آھن. ممبئي واري ڪائونسل ۽ پارليامينٽ جا ڪيترائي ميمبر ھن مھم ۾ شامل آھن. ائين سمجھڻ کپي تھ ھيءَ ساري مھم ڀلائي جي عوامي ڪمن خلاف ھلي رھي آھي ۽ اھا سنڌ جي انھن بھترين انتظاميھ جي پاڙن اکوڙڻ جي ڪوشش آھي، جنھن جا بنياد نھايت شاندار طريقي سان قائم ڪيا پيا وڃن. جڏھن تھ اھڙن عوامي ڪمن ۽ بھترين اتنظاميھ جي جوڙجڪ جي ھمت افزائي ٿيڻ گھرجي ھا. ڇاڪاڻ تھ اھڙي جوڙجڪ سان ڪراچي وچ ايشيا جي واپار جو اھم مرڪز بڻجي سگھي ھا ۽ اھڙن ادارن کي منظم ڪرڻ سان معاشرو سکيو ستابو بڻجي وڃي ھا. اھڙي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا جنگ ختم ئي مس ٿي ھئي، جو سنڌ جي ترقي جي منصوبھ بندي ڪرڻ لاءِ جيڏانھن ڪيڏانھن انجنيئرن جا جٿا روانا ڪيا ويا ھئا. انھن انجنيئرن جي مقرريءَ جو پھريون ڪم صحيح قسم جي سروي لاءِ اھم جاگرافيائي نڪتا قائم ڪرڻ ھو. ان کان سواءِ کين سنڌوءَ جي سطح ۽ زمين جي سطح معلوم ڪرڻي ھئي. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ھڪ سائنٽيفڪ آبپاشي نظام قائم ڪري سگھجي. ٽالپر حڪمرانن جا شڪارگاھھ بھ سنڌ جي چوٿين حصي جيتريءَ ايراضيءَ تي قائم ڪيا ويا ھئا. جنھن کي انگريز سرڪار ضبط ڪري سرڪاري ملڪيت ۾ ڏنو ھو، انھن شڪار گاھن جي ٻيلن ۾ اھڙي ڪاٺ جا وڻ بھ موجود ھئا، جن کي آگبوٽن جي ٻارڻ طور ڪم آڻي سگھجي ٿو. اھڙا وڻ نھايت بيشمار آھن. پر جي چوڌاري ٻئي قسم جا وڻ ڪري پيا آھن، تنھن ڪري اھڙي ڪاٺ جو ٻاھر نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آھي. ان لاءِ پھريون ڪم اھو ڪيو ويو ھو تھ ماڻھن کي چيو ويو ھو تھ اھڙو ڪريل ۽ غير ضروري ڪاٺ ڀلي کڻي وڃي ڪتب آڻن تھ جيئن ٻئي اھم قسم جي ڪاٺ کي ٻاھر ڪڍڻ لاءِ دڳ ملي پوي. ان ناتي ھڪ ڪميشن ٺاھي وئي ھئي، جنھن کي اڪلائڻ لاءِ ھي ڪم حوالي ڪيو ويو ھو تھ ڪھڙي زمين ٻيلن رکڻ لائق آھي ۽ ڪھڙي پوکي راھيءَ لاءِ مفيد آھي. اھڙيون ڀليون زمينون سرڪار پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيون ھيون، جن ۾ اڳي فقط جھنگ جا جانور رھندا ھئا ۽ انھن ساڳين ايراضين ۾ سرڪار زراعت جي ھمت افزائي ڪري رھي آھي. انھيءَ طريقي اختيار ڪرڻ سان سنھو ۽ عام قسم جو ڪاٺ ۽ چراگاھھ ماڻھن جي حوالي ڪيا ويا آھن. ٿلھو ڪاٺ شھرن ڏانھن موڪليو پيو وڃي، جڏھن تھ عمارتي ڪاٺ سرڪار برآمد ڪري رھي آھي. اھڙيءَ ريت سرڪار جي پيداوار گھڻي وڌي وئي آھي.
ھن قسم جو انتظامي جوڙجڪ سنڌ جي امن امان ۽ مھذب معاشري جي قيام لاءِ ھو، پر سر چارلس سنڌ کان ٻاھر وارن ملڪن سان سٺي تعلقاتن رکڻ جي شروعات ڪئي ھئي. اھڙو احوال بھ نھايت لازمي آھي، جنھن جي ابتدا ڪڇ کان ڪجي ٿي، جيڪو سنڌ جي سرحد سان واقع آھي.
ڪڇ جو راءِ انگريزن جو دوست آھي. جنھن جي درٻار ۾ انگريز سرڪار جو ايجنٽ ڪيترن سالن کان وٺي مسلسل رھندو پيو اچي. جاگرافيائي صورتحال ڪري ھي ملڪ نھايت اھم آھي. ٻي ڳالھھ تھ انھيءَ ملڪ جي سرحد سان ڪي لاڏائو قبيلا بھ آباد آھن. ممبئي سان رابطو بھ ڪڇ ۽ ڊيسا وسيلي رھندو آھي. خاص ڪري چوماسي واريءَ موسم ۾ جڏھن وڏ ڦڙن جا وسڪارا شروع ٿيندا آھن تھ سامونڊي رابطو ڪٽجي ويندو آھي تھ خشڪيءَ وارو ھي رابطو وڏي اھميت رکندو آھي. خشڪيءَ جي ھن رابطي کي پڻ برقرار رکيو ويو آھي. عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص جي قلعن جي مرمت مڪمل ٿي چڪي آھي. ان کانسواءِ حيدرآباد تائين واھن جي پلين جي تعمير ڪئي وئي آھي. سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي ناتي ڪڇ ھڪ اھم ملڪ بڻجي ويو آھي. ڪرنل رابرٽس ھنگامي حالتن دوران ٻھ ھزار جت ۽ کوسا گڏ ڪري سگھي ٿو، جيڪي بلوچن جي ظلم کان تنگ ٿي ھيڏانھن ھليا آيا آھن. ھي ماڻھو سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ موجود وڳوڙين تي حملي ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻي سگھجن ٿا. ھنن ماڻھن جي مدد سان رابطي واري سلسلي کي بھ قائم رکي سگھجي ٿو.
ڪڇ کان اوڀر گجرات آھي، جتي گائڪ واڙ جي حڪومت آھي. گجرات جي اتر ۾ جوڌپور ۽ جيسلمير جا ملڪ آھن، جتان جا حڪمران راجپوت آھن، جيڪي ڏاڍا بھادر آھن. اھي ٻئي ملڪ آزاد آھن ۽ ھاڻي انگريز سرڪار جا ڏن ڀرو آھن. ھنن جي درٻارين ۾ انگريز سرڪار جا نمائندا رھندا آھن ۽ مڪمل طور ھندستان جي انگريز سرڪار جي ماتحت آھن. ھنن ملڪن جي اوڀر طرف ھندستان جي انگريز سرڪار آھي ۽ اولھھ ۾ وارياسو رڻ پٽ آھي جنھن وچان سنڌ ڏانھن وڃڻ لاءِ فقط ٻھ ٽي رستا آھن، جن سان کوھھ کوٽيل آھن، نھ تھ ساري ٿر ۾ ڪٿي بھ پاڻي ملي ڪونھ سگھندو آھي.
جيسلمير ڏانھن روھڙيءَ وسيلي وڃي سگھبو آھي ۽ اھو رستو سنڌو ۽ ٿر مان گذرندو آھي. وچ تي شاھ ڳڙھھ جو قلعو آھي، جيڪو مير شير محمد جي شڪست تائين، مير رستم جي ڀائٽي مير محمد جي قبضي ھيٺ ھو. مذڪوره قلعو مير علي مراد جي حڪمرانيءَ جي حدن اندر آھي، پر ملڪيت انگريز سرڪار جي آھي. ان لاءِ مير علي مراد سان واعدو ڪيو ويو آھي تھ کيس اھو قلعي جو معاوضو ادا ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تھ پنھنجي قبيلي جي وڏي ھئڻ جي پڳ مٿس آھي. پر ھن وقت تائين نھ ممبئي جي حڪومت نھ وري ھندستان سرڪار اھڙي واعدي پاڙڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
ھي جاگرافيءَ جا اھم نشان آھن، پر ٽالپرن جي غلط قسم جي حڪمت عمليءَ ڪري اھڙا نشان ختم ٿي ويا ھئا ۽ سرحد سان لاڳاپيل اھم دستاويز بھ ھيڏي ھوڏي ٿي ويا ھئا. پر ميرپور خاص، عمرڪوٽ ۽ شاھھ ڳڙھھ جي قلعن ڪري سنڌ جي جاگرافيائي حد واضح ٿي چڪي آھي. انھن سرحدن جي اوسي پاسي انگريز دوست رھندا آھن. ھنن ماڻھن کي انگريزن خلاف بغاوت ڪرڻ يا غداري ڪرڻ لاءِ ڪو سبب بھ ڪونھ آھي. پر جيڪڏھن ڪا اوڻي پوڻي ڳالھھ ٿي ويندي تھ ڊيسا ۾ گئريسن فوج، جوڌپور ۽جيسلمير جي درٻار ۾ انگريز سرڪار جا پوليٽيڪل ايجنٽ موجود آھن، جيڪي ڪنھن بھ قسم جي ڪروڌي وايو منڊل کي چڱيءَ ريت منھن ڏئي سگھندا. اھڙيءَ ريت ٿر مان گذرندڙ ھر رستو محفوظ آھي. جڏھن چوماسي ۾ سامونڊي رابطو ختم ٿي ويندو آھي تھ ممبئي سان ھنن رستن ۽ ماڳن وسيلي لاڳاپو موجود رھندو آھي.
سنڌ جي اتر واري سرحد سان ھڪ اھم ملڪ آھي، جنھن کي بھاولپور جي نالي سان سڏيو ويندو آھي، جنھن جا حڪمران دائودپوٽا آھن. انگريز سرڪار کيس راجا رنجيت سنگھھ جي حملن کان بچائڻ جي ضمانت ڏني ھئي. لارڊ ايلنبرو کيس سبزل ڪوٽ ۽ ڀونگ ڀڙا وارا علائقا واپس ڏياريا آھن، جيڪي ٽالپر حڪمرانن کانئس فتح ڪري ورتا ھئا. ھي حڪمران انگريز سرڪار جو فرمانبردار ۽ تابعدار آھي. پر سر چارلس نيپئر جو ھن ڳالھھ تي زور ھو تھ وڌيڪ اھميت سنڌ کان اوڀر وارن حڪمرانن کي ڏني وڃي، جنھن تي سکن جو امڪاني دٻاءُ رھندو ۽ اھڙيءَ ريت ھو انگريزن جي ويجھو اچي ويندو. ان راجا جي رعيت انھن ماڻھن کي وڌيڪ چاھيندي ھئي، جيڪي انگريزن جي زوال لاءِ ڪوششون ڪندا ھئا. ھن راجا جو ملڪ ستلج جي ھيٺئين حصي ۾ ٿر جي وچ تي ھو. تنھن ڪري ھو اتر اولھھ ھندستان جي مختلف علائقن ۾ سنڌ وچ ۾ رابطي کي ڊانواڊول ڪري سگھندو ھو. ان ڪري خشڪ ۽ پاڻيءَ واري آمد رفت رڪجي ويندي ھئي. جيڪڏھن انگريز سرڪار ۽ سکن وچ ۾ جنگ لڳي تھ رابطن جو اھڙيءَ ريت ڪٽجڻ ڏاڍو خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿو. تنھن ڪري ھندستان سرڪار ان راجا کي اھڙي ضمانت ڏني آھي تھ جيڪڏھن ھو ھندستان سرڪار جو فرمانبردار ۽ تابعدار رھندو تھ سندس حڪمرانيءَ جو وار بھ ونگو ڪونھ ٿيندو. پر ھي راجا بغير ڪنھن اڳواٽ اطلاع جي انگريز سرڪار سان ڪنھن بھ نازڪ موقعي تي غداري ڪري سگھي ٿو. تنھن ڪري سر چارلس اھڙي ڪوشش ڪئي ھئي، تھ جيئن ھن کي انگريز سرڪار جو دوست بڻائي سگھي.
سنڌ جي اتر اوڀر ۾ ملتان جو ملڪ آھي، جيڪو ستلج جي ھيٺئين پاسي کان وڍي سنڌوءَ جي ڪناري پکڙيل آھي، جيڪو ھنن ٻنھي درياھن جي سنگ کان وٺي ھيٺ ڪشمور تائين ھليو وڃي ٿو. ھن علائقي جو ديوان لاھور جو ڏن ڀرو آھي. سندس نالو سانوڻ مل آھي. مولراج سندس پٽ آھي. ھي ڏاڍو سياڻو، سچيت ۽ سيبتو حڪمران ۽ سر چارلس نيپئر جو دوست آھي. پر کيس احساس آھي تھ سک حڪمران اھڙيءَ دوستيءَ کي سٺو ڪونھ سمجھي رھيو آھي. ليڪن ھو انگريز سرڪار خلاف عملي طور ڪجھھ بھ ڪرڻ جھڙو ڪونھ آھي، پر جيڪڏھن کليءَ عام حملو ڪبو تھ ضرور ردعمل اظھار ڪندو.
سنڌ جي اتر اولھھ پاسي ڪڇي گنداوا جو علائقو آھي، جيڪو قلات جي خان جي ماتحت آھي. ھيءُ علائقو ڪڇيءَ واري خشڪ جابلو جوءِ وسيلي سنڌ سان ڳنڍيل آھي، جنھن جون ٽڪريون سنڌوءَ جي ڪناري کان وٺي بولان واري جابلو علائقي تائين ھليون وڃن ٿيون، جتي مزاري، بگٽي، جکراڻي، ڊومڪي ۽ کجڪ آباد آھن. اھي سڀئي ذاتيون ننڍن ننڍن قبيلن ۾ ورھايل آھن.
ڊومڪين ۽ بگٽين جي اتر پاسي مرين ۽ کيتران قبيلن جي جوءِ شروع ٿئي ٿي. مزارين جو ھڪ قبيلو سنڌوءَ جي ڪٺار سان بھ آباد آھي، جيڪو ملتان جي ھندو ديوان سانوڻ مل جو ڏن ڀرو آھي. باقي ٻيا قبيلا قلات جي خان جي ماتحت آھن. جڏھن تھ مري قلات جي خان جي ماتحت ڪونھ آھن ۽ پاڙي وارن سڀني قبيلن کان وڌيڪ مھذب آھن. افغانستان واري جنگ دوران پوليٽيڪل ايجنٽن ھنن سان ھروڀرو کئونس ڪئي ھئي ۽ انگريز فوج ھنن کي مکيھ قلعي ”ڪاھان“ کي والاري ويھي رھي ھئي. پر ھنن ھمت ڪري انگريز فوج جي ھڪ جٿي کي شڪست ڏئي ڇڏي ھئي، جيڪو ميجر ڪليبارن جي مھنداري ۾ ساڻن وڙھي رھيو ھو. ان کان پوءِ ھنن ليفٽيننٽ ڪلارڪ جي اڳواڻيءَ ۾ وڙھندڙ فوج کي بھ ڏينھن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا ھئا. ھي ليفٽيننٽ ڏاڍو بھادر ۽ ڏاھو ماڻھو ھو، جنھن ڏاڍيءَ دليريءَ سان پنھنجو بچاءُ ڪيو ھو. جڏھن ڏٺائين تھ پاڻي سر کان چڙھندو پيو وڃي تھ ڪاھان قلعي ۾ رھندڙ ليفٽيننٽ برائون کي واھر ڪرڻ جي نينڍ ڏني ھئائين.
جکراڻي، بگٽي، ڊومڪي ۽ مزاري قبيلي جي ھڪ شاخ پنھنجي ٻچن ٻارن جي پيٽ گذر لاءِ ڌاڙي ۽ ڦرلٽ کانسواءِ ڪو ٻيو ڌنڌو ڪانھ ڪندي ھئي. ائين کڻي چئجي تھ اھي اٺ ئي پھر ڌاڙيل ھئا، جيڪي پاڻ کي سڏائيندا بھ لوٽو ھئا. سندن احساس ۽ روايتون بھادرن واريون ھيون. پر ننھن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڌاڙيل ھئا. بي حس ھئا. جيڏانھن ويندا ھئا، علائقا ويران ٿي ويندا ھئا. سمجھندا ھئا تھ دنيا جي ھر ملڪيت تي تيز تلوار جو حق آھي. خدا تعاليٰ ھيءَ ڌرتي پيدا ڪئي ۽ ماڻھن ان کي کيڙي آباد رڳو ھنن جي ڦرڻ لٽڻ لاءِ ڪيو آھي. اھي ماڻھو ڏاڍا بھادر ۽ سگھارا ھوندا ھئا. ھن علائقي جي اتر ۽ اولھھ پاسي ھڪ وسيع جابلو علائقو آھي، جتي پرامن ماڻھو رھندا ھئا. جڏھن ھنن جکراڻين ڊومڪين، بگٽين ۽ مزارين تي ڪو طاقتور دشمن حملو ڪندو ھو تھ اھي ڀڄي وڃي انھن پرامن ماڻھن ۾ رھندا ھئا. جڏھن تھ ڏکڻ طرف کان سندن تحفظ ڪشمور جو رڻ پٽ علائقو وارو ڪندو آھي. اھو برپٽ اسي ميل ويڪرو آھي، جيڪو کين سنڌ کان جدا ڪري بيھاريندو آھي. ھنن کي ھن ويران علائقي جي کوھن جي خبر آھي. ھي ماڻھو ڌاڙن ھڻڻ جي مھم دوران ھن روھن ۽ ڪوھن واري جابلو جوءِ ۾ ڪي کوھھ پاڻ بھ تيار ڪندا آھن. تنھن ڪري اھي ماڻھو ھي رڻ پٽ ۽ سڃو علائقو سولائيءَ سان اڪري وڃي پار پھچندا آھن. پر فوج کي ھي برپٽ پار ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ھوندو آھي، تنھن ڪري اھا اگرو رڻ پٽ اڪري سندن روھن ڪوھن واري جاڏي جوءِ تي حملو ڪري واپس سلامتي سان موٽي ڪانھ سگھندي آھي ۽ ڪجھھ بھ ڪري ڪانھ سگھندي آھي.
ھنن ماڻھن جي اولھھ پاسي قلات آھي، جيڪو پڻ (بروھي) بلوچن جو ملڪ آھي. افغانستان جي جنگ دوران انگريزي فوج ھن ملڪ جي راڄڌاني تي حملو ڪري ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو ھو ۽ اتان جو حڪمران قتل ٿي ويو ھو. انھيءَ ڪري اتان جا نواب ۽ سردار انگريزن جا ويري بڻجي ويا ھئا ۽ ھنن مقتول بادشاھھ جي ارڙھن سالن جي پٽ کي تخت تي ويھاريو ھو. سر چارلس نيپئر ھن نئين حڪمران کي پئسا ڏوڪڙ ڏئي خوش ڪري ڇڏيو ھو ۽ ان نئين حڪمران سان سندس رويو ڏاڍو سٺو ۽ رحمدلانھ ھو. قلات جو بادشاھھ ھڪ آزاد حڪمران ھو، جنھن سان سر چارلس جي دوستي ھئي. ڏانھنس دوستاڻا خط لکندو ھو ۽ سھڻيون صلاحيون ڏيندو ھو. کيس باغي سردارن خلاف مدد ڪندو ھو. ان کانسواءِ ھن کي قنڌار جي حڪمران خلاف بھ ھر قسم جي واھر ڪندو ھو، جيڪو سندس ملڪ لاءِ اڻيھئي آزار بڻيل ھو.
سنڌ جي اولاھين سرحد واري ”ھالا“ جبل جي ويران جوءِ ۾ چانڊيا رھندا آھن، جيڪي سنڌوءَ کان وٺي ھن جابلو علائقي ۾ پکڙيا پيا آھن. ھي جابلو علائقو بھ ڪشمور واري رڻ پٽ جھڙو ويران آھي. ھي ماڻھو بھ پنھنجي پيٽ گذر لاءِ پوکي راھي ڪونھ ڪندا آھن ۽ ڪڇيءَ وارن قبيلن جيان ڌاڙا ۽ ڦريون لٽيون ڪندا آھن. پر ھاڻي اھي انگريز سرڪار جا فرمانبردار ۽ تابعدار بڻجي ويا آھن. ھنن جي ڏکڻ ڏس تي رند ۽ لغاري آھن، جيڪي سيوھڻ وٽان ۽ سنڌوءَ جي ڪناري سان لڳ آھن. جڏھن تھ اتان کان وٺي سمنڊ جي ڪناري تائين جوکين جو علائقي آھي. ھنن کان پوءِ لس ٻيلي جي ڄام جو ملڪ شروع ٿي ويندو آھي، جيڪو قلات جي خان جو ماتحت آھي. اھي قبيلا ڪٿي ميداني ۽ ڪٿي جابلو علائقن ۾ رھندا آھن. ھالا جبل جون اڀرنديون لاھنديون سنڌ ۾ ۽ الھنديون لاھونديون قلات ۾ آھن، جتي وري قلات سان لاڳاپيل قبيلا رھندا آھن. جن کي ھن کان پوءِ ”جابلو ماڻھو“ سڏيو ويندو. جڏھن تھ ڪڇيءَ وارن ماڻھن کي ”ڪڇيءَ جي ٽڪر“ وارا ماڻھو سڏيو ويندو. ھن علائقي ۾ جبلن جھڙيون ننڍيون وڏيون ٽڪريون آھن، جن کي جبل سڏي ڪونھ ٿو سگھجي.
ھنن ۾ ڪي قبيلا سنڌي ۽ ڪي قلاتي آھن، جيڪي پنھنجي مزاج ۾ انصاف پسند ۽ سخي آھن، تھ ڪڏھن وري سخت بھ ھوندا آھن. ھي ماڻھو نئين سياسي نظام جي ويجھو آھن ۽ سر چارلس نيپئر کين پنھنجو بڻائڻ ۾ سوڀارو ثابت ٿيو آھي. پر جوکين جي نواب سان سندس سلوڪ سھڻو ڪونھ ھو. اھڙو ذڪر سنڌ جي فتح نالي ڪتاب ۾ اچي ويو آھي. ان کان سواءِ چانڊين جي سردار ولي (محمد) سان بھ ھن جا تعلقات سٺا ڪونھ ھئا. سردار ولي چانڊيو پاڻ سان ڏھھ ھزار ماڻھو وٺي آيو ھو، اڃا ھڪ منزل جي فاصلي تي ھو جو مياڻيءَ جي جنگ لڳي وئي ھئي. جيڪڏھن ميجر آئوٽرام جي مشوري تي ھلي جنگ ۾ ھڪ ڪلاڪ جي بھ دير ڪجي ھا تھ ولي چانڊئي جي ڏھھ ھزار فوج انگريزي لشڪر جي پٺئين پاسي ڪڙي چاڙھڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ھا. ولي چانڊئي جڏھن انگريزن جي فتح جي خبر ٻڌي تھ سندس پيرن ھيٺان زمين نڪري وئي ۽ جتي ھو اتي بيھي ويو ۽ سنڌو پار ڪونھ اڪريو ۽ اتان ئي موٽي پنھنجي ملڪ وڃي پھتو ھو، جتي ھو ٻين قبيلن سان گڏجي مير علي مراد جي مزاحمت ڪرڻ لڳو ھو. جيڪو پڳ ٻڌڻ کان پوءِ انھيءَ علائقي جي زمين جو مالڪ بڻجي ويو ھو. ھنن قبيلن جو اتحاد مير علي مراد جي طاقت کان گھڻو ھو. تنھن ڪري ھنن ڪا ٻي واھھ نھ ڏسي، ٺاھھ ڪرڻ جي بھاني انھن سڀني سردارن کي پاڻ وٽ سڏائي ورتو. اھڙيءَ ريت ٺاھھ ڪرڻ جي مقصد سان ھن وٽ اڻٽيھھ سردار اچي پھتا، جن سان گڏ ڏيڍ سو کن جو اٽالو بھ ھو. مير علي مراد کي سونھري وجھھ ملي ويو، جنھن ھنن بلوچ سردارن مٿان اچتو قاتلاڻو حملو ڪرائي کين مارائي ڇڏيو، جيڪي بچي ويا تن کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو، جن مان ھڪ ولي چانڊيو بھ ھو.
مير علي مراد، بلوچ سردارن کي دغا سان گھرائي قتل ۽ قيد ڪرڻ واري پنھنجي ھن ڪريت کان ڏاڍو خوش ھو. ھن اھي قيدي سر چارلس جي حوالي ڪيا ھئا، انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ھو کيس خوش ڪري سگھي. قيدي وري پنھنجي جان جو آسر لاھي ويھي رھيا ھئا، جن حالتن جو جائزو نھ وٺي بي عقليءَ جو ڪم ڪري ڄڻ پاڻ کي قتل ڪرڻ جي سزا ڏني ھئي. پر جڏھن بلوچ قبائلي سردارن کي موت جي سزا نھ ملي تھ اھي وائـڙا ٿي ويا ۽ مير علي مراد مايوس ٿي ويو ھو. سر چارلس اھڙي ڪڌي ڪم ڪري علي مراد کي ننديو ھو ۽ کيس چيو ھئائين تھ انھن کي سوکڙيون پاکڙيون ڏئي عزت سان روانو ڪري ڇڏي. ھنن بلوچ سردارن کي نھ رڳو قيد مان آجپو مليو ھو، پر کين نئين زندگي سان گڏ پنھنجون اصلي جاگيرون بھ موٽي مليون ھيون. اھو ھنن لاءِ سندن بھادريءَ جو انعام ھو. سر چارلس، مير علي مراد طرفان ڪيل اھڙي قتل ۽ قيد ڪرڻ واري حڪمت عمليءَ لاءِ افسوس جو اظھار بھ ڪيو ھو. ولي چانڊئي سان ملاقات واري منظر کي ھن ريت بيان ڪيو ويو آھي.
ھي ماڻھو (ولي) جھونڙو آھي، پر ڏاڍو دلير ۽ ھمت ڀريو آھي ۽ سڪل صورت ۾ ھڪ وڏو چٻرو معلوم ٿي رھيو آھي. ھن جي مٿي جا ڊگھا وار ۽ ڏاڙھي صفا اڇي ۽ ڏاڍي گھاٽي آھي. نڪ ننڍو اٿس. منھن جو رنگ ٽامي جي رنگ جھڙو، اکيون ننڍڙيون تيز ۽ چمڪدار جيڪي ھن جنرل چارلس جي چھري ۾ بنا ڇنڀڻ جي کپائي ڇڏيون ھيون. پر جنرل سندس آزادي جو اعلان ڪري سندس ڏسڻ جي اھڙي تسلسل کي ختم ڪري ڇڏيو ھو. ان کانپوءِ ھن اچرج وچان جنرل کان پڇيو ھو تھ، ”ڇا اھو سچ ٿو چوين: ڇا مان ھاڻي وڃي سگھان ٿو.“ جنرل سر چارلس کيس وراڻيو: ”ھائو“. ھي جھونڙو وڌيڪ ڳالھائڻ کان سواءِ اتان نڪري ھليو ويو ۽ نھايت تيز رفتاري سان ڌوڪيندو وڃي پنھنجي علائقي ۾ پھتو ھو. کيس غلطيءَ جي سزا ڏيڻ بدران ڄڻ مٿس نوازشون ٿيون ھيون. ھو جڏھن پنھنجي قبيلي ۾ پھتو تھ پنھنجي ماڻھن کي خوشيءَ وچان ٻڌائڻ لڳو ھو تھ ”فرنگيءَ فوجي جنرل مون کي زندگي بخشي آھي ۽ پنھنجي جاگير سان گڏ تلوار بھ واپس ڪئي آھي. ھاڻي مان تھ سندس ٻڌو ٻانھون ٿي ويو آيھان.“ ھن ڪتاب ۾ اڳتي اھڙو احوال ايندو تھ ھن پنھنجي چيل انھيءَ لفظ جي ڪيتري عزت رکي ھئي.
سنڌ جي انھن ماڻھن جي مزاج جو ذڪر اچي ويو آھي، جيڪي جابلو علائقن ۾ برپٽ ۾ رھندا آھن. ھن کانپوءِ مير علي مراد جو بيان ڪيو ويندو. جنھن جي حڪمراني انگريز سرڪار جي حدن اندر ائين موجود آھي جيئن قيمتي جواھر جي وچ ۾ ڪو کوٽ موجود ھجي. ڇاڪاڻ تھ ھن ٽالپر پنھنجي حڪمرانيءَ جو رنگ ۽ ڍنگ بدلائي نئون ڪوٽ ڪونھ ڪيو ھو ۽ اڳئين جيان پراڻي طريقي مطابق حڪمت عملي ھيس. اھڙيءَ ريت ھن جي حڪمراني سندس ضرورتن مطابق ھئي. انگريز سرڪار جي حڪمت جو طريقو جديد ۽ ھن جو پراڻو ھو، جنھن ۾ وڏو فرق موجود ھو. ھن ماڻھوءَ کي حڪومت ھلائڻ جا سڀ اختيار مليل ھئا، پر ممبئيءَ ۾ ھڪ اھڙي ڌر بھ موجود ھئي، جنھن جو نقطئھ نظر ھو تھ سنڌ جي حڪومت اصلي حڪمرانن حوالي ڪئي وڃي، جيڪي انگريزن جا دشمن ھئا. اھي ماڻھو ھن ڪري بھ ناراض آھن تھ مير علي مراد تي ڇو نوازشون ٿي رھيون آھن. کين اعتراض آھي تھ ھو انگريزن جو دوست ڇو آھي. سندن چوڻ آھي تھ ھي مير وڏو غدار آھي ڇاڪاڻ تھ ھن پنھنجي ٽالپرن سان گڏجي انگريزن سان جنگ ڪانھ ڪئي ھئي ۽ ھو ڪوڙو، ٺڳ، دغاباز آھي، ڇاڪاڻ تھ ھن ٻين ميرن سان ٻيلھھ ٻڌجي انگريزن کي تباھھ ڪرڻ جي ھڪ بھ ڪوشش ڪانھ ڪئي ھئي.“ سر چارلس نيپئر مٿس وڏو اعتماد ڪندو آھي. کيس ڪيترن ئي سوکڙين پاکڙين سان نوازيندو آھي. سندس حڪمراني واريءَ ايراضيءَ ۾ اضافو ڪيو ويو آھي ۽ سندس ڏک سک جو ساٿي آھي.
ممبئي واريءَ ڌر جون اھڙيون ڪوششون آھن، جيڪي عام ماڻھوءَ جي ھن خيال کي روڪي رھيون آھن تھ مير علي مراد تي ايترو گھڻو اعتماد ڇو پيو ڪيو وڃي. کيس ڇو سوکڙيون پاکڙيون ڏنيون ۽ ورتيون پيون وڃن ۽ سندس حڪمرانيءَ جي حدن ۾ ڇو اضافو ڪيو پيو وڃي. آئوٽرام تھ اھڙو دستاويز بھ پيش ڪيو آھي، جنھن ۾ ھن اھا حقيقت ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تھ ھن جي ملڪ ۾ ڪجھھ ايراضيءَ جو اضافو ڪيو ويو آھي. جڏھن کيس مخالفت لاءِ ڪو ٻيو مواد ڪونھ ملي سگھيو آھي تھ ھن خيالي قسم جون ڳالھيون ٻڌائي، مخالفت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. اھڙيون ڳالھيون ڪري آئوٽرام پاڻ بھ منجھي پيو آھي ۽ ڪاوڙ کان آپي مان ٻاھر نڪري ويو آھي. ھاڻي اھو مناسب وقت اچي ويو آھي جو ڪن حقيقتن جو مختصر ۽ جامع طريقي سان بيان ڪجي، جنھن جو بيان ”ڪانڪيٽ آف سنڌ“ نالي ڪتاب ۾ بھ اچي ويو آھي.
جڏھن لارڊ ايلنبرو جي چوڻ مطابق سنڌ جي ٽالپر حڪمران سان معاھدا ڪيا ويا ھئا تھ مير علي مراد بھ ٻين جيان انگريزن جو جاني دشمن ھو. مير حسين ڏاڍو طاقتور ماڻھو ھو جيڪو مير رستم جو وڏو پٽ ھو، جنھن پنھنجي پيءُ کي وراثت جي قانون ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ھو. چؤياريءَ جي طئي ڪيل طريقي مطابق ڀاءُ جو وارث ڀاءُ کي قرار ڏنو ويو ھو. پر مير حسين جي ڪوشش ھئي تھ ڀاءُ بدران پٽ وارث ھجي. ائين ٿيڻ سان مير علي مراد کي پڳ ملڻ بدران حسين کي ملڻ واري ھئي. ان ڪري علي مراد فوج وٺي مير رستم ۽ سندس پٽن تي ڪاھي ويو ۽ کين وڃي شڪست ڏني ھئائين. پر ھي ماڻھو فتح کان پوءِ ڏاڍو نرم رھيو ۽ ٺاھھ ڪرڻ مھل بھ ساڻس ٺڳي ڪئي وئي ھئي ۽ کانئس اھي علائقا بھ موٽائي ورتا ھئائون، جيڪي ھنن تلوار کڻڻ سان ھارايا ھئا.

جڏھن جنرل چارلس سنڌ جا معاملا پنھنجي ھٿ ۾ ورتا تھ مير علي مراد ساڻس ملاقات ڪرڻ کان پوءِ گھرو مخالفت جي ڏس ۾ کيس مدد ڪرڻ جي گذارش ڪئي ھئي. ٿوري وقت کان مير رستم پڳ مير علي مراد جي حوالي ڪئي ھئي. جيڪا چؤياريءَ جي طئي ڪيل اصولن مطابق ھئي. اھو اصول اسلامي قانون ۽ طئي ٿيل معاھدن مطابق بھ ھو، تنھن ڪري انگريز جنرل بھ ائين ڪرڻ جو پابند ھو. ائين ڪرڻ کان پوءِ پھريائين جنرل اھا پڪ ضروري ڪئي ھئي تھ مير رستم، علي مراد کي پڳ پنھنجي رضا خوشيءَ سان ڏني ھئي. پر مير رستم لڳاتار چوندو رھيو تھ اھڙي ڳالھھ کانئس زبردستيءَ لکرائي ورتي وئي آھي ۽ عھدنامي ۾ ڦير گھير ڪئي وئي آھي. سندس مرضي ھئي تھ پڳ پنھنجي پٽ حسين جي نالي ڪري، پر سندس اھا ڳالھھ خانداني روايتن ۽ اسلامي قانون جي خلاف ھئي. تنھن ڪري اھڙي زبردستيءَ جو امڪان ڪونھ ھو. ان کان سواءِ مير رستم، جنرل چارلس طرفان آڇيل تحفظ کان بھ انڪار ڪري ڇڏيو ھو. ھتي فقط پڳ جو معاملو ڪونھ ھو. ڇاڪاڻ تھ پڳ سان گڏ حڪمرانيءَ جو حق بھ شامل ھو، جنھن ۾ امام ڳڙھھ نالي قلعو بھ ھو جيڪو علي مراد جي مدد سان سر چارلس نيپئر فتح ڪيو ھو. ھن قلعي کي تباھھ ڪرڻ لاءِ توب جو پھريون گولو بھ علي مراد ڇوڙيو ھو. ٿر واري مھم بھ ائين ڪانھي جيئن ھڪ ھندستاني عملدار لکيو آھي. سندس تحرير مان ائين معلوم ٿي رھيو آھي ڄڻ سر چارلس اڳرائي ۽ اره زورائي ڪئي ھئي. پر اھو تھ ڪيل عھدنامي مطابق عمل ٿي رھيو ھو. جيڪو علي مراد سان ڪيو ويو ھو جنھن مطابق ھر ٽالپر جي حقن جي حفاظت ڪرڻي ھئي. مير علي مراد جا ڀائٽيا ھن جي خلاف بغاوت ڪري رھيا ھئا. اھڙيون ڳالھيون قانون ۽ انصاف جي خلاف ھيون. جڏھن سر چارلس نيپئر ھنن خلاف ڪارروائي ڪرڻ شروع ڪئي تھ ھن علي مراد کي پاڻ سان گڏ کنيو ھو. ھن جو مٿس ويساھھ گھٽ ھو. کيس ڀئھ ھو تھ متان ھو پنھنجي اڳئين بيان تان ڦري وڃي.
ان کانپوءِ لارڊ ايلنبرو جي ھدايت مطابق ھن مير کي اھو ملڪ ڏنو ويو ھو، جنھن تي سندس دعويٰ ھئي ڇاڪاڻ تھ ھن انگريزن سان ڪيل معاھدي مطابق عمل ڪيو ھو. سنڌ جي فتح کان اڳ سنڌ ٽڪرن ٽوٽن ۾ ورھايل ھئي، جيڪا فتح کان پوءِ ھڪ مڪمل نقشي اندر موجود ھئي. پر علي مراد جي علائقي جي الڳ ٿي وڃڻ ڪري سنڌ جو نقشو ھڪ ڀيرو ٻيھر ٽڙي پکڙي ويو ھو. ليڪن انگريزن تي ويساه رکڻ جو ھڪ سٺو مثال ھو، جنھن ھتان جي جھنگلي بلوچ سردار کي متاثر ڪري ڇڏيو ھو. ھن ماڻھن کي بھ اعتبار اچي ويو ھو تھ انگريز واعدي جا سچا آھن ۽ جيڪڏھن اھي بھ ھنن سان سچا رھندا تھ کين پنھنجون جاگيرون موٽي ملنديون.
لارڊ ايلنبرو، سر چارلس کي مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيا تھ ھو سنڌ جون سرحدون مقرر ڪري. تنھن ڪري ھن قلات جي خان، بھاولپور جي حڪمران، جيسلمير ۽ جوڌپور جي راجائن ۽ علي مراد سان بھ اھڙي ڳالھھ ٻولھھ ڪئي ھئي. تنھن ڪري کيس جاگيرون ڏيڻ، ضبط ڪرڻ، رعايتون ڏيڻ يا کسڻ جا حق ملي ويا ھئا. ڪلائيو جي دور مطابق اھڙيون جاگيرون لکن رپين جي ملڪيت جيتريون ھيون. جڏھن سر چارلس کي اھڙيون اختياريون مليون ھيون تھ ممبئيءَ واريءَ ڌر کان ٿڌا ساھھ نڪري ويا ھئا. پر کين پڪ ھئي تھ اھڙيون ڳالھيون ڪي اجايون ڪونھ آھن. پر ان ھوندي بھ جڏھن سر چارلس ٿر ۾ ھو تھ ڪن ڌرين سمجھيو ھو تھ علي مراد کيس تحفي ۾ ڪڪڙ ڏئي رھيو آھي ۽ ڪن سمجھيو ھو تھ اھو کيس ڪڪڙ سان گڏ آنا بھ ڏئي رھيو آھي. جڏھن مير علي مراد کيس تحفي ۾ ھاٿي ڏيڻ پئي چاھيو تھ کيس ھن ريت وراڻيو ھو: ”مان ڪوبھ تحفو قبول ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھيان. ڇاڪاڻ تھ مون کي تحفي ڏيڻ جيتري سگھھ ڪانھ آھي. جيڪڏھن گونر جنرل ھن تحفي تي اعتراض ڪيو تھ اھو توکي واپس ڪيو ويندو. جيڪڏھن ائين ٿيو تھ پوءِ اوھان ھن ھاٿيءَ جي قيمت جيتري رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائجو.
ھن مير جي حڪمرانيءَ جو حق تسيلم ڪرڻ نھايت لازمي ھو. پر سر چارلس جي خيال مطابق ھندستان اندر انگريز سرڪار جي اھڙي حڪمت عملي قابل قبول ڪانھ ھئي. سندس چوڻ ھو تھ ھندستان جا حڪمران، امير ۽ نواب انگريزن کي ڌڪاريندا آھن ۽ سمجھندا آھن تھ اھي اڳرائي ڪري ملڪ اندر گھڙي آيا آھن. پر عام ماڻھو ھنن کي گھڻو پسند ڪندو آھي. ڇاڪاڻ تھ اھي سٺا حڪمران آھن ۽ چاھيندا آھن تھ انھن جي شھنشاھت سدا سلامت ھجي. جيڪڏھن اھي ھليا ويا ۽ حڪومت اڳين راجائن ۽ بادشاھن جي حوالي ڪري ويا تھ اسان وري غلام بڻجي وينداسون. انھن جي درٻارين جا امير ۽ نواب اسان جي مٿان حڪم ھلائيندا. اھڙا ماڻھو وري بھ حڪمرانن جي مدد ڪندا ۽ عوام جا دشمن بنجي ويندا. ان کان سواءِ ھتان جا حڪمران تھذيب ۽ تمندن جي خلاف آھن. اھو مقصد دل ۾ رکي ھو سنڌين اندر آزاديءَ جو ھڪ جذبو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو. ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن ٽالپرن جي يا ٻي ڪا حڪومت ٻيھر آئي تھ اھي تباھھ ٿي ويندا ۽ جيڪڏھن اھڙي تحريڪ ھلي بھ تھ ان جي سخت مزاحمت ڪن.
مير علي مراد دغا ڪري ولي چانڊئي کي گرفتار ڪيو ھو، تنھن ڪري سر چارلس مٿس ڪرڙي نظر رکي رھيو ھو. سندس درٻار ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو ھئائين. ان کان سواءِ وزير بھ انگريز سرڪار جي صلاح کان سواءِ ڪونھ رکندو ھو. ھن جي سياسي معاملن ۾ دخل اندازي بھ دوستاڻي طريقي سان ڪئي ويندي ھئي. ان جو ڪارڻ اھو ھو تھ مير نوجوان ھو. عيش عشرت جو ڪوڏيو ھو. ان ڪري ملڪي معاملن ۾ دلچسپي گھٽ وٺندو ھو. اھڙيءَ ريت درٻار ۾ انگريز دشمن جي سرڪي اچڻ جو امڪان ھوندو آھي. تنھن ڪري کيس انگريز پوليٽيڪل ايجنٽ ضروري صلاح مشورا ڏيندو رھندو ھو. ھن کي اھو بھ بار بار ياد ڏياريو ويندو ھو تھ سندس حڪمراني انگريزن سان وفاداريءَ ۽ تابعداريءَ سان مشروط آھي. اھڙين ڳالھين جي اڳتي ھلي وڌيڪ وضاحت ڪئي ويندي. ھن قسم جي سکيا ۽ تربيت ڏيڻ سنڌ جي تحفظ لاءِ نھايت ضروري بھ آھي. ڇاڪاڻ تھ ھن مير جي حڪمراني سنڌو درياه جي ٻنھي ڪنڌين سان آھي. جيڪڏھن اتي امن امان ھوندو تھ آگبوٽن جي آمد رفت امن ۽ آشتيءَ سان ھلي سگھندي. روھڙي، سکر، شڪارپور ۽ حيدرآباد کي سندس حڪمراني کان الڳ سمجھيو وڃي. ھن جي اتر پاسي ڌاڙيل قبيلا آھن. ھيٺ سنڌو سيوھڻ ڀرسان وھندو آھي. جتي ھالا جبل اچي ھن درياه کي ڇھندو آھي. سنڌوءَ جي ويجھو واري ايراضي سکي ستابي نظر ايندي آھي، جتي قلعن جي تعمير بھ موجود نظر ايندي آھي. ھنن سڀني قلعن کان ڪوٽڏيجي وارو قلعو وڌيڪ مضبوط آھي. ھن درٻار کي ٽالپر شھزادا عزت جي نظرن سان ڏسندا آھن. افغانستان ۽ قلات جا حڪمران بھ ھن درٻار جو احترام ڪندا آھن. ڪوٽڏيجي جو قلعو وسيع آھي. جنھن ۾ ھٿياربند فوج جو وڏو تعداد رھي سگھي ٿو. ھن حڪمران پگھار تي بلوچ ۽ پٺاڻ فوج رکي ڇڏي آھي، اھڙو کيس حق بھ مليل آھي.
سنڌ کي فتح کان پوءِ قابل انتظاميا جي ضرورت آھي ۽ اھڙي اھل انتظاميھ موجود بھ آھي، جنھن کي رڙيون کبرا ڪري مقرر ڪونھ ڪيو ويو آھي. ھن ملڪ کي بلڪل نئين انتظاميھ جي ضرورت ھئي، جنھن جو سوچ سمجھھ کان پوءِ قيام بھ عمل ۾ اچي چڪو آھي. انھيءَ ۾ مسلمان سنڌي ۽ ھندو سنڌي ماڻھن جو تعداد مفتوح بلوچن جي تعداد کان وڌيڪ ڪونھ آھي. جنرل ھي ملڪ تلوار جي سگھھ سان کٽيو ھو. سندس خواھش ھئي تھ سندس فوج جو ڏڏي ڏاکر ۽ ڀئھ جو ڀرم قائم رھندو اچي ۽ پنھنجي فوجي فرض جي ادائگيءَ ۾ ڦڙت ۽ مستعد ھجي ۽ جيڏانھن بھ ان کي روانو ڪجي حڪم اکين تي رکي کلندو وڃي. پنھنجي منصبي فرض کي ادا ڪري، اندرئين ۽ ٻاھرئين دشمن کي مڙسيءَ سان منھن ڏئي سگھي. جيڪڏھن منجھس ڪي اوڻايون آھن بھ پر پوءِ بھ سوڀ لاءِ سر تريءَ تي رکي وڙھي. ھن قسم جي تيز نظر کان ممبئي واري ڌر نپٽ ھئي. ۽ ھي چئي سگھجي ٿو تھ اھي ماڻھو امن ۽ آشتي جا ڏٺا وائٺ ويري آھن، جيڪي باغين مان چڱائي جي اميد رکيون ويٺا آھن. تنھن ڪري انھن نئين قسم جو گوڙ شور شروع ڪري ڇڏيو آھي تھ سنڌ جي فتح ڪري ھندستان جي سرحد ڪمزور ٿي وئي آھي. ممبئي واري ڌر جو اھم ذريعو گوڙ شور، ۽ ھٿ ناٽ ڪري، ڪوڙ کي سچ ثابت ڪري، ڪنھن کي ھروڀرو لوئڻ ھوندو آھي. گوڙ شور ۽ واويلا بھ اھڙي منظم طريقي سان ڪندا آھن، جو عام ماڻھوءَ کي شعور ڪتب آڻڻ جي تھ وٿي ئي ڪانھ ڏيندا آھن. ھاڻي بھ ساڳين ماڻھن واويلا شروع ڪري ڏني آھي تھ سنڌ جڏھن ٽالپرن جي ماتحت ھئي تھ ٿر وارو رڻ پٽ ھندستان جو وڏو بچاءُ ھوندو ھو، جيڪو ان جي الھندي سرحد سان واقع آھيون. سندن اھو بھ چوڻ آھي تھ رڻ پٽ ملڪن لاءِ وڏي بچاءَ جي حيثيت رکندا آھن.“ اھا ڳالھھ صحيح آھي تھ رڻ پٽ ملڪي سرحدن جي بچاءَ جو سبب ھوندو آھي، پر رڻ پٽ ايڏو وڏو بچاءُ ڪري ڪونھ سگھندا آھن، جيڏو ممبئيءَ واري ڌر سمجھي رھي آھي ۽ ان کي بدنيتيءَ سان پيش ڪري رھي آھي. پر اھا حقيقت ائين بھ ڪانھ آھي. ڇاڪاڻ تھ رڻ پٽ واري ان سرحد تان ھٿ ڪونھ کنيو ويو آھي، پر ان کي اڳئين کان وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو آھي. پر اھو ڪونھ ٿو ٻڌايو وڃي تھ اولھھ طرف کان ٻاھريون دشمن ڪير آھي؟ اھو دشمن ھڪ افغانستان ۽ ٻيو قلات آھي. اِھي ملڪ پنھنجي نفرت ڪري حملو ڪري سگھن ٿا يا اِھي ملڪ روس جي اشاري کان پوءِ ايران جي اتساھڻ تي فوج ڪشي ڪري سگھندا.
پر اتر ۽ اتر- اولھھ پاسي ڪير آھن؟ ساڳيو افغانستان جيڪو روس جي چرچ ڏيڻ کان پوءِ ايران کي حملي ڪرڻ لاءِ اتساھيندو، ان کان سواءِ امڪاني حملي آور سک بھ ٿي سگھي ٿو. پر ايران لاءِ سڪندر وارو گيڊروشيا gedrosia وارو رڻ پٽ ٿر واري ويران علائقي کان وڌيڪ خطرناڪ آھي، جيڪو سنڌ کي ھندستان کان الڳ ڪري ٿو. جيڪڏھن ايران حملو ڪندو تھ ھرات ۽ اتر افغانستان کان ڪري سگھندو ۽ ھيٺ لھي بولان واري لڪ کان اڳتي وڌندو. ايران جو سنڌ تي ٻئي حملي جو رستو ھي آھي تھ ھو ھالا جبل جو اولاھيون پاسو ڏئي، سامونڊي ڪناري وٽان سنڌ ۾ داخل ٿي سگھي ٿو. جيڪڏھن ايران بولان لڪ کان ھيٺ لٿو تھ اھو اڳ ۾ بکر ۽ پوءِ حيدرآباد تي قبضو ڪندو. پر جيڪڏھن اھو سامونڊي ڪناري واري طرف کان آيو تھ پھريائين ڪراچيءَ تي قبضو ڪندو. اھي ٽيئي سکيا ستابا ۽ خوشحال علائقا آھن. ان کان پوءِ ھندستان تي حملي ڪرڻ واسطي ان کي سنڌو بھ اڪرڻو پوندو، جنھن کان پوءِ ٿر جو رڻ پٽ لتاڙي ھندستان ۾ داخل ٿيندو يعني ھندستان ۽ سنڌ جي وچ تي ٿر جھڙي اڻانگي جوءِ آھي جنھن وچان اڪري کيس ھندستان ۾ داخل ٿيڻو پوندو.
جيڪڏھن ايران، افغانستان، ترڪستان، بلوچ ۽ سک گڏجي ھندستان تي حملو ڪن تھ اھي فيروزپور وٽان ھندستان ۾ داخل ٿي سگھن ٿا. ڇاڪاڻ تھ اتان ستلج ھن فوج کي گھڻي وقت تائين روڪي بيھاري ڪانھ سگھندي. امڪان اِھو آھي تھ دشمن ھن آسان رستي جي چونڊ ئي ڪري. ان کان سواءِ ٿر وارو رڻ پٽ اتر ۾ ان جڳھھ تائين پھچي ختم ٿي وڃي ٿو. اھڙي نازڪ صورتحال ۾ دشمن سنڌ جي ٽالپر حڪمران ۽ بھاولپور جي خان کي مدد ڏيڻ لاءِ مجبور ڪري سگھي ٿو. جيڪڏھن دشمن ٿر وارو ويران علائقو اڪري ممبئي تي حملو ڪري ھا تھ اھو ٽالپر حڪمرانن کان مدد وٺي سگھيو پئي. پر جيڪڏھن فيروز رستي دھلي تي حملو ڪرڻ چاھي ھا تھ اھو وري بھاولپور جي خان کان مدد حاصل ڪري ھا. ليڪن ھاڻي صورتحال تبديل ٿي وئي آھي. سنڌ ھاڻي انگريز فوج جي ھٿ ھيٺ آھي، جنھن جي راڄڌاني ڪراچي آھي. ان کانسواءِ ممبئي سان سمنڊ وسيلي آمد رفت شروع آھي. دشمن ھاڻي بولان کان اڳتي وڌي سنڌ مان گذري ڪونھ سگھندو. نھ وري ھالا جبل جو اولھھ ڏئي سامونڊي ڪناري کان لنگھي سنڌ ۾ داخل ٿي، ٿر اڪري ممبئي تي حملو ڪري سگھندو. ان کان سواءِ دشمن لاءِ سنڌو درياه بھ اڪرڻ مشڪل آھي، ڇاڪاڻ تھ ھن درياه تي آگبوٽن جو پھرو موجود آھي ۽ اتي جي قلعن جي مرمت ڪري، انھن کي مضبوط ڪيو ويو آھي. ان سان گڏ اھم ڳالھھ ھي بھ آھي تھ سنڌ جي فتح کان پوءِ اتان جا ماڻھو انگريزن سان گڏ آھن. تنھن ڪري ھندستان جي ڏکڻ اولھھ سرحد ڪمزور ٿيڻ بدران وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آھي. اھڙين تبديل ٿيل حالتن ۾ جيڪڏھن دشمن ھندستان جي اتر اولھھ واري گھٽ کان اڪري، دھليءَ تي حملو ڪيو تھ ان جو پاسو flank ۽ پٺِ rear ڪمزور ٿي ويندو. اھو فوجي پيش قدميءَ جو نھايت ڊگھو رستو آھي، جيڪو ماضيءَ ۾ پڻ اختيار ڪيو ويو آھي. اھم ڳالھھ اھا بھ آھي تھ ڊيسا، جوڌپور، جيسلمير ۽ ٻين جڳھن تي ويھي، ٽالپرن تي بھ نظر رکي سگھجي ٿي. جن کي ”ڊيوڪ آف ويلنگٽن“ سنڌوءَ جي ڏکڻ واري پاسي جا ڌاڙيل سڏيو آھي. مٿين ڳالھين تي جيڪڏھن سوچبو ۽ ويچاربو تھ سنڌ جي فتح، ھندستان ۽ انسانذات لاءِ ڏاڍي فائدديمند آھي. ھن ڌرتيءَ وسيلي تجارت ترقي ڪري سگھندي، پر اخبارن جي واويلا ھن جي اھميت کي لڪائي ڪانھ سگھندي. ليڪن ھن چوڻي تي بھ غور ضرور ڪرڻ گھرجي تھ جڏھن اخبارون ڪنھن شيءِ لاءِ واويلا مچائي رھيون آھن تھ سمجھڻ کپي تھ دال ۾ ڪجھھ ڪارو آھي، ۽ پردي پٺيان ڪا ٻي شيءِ موجود آھي. ليڪن مظلوم ۽ سچ چوڻ وارن سڌن ماڻھن تي اخبارن جي ھاءِ گھوڙا جو ڪو اثر ڪونھ ٿيندو. معلوم ائين ٿي رھيو آھي تھ اخبارن جي واويلا جو فقط ھڪ موضوع آھي، جنھن مان سولائيءَ سان سمجھي سگھجي ٿو تھ ڪا سازش ٿي رھي آھي.
سر چارلس نيپئر پنج سؤ ميل ڊگھي رستي جي نگراني ڪري رھيو آھي، جنھن سان ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ شڪارپور جھڙا چار اھم ماڳ واقع آھن.
ھنن مان شڪارپور ڪچي جي جابلو علائقي ويجھو آھي، جتي گئريسن فوج رکڻ نھايت ضروري آھي. جيڪا ضرورت وقت سکر ۾ ٽڪيل فوج جي مدد ڪري سگھي ٿي.
حيدرآباد تھ اھڙو اھم ماڳ آھي جتي ويھي سنڌ جي ڪن مرڪزن تي نظر رکي سگھجي ٿي. ان کان سواءِ ھي ٿاڪ سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علاٰئقي جي مٿان آھي. ھتي ھڪ مضبوط قلعو خندقن واري فوجي وانڍ بھ آھي. ھن جي ڀرسان ڪوٽڙي ۾ آگبوٽن جي وڏي اسٽيشن آھي.
ڪراچيءَ جي چوڌاري ڪوٽ ڦيريل آھي ۽ مقامي قسم جي تعمير جو ھڪ قلعو بھ ٺھيل آھي. ان کان سواءِ خندقن واري فوجي ڇانوڻي بھ آھي.
انھن فوجي ۽ غير فوجي اريگيولر ھارس ۽ پوليس جي مرڪزن جي ڪارڪردگي جو پنھنجو دائرو آھي. ھن قسم جي انتظامي سرگرميون ان وقت شروع ڪيون وينديون آھن، جڏھن ڪو حملو ٿيندو آھي. ھنن مين وٽ گوليون بارود وغيره ججھي انداز ۾ موجود ھوندو آھي. ھٿياربند آگبوٽ آمد رفت جي سرگرمين جي حفاظت ڪندا رھندا آھن. فوج کي بنا ڪنھن روڪ رنڊڪ جي اڳتي پيش قدمي ڪرڻ لاءِ مناسب جڳھن تي قلعا موجود آھن. اھڙن قلعن جي مرمت، تعمير جي سامان ۽ رازن جي ملڻ جي آڌار تي ڪئي وئي آھي. ڇاڪاڻ تھ سنڌ تباھھ حال آھي، جنھن ۾ پيداواري شيون گھٽ آھن. سڀني قلعن ۾ اضافي ڪم ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو ھو تھ ھر قلعو وڏو ھجي، جنھن ۾ گولا بارود رکڻ لاءِ گدام ٺھيل ھجن. اھڙي تعمير مڪاني حالتن کي ڏسي شروع ڪئي وڃي ۽ برجن تي پھري لاءِ ٿورا ماڻھو مقرر ڪيا وڃن. شڪارپور ھڪ قلعبند شھر آھي، جنھن اندر مڪاني طرز جا ٽي قلعا موجود آھن. پر اتي بھ مارٽيلو martelo برجن جي ضرورت آھي. سکر جي فوج جو گولا بارود بکر ۾ رکيل آھي، جيڪا ھڪ محفوظ جڳھھ آھي. پر گولا بارود رکڻ واري جڳھھ پراڻي آھي. حيدرآباد جو قلعو ٽالپرن جو جوڙايل آھي، جنھن کي خندقن واري فوجي وانڊ camp سان ائين ملايو ويو آھي جيئن اٿيھن سان پيرائس piraius کي ملايو ويو آھي. پر اتي برجن بدران اوچيون ڀتيون آھن. ھن شھر جي بلڪل آمھون سامھون ڪوٽڙي وارو قلعو آھي، جيڪو آگبوٽن جي ھڪ وڏي اسٽيشن آھي.
ڪراچي وارو ماڳ ممبئي سان ڳنڍيل آھي، جتي ويھي باغين تي سولائي سان حملو ڪري سگھجي ٿو. ھتي ھڪ ننڍو قلعو آھي جنھن کي اٺ ڏھھ برج آھن. ان جي ڀرسان تازي پاڻيءَ جو ھڪ تلاءُ آھي جنھن جو پاڻي ڪونھ کٽندو آھي. گولا بارود واري ھر گدام ۾ گئريسن جي ٽي سؤ فوجين لاءِ ھٿيار رکيل ھوندا آھن، پر ھنن گدامن ۾ گولا بارود رکڻ جي جڳھھ اڃا بھ گھڻي آھي. ان کان سواءِ ھر ھڪ مارٽيلو برج ۾ ارڙھن پائوڊز سان گڏ ٻارھن فوجي ھوندا آھن. اھڙيءَ ريت ريجيمينٽ جي ھڪ ونگ ھڪ فوجي اسٽيشن جي نگراني ڪندي آھي. ان حساب سان اڍائي ريجيمينٽون سڀني اھم فوجي ٺڪاڻن جي ذميواريءَ جون ذميوار ھونديون آھن. تنھن ڪري گولا بارود جو ھر گدام بلڪل مضبوط آھي ۽ باغن جو انھيءَ ماڳ تائين پھچڻ ناممڪن آھي. ان ڪري انگريز جو وڏو تعداد آزاديءَ ۽ آرام سان جيڏانھن وڻندو موڪلي سگھبو آھي. پر رستا واھن ۽ شڪار گاھن ڪري ڪٽيل آھن. جيڪي فوجي مقصدن لاءِ ٺھيل ڪونھ آھن.

ھيءَ حقيقت مٿي بھ بيان ڪئي وئي آھي تھ ڪھڙي ريت پوليس ۽ اريگيولر ھارس، فوج جي چوڌاري رھنديون ۽ ڪم ڪنديون ھيون، جنھن کي ملڪ جي اندروني امن جي ذميوارين سان گڏ، ڌاڙيل قبيلن کي بھ منھن ڏيڻو پوندو ھو. ليڪن ملڪ جون حدون گھڻو پري تائين پکڙيل ھيون، تنھن ڪري نيم وحشي قبيلن جي ڦرلٽ کان آجائي ڪانھ ھئي ۽ سرڪار کي اضافي فوج رکڻ جي ضرورت ھئي. انھيءَ ڪري ھن ڏس ۾ لارڊ ايلنبرو کان اجازت يا ھدايتن وٺڻ جي ضرورت محسوس ٿي رھي ھئي. ڇاڪاڻ تھ مٿي بيان ڪيل سڀ ڳالھيون ھڪ ئي وقت ٿي رھيون آھن. سر چارلس جو خيال ھو تھ جھڙيءَ ريت نيپوليئن ضرورت کي محسوس ڪندي، مصر ۾ اٺ فورس Camel force قائم ڪيو تھڙيءَ ريت ھتي بھ فوج جا اٺ سوار دستا موجود ھجن. اھو ئي ڪارڻ ھو جو جنرل چارلس، سنڌ ھارس سان گڏ ھڪ ٻي ريجيمينٽ بھ تيار ڪئي ھئي، جيڪا ڪئپٽن مالڪوم Malcolm جي ماتحت رکي وئي ھئي. ھي فوجي عملدار نھايت بھادر ۽ عقلمند ماڻھو آھي. جڏھن تھ اٺ سوار فوج جي ڪمانڊ ليفٽيننٽ فزيجيرالڊ Fitzgerald جي حوالي ڪئي وئي آھي. ھي پڻ ھڪ بھادر ۽ باصلاحيت فوجي عملدار آھي ۽ ڪنھن بھ وقت ھو ڏکئي معاملي کي چالاڪيءَ ۽ ڦڙتائيءَ سان سر انجام ڪري سگھندو آھي ۽ اٺ سوار فوجي دستن جي مقرريءَ جو مقصد بھ اھو آھي.
ھڪ اٺ تي ٻھ فوجي سوار ٿيندا آھن، جن مان ھڪ کي ڪئرابائين carabine ۽ تلوار ھوندي آھي. جڏھن تھ ٻيو توڙيدار بندوق ۽ بئنيت bayonet سان مسلح ھوندو آھي. اھڙيون ٽوڙيدار بندوقون ڪراچي ۾ رکيل پراڻي قسم جي ھٿيارن کي ڪپي ڪوري بڻايون وينديون آھن. ھڪ ماڻھوءَ جي ھٿ ۾ اٺ جي مھار ھوندي آھي ۽ پاکڙي جي پوئين کاني ۾ ويھي اٺ بھ ھلائيندو آھي تھ دشمن تي بھ حملو ڪندو آھي. جڏھن ٻيو اٺ سوار انفنٽري Infantry جي فوجي سپاھيءَ جيان ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪندو آھي. ڇاڪاڻ تھ ڌاڙيل گھاڙن ۾ ويھي مقابلو ڪندا آھن ۽ جيڪڏھن ميداني علائقن ۾ ھوندا آھن تھ ڌرتيءَ ۾ چر کوٽي پوءِ مھاڏو ڏيندا آھن. تنھن ڪري انھن تائين نيزو ۽ تلوار پڄي ڪانھ سگھندي آھي. جيڪڏھن دشمن جو تعداد گھڻو ھوندو آھي تھ اٺن کي ھشائي اھڙي ريت ويھاريو ويندو آھي، جيئن سندن منھن اندرئين پاسي ھجن ۽ اٺ حفاظتي ديوار بڻجي ويندا آھن. اھا تجويز پڻ پيش ڪئي وئي ھئي تھ فوجي سپاھين کي ڏڦن سان پڻ مسلح ڪيو وڃي. پر اھڙي تجويز فزجيرالڊ جي چوڻ تي رد ڪئي وئي ھئي. جڏھن تھ اھڙي تجويز اڃا بھ موجود آھي. ليڪن نظر ائين اچي ٿو تھ جيڪڏھن ڌاڙيل گھڻا ۽ تلوارن سان مسلح آھن تھ کين انھن ڏڦن سان مات ڏئي سگھجي ٿي. اٺن ۾ اھا سھوليت آھي تھ اھي سوارن سان گڏ کاڌ خوراڪ ۽ ھنڌ بسترا بھ کڻي ھلندا آھن. اھڙو سامان پاکڙي جو حصو بڻجي پوندو آھي ۽ ضرورت مھل اھي فوجي ڄڻ انفنٽري فوج بڻجي پوندي آھي. ھنن وٽ نھ تنبو ھوندو آھي نھ ڪميساري يا ڪو سامان سڙو ھوندو آھي، تنھن ڪري سندن چرپر ڏاڍي آسان ھوندي آھي ۽ چوويھن ڪلاڪن دوران سٺ ميلن جي منزل ھڻي سگھندا آھن. ليڪن اھو سفر ڏٻرا ۽ ڍرا اٺ ڪري سگھندا آھن. جيڪڏھن وھٽ ڀلا ۽ تازا تڪڙا ھوندا آھن تھ چوويھن ڪلاڪن اندر اسي يا نوي ميل منزل ڪري وڃي پار پوندا آھن. تنھن ڪري ڪو ٻيو جانور ايترو تڪڙو سفر ڪري کانئن اڳتي نڪري ڪونھ سگھندو آھي. جڏھن اٺ سوار فوجي دستا تيار ڪيا ويا تھ ڪچي واري جابلو علائقي ۾ رھندڙ انگريزي فوج جي مدد لاءِ ضروري موڪليا ويندا.
سنڌ جي صورتحال اھا آھي ۽ ان جا پاڙي وارن قبيلن ۽ قومن سان ناتا رابطا اھي آھن، جيڪي مٿي بيان ڪيا ويا آھن. ھن کان پوءِ جن واقعن جو احوالو اوريو ويندو سو سولائيءَ سان سمجھي سگھبو.