باب پنجون: سنڌ جا ھنر، ھنرمند، زرعي ۽ معدني ذريعا ۽ انھن جي سنڀال
ھاڻي تازو پوليس انتظاميھ جو بہ جوڙجڪ ڪيو ويو آھي. ھن کاتي جا ماڻھو امن امان قائم ڪرڻ جي مقصد سان ٻھراڙي ۾ بہ وڃي رھيا آھن ۽ پنھنجي اختيارين کي ھوريان ھوريان قائم ڪري رھيا آھن. تنھن ڪري ضلعن جا ڪليڪٽر عدالتي نظام کي متعارف ڪرڻ جي لائق بڻجي ويا آھن. اھڙي ريت کين خاص قسم جي معلومات حاصل ڪرڻ جي آساني بہ حاصل ٿي وئي آھي. ڍل جي اوڳاڙي بہ سولائيءَ سان ٿي وڃي ٿي جنھن ۾ انصاف رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي. ھتي اونھاري وارا فصل اھم ھوندا آھن. فصل لھڻ کان پوءِ ان فصل جي پيداوار کي حفاظت سان آڻي ھڪ جاءِ تي گڏ ڪيو ويندو آھي. ڇاڪاڻ تہ ھن فصل تي تمام گھڻي سرڪاري ڍل وصول ٿيندي آھي، پر صحت بخش جڳھھ اڃا تائين ملي ڪانہ سگھي آھي ۽ فوجين لاءِ اھڙيون صحت بخش بئرڪون بہ تعمير ٿي ڪونہ سگھيون آھن. ڇاڪاڻ تہ ھتي رازن جي اڳئي کوٽ ھئي، پر ھن وچڙندڙ بيماريءَ ڪري تہ رھندو بہ انھن جي اڻاٺ ٿي وئي آھي. پھرين ڪوشش ڪئي وئي تہ احمد خان ۾ صحت بخش مقام جي تعمير ڪجي، جيڪو سلطان احمد خان جي دل پسند جڳھھ آھي. پر اھا مناسب ڪانہ لڳي. ڇاڪاڻ تہ اتي جڳھن جي ڇت کي ڍڪڻ لاءِ ڪو سامان دستياب ٿي ڪونہ سگھيو. تنھن ڪري اھڙيون بئرڪون جلدي ۾ تعمير ٿي ڪونہ سگھيون. انڪري رازا بہ موٽي آيا ۽ خرچ بہ گھڻو ٿي ويو. ھن کان علاوه ٻئي ڪنھن بھتر ماڳ جي چونڊ بہ ڪانہ ڪئي وئي ھئي. ان کان پوءِ فوج کي مختلف ماڳن تي ننڍن گھرن ۾ رھايو ويو ۽ ضرورت مطابق کين ٻاھر بہ موڪليو ويندو ھو. پر انھن موسم ڏسي پوءِ چرپر عمل ۾ آندي ھئي. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن سندن صحت تي سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو اثر نہ ٿئي. پر سندن اھڙو خيال ڪرڻ ڏاڍو مشڪل بہ ھو، ڇاڪاڻ تہ چوماسي جي رتِ ۾ سنڌوءَ جو پاڻي اٿل ڪري چوڌاري پکڙجي ويندو آھي ۽ جيڏانھن بہ ھي فوجي ويندا تہ سنڌوءَ جو پاڻي وٽن اچي نڪرندو ھنن کي جابلو علائقي ۾ تہ کڻي رھائجي ھا، پر اتي وري پاڻي جو ملڻ مشڪل مسئلو آھي. ان کان سواءِ اچڻ وڃڻ لاءِ رستا بہ ڪونہ آھن. جن وسيلي تعمير جو سامان آساني سان موڪلي سگھجي. ٻي مصيبت اھا ھئي تہ ان وچڙندڙ بيماريءَ ڪري عام ماڻھو اگھا لڳا پيا ھئا. ھتان جي سياري واري موسم بہ ڇتيءَ گرميءَ وانگي ھڪ مصيبت ھوندي آھي، تنھن ڪري سرڪاري انتظاميھ بہ سست ٿي وئي ھئي.
ھنن سڀني آپدائن کان وڏي آپدا ڪامورا شاھي آھي، جيڪا ھر ڪم ڪار کي روڪڻ لاءِ ڄڻ تہ رستي جو پٿر بڻيل آھي. جنھن کي ڌڙابندي ۽حسد وارا اڌ مان اڳتي ڌڪي رھيا آھن. پر ڪي ماڻھو اھڙا بہ آھن جيڪي سر چارلس کي ھڪ ايماندار ۽ شريف انسان سمجھندا آھن. ڪي وري ذھني طور ننڍڙا ماڻھو جيڪي سمجھندا آھن تہ سنڌ جي ھن گورنر کي ڦاھيءَ تي لڙڪايو وڃي ۽ سندس قتل انھن ماڻھن لاءِ مثال ھجي، جيڪي اھم تبديليءَ جا خواھشمند ھوندا آھن. ھن قسم جي ڪامورا شاھي کيس پنھنجي حسد واري سياھيءَ سان ائين سلھاڙي سڪ ڪري ڇڏيو آھي، جيئن للي پوٽينس Lilli potians گليور Gulliver کي جڪڙي ڇڏيو ھو. جڏھن سر چارلس انھن کي ٿورو ڍري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي تہ وھھ ۾ وھاٽيل پيغام اچي پھچندا آھن. سندس سارو وقت ۽ قوت تہ سنڌ جي امن امان ۽ فوج لاءِ وقت ھجڻ گھرجي پر اھڙي اھم وقت دوران ممبئي سرڪار جي سول ۽ فوجي ڪامورن وٽان سوين خط چوطرف روانا ٿي ويندا آھن. معمولي ڪمن سان لاڳاپيل کيس ڏھاڙي ٽي چار خط ملي ويندا آھن. جڏھن تہ اھم ڪمن سان لاڳاپيل خطن کي ڄاڻي واڻي ڪري دير ڪرائي ويندي آھي ۽ ھي غير ضروري وڏو پورھيو مٿس مڙھيو ويندو آھي تہ ھو سنڌ جا ٻيا اھم ڪم ڪار پاسي تي رکي ساه ٻوساٽيندڙ گرميءَ ۾ ويھي انھن خطن جا جواب لکي، جيڪا يورپي ماڻھن لاءِ ڄڻ موت جو پيغام ھوندي آھي. دشمنيءَ جون اھڙيون ڳالھيون سندس زندگي تباھہ ڪرڻ جي نيت سان ڪيون وينديون آھن.
ھن ڏکوئيندڙ ماحول ۾ سنڌوءَ جي اولھہ پاسي اتر سنڌ وارو علائقو جابلو ماڻھن جي حملن جي ضد ۾ ھو ۽ اھا ھڪ ڳڻتيءَ واري ڳالھہ ھئي. اتان جا گھڻا سردار سلام تي ڪونہ آيا ھئا، جن مان ٻن سردارن تہ ھٿيار سنڀالي ورتا ھئا ۽ ڌاڙا ھڻڻ شروع ڪري ڏنا اٿن. ٻيا سردار وري ڦرلٽ جي مال تي وڙھي ڍانگو ڍانگ ٿي پيا آھن. کين سياسي نقطئھ نظر جي تحفظ جي ڪابھ پرواھھ ڪانہ آھي. بلوچ سردارن اھڙن ڪرتوتن کي منھن ڏيڻ لاءِ ”اريگيولر ھارس“ جا جٿا روانا ڪيا ويا آھن ۽ اھڙي وڳوڙي سرحد جي بچاءَ واسطي ۽ ڌاڙيلن جي قھري ڪاررواين کي ختم ڪرڻ لاءِ سختي سان پيش اچڻ جو حڪم ڪيو ويو آھي. ھن وقت نہ رڳو قلات جي قبائلي سردارن جي اڀار جو خطرو آھي، پر سنڌ جي ھالا جبل جي سردارن مان بہ سرڪشي ڪرڻ جو ڀئھ آھي. ڌاڙن جي ھنن ڪاررواين کي سختيءَ سان منھن ڏيڻ لاءِ فزجيرالڊ جي اٺ سوار فوج لاڙڪاڻي ۾ وانڍ ھنيون ويٺي آھي. کيس حڪم ڪيو ويو آھي تہ اتي ھڪ مضبوط قلعو قائم ڪري وٺي. انھيءَ لاءِ تہ جيئن ان کي مرڪز بڻائي فوجي ڪارروائي جي ابتدا ڪري. ھتي پھچڻ کان ٿورو وقت پوءِ ھن چوويھن ڪلاڪن ۾ ھڪ سو ميل پنڌ ھڻي، ھڪ قبيلي جي وچ مان، ھڪ اھم مجرم جھلي کڻي آيو آھي، جنھن سنڌ جي ٻين سردارن کي مطيع ڪري ڇڏيو ھو، جيڪي سندس سلام ڀريندا ھئا. ھن جي ڏاڍين ڪري چوڏس ڏھڪاءُ ۽ ڦڙڦوٽ پئجي وئي ھئي. ھن جي گرفتاري ڪري غريب ماڻھن کي اندر جو آٿت ۽ جيءَ کي جپ ملي وئي ھئي.
انھيءَ زماني ۾ مير شير محمد لاءِ افغانن جو بلوچن کي ڀڙڪائڻ وارو ڀئھ ختم ٿي ويو ھو. سنڌ جو ھي اڳوڻو ٽالپر حڪمران افغانن کان مدد وٺڻ لاءِ وٽن لنگھي ويو ھو. پر دغاباز وحشي افغانن ساڻس اھڙو سلوڪ ڪيو ،جھڙو مير شير محمد پاڻ دغاباز ھو. کيس افغانن مان اھڙو خدشو ڪرڻو ھو، پر ھن نہ ڪيو. سر چارلس ھڪ ڀيري ھن لاءِ چيو ھو تھ، ”ھي اھڙو حڪمران آھي جيڪو پنھنجي لاءِ پاڻ سفير بہ آھي.“ افغانن ٺڳي ڪري کانئس سڀئي دولت کسي ورتي ۽ رات جو سندس نوڪرن کي چيو ويو تہ ھو ڀڄي پنھنجي جان بچائن، ڇاڪاڻ تہ سندن سردار (مير شير محمد) کي اڍائي لکن عيوض ”بھادر جنگ“ کي وڪرو ڪري ڏنو ويو آھي. جڏھن شير محمد کي پٺاڻن جي پرڪارن جو پتو پيو تہ گھوڙي لانگ ورائي وٺي ڀڳو ۽ ساه اچي ڪڇيءَ واري جابلو علائقي ۾ پٽيائين. ھتان جي ماڻھن سندس وڏي آجيان ڪئي. ھن ھتي ويھي سنڌ ۾ بغاوت جي باه ڀڙڪائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون ھيون. ھي ڪڇيءَ واري جابلو علائقي ۾ اچي بگٽين وٽ رھيو ھو. ھن قبيلي ۽ مرين جا پاڻ ۾ تر سنوان ڪونہ ھئا. شير محمد جي بگٽين وٽ رھڻ ڪري، مري قبيلي سندس واھر ڪرڻ کان پوئتي ھٽي ويو. تنھن ڪري سٽيل منصوبو ناڪام ٿي ويو. ائين ٿيڻ ڪري ممبئي واري ڌر جون آسون اميدون مٽيءَ ۾ ملي ويون. ان کانپوءِ سنڌوءَ جي اولھہ ڪناري وارين بلوچ قبيلن ھڪ ئي وقت انگريز سرڪار سان وفاداري ۽ تابعداري قبول ڪري، انھن ماڻھن جون سياسي اڳڪٿيون غلط ثابت ڪري ڇڏيون تہ اجھا ٿي بغاوت جي باه ٻري اٿي. انھن قبيلا فزجيرالڊ جي ترت ڪارواين کان متاثر ٿي، انگريزن جي تابعداري قبول ڪئي ھئي، جيڪي اڳي انگريزن جي پاڇي کان بہ وئنءُ ويندا ھئا. اٽڪل ھڪ سؤ پندرھن سردار پنھنجي نوڪرن چاڪرن ۽ ھٿياربندن سان گڏجي ڪراچي روانا ٿيا ھئا. جڏھن اھي ايڪيھھ مارچ تي ڪراچي کان ڏھن ميلن جي فاصلي تي پھتا تہ اتي لھي منزل ڪيائون ۽ سر چارلس ڏانھن سنھيو مڪائون تہ اسين پھتان آھيون. ان وقت ھنن بلوچن جواب ڏياري موڪليو تہ ھتي ڪنھن بہ قسم جو خوف خطرو ڪونہ آھي، تنھن ڪري ھٿياربندن جي ڪابھ ضرورت ڪانہ آھي. تنھن ڪري اھي بنا ڪنھن ھٿيار پنھوار جي اچي چارلس جي پيش پيا. سر نيپئر ھنن جي آجيان تہ ڪئي، پر سندس مزاج ۾ رکائي موجود ھئي. کين چيو ويو تہ ھو ھن کان اڳ پيش ڇو نہ پيا؟ تنھن تي بلوچ سردارن چيو تھ، اسان تنھنجي روبرو ٿيڻ کان ڊڄي رھيا ھئاسون.
”توھان آخر ڊڄي ڇو رھيا ھئا؟“
پتو نہ آھي تہ اسان ڇو ڊڄي رھيا ھئاسون؟ ھاڻي اسان اوھان کي پيرين پوڻ آيا آھيون. تون اسان جو بادشاھھ آھين ۽ توکي معاف ڪرڻ لاءِ گذارش ڪري رھيا آھيون.“
”سردارؤ! اوھان مون کي ھن سوال جو جواب ڏيو تھ، مان جنگ جي ميدان کان سواءِ ڪنھن سان ظلم ڪيو آھي؟
”نھ! ھر ماڻھو چئي رھيو آھي تہ اوھان رحمدل انسان آھيو.“
”تھ پوءِ اوھان ڇو ڊڄي رھيا ھئا؟“
”اسان کي خبر نہ آھي ڇو ڊڄي رھيا ھئاسون. تون اسان جو بادشاھھ آھين. اسان کي معاف ڪري ڇڏ. اسان واعدو ڪري رھيا آھيون تھ، اسان ھن ملڪ کي تنھنجي دشمنن کان بچائينداسون.“
”مان ڪونہ ٿو چاھيان تہ اوھان ڪنھن جي پھريداري ڪريو. توھان منھنجي اٺ سوار فوج ڏٺي ھوندي، مان ايتريون ريجمنٽون موڪلي سگھان ٿو جيترو تعداد اوھان اٺن جو ڏٺو ھوندو. مان سنڌ جو بچاءُ پاڻ ڪري سگھان ٿو، مان اھو ڪونہ ٿو چاھيان تہ اوھان ان جو تحفظ ڪريو. اوھان فقط راڻيءَ جا وفادار رھو، جيڪا منھنجي مالڪياڻي آھي. جيڪڏھن اوھان ان جا وفادار ۽ تابعدار آھيو تہ ان جي تصوير جو اچي سلام ڪريو!“
ان کان پوءِ ھنن اڳتي وڌي راڻيءَ جي تصوير جو سلام ڪيو. جنھن کان پوءِ سر چارلس نيپئر کين ھن ريت مخاطب ڪيو:
”اسان سڀني وچ ۾ امن امان قائم ٿي چڪو آھي. ھاڻي ساري سنڌ تي حڪمراني آھي. ھن کان پوءِ اسان سڀ ان راڻيءَ جا رعيتي آھيون، پر مان ھتي امن امان قائم ڪرڻ آيو آھيان. اوھان ھن اطاعت جي قبول ڪرڻ کان پوءِ بہ جيڪڏھن ڦرڻ لٽڻ ۽ ڌاڙن ھڻڻ جي ڪوشس ڪئي تہ مان اوھان جي علائقن ۾ اچي ساري قبيلي کي ماري ناس ڪري ڇڏيندس.“
”سردارؤ! اوھان کي اھا پوري خبر آھي تہ مان جنگيون کٽي ورتيون آھن. ان وقت مون وٽ فقط پنج ھزار فوج ھئي. ھاڻي مون وٽ ٻارھن ھزار فوج آھي. منھنجي حڪم تي ھڪ لک فوج پھچي ويندي. اوھان کي سمجھڻ کپي تہ اھا منھنجي سکڻي ڌمڪي ڪانہ آھي. پر اسان جي وچ ۾ امن امان ھجڻ گھرجي. مان اوھان کي اھي ساڳيون جاگيرون واپس ڪري رھيو آھيان جيڪي ٽالپر دور ۾ اوھان جي قبضي ۾ ھيون. ان تي ھنن سڀني وڏي آواز ۾ چيو تھ، تون اسان جو بادشاھھ آھين. جيڪو تون چئي رھيو آھين سچ آھي. ائين ئي ٿيندو جيئن اوھان چئي رھيا آھيو. اسان سڀ تنھنجا غلام آھيون.
ان کان پوءِ ٺاھھ جا شرط طئي ٿيا ۽ کين چيو ويو تھ، ”اھي انگريز فوج کي جنگ واري نقشي مطابق ڏسين تہ ان جنگ جي ميدان ۾ ڪھڙي ترتيب سان بيھاريو ويندو آھي. پر ھنن اھا ڳالھہ پسند ڪانہ ڪئي. ھنن مان ڪيترن تہ اڳ يورپي ڏٺا ئي ڪونہ ھئا. انھن مان گھڻن کي اھا بہ خبر ڪانہ ھئي تہ تھذيب سان لاڳاپيل روايتون ڪھڙيون آھن ۽ ڊڄ ۾ ٿڙڪي رھيا ھئا تہ اھي سڀ ڳالھيون کين قتل ڪرڻ خاطر ڪيون پيون وڃن، جيڪي گڏجاڻي دوران ٿي رھيون ھيون. اھڙين ڳالھين ٻولھين جو وقت بہ گھڻو وڌي ويو ھو. جنرل چارلس ھنن سان ڏاڍي آزاد ماحول ۾ ڳالھہ ٻولھھ ڪري رھيو ھو ۽ اندازو ڪري رھيو ھو تہ انھن مان اھڙو ڪير ھو جنھن جنگين ۾ حصو ورتو ھو. انھن ساڳين ماڻھن کي اکين سان ڏسي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو. ھن ساڻن ڀوڳن چرچن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کانئن سوال پڇيو تہ دٻي واري جنگ ۾ جڏھن انگريز فوج جي گھوڙي سوار مٿن حملو ڪيو تہ ھنن ڀڄي جان ڇو بچائي ھئي.
”ڇاڪاڻ تہ اسان ڊڄي ويا ھئاسون.“ نھايت سادگيءَ سان ھڪ جواب ڏنو ھو. اھو ئي ڪارڻ ھو جو مان اوھان سان ملاقات ڪرڻ ڪانہ ٿي چاھي. ڇاڪاڻ تہ مون کي ڄاڻ ھئي تہ اوھان انھن ماڻھن کي پسند ڪندا آھيو، جن اوھان سان سر ترين تي رکي مقابلو ڪيو. پر بزدل ۽ ڀاڄوڪڙن کان بڇان ڪندا آھيو. مان جنگ دوران مڙس ٿي مقابلو ڪونہ ڪيو، پر ڀڄي جند ڇڏائي ھئي. ھڪ جھونڙي بلوچ سردار کان پڇيو ويو تہ مياڻي واري جنگ جي ڏينھن ۾ تون گاج جي پٺ واري حصي ۾ موجود ھئين ۽ توسان ڏھھ ھزار فوج ھئي تہ ھن ھڪدم وراڻيو: ”نھ! مون سان گڏ اٺ ھزار فوج ھئي. ان کانپوءِ ھن انھن قبيلن جا نالا ٻڌايا جيڪي ھن جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اڳتي وڌي رھيا ھئا، پر وقت تي پھچي ڪونہ سگھيا ھئا. ھن وڌيڪ ٻڌايو تہ جيڪڏھن جنگ ٿورو وقت دير سان لڳي ھا تہ اسي ھزار ويڙھاڪ اچي پڙ تي پھچن ھا. سندس بيان ڪيل حقيقتون اسان جي جاسوسن جي ڏنل رپورٽن سان ھڪجھڙائي رکي رھيون ھيون، تنھن ڪري سندس بيان کي سچو سمجھي اعتبار ڪيو ويو ھو.
ھن گفتگو دوران چرچا گھٻا بہ ٿي رھيا ھئا. پر جنرل چارلس جون ڳالھيون توريل تڪيل ۽ وزنائتيون ھيون. اتي ويٺل ڪي ماڻھو اھڙا بہ ھئا جيڪي انھن ڀوڳن چرچن دوران سنجيده لڳا ويٺا ھئا ۽ سوچي رھيا ھئا تہ جيڪڏھن کين وجهہ ملي ويو تہ ھو ٻارڻ ٻاري ڇڏيندا. پر حالتن کين جھڪڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو ھو. تنھن ڪري جنرل جي مرضي ھئي تہ ھنن کي جنگ جھڙي فوجي ترتيب ڏيکاري، کين اھو سمجھائي سگھي تہ يورپ وارا جنگ ڪھڙي طريقي سان وڙھندا آھن. تنھن ڪري ھن ٻن يورپي ريجمينٽن، ٻن پيادل فوج جي ريجمينٽن، پنھنجي پھريدار دستي، سنڌي گھوڙي سوار فوج ۽ ڇھن توبن کي جنگي ترتيب ۾ بيھڻ جو حڪم ڪيو، جن ۾ سگھا متارا گھوڙا جوٽيل ھئا. پر نظر ائين اچي رھيو ھو تہ بلوچ سردار فوجي جنگي ترتيب کي ڏسڻ لاءِ بي دلا ھئا، جيڪي مقرر وقت تي گھوڙن تي چڙھي اچي سر چارلس جي رھائشگاھھ جي دروازي وٽ پھتا ھئا. پر اھي سايو ڪري ڪجهہ دير سان پھتا ھئا. ٿوري وقت کان پوءِ گھوڙن تي سوار ٿي ميدان تي آيا. ان وقت فوج ”مارچ پاسٽ“ ڪري رھي ھئي ۽ جنگي ڪرتب ڏيکاري رھي ھئي، جنھن ھي بلوچ سردار گھٽ متاثر ٿيا ھئا. پر جڏھن فوجي قطارون اڳتي وڌيون تہ ھنن جو تصور ئي تبديل ٿي ويو ھو. اھو ڏسي ھڪ لغاري قبائلي سردار رڙ ڪري چيو ھو تہ اوھان دٻي واري جنگ دوران ائين وڌي حملا ڪيا ھئا! ٻين سردارن بہ وڏي آواز سان چيو ھو تہ ”الله جو قسم! اھا ھڪ انساني ديوار آھي، ھڪ چرندڙ ڦرندڙ ديوار. ھن جو تہ ڪير بہ مقابلو ڪري ڪونہ سگھندو. اي اسان جا بادشاھھ! اوھان ساري دنيا جا مالڪ آھيو.“ ان کان توبن گولا باري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ سارو ميدان گولن ڇٽڻ جي گجگوڙن سان ٻري اٿيو. ايتري قدر جو ھو ھڪ ٻئي جو آواز بہ ٻڌي ڪونہ ٿي سگھيا. بعد ۾ گولاباري ھڪدم بند ٿي وئي ۽ پيادل ۽ گھوڙيسوار فوج نعرا ھڻي حملا شروع ڪري ڏنا. ھنن بلوچ سردارن کي جنگي مشقن مان ٻن ڳالھين گھڻو متاثر ڪيو. ھنن ٻڌو ھو تہ انگريزي فوج توڙيدار بندوقن سان ڏاڍي تبري فائر ڪري سگھندي آھي. پر کين اھڙي ڳالھہ تي اعتبار ڪونہ ايندو ھو. ان کان پوءِ ھم چورس دائرن ۾ بيھي وئي. انھيءَ وقت سج لھي رھيو ھو. ڀرسان ئي جابلو علائقي ۾ توبون ڌوڙ اڏائينديون تيز رفتاريءَ سان اڳتي وڌي رھيون ۽ سج جي ھلڪي روشنيءَ ۾ چمڪندڙ لوھھ جا اھي ذرا ڌنڌاٽيل ڏسجي رھيا ھئا. اھو منظر ڏسي ھي بلوچ سردار ڏاڍا خوش ٿيا ھئا. سر چارلس سندن جذبن کي محسوس ڪري ورتو ھو ۽ کين ان وقت رخصت ڪيو ھئائين ۽ ھنن کي چيو ھئائين تہ ھنن کي ڄڻ يورپ جي بادشاھن جيتري عزت ڏني وئي آھي. جنرل جا اھي لفظ ٻڌي بلوچ ڏاڍا خوش ٿيا ھئا. ھي انگريز ڪمانڊر ھنن کي ڊنل ڏسي ڏاڍو خوش ھو. کيس اطمينان ٿي ويو ھو تہ ھو مستقبل ۾ ڪنھن بہ قسم جي شرارت ڪانہ ڪندا. اھي ماڻھو ان وقت انگريز سرڪار جا وفادار ۽ تابعدار رھندا، جيستائين انگريزن کي برتري حاصل آھي.
ھن وقت سر چارلس سنڌ جو مالڪ ۽ فاتح ھو، جنھن سنڌ کي قانون بہ ڏنو ھو. ڇاڪاڻ تہ ھنن بلوچن سندس رضاڪارانھ فرمانبرداري ڪئي ھئي ۽ اطاعت قبول ڪئي ھئي. ھن کان پوءِ ڳوٺاڻا ٻروچ پوليس جي مدد ڪرڻ لڳا ھئا. جيڪي ڌاڙيلن جي ننڍن ننڍن ٽولن خلاف ڪارروايون ڪندا ھئا. ھو انگريزن جي انتظاميھ کي صدق دل سان تسليم ڪري چڪا ھئا ۽ پرامن ٿي ويا ھئا. ھڪ اھڙو مثال بہ موجود آھي تہ اتان جي ھڪ ڏيھي سرڪاري عملدار ھڪ ڳوٺاڻي کي مشرقي انداز ۾ ڦريو ۽ کيس لڪڻ بہ ھنيا. انھيءَ ڪري سندس پنھنجن ماڻھن ھن کي وٺي ان جاءِ تي رکيو جتي ھن ڳوٺاڻي کي پنھنجي ظلم جو نشانو بڻايو ھو. ھن مجبورن زوريءَ ورتل رقم اصلي مالڪ کي موٽائي ڏئي. کانئس سرڪاري ڪپڙا لاٿا ويا ۽ کيس ايترا لڪڻ ھنيا ويا جيترا ھن ڳوٺاڻي کي ھنيا ھئا. ٻيو مثال ھڪ ڪاردار جو آھي، جيڪو وڏي اثر رسوخ جو مالڪ ۽ پنج ھزار ايڪڙن جو جاگيردار ھو. ھن سرڪاري پئسي ۾ خردبرد ڪئي ھئي ۽ غريبن تي ظلم ڪندو ھو. انھن ڏوھن جي عيوض کانئس جاگير کسي وئي ۽ ھن تي پنج سو پائوندن جو ڏنڊ پڻ رکيو ويو ھو. ان کانسواءِ کيس زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو ھو ۽ چيو ويو ھو تہ انھن مزدورن سان گڏجي ڪم ڪري، جيڪي رستي ٺاھڻ جو ڪم ڪري رھيا ھئا. ھي اھڙا مثال ھئا، جيڪي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا ھئا. ماڻھو رڙيون ڪري چوندا ھئا تھ، ”اھو آھي انصاف. اڳي ڪنھن اھو ٻڌو سڻيو تہ ڪنھن سرڪاري ملازم کي، ھڪ غريب ماڻھوءَ کي مارڻ عيوض سزا ڏني وئي ھجي. ھي ھڪ وڏو بادشاھھ آھي جيڪو ڏاڍو انصاف پسند آھي.“
اپريل مھيني تائين ٻارھن ھزار بيمار فوجي سڀ چاڪ چڱا ڀلا ٿي ويا ھئا. پر اڃا نو سو ماڻھو بيمار ھئا. ان وقت تائين رستن، واھن جي ليول جو ڪم، زمينن جي عام سروي، بئرڪن جو ڪم ھٿرادو بند تعمير ڪرڻ جو ڪم زور شور سان ھلي رھيو ھو. تنھن ڪري سر چارلس جي سنڌ سرڪار ڏاڍي مشھور ٿي وئي ھئي. ان کان سواءِ سنڌ جي بلوچن کي فوج ۾ ڀرتي ڪري، انھن جون ٻہ بٽالون جوڙيون ويون ھيون. ائين ڪرڻ سان ريگيولر فوج جو سنڌ ۾ تعداد گھٽايو ويو ھو. جنرل کي اھا چڱيءَ ريت خبر ھئي تہ ھنن بٽالين ۾ اھڙا ماڻھو بہ ڀرتي ڪيا ويا آھن، جيڪي مياڻيءَ جي جنگ ۾ شريڪ ھئا. انھيءَ ڪري امڪان ھو تہ متان اھي سکن جا ھمدرد ھجن. پر جيڪڏھن ھنن ماڻھن بغاوت ڪئي ۽ انگريز سرڪار جي فوجي نوڪري ڇڏي ڀڄي ويا تہ ڪوبہ فرق ڪونہ پوندو. ڇاڪاڻ تہ ھنن ماڻھن کي ھٿيار مختصر ڏنا ويا آھن. اھڙي ريت جنرل کي ڪنھن بہ بغاوت جي ڪابھ پرواھھ ڪانہ ھئي. ھن فوج جون ٻہ ريجمينٽون ممبئي سرڪار ڏانھن موٽائي موڪليون ھيون. کيس يقين ھو تہ جيڪڏھن پنجاب جون حالتون پرسڪون رھيون تہ سنڌ ۾ بہ امن امان رھندو. پنجاب جي وڳوڙري وايو منڊل ڪري، ڀرپاسي وارن قومن ۾ بيچيني ڪاھي پئي ھئي. انھيءَ ڪري ڪڇيءَ واري جابلو علائقي ۾ بيچيني ڪاھي پئي ھئي. سکر جي ڪمانڊنگ آفيسر ڪڇيءَ جون حالتون ڏسي ڪجهہ ڇرڪي ويو ھو.
جنرل سيل Sale بہ انگلينڊ ويندي اچي ڪراچي پھتو. ھن جي غير حاضري ۾ ٿوري وقت لاءِ سندس ھڪ جانشين رکيو ويو ھو. جنھن تي خيالي قسم جو دشمنن جو خوف ويٺل ھو. مٿس اھو بہ ڀئھ ويٺل ھو تہ سرڪار وٽان امدادي فوج پھچڻ کان اڳ، جابلو علائقي جا ٻارھن ھزار باغي، کيس قتل ڪري ڇڏيندا. افغانستان ۾ انگريزن جو وڏو قتل عام ٿيو ھو. جنھن ڪري ھندستان ۾ انگريز ڏاڍو ڊڄي ويا ھئا. سندن دلين مان افغانستان جو خوف اڃا ٻاھر ڪونہ نڪتو ھو. نيپولين بوناپارٽ ھڪ اھڙو ڪمانڊر ھو جيڪو جنگ ۾ گھڻا فوجي استعمال ڪندو ھو، ان ڪري سندس فوج جا حوصلا سدائين بلند رھندا ھئا. سر چارلس آڏو نيپولين جو مثال ھو. ھن جي ھڪ ماتحت فوجي عملدار تي افغانستان جو خوف ويٺل ھو. تنھن ڪري ھن برگيڊيئر سمپسن Sumpson کي اتر سنڌ جو ڪمانڊنگ آفيسر ڪري موڪليو ھو. انھيءَ زماني ۾ ڪڻڪ جا لابارا ھئا. ھڪ سو پندرھن بلوچ سردار بہ انھيءَ زماني ۾ اچي سر چارلس جي پيش پيا ھئا. گذريل سال ھن لارڊ ايلنبرو ماتحت فوج کي مدد ڏيڻ جو پڪو پھھ ڪيو ھو، پر سندس فوج ۾ اوچتو بيماري اچي پئي ھئي. ان کان سواءِ ڪي ٻيا سبب بہ پيدا ٿي پيا ھئا، تنھن ڪري کيس ائين ڪرڻ ۾ دير ٿي وئي ھئي. ھن انھيءَ سال سنڌ جي بلوچ سردارن ڏانھن اطلاع روانو ڪيو ھو تہ ھو حيدرآباد جي درٻار ھال م اچن ۽ راڻيءَ جي سالگره واري ڏينھن تي اچي سندس تصوير جو سلام ڪن.
اھڙو وڏو ڏڻ ملھائڻو تہ ضرور ھو، ڇاڪاڻ تہ اھڙي ڳالھہ لازم بہ ھئي. انھيءَ ڪري جو بلوچ سردارن جي فرمانبرداري جي آزمائش وٺڻي ھئي تہ اھي راڻيءَ جي تصوير آڏو جھڪي کيس سلام ڪن ٿا يا نھ. ٻيو تہ آس پاس وارن قبيلن ۽ قومن کي چتاءُ ڏيڻو ھو تہ سنڌ تي ھاڻي برطانيھ سرڪار جي حڪومت آھي، جنھن کي ھتان جا ماڻھو دل ۽ جان سان قبول ڪري چڪا آھن. جڏھن لارڊ ايلنبرو اھڙي رسم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ سر چارلس نيپئر اھڙي ڏينھن ملھائڻ جي بندوبست ڪرڻ جو ارادو ڪيو تہ کين توقع ھئي تہ ھڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻہ ٽي ھزار بلوچ سردار تصوير جو سلام ڪرڻ مس ايندا، جن سان گڏ نوڪر چاڪر ھوندا. پر ان مقرر ڏينھن تي ھشام بلوچن جا اچي لٿا، جن جو تعداد ويھن ٽيھن ھزارن کان بہ مٿي ھو. اھا ڄڻ درٻار منعقد ڪانہ ٿي ھئي، پر ڄڻ ھڪ وڏي فوج اچي لٿي ھئي، جيڪا ھڪ وڏي جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ھئي. بلوچ سردارن جي ايڏي وڏي انگ جي انتظام ڪرڻ کي منھن ڏيڻو پئجي ويو ھو. وايو منڊل ڏاڍو ڳنڀير ھو. حڪمت عملي اھڙي ڪرڻي ھئي جو تصوير کي سلام ڪرڻ واري رسم خير عايت سان گذري وڃي. پر سر چارلس ڏاڍو مطمئن ھو. کيس يقين ھو تہ سندس ھڪ دڙڪو ھنن اڻ ڪوٺيل ۽ اڻ وڻندڙ ماڻھن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي. ان جي خلاف ممبئي ۽ انگلينڊ ۾ ڪن ماڻھن جي اھا واويلا ھئي تہ سنڌ جي بغاوت کي منھن ڏيڻ لاءِ وڏيءَ انگريزي فوج جي ضرورت آھي.
اھا حقيقت آھي تہ جڏھن ماڻھن جا ايڏا وڏا انبوھھ گڏ ٿيندا آھن تہ دنگو فساد ٿي پوندو آھي. اھڙو خوف بہ موجود ھو. اھڙو ڪو بلوچ قبيلو رھيل ئي ڪونہ ھو، جنھن مياڻيءَ ۾ مري ويندڙن جو اوسيس نہ ڪيو ھجي. ھڪڙي جھونڙي جو تہ ھنن جنگين ۾ سارو قبيلو ئي ڪسي ويو ھو ۽ فقط ھو اڪيلو وڃي بچيو ھو. پر پوءِ بہ ھو سر چارلس نيپئر کي ڏسڻ آيو ھو، جنھن کيس سوکڙيون پاکڙيون بہ ڏنيون، جيڪي ھن جھونڙي خوشيءَ سان ورتيون ھيون. سر چارلس ساڻس ھمدردي ڪندو ھو. جھونڙو ڏکن سورن جو ستايل ھو. پر ڪڏھن بہ ڪاوڙ جو اظھار ڪونہ ڪيو ھئائين. پر ان ھوندي بہ اھو انبوھھ غيرتمند بلوچ سردارن جو انبوھھ ھو، جن جا پلاند ڪڏھن پراڻا ڪونہ ٿيندا آھن. ٽالپر بلوچ نسل جي زوال ڪري اھي ڄڻ سودائجي پيا ھئا. ھنن جو قتل تہ ڄڻ ڪو ڏوھھ ئي ڪونہ ھو. ھنن جو مقدر تي ويساھ ھو، تنھن ڪري حياتيءَ جو ڪو خيال ئي ڪونہ ڪندا ھئا. انھن مان ڪي پر جوش مھمان ھئا. تنھن ڪري خوف ھو تہ متان ڪو موت جو واقعو نہ رونما ٿي پوي، جنھن جي نتيجي ۾ وڏي فساد ٿيڻ جو خدشو ھو ۽ اھڙو وڏو امڪان بہ موجود ھو. پر اھڙيءَ ڳالھہ جو ڪو اڳواٽ منصوبو جوڙيو ڪونہ ويو ھو. اھڙن خطرن وقت سر چارلس جي دل ڏاڍي مطمئن ھوندي ھئي. ائين جيئن جنگ دوران ھوندو آھي. ھو جڏھن ڪنھن بہ بغاوت جو ٻڌندو ھو تہ سندس خاص رڳ سسي سوڙھي ڪانہ ٿي ويندي ھئي. ماضيءَ جي واقعي مان بہ پتو پوي ٿو تہ ڪنھن خوف وقت سندس رڳ سسندي ڪانہ ھئي.
قصو ھن ريت آھي تہ ھندستان جي ھڪ تلوار باز خوشيءَ جي موقعي تي ھڪ وڏي ميڙاڪي ۾ اعلان ڪيو ھو تہ ھو پنھنجي تلوار جي تيز ڌار سان ماڻھوءَ جي ھٿ جي تريءَ تي اھڙي ليڪ ڪڍي سگھي ٿو، جنھن جو ماڻھو کي زخم بہ ڪونہ ٿيندو. جنرل چارلس اھا ڳالھہ ٻڌي، ھن ڏانھن ساڄو ھٿ وڌايو. تلوار باز سندس وڏو فوجي عھدو ڏسي ڊڄي ويو ۽ ھڪ ميووي کي سڌيءَ ليڪ ۾ ڪٽ ڏنائين. جڏھن مٿس چيل لفظن تي عمل ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ويو تہ ھن چيو ھي اھڙو ھٿ نہ آھي، جنھن جي تريءَ کي تلوار سان ليڪ ڪڍجي. تنھن ڪري ھن انڪار ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ جنرل ڏانھنس کاٻو ھٿ وڌايو، جنھن کي ڏسي تلوار باز چيو تہ ھن ھٿ جي تريءَ تي نشان ڪڍڻ صحيح ٿيندو. پر پوءِ بہ تلوار سان ليڪ ڪڍڻ کان پڙ ڪڍي بيھي رھيو. زور ڀرڻ کان پوءِ ھن تلوار کي ائين اولاريو ڄڻ تہ اھا ھٿ تي ھڻندو ھجي. اھڙيءَ ريت ھن تلوار اولاري ٻہ ڀيرا ڌڪ کي روڪي ورتو ۽ چيائين تہ کيس اھڙي ڪاميابيءَ جو يقين ڪونہ آھي. وري بہ کيس اھڙي ڪوشش ڪرڻ لاءِ چيو ويو. ھن تلوار ھئين ۽ ھٿ تي تلوار سان ليڪ ٺھي پئي ۽ اتان کلي ٻن حصن ۾ ورھائجي وئي ۽ تلوار جي تيز ڌار پنھنجو نشان ڪري وئي. پر ان سان زخم ٿيو نہ ئي رت جي ٺنڀ اڙھي ھئي.
ماڻھن جي ان ڏينھن واري وڏي انبوھھ ۾ ھڪ سياسي مفاد بہ لڪل ھو. جنھن شخص (نيپئر) خوف ۽ خطري جي تہ ڳالھہ ڪانہ ھئي، پر ان جو مقصد انتظام رکڻ ۾ ڦڙتائي ۽ چالاڪيءَ جو مظاھرو ڪرڻ ھو. اھڙي ڳالھہ اڳ ڪاٿي بہ بيان ڪئي وئي آھي. پھرين ڳالھہ اھا ڪئي وئي ھئي تہ سردارن کي بچائڻ جي بھاني اتر سنڌ ڏانھن ويو ھو ۽ جنرل سمپسن سان وڃي مليو ھو. ائين ڪري ھن سردارن جي وڏي حصي کي ختم ڪري ڇڏيو ھو. حيدرآباد ۾ بلوچ سردارن سان ملڻ واسطي ڦليلي ۽ سنڌوءَ جي وچ واري علائقي جي چونڊ ڪئي وئي ھئي، جيڪو ڦليليءَ جي ساڄي پاسي ۽ خندن واري فوجي وانڍ (ڪئمپ) جي سامھون ۽ سنڌوءَ جي کاٻي پاسي ھو. بلوچ سردارن سان ملاقات وقت ھٿياربند آگبوٽ ٻنھي وھڪرن ۾ آمد رفت ڪري رھيا ھئا. اھڙي ريت آگبوٽن جا ٻئي سلسلا انگريزي فوج کي تحفظ فراھم ڪري رھيا ھئا.
ھن قسم جو مخصوص بندوبست انھيءَ مقصد سان ڪيو ويو ھو تھ، جيئن ھنگامي حالتن تي ضابطي رکڻ کان انگريز فوج وڏي تعداد کي بچائي وٺجي. ائين ڪرڻ ضروري بہ ھو، ڇاڪاڻ تہ گرمي بہ ھئي. ٻيو ڪارڻ اھو بہ ھو تہ خوف ڪري بلوچ سردارن جي اشتعال ۾ اچي وڃڻ جو بہ اڊڪو ھو. ان کان سواءِ بلوچ سردار بحث بہ اھڙي طريقي سان ڪري رھيا ھئا. جيڪو سندن روايتي طريقو آھي. اھو بہ نظر اچي رھيو ھو تہ ھو شڪن شبھن ۾ ورتل ھئا تہ جنرل سر چارلس سندن قتل عام جو ارادو ڪري چڪو آھي. بلوچن جي متوقع ميڙاڪي جي انتظام رکڻ لاءِ چار ھزار فوج، سورھن توبون ھيون، جن کي قلعي واري فوج جي مدد حاصل ھئي. ان کان سواءِ ملاقات واري جاءِ ٻن درياھن جي وچ تي ۽ خندقن واري فوجي ڪئمپ جي سامھون ويجھو ئي ھئي. ھٿياربند آگبوٽن جي آمد رفت جاري ھئي. درياه جي ڪناري تي بيھي قبيلي جي سردار کي سڏ ڪيو ٿي ويو. سڏ ڪرڻ کان سواءِ ڪوبہ سردار درياه پار ڪري ڪونہ ٿي سگھيو. جڏھن تہ سردار ٻنھي درياھن جي ڪنارن سان سڏ جي اوسيئڙ ۾ بيٺا رھيا. اھو بہ اعلان ڪيو ويو ھو تہ فقط سردار کي ھٿيار کڻي اچڻ جي موڪل ھوندي. جنرل سر چارلس ھوڏي ۽ ھٺيلو ھو ۽ سندس آواز بہ رکو ھو، جيڪو ٻين مٿان ڇائنجي ويندو ھو. سندس سوچ ھئي ھنن جھنگلي قسم جي جھيڙاڪن مٿان خوف مسلط ڪجي جن مان ڪيترا کيس فقط جنگ ڪري سڃاڻيندا ھئا، پر ھن کي اڳ ڏٺو ڪونہ ھئائون. سندس خواھش ھئي تہ سندن مزاج کي بہ پرکي ڏسجي تہ ھو بغاوت ڪرڻ واسطي تيار آھن يا نھ.
اھڙي درٻار مئي مھيني ۾ منعقد ڪرڻ لاءِ سوچيو ويو ھو. ھڪ ڏينھن سر چارلس پاڻ سان سٺ اريگيولر ھارس جا فوجي سپاھي ساڻ گڏ کڻي نڪتو ۽ جوکين واريءَ ايراضيءَ وچان غير معروف رستن سان سفر ڪندو، حيدرآباد ڏانھن روانو ٿيو. کيس سختيءَ سان مشورو ڏنو ويو ھو تہ ھو ائين نہ ڪري. ھن اھو بہ ٻڌو ھو تہ اھڙن رستن سان سفر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. ليڪن ھن اھڙيون ڳالھيون ٻڌيون اڻ ٻڌيون ڪري ڇڏيون. پر جڏھن ھو اتان گذريو تہ ڏٺائين تہ اھو علائقو ڏاڍو سرسبز ۽ آباد ھو. جابلو علائقو تہ ھو پر ٽڪرن جون چوٽيون ننڍڙيون ھيون، جن وچان گذرڻ لاءِ سولا لڪ ھئا. ھي اھي ٽڪريون ھيون جن بابت کيس ٻڌايو ويو ھو تہ ڏاڍيون ڏکيون آھن ۽ انھن وچان سفر ڪرڻ ۾ ڏاڍو اھنجو آھي. انھن ٽڪرين منجھان ھڪ ڏانھن سندس ڌيان ڇڪجي ويو. ڇاڪاڻ تہ ان جي پٿرن جو وزن ۽ رنگ مختلف ھو. جنھن مان معلوم ٿي رھيو ھو تہ ان ۾ لوھھ موجود آھي. ھڪ بلوچ سردار کيس ٻڌايو تہ ھتان لوھھ ھٿ ڪري ھٿيارن ٺاھڻ ۾ ڪم آندو ويندو آھي. حيدرآباد ۾ رھڻ دوران ھو مياڻيءَ وارو جنگي ميدان بہ ڏسڻ ويو، جتي بلوچ سردارن مير جان محمد جي قبر مٿان مقبرو جوڙايو ھو. ھو سردار، ڪئپٽن مڪمرڊو McMurdo سان مقابلو ڪندي مارجي ويو ھو. ٻيو مقبرو ھڪ بھادر تلوار باز فوجي سپاھيءَ جي قبر مٿان جوڙايو ويو ھو. جنھن ڪئپٽن مارسٽن Marston سان مقابلو ڪندي جان ڏني ھئي. ھي مقبرو ان جاءِ تي تعمير ڪيو ويو ھو جتي اھو فوجي ڪريو ھو. جان محمد جو مقبرو انھيءَ جاءِ تي ھو جتي يورپي فوجي وڙھي رھيا ھئا. ھن حقيقت مان معلوم ٿئي ٿو تہ ھي بھادر يورپي فوجين جي قطارن کي چيري اڳتي نڪري ويو ھو. سر چارلس ھن وقت قانون ڏيندڙ ڪو فوجي ڪونہ ھو، پر پوءِ ھن بھادر انسان جي مقبري ڏانھن فوجي انداز سان ڏٺو جيڪو عزت ۽ احترام وارو ھو. سندس نظرن ۾ بلوچ نسل جي بھادري ۽ مھانتا موجود ھئي. ھن جي دلي خواھش ھئي جيڪر ھيءُ بھادر نسل سندس حڪومت ۾ سھڪار ڪري تہ ڏاڍو چڱو ٿي پوي.
جڏھن اھو ڪم پورو ٿيو جنھن لاءِ ھو حيدرآباد آيو ھو تہ وري ٻئي رستي سان ڪراچيءَ ڏانھن موٽيو ھو ۽ اھي ڳالھيون نوٽ ڪندو آيو ھو، جيڪي ھن ملڪ جي مستقبل جي ڀلي لاءِ ھيون. ھي جنرل سنڌ جي ترقيءَ وارين ڳالھين ۾ مشغول ھو جو کيس بگٽين، جکراڻين ۽ ڊومبڪين جي بغاوت جو اطلاع مليو، جن مير شير محمد جي اڀارڻ تي اھو ڪم ڪيو ھو. بلوچن لاءِ اھا ھڪ عام ڳالھہ ھوندي ھئي تہ ھو قبائلي ويڙھھ ۾ عورتن جي بي حرمتي ڪونہ ڪندا ھئا، نہ وري ٻارن کي ايذائيندا ھئا. پر ھنن جڏھن ميان جي ڪوٽ نالي ڳوٺ تي حملو ڪيو تہ چاليھھ مرد ۽ عورتون ڪھي وڃي پار پيا. ان کان سواءِ سولائيءَ سان چوڙين ھٿ ڪرڻ جي غرض سان ننڍڙين ڇوڪرين جي ٻانھن ڪپڻ کان بہ ڪونہ مڙيا. سنڌ جي سرحد سان اھڙا ماڻھو آباد ھئا، جيڪي عام انسانن مٿان ايڏا ڇرڪائيندڙ ظلم ڪندا ھئا ۽ سندن ملڪيتون بہ لٽي ڦري ھليا ويندا ھئا. تنھن ڪري ھن پڪو پھھ ڪيو تہ ھو پاڙي وارن سان اھڙي کئونس ڪرڻ ڇڏي ڏين. سر چارلس ان جا ٻہ طريقا سوچيا ھئا. ھڪ تہ انھن مظلوم ماڻھن جي مدد ڪجي تہ اھي ھنن ظالمن سان پاڻ مقابلو ڪن. ٻيو طريقو ھن خلاف اريگيولر فوج کي ڪتب آڻجي ۽ کين جابلو علائقن مان ھميشھ لاءِ تڙي ڪڍي ڇڏجي. پھرئين طريقي مان کيس اميد ھئي تہ بلوچ قبيلا سنڌ جي سرحد کان گھڻو پري ھليا ويندا. سندس مرضي بہ ائين ڪرڻ جي ھئي، پر ھن سوچيو تہ ٻئي طريقي کي استعمال ڪرڻ ۾ مشڪلاتون آھن، پر ھنن ٻنھي مان ھڪ نہ تہ ٻيو طريقو تہ لازمي ڪتب آڻڻو ھو. اھڙو ظلم تہ سھڻ جھڙو بہ ڪونہ ھو. جيڪڏھن اھڙين ڳالھين کي ڍر ڏبي تہ اڳتي ھلي آزار بڻجي پونديون. سندن اھڙن ظلمن ڪري سنڌ ڪڇيءَ ۽ گنداوا وارو علائقو ۽ پنھنجا اباڻا تڏا ڇڏي، لڏا پٽي ڪيڏانھن ڪک پن ٿي ويا ھئا ۽ سارو علائقو خالي ٿي ويو ھو ۽ حالتون رحم جوڳيون ھيون. ان کان سواءِ شڪارپور ۽ ڦلجيءَ وارو علائقو بہ ڀڙڀانگ ٿي ويو، جتي فقط ٻہ چار سنڌين جا ڳوٺ وڃي رھيا ھئا. ان علائقي ۾ پوکي راھي ڪرڻ لاءِ تہ وانگي بہ ڪونہ رھيو ھو. انھيءَ علائقي ۾ بيجار Bejar ڊومڪي جون قھري ڪارروايون جاري ھيون، جيڪو ٻہ چار رولو ماڻھو ساڻ ڪري وڃي سنڌين جا ڳوٺ ڦريندو لٽيندو ھو. انھيءَ ڪري ان جوءِ ۾ جيڪي بہ چار ڳوٺ ھئا، سي بہ لڏي پٽڻ لاءِ آتا ويٺا ھئا. بجار خان ڊومڪي ھمت ۽ بھادريءَ ڪري ڏاڍو مشھور ھو، جيڪو انگريزن کان نفرت ڪندو ھو. کيس افغان جنگ دوران ڪئپٽن پوسٽن دغا سان پڪڙي ورتو ھو. جيڪو انھيءَ زماني ۾ سب پوليٽيڪل ايجنٽ ھو. ھن ڊومڪي ڌاڙيل جون ڳالھيون بيان نہ ٿيون ڪري سگھجن، ڇاڪاڻ تہ آزاد ٿيڻ کان پوءِ ھو انگريزن جو وفادار ۽ تابعدار ٿي ويو ھو ۽ اھڙو معاھدو بہ ڪيو ھئائين. ھي ماڻھو قلات جو رعيتي ۽ انگريزن جو اتحادي آھي. پر پوءِ بہ سنڌ جو ھڪ حصو ڦري لٽي ڀينگ ڪري ڇڏيو اٿائين. سر چارلس نيپئر قلات جي خان کي چار ڏوڪڙ ڏئي پنھنجو ڪري ڇڏيو آھي. پر پوءِ بہ ھو افغانستان جي سردارن جي چنبي ۾ آھي، جيڪي کيس پنھنجي مرضيءَ موجب ھلائيندا رھندا آھن. ھي اڃا ٻار آھي. سندس مڃوتي بہ گھٽ آھي. تنھن ڪري پنھنجي درٻاري ماڻھن تي ضابطو رکي ڪونہ ٿو سگھي. بجار ڊومڪي بہ سندس چئي آکئي ۾ ڪونہ آھي. ان کان سواءِ ھن کي قلات جي سردارن جي ڳجھي مدد حاصل آھي.
ھي وايو منڊل ڏاڍو ڳنڀير ھو، جنھن ڪري ڏاڍي بيچيني پيدا ٿي وئي ھئي. بلوچ ڌاڙيلن ڪري سنڌ جو ھي سرحدي علائقو ھوريان ھوريان خالي ٿي رھيو ھو. جيڪڏھن سر چارلس ھن ڏاڍ ۽ ڏچي کي منھن نہ ٿي ڏنو تہ ڀر وارن علائقن جي ماڻھن جي دلين مان سندس عزت ۽ وقار گھٽجي وڃڻ جو امڪان ھو. ھي فوجي ڪارروائيءَ جھڙيون ڳالھيون ھيون، جن کان لنوائڻ بربادي کي سڏڻ برابر ھو، اھڙين حالتن کي نظر ۾ رکي ”اريگيولر ھارس“ جي فوجي دستن کي سنڌ جي سرحد سان مقرر ڪيو ويو، جنھن ڪري ڌاڙن ڦرين جي واقعن ۾ گھٽتائي اچي وئي ھئي. کين جيڪو بہ ڌاڙيل ھٿ اچي ويندو سو سزا کان بچي ڪونہ سگھندو ھو. ھي ڌاڙيلن جي ننڍين ٽولين خلاف انفرادي ڪارروايون ھيون، جن جا نتيجا ڏاڍا سٺا نڪتا ھئا. پر گرميون ويجھو اچي رھيون ھيون. ان ڇتيءَ موسم ۾ فوج جو اتي رھڻ ڪنھن جوکي کان گھٽ ڪونہ ھو ۽ سندن زندگين کي نقصان رسڻ جو امڪان ھو. اڳئين سال بہ ڏاڍيون گرميون ٿيون ھيون. ان دور ۾ مير شير محمد کي منھن ڏيڻ لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون ويون ھيون. انھيءَ لاءِ تہ جيئن سنڌ جي اوچتي فتح کي وڌيڪ موثر بڻائي سگھجي. اھو مقصد ھن جنگي ڪارواين کي جواز ڏيڻ لاءِ مناسب بہ ھو. پر ڌاڙيلن کي ملندڙ اھڙيون سزائون نظر ايندڙ خطرن کان وزن ۾ گھٽ ھيون. تنھن ٿڌي موسم جي اچڻ تائين فوجي ڪاررواين کي مھمل ڪيو ويو ھو.
سوچيو ويو ھو تہ ھنن نيم وحشي ماڻھن کي مھذب ۽ بااخلاق بڻائڻ لاءِ تشدد کان ڪم نہ وٺجي، پر کين اھڙيون ڳالھيون نرميءَ ۽ اخلاق سان سمجھايون وڃن. اھڙيون ڳالھيون سوچي ويچاري ھن چيو ويو تہ جيڪڏھن ھاڻي ڌاڙا ڦريون ڇڏي ڏيندا تہ کين اڳيان ڪيل جرم معاف ڪيا ويندا. پر جيڪڏھن ھو نہ مڙيا تہ سندن علائقن کي صفا تباھہ ڪيو ويندو. اھڙيون ڳالھيون اڃا ھليون پئي جو ظلم جو ھڪ واقعو رونما ٿيو، جنھن مان سمجھھ ۾ اچي رھيو ھو تہ فوجي ڪارروائي کان سواءِ ڪو ٻيو رستو ڪونہ رھيو آھي. سر چارلس جو خيال ھو تہ بجار ڊومڪيءَ تي اوچتو حملو ڪري، کيس گرفتار ڪيو وڃي، جو انھن ڏينھن ۾ ڦلجي شھر ۾ موجود ھو. اٺ سوار فوج جو ڪمانڊر فزجيرالڊ بہ ڪنھن زماني ۾ ھن شھر ۾ رھندو ھو. سمجھيو پئي ويو تہ کيس اتان جي ھر جڳھھ جي خبر ھوندي ۽ اھو کيس ننڊ پئي گرفتار ڪري وٺندو. اھڙيون ڳالھيون جنرل جي خيال مطابق مناسب ھيون، پر کيس اھو ڪونہ ٻڌايو ويو تہ ھو ڦلجي شھر جي چوڌاري اوچو ڪوٽ ڏنل آھي. جيڪڏھن کيس اھڙي خبر ھجي ھا تہ ھو ھر گز ائين ڪرڻ جو حڪم ڪونہ ڏئي ھا. جنرل کي پتو ھو تہ بجار ڊومڪي ڏاڍو سچيت آھي، جنھن کي فوجي ڪارروائي وسيلي گرفتار ڪري ڪونہ ٿو سگھجي. جيڪڏھن سندس گرفتاريءَ ۾ ناڪامي ٿي تہ اھا سياسي ساک لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي ۽ اھڙيءَ ڪارروائيءَ ڪندڙ فوج لاءِ خطرناڪ ٿي سگھي ٿي. تنھن ڪري ھن مذڪوره ڪارروائي کي نھايت ڳجھو رکيو ۽ حڪم ڪيو تہ سندس ھيٺ بيان ڪيل ڳالھين تي عمل ڪيو وڃي:
اٺ سوار رستا سٺ ميل في ڏينھن جي رفتار سان ڦلجي پھچي وڃڻ گھرجن. اريگيولر ھارس ھنن جي مدد واسطي سندن پٺيان سفر ڪن. ھنن جي سھائتا لاءِ انفنٽري کي بہ اڳتي وڌڻ گھرجي. جيڪا بندوقن سان مسلح ھجي. ھن ڪاررواين جي ڪمانڊ ڪنھن نوجوان آفيسر جي سپرد نہ ڪئي وڃي، نہ وري سکر ۽ شڪارپور جي عارضي ڪمانڊرن حوالي ڪئي وڃي ۽ تيستائين ڪابھ پيش رفت نہ ٿيڻ گھرجي، جيستائين جنرل سمپسن اتي پھچي وڃي، جنھن کي اتر سنڌ جو چيف ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو آھي ۽ جنھن کي ھن خاص ڪارروائي جي ھدايتون بہ ڏنيون ويون آھن. ھن جي اھڙن اڳواٽ قدمن کڻڻ ڪري، کيس ڪاميابيءَ جي پڪ ھئي. پر اھڙيون ڪارروايون، وقت، حالتن ۽ شخصيتن تي مدار رکنديون آھن. پر جلد بازيءَ کان ڪم ورتو ويو. جنرل سمپسن جي اچڻ تائين انتظار ڪونہ ڪيو ويو، ھڪ ٻئي سان سھائتا ڪرڻ واري ڳالھہ ڏانھن بہ توجھھ ڪونہ ڏنو ويو ۽ اھڙيءَ ڪارروائيءَ کي ڳجھو بہ ڪونہ رکيو ويو.
ڪئپٽن ٽئٽ Tait ھيٺيان پنج سؤ گھوڙي سوار ۽ قد ڪاٺ جي ڪري سڃاپرو ھو ۽ قلعي جي ديوار تي چڙھي بيٺل بندوقبازن بہ کيس سڃاڻي ورتو ھو. پر ھو بنا زخم کائڻ جي سلامتيءَ سان موٽي آيو ھو. ھو جوابي حملي ڪري ناڪام ٿي موٽي آيو ھو تہ ھي ردعمل طور ھڪ خطرناڪ قسم جو حملو ڪري ھا. پر ڪئپٽن ٽئٽ فوج کي پوئتي ھٽڻ جو حڪم ڏنو. سلامتيءَ سان پوئتي موٽي پھچڻ جو ڪو امڪان بہ ڪونہ ھو. پر وچ برپٽ ۾ ھڪ ڦٽل ڳوٺ ڀرسان پاڻي ملي ويو ھو. جنھن جو نالو چوٽار Chuttar ھو. اتفاق جي ڳالھہ اھا ٿي ھئي جو دشمن کان ھي کوھھ پورڻ وسري ويو ھو. جنھن جو مقصد انگريز جي پيش قدمي کي روڪڻ ھو. فوج چوٽار کان ھلي خانڳڙھھ پھتي ھئي. ھيءُ ويجھي ۾ ويجھو ماڳ ھو، جيڪو سنڌ جي حدن اندر ھو. گرمي بہ سخت ھئي. فوج بہ لڳاتار سفر ڪندي پنجھتر ميل پنڌ ھڻي، ھن ماڳ تي پھتي ھئي. ايڏي ڪشٽ ڪشالي کانپوءِ بہ فوج ھيڻي ڪانہ ٻولي ھئي. سفر دوران فزجيرالڊ ھيٺان ٻہ سو اٺ سوار ھئا جيڪي رڻ پٽ ڏانھن تيزيءَ سان پيش ڪندا رھيا. پر رستو وڃائي ويٺا ۽ صبح جو اٺين وڳي اچي ھڪ قلعي وٽ بيٺا، جيڪي ڏاڍا ٿڪل ۽ بيحال ھئا. قلعي اندر بيجار ڊومڪي جا سوين بندوقباز ويٺا ھئا. ھن ماڻھوءَ کي اھڙي فوجي ڪارروائي جي اڳواٽ ئي معلومات ملي وئي ھئي. فزجيرالڊ نھايت تيز رفتاريءَ سان اڳتي وڌيو ۽ پنھنجي ماڻھن سان گڏجي اچي قلعي جي ڦاٽڪ وٽ رسيو. ھنن پائوڊر وسيلي ان ڦاٽڪ کي اڏائڻ جي ائين ڪوشش ڪئي، جيئن افغان جنگ دوران لارڊ ڪين Kean غزنيءَ جي قلعي جي دروازي کي اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. پر بگٽين ھڪ بھادر فوجي عملدار ۽ ٻين نون فوجين کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن تہ ايڪيھھ ماڻھو گھائل ٿي پيا ھئا. پتو نہ آھي تہ فزجيرالڊ ڪيئن بچي ويو. قلعي تي حملي ڪرڻ وارن ماڻھن ۾ طاقت، بھادريءَ وارو جذبو ھو. فقط ھڪ فوجي سپاھي ٿڪي ساڻو ٿي پيو ۽ ھلڻ کان لاچار ھو، جنھن کي پٺيان ايندڙ ھڪ جکراڻيءَ قتل ڪري ڇڏيو. ان قتل جي انتقام جو موقعو بہ جلد ئي ملي ويو ھو. اھو ساڳيو جکراڻي جاسوسي ڪرڻ جي مقصد سان ھڪ ڳوٺ ۾ اچي رھيو ھو. جنھن کي ڳوٺاڻن سوگھو ڪري انگريز انتظاميھ جي حوالي ڪري ڇڏيو. اھو جکراڻي ڪو مشھور ڌاڙيل ھو، جنھن کي جلد ئي ڦاھيءَ تي لڙڪايو ويو. پوئتي ھٽڻ واري معاملي ۾ فوج ڏاڍي بھادريءَ ۽ سھپ جو مظاھرو ڪيو ھو. ٻن نوجوان فوجي عملدارن کي طيش اچي ويو ھو. حملي ۾ ھنن وڏي بھادري ۽ سھپ ڏيکاري ھئي ۽ پوئتي ھٽڻ ۾ بہ ھنن دليري ۽ برداشت جو مظاھرو ڪيو ھو. اھڙي قسم جي ڳنڀير صورتحال ڏسي، سر چارلس کان تہ پنھنجي تڪليف وسري وئي ھئي. پھريائين تہ ھن ارادو ڪيو ھو تہ جھڙي تھڙي حال سان سکر ھليو وڃي. پر کيس ھن ڳالھہ روڪي ورتو، ڇاڪاڻ تہ ھن جنگين وقت پنھنجي دلي قوت ۽ جسماني طاقت جو وڏو مظاھرو ڪيو ھو ۽ سندس بھادريءَ جي ڳالھہ بيھي وئي ھئي. ان وقت سندس حيثيت ڪمانڊر ۽ فاتح جي ھئي، تنھن ڪري ھن سوچيو تہ ھو ان جاءِ تي پھچي ڇا ڪري سگھندو جتي سندس طاقت ڀرپور حملي ڪرڻ جھڙي ڪانہ رھي آھي. اھو جيڪڏھن بيماريءَ ۽ ڪمزوريءَ دوران اتي پھچندو تہ سندس فاتح ۽ ڪمانڊر واري عزت ۽ وقار اھو ساڳيو ڪونہ رھندو. ھن دٻي واري جنگ ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ کان پوءِ سمجھيو ھو تہ عمرڪوٽ جو قلعو اھڙو آھي، جنھن کي مير شير محمد مزاحمت لاءِ ڪتب آڻي سگھي ٿو. پر سمجھيو ھئائين تہ وٽس ايترو وقت ڪونہ آھي جو ھو پاڻ عمرڪوٽ تي وڃي گھيرو ڪري. ساڳيءَ ريت ھن وقت بہ ھو شخصي طور وڃڻ لاءِ تيار ڪونہ ھو ۽ سوچيو ھئائين تہ جڏھن موسم صحيح ھوندي تہ انھيءَ جنگي مھم جي پاڻ اڳواڻي ڪندو.
پر ھو سوچي چڪو ھو تہ انگريزي فوج جي ھن ناڪاميءَ ڪري ڪھڙا نتيجا نڪري سگھن ٿا ۽ ان لاءِ اڳواٽ ڇا ڪرڻ گھرجي. پر چانڊيا ۽ مزاري قبيلن جي سردارن اھڙو موقعو پاڻ پيدا ڪري ورتو، جنھن وسيلي باغي بلوچ قبيلن کي مات ڪرڻ جو موقعو ملي ويو ھو. چانڊين جو تہ سنڌي بلوچ قبيلو ھو. جڏھن تہ مزاري سردار جو تعلق قلات سان ھو. جڏھن ھنن ٻنھي ڄڻن ڦلجي واري ناڪاميءَ جو ٻڌو تہ ھنن پاڻ مرادو بجار ڊومڪيءَ خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ تلوارون کنيون ھيون. ان کان سواءِ ھنن شير محمد خلاف وڙھڻ جو اعلان ڪيو، جيڪو سندن اڳيون حڪمران ھو. چانڊين جو سردار ولي ھو، جنھن وفاداري جو مظاھرو ڪندي پنھنجون خدمتون انگريز سرڪري جي حوالي ڪري ڇڏيون ھيون. سندس اھڙيون خدمتون اکيون ٻوٽي قبول ڪيون ويون ھيون. ڇاڪاڻ تہ گرمي جي موسم دوران ڌاڙيلن جو اھڙي طريقي سان ڌيان ڇڪائڻ ضروري بہ ھو. ٿڌي موسم دوران ٻنھي ڌرين جو اتحاد وڌيڪ فائدي وارو ثابت ٿي سگھي ٿو. جھونڙو چانڊيو سردار پنھنجي ڏنل وچن کي پاڻي ڏيڻ ۾ سست ۽ ڍرو ڪونہ ھو. ھن 15 مئي کان اڳ چاليھھ جکراڻين کي قتل ڪري، سندن پنج سو کان وڌيڪ ڍور ڪاھي اسان ڏانھن موڪلي ڏنا.
مير شير محمد جي چوڻ تي فقط بجار ڌاڙن جون ڪارروايون ڪري رھيو ھو. ھن صورتحال مان معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ ٽالپر حڪمرانن جا اڳوڻا قبائلي سردار سندن پاسو ڇڏي ويا ھئا. ڪوبہ ماڻھو ھنن لاءِ ھٿيار کڻڻ لاءِ تيار ڪونہ ھو. نہ وري ڪٿان ڪنھن بغاوت بابت ٻڌجي رھيو ھو. ان کان سواءِ ٻہ وڏا ۽ اھم قبيلا رضاڪارانھ ھڪ ڌاڙيل جي سرگرمين کي ختم ڪرڻ لاءِ تلوارون کڻي نڪري پيا ھئا. دراصل بجار ھو تہ ڌاڙيل ۽ وارداتون بہ ڌاڙيل وانگي ڪندو ھو، پر ساري ايشيا ۾ مشھور ٿي ويو ھو ۽ سمجھيو ويندو ھو تہ ھي سردار آھي، جيڪو فرنگين جي پاڙ پٽي سگھي ٿو. تنھن ڪري ھن جو جتي ڪٿي وڏو احترام ڪيو ويندو ھو. پر ھتي اھڙو ماڻھو ڪونہ ھو جيڪو ٽالپرن لاءِ تلوار تاڻي سگھي ۽ ڪو سندن واپس اچڻ جو خواھشمند ڪونہ ھو. پر ان ھوندي بمبئي واري ڌر ھن حالتن دوران اعلان ڪيو ھو تہ ”اھڙي فرمانبرداري ۽ تابعداري ائين آھي جيئن گھٽي بگھڙجي تابعداري قبول ڪئي ھئي. پر وقت اچڻ تي اھي ساڳيا بلوچ قبيلا بغاوت جو جھنڊو جھولائيندا.“
انھيءَ وقت سنڌ جون حالتون ڏاڍيون پرامن ھونديون ھيون. پر ڪڏھن ڪڏھن بلوچ خاندان ۾ عورتن جي قتل جون خبرون ٻڌبيون ھيون ۽ ڪڏھن وري ڌاڙن جي وارداتن جا اطلاع ملندا ھئا. سر چارلس بہ پڪو پھھ ڪيو ھو تہ عورتن جي قتل ۽ ڌاڙن جي وارداتن کي ختم ڪري ساھھ پٽيندو. ان مقصد لاءِ ھن پنھنجي خيال جو اظھار ڪندي چيو ھو تھ، ”مان اھو ڪڏھن بہ ڪونہ چاھيندس تہ عورت ائين بي گناھھ قتل ٿئي. مان چاھيان ٿو واپاري امن امان سان تجارت ڪري. مان عورتن جي ٻارھن قاتلن کي ڦاھي تي لڙڪايو آھي. جيڪڏھن ضرورت پئي تہ ٻارھن سون کي ڦاھي تي لڙڪائيندس. جيتري قدر ڌاڙيلن جو تعلق آھي تہ جيستائين ھي ڌاڙا ھڻڻ بند نہ ڪندا ۽ سٺي چال چلت جي ضمانت نہ ڏيندا تہ مان فوج وٺي سندن علائقا اجاڙي ڀينگ ڪري ڇڏيندس. جيڪڏھن اھي اسان جي حدن ۾ تلوارون ۽ بندوقن سان ايندا تہ ان جي عيوض اسان بہ سندن آجيان تلوارن ۽ بندوقن سان ڪنداسون. اھي ماڻھو اسان جي حدن ۾ اچي عورتن ۽ ٻارڙن کي قتل ڪري ھليا ٿا وڃن، پر اسان سندن عورتن ۽ ننڍن ٻارڙن کي قتل ڪونہ ڪنداسون.“ ھن ان موضوع تي بہ ڳالھايو ھو، جنھن کان ھو بيچين رھندو ھو:
”سک ۽ ملتاني ڌاڙن ھڻڻ جي مقصد سان وڃي جابلو علائقي ۾ لڪا آھن. اھڙين علامتن مان محسوس ائين ٿي رھيو آھي تہ سک حڪمران جي فوج، ستلج جي ساڄي ڪٺار سان بيھي وئي آھي. پر ائين ڪرڻ سان پنجابي فوج ڇا ڪري سگھندا. ان ملڪ جي فوج پاڻ لاقانونيت ۾ ڪاھي پئي آھي تہ ان کي حدن اندر رکڻ لاءِ جنگ ناگزير آھي. ھندستان جي انگريز سرڪار اھو ڪونہ چاھيندي تہ ستر ھزار ھٿياربند ڌاڙيلن کي ڦاسيءَ تي چاڙھيو وڃي، جيڪي سندس سرحد تي آھن. پنجاب جي فوج جي خواھش آھي تہ بنا ڪنھن اعلان ڪرڻ جي درياھہ اڪري اتر- اولھہ وارن علائقن کي ڦري لٽي تباھہ ڪري ڇڏي. ھندستان سرڪار وٽ ايترو پئسو بہ ڪونہ آھي جو پنھنجي سرحد جي بچاءَ لاءِ ستلج تي فوج بيھاري ۽ سنڌ ۾ رھيل فوج جو خرچ بہ ڀري. سنڌ ۽ ملتان جون سرحدون ھڪ ٻئي سان دنگئي آھن. مان اھو ڪڏھن بہ برداشت ڪري ڪونہ سگھندس تہ ملتان جو حڪمران سانوڻ مل سنڌ جي سرحد سان کئونس ڪري. ھو تہ دوستيءَ جي دعوى ڪري رھيو آھي. پتو نہ آھي تہ ھو دوستيءَ جو ڀرم رکندو يا نھ. پر مان تہ دعاگو آھيان تہ ھو مون کي ڪنھن بہ قسم جو اشتعال نہ ڏياري، پر جيڪڏھن ائين ٿيو تہ جنگ جو ٻارڻ ٻري پوندو. مان جنگ ڪرڻ ڪونہ ٿو چاھيان. ڇاڪاڻ تہ جنگ تہ ھر شڪل ۾ خطرناڪ ھوندي اھي. جيڪا مون کي ھٿيارن کڻڻ لاءِ آماده ڪندي. پر مون کي يقين آھي تہ جيڪڏھن پنجاب فتح ٿي ويو تہ اھا انسان ذات لاءِ فائدي جي ڳالھہ ھوندي. سنڌ جي فتح مان بہ انسان ذات کي ڪيترو نہ فائدو مليو آھي، مونکي خوشي انھيءَ ڳالھہ ڪري بہ ٿي رھي آھي تہ منھنجا فوجي سپاھي سخت گرميءَ ۽ بخار ھوندي بہ وڏيءَ بھادريءَ جو مظاھرو ڪري رھيا آھن ۽ گرم آبھوا کي ڪجهہ بہ سمجھندي، عام ماڻھوءَ کي انصاف مھيا ڪري رھيا آھن. مون کي يقين آھي تہ اھي ماڻھو عقلمند آھن ۽ اسان جي فوجن جا شڪرگذار آھن. ڇاڪاڻ تہ اسان جتي بہ پھچون ٿا تہ ماڻھو اسان جي دل سان عزت ڪن ٿا ۽ پنھنجي نيڪ خواھشن جو اظھار ڪن ٿا.
ھاڻي درٻار منعقد ڪرڻ جو وقت ويجھو اچي ويو ھو ۽ سر چارلس حيدرآباد وڃڻ جون تياريون ڪري رھيو ھو ۽ اھڙي ڌرتتيءَ ۾ سفر ڪري رھيو ھو، جو سج جا ڪرڻا آڳ جا الا بڻجي ويا ھئا. قلعي واري ايراضي محدود ھئي، جنھن ۾ ايترن گھڻن ماڻھن جو ماپڻ مشڪل ھو، پر اھو ڀئھ بہ ھو تہ جيڪڏھن قلعي واري ايراضي جنگجو ماڻھن سان ڀرجي وڃي تہ متان ڪجهہ ٿي پوي. ليڪن ھاڻي بلوچن وٽ اھڙي ڪابھ ڳالھہ ڪانہ رھي ھئي، پر اھڙو اڳواٽ اڊڪو ھئڻ ضروري بہ آھي. سردارن ۽ انھن سان گڏ آيل سندن اٽالي کي اصول مطابق واري سان سڏ ڪري گھرايو ٿي ويو. اھڙو احوال مٿي بہ اچي چڪو آھي. ھنن سردارن مان ھڪ ھزار اھي قبائلي سردار بہ ھئا، جيڪي خوف ۽ بي اعتباري کان اطاعت قبول نہ ڪري رھيا ھئا. پر ھنن ھاڻي اچي سلام ڪيو ھو، تنھن ڪري کين معاف ڪيو ويو ھو. اھو ڏاڍو دلچسپ ۽ عاليشان منظر ھو. ٻنھي درياھن (ڦليليءَ ۽ سنڌوءَ) جي ڪنارن سان ويھھ ھزار سردار اچي ڳاھٽ ٿيا ھئا. ڪي گھوڙن تي سوار ٿي تہ ڪي پيادل اچي ھتي پھتا ھئا. آسمان بہ شفاف ھو. ھي مختلف رنگن جو انساني اجتماع ھو. ھر قبيلي کي ھٿ ۾ پنھنجو الڳ جھنڊو ھو. اھڙي ريت ھر قبيلو قطار ڪيون ڪناري سان بيٺو ھو. نعرن جو شور ھو. سلاميءَ لاءِ توبون گجي رھيون ھيون. ھي بلوچ سردار انگريز سرڪار جا وفادار ۽ تابعدار ھئا ۽ سڀئي سختيءَ سان انتظار ڪري رھيا ھئا تہ جيئن ھو بنا ڪنھن دير جي وڃي سرچارلس جي سامھون پنھنجي سچيءَ وفاداريءَ جو عھد ڪن، جيڪو کانئن فقط ٻہ ٽي ميل پري موجود ھو. جنھن فقط چوڏھن مھينا اڳ پنھنجي ويجھن مائٽن ۽ عزيزن کي قتل ڪري، سارو جنگي ميدان لاشن سان ڀري ڇڏيو ھو. ھي کين پاڻ وٽ ضرور گھرائيندو ھو، سردارن وچ ۾ پيو گھمندو ڦرندو ھو. سون جي تعداد ۾ اھي ھن جي چوڌاري گھيرو ڪيو بيٺا ھوندا ھئا. پر انھن مان ڪنھن کي انتقام وٺڻ جو خيال ڪونہ آيو. نہ وري ڪنھن تلوار کڻي نفرت جو اظھار ڪيو ھو. ٻئي جنگيون بہ زور سان لڳيون. ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي جا تلوارن جا ڌڪ بہ سٺا. پر ان ھوندي بہ ھي بلوچ سردار سر چارلس جا شڪر گذار ھئا، جنھن ڪوشش ڪئي ھئي تہ کانئن تلوارن جا زخم وسري وڃن. ان جي بدلي ھن کين قانون ڏنو ھو. سڌارن جون ڳالھيون مشرقي خوشامد سان ڀريل ھيون. ھن مان سچي وفاداري ۽ تابعداري جھلڪي رھي ھئي. ھن کان پوءِ سردارن جيڪي عملي سرگرميون ڏيکاريون تن مان محسوس ٿي رھيو ھو تہ ھيءَ انگريز سرڪار سان سندن سچيءَ دل واري وفاداري آھي. سندن اھڙا احساس بہ ھئا جن کي غلطي تصور ڪري ڪونہ ٿو سگھجي. ھڪ جھونڙي سردار زوريءَ اڳتي وڃي جنرل سر چارلس سان ملڻ پئي چاھيو. پر پھريدارن کيس پوئتي ڌڪي ڇڏيو. پر ھو اڳتي وڌڻ جي ڪوشش بہ ڪري رھيو ھو ۽ رڙيون بہ ڪري رھيو ھو ۽ وڏي آواز سان چئي رھيو ھو تہ مان ھن کي ڏسڻ لاءِ ٻہ سو ميل پنڌ ڪري آيو آھيان. مان ساڻس ضرور ملندس. مون کي وڃڻ ڏيو.
وفاداريءَ جي ھيءَ رسم ٽن ڏينھن تائين ھلندي رھي. لک جي گرم گھاڙ ھلي رھي ھئي، جنن ڪري چوڏھن يورپي فوجي سپاھي مري ويا. سر چارلس 86 ريجمينٽ مان ھو تنھن ڪري ھيءَ ريجمينٽ ڊگھي وقت واري ھن رسم کان بيزار ٿي پئي. اھا ھڪ وڏي مصيبت ھئي. ممبئي واريءَ ڌر بہ ھنن موتن تي واويلا ڪرڻ ۾ گھٽ ڪانہ ڪئي. سندن الزام ھو تہ فوجن کي سر چارلس کي بچائڻ خاطر بيھاريو ويو ھو ۽ فوجين جو ايترو تعداد جنرل جي ”گارڊ آف آنر“ لاءِ ڪونہ بيھاريو يو ھو. اھي ”گارڊ آف سيفٽي“ ھئا. ڇاڪاڻ تہ اھي جنرل جي ڀرسان ڪونہ بيٺا ھئا. اھڙن ماڻھن کي پڪ ھئي تہ قتل جي انھيءَ خنجر جي نوڪ جنرل جي نوڪريءَ ۽ زندگيءَ کي ضروري متاثر ڪندي. پر ڪجهہ بہ ڪونہ ٿيو، تنھن ڪري ھو مايوس ٿي ويا. ڇاڪاڻ تہ گورنر جنرل طرفان کيس اھڙو حڪم مليل ھو تہ وفاداريءَ جي اھا رسم انھيءَ گرم موسم دوران منعقد ڪئي وڃي. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن مير شير محمد کي ماٺ ڪري ويھڻ لاءِ مجبور ڪري سگھجي. اڳئين سال بہ ساڳي قسم جي گرم موسم دوران حملي ڪرڻ جو کيس حڪم ڏنو ويو ھو. ان جو ڪارڻ اھو ھو تہ ھن عملي سرگرميءَ وسيلي، دير سان نڪرندڙ نتيجا جلديءَ ۾ ظاھر ٿي پيا ھئا. پر اھڙا تجربا پنھنجي نوعيت ۾ ڏاڍا سخت ھئا. ممبئي واريءَ ڌر جيڪا قتل خلاف ھاءِ گھوڙا ڪئي ھئي، سا فقط ڪاوڙ جي اظھار جو ھڪ نمونو ھو.
ھن شاندار درٻار جاگيرن جي قبضي جي بنياد بابت فيصلو بہ ڪيو ھو جيڪو ھر حڪومت جو بنيادي مسئلو ھوندو آھي. ٽالپر دور ۾ جاگيرون سدائين پيون مختلف ماڻھن جي نالي منتقل ٿينديون ھيون ۽ جاگيردارن کي ڪنھن بہ قسم جو تحفظ حاصل ڪونہ ھوندو ھو. ڪي وڏيون جاگيرون فوجي خدمت عيوض ڪن ماڻھن کي ڏنيون وينديون ھيون. جن جي ايراضي سٺ ھمچورس ميل ھوندي ھئي. اھي جاگيردار ڄڻ آبادگار ھوندا ھئا ۽ ٽالپر حڪمران جي جڏھن بہ مرضي پوندي ھئي تہ اھا جاگير کسي بہ وٺندو ھو ۽ جاگيرداريءَ جي ھن طريقي تي ڪنھن بہ قسم جو اعتبار ڪونہ ھوندو ھو ۽ جاگيرون ڄڻ ڌاڙيلن جي ھڪ اھڙي معاشري کي ڏنيون ويون ھيون، جن جي حيثيت قانوني مڃتا مليل ھئي. سر چارلس نيپئر جاگيردار کي تلوار ۽ ڍل بدران چنجور ۽ ڪوڏر ڏني ھئي ۽ کيس چيو ويو ھو تہ ھو جنگي ميدان تي اچڻ بدران پوکي راھيءَ کي منھن ڏئي ۽ سرڪار کي عوامي ڀلائي جي ڪمن لاءِ پنھنجا ماڻھو ڏئي. ھاڻي ھن انھن جاگيردارن جي پٽن کي سندن پيئرن جون جاگيرون ڏنيون آھن، جيڪي مياڻيءَ ۽ دٻي جي جنگين ۾ ماريا ويا ھئا. ٻين ماڻھن کي بہ جاگيرون لاپي تي ڏنيون آھن. پر کين انھن جاگيرن عيوض سرڪاري نوڪري ڪرڻي ڪانہ پوندي.
ھاڻي جاگير جو لاپو ھٿ ۾ جھليل تلوار ڪانہ ھوندي. ڇاڪاڻ تہ زمين ڀاڳر طرفان مليل ھڪ سوکڙي ھوندي آھي. جيڪي محنت ۾ قيمت سان توري ڪونہ ڏنيون وينديون آھن. اھڙيون جاگيرون فوجي نوڪريءَ واري خرچ کي ڏنيون وينديون ھيون. ائين سمجھڻ کپي تہ اھي جاگيرون فوجي نوڪريءَ سان سلھاڙيل ھيون. پر جيڪڏھن جاگيردار چوندو ھو تہ ھو زمين جو لاپو ڏئي ڪونہ ٿو سگھي تہ اھا جاگير کيس سندس زندگي تائين، بلڪ سندس وارث کي بہ ملي ويندي ھئي. پر اھڙيءَ صورت ۾ جاگير جو ڪجهہ سرڪار کي ڏيڻو پوندو ھو. انھيءَ طريقي مطابق جاگير تي سندس زندگي لاءِ حق محفوظ ٿي ويندو ھو. جڏھن ھنن جاگيردارن کي چيو ويو تہ توھان پنھنجي پوئلڳن جو ماھوار خرچ ٻڌايو، جيڪي اوھان ضرورت وقت پيش ڪندا ۽ حساب ڪتاب بہ انھن جي تعداد مطابق ڪيو ويندو. انھن جواب ۾ چيو تہ ”اسان فقط جنگ دوران پنھنجا ماڻھو آڻي سگھندا آھيون. ڇاڪاڻ تہ انھن کي مال غنيمت جو آسرو ھوندو آھي. پر جنرل ھوموجين تہ ڪنھن سان جنگ تہ ڪونہ ڪندو، نھ! سال ۾ فقط ھڪ ڀيرو ماڻھو آڻينداسون.“ پر فرض ڪيو تہ خرچ اسي روپيا آھي تہ سرڪار انھيءَ رقم ۾ اوھان کي ھر مھيني ڪانہ گھرائيندي. پر ان جي اڌ جيتري رقم عيوض اوھان کي سال ۾ فقط ھڪ ڀيرو گھرايو ويندو. اسان کيس چيو ھو.
ھن قسم جي طريقي تي گھڻا جاگيردار راضي ٿي ويا ھئا. اھڙين ڳالھين ٻولھين کان پوءِ جاگيردارن جيڪي زمينون ڇڏيون، سي ڪن شرطن تي رعيتي ماڻھن کي ڏنيون ويون ھيون. جن جو بيان بعد ۾ ڪيو ويندو. ھنن ماڻھن ڏنل زمين جو لاپو ھڪ ئي وقت ادا ڪري ڇڏيو ۽ وڌيڪ ايراضي بہ آباد ڪري ڇڏي. اھڙيءَ ريت وڏا جاگيردار زمينن جا مالڪ ٿي ويا ۽ ننڍا جاگيردار ھر ھاري ٿي ويا ھئا. اھي ماڻھو زمين جي قدر قيمت ۾ ڏاڍي دلچسپي وٺي رھيا ھئا. تنھن ڪري وحشي، جنگجو ۽ رولو قسم جي ڌاڙيلن واري زندگي کان نفرت ڪرڻ لڳا ھئا. ھن کان اڳ حڪمرانن کي چرچ ڏئي جنگيون ڪرائيندا ھئا تہ جيئنءَ کين مال غنيمت حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي پوي. سر چارلس نيپئر کي جڏھن اھڙو مشورو ڏنو ويندو تہ ان بابت ڪجهہ وقت سوچيندو ھو ۽ وڌ کان وڌ منصوبھ بندي ڪندو ھو. پر نيپئر سرڪار، ھنن بلوچ سردارن کان ڪڏھن جنگي خدمت ڪانہ ورتي، نہ وري کيس اھڙي ڪا ضرورت بہ ھئي. ٻئي طرف جاگيردارن جا جاگيرن تي حق محفوظ ٿي ويا ھئا. ٻن ڌرين وچ ۾ ھشيون ڏئي جنگ ڪرائڻ جي ضرورت بہ محسوس ڪانہ ٿيندي ھئي. پر رعيتي ماڻھن جي ڀلي ۾ سوچڻ لڳا ھئا، جيڪي ٻنيون آباد ڪندا ھئا. کيس اھا بہ توقع ھئي تہ سرڪاري زمين چڱيءَ ريت آباد ڪرڻ سان ھاريءَ کي وڏو فائدو ٿيندو. اھو ڏسي اھي بلوچ بہ پوکي راھي ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا، جيڪي رات ڏينھن چورين ۽ ڌاڙن جي ڪرت کي لڳا پيا آھن. اھڙو فائدو ڏسي گھڻا جاگيردار سرڪار جا پيش ڪيل شرط قبول ڪري چڪا ھئا. غريب بلوچ زرعي جنسن جي ڍوئيءَ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا ھئا ۽ رعيتي سرڪاري طرفان ملندڙ زمين جي گرانٽ لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳا ھئا. اھو ڏسي سر چارلس ھن سوچڻ تي مجبور ٿي ويو ھو تہ پيداوار جي وڌڻ سان، عام ماڻھو جي ڪردار ۾ گھڻو فرق اچي سگھي ٿو ۽ سنڌ مشرق جو ھڪ شاھوڪار ترين علائقو بڻجي سگھي ٿو. ھن کان پوءِ سر چارلس سوچيو ھو تہ ڪھڙي طريقي سان جاگيردارن کان جاگيرون کسي، سرڪاري ملڪيت بڻائي سگھجن ٿيون. کيس محسوس ٿيو تہ اھو فقط تڏھن ڪري سگھجي ٿو جڏھن جاگيردار شرط پورا ڪري نہ سگھي. پر بعد ۾ سوچيائين تہ جاگيرن کي اھڙي ريت حصيداريءَ مطابق نيڪال ڪجي، جو ھاريءَ کي گھڻو فائدو ٿئي ۽ انھن جاگيرداري جي وڏي جاگيردار ھئڻ ناتي اھميت گھٽجي وڃي. جن کي زمين گھڻي ھوندي پر پيداوار گھٽ ھوندي. ان ڪري ھن وڏن جاگيردارن کان محصول مڙھڻ جا حق کسي ورتا. کانئن اھڙا اختيار بہ کسيا ويا جن وسيلي ھو ڪنھن کي موت جي سزا ڏئي سگھندا ھئا.
بعد ۾ ھن جاگيردارن سان صلاح مشورو ڪري، لاپي وٺڻ جي ابتدا ڪئي ھئي. ڇاڪاڻ تہ ھو ڪنھن تي بہ پنھنجي مرضي ڪونہ مڙھيندو ھو. ھي ڪجهہ وقت لاءِ باقاعده ادائگي کان بہ لاپرواھھ رھيو. ڇاڪاڻ تہ ھو ڍل جي رقم کان وڌيڪ ھن ڳالھہ ڏانھن ڌيان ڏيندو ھو تہ پوکي راھيءَ واريءَ ايراضيءَ ۾ وڌ کان وڌ اضافو ٿئي. کيس اھو اڳواٽ ئي معلوم ٿي ويو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو سندس شرطن مطابق ۽ مختلف معيادن واريون جاگيرون وٺندو تہ گھڻو فائدو ٿيندو. ڇاڪاڻ تہ ھو انھيءَ طريقي سان ھڪ طرف تہ پنھنجي زندگيءَ تائين ان جاگير جو ھاري بڻجي ويندو ۽ قانون بہ سندس پاسي ھوندو ۽ کيس سڀ حق ملي ويندا. ٻئي طرف سرڪار جي خواھش مطابق کيس ھاريءَ جو حق ملي ويندو. پر ڪيترين ڳالھين ۾ ان جاگير جي قيمت بہ وڌيڪ ادا ڪرڻي پوندس. ڇاڪاڻ تہ اھڙي جاگيردار کي عوامي ڪمن ڪارين لاءِ مزدور ڏيڻا پوندا. جڏھن تہ ڪن جاگيردارن کان ڪو لاپو ڪونہ ورتو ويندو. ھنن ٻنھي قسمن جي جاگيرن جي معيادن ۾ فرق موجود آھي ۽ ھنن ٻنھي قسمن جي جاگيرن جي موجودگي ڪري، جاگيرون ڏيڻ واسطي ڪي نوان قانوني اصول پيدا ٿي پوندا. انھيءَ طريقي سان جاگيردارن جو ھڪ وڏو طبقو ٿي ويندو، جيڪي امن امان قائم ڪرڻ لاءِ بہ ذميوار ھوندا. پر جيڪڏھن جاگيرن ڏيڻ جو ٽالپرن وارو طريقو اختيار ڪيو وڃي ھا تہ جاگيرن جو مٿيون طبقو سرڪار کي ڍل ڪونہ ڏئي ھا. ان کان سواءِ ھن وٽ ھٿيار بند ماڻھن جو وڏو تعداد موجود ھجي ھا، جن مٿان ضابطي رکڻ واسطي سرڪار کي وڏي فوج رکڻي پوي ھا. ٻئي طرف اھو ٿئي ھا جو سرڪار ھنن وڏن جاگيردارن ۽ ٻن ٽن سون پوليس وارن جي مدد سان ملڪي انتظام رکڻ ۾ سوڀاري ٿي وڃي ھا.
سرڪاري عملدارن جي رپورٽن ۾ ھن قسم جا ۽ ٻيا انتظامي قدم بيان ڪيا ويا آھن، جيڪي سرڪار کي کڻڻ گھرجن. جڏھن اھڙيون رپورٽون سر رابرٽ پيل جي آڏو رکيون ويون تہ ھن کان تعجب وچان رڙ نڪري وئي ھئي. ڇاڪاڻ تہ انھن ۾ سرڪار جو وسيع قسم جو نقطھ نظر موجود ھو. ھن چيو ھو تہ ”سر چارلس نيپئر جي فوجي اختيارين بابت تہ ڪنھن بہ قسم جو شڪ شبھو ڪونہ آھي. پر سندس ٻيو ڪردار ڏسي مون کي ڏاڍو تعجب ٿيو آھي تہ ھي سول انتظاميھ جي معاملن ۾ بہ ايڏو ڏاھو ۽ ڏات ڌڻي آھي.“ تنھن ڪري اھو چئي ڪونہ ٿو سگھجي تہ سر رابرٽ پيل جو سر چارلس جي فوجي ذھانت بابت تعجب کائڻ انگريزي روايت نہ آھي تہ ھر ڪنھن فوجي عملدار کي ھروڀرو بہ ذھين سمجھيو وڃي. سر رابرٽ ڪئپٽن کان وٺي جنرل جي عھدي تي پھتو آھي. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ھڪ فوجيءَ طور رھيو آھي. ڪيتريون حڪومتون انھن جا رکيل انتظام سندس نظر مان گذريا ھوندا. تنھن ڪري ھن ماڻھو جو نقطئھ نظر بہ اعلى ۽ اوچو ھئڻ گھرجي. ھو سمجھي ٿو تہ سر چارلس جو اختيار ڪيل طريقي جو منصوبو ھندستان جي ٻين حڪومت جي انتظامي منصوبن کان وڌيڪ اعلى ۽ اوچو آھي. سر رابرٽ ھن حقيقت کان چڱيءَ ريت واقف ھو تہ سر چارلس جو طريقو ٻين جي ڀيٽ ۾ بلڪل مختلف ھو. سر چارلس جو خيال ھو تہ ”سنڌ جي سول انتظاميا جي مددگار عملدارن منجھيل پس منظر ۾ رکيو وڃي ھا ۽ اھڙي مونجھاري کي پيدا ڪرڻ لاءِ وڏو خرچ برداشت ڪيو وڃي ھا.
سنڌ جي انتظاميھ بابت گھڻا قدم ڪلڪتي جي صلاح سواءِ کنيا ويا ھئا، ڇاڪاڻ تہ ڪلڪتو تمام پري ھو. ٻيو سنڌ ۾ گرميون تمام گھڻيون ٿينديون آھن، تنھن ڪري انتظامي سرگرميون ٿورو وقت ھلي سگھنديون آھن. اھڙيون ڳالھيون لارڊ ايلنبرو جلد ئي قبول ڪري وٺندو ھو. سال جا ڇھھ مھينا تہ ڇتيءَ گرميءَ ڪري ڪم ٿي ڪونہ سگھندو ھو. اھڙو سربراھھ مٿان جي ظالم لکپڙھہ ۽ ذميوارين جي ڀو ڀولي کان آزاد ٿي ويندو ھو. جنھن جي ڪم ڪار بابت لارڊ ايلنبرو کي چڱيءَ ريت ڄاڻ ھئي. پر اھڙيون مھربانيون انھن ماڻھن مٿان ڪونہ ٿينديون ھيون، جن جي ھٿ ھيٺ ٻن پريزيڊنسيزPresidencies جي فوجي ڪمانڊ ھئي. پر اھڙين شخصيتن کي بہ لارڊ ايلنبرو جي صلاح مشوري جي محتاجي ھوندي ھئي. ھنن ٻنھي شخصيتن جي وچ تي ھڪ “Secret Comity” موجود ھوندي ھئي. جنھن کي سدائين ڪا نہ ڪا چنتا لڳي پئي ھوندي ھئي. تنھن ڪري ان کي اھو اعلان ڪرڻو پيو ھو تہ ”مان فوج جي انتظام رکڻ جو ذميوار ڪونہ آھيان. اھڙيون پيچيدگيون ڪورٽ مارشل جي سزائن ڪري بہ ڪجهہ وڌي ويون ھيون، جنھن مطابق ڪن عملدارن سان نرمي اختيار ڪئي ويندي ھئي. سر چارلس ھڪ ڪمانڊر ان چيف ھئڻ ناتي، ڪورٽ مارشل جي قانون ۾ ڪي سڌارا آندا ھئا. پر ان وقت تائين ان ۾ ڪئي خاميون موجود ھيون. اھڙو مثال ٻن سرجن ڊاڪٽرن جو آھي جيڪي پنھنجي منصبي فرض جي ادائگيءَ لاءِ اسپتال ۾ رھندا ھئا، پر مستقل نشي ۾ رھندا ھئا. پر پوءِ بہ کين نوڪريءَ ۾ رکيو ويو ھو. جيڪي بيمار فوجي سپاھين لاءِ دھشت، ذھني سزا ۽ موت جو ڪارڻ بڻبا ھئا.
ان کان پوءِ ٻيو واقعو رونما ٿيو ھو، جنھن ڪري سڀني ماڻھن کي اچرج ٿيو ھو، پر ان ماڻھوءَ کي اچرج ڪونہ ٿيو، جنھن کي ان واقعي گھڻو متاثر بہ ڪيو ھو. سر چارلس کي ان بي لوث خدمت تمام گھڻو متاثر ڪيو ھو ۽ جنھن جي ادا ڪرڻ جي کيس مناسب آزادي بہ مليل ڪانہ ھئي. ان وقت لارڊ ايلنبرو بہ ڏاڍو ياد آيو. ھن لاءِ اھا ڳالھہ ڪا اوچتو ڪانہ ٿي ھئي. کيس خبر ھئي تہ سندس حڪومت ھندستان ۾ رھندڙ ھزارن انگريزن جي خوف ۽ نفرت جي جذبي کي جاڳائي وڌو ھو ۽ ڊئريڪٽرن جي خطرناڪ اقربا پروري کي جھنجھوڙيو ھو. ردعمل ظاھر ڪندڙ جذباتي ماڻھن لاءِ اھا ڳالھہ غلط ۽ اچرج جھڙي ھئي. جنھن ماڻھوءَ ڪابل جي شڪست جي گھائن جو ازالو ڪيو، تنھن سان ايترو ڪلور ڇو ڪيو ويو ۽ اھا ويڌين انھن ماڻھن پاڻ ڪئي، جن جي شھنشاھيت کي ھن ماڻھوءَ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. اھو بہ معلوم ٿي رھيو آھي تہ ھن گورنر جي خدمتن کان انگلينڊ ۽ ھندستان کي ان وقت محروم ڪيو ويو آھي، جڏھن اتان جون حالتون نھايت ڳنڀير ۽ خطرناڪ آھن. اھڙو ڏاڍ ڪري انھن ماڻھن جي دلين کي خوش ڪيو ويو آھي، جن جون دليون قومپرستيءَ جي نيڪ جذبن کان بنھھ خالي آھن ۽ ڪاوڙ ۾ ڄڻ چريا ٿي پيا آھن. سر چارلس پنھنجي ملڪ سان گھڻي محبت ڪندو آھي، جيڪو ان موقعي تي خاموش رھيو پر ھن لارڊ رپن ڏانھن ھڪ خط ضرور لکيو ھو، جنھن ۾ ھن انھن ماڻھن کي لويو ھو، جيڪي ھن خلاف ھميشھ نفرت جو اظھار ڪندا رھندا ھئا. سندس خط جو ڪجهہ حصو ھيٺ ڏجي ٿو:
لارڊ ايلنبرو بي انصافيءَ ۽ خردبرد جو سخت دشمن ھو. پر پوءِ بہ بي ايماني ۽ چريائي وارو ڪم ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آھي. اھا ڪا نئين ڳالھہ بہ ڪانہ آھي ۽ انساني تاريخ ۾ ائين ٿيندو بہ آيو آھي. جنھن ڪري مونکي ھن ڳالھہ تي ڪو اچرج بہ ڪونہ ٿيو آھي. نظر ائين اچي رھيو آھي تہ فتح کان وڌيڪ ڪابل جي عام کي اھميت ڏني وئي آھي. ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس ڪابل جي رتوڇاڻ کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو. ليڪن ھندستان کي بچائڻ ۽ رتوڇاڻ کان بچڻ ھنن کي پسند ڪونہ آھي. لارڊ ايلنبرو جا کنيل انتظامي قدم عام قسم جي سياسي حڪمت عملي مطابق ھئا ۽ ھڪ اھڙي وسيع منصوبي سان لاڳاپيل ھئا، جن جو تعلق ھندستان جي سياسي انتظام کي مستحڪم بڻائڻ ھو. اھي منفرد معاملن کي منھن ڏيڻ لاءِ فقط خيالي خواھشون ڪونہ ھيون. مھاراجپور جي فتح سنڌ جي فتح کي سگھارو ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن تہ سنڌ جي فتح ھندستان جي اتر اولھہ واري صوبائي سرحد کي نھايت مضبوط ڪرڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿي آھي. ساڳيءَ ريت ستلج واري سرحدي پٽي جي تحفظ لاءِ بہ سنڌ جي فتح وڏي اھميت رکي ٿي. اھو سارو معاملو ھڪ بنيادي دشمن اتحاد لاءِ ھڪ وڏو تحرڪ ھو، جيڪو افغانستان جي شڪل ۾ موجود ھو، جنھن ھٿان ھندستان جي انگريز سرڪار شڪست کاڌي آھي. اھو ھندستان جي انگريز شھنشاھت لاءِ ھاڻي بہ خطرو آھي ۽ مستقبل ۾ بہ خطرو رھندو.
اھي بچاءَ واريون فوجي سرگرميون ھيون جن ۾ لارڊ ايلنبرو نھايت ڪامياب ثابت ٿيو ھو. اھڙيون ڪوششون اڃان ھلي رھيون آھن ۽ ختم ناھن ٿيون، نہ وري ختم ٿينديون. سکن جي فوج تي اڃان بہ ضابطو ناھي رکيو ويو. مان سمجھان ٿو جنگ واري انھيءَ خوفناڪ ماحول ۾ فقط طاقتور فوج ئي حصي وٺڻ لائق آھي. ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس بہ ھن بابت صحيح سوچي رھي آھي. ان سان گڏ لارڊ ھوويڪHowick جي سوچ بہ ساڳي آھي. ”پر انھن سڀني ڳالھين جي امڪانن ۾ اڃا بہ وقت پيو آھي“، اھا ڳالھہ ھڪ ڏاھي ماڻھوءَ چئي آھي. مون کي يقين آھي تہ جڏھن ستر ھزار پنجابي فوج سرحد سان بيٺي ھجي تہ گورنر جنرل تبديل ٿيڻ گھرجي.
مون کي يقين آھي ڪمپني پنجاب جي فتح ڪانہ ٿي چاھي. مان سمجھان ٿو تہ اسان لاءِ اتر سنڌ واري سرحد کان اتر ستلج واري سرحد بھتر آھي، جيڪا ھاڻي سنڌ جيان مضبوط بہ آھي. اسان وٽ ھاڻي حد کان وڌيڪ ملڪ قبضي ھيٺ آھي. پر مان سمجھان ٿو تہ پنجاب بہ ھندستان جي انگريز شھنشاھت جو حصو بڻجڻ گھرجي. ان ڪري ساري ھندستان تي دعوى ڪرڻ گھرجي. جيڪڏھن ان کي فتح نہ ڪيو ويو تہ ھو اسان جي بھترين علائقن تي حملا ڪندو رھندو يا وري ان کي روڪڻ لاءِ ستلج وٽ ھڪ وڏي فوج رکڻ جي ضرورت آھي. اسان جي فوج اندر سک بہ ڀرتي ٿيل آھن، جيڪي بغاوت بہ ڪري سگھن ٿا، جيڪا پنجابي سکن لاءِ فائدي جي ڳالھہ ٿيندي. ٻي اھم ڳالھہ ھيءَ بہ آھي تہ اسان جنھن ماڻھوءَ کي فوج مان ڪڍي ڇڏيندا آھيون، تنھن کي سک حڪمران پنھنجي فوج ۾ ڀرتي ڪري ڇڏيندو آھي. جيڪي وري اسان جي فوجي سپاھين کي خط پٽ لکندا رھندا آھن، اسان ھر ڏوھھ تي ڦٽڪن ھڻڻ جي سزا ختم ڪري، نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏڻ جي سزا ڏيندا آھيون. ائين ڪرڻ سان سکيا يافتھ فوجي نوڪريءَ ڪڍي تہ ڇڏيندا آھيون، پر اھي وڃي اسان جي دشمن سک حڪمران جي فوج ۾ ڀرتي ٿيندا آھن. معلوم ٿئي ٿو اسان پاڻ سک حڪمران جي فوج کي مضبوط ڪري رھيا آھيون. اھڙيءَ طرح اسان جا تمام گھڻا فوجي اسان وٽان نڪري وڃي پنجابي فوج سان شامل ٿيا آھن. اسان اھا ڳالھہ دانشمنديءَ واري نہ ڪري رھيا آھيون. ھن وقت اسان جي آڏو فقط ھي سوال آھي يا نہ اسان وڌيڪ ملڪ فتح ڪريون يا ھندستان اندر پنھنجي موجوده حيثيت کي مضبوط ڪريون يا دشمن اسان کي ماريندو ڪٽيندو وڃي سمنڊ تائين پھچائي.
سک فوج کي ختم ڪرڻ ايڏو سولو ڪونہ آھي، جيڏو عام ماڻھو سمجھندا آھن. جيڪڏھن اسان کي ائين ستلج وٽان بہ پوئتي ھٽايو ويو، جيئن افغانستان مان شڪست ڏئي سنڌوءَ کان پوئتي ھٽايو ويو، تہ پوءِ اھو ھندستان لاءِ وڏو خطرو ھوندو. جيتريقدر مان سمجھي رھيو آھيان، تہ اھا اسان جي غلط حڪمت عملي آھي تہ اسان جي حڪمرانيءَ جي سرحدن اندر يا انھيءَ جي سرحدن ڀرسان ڪوبہ ڏيھي حڪمران موجود ھجي، اڳي انھيءَ حڪمت عملي کي فائديمند ۽ خطرن کان خالي سمجھيو ويندو ھو، پر ھاڻي اھڙيون ڳالھيون خطرن کان خالي ڪونہ آھن، ڇاڪاڻ تہ اسان جي وسيع حڪومت جي تقاضا ھيءَ آھي تہ اسان جي فوج ان وسيع ايراضي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل ھجي.
ھاڻي اسان موٽي سنڌ جي معاملن بابت ڳالھائينداسون. اسان کي اھو بہ خطرو آھي تہ متان ملتان جا پنجابي اسان کي اتر واري سرحد سان کئونس ڪن. ڇاڪاڻ تہ ان جو ڪجهہ حصو سانوڻ مل جي حڪمراني واريءَ سرحد اندر ھليو وڃي ٿو. جيڪڏھن حقيقت ائين آھي تہ مان مھاڏي ڏيڻ جو تعين ڪيو آھي. مون کي قوي اميد اھي تہ ھندستان سرڪار بہ ھن ڳالھہ ۾ منھنجي مدد ڪندي. ڇاڪاڻ تہ اسان جنھن کي پنھنجي عزت جي توھين سمجھون ٿا ان خلاف ھٿيار کڻون. مان سمجھان ٿو تہ ائين ڪرڻ سان جيڪڏھن سانوڻ مل ۽ سنڌ جي بلوچن جو اسان خلاف مقابلي ڪرڻ لاءِ اتحاد ٺھيل ھوندو، سو بہ ٽٽي سگھي ٿو. مان اھو بہ سمجھان ٿو تہ مون کي جنگ ڪرڻ وارو گنھگار سمجھيو ويندو، پر اھا ڳالھہ غلط ھوندي. مان تہ گھڻيون جنگيون ڏسي چڪو آھيان. مان عيسائي ۽ انسان ھئڻ ناتي اصولي طور جنگين جي خلاف آھيان. مان ڪراڙو بہ ٿي ويو آھيان، تنھن ڪري مان جنگين جي تڪليف سھڻ جھڙو ڪونہ رھيو آھيان. جڏھن تہ گرمي بہ نہ سھڻ جوڳي آھي. مان ھاڻي آرام ڪرڻ چاھيان ٿو. پر مان اھو ڪونہ چاھيندس تہ مھاراڻيءَ ۽ ڪمپنيءَ جي فوج جي ڪير توھين ڪري ۽ دشمن پنھنجا ماڻھو مون تي حملي ڪرڻ جي نيت سان گڏ ڪندو وتي ۽ مان پير پساري ويٺو ھجان ۽ ڪک ڀڃي ٻيڻو نہ ڪريان. ان لاءِ مان تياري ڪندس. امڪاني حد تائين ھٿ پير ھلائيندس، پر ويھن ئي ننھن جيان زور لائي فوجي تياري ڪندس. انھيءَ لاءِ نہ تہ جنگ سان پيار ڪريان ٿو پر انھيءَ لاءِ تہ مان اھو ڪونہ چاھيندس تہ ڪير اچي منھنجو سر ڌڙ کان ڌار ڪري. اھا نٽائڻ واري ڊپلوميسي نيم جنگلي ماڻھن جو ڪم آھي، جيڪو ماڻھو اکيون ٻوٽي اھڙين ڳالھين تي اعتبار ڪندو تنھن شڪست کان سواءِ مقدر ۾ تہ ڪجهہ لکيل ئي ڪونہ آھي. ”مري ۽ بگٽي جابلو ايراضين ۾ مير شير محمد کي مدد ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آھن. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن ھو سنڌ اندر گڏجي بغاوت ڪري سگھن. تنھن ڪري انھن کي بہ چيڀاٽڻو آھي. ڇاڪاڻ تہ مناسب موسم اچڻ سان ھو کئونس ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا. جيڪڏھن گرميون آيون تہ جنگ ڪرڻ اسان جي وس کان ٻاھر ٿي ويندي. جيڪڏھن مان ھنن سان جنگ ڪندس تہ سياري جي موسم ۾ ڪندس. پر مان سمجھان ٿو تہ اھا ڏکي شيءِ آھي. مان ھاڻي سوچيو آھي تہ ھنن کي چار ڏوڪڙ ڏئي پنھنجي پاسي ڪجي ۽ شريفاڻي طريقي سان پاڻ ڏانھن وٺي اچجي. ان لاءِ مان سمجھان ٿو تہ ھندستان سرڪار ايتري پئسي خرچ ڪرڻ جي موڪل ڪانہ ڏيندي. ليڪن ھنن ٻنھي مان ڪو ھڪ طريقو ضرور اختيار ڪرڻو پوندو. جيڪڏھن اھي ٻئي ڳالھيون قبول نہ ڪيون ويون تہ ھڪ طاقتور فوج شڪارپور ۾ رکي وڃي. اھو بہ امڪان آھي تہ جيڪڏھن اسان ھنن بلوچن خلاف جنگي ڪارروائي ڪئي تہ پنجاب کئونس ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو. پر مون کي سنڌ جي اتر واري سرحد لاءِ ڏھاڙي ڪا نہ ڪا چنتا ضرور ٿئي ٿي. مان صحيح طريقي اڳڪٿي ڪري، اھو ڪونہ ٿو ٻڌائي سگھان تہ ھي سرحد ويڙھھ ڪيترو وقت ھلندي. پر ايترو يقين ضرور آھي تہ ھيءَ جنگ نھايت ڏکي ھوندي ليڪن سنڌ ۾ اڄ امن امان قائم آھي.
جڏھن ڏکئي وقت ۾ لارڊ ايلنبرو کي واھر ڪرڻ لاءِ چيو ٿي ويو ۽ ھن سمجھيو ٿي تہ ڪا ھٺيلي ۽ ڪمزور قوم ھروڀرو ٽاڏر ڪيون، ڊيوڪ آف ويلنگٽن وانگي مقابلي لاءِ بيٺي آھي تہ ھو خاموشيءَ وارو طريقو اختيار ڪندي ۽ غلط ۽ صحيح کي سمجھي ويندو آھي ۽ اھڙو ڪم ڪندو آھي، جيڪو عوام جي ڀلائيءَ ۾ ھوندو آھي. پر ھتي ھڪ ناني ويڙھو بہ آھي، جن کان ھميشھ غلطيون ٿيون آھن ۽ ھميشھ اھڙين غلطين سان چنبڙيا رھيا آھن. انھن جو ھندستان ۽ انگلينڊ ۾ ڪردار بي شرميءَ ۽ ناشڪرگذاري وارو رھيو آھي. ھنن ماڻھن اھڙي فوجي جنرل تي نازيب حملا ڪيا آھن جنھن فتحن ۽ انتظامي صلاحيتن جي حڪمت عملي کي مضبوط ڪيو آھي ۽ جنھن جي ڪوشس وسيلي ھڪ اعلى رتبي جي انسان ھنن جي لڏندڙ شھنشاھت کي مستحڪم ڪري ڇڏيو آھي. ھنن غلط ماڻھن ھر طريقي سان ان فوجي جنرل تي اخلاق سوز حملا ڪري ھروڀرو بدنام ڪيو ۽ ثابت ڪيو تہ اٿن اھي نيچ آھي ۽ ھر قسم جا غير اخلاقي فائدا حاصل ڪيا اٿن. ڪورٽ آف ڊائريڪٽرن مان ڪي اھڙا معزز ماڻھو بہ ھئا، جيڪي اھڙين شرمناڪ ڳالھين ڪري ناراض ھئا. پر ھڪ اداري جي حيثيت ۾ ھنن نقصانڪار جراثيمن جي ھمت افزائي ڪئي ۽ سر چارلس تي اھڙا اخلاق سوز حملا ڪيا، جيڪي فقط اھڙن گندن ماڻھن ئي جڳائيندا آھن. ھنن جون اھڙيون ڪھٽيون ڳالھيون دشمنيءَ تائين محدود ڪونہ ھيون، پر انھن سان گڏ ڪوڙا بھتان ۽ بي جا تھمتون بہ ھيون. ليڪن ڪمينائپ کي پنھنجو دور آھي، فتح ۽ ڪاميابيءَ کي پنھنجو مقام. ڪو دور وري انتقام وٺڻ جو بہ ھوندو آھي ۽ اھو دور اچي چڪو آھي. خوف ۽ تذليل واري جھڪڻ جو زمانو. اھي ساڳيا تجارتي ناني ويڙھي وارا ماڻھو جيڪي قوم جي آواز کان مجبور ٿي، ساڳي ئي فوجي ڪمانڊر کي ليلائي چئي رھيا آھن تہ ھنن ساڻس وڏو ظلم ڪيو آھي. سندسن ڏوھھ معاف ڪر ۽ وسيع اختيار قبول ڪر ۽ انھن کي وڏ ۽ تباھي کان بچاءِ. خدا تعالى انصاف وارو آھي.