ضميمو اٺون
حيدرآباد 18 مئي 1843ع
اوھان جو 12 اپريل تي لکيل خط مون کي ڪلھھ رات مليو آھي. اوھان ان خط ۾ اٺ سوار فوج کي قائم ڪرڻ جو مشورو ڏنو آھي. ھن خط ۾ اوھان ھڪ ٻئي خط جو حوالو ڏنو آھي، جيڪو مون کي ڪونہ پھتو آھي. اوھان مون کي ٻين مشورن سان پڻ نوازيو آھي جنھن جو واسطو سر ڊبليو ناٽ جي خط سان آھي جنھن کي مان ڏاڍي غور سان پڙھيو آھي. مان رپورٽ ٺاھڻ جي ڏس ۾ ھن تجربيڪار عملدار سان بلڪل سھمت آھيان، ڇاڪاڻ تہ اھڙي رپورٽ تجربي کان وڌيڪ وسيع ڳالھين جي تقاضا ڪري ٿي. مان اھا رپورٽ بنا ڪنھن تمھيد جي اوھان جي خدمت ۾ پيش ڪري رھيو آھيان. اھا ان مھم جي تجربي جو نتيجو آھي جنھن جي ابتدا مان ھندستان ۾ اچي ڪئي ھئي. ڇاڪاڻ تہ اسان اھڙي مھم جي شروعات مٿاھينءَ جوءِ ۾ ڪئي ھئي جتي اسان اٺ کان بہ وڌيڪ طاقتور جانور، خچر کي ڪتب آندو ھو.
اٺ
ھن علائقن ۾ ھيءُ جانور بار لڏڻ جي ڪم ايندو آھي، پر ھن کي فوجي مقصدن لاءِ ڪتب آڻڻ فائديمند نہ آھي. اوچتو اھڙو ڌڪ پڃائيندو جو ماڻھو لوڻا پيو کنھندو، منجھنس ھي اوڻايون آھن.
1. ھي جانور پنھنجي جسماني جوڙجڪ ۾ ڏاڍو ڪمزور آھي.
2. ھڪ نہ ٻي بيماري سندس ڳاٽي تي چڙھي بيٺي ھوندي آھي. ھن جي دوا دارون بہ اھڙي آھي جنھن کي سمجھڻ بہ ڏکيو آھي. ھڪ ڀيرو جي اگھو ٿي پيو تہ سگھي ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. پوءِ اھو ٿڪ کان پئجي رھي يا ڪا ٻي جھوري لڳيس پر ھوندو ھلڻ کان ھلاڪ. بيمار ٿيو تہ پلڻ بہ بار. چڙھي چاڪ ٿيڻ بہ ممڪن ڪونھ. ڪيڏا بہ ڏاڻ ڏبس تہ بہ ويندو ڏينھون ڏينھن نجھرندو ۽ پوڻو پوندو. پوءِ رڻاٽن مٿان رڻاٽ ھوندس. نيٺ وڃي ڳجھن جو ڳاھھ ٿيندو.
3. ھي جانور چارڻ پيارڻ ۾ وقت وٺي ويندو آھي. فوجي پيش قدميءَ دوران ھن کي ايترو وقت ڏيڻ مشڪل ھوندو آھي، پر دشمن جي ملڪ ۾ تہ رھندو ممڪن ڪونہ رھندو آھي. سفر کان ھڪدم پوءِ اٺ کي کاڌي جي ضرورت ھوندي آھي. جت بہ ٿڪل ھوندو آھي. ان کي بہ کاڌي پيتي جي ضرورت ھوندي آھي. تنھن ڪري ھن جي چاري پاڻيءَجو گھٽ خيال رکندو آھي.
4. اٺ گپ جي آڏو اصلي ڪونھي. ٿوري ڇڪڻ ٿي تہ اٺ ھلڻ کان چڪتو. سندس پير داڦوڙو ھوندو آھي. جيڪڏھن ڪلر تي رڳو ماڪ پئي تہ سندس داڦوڙو پير ترڪي پوندو آھي. ھن جي پٺيءَ تي بار بہ ايڏو لڏيل ھوندو آھي جو کيس چڱو ڀلو ٿيڻ ڪونہ ڏيندو آھي. سندس رانن جا سنڌ بہ لچڪي پوندا آھن. پر ھن جو تنتي سرشتو ڏاڍو مضبوط ھوندو آھي. جيڪڏھن سندس ڄنگھھ نڪري پوندي آھي تہ وري لڳي ڪانہ سگھندي آھي ۽ اٺ چڙي چڙي مري ويندو آھي. مينھن جي چئن ڪڻين کان پوءِ جيڪڏھن رستي ۾ کڏو کٻو اچي ويو تہ سارو فوجي سامان ھڪ جڳھھ تي بيھي ويندو. عام طور فوجي سامان منزل تي دير سان پھچندو آھي، تنھن ڪري اٺ کي ڏانوڻ ڏئي جھنگ ۾ چرڻ لاءِ ڇڏيو ويندو آھي. جيڪڏھن جھنگ پري ۽ دشمن جو دنگ ويجھو آھي تہ اٺ کي چرڻ لاءِ ڪونہ ڇڏيو ويندو آھي. ان ڪري ھي جانور چوويھھ ڪلاڪ يا ڇٽيھھ ڪلاڪ بنا ڪنھن چاري پاڻيءَ جي سفر ڪندو آھي، پر جيڪڏھن چارو پاڻي فوج سان گڏ ھوندو آھي تہ پوءِ اھو کيس ملي ويندو آھي. جيڪڏھن اٺن جو تعداد وڌي ويندو آھي تہ فوجي چرپر ڏاڍي ڏکي ٿي پوندي آھي.
5. مون کي اھو بہ معلوم ٿيو آھي اٺ جابلو علائقي ۾ يا پٿريليءَ زمين تي بار کڻي سفر ڪري ڪونہ سگھندو آھي. مان اھو بہ ڏٺو آھي تہ جڏھن اھو جانور جابلو مٿاھينءَ تي چڙھندو آھي تہ بيھندو ۽ پوءِ ملندو رھندو آھي. جنھن دوران ھو ساھھ کڻڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. ٿوري وقت کان پوءِ ساھي پٽڻ لاءِ بيھاريو ويندو آھي. جڏھن جبل اڪري پار ٿيندو آھي تہ ڏاڍو ڪمزور ٿي ويندو آھي. مان ھيءَ ڳالھہ ان وقت دريافت ڪئي، جڏھن اٺ ھڪ اڀڪپريءَ ڀٽ تان گذري رھيا ھئا. کين اتان مٽيندي ڪنھن قسم جي تڪليف ڪانہ ٿي جئين گھوڙي کي واريءَ مان گذرڻ وقت ٿيندي آھي. ان کان سواءِ ھي جانور ساھھ پٽڻ لاءِ ڀٽ تي ڪٿي بيھي بہ ڪونہ رھيو ھو. نہ وري ساھھ کڻڻ ۾ ھڦجي پيو ھو. پر اوچتو ڪمزور ٿي ويا ۽ چلڻ کان چڪتو بڻجي ويا. ٿورو وقت آرام ڪرڻ کان پوءِ اھي ساڄا ٿي ويا. ھن جو داڦوڙو پير نرم ھوندو آھي، جيڪو پٿريليءَ زمين ۽ جابلو جوءِ مان ھلي ڪونہ سگھندو آھي.
6. اٺ بار لڏڻ کان پوءِ ھڪ ڊگھيءَ قطار جي صورت ۾ اڳتي وڌندو آھي. سندس رفتار بہ جونءَ پير ھوندي آھي. جڏھن وري دشمن جي ڌرتيءَ مان گذرندو آھي، تہ ڪن سيءُ ھوندو آھي تہ متان حملو ٿئي، تنھن ڪري پھري لاءِ فوج مقرر ڪئي ويندي آھي. منھنجي تجربي موجب باربرداري جي لحاظ کان اٺ ۾ اجھو اھي اوڻايون آھن، جن کي دور ڪرڻ ڪنھن جي وس جي ڳالھہ بہ ڪانہ آھي.
اٺن مٿان ٿيندڙ ڏاڍ
ھن جانور مٿان ڏاڍ ڪيو ويندو آھي تہ ھو جلد ئي ڪمزور ٿي ويندو آھي. مٿس ڪيل ڏاڍ جا نمونا ھي آھن:
1. ھنن ملڪن ۾ اٺ جو مناسب بار ٻہ سؤ کان ٽي سؤ پائونڊ ھوندو آھي. اٺ جي بار بابت صحيح ڪاٿو ڪرڻ مشڪل ھوندو آھي، پر جيڪڏھن ان مٿان اڍائي سو پائونڊن جيتري لڏ رکبي تہ بہ مناسب آھي، پر ھن جانور مٿان بي ڪئتو بار لڏيو وڃي ٿو. مان ڏٺو آھي تہ ھن تي اٺن سون کان نو سو پائونڊ بار سٿيو وڃي ٿو. ڏيھي فوجي سپاھيءَ وٽ ھن جانور لاءِ رحم جي رتي بہ دل ۾ ڪانہ ھوندي آھي. ھنن جي ڀيٽ ۾ يورپي سپاھي ڏاچي ھڻي ڏھھ تہ توڏي ھڻي تيرھن، وانگر ڪيس ۽ ڪلور ۾ ٻہ وکون اڳتي آھن. لڪڻ لائو ساھھ پرائو، لڪڻن جو ائين وسڪارو لائيندا ايندا، ڄڻ ھو ڪنھن ساھواري کي نہ پر ڀِتِ کي ڪٽي رھيا آھن. مھارن کي ڇٻيون بہ اھڙي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ ڏيندا جو اٺن جي نڪن مان لاٽيون بہ نڪري اينديون آھن ۽ پيون مھارن جي چوٽين ۾ لڙڪنديون آھن. ھن جانور جو عام ڪري سڀاءُ نماڻو ٿيندو آھي. ھن سان جيڪڏھن ٿورو بہ ڏاڍ ڪبو آھي تہ ڏٻرو ٿي آخر مري ويندو آھي.
2. عام طور تي ھن جانور کي پيٽ ڀري چارو پاڻي ڪونہ ڏنو ويندو آھي.
3. آرام بہ گھڻو گھٽ ملندو اٿس.
4. ھنن جانورن کي ڪاھڻ وارا جت ھوندا آھن جن جو تعلق ھيٺئين طبقي سان ھوندو آھي، جيڪي دل جا پٿر ۽ ڪٺور ھوندا آھن.
5. ماڻھو بي خبريءَ ۽ بي ڌيانيءَ ڪري، اٺ تي وزن کان وڌيڪ بار سٿيندا ويندا آھن، ھن تي جيڪڏھن وزن کان ٿورو بہ وڌيڪ بار لڏبو تہ ھو ويچارو ڪمزور ٿي پوندو. ھن جانورن جون ڄنگھيون ڊگھيون ٿينديون آھن. جيڪڏھن مٿس لڏيل سامان ھڪ پاسي تي اوھرجي پيو تہ ھن لاءِ تڪليف پيدا ٿي پوندي آھي. اوھر کڄڻ تائين ھڪ جاءِ تي بيٺو ھوندو آھي.
اھي ئي فطري ۽ غير فطري اوڻايون آھن، جن مطابق ھي جانور ڳھندو ھلندو آھي. جڏھن ھن کي فوجي بار برداريءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي تہ ھن لاءِ مشڪلاتون ساڳيون ھونديون آھن. ھاڻي ھن جانور جي خاص خوبين جو ذڪر ڪجي ٿو.
1. ھي بنا پاڻي پيئڻ جي گھوڙي ۽ خچر کان گھڻو سفر ڪري سگھي ٿو.
2. سنڌ يا ٻين ملڪن ۾ جتي لئي جو وڻ جام ھوندو آھي تہ چاري گڏ کڻي ھلڻ جي ضرورت ڪانہ پوندي آھي. ڇاڪاڻ تہ ھي وڻ ان جي من پسند خوراڪ آھي. جڏھن تہ گھوڙي ۽ خچر لاءِ چارو ساڻ کڻي ھلڻو پوندو آھي.
3. ھيءُ جانور، داڦوڙي پير ڪري وارياسي رڻ پٽ مان سولائيءَ سان سفر ڪري سگھندو آھي، جڏھن تہ گھوڙو ۽ خچر کھجي پوندو آھي. گرميءَ جي بہ کين ايڏي پرواھھ ڪانہ ھوندي آھي. جيڪڏھن ھن مٿان بار سوچي سمجھي رکيو ويندو آھي يا تيز رفتاري ۾ سفر نہ ڪيو ويندو آھي تہ بنا ڪنھن تڪليف جي ڊگھو سفر ڪري ويندو آھي. پر سندس چاري پاڻيءَ جي سار سنڀال ضرور لھڻ گھرجي. ان جو مثال اھو آھي تہ جڏھن مان امامڳڙه قلعي تي حملو ڪيو ھو تہ قلعي ڊاھڻ جو سامان اٺڻ تي لڏيل ھو. ھي جانور ٿر جي وارياسي مان ڏاڍيءَ سولائيءَ سان سفر ڪري سگھيو ھو. ڀٽن ھجڻ ڪري رستي ۾ لاھيون چاڙھيون ھيون. اٺ ڏاڍي تڪليف سان اڳتي وڌي رھيا ھئا. پر مان سندن چاري جو مقدار گھڻو وڌائي ڇڏيو ھو. ھنن جانورن جي نظرداريءَ لاءِ ڪئپٽن وائٽي کي مقرر ڪيو ويو ھو. ان کان سو في توب کي ڇڪڻ لاءِ اٺن جو تعداد بہ وڌايو ويو ھو. جيڪڏھن مان اٺن جي چاري پاڻيءَ جو سٺو بندوبست نہ ڪريان ھا يا توبن ڇڪڻ جي ڪم ۾ اٺن جو تعداد نہ وڌايان ھا تہ اسان وقت سر امامڳڙه پھچي ڪونہ سگھون ھا. جيڪڏھن اسان اٺن بدران گھوڙي کي ڪم آڻيون ھا تہ چارو پاڻي ساڻ کڻڻو پوي ھا. ٻيو تہ وارياسي ۾ گھوڙيو ھلي ڪونہ سگھي ھا. تنھن ڪري تعداد ۾ بيشمار اضافو ڪجي ھا. سفر ناممڪن کڻي نہ بھ، پر مشڪل ضرور بڻجي وڃي ھا. ھي سفر اٺ جي ڪري وڌيڪ آسان ٿي ويو آھي.
ھي اھي ڳالھيون آھن جن کي مان شخصي طور جاچي پرکي ۽ تڪي توري ڏٺو ھو. فوجي چرپر ۾ اٺ کي استعمال ڪرڻ ۾ ڪي خوبيون آھن تہ اوڻايون بھ. ھن کان سواءِ ٻيو نڪتو ھي آھي تہ اھڙين ڳالھين تي ضرور سوچڻ ويچارڻ گھرجي تہ سندس ڪھڙين اوڻاين کي پاسي رکي تڪليفن کان بچي سگھجي ٿو. مان ھن خيال جو آھيان ۽ ڪجهہ وقت اڳ ھن موضوع لکيو بہ آھي تہ فوجي سامان يورپ ھجي يا آمريڪا صحيح طريقي سان لڏي ۽ ڍوئي ڪونہ ٿو سگھجي، پر ھندستان ۾ تہ ويتر وڌيڪ ڏکيو آھي. ليڪن ھن سامان جي صحيح لڏ پلاڻ ۽ ڍوئي ھڪ جدا فوجي نظام ھجي. مون کي اھو ڏسي ڄڻ تہ اندر کي آٿت ملي ويو ھو تہ اوھان پاڻ بہ اھڙي ساڳئي منصوبي بابت سوچي ويچاري رھيا آھيو. اھو طريقو ھر ملڪ، ھر فوج ۽ ھر قسم جي آبھوا ۾ ھجي. ھي ھڪ عام اصول آھي، جنھن وسيلي فوجي سامان جي نقل حرڪت سان لاڳاپيل مشڪلاتون لوڻ پاڻي ٿي سگھن ٿيون. اھڙي ريت ان سامان جي ڍوئي جو ڏچو گھڻو گھٽجي وڃي ٿو. ھيءُ ھڪ پورھئي جي تقسيم جو مثال آھي، جنھن ۾ گھڻي سھوليت موجود آھي.
فوجي سامان اھڙو ھوندو آھي جو جيڪڏھن ان کي صحيح طريقي سان ڍوئبو تہ مشڪلات گھٽجي سگھي ٿي. پر ان لاءِ ھڪ اھڙو نظام تخليق ڪرڻو پوندو جنھن ۾ ڪنھن بہ قسم جي لچڪ موجود نہ ھوندي، پر ڏچو اھو آھي تہ ھزارن اٺن جي موجودگي ۾ ڪھڙي طريقي وارو نظام قائم ڪري سگھجي ٿو. ھڪ تہ جت مخلوق اھڙي آھي جن ۾ نظام جھڙي شيءِ تہ موجود ئي ڪانہ ھوندي آھي. ٻيا فوجي سپاھي، ٽيان نوڪر ھوندا آھن. جيڪي وڏي اسر ويلي اچي پاڻ ۾ ملندا آھن. سڀني جي ڳياڙي پئي لڳندي. بوھياري ۾ ڪير بہ ڪنھن جي ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونہ ھوندو آھي. ھن ڳالھہ تي بہ ڄنڊا پٽ شروع ٿي ويندي آھي تہ بار لڏڻ لاءِ اٺ ڪھڙيءَ جڳھھ تي ويھارجن. ان کان سواءِ بئگيج ماسٽر جي بہ ڳياڙي پئي لڳندي آھي، پر ھن ڏانھن ڪير بہ ڪن ڪونہ ڏيندو آھي. ان کان پوءِ رسد گاھھ جي ماڻھن جي گپا گيھھ لڳي ويندي آھي. ماڻھن جي ھن متل مانڌاڻ ۾ ڪنھن جي ڪير ٻڌندو. جيڪڏھن ھن وايو منڊل ۾ ڪنھن نظام قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، سو ڪامياب ٿي ڪونہ سگھندو. اٺن جي لڏ پلاڻ ۽ پيش قدمي ڪرڻ لاءِ فقط ڪلاڪ ڏيڍ جي وٿي مليل ھوندي آھي. اھو سارو وقت جتن جي چوٻول ۽ ٻين ماڻھن جي کڳيءَ ۾ گذري ويندو آھي. تنھن ڪري ھر ڳالھہ ناممڪن ٿي پوندي آھي ۽ فوج جي پيش قدمي رڪجي ويندي آھي. فوجي سامان جي قافلي سان ملندڙ پھريدارن جو منصبي فرض بہ اھڙو ھوندو آھي، جيڪو پيش قدمي ڪندڙ فوج لاءِ مٿي جو سور بڻيل ھوندو آھي. ڪڏھن وري فوجي سامان وارو قافلو، فوجي چرپر کان وڇڙي ويندو آھي ۽ فوج اڳتي وڌي ڪانہ سگھندي آھي ۽ منجھي موڳي ٿي پوندي آھي. جنھن جو نتيجو ڪڏھن شڪست جي شڪل ۾ آڏو ايندو آھي. اھو تجربو ٿيو آھي تہ ھندستان جو فوجي ڪمانڊر فوجي سامان ڪري ڏاڍي خطري ۾ وڪوڙيل ھوندو آھي. جيڪڏھن ان سامان جي وڏي حصي ۽ رسدگاھھ جي ماڻھن جي وڏي تعداد تي دشمن حملو ڪري ٿو تہ ان جو اوس نتيجو شڪست ھوندو آھي.
گھربل نظام مطابق اٺ سوار فوج جو ھڪ حصو قائم ڪيو ويندو. ان سان گھوڙا، گڏھھ خچر ۽ ڏاند بہ ھن بار بردار قافلي ۾ شامل ھوندا. اھڙيءَ ريت سوچ ويچار کان پوءِ ھڪ الڳ ڊويزن قائم ڪئي وئي آھي. پر ھتي مان فقط اٺن بابت ڳالھائيندس جيڪو بار برداري جو ھڪ اھم جانور آھي. جنھن جو واسطو ھندستاني لشڪر جي فوجي سامان جي لڏ پلاڻ سان آھي. مان سمجھان ھو تہ ان جو اصولي بيان ئي ڪافي ٿيندو. ھي ڪئمل ڪارپس جي انتظام لاءِ، ڪرنل، ميجر، ڪئپٽن ليفٽيننٽ ۽ نان ڪميشنڊ آفيسر بہ ھوندا جنھن کي جدا جھنڊو بہ ھجڻ گھرجي. اٺن کي ڏوري ھلڻ لاءِ ھن ڪئمل ڪارپس ۾ جتن کي بہ شامل ڪيو ويندو،جيڪي خانگي حيثيت ۾ ھن قافلي سان شريڪ ھوندا. اھي سڀ ماڻھو مسلح ھوندا. تناسب جي حساب سان في اٺ ٻہ ماڻھو ھوندا. پيش قدميءَ دوران ھڪ جت جوڙي ڏگھن جي ڏوريندو ۽ ھڪ جت ٻن اٺن جي پھريداريءَ جو ڪم ڪندو. ھي تفصيل مستقبل جي بندوسبت ڪرڻ لاءِ آھن ۽ ملڪ جي صورتحال مطابق اھي ڦرندا گھرندا رھندا. جنھن سان گڏ رستن جي حالتن کي پڻ ڏٺو ويندو.
ان کان پوءِ ٻيو اھم نڪتو خود سامان جو بندوبست آھي. ان لاءِ ھڪ حڪم جاري ڪيو ويندو تہ جنگي ميدان تي عملدارن جي استعمال جون ميزون، ڪرسيون، صندوقون ڪھڙي طريقي جون ٺھيل ھجن، بسترو ڪيئن ۽ ڪيترو ھجڻ گھرجي امن امان دوران جيڪڏھن ڪو عملدار پنھنجو گھڻو سامان موڪلڻ چاھي ٿو تہ اھو ڀلي ڪنھن ٻئي ذريعي سان ائين ڪري سگھي ٿو. ساڳي ريت خانگي فوج سان لاڳاپيل ماڻھو ائين ڪري سگھي ٿو. ڪئمل ڪارپس سان مختصر فوجي سامان نقل حرڪت ڪري سگھندو. ائين ٿيڻ نہ گھرجي تہ سرڪار جي ھن نقل حرڪت جي ذريعي کي حد کان وڌيڪ سامان موڪلي ناڪام ڪري ڇڏجي. ڪارپس آف ڪئمل جي عملدارن ۽ نان ڪميشند آفيسرن جو فرض آھي تہ ھر عملدار ۽ خانگي فوجي جي سامان جي ماپ، وزن، شڪل ۽ سامان جي تعداد تي ضرور نظر رکي. جيڪڏھن انھن ۾ ٿوري بيقاعدگي موجود آھي تھ، ان ڏانھن ڌيان ڏين. جيڪڏھن پيش قدمي دوران رستي سان سامان کي باھھ لڳي ٿي وڃي تہ قافلي جي منتظم آفيسرن جو فرض آھي تہ اھڙي ڳالھہ سامان جي مالڪ کي ٻڌائن تہ سندس سامان سڙي ويو آھي. سفر جي شروعات کان اڳ اٺ جي لاٽي، مھار، پلڻ، پاکڙي ۽ ڪجائي وغيره جو ضرور خيال ڪرڻو آھي اھڙيءَ ريت لاٽيون ۽ مھارون تہ سامان سان گڏ ھلڻ گھرجن. ڇو تہ انھن شين جي ھر وقت ضرورت ھوندي آھي. اھڙي تياري پڻ مقرر وقت کان اڳ ٿيڻ گھرجي تہ جيڪڏھن ضرورت پوي تہ ٿڪل ۽ بيمار ماڻھو کي اٺ تي سوار ڪري وٺي ھلجي. يعني ڪجهہ وڌيڪ اٺ بہ ھئڻ لازمي آھي. ھنگامي حالتن ڪري جيڪڏھن سامان وڌي وڃي ٿو تہ اھڙي جوڙجڪ ڪجي جو ڪنھن ھڪ اٺ تي وڌيڪ بار نہ پوي.
ھن قسم جي نظام مان فائدا:
آفيسر ۽ نان ڪميشن آفيسر مقرر وقت تي اٺن جون قطارون، ھر ريجيمينٽ جي ھيڊ ڪوارٽر ڏانھن روانيون ڪندا آھن، جيڪي انھن جي نالي داخل ٿيل ھونديون آھن. آفيسرن جا نوڪرن انھن اٺن اچڻ جي اوسيئڙي ۾ ھوندا آھن ۽ جتن جي رھبري ڪري کين آفيسرن جي تنبن ڏانھن وٺي ويندا آھن، جن سان پھريدار بہ گڏ ھوندا آھن. اتي کين عملدار ۽ ڪمپنين جو سامان حوالي ڪيو ويندو آھي. اھو ڪم باقائدگي سان عمل ۾ ايندو آھي ۽ سامان طئي ٿيل اصول مطابق اٺن تي لڏيو ويندو آھي. ھر شيءِ کي پنھنجي مناسب جڳھھ تي رکيو ويندو آھي. اھڙي ڄاڻ ھر فوجيءَ ۽ ھر جت کي ھوندي آھي. مختلف شين کي ھڪ ڳٺڙيءَ جي شڪل ۾ ٻڌڻ وارو عمل اک ڇنڀ ۾ ڪيو ويندو آھي. پوءِ ڀلي اھا ٻاٽ ڪاري رات ھجي. جت بہ فوجي سپاھي ھوندا آھن جيڪي اٺن تي بار لڏي موٽي اچي ريجيمينٽ جي ھيڊ ڪوارٽر پھچندا آھن، جتي عملدار سندن اوسيئڙو ڪندا آھن. اھڙي اٺن جون قطارون ھر ريجيمينٽ جي ھيڊ ڪوارٽر وٽ پيش قدمي جي سگنل جي انتظار ۾ بيٺيون ھونديون آھن. ان کان پوءِ اٺن جون قطارون اھڙي جڳھھ تي پھچنديون آھن جتي وڏا فوجي عملدار انھن کي خاص فارميشن شڪل ڏيندا آھن. انھن عملدارن کي ڄاڻ ھوندي آھي تہ فوجي سامان جو ھي قافلو ڪھڙي علائقي مان گذرڻو آھي ۽ ان جي جاگرافيائي شڪل صورت ڪھڙي آھي. تنھن ڪري اٺن جي پيش قدمي جي ترتيب ان علائقي جي جاگرافيءَ کي ڏسي ڪئي ويندي آھي. ان لڏ پلاڻ ۽ پيش قدميءَ جي طرز ۽ طريقو پنھنجو ھوندو آھي. جنھن ۾ وقت جو زيان ڪونہ ٿيندو آھي. اٺن تي غير ضروري بار ڪونہ وڌو ويندو آھي ۽ ٻنھي پاسن کان ھڪ جھڙو رکيو ويندو آھي. وزن بہ ايترو رکيو ويندو آھي جيڪو ڏٻرو ڏاگھو سھي سگھندو آھي. ڇاڪاڻ تہ فوجي پيش قدمي وچ تي ڪٿي ھروڀرو رڪجي بيھي نہ وڃي. ڪمانڊر اٺن جي رفتار مان اندازو ڪري سگھندو آھي تہ اھو قافلو ڪھڙي وقت منزل ڪري سگھندو. ان قافلي جي پھريداري لاءِ گھوڙيسوارن جا دستا ھوندا آھن. جيڪڏھن دشمن جو قافلي تي اوچتو حملو ٿي ويو تہ اٺن جو مقرر تعداد چورس جي شڪل ۾ ھيٺ ويھي ويندو آھي. جنھن ۾ اٺن جون پٺيون ٻاھر ۽ ڳچيون اندرئين پاسي ھونديون آھن. مان مياڻيءَ واري جنگي ميدان تي بہ اٺن کي ائين ويھاريو ھو. اھڙيءَ ريت اٺن جو ھڪ مضبوط ۽ زنده قلعو بڻجي پوندو آھي. سامان لاھي اٺن جي پٺئين پاسي رکيو ويندو آھي. سامان جي ٻاھران وري جت باھھ جا آڙاھھ ٻاري ڇڏيندا آھن. ھن صورت ۾ دشمن جو ڪوبہ گھوڙيسوار مٿن حملو ڪري ڪونہ سگھندو آھي.
منزل ڪرڻ لاءِ وقت ۽ ٿاڪ مقرر ھوندو آھي. تنھن ڪري فوجي سپاھي اس جي تاءَ کان ڊڄي ڪٿي ڪونہ بيھندا آھن، نہ وري تنبوءَ جو کين اوسيئڙو ھوندو آھي. تنھن ڪري اٺن جي ھر ڪمپني يا حصو پنھنجي لاڳاپيل شعبي ۽ ريجيمينٽ سان وڃي ملندو آھي. پنھنجي منزل تي پھچي اٺ ھڪدم ھشي ويندا ۽ ڪئمپ فالوئر اڳتي وڌي اٺن تان سامان لاھيندا، پوءِ اٺ ڪاھي وڃي چرڻ لاءِ جھنگ ۾ ڇڏيندا. ھاڻي اٺن تان بار لاھي کين ويھاري ڇڏيندا آھن ۽ ڪيتري وقت تائين اھي پسون منزل واري جڳھھ تي خواھھ مخواھھ ويٺا ھوندا آھن. اھڙي ريت ھنن جانورن کي سارو ڏينھن چاري پاڻيءَ لاءِ ملي ويندو آھي، پر لاڳاپيل آفيسر يا جت اھو ڪونہ ڏسندا آھن. موجوده طريقي موجب ڇا ٿيو ۽ ڇا نہ ٿيو آھي، پر مان شخصي طور ھن طريقي کي پنجاھھ ڀيرا جاچي ڏٺو آھي تہ سست جت، سرڪاري اٺ سامان ھاڃو ڪري گذرندو آھي. کيس خوف ھوندو آھي تہ متان اٺ وڃائجي وڃي ۽ ڦٽڪن جو پٺاڙن تي وسڪارو ٿئي، ان ڪري اٺ کي ڪاھي جھنگ ۾ وڃي ھڪ ننڍي ٻوٽي سان مھار سان ٻڌي ڇڏيندو آھي ۽ پاڻ پاسو کوڙي ننڊ پئجي ويندو آھي. اٺ ان ٻوٽي کي پنجن منٽن اندر کائي صفا ڪري ڇڏيندو آھي. انکان پوءِ سارو ڏينھن بک تي ھوندو آھي. شام جو گھوڙيسوار اچي ھنن کي جھنگ مان ڪڍي، منزل ڏانھن روانا ڪندا آھن. جيڪي مقرر بہ ان ڪم لاءِ ٿيل آھن. ڪميساري عملو سوچيندو آھي تہ اٺن سارو ڏينھن چري رڄ ڪيو ھوندو. ھنن ماڻھن جي ڪرڻ لاءِ ٻيا ڪم بہ ھوندا آھن. تنھن ڪري اھو ڪونہ ڏسندا آھن تہ ويچارو ڏاگھو لس لنگھڻ تي آھي. ھتي محنت جي تقسيم تہ اٺ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي.
جڏھن مخصوص انساني گورھھ ۾ نظم طريقي ۽ ذميواري جو عنصر متعارف ڪرايو ويو آھي. ھتي اخلاقي احساس اڀري نمايان صورت اختيار ڪري وٺي ٿو. ڪئمل ڪارپس جنھن کي ھڪ پنھنجو خاص طريقو آھي ۽ ھڪ نظام آھي، جنھن کي پنھنجي ڪم تي فخر ڪرڻ گھرجي ۽ ضرورت وقت جنھن جو تحفظ بہ ڪيو ويندو آھي جيڪو تبديل ٿي ھاڻي ڪمينو ۽ ڳڻ چور ٿي ماڻھن جي ھڪ بي ترتيب ميڙاڪي جي صورت اختيار ڪري ويو آھي. جنھن کي Baggage of an Army سڏيندا آھيون. فوج جو جنرل بنا ڪنھن خوف خطري جي پنھنجو سامان الڳ ڪري، منزل کان گھڻو پري آرام سان وقت گذاري سگھي ٿو. کيس پڪ آھي تہ ھو تيز رفتاري سان سفر ڪري ساڻن گڏجي بہ ھلي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ ڪمانڊر ۽ انھن جي عملدارن کي اھا چڱيءَ ريت خبر آھي تہ انھن جي جانورن جا حال ڪھڙا آھن. اھو ھنگامي حالتن دوران اٺن تي لڏيل سامان لاھرائي نئين سر تقسيم ڪندو آھي. جنھن ڪري ڏٻرا وھٽ بہ بچي پوندا آھن ۽ سگھارن جو بہ تحفظ ٿي ويندو آھي. ان کان سواءِ بيمارن اٺن جي بہ سار سنڀال ٿي ويندي آھي.
مان يقين سان چئي سگھان ٿو تہ منھنجي ڪمانڊ تحت ھليل تازيءَ مھم دوران اٺن جو تمام ٿورو تعداد مئو ھو. ھي جنگي مھم ڀريا پنج مھينا ھلي ھئي، پر فقط ڏيڍ سو ڏاگھا مري ويا ھئا. ليڪن ھي اھي ساڳيا اٺ ھئا، جيڪا افغانستان واريءَ جنگ ۾ بہ ڪم آيا ھئا. جيڪي بکون ڪاٽي صدما سھي، پنھنجي ھيڻن حالن سان اچي سنڌ پھتا ھئا. ان جنگ ۾ اٺن جو وڏو تعداد مري ويو ھو، جنھنجي ڀيٽ ۾ ھي ڏيڍ سو ڏاگھا ڪجهہ بہ ڪونہ آھن.
اٺن جو گھٽ تعداد انھيءَ ڪري مئو جو مان شخصي طور جاکوڙي رھيو ھوس ۽ ھن جانور جي سار سنڀال لھڻ ۾ دلچسپي وٺي رھيو ھوس. ان جو ڪارڻ اھو ھو تہ اھڙي طريقھ ڪار جي ابتدا مان ڪئي ھئي ۽ منھنجي مرضي ھئي تہ اھو ضرور ڪامياب ٿئي. مان ٻي ڳالھہ ھيءَ ڪئي ھئي پروووسٽ مارشل کي بئگيج ماسٽر بڻائي ڇڏيو ھيم. اھڙيءَ ريت پيش قدمي دوران ڪميسار فوجي سامان واري اٺن جي قافلي سان گڏ سفر ڪري رھيا ھئا ۽ ان جي سھائتا لاءِ ٻڌل ھئا. کين حڪم ڪيو ويو ھو تہ جيڪي جت ۽ ڪئمپ فالوئر پنھنجي ڪم ۾ ڍرائي ۽ سستي ڏيکارن تہ کين ڦٽڪا وھائي ڪڍن. بئگيجز ماسٽر کي چئي ڇڏيو ھيم تہ وزن کان وڌيڪ رکيل اٺ جي بار کي ساڙي رک ڪري ڇڏي. ايترين سختين ڪندي مان ڇھھ ست ڀيرا ڏٺو تہ اٺن تي بي ڪئتو بار لڏيل ھو جيڪو اٺ ھنڊريڊ ويٽ (800 پائونڊ) کان بہ وڌيڪ ھو. پر ھاڻي ڪوشش ڪئي پئي وڃي تہ ھر اٺ تي پنج ھنڊريڊ ويٽ (500 پائونڊ) بار جيتري لڏ ھجڻ گھرجي. ھندستاني فوج بہ ساڳئي وزن جيتري لڏ اٺن تي رکي رھي آھي. اٺن تي وڌيڪ وزن رکڻ خلاف جاچ پرک ڪرڻ جو اھو طريقو آھي. جيڪڏھن اٺن تي سندن طاقت کان وڌيڪ بار لڏبو تہ ھر سرگرمي ۽ ڪم جي جذبي ۾ بي قاعدگي ۽ بي ترتيبي اچي ويندي. مان سمجھان ٿو جيڪڏھن فوج اندر باقاعدگي رکڻي آھي تہ ابتدا فوجي سامان کڻندڙ ھنن اٺن جي قافلي کان ڪئي وڃي.
ھن ڪئمل ڪارپس ۾ ھڪ ٻي بہ سھوليت ۽ سولائي آھي، جنھن جو مان ھن وقت تائين ذڪر ڪونہ ڪيو آھي تہ توھان ڪئمل ڪارپس جي قائم ڪرڻ سان فوجي سامان جي ڍوآئيءَ جي ڳڻتيءَ ڳارائي کان آجا ٿي ويندا ۽ جون بہ ننڊ ۾ ھوندي. مان بہ فوجي مھم کي منھن ڏئي رھيو آھيان، جنھن ۾ فوجي سامان جي ڍوآئي جو ڏچو ڪونہ آھي. مان پنھنجي سرگرمين جي ابتدا ڪري ٽالپرن جي اٺن کي مياڻي جي جنگ کان ڏھھ ڏينھن اڳ ختم ڪري ڇڏيو ھو. جڏھن شڪارپور ٽالپرن جي ھٿن ۾ ھئي تہ سڀئي ٺيڪيدار مير نصير خان جي ھٿن ھيٺ ھئا. پر جڏھن اھو شھر انگريزن جي قبضي ۾ آيو تہ اھي ساڳيا ٺيڪيدار مون سان ڳالھائڻ لڳا ھئا. ان جو نتيجو اھو نڪتو ھو جو جنھن ڏينھن کيس ھڪ ھزار اٺ ملڻا ھئا، ان ڏينھن کيس فقط ھڪ سو ستر اٺ مس ملي سگھيا. جڏھن تہ 24 مارچ واريءَ جنگ کان ٻہ راتيون اڳ جت پنھنجا ٻہ سو اٺ ڪڍي ڀڄي ويا ھليا ويا. جيتوڻيڪ کين ڀاڙو بہ ڏنو ويو ھو. اھڙا واقعا ڪمانڊر جي اخلاقي جرئت جي پرک ھوندا آھن جيتري قدر ڏاندن ۽ ٻين بار بردارن جانورن جو تعلق آھي تہ انھن لاءِ بہ ساڳيو اصول نافذ ڪرڻو پوندو. مثال طور وھٽن سان نياءَ ڪرڻ جو جوڳو بندوبت ۽ فوجي پيش قدمي ۾ چرپر جي صحيح نظام جو قيام.
مان ھن يادداشت جو ھڪ نقل ڪئپٽن ٿامس ڏانھن موڪلي رھيو آھيان. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن ھو پنھنجي راءِ جو اظھار ڪري سگھي. ڇاڪاڻ تہ ھي ڏاھو ۽ تجربيڪار عملدار آھي، پر مون کي يقين آھي تہ ھو مون سان ضرور سھمت ڪندو. ان جو ڪارڻ اھو آھي تہ مان ھن موضوع تي گھڻي وقت کان وٺي سوچيو ويچاريو آھي ۽ عملي طور آزمائي بہ ڏٺو آھي جنھن جا اميد افزا نتيجا نڪتا آھن.
مان اھو ڪونہ ٿو سمجھان تہ منھنجي اختيار ڪيل ھن طريقھ ڪار کي ھتان جا مڪاني ماڻھو متاثر ڪري رھيا آھن. ڇاڪاڻ تہ ھن جو بنياد وھٽن سان انصاف ڪرڻ جي اصول تي بيھاريو ويو آھي. جنھن ڪري ھن جي زندگي بچي پوي ٿي ۽ دستيابيءَ ۾ بہ ڪنھن بہ قسم جي مشڪلات ڪانہ آھي. وڌيڪ طلب ڪري خرچ بہ وڌي وڃي ٿو ۽ ان سبب وھٽن جي اگھن ۾ بہ چاڙھھ اچي وڃي ٿو.
سي جي نيپئر
(صحيح)