ضميمو ٻيو
جولاءِ 1845ع
سنڌ جي اتر ۽ لاڙ واري پاسي ڪمند جو فصل وسيع ايراضيءَ تي پوکيو ويو آھي. ھي فصل سنڌوءَ جي ڪٺار واري علائقي ۾ گذريل ڪيترن سالن کان پوکيو پيو وڃي، مان پوري ڀروسي سان چئي سگھان ٿو تہ ھيءَ پوک اڃا بہ وڌندي رھندي. ٽالپر دور ۾ ڍل تمام ڳري ورتي ويندي ھئي. تنھن ڪري ھيءَ پوک ٿوريءَ ايراضيءَ تي پوکي ويندي ھئي. پر ھاڻي سنڌوءَ جي ٻنھي ڪڙن سان ڀلي زمين ۾ زراعت جي ھيءَ جنس پوکي ويندي آھي. سنڌوءَ جي سالياني ٻوڏ ڪري پاڻي سان گڏ ايندڙ لٽ زمين تي ڇائنجي ويندو آھي، تنھن ڪري فصل ڏاڍا ڀلا ٿيندا آھن ۽ ان زمين کي ٻئي ڀاڻ ڏيڻ جي ضرورت ڪانہ پوندي آھي. ھندستان جي ڪنھن ٻئي صوبي ۾ ائين ڪونہ ٿيندو آھي، ھن پوک جي ڍوئي گڏ ڪرڻ ۽ ٻئي ڪم ۾ گھڻو خرچ ايندو آھي. سنڌ اندر مکيھ پورھيو جھنگ وڍي ٻني صاف ڪرڻ، ھر ڪاھڻ ۽ فصل مان گاھھ صاف ڪرڻ ھوندو آھي. معلوم ٿئي ٿو ھندستان جي ٻين علائقن ۾ ڪمند جي پوکي ناممڪن ھوندي آھي. ڇاڪاڻ تہ ھن پوک کي پاڻي جي گھڻي ضرورت ٿئي ٿي. جڏھن تہ انھن علائقن ۾ پوکي راھي کوھن جي وسيلي ٿيندي آھي، پر سنڌ ۾ ھيءَ پوک سنڌوءَ جي ڪٺار واري جوءِ ۾ ٿيندي آھي. جتي پاڻي اڻيھئي ۽ جام ھوندو آھي. ٽالپرن وار دور ۾ بہ اھو ساڳيو پاڻي ھو، زمين بہ ساڳي ڀلي ھئي. پر ماڻھو ھن پوکي ڪاھڻ کان پري پيا ڀڄندا ھئا. ھاڻي تہ ڍل ٿوري آھي. پر پوءِ بہ ماڻھو ھن پوک ۾ ايتري دلچسپي ڪونہ ٿا وٺن جيتري کين وٺڻ گھرجي. ھتان جي ڪمند جي ڇڙي ننڍي ٿئي ٿي ۽ ان جي رس جو ذائقو گھڻو سٺو ڪونہ ٿو ٿئي. ڪمند جو وڏو حصو شھرن ڏانھن وڪري لاءِ کڄي ويندو آھي ۽ ماڻھو ان کي چوسڻ لاءِ خريد ڪندا آھن. ان کان سواءِ ڪمند جي پوک ڀرپاسي جي ڳوٺن ڏانھن بہ ويندي آھي. ان پوک جو باقي ٿورو حصو پيڙيو ويندو آھي، جنھن جو طريقو ايڏو سٺو ڪونہ ھوندو آھي. اھڙي ريت ان رس مان ڳڙ تيار ڪيو ويندو آھي. ھتان جا ماڻھو ڳڙ ٺاھڻ جي صحيح طريقي کان واقف ڪونہ آھن. ھن فصل جو سٺو ٻج ماريٽس گھرائي پوکي سگھجي تہ پيداوار وڌي سگھي ٿي. ھتان جي ڪمند جي پوک جيڪڏھن صحيح طريقي ڪئي ويندي تہ ان مان بہ فائدو ٿي سگھي ٿو. ان لاءِ ڳڙ ٺاھڻ جي طريقي کي سڌارڻ جي بہ ضرورت آھي. ڇاڪاڻ تہ ھتان جو طريقو ايڏو سٺو ڪونہ آھي. ليڪن ھر قسم جي کنڊ تہ مسقط مان گھرائي ويندي آھي. بنگال جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪمند جي پيڙڻ ۽ کنڊ ٺاھڻ جا ڪيترائي ڪارخانا قائم ڪيا ويا آھن، پر سنڌ جھڙيون سھوليتون تہ اتي بہ ڪونہ آھن. جتي ڀلي ٻني، مناسب آبھوا، آبپاشيءَ جو سولو نظام ۽ پيداوار کي شھرن تائين پھچائڻ جو سولو طريقو بہ آھي. جيڪڏھن ھن پوک جي ڏس ۾ حڪومت واھر ڪندي تہ ھيءَ پوک تمام گھڻي ايراضيءَ ۾ پوکي سگھجي ٿي. جيڪڏھن کنڊ لاءِ وڏي صنعت قائم ڪبي تہ ايترو گھڻو خرچ ڪونہ ايندو. پر موٽ ۾ وڏو نفعو ڪمائي سگھجي ٿو. اھڙي ريت کنڊ جي وڏي تجارت بہ شروع ڪري سگھجي ٿي. شگر ملون ڪمند جي پوک ڀرسان ھئڻ کپن. ڇاڪاڻ ڪمند وڍجڻ کان پوءِ جلدي سڪي ويندو آھي. ان ڪري رعيتي ماڻھن کي ھن پوکيءَ لاءِ ھمٿايو وڃي تہ ڳڙ ٺاھي شھرن ۾ وڃي وڪڻن ۽ خوب ناڻو ڪمائن يا کڻي کنڊ جي سرڪاري ڪارخانن کي ڏين. جيڪڏھن شگر مل انگلينڊ مان گھرائبي تہ ٽي سئو پائونڊ کائي ويندي. پر نصب ڪرائڻ ۾ بہ ڪجهہ خرچ لڳي ويندو. تنھن ڪري اھا سرڪار کي ساڍن ٽن سون پائونڊن ۾ پلئھ پوندي. جيڪڏھن رعيتي ماڻھن کي ڳاڙھي کنڊ ٺاھڻ سيکاربي تہ لوھھ جي مل گھرائڻ جي خفي کان جند ڇٽي پوندي.
جيڪڏھن ڪي ادارا کنڊ جي ڪارخانن لاءِ ڪم ڪري سگھن ٿا تہ انھن مان ڪو ادارو اھڙو بہ ھجي جيڪو نير جي پوک جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ بہ ڪم ڪري. سکر کان وٺي ڪوٽڙيءَ تائين اھڙي زمين آھي جيڪا نيز جي پوک لاءِ بھتر آھي. ڪوٽڙي کان ھيٺ زمين تہ ڀلي آھي پر ماڪ گھڻي پوندي آھي جيڪا ھن پوک لاءِ ھاڃيڪار ھوندي آھي. سنڌ ۾ نير اڃا بہ گھڻو وڌي اپائي سگھجي ٿو. ان جو ڪارڻ اھو آيو تہ سنڌوءَ ۾ ورھيارو چاڙھھ ايندو آھي. ٻوڏ جي ان پاڻي ۾ ڀل يا لٽ گھڻو ھوندو آھي. تنھن ڪري جيستائين پاڻي پھچندو آھي لٽ پوڻ ڪري ڍلي زمين بہ ڀلي ٿي ويندي آھي. پاڻيءَ جي ليٽ ڪري زمين پاڻي پي رڄي ويندي آھي، جنھن ۾ نير جو فصل ڏاڍو ڀلو ٿيندو آھي. بنگال جو نير بہ معيار ۾ ڀلو ٿيندو آھي. جيڪڏھن سنڌ جو نير معيار ۾ ان کان ڀلو نہ آھي تہ ھن جھڙو تہ ضرور آھي. بنگال ۾ جيڪڏھن مينھن نہ وسن تہ بلڪل سنڌ جھڙو آھي. ڏٺو وڃي تہ نير جي ٻوٽيءَ لاءِ مينھن ھاڃيڪار ھوندو آھي. کاڻوٺ ۽ مانجھند واري علائقي ۾ اٽڪل نوي يا ھڪ سو مڻ نير اپايو ويندو آھي. جيڪو ڏاڍي سٺيءَ جنس جو آھي، پر بنائڻ جو طريقو صحيح ڪونہ ھوندو آھي، تنھن ڪري ان جي قيمت ڪجهہ گھٽ ملندي آھي.