سنڌ شناسي

سنڌ جي انتظامي تاريخ

سر چارلس نيپئر سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جو پھريون انگريز گورنر مقرر ٿيو ۽ چار سال ھن عھدي تي رھڻ بعد 1847ع ۾ سنڌ کي ڇڏي ولايت روانو ٿيو، جتي سندس ڀاءُ وليم نيپئر سنڌ جي حوالي سان ڪتاب لکيا.  ھي ڪتاب History of General Sir Charles Napier’s Administration of Seinde and Campaign in the Cutchee Hill   جي نالي سان 1851ع ۾ لنڊن مان ڇپيو. سنڌ ۾ نيپئر جي انتظامي تاريخ نالي ھي ڪتاب 13 بابن، ھڪ اضافي ۽ 20 ضميمن تي مشتمل آھي. ھي ڪتاب رڳو سنڌ جي انتظامي تاريخ نہ آھي، پر ان سان گڏ گهڻن حوالن سان سنڌ جي باري ۾ اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪري ٿو. نيپئر سنڌ ۾ پراڻي نظام جي جاءِ تي نئين انتظامي سرشتي جا بنياد رکيا. ڪتاب ۾ زمين جي ورڇ، ڍل، زراعت، آبپاشي جي نظامن، سنڌ جي معدنيات ۽ ھنرن جي سنڀال، جنگ جي انتظامن، انتظامي جوڙجڪ سميت مختلف عنوان شامل آھن. 

Title Cover of book سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب ستون: ڪڇيءَ خلاف جنگي مھم

آڪٽوبر ۾ يورپ سان تعلق رکندڙ 13 ريجمينٽ سنڌوءَ وسيلي ھاري انگلينڊ وڃڻ لاءِ ڪراچي پھتي ھئي ۽ روايت طور ٻين فوجين لاءِ ڪي رضاڪار بہ ڇڏي وئي ھئي. ھن ريجمينٽ سان لاڳاپيل ڪي اھڙا فوجي بہ ھئا، جيڪي پنھنجي دليريءَ جا اڻمٽ نشان ائين ڇڏي ويا ھئا، جيئن روم جا جانباز فوجي سپاھي مري پنھنجي پٺيان بھادريءَ جا اھڙا نشان ڇڏي ويا آھن، جيڪي ميسارجڻ جھڙا نہ آھن. اھڙيءَ ريت 13 ريجمينٽ جي جاءِ ڀرڻ لاءِ 78 ريجمينٽ کي سکر موڪليو ويو ھو. ھيءَ فوج انگلينڊ جي جابلو جوانن تي مشمل ھئي، جن کي ڪڇيءَ واري جابلو علائقي ۾ پنھنجا جنگي جوھر ڏيکارڻا ھئا. پر ھڪ وڏي طاقت اھو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ھو تہ ھڪ اڻموٽ آپدا ھنن آسن ۽ اميدن مٿان پاڻي ڦيري ڇڏيندي. عين ان وقت سر چارلس ممبئي ڌر لاءِ ايندڙ اوچتي آپدا کي اڳتي وڌي جواب ڏنو ھو، جنھن ڪري سنڌ جا ماڻھو بي چين ٿي ويا ھئا. ھو سنڌ جي سرحد کان ٿورو اتر طرف ھڪ جنگي مھم جي ابتدا ڪري رھيو ھو، جو کيس ممبئي سرڪار نماڻائيءَ سان واھر ڪرڻ لاءِ ٻاڏايو ھو. ان ڪري ھن يورپين تي مشتمل ھڪ ريجمينٽ ۽ ڏيھي ماڻھن جي ٻي ريجمينٽ بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ ممبئي پريزيڊنسي موڪلي ڏني ھئي. موٽ ۾ ھن ممبئي سرڪار کان ڪنھن بہ قسم جي تقاضا ڪانہ ڪئي ھئي. اھڙيءَ ريت ھن ٻن ريجمينٽن جي کوٽ کي بلوچ بٽالين سان پورو ڪري ورتو ھو. ھي اھي ماڻھو ھئا جن کي سر چارلس جا دشمن سڏيو ويندو آھي.
چاڙھھ جي پاڻيءَ جي لھي وڃڻ کان پوءِ نومبر مھيني ۾ تپاولي ايتري گھڻي ڪانہ ٿي جيتريءَ جو ڀؤ ھو. ڪيترا علائقا اھڙا بہ ھئا جتي ھڪ بہ ماڻھوءَ کي مليريا جو بخار ڪونہ ٿيو ھو. تنھن ڪري سر چارلس سکر ڏانھن اسھڻ جو پڪو پھھ ڪيو. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن ڪچيءَ جي جابلو علائقي جي بلوچ سردارن خلاف فوجي جنگي منصوبي مطابق ڪارروائي ڪري سگھي. اتر اولھہ واري سنڌ جي علائقي کي ھن فتح ڪونہ ڪيو ھو، پر ڳالھيون ٻولھيون ڪري ھنن ماڻھن کي پنھنجو دوست بڻائي وڌو ھئائين، پر ڪڏھن بہ اوڏانھن ويو ڪونہ ھو. انھيءَ ڪري اھو پاسو ڏئي اڳتي وڌڻ لڳو ھو. سندس اھا پيش قدمي ھڪ قسم جي ملڪي جائزو وٺڻ بہ ھو تہ جيئن ھو سڌارا آڻي ڪي انتظامي سرگرميون شروع ڪري سگھي. ھن 13 ريجمينٽ جي رضاڪارن کي پاڻ سان کنيو ھو جيڪي سندس پھريدارن جي صورت ۾ ھن سان گڏ ھئا. ھنن سان گڏ ڏيھي اريگيولر گھوڙي سوار دستا بہ ھئا،جن کي ھتان جا ماڻھو مغلن جا گھوڙيسوار دستا سڏيندا ھئا. اڳتي بہ ھنن جي سڃاڻپ لاءِ اھو نالو ڪتب آندو ويندو. اھي ماڻھو پنھنجي دين ايمان ۽ ھلڻ چلڻ ۾ ايماندار ۽ سچا ھئا، جن ۾ ملڪ جي ھر علائقي جا بھادر ماڻھو شامل ھئا. جنگ ۾ ڏاڍا خطرناڪ ھئا ۽ سر ترين تي رکي دشمن سان وڙھندا ھئا. ھر ڳالھہ ۾ سچا ۽ ايماندار ھئا. ھنن اھڙي بھادري ۽ سچائي گجرات ۾ دنيا کي ڏيکاري ھئي، جتي ھن سنڌ مغل فوج پنھنجي بھادريءَ ۽ سچائيءَ جا جوھر ڏيکاري دوست دشمن کي حيران ڪري ڇڏيو ھو، جيڪا جنگ ڏاڍي منظم طريقي سان وڙھي وئي ھئي.
ھن سفر تي تيار ٿيڻ وقت ھڪ فوجي حصي کي چيو ويو تہ اھو حيدرآباد کان احمد خان پھچي. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن ھن ماڳ کي جاچي ڏسجي تہ اھو صحت بخش آھي يا نھ. پر ھن ماڳ تي ھڪ وڏي سھوليت موجود ھئي. ھتان جو پاڻي ڏاڍو ڀلو ھو، جيڪو گھڻو ۽ خالص بہ ھو. ڇاڪاڻ تہ سنڌ جي زمين اندر لوڻ تمام گھڻو آھي، تنھن ڪري سٺو پاڻي ڏاڍو گھٽ ملندو ھو.
ھن ڀيري اھو آزمائي ڏسڻ جي ڪوشس ڪئي پئي وئي تہ جيئن ڪڇي واري جابلو علائقي وارن بلوچ سردارن کي فوج کي وڌائي ڏيکاريو وڃي ۽ کين خوف ڏياريو وڃي. ڇاڪاڻ تہ فوج جو ھڪ حصو اولھہ ڏانھن پيش قدمي ڪري رھيو. جڏھن 78 ريجمينٽ سنڌو درياھہ وسيلي اتر ھاڪاري رھي ھئي ۽ ان کان سواءِ جنرل سر چارلس اتر اولھہ جابلو علائقي وچان پنھنجي رھبر ۽ پھريدار فوجي دستن سان اڳتي وڌي رھيو ھو. اھو بہ نظر اچي، ھو تہ صحت بخش ماڳ کي چونڊ ڪرڻ ناتي احمد خان کي ڇڏيو ويو ھو. ڇاڪاڻ تہ ڪلفٽن ۽ منھوڙي وارا ماڳ ملي ويا ھئا، جن جي آبھوا ڏاڍي صحت بخش ھئي. ان کان سواءِ ڪراچي جي ويجھو بہ ھئا، جيڪا سنڌ جي راڄڌاني ھئي. ان جي ڀيٽ ۾ احمد خان پري ھو ۽ وچ وارو علائقو بہ اوپرو ھو، جنھن کي سر چارلس ڳولي لڌو ھو.
ھي علائقو سنون سڌن پٽن جو ھڪ سلسلو ھو، جن جي ويڪرائي پنج، پندرھن ۽ ويھھ ميل ھئي ۽ ڊگھائي پندرھن ۽ ھڪ سو ميل ھئي، جن جي چوڌاري ٽڪريون ھيون، جيڪي ڏکڻ کان سڌو اتر وڃي رھيون ھيون. ھنن جي اوچائي ٽن ھزارن فوٽن کان وٺي پنج ھزار فوٽ ھئي، جيڪي صفا اڀڪپريون ھيون. سندن ترا مختلف شڪلين جھڙوڪ ڪٿي اڀڪپرا، ڪٿي پاسيرا، ڪي سڌيءَ سنوت ۾ تہ ڪي وري آڏا ترڇا ۽ ڪٿي وري گول ھئا، پر ٽڪريءَ جو پاسو ڀت وانگر اڀڪپرو ھو. جڏھن تہ ھنن ٽڪرين جون چوٽيون چبوترن جيان ڏسجي رھيون ھيون. نہ تہ سندن چوٽيون سڌيءَ سنوت ۾ ھيون. ھنن ٽڪرين وچان پاڻيءَ جا لنگھھ بہ ھئا،جيڪي اسيءَ کان ھڪ سؤ فوٽ ويڪرا ھئا. بيمار ماڻھو ھن سنئين سڌي علائقي مان انھيءَ ڪري ڪونہ ٿو اڪري سگھي، ڇاڪاڻ تہ وچ وچ تي ڀٽون آھن. ڀٽون سنڌ ۾ تہ جام ڏسجن ٿيون، پر ھتي ڪجهہ وڌيڪ آھن. ھڪ فوجي منزل ڀرسان اھڙي ڀٽ ڏسڻ ۾ آئي جنھن جھڙي انساني نظر مان تہ گذري ئي ڪانہ ھوندي. ھوا سانتيڪي ھئي، پر اوچتو تيز ھواءِ جو جھوٽو گھلي ٿي ويو ۽ ھر گھڙي، ھر شيءِ مرده ۽ زنده معلوم ٿي رھي ھئي. واري اڏامي گھوڙن جي اکين ۾ پئجي رھي ھئي، جيڪي ويچارا ذري گھٽ انڌا ٿي رھيا ھئا. ماڻھن جا وار اڀا ھئا. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ ڄڻ باه وچان گذري رھيا آھيون ۽ ھر ماڻھوءَ جي دل ڄڻ بيھڻ واري ھئي. مگر ٿوري وقت کان پوءِ اھو ڏکيو مرحلو گذري ويو. ويچارو بيمار ماڻھو ھن قسم جي آبھوا ۾ تہ زندھھ رھي ڪونہ سگھندو. ھن جابلو علائقي ۾ نہ پاڻي ڦڙو نظر آيو، نہ وري ماڻھوءَ بوءِ موجود ھئي. ھيءَ جوءِ خشڪ ۽ ويران ھئي. ڳولڻ سان پاڻيءَ ڦڙو ملڻ مشڪل ھو. علائقو ڏکيو ھو. جيڪڏھن رستو جوڙبو تہ ڏاڍو مھانگو پوندو. ھنن قدرتي ڀتين مان وڏو فائدو بہ آھي. جنھن کي ٿڌي موسم تبديل ڪري ڪانہ ٿي سگھي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو ساري مشرق ۽ ڪلفٽن وارو علائقو وڌيڪ صحت بخش آھي.
سيوھڻ کان اتر واري علائقي ۾ سر چارلس کي رنRins قبيلي جا ماڻھو ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي غير بلوچ ھئا ۽ سنڌي ھئا. انھن جي حالت ڏاڍي خراب ھئي. ھي اصل سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جا رھواسي ھئا، جن کي ٽالپرن انھيءَ ڪري اتان ڪڍي ڇڏيو ھو جو اھي ڪلھوڙن جا وفادار ھئا. ھاڻي ھي ماڻھو اولھہ وارن جابلو علائقن ۾ ڌاڙا ھڻي گذر سفر ڪندا آھن. بلوچ قبيلا بہ ھنن مٿان حملا ڪندا آھن. ھنن ماڻھن کي آڻي جھرڪ جي اوسي پاسي سنڌوءَ سان آباد ڪيو ويو آھي. ھتي ڏاڍي سچائيءَ ايمانداري سان پوکي راھي ڪندا آھن ۽ انگريز سرڪار جا وفادار ۽ تابعدار آھن. ھي پھرئين قسم جا سڌارا آھن، جن جي سنڌ جي ھن علائقي کي وڏي ضرورت آھي. ھتي قانون جون ڀڃڪڙيون بہ گھڻيون ٿينديون آھن. تن جي اصلاح ڪرڻ بہ ضروري آھي. ھتي منتظمين وسيلي ھڪ ڪوڙي سياسي معاشيات کي نافذ ڪيو پيو وڃي، جنھن کي ختم ڪرڻو آھي. اھو ڪم ڏاڍو ڏکيو آھي. پر انھن ڳالھين کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪليڪٽرن، سب ڪليڪٽرن ۽ فوجي مئجسٽريٽن کي چيو ويو آھي تہ سرڪاري طور ڪارڪردگيءَ جي ھڪ ڊائري رکي وڃي. ان کان سواءِ ٻين سڌارن آڻڻ لاءِ سوچ فڪر جاري آھي. سر چارلس نيپئر بہ غلط فيصلن بابت جاچ پڙتال ڪرڻ ۽ انھن جي سخت نگراني ڪرڻ لاءِ تيار آھي. اسان کي ھر جڳھھ تي انگريز سرڪار جي وفادار ۽ تابعدار ماڻھن جي اڪثريت ۽ سنڌ جي قدرتي وسيلن جي گھڻائي ڏسڻ ۾ آئي، پر سنڌ جي انتظاميھ ڏاڍي مايوس ھئي. ڇاڪاڻ تہ 1843 وارن بخارن ڪري نہ چيف ڪليڪٽر، نہ وري سب ڪليڪٽر پنھنجن جاين تي موجود ھئا، جيڪي پنھنجي صحت جي بچاءَ واسطي ٻين ملڪن ڏانھن ھليا ويا ھئا. ھنن ماڻھن جي غير حاضريءَ ۾ ڪيترن ئي قسمن جا ڏوھھ، ٺڳيون، بي قاعدگيون ۽ ظلم ٿيا ھئا. ھن قسم جي ملڪ ۾ اھڙيون ڳالھيون غير متوقع بہ ڪونہ ھيون، جنھن جي اڳوڻيءَ حڪومت ۾ بہ اھڙيون شڪايتون ڏھاڙيءَ جون معمولي ڳالھيون ھيون. ان حڪومت جو ٻين ڏوھن کان سواءِ ھي جرم بہ ھو تہ ھن سنڌ جي ھڪ حصي ۾ موجود وڏيءَ ڍنڍ جي مھاڻن مٿان وڏو محصول مڙھي ڇڏيو ھو ۽ بھانو اھو ڏنو ويندو ھو تہ سرڪار جي پيداوار کي وڌايو پيو وڃي. ساڳيءَ ريت زمين جي پيداوار جو پورو اڌ حصو ڍل طور سرڪار وصول ڪندي ھئي. اھڙو ڏاڍ ھڪدم ختم ڪيو ويو ھو. جنھن ڪري اسان مٿان چٿرون بہ ڪيون ويون ھيون ۽ طعنا تنڪا بہ ڏنا ويا ھئا. پر اھو اخلاقي طور بہ ڏوھھ ھو. ھن سرڪار جي انتظام اندر گھڻي کوٽ آھي، جنھن ڏانھن عام طور تي ڌيان ڪونہ ڏنو ويندو آھي.
اھڙيون خامون گھڻيون آھن جن تي تعجب بہ ڪرڻ گھرجي. پر پاڻ ھڪ جرم ڏسي وائـڙو ٿي ويو ھو. ھن غلامن جو ڪجهہ تعداد ڏٺو، جيڪي کيس آزاديءَ لاءِ التجائون ڪري رھيا ھئا. غلام رکندڙ ماڻھن کي قانوني طور سزا ڏيڻ لاءِ اڃان تائين ڪو قدم ڪونہ کنيو ويو ھو. اھو ڏسي، انھن ٻارھن تيرھن ماڻھن کي ھٿڪڙيون ھڻائي پنھنجي فوجي پيش قدميءَ دوران پاڻ سان گڏ وٺي ويو. جن غريب ماڻھن کي پنھنجو غلام بڻائي ڇڏيو ھو. اھڙي قسم جي ڏوھن خلاف ھن عقل ڀريو قدم کنيو ھو، جنھن جو ذڪر مناسب جڳھھ تي اڳتي ڪيو ويندو. ھڪ جڳھھ تي ڪيترن ماڻھن اچي کيس گذارش ڪئي، تہ کين ڌاڙيلن جي آزار کان نجات ڏياري وڃي. سر چارلس انھن ڌاڙيلن کي گھڻي وقت کان وٺي ڳولي رھيو ھو، جن جا نالا ھنن ماڻھن ٻڌايا ھئا ۽ انھن ڌاڙيلن کي ڪوشش ڪري جلد ئي گرفتار ڪيو ويو. سووت گڊيSawat guddee نالي ھڪ ڌاڙيل کي فزجيرالڊ گرفتار ڪري ورتو ھو. ھن فوجي عملدار کي اڳواٽ ئي کڙڪ پئجي وئي ھئي تہ ڌاڙيلن جو ڪجهہ تعداد سٽ ھڻڻ لاءِ تيار ويٺو آھي. ھن فوجين مان چاليھھ ڄڻا سر چارلس جي پھري لاءِ اتي بيھاري ۽ باقي ٻي فوج ۽ اٺ سوار دستا پنجھتر ميل جو پنڌ ھڻي، ڌاڙيلن تي وڃي اوچتو حملو ڪيو، جيڪي جبل جي تري ۾ وانڍ ھنيون ويٺا ھئا. اتفاق سان گڊي ڀڄي نڪري ويو. فزجيرالڊ اھو ڏسي سندس ڪڍ فوجي سوار لڳايا، جن ھن کي، سندس پٽ ۽ ٻن ڀائٽن کي گرفتار ڪري ورتو ھو. ليفٽيننٽ جيمس جو تعلق پوليس سان ھو، جنھن ھنن کي سندن ئي ٻوليءَ ۾ پيش پوڻ جو چيو. انھن جو تعداد چار ھو، جيڪي ٻين کان ڌار بيٺا ھئا. ھن کين چيو تہ جيڪڏھن آڻ مڃيندا تہ ھنن جو وار بہ ونگو ڪونہ ٿيندو. انھن مان ھڪ ماڻھو اچي پيش پيو. جيمس ان ماڻھو کي تحفظ ڏنو. ان کان پوءِ ٻين کي چيائين ڏسو مان ھن کي ڪو ھاڃو ڪونہ پھچايو آھي. توھان بہ پيش پئو تہ اوھان کي بہ تحفظ ڏنو ويندو. تنھن تي ھنن وراڻيو تہ اسان پيش ڪونہ پونداسون. ڇاڪاڻ تہ اسان گڊي آھيون ۽ سووت (ٿي سگھي ٿو تہ نالو صحبت ھجي. مترجم) جا ڀائٽيا ۽ ھڪ سندس پٽ آھي. اسان ڪڏھن بہ پيش ڪونہ پونداسون. پوليس ۾ الف خان نالي ھڪ پٺاڻ ھو جيڪو ڏاڍو بھادر ماڻھو ھو. جنھن جي پٽ شير محمد جي ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو ھو. جيڪو لاسراٽ ھو ۽ پيءُ وانگي طاقتور ۽ دلير ھو. ھن پنھنجي ھڪ ساٿي سان گڏجي بلوچن سان مقابلو ڪيو، جن وٽ تلوارون ۽ ڍالون ھيون. پر الف خان جي پٽ ۽ سندس دوست وٽ فقط تلوارون ھيون. ان ھوندي بہ ھنن ٽن بلوچن کي قتل ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ الف خان گھوڙي تي چڙھي وڃي ھڪ گڊي کي چيو تہ ھٿيار ڦٽا ڪر، نہ تہ توکي قتل ڪري ڇڏيندس. ان وقت گڊي رڙ ڪري کيس چيو: ڇا تون الف خان آھين؟ الف خان کيس چيو: ھائو. اھو ٻڌي ھن ھٿيار ڦٽا ڪيا. اوڀر جا ھٿياربند ماڻھو ھڪ ٻئي کي چڱيءَ ريت سڃاڻيندا آھن. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ الف خان کان وڌيڪ ڪوبہ ھٿيار بند خطرناڪ ڪونہ ھو. جنرل چارلس کي جڏھن پتو پيو، سووت جو پٽ ۽ سندس ڀائٽيا قتل ٿي ويا آھن تہ کيس ڏاڍو ڏک ٿيو، پر انھن کي مزاحمت ڪرڻ ڪري قتل ڪيو ويو ھو. ڇاڪاڻ تہ اھا ڌر آپي کان نڪري وئي ھئي. ھنن آڻ ڪانہ ٿي مڃي ۽ مھاڏي ڏيڻ لاءِ ڳت ڏئي بيھي رھيا ھئا ۽ جيڪو ماڻھو جيمس جي پيش پيو ھو، تنھن بہ ٿوريءَ دير کان مٿس حملو ڪري ڏنو ھو.
نوبت خان، ڌاڙيلن جو ھڪ ٻيو سردار ھو، جيڪو ڏاڍو سگھارو متارو ۽ وحشي ھو. ھن تازو سنڌ جي حدن اندر ايران جي ھڪ واپاري قافلي کي لٽيو ھو ۽ ڇھن غريب جتن کي ڪھي ڇڏيو ھو. ھن سان گڏ ٻيا بہ پنج سو ڌاڙيل ھئا. ھن پنھنجي قھري ڪاررواين سان اتر سنڌ ۾ رڻ ٻاري ڇڏيو ھو.
سر چارلس ھن جي گرفتاريءَ لاءِ ھڪ ھزار روپيا چانڊين کي ڏنا ھئا. ولي چانڊئي جو واعدو پٿر تي ليڪو ھوندو ھو. کيس ھڪ ڏينھن پڪڙي، جنرل آڏو پيش ڪيو ويو، جنھن لاڙڪاڻي واري درٻار ۾ ٻين سردارن جي سامھون کيس ھزار روپيا انعام طور ڏنا. ان کان سواءِ کيس نوبت جي تلوار بہ ڏني، جنھن تي سون جي اکرن ۾ ڌاڙيل جو نالو لکيل ھو. کيس اھا تلوار ماڻھن جي ميڙ ۾ ڏني وئي ھئي. ان جو مطلب اھو ھو تہ انھن ٻنھي قبيلين وچ ۾ وير جو وڻ پوکجي چڪو ھو ۽ ٻئي ڌريون ھڪ ٻئي جي قبيلي جي سردار جي سر کڻڻ لاءِ سندرو ٻڌي،ھڪ ٻئي جي سامھون بيھي رھيون ھيون.
ھن لاڙڪاڻي واريءَ درٻار ۾ قبائلي سردارن کي مختصر ۽ سخت لفظن ۾ خطاب ڪيو ھو ۽ غلام رکڻ خلاف بہ ڳالھايو ھو. اھڙيءَ ريت ھن مٿئين طبقي جي ماڻھن کي اڻ سڌيءَ ريت ٻڌايو ھو تہ ھن جيڪي ماڻھو گرفتار ڪيا آھن تن نہ رڳو قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي، پر اھي ڳجهہ ڳوھہ ۾ ڌاڙن ھڻڻ جو بہ سوچي رھيا ھئا. ان خطاب ۾ ھن نوبت ۽ ٻين گڊي ماڻھن جي مقدر بابت پڻ ڳالھايو ھو، جن کي موت جي سزا ملڻ واري ھئي. جنھن مان سندس طاقت جو احساس ۽ اختيارن جي وسعت جو اندازو ڪرڻ سولو ھو. ھن ڦاسيءَ جي ڏوريءَ کي ڍري ڪرڻ بدران وڌيڪ سخت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي ۽ جيستائين ڪڇي جي جابلو علائقن جي ھڪ ھڪ ڌاڙيل کي ڦاسي نہ ڏنائين، تيستائين ڦاھي جي ڏوريءَ کي ڍر ڪانہ ملي. اھڙيءَ سخت ڪارروائي ڪر درٻار ۾ ويٺل بلوچ قبائلي سردارن مٿان سر چارلس جي دھشت ويھي وئي. تنھن ڪري انھن رضاڪارانھ جنرل سان واعدو ڪيو تہ اڳنا واسطي ھنن جا ماڻھو ڪڏھن ڌاڙا ڪونہ ھڻندا. ان کان پوءِ ھنن پنھنجا ڪيل واعدا پاڙيا. درٻار واري موقعي تي ھن وڏي افسوس جو اظھار ڪيو ھو تہ کيس بلوچي زبان ڪانہ ٿي اچي ۽ جيڪڏھن کيس اھا اچي ھا تہ اھا ٻولي ھڪ ھزار فوجي سپاھين جيتري طاقت ڏئي ھا. پر ھن اھڙي کوٽ جي پورائي، فوجي سرگرمين کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو ھو. اھڙين ڳالھين تي عمل ڪندي، انھن دولتمند بلوچ سردارن کي زنجيرن سان ٻڌي، پاڻ سان کنيون وتندو ھو. ڇاڪاڻ تہ ھنن بلوچ سردارن قانون جي ڀڃڪڙي ڪري غلام رکيا ھئا.
درٻار ۾ حاضر ڪيترن سردارن کي اھڙي خبر ھئي تہ ڪھڙن سردارن اھڙي قانوني ڀڃڪڙي ڪئي آھي. تن ھنن لاءِ سر چارلس کي گذارش تہ کين بخشيو وڃي. تنھن تي ھن اھڙن ماڻھن جا زنجير ڪڍرايا، جن جو گھٽ جرم ھو باقي ٻين کي ھن معاف ڪونہ ڪيو، جيڪي زنجيرن ۾ ٻڌل رھيا، انھيءَ مقصد سان تہ جيئن ھو ٻين لاءِ مثال ھجن. ھتي اسان کي بي انصافي ضرور ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جو ھڪ جھڙي جرم جا ھڪڙا ڏوھي معاف ڪيا ٿا وڃن ۽ ٻين کي معاف نہ ڪري زنجيرن ۾ ٻڌل رکيو ٿو وڃي. پر ھن پنھنجي ان حڪمت عمليءَ بابت ھن ريت سمجھايو ھو. سندس چوڻ ھو تہ ”ولي ۾ حاجي ٻئي وڏا قبائلي سردار آھن ۽ ٻنھي ساڳيو جرم ڪيو آھي. پر ھو ٻئي پنھنجي غلامن سان ڏاڍو شريفاڻو ورتاءُ ڪندا آھن. جيڪڏھن مان انھن مان ڪنھن بہ ھڪ کي گرفتار ڪندس تہ چاليھھ ھزار جابلو ويڙھاڪ اچي جنگ لاءِ سامھون بيھندا. مان سمجھان ٿو تہ غلامن رکڻ جا ڏوھھ ٿي رھيا آھن. پر مان ھڪ اڻ سڌي حڪمت عملي اختيار ڪئي آھي، جنھن وسيلي مان غلاميءَ واري جرم کي بلڪل ختم ڪري ڇڏيندس. ھنن جھنگلي بلوچ سردارن سان فقط اھڙي طريقي سان ڪاروھنوار جاري رکندو ايندس. ھنن ڳالھين سان گڏوگڏ مان نوان قلعا تعمير ڪرائي رھيو آھيان. فوجن لاءِ بئرڪن جي تعمير ٿي رھي آھي. ان کان سواءِ پوليس جو ھڪ الڳ کاتو ٺھي رھيو آھي. ان کان پوءِ مسڪين ماڻھن جي ھمت افزائي ڪئي ويندي تہ جيئن قبائلي سردارن جي اطاعت نہ ڪن. ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي منھنجي حڪمت عمليءَ بابت ڪا ڄاڻ ڪانہ آھي. اھڙيون ڳالھيون ماڻھن جي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي ظاھر ڪري ڇڏيندو آھيان. ظاھر ۾ تہ ائين لڳندو آھي تہ ڄڻ مان انھن ڳالھين تي غور ۽ فڪر ڪيو ئي ڪونہ آھي ۽ انھن جو اظھار بہ مرحلي وار ڪندو آھيان. جيڪڏھن پنھنجي حڪمت عمليءَ بابت اڳواٽ ڄاڻ ڏيندس تہ اھا پنھنجو اثر وڃائي ويھندي. اھڙي ريت منھنجي حڪمت عملي ڪنھن کي سمجھھ ۾ بہ ڪانہ ايندي آھي. منھنجي اھا بہ ڪوشش رھي آھي تہ منھنجا اعلى عملدار، ولي چانڊئي کي ڌاڙيل سڏي ڪاوڙائڻ جي ڳالھہ نہ ڪن. اھو ڄڻ ائين آھي تہ مان ھتان جي ماڻھن کي ھڪ جھڙو سمجھي رھيو آھيان، ائين نہ آھي. اھي ماڻھو پنھنجي مزاج، طاقت ۽ عادتن ۾ بلڪل ڌار آھن. ولي چانڊيو ۽ ٻيا بلوچ سردار پوکي راھي يا ڪو ٻيو ڌنڌو ڪونہ ڪندا آھن ۽ ڌاڙا ڦريون ڪري پيٽ گذر ڪندا آھن. انھن جو خيال آھي تہ ٻين ماڻھن کي ڦرڻ لٽڻ عزت آبرو وارو ڌنڌو آھي. تنھن ڪري مان اھو چئي ڪنھن کي سزا ڪونہ ڏيندو آھيان تہ تون ڌاڙيل آھين، تون قاتل آھين يا تون بداخلاق آھين. مان کين فقط ھي چوندو آھيان تہ تو منھنجا حڪم ڪونہ مڃيا آھن، جن ۾ چيو ويو ھو تہ ڌاڙا بند ڪريو، قتل نہ ڪريو ۽ پاڻ وٽ غلام نہ رکو. ھي ماڻھو منھنجون اھڙيون ڳالھيون سمجھي وٺندا آھن تہ بادشاھھ جي مرضي اھا آھي، جيڪڏھن ھن جو چوڻ نہ مڃيو ويو تہ ھو ضرور سزا ڏيندو. اھي ماڻھو اھو ڪونہ سمجھي سگھندا آھن تہ اسان جي نظر ۾ عزت ۽ اخلاق ڇا ھوندو آھي. بلوچ سردار سمجھندا آھن تہ مان سارو وقت ھار سينگار ۽ وارن کي درست ڪرڻ ۾ گذاريندو آھيان ۽ ڌن دولت گڏ ڪرڻ ۾ لڳو پيو ھوندو آھيان. پر جڏھن مان ساڻن جنگ جوٽيندو آھيان تہ مون کي مھاڏو ڏيڻ کان لنوائيندا آھن، پر عام ماڻھو مون کي پنھنجو دوست تصور ڪندا آھن ۽ ڏاڍو خوش گذاريندا آھن. ٿوري وقت کان پوءِ منجھن ايتري سجاڳي ايندي جو ھو قبائلي سردار جو چيو ڪونہ مڃيندا ۽ غلاميءَ جي زنجيرن کي ڀڃي ڀروڙي ڇڏيندا. پر ھاڻي بہ جيڪڏھن سنڌ جي حڪمراني ٽالپرن حوالي ڪئي بہ وڃي تہ يقين سان چوان ٿو تہ مان فوج کان سواءِ ھنن غريب ماڻھن سان گڏجي کين سولائيءَ سان شڪست ڏئي سگھندس ۽ کين سنڌ کان ٻاھر ڀڄائي ڦٽو ڪندس.
مان نوبت خان ڌاڙيلن جي تلوار چانڊئي سردار ولي کي ڏني ھئي، ان ڪري ھي چانڊيو سردار ان جي باقي رھيل ڌاڙيلن جي ٽولي جي ڪڍ لڳي پيو ھو. انھيءَ خوف کان تہ متان اھي کيس قتل ڪري ڇڏن. ھن ماڻھوءَ قبيلي جي ٻين سردارن کي ھيءَ ڳالھہ مڃائي ھئي تہ ھو درياھہ جي ساڄي ڪناري تائين ڌاڙو ڪونہ ھڻندا، جيستائين سر چارلس ڪڇيءَ جي جابلو ڌاڙيلن سان ويڙھھ ۾ رڌل آھي. ولي چانڊئي نوبت واري تلوار وٺڻ کان انڪار ڪونہ ڪيو ھو، ڇاڪاڻ تہ اھا کيس اعزاز طور ملي رھي ھئي ۽ ڌاڙيلن جي دشمنيءَ کان ڪونہ ڊڳو ھو. کيس اھا چڱيءَ ريت خبر ھئي تہ جيڪڏھن نوبت ڀڄي نڪتو تہ کيس قتل ڪرڻ کان ڪونہ مڙندو. جڏھن ھو نوبت واري تلوار وٺي واپس ٿي رھيو ھو تہ سر چارلس کيس سرٻاٽ ڪندي چيو ھو تھ، تون نوبت کي قتل ڪندين نھ! تہ ولي کيس وراڻيو ھو: ھائو، آءٌ کيس ضرور قتل ڪندس. ان کان پوءِ ھي جھونڙو سندس تنبوءَ مان ٻاھر نڪري ھليو ويو ھو. نوبت ۽ ٻين عام رواجي ڌاڙيلن جو قتل ڪا اڪ جي ماکي ڪانہ ھئي. اھڙي جاکوڙ بہ مٿي جو سور ھئي، جنھن کي ھن ريت بيان ڪجي ٿو.
”مان جيڪي بہ ماڻھو قيد ڪيا آھن، تن کي ضرور ڦاھيءَ چاڙھيو ويندو. انھيءَ کان سواءِ ڪو ٻيو گس بہ ڪونہ آھي. جيڪڏھن آءُ ائين نہ ڪندس تہ سنڌ ۾ وڏي رتو ڇاڻ ٿيندي رھندي. ماڻھو ميڙاڪن جي صورت ۾ مون وٽ اچي رھيا آھن ۽ ٻاڏائي رھيا آھن تہ ملڪ بلوچ ڌاڙيلن ڦري لٽي ڀينگ ڪري ڇڏيو آھي. سکيا ستابا علائقا ويران ٿي ويا آھن. ماڻھو سندن ظلم ۽ ڏاڍ کان ڊڄي پنھنجا اباڻا تر ۽ تڏا ڇڏي، لڏا پٽي ڪيڏانھن جو ڪيڏانھن ڪک پن ٿي ويا آھن. اھي ڌاڙيل ڪڇيءَ واري جابلو جوءِ ۾ وڃي گڏ ٿيا آھن ۽ پاڻ ۾ ايڪو ڪري رھيا آھن. سندن اھو اتحاد غريب ماڻھن جي قتل عام جي مقصد لاءِ آھي. ان کان پوءِ سنڌين جون عورتون قتل ٿيون. معصوم ڇوڪرين جي ٻانھن ۾ پاتل قيمتي چوڙين کي حاصل ڪرڻ لاءِ انھن کي لاھڻ بدران سندن ٻانھون ڪپيون ويون تہ متان دير ٿئي ۽ ٻيو ڌاڙيل وڌيڪ چوڙيون ھٿ ڪري وڃي. اٺن جا وڳ چاريندڙ جتن کي بہ قتل ڪيو ويو، جن وٽ بچاءَ لاءِ ڪي ھٿيار بہ ڪونہ ھئا. ھڪ وسيع سکيو ستابو علائقو اک ڇنڀ ۾ ويران ٿي ويو. پنجويھھ ڳوٺ ڊاھي پٽ ڪيا ويا. اھڙا ماڻھو جيڪڏھن گرفتار ڪيا ويا تہ انھن تي ڪورٽن ۾ ڪيس ھلايا ويندا ۽ انصاف ڪيو ويندو. جيڪڏھن ڏٺو ويو تہ اھي قانون ۽ انصاف مطابق قاتل آھن تہ انھن کي ڦاھيءَ چاڙھيو ويندو. ھنن ماڻھن اھي قتل بي پھچ انسانن جا ۽ ڄاڻي ٻجھي ڪيا آھن. جيڪڏھن مان انصاف نہ ڪندس تہ سمجھيو ويندو تہ مان ڪمزور آھيان ۽ اھڙن ظالم ماڻھن کي ھٿ لائي ڪونہ ٿو سگھان ۽ پوءِ سارو ملڪ وڳوڙن جي ور چڙھي ويندو ۽ ان ڪارنھن جو لينگھو مون تي لڳندو تہ مان ھن ملڪ ۾ امن امان ڪرائڻ ۾ سوڀارو ثابت ڪونہ ٿيو آھيان. عام ماڻھو ڏاڍا خوش آھن تہ ظالمن کي سوگھو ڪيو ٿو وڃي. جيڪڏھن ڪو شريف ماڻھو منھنجي جاءِ تي ھجي ھا تہ اھو بہ ھن ڪم کي اھڙيءَ ئي مڙسيءَ سان منھن ڏئي ھا جيئن مان ڏنو آھي، پر مون کي ڏک فقط انھيءَ ڳالھہ جو آھي تہ ڪاش! مان جيڪر انھيءَ مامري ۾ تلوار کان ڪم نہ وٺان ھا. پر پوءِ مون کي تہ ملڪ جي سڌاري لاءِ ڪوڏر کان ڪم وٺڻو ھجي ھا. خير! مان خدا کي ٻاڏايان ٿو تہ اھو مون کي فيصلي ڪرڻ ۾ انصاف ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ جنھن ڪم ڪرڻ جو، ارادو ڪريان تہ اھو ڪري بہ ڏيکاريان،جيڪڏھن سماجي قانون کي زنده رکڻو آھي تہ اھڙي ماڻھو جي نڙيءَ تي ضرور ننھن رکڻو پوندو، جنھنجي ھٿ ۾ ٻئي کي ڪھڻ لاءِ ڪات آھي ۽ پنھنجي تحفظ لاءِ اھا اجازت ضروري ڏيڻي پوندي. پر جيڪڏھن مون کي محسوس ٿيو تہ جيڪو ڪم آءٌ ڪري رھيو آھيان.، سو انصاف آھي يا انصاف مطابق آھي تہ منھنجي زندگيءَ جي جاکوڙ اھا ھوندي تہ مان انھن قاتلن کي مارڻ جي ڪوشش ڪندو رھان.
ڪيترا ماڻھو سمجھي رھيا آھن تہ جيڪو ڪجهہ آءٌ ڪري رھيو آھيان، سو عيسائي مذھب جي اصولن جي خلاف آھي، اھي ماڻھو شايد سچ ٿا ڳالھائن. جيڪڏھن ائين آھي تہ پوءِ حڪومت ختم ھجڻ گھرجي. پوءِ ھتي جيڪو ماڻھو سڀني کان وڏو ڌاڙيل آھي، اھو سڀني کان مٿاھون ۽ اعلى طبقي جو ماڻھو سمجھڻ کپي ۽ انساني فطرت انسانيت کان گھڻو ڏور ڪونہ ويندي. مون کي يقين آھي تہ جيڪو ڪم آءٌ ڪري رھيو آھيان سو بلڪل صحيح آھي ۽ مان ان تي اٽل آھيان. منھنجي دل گندن احساسن کان پري آھي. مان تہ اھي ڪم ڪري رھيو آھيان، جيڪي سماج جي ضرورت آھن ۽ اھا ھيءَ آھي تہ ڌاڙا سنڌ ۾ ختم ٿيڻ گھرجن. مان سڀ کان پھريان اھا ئي ڳالھہ چئي ھئي ۽ مان ائين ڪري ڏيکاريو آھي ۽ ائين ڪندو رھندس، پوءِ ڀل ٻيا ٽي مھينا گذري وڃن. پر جيڪڏھن خدا جي مرضي ھوندي تہ ھتي ڌاڙيل ھجڻ گھرجن تہ پوءِ يقين ڪريو تہ مان ڪڏھن بہ ڪامياب ڪونہ ٿيندس. پر ھن ٽالپر حڪمرانن مٿان زوال نازل ڪري ڄڻ اھا ڳالھہ منظور ڪرڻ فرمائي آھي، جيڪا مان ڪري رھيو آھيان. جيڪڏھن مان ھنن ڌاڙن، ڦرين لٽين ڏانھن ڌيان نہ ڏيندس ۽ انتظاميھ رکي ڪونہ سگھندس تہ ساڳيا ماڻھو منھنجي تعريف ڪندا، پر ان جو مطلب اھو ٿيندو تہ مان سنڌ کي خوشحال ڏسڻ ڪونہ ٿو چاھيان ۽ ائين ڪرڻ سان منھنجو ضمير گھائجي پوندو. ھاڻ دل جي آٿت سان ننڍ ڪريان ٿو. انھيءَ ڪري جو مان سنڌ جي وڳوڙي وايو منڊل کي منھن ڏيڻ لاءِ ننھن چوٽيءَ جا زور لائي رھيو آھيان. پر ان کان پوءِ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس مون مان خوش نہ آھي. مون کي اھڙي پرواھھ بہ ڪانہ آھي. اھي ماڻھو چالاڪ ۽ بيوقوف آھن. جڏھن تہ مان اھو ماڻھو آھيان، جنھن جو ڏھاڙيءَ جو ڪم ماڻھن جون زندگيون بچائڻ آھي. جيڪڏھن مان ڪم ڪرڻ کان اڳ سوچيندس نہ تہ مون کي تہ قاتل سڏيو ويندو. مون کي اھا خبر ڪانہ آھي تہ ھندستان جي حڪومت ڪير ھلائي رھيو آھي. اھي ڀلي حڪومت ھلائڻ ڇڏي ڏين. مان تہ ڏينھن ۽ رات بلڪ ھڪ ھڪ ڪلاڪ ۾ خدا در دعا گھرندو آھيان تہ يا خدا مون کي صحيح ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ ۽ مون کي پورو يقين آھي تہ آءٌ خدا کي حاضر ناظر سمجھي صحيح ڪم ڪري رھيو آھيان. جيڪڏھن مان ائين نہ ڪندس تہ مان گنھگار آھيان. جيڪڏھن حڪمران انصاف نہ ڪري سگھندو آھي تہ وڏو مجرم ھوندو آھي. اھڙيون قومون ڪڏھن ناڪامي ڪونہ ڏسنديون آھن، جيڪي خود ڪفيل ھونديون ۽ سندن زندگيون سجايون ھونديون آھن.“
ھن سفر دوران سر چارلس کي ھن سمجھڻ جو موقعو ملي ويو ھو تہ سنڌ کي Young Egypt سڏڻ جو ڪھڙو ڪارڻ آھي يا اھڙي تشبيھھ غلط آھي؟ پر حقيقت اھا آھي تہ ٻنھي ملڪن ۾ ساڳيائپ تمام گھڻي آھي. ھنن جا ميدان، خوشحالي، رڻ پٽ، جبل، ھڪ درياھھ، ساليانو چاڙھھ، سامونڊي بندرن جي ٿورائي، حڪمرانن جي تڪڙي تڪڙي تبديلي، ٽي نسل جھڙوڪ: ڪوپٽCopts ، عرب جن مان مصر جي مملوڪ تلوار بازن جو تسلط – سنڌ ۾ سنڌي ھندو ۽ سنڌي مسلمان جن مٿان بلوچ جو تسلط. ٻنھي ملڪن جو ماضي شاندار ھو پر خراب حڪومتن ڪري تباھہ ٿي ويا آھن. پر ھاڻي کين وري زندھھ ٿيڻ جو موقعو ملي ويو آھي. ڏٺو وڃي تہ ٻنھي جي ھڪجھڙائي مڪمل آھي. ان کان سواءِ ھيءَ ڳالھہ بہ تعجب جھڙي آھي تہ سنڌوءَ جي اولھہ پاسي وڻن جا پنڊ پاھڻ بہ ائين آھن جيئن نيل جي اولھہ پاسي وڻن جا پنڊ پاھڻ آھن.
سنڌ ۾ کليل ميدان آھن،جن جي زمين ڏاڍي ڀلي آھي، پر علائقا ويران آھن. منجھن ماڻھوءَ جي بوءِ بہ ڏسڻ ۾ ڪانہ ايندي. پر ھتي اھڙا قديم ماڳ ھن جن مان پتو پوي ٿو تہ قديم زماني ۾ سنڌ ڏاڍي خوشحال ھئي. چيو بہ ائين ويندو آھي تہ پراڻي دور ۾ سنڌ ھڪ شاندار ملڪ ھو. ان ڳالھہ ۾ وڌاءُ بہ ڪونہ آھي. ھاڻي اھو ساڳيو رستو ورتو ويو آھي، جنھن وسيلي سنڌ ساڳي اوج تي پھچي سگھي ٿي. ھن ملڪ جو ھڪ قديم ۽ اھم ماڳ اڄ بہ نمايان آھي. نقشي ۾ ان کي موھن ڪوٽMohan Kot لکيو ويو آھي. سر اليگزينڊر برنس لکيو آھي تہ ھڪ ٽڪريءَ جي چوڌاري قلعو جوڙيو ويو آھي. پر ھتان جا ماڻھو ھن ماڳ کي رني ڪوٽ سڏن ٿا. ھن قلعي جون ڀتيون پٿرن ۽ گچ سان ٺھيل آھن. قلعو بہ ھڪ ٽڪريءَ جي نھ، پر ٽڪرين جي چوڌاري ڦيريو ويو آھي. چيو ويندو آھي تہ ھن قلعي جي پکيڙي پندرھن ميل آھي. ان جي وچان صاف ۽ شفاف پاڻيءَ جي ھڪ ڪارنر وھندي آھي جيڪا جبل وچان بڙڪو کائي ٻاھي نڪرندي آھي. اھو بہ چيو ويندو آھي تہ اھو قلعو يونانين ٺھرايو ھو. پر ڪاريگري مان لڳي ٿو تہ اھو قلعو يونانين ڪونہ ٺھرايو ھو. ٽالپر حڪمرانن ھن قلعي جي ڀتين جي مرمت ڪرائي ھئي. ڪاش! ھي قلعو جيڪر ٽالپر حڪمران جوڙائين ھا.
سڪندر جي جاگرافيدانن جي بيان مطابق، ھي قلعو سڪندر جي سفر واري رستي ۾ ڏسجي ٿو. پر سر چارلس کي ھن ڳالھہ تي اعتبار ڪونہ آيو ھو. ان کان پوءِ ھن سيوھڻ جو ماڳ ڏٺو ھو، جيڪو سنڌوءَ جي چاڙھھ واري پاڻيءَ جي سطح کان مٿي ھو، جتي ھن ڪيترا دڙا ڏٺا ھئا. قلعو تمام پراڻو ھو، پر ان تعمير جو نمونو ڏسي چيو ھئائين تھ، قلعو پراڻو ضرور آھي،پر سڪندر جي تعمير نہ آھي. سندس خيال آھي تہ سڪندر جي مورخن سندس فوجي پيش قدميءَ واري جنھن رستي جو بيان ڪيو آھي، سو بہ وسھڻ جوڳو ڪونہ آھي. اھو فقط تڏھن ممڪن ھجي، جڏھن سنڌ سندن بيان واري سنڌ کان وڌيڪ سڌريل ۽ مھذب ھجي ھا. ماضيءَ واري سنڌ موجوده دور واري سنڌ کان گھڻي سڌريل ۽ مھذب ھئي. اھڙيءَ ريت سڪندر جي دور واري سنڌ بہ ڪا گھٽ سڌريل ڪانہ ھئي. ان دور جي مورخن لکيو آھي تہ فلپ جي پٽ (سڪندر) جي فوج سنڌوءَ جي ٻنھي ڪنارن سان سفر ڪري رھي ھئي. پر اھا فوج ھڪ سؤ ھجي يا ويھھ ھزار سنڌوءَ جي ڪنارن سفر ڪري ڪانہ ٿي سگھي. ليڪن انھيءَ فوج سنڌوءَ جي وھڪري کان ڏھن کان سورھن ميل پري سفر ڪيو ھوندو. ڇاڪاڻ تہ آبپاشي جي مقصد سان سنڌو مان ڪيترا ننڍا ۽ وڏا واھھ کوٽيا ويا ھوندا. تنھن ڪري اھڙي پيش قدمي ھنڌين ماڳھين رڪجي وئي ھوندي. پر جيڪڏھن ننڍن وڏن واھن ۽ واھڙن تي پليون ٺاھيون وڃن ھا تہ اھڙي پيش قدمي جو تسلسل ممڪن ھو. جيڪڏھن پليون بہ ٻڌرايون وڃن ھا، پر پوءِ بہ معلوم ٿئي ھا تہ سنڌ ان وقت بہ سڌريل ۽ مھذب ھئي. ڇاڪاڻ تہ اھڙآ آبي وھڪرا آبپاشي جي مقصدن واسطي کوٽي تيار ڪيا ويا ھئا. اھڙيون شيون تہ ماضيءَ جو داستان آھن. پر ھن وقت سندس سوچ ھئي تہ سندس جوڙيل انتظاميھ عام ماڻھوءَ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪيترو موثر ثابت ٿي سگھي آھي.
پر کيس ڍل جي وڌيڪ اوڳاڙي جي باري ۾ ترميم بہ ڪرڻي ھئي. ڇاڪاڻ تہ ھڪ ڪليڪٽر مسٽر پريڊي پيداوار جي وڌائڻ خاطر پنھنجي ضلعي ۾ وڌيڪ ڍل مڙھي ھئي. اھو غلط قسم جو نقطئھ نظر ھو جنھن کيس ڪاوڙائي ڇڏيو ھو. کيس اھو ڏسي بہ ڏک ٿيو ھو تہ ساڳئي ڪليڪٽر منڇر جي مھاڻن تي تيرھن فيصد (چاليھھ وڌيڪ) محصول مڙھيو ھو. ھن ساڳئي ڪليڪٽر موتين وارين سپن ڦاسائڻ تي بہ ڳرو محصول مڙھيو ھو، جنھن تي ھو وسوڙجي ويو ھو. تنھن تي ھن حضرت عيسى عليھ السلام جو نالو وٺي تعجب ڪندي چيو ھو تھ، ڪھڙا نہ ڏسڻا وائسڻا ماڻھو ڪڌا ڪم ڪري رھيا آھن. ھن ضلعي جو چيف ڪليڪٽر پوپ ھو، جيڪو بيماريءَ ڪري غير موجود رھيو، ان جي ھلئي وڃڻ ڪري ڪيتريون ئي ڏاڍ ڏمر جھڙيون غلط ڳالھيون ٿيڻ لڳيون ھيون. ابتدائي دور ۾ ظلم ۽ ڏاڍ تہ تمام گھڻو وڌي ويو ھو. ڇاڪاڻ تہ يورپي ڪليڪٽر ۽ انھن جو ماتحت عملو ۽ فوج، ملڪي جاگيرن جي پيداور جي حساب ڪتاب ۾ لڳي وئي ھئي. ڍل جي شرح بہ مختلف ھئي، ڍل جي اوڳاڙي لاءِ مقرر عملي ڪاردارن ۽ ٻين سرڪاري عملدارن تي مشتمل ھو، جيڪو وڍي (رشوت) وٺڻ تي ھريل ھو. سرڪاري آفيسن ۾ بہ اڳيون طريقو ڪم اچي رھيو ھو ۽ ھر معاملي بابت ھوريان ھوريان ڄاڻ ملي رھي ھئي. اھڙيءَ ريت معلوم ٿي رھيو ھو تہ مستقبل جي ساريءَ خوشحاليءَ جو دارومدار سرڪار جي خبرچاريءَ ۽ تيز نظرداريءَ تي ھو.
ان سفر جي شروع ٿيڻ سان جاسوسن کي چوطرف روانو ڪيو ويو ھو. جن جي ڏنل معلومات مطابق سڀئي ڌاڙيل قبيلا قلات جي خان جي مدد لاءِ ھڪ جاءِ تي گڏ ٿي رھيا ھئا. اھڙي صورحال ان ڪري ٿي وئي ھئي جو سر چارلس نيپئر ۽ قلات جي خان وچ ۾ ملاقات مقرر ٿي چڪي ھئي. جنرل کي خوف ٿي پيو ھو تہ متان اھي ڌاڙيل قبيلا وڃڻ يا واپس ٿيڻ وقت مٿس حملو ڪن. تنھن ڪري ھن سوچيو ھو تہ وٽس ايتري گھڻي فوج ھجي، جو اھڙي امڪاني حملي دوران دشمن کي شڪست ڏئي سگھجي. پر اھي پاڻ ۾ وڙھي ڍانگو ڍانگ ٿي ويا ھئا. مرين اڪيلي سر وڃي بگٽين سان جھيڙو جوٽيو. ٻنھي ڌرين ۾ ٻہ پاڻي ٿيا ۽ ٻنھي مان ھار مرين جي ٿي ھئي. بعد ۾ مرين ۽ چانڊين ٻانڌو ٻڌي ڦلجي تي حملي ڪرڻ جي ناڪام ڪوشس ڪئي ھئي. ان جو ڪارڻ اھو ھو تہ چانڊين ۽ مرين سان واعدو ڪيو ويو ھو تہ جيڪڏھن ھو جکراڻين، بگٽين ۽ ڊومڪين کي سنڌ جي سرحد کان پري ڌڪي ويا تہ کين سندن زمينون ڏنيون وينديون. پر اھي ٻئي ڌريون ائين ڪري ڪونہ سگھيون ھيون. اھڙيءَ منڌل صورتحال ڪري اھا ڳالھہ واضح ٿي چڪي ھئي تہ سڀئي ڌريون متحد ٿي ۽ انگريزي فوج سان گڏجي ھنن جابلو ماڻھن جو مقابلو ڪنديون تہ کين شڪست ڏيڻ ۾ ڪاميابي ٿيندي. پر اھا ڳالھہ تہ پوءِ مشڪل ھئي ۽ ڏينھون ڏينھن مشڪل ٿيندي پئي وئي. جنرل پنھنجي حڪمت عمليءَ بابت فيصلو ڪري چڪو ھو. پر ان وقت ھڪ نئون ڏچو پيدا ٿي چڪو ھو، جيڪو ھن فوجي مھم لاءِ رنڊڪ بڻجي ويو ھو، ان ڪري جنگ مھم ۾ سستي اچي وئي ھئي.
سر چارلس جي اھا پيش قدمي ڏاڍي مشھور ٿي ھئي ۽ اڳتي وڌڻ جي حڪمت عملي ڏاڍي خطرناڪ ھئي. جنھن کي ڏسي بجار خان ڊومڪيءَ جون ھيٺيون ھيٺ ۽ مٿيون مٿي رھجي ويون ھيون. ھن ٻي ڪا واھھ نہ ڏسي، پنھنجي ٻن پٽن کي جنرل ھنٽر ڏانھن سلام ڀرڻ لاءِ موڪليو. پر بجار جي تازي حملي، عورتن جي قتل عام ۽ ٻارن جي ٻانھن ڪپڻ جو واقعو تازو ٿي گذريو ھو. ان کان سواءِ ھن بي ھٿيار گاھين کي قتل ڪيو ھو. اھي جنگ ڪرڻ جھڙا واقعا ھئا. ھن اھڙو ظلم ڪيو جيڪو معاف ڪرڻ جھڙو ڪونہ ھو. تنھن ڪري جنرل ھنٽر کي چيو ويو ھو تہ بجار جي پٽن کي واپس وڃڻ جو موقعو ڏئي. جيڪڏھن ھو واپس وڃڻ نہ چاھين تہ انھن کي ڦاھي ڏني وڃي. ان کان سواءِ بجار خان ڏانھن بہ نياپو موڪليو ويو تہ جيڪڏھن ھو بہ ھٿ اچي ويو تہ کيس بہ ڦاھيءَ تي لڙڪايو ويندو. جڏھن بيجار خان کي اھي خبرون مليون تہ ھڪدم اعلان ڪيائين تہ ھو الله جو غازي آھي ۽ دين خاطر ھر قرباني ڏيندو ۽ جيستائين ھڪ بہ ڪافر ملڪ ۾ آھي، ھو آرام سان ڪونہ ويھندو. جڏھن بجار جھڙا ماڻھو غازي ٿيڻ جو اعلان ڪندا آھن تہ ڏاڍا جنوني جنگجو بڻجي ويندا آھن ۽ قتل ٿيڻ تائين ٻين کي قتل ڪندا رھندا آھن.
بجار ڪو ھڪڙو ماڻھو ڪونہ ھو، جنھن کي قتل ڪري ماٺ ڪري ويھڻو ھو. پر شير محمد بہ ھنن بلوچ سردارن سان گڏ ھو ۽کين سون ڏئي پيو ويڙھائيندو ھو. ان کان سواءِ ساڻن واعدا بہ وڏا ڪندو ھو تہ جيڪڏھن ھو سنڌ جو حڪمران ٿيو تہ کين اڏي ڇڏيندو. ڪڏھن ھو پاڻ گھوڙيسوار دستن کي ساڻ ڪري اچي سنڌ جي سرحد وٽ بيھندو ھو. ان کان پوءِ سر چارلس ان ڏانھن ھن طرح جو پيغام موڪليو ھو.
مير، مان ھن وقت تائين تنھنجي عزت ڪئي آھي ۽ ھڪ بھادر دشمن سمجھي تنھنجو کليءَ دل سان احترام ڪيو آھي، پر ھاڻي تون ظالمن ڌاڙيلن سان گڏجي ويو آھين، جيڪي عورتن، ٻارڙن ۽ بي پھچ ماڻھن جا قاتل آھن. جيڪڏھن تون بہ قاتل ۽ ڌاڙيل آھين تہ مان بہ توکي قاتل ۽ ڌاڙيل سمجھي، توسان ساڳي ڪارروائي ڪندس. ان کان جلد ئي پوءِ ھي ٽالپر پنجاب ھليو ويو.
اھڙي ريت سر چارلس پنھنجي جنگي مھم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ لڳاتار پيش قدمي ڪندو 18 ڊسمبر تي اچي سکر پھتو ھو. کيس سکر کي ڇڏي پورا ٻہ سال گذري چڪا ھئا. مياڻيءَ واري فتح کان اڳ جنرل ھتان نڪتو ھو ۽ ان جنگي واقعي کان پوءِ سنڌ انگلينڊ جي ماتحت بڻجي وئي ھئي. ھن جي سکر پھچڻ وقت سندس سٺي آجيان ڪانہ ٿي ھئي. ھتي تپاولي چوٽ چڙھيل ھئي. يورپي توبخانو مفلوج ٿي ويو ھو. 78 ريجمينٽ جا ٻہ سو فوجي مري ويا ھئا. ان کان سواءِ دفن ٿيڻ لاءِ ڏھاڙي ھڪ نہ ٻيو لاش موجود ھو. معلوم ائين ٿي رھيو ھو ڄڻ ھيءَ بيماري سڀني کي ڳيت ڏئي ڳھي پوءِ ساھھ پٽيندي. اھڙو ڳنڀير وايو منڊل ڏسي، باقي فوجين کي حيدرآباد ڏانھن موڪڻ لاءِ مجبور ٿي پيو ھو. نہ تہ اڳي کيس اميد ھئي تہ اھا ساري فوج وٺي وڃي بلوچ ڌاڙيلن سان جھيڙو ڳنڍيندو ۽ شاندار فتح حاصل ڪندو جيڪڏھن فوج جو تحفظ نہ ڪيو ويو تہ بيماريءَ جي ختم ٿي وڃڻ تائين انھن مان ھڪ بہ ڪونہ بچندو.
اھا خبر جڏھن ممبئيءَ واريءَ ڌر جي ڪنين پئي تہ ھنن وٺي ھاءِ گھوڙا شروع ڪئي ۽ چوڻ لڳا تہ اھو سارو نقصان سر چارلس جي لاپرواھيءَ ڪري ٿيو آھي. جڏھن ھن انھيءَ موسم ڌاران جابلو ڌاڙيلن تي حملي ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ھو تہ کيس اھا خبر بہ ھجڻ گھرجي ھا تہ اھڙيءَ موسم دوران ھر سال بيماري ٿيندي آھي. ان کان کيس سواءِ ڊاڪٽرن سان صلاح مشورو ڪرڻ گھرجي ھا. ھن بيماريءَ جي موسم دوران حملي جون تياريون ڪيون، جڏھن 78 ريجمينٽ کي بيماري وچڙي وئي ھئي. ان کان سواءِ فوجين جا جيڪي بہ موت واقعي ٿيا آھن، تنھن جي ساري ذميواري سر چارلس تي آھي ۽ فوج جا اھڙا خوفناڪ خون بہ ھن ڪيا آھن. ھي ماڻھو فقط ھندستان ۾ ھاءِ گھوڙا ڪري سر چارلس کي بدنام ڪرڻ تي راضي ڪونہ ھئا. تنھن ڪري ھنن وھھ ۾ وھاٽيل بيان اسڪاٽلينڊ ڏانھن بہ موڪلي ڇڏيا ھئا. ڇاڪاڻ تہ 78 ريجمينٽ جو تعلق ان علائقي سان ھو. ھن ڌر کي پتو ھو تہ انھن مرحوم فوجين جا مٽ مائٽ ۽ دوست احباب اتي آھن ۽ اوڏانھن اھڙا بيان موڪلي اتان جي ماڻھن جي احساسن کي اڀاري سگھندا ۽ انھن ماڻھن جي دلين ۾ سر چارلس خلاف نفرت جي باه ٻري پوندي. پر ھن ماڻھوءَ کي انھن اجاين الزامن جي کـڙڪ پئجي وئي ھئي. ان ڪري ھن نھايت خبرداريءَ سان سوچڻ ويچارڻ شروع ڪيو ھو ۽ فوجين جي بھتريءَ ۽ ڀلائيءَ واري ھر سوال تي غور ڪيو ھو.
ھن چيو ھو تھ، ”مون تي اخبارن وسيلي حملا ڪيا ويا آھن. جيڪي مون کي ھاڃو رسائي ڪونہ ٿا سگھن. پر منھنجي دل کي فوجين جي اوچتي موت گھائي رکيو آھي. اھڙا الزام مٿس بيھي ڪونہ سگھيا ھئا. پاڻيءَ جي چاڙھھ کان پوءِ سکر ۾ اھڙي بيماري سيپٽمبر ۾ شروع ٿي ھئي، جيڪا آڪٽوبر جي اڌ تائين ھلي ھئي. ان کان پوءِ ڪي ٿورا فوجي بيمار ٿيا ھئا. پر ابتدائي مرحلي ۾ انھيءَ بيماريءَ ھاڃو ڪري ڇڏيو ھو. ھندستان سرڪار وٽان کيس حڪم پھتو ھو تہ 13 ريجمينٽ کي سکر مان ڪراچي ۽ 78 ريجمينٽ کي ڪراچي مان سکر موڪليو وڃي. مٿينءَ سرڪار جي حڪم تي عمل نھايت خبرداري سان ڪيو ويو ھو. ڇاڪاڻ تہ 13 ريجمينٽ تي بيماري اڳئي حملو ڪري چڪي ھئي. ان جو ٻيو جھٽڪو بہ شروع ٿيڻ وارو ھو. سوچيو اھو ويو ھو تہ بيماري جي ٻئي جھٽڪي شروع ٿيڻ کان اڳ 13 ريجمنٽ سکر ڇڏي ڪراچي ھلي وڃي ۽ ڪراچي کان 78 ريجمينٽ ان وقت سکر پھچي، جنھن وقت بيماري ختم ٿي وڃي. کيس اميد ھئي تہ ھو ائين ڪري فوج کي بيماريءَ جي ٻئي حملي يا جھٽڪي کان بچائي سگھي ٿو. ڊاڪٽرن جو مشورو ھو تہ انھيءَ رت ۾ فوج کي پيش قدمي فائدي واري ٿيندي. ان ڪري 86 ريجمينٽ کي حيدرآباد کان پيش قدمي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. پاڻ 78 ريجمينٽ جيترو رھبر فوجي دستو ساڻ ڪري مٿي روانو ٿو. ان کان سواءِ ٻيءَ فوج کي احمد خان ڏانھن وڃڻ جو چيو ويو ھو. اھڙيءَ چرپر ڪري فوج بيماريءَ کان بچي وئي ۽ ڊاڪٽرن جو مشورو صحيح ثابت ٿيو ھو.
13 ريجمينٽ بيماريءَ جي ٻئي جھٽڪي کان بچي وئي ۽ وڃي ڪراچي پھتي ۽ چڱي ڀلي ٿي انگلينڊ رواني ٿي وئي. انھيءَ بدران رضاڪار مقرر ڪيا ويا ھئا، جن جو تعداد ٻہ سو ھو، جيڪي پيش قدمي دوران ھن سان گڏ رھيا ھئا. ھي خطرناڪ قسم جي پيش قدمي، ٻن طرفن کان شروع ڪئي وئي ھئي ۽ ان وقت فوج صحتمند بہ ھئي. 78 ريجمينٽ صحتمند حالت ۾ 25 آڪٽوبر تي سکر پھتي ۽ نومبر جي شروع تائين صحتمند رھي. ان کان پوءِ بيماريءَ ڏاڍيءَ شدت سان حملو ڪيو، جيڪو سال جي ابتدا تائين لڳاتار ھلندو رھيو.
اھا حقيقت آھي تہ 18 ۽ 78 ريجمينٽ جي پيش قدمي بيماري واري ساري موسم معطل رھي ھئي. اھڙيءَ بيماريءَ جي اڳواٽ چنتا ڪري بہ ھن فوج کي اتي رھايو وڃي ھا. اھڙي دير پوئين عرصي واريءَ بيماريءَ ڪري ڪانہ ٿي ھئي. دراصل اھو منصوبو ائين ڪونہ ھو پر بيماريءَ ڪري ان ۾ تبديلي آندي وئي ھئي. ڪراچيءَ واري فوجي ڇانوڻي، حيدرآباد جي خندقن واري فوجي ڪئمپ، ڪوٽڙيءَ واري آگبوٽن واريءَ اسٽيشن ۽ سکر واري فوجي ڪئمپ ۾ ان وقت اھڙي بيماري کان آجي ھئي، پر شڪارپور واري فوجي ڇانوڻيءَ ۾ انھيءَ وقت بيماري پکڙيل ھئي، جيڪا فقط فوجي ڇانوڻيءَ تائين محدود ۽ اتفاقي ھئي، پر اھڙيون ڳالھيون ھن ساري موضوع تي ڇائنجي ڪونہ ٿي سگھيون. پر ھتي بنگالين بغاوت دوران پنھنجي عملدار فوجين کي قتل ڪرڻ جا نعرا ھنيا ھئا. ھنن باغي فوجين کي جنرل ھنٽر ٿڌيون مٺيون ڳالھيون ڪري مڃائي ورتو ھو. انھيءَ زماني ۾ شير محمد جابلو ڌاڙيلن کي ساڻ ڪري ڪراچي سنڌ جي سرحد وٽ بيٺو ھو. ان کان سواءِ پندرنھن باغي ٽالپر، علي مراد جي درٻار ۾ موجود ھئا، جيڪا ھتان گھڻو پري ڪانہ ھئي. ڇا ان وقت اھو صحيح ھو تہ اھڙي نازڪ موقعي تي جنرل ھنٽر کي اڪيلو ڇڏجي ۽ وٽس ڪابھ يورپي فوج نہ ھجي؟ فرض ڪريو تہ بنگالي فوج ٻيھر بغاوت ٿي ڪري؟ 64 ريجمينٽ ٻہ چئن مھينن اندر ٻہ ڀيرا اڳ بغاوت جو جھنڊو جھولايو ھو. پر جيڪڏھن ٽيون ڀيرو ائين ڪري ھا تہ ان جو نتيجو ڇا نڪري ھا! ۽ جيڪڏھن اھي بغاوت دوران يورپين کي ائين ڪھن ھا جيئن ويلورVellore ۾ ڪٺو ويو ھو تہ ڇا ٿي چڪو ھجي ھا. جيڪڏھن اھي بکر ۾ موجود فوجي سامان لٽي ڦري ۽ سارو سرڪاري خزانو کڻي، وڃي جابلو علائقي ۾ شير محمد سان ملن ھا يا سکن سان ملتان وڃي ملن ھا، جن وٽ ھنن جا مٽ مائٽ ۽ دوست احباب اڳئي موجود ھئا.
اھڙيون ڳالھيون ٿي ڪونہ سگھن ھا،پر اھڙو امڪان ضرور ھو. 34 بنگال ريجمينٽ بغاوت ڪئي ھئي ۽ جن کي فوجي ملازمت مان ڪڍيو ويو ھو، تن ھتان نڪري وڃي سکن جي ملازمت اختيار ڪئي ھئي. جيڪڏھن ائين ٿئي ھا ۽ باغي فوج جنرل ھنٽر کي قتل ڪري ڇڏي ھا تہ وري بہ ڪارنھن جو لينگھو جنرل سر چارلس نيپئر تي لڳي ھا ۽ چيو وڃي ھا تہ اھو يورپي فوجي وٺي ھليو ويو ۽ جنرل ھنٽر کي ھٿ سان ڪھرايائين. نہ تہ کيس اھڙي اڳواٽ چنتا ضرور ڪرڻي ھئي ۽ اھڙين حالتن ڪري ڪو ممڻ تہ ضرور مچندو. جيڪڏھن ائين ٿئي ھا تہ سوال جو جواب ڪير ڏئي ھا. اھڙين ڳالھين جو ڪو جواز بہ ڪونہ ھو. کيس اھڙين امڪاني غلطين جو احساس بہ ھو ۽ جيڪڏھن اتفاق سان ائين ٿي بہ وڃي ھا تہ ھو پنھنجي باقي ساري زندگي شرم ۽ پڇتاءَ ۾ گذاري ڇڏي ھا. ھن کي 78 ريجمينٽ جي فوجين جي موت تي تمام گھڻو ڏک ٿيو ھو، پر ائين سندس غلطيءَ ڪري ڪونہ ٿيو ھو.
اسان وٽ اھڙيون ڪيتريون ثابتيون آھن. 78 ريجمينٽ تي پيش قدميءَ سبب بيماريءَ اثر ڪونہ ڪيو ھو. ھيءَ ريجمينٽ ان وقت بيمار ضرور ٿي ھئي، جنھن وقت فوجي ڇانوڻي ۾ رھيل ھئي. ائين تہ اتر سنڌ ۾ فوجي ڇانوڻين اندر رھندڙ سڀ فوج بيمار ٿي پئي ھئي. ھن سان گڏ توبخاني وارا يورپي فوجي دستا بہ تہ سخت بيمار ٿي پيا ھئا. اوسي پاسي واريءَ ٻيءَ فوج کي بہ اھا بيماري ڪانہ وچڙي ھئي. آگبوٽن وارا فوجي دستا جيڪي 78 ريجمينٽ کي ڪراچي کان سکر کڻي آيا ھئا، تن کي پڻ بيماري ڪانہ لڳي ھئي. انھيءَ زماني ۾ ممبئي ڌر جيڪا سر چارلس خلاف الزامن جي ڌم ڌڙي لائي ڏني ھئي، تنھن جو ڪارڻ اھو ھو تھ، ھنن جا سر چارلس لاءِ اندر ڪارا ھئا ۽ ساڙ کان چريا ٿي پيا ھئا.
ڪيترن ماڻھن جو خيال ھو تہ اھا بيماري واھن جي پاڻيءَ وسيلي پکڙي ھئي، جيڪا عام طور سنڌوءَ جي چاڙھھ واري پاڻيءَ سبب ھوندي آھي. پاڻي جي گھٽجي وڃڻ ڪري ملڪ سائو ٿي ويو، پر اھڙي ساوڪ وقت کان اڳي ٿي ھئي. پاڻيءَ جي وقت کان اڳ لھڻ وڃڻ ڪري اوڀڙ تہ اڀري ھئي، سج جي تپش ڪري اھا وقت کان اڳي ئي سڙي سڪي وئي ھئي. اھڙيءَ موسم ڪري سنڌ ۾ اڻيھئي مليريا ٿيندي رھندي آھي. پر ان جو زور شڪارپور ۽ سکر ۾ تمام گھڻو ھوندو آھي. ان جو ڪارڻ اھو آھي تہ درياھہ جي چاڙھھ جو پاڻي ھنن ٻنھي شھرن جي وچ ۾ تلاءَ ڪري بيھي ويندو آھي. سنڌ کي اٿل جي پاڻيءَ کان بچائڻ لاءِ بندن جي تعمير ھاڻي تازو شروع ڪئي وئي آھي. اھو بہ ڏٺو ويو آھي تہ انھيءَ موسم دوران ھوا شڪارپور ڏانھن ويندي آھي ۽ بيماري بہ اتي گھڻي ٿيندي آھي. جڏھن وري ھوا سکر ڏانھن گھلڻ شروع ڪندي آھي تہ بيماري شڪارپور ۾ گھٽجي ويندي آھي ۽ سکر ۾ وڌي ويندي آھي.
بنگال سروس جي ڊاڪٽر ڪرڪ ھن موضوع تي گھڻو سوچيو آھي. ان جو خيال آھي تہ اھو بخار جابلو تپش ڪري ٿئي ٿو، جن تي فوجي بئرڪون جوڙيون ويون آھن. پر منھنجو خيال آھي تہ اھي بخار جابلو تپش ۽ چاڙھھ واري پاڻيءَ جي تلائن ڪري بہ آھن. سنڌ ۾ ٻن ٽن سالن جي وٿيءَ کان پوءِ ڪا نہ ڪا مھامري پيدا ٿي پوندي آھي. مان سمجھان ٿو تہ اھا ٻرندڙ جبلن جي ڪري ٿيندي آھي. سنڌ ھڪ ميداني علائقو آھي، جتي سدائين ڌرتيءَ ڌڏڻ جا واقعا ٿيندا رھندا آھن. 1819ع ۾ ڌرتي ڌڏي ھئي، جنھن ڪري ڪڇ جو سارو مٿاڇرو مٽجي ويو ھو. اھڙيءَ ريت ڌرتي ڌڏڻ جا اڻ لکا جھٽڪا بہ ايندا رھندا آھن، جنھن ڪري سنڌ جي مٿاڇري ۾ کڏا ۽ گھارا پئجي ويندا آھن. اھڙي ريگ گئس پيدا ٿي پوندي آھي، ان ڪري ٿوريءَ وٿيءَ کان پوءِ وچڙندڙ بيماري پيدا ٿي پوندي آھي. اھا بيماري ايتري قدر خطرناڪ ھوندي آھي، جيتري قدر ڌرتي اندروني طور اٿل پٿل جو شڪار ٿيندي آھي. پر انھن بيمارين جو ڪارڻ اٿل واري پاڻيءَ جا تلاءَ ھجن يا ڌرتيءَ جي اندروني اٿل پٿل ڪري پيدا ٿيل گئسن ڪري ھجي، ليڪن يورپي فوجين لاءِ اھڙيون بيماريون ڏاڍو ڏچو پيدا ڪنديون آھن. ھندستان اندر فوجي بيئر ۽ برانڊي پيئندا آھن، جيڪو چانورن ۽ ٻين شين مان ٺاھيو ويندو آھي. ڪي شراب کارڪن مان بہ جوڙيا ويندا آھن. ڪي فوجي مانيءَ سان گڏ شراب پيئندا آھن ۽ ڪجهہ شراب کان سواءِ ماني کائيندا آھن. پر ماني سان گڏ شراب واپرائڻ ڪري وچڙندڙ بيماري ڪانہ ٿيندي آھي. ليڪن ائين ڪرڻ ڪري معدي يا آنڊي ۾ زخم ٿي پوندا آھن ۽ اھڙا زخم موتمار ڪونہ ھوندا آھن.
ڊاڪٽر رابرٽسن جو تعلق 18 ريجمينٽ سان آھي، جيڪو ھندستان ۾ ڦٽي نڪرندڙ سڀني بيمارين جي چڱيءَ ريت ڄاڻ رکي ٿو. سندس چوڻ آھي تہ جلال آباد جي گھيري دوران فوجي سپاھين کي ڪا بيماري انھيءَ ڪري ڪانہ ٿي ھئي، جو ھنن شراب جو استعمال ڪونہ ڪيو ھو.
سر چارلس ھن وقت سکر پھچي چڪو ھو. سندس اھو سفر ائين ھو ڄڻ ھن سکر کان حيدرآباد جو سفر ڪيو ھجي، جيڪو ھن سنڌ جي فتح دوران ڪيو ھو. ھي سندس ٻيو ڀيرو سکر اچڻ ھو ۽ ھن جي پيش قدمي واري محنت اجائي وڃڻي ڪانہ آھي. کيس ھن شھر کان وئي ٻہ سال ٿي ويا ھئا. ان وقت ھو سکر کان ميرن سان جنگ جي ارادي سان نڪتو ھو. ان زماني ۾ ھو امامڳڙھھ نالي قلعي کي فتح ڪرڻ لاءِ ٿر ڏانھن ويو ھو. ان کان پوءِ ھن ٻہ جنگيون کٽي ورتيون ھيون. ان کان سواءِ ھن چار وڏا قلعي بہ فتح ڪري ورتا ھئا. اھڙيءَ ريت ھن ڪيترائي ننڍا قلعا بہ ھٿ ڪري ورتا ھئا. ھتان جي ڇھن حڪمرانن کي شڪست ڏني ۽ ھڪ وڏي بادشاھھ کي مطيح ڪيو ھو. ھن سول انتظاميا کي تليقن ڪئي ۽ ان کي تحرڪ ۾ آندو، جنھن کي ھن ڪيترين ئي شاخن ۾ ورھايو. سنڌ جي مختلف نسلن سان بھتر تعلقات قائم ڪيا. ٻاھرين ملڪن سان پنھنجي خاص حڪمت عمليءَ جي ابتدا ڪئي. فوجي ۽ عوامي ڀلائي جي ڪيترن ئي ڪمن جي ابتدا ڪئي ھئي. ڪيترائي وڏا منصوبا بڻايا، جيڪي نہ رڳو وقت جي اھم ضرورت ھئا، پر ھن اڳيان انھن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جو بہ مقصد ھو. اھڙن منصوبن کي پوري ڪرڻ جي اِرادي سان ھن فو جي اڳواڻي ڪندي، اٺن ۽ گھوڙن جي سواري ڪئي ۽ ٻہ ھزار ميل سر ڪيا، چئن کان پنجن ھزارن جي وچ تي سرڪاري خط لکيا ۽ رپورٽون تيار ڪيون، جن مان گھڻيون تہ نھايت شاندار ھيون. ان کان سواءِ ھن خانگي لکپڙھہ بہ ڪئي، جيڪا تمام گھڻي ھئي. ھو ھر ماڻھوءَ کي جواب ڏيندو ھو، پوءِ اھو وڏو ماڻھو ھجي يا ننڍو، سندس خط اھم ھجي يا غير اھم. ھو ڪابھ شيءِ تڪڙ ۾ ڪونہ پڙھندو ھو، پر ڏاڍي ڌيان ۽ گيان سان مطالعو ڪندو ھو. ڦاسي يا ٻين سخت سزائن تي ملندڙ شاھدين جو بہ ڏاڍي غور ۽ فڪر سان مطالعو ڪندو ھو. ان کان سواءِ اھي فوجي منصبي فرض بہ ادا ڪندو ھو جيڪي انگلينڊ، ڪلڪتي، ممبئي ۽ مدراس ۾ رھندڙ سينيئر فوجي عملدار کيس چوندا ھئا. سخت بيمار ھوندي بہ ھن منصبي فرضن کان منھن ڪونہ موڙيو ھو. سندس عمر ٽيھٺ سال ھئي ۽ ھن جو سارو جسم زخمن جي گھائن سا پر ھو. اھڙي سخت گرم آبھوا ۾ بہ ڪم ڪندو رھندو ھو، جو اونھاري ۾ گرمي جو درجو 132 ھوندو ھو. اھڙين چوٽ گرمين دوران پنھنجي تنبوءَ کي ھٿرادو طريقي سان ٿڌو ڪري، گرمي گھٽ ڪندو رھندو ھو. ھن گرميءَ جو بھانو ڏئي ڪم کان ڪڏھن بہ ڪونہ گھٻرايو. اھڙي لکپڙھہ وھاٽيل وايو منڊل ۾ ڪندو رھندو ھو ۽ ان دوران ممبئي ڌر وارن جي ھاءِ گھوڙا بہ جاري رھندي ھئي. ھن خلاف ڪيئي سازشون بہ پيون ھلنديون ھيون، پر ھو اھڙين ڀڏين ڳالھين ھوندي بہ نہ ماندو ٿيو، نہ وري ڪا آس پليائين. اھڙين ڳالھين جو احساس سوڙھي دل وارا ماڻھو ڪندا آھن. کيس ھندستان سرڪار طرفان سھائتا ملڻ جو اوسيئڙو رھندو ھو. پر اھا بي شڪري ھئي، جنھن وٽ درگذر ڪرڻ ۽ شڪرگذار رھڻ جي ڪا ڳالھہ ئي ڪانہ ھئي.