باب تيرھون: ٽالپرن کي سنڌ جي حڪومت واپس ملڻ جو آسرو
اھڙن افواھن ڪري سنڌ ۾ ڄڻ ٿرٿلو پئجي ويو ھو. ٽالپرن جا ڪن کڙا ٿي ويا ھئا، اھو بہ چيو پئي ويو تہ ٽالپر ھاڻي ماٺ ڪري ڪونہ ويھندا ۽ پاڻ ۾ ملي ضرور ڪا نہ ڪا سازش ڪري وٺندا. ٻيا ٽالپر بہ ھنن سان ملي رھيا ھئا تہ ڪجهہ ٻارڻ ٻارجي، پر اھڙيون ڳالھين مان مقصد پنھنجي پيرن تي پاڻ ڪھاڙو ھڻڻ ھو. اھي سندن اجايا اوٽار ھئا جن جو سارو نزلو وڃي سر چارلس نيپئر تي ڪرڻو ھو، جيڪو وري چڙھي کين ناس ڪري ڇڏيندو. ممبئي ڌر وارا ماڻھو ٽالپرن کي ڏٽا ڏئي رھيا ھئا ۽ کين سنڌ جي حڪمراني موٽائي ڏيڻ جا حامي ڪونہ ھئا. سنڌ جي عام ماڻھن جو تہ ھن قسم جي موضوع سان تر جيترو بہ واسطو ڪونہ ھو. پر سر چارلس ۾ سندن وڏو ويساھھ ھو ۽ اڳين ظالم حڪمرانن کان نفرت ڪندا ھئا. ھو پڪو پھھ ڪري چڪا ھئا تہ حاصل ڪيل آزاديءَ کي برقرار رکڻ لاءِ وڏي ويڙھھ ڪندا. اھڙن افواھن ڪري ھتان جا شاھوڪار ھندو بہ ڊڄي ويا ھئا ۽ پنھنجو پئسو ٻين ملڪن ڏانھن منتقل ڪري ڇڏيو ھئائون ۽ پاڻ بہ پنھنجي ڪٽنبن سميت اوڏانھن لڏڻ لاءِ اوڪڙو ويٺا ھئا. واپار ۽ تجارت بہ بيھي وئي ھئي، ڇاڪاڻ تہ ھن برادريءَ کي شڪ ۽ خوف لوڏي ڇڏيو ھو. افواھھ اڏائيندڙن جو مقصد بہ اھو ھو. اھڙن اطلاعن کي ڪوڙي ثابت ڪرڻ لاءِ سر چارلس اعلان بہ ڪيو ھو، پر ماڻھن تي ان جو اثر گھڻو ڪونہ ٿيو.
اھڙيون ڳالھيون اڻ سونھيون ۽ الوڻيون ھيون. تنھن ڪري سر چارلس کي ڏاڍو ڏک ٿيو ھو. ڇاڪاڻ تہ اھي نہ رڳو سرڪار لاءِ نقصانڪار ھيون، بلڪ عام ماڻھن لاءِ بہ ھاڃيڪار ھيون. پر جيئن تہ انھن ڳالھين جو سڌو واسطو سان ھو، تنھن ڪري انھن کان سخت نفرت ڪري رھيو ھو. سندس چوڻ ھو تہ ”مان مٿن سوڀ حاصل ڪرڻ چاھيان ٿو. منھنجي بہ خواھش آھي تہ سنڌ جي حڪومت ڀلي اڳي جيان ٽالپرن کي ملي. ڇڏ منڊي کي واري ۾. ھڪ سال اندر انگريزن جي فوج ڪڍو تہ سارو ملڪ کنا کيڙا ٿي ويندو. ھو ملڪ جو غريب مھاڏي ڏيڻ کان اڳ ئي ڪٽجي ڪڻا ٿي ويندو آھي. سنڌ جي غريب اڃا ھاڻي سک جو ساھھ کنيو ھو. رکي سکي مانيءَ جا ٻہ گرھھ بہ ھاڻي مس کين نصيب ٿيا ھئا. پگھارون بہ کين اڃا ھاڻي تہ ملڻ شروع ٿيون ھيون. شاھوڪار تي اڳئي شاھوڪار ھو، ھاڻي تہ ويتر شاھوڪار ٿي ويو آھي. کين پڪ آھي کانئن ڪيي ڪونہ ڦريندو لٽيندو. واپاري ماڻھن کي سرڪار جو تحفظ حاصل آھي. ڍل ۽ محصول بہ تمام گھٽ ورتو پيو وڃي. تنھن ڪري ھرڪو خوش آھي. اھڙي مڪمل امن امان لاءِ ويھھ ھزار فوج ۽ ٻيا رسد گاھھ جا ماڻھو آھن جيڪي پگھارون وٺندا آھن. سنڌ جي پيداوار جو ڪجهہ حصو ھنن تي خرچ ٿيندو آھي. ڀلي سنڌ ميرن جي حوالي ڪيو. ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھھ ھوندا. غريبن کي پورو تہ تمام گھڻو ملندو پر اجوري کان آڱوٺو ھوندو. انصاف جا وڻ وڍجي ويندا. ڌن وارن کان ڌن ڦرجي ڪنھن ٻئي خزاني ۾ جمع ٿيندو. جاگيرون بہ انھن کي ملنديون، جن مان ٽالپر حڪمران خوش ھوندو. جنھن لاءِ ڪنھن بہ قسم جو اصول ۽ قانون ڪونہ ھوندو. واپارين کي وري نپوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ڍل ۽ محصول ڳاٽي ڀڳا ھوندا ۽ ڌڙ سسيءَ کان ڌار ڪرڻ اخلاقيات سمجھي ويندي.“
سنڌ جي حڪومت ٽالپرن کي موٽائي ڏني ٿي ڃي يا نہ ٿي ڏني وڃي، تنھن جي ڪل تہ ڪنھن کي بہ ڪانہ آھي، پر ھندستان جي حڪومت تہ تبديل ٿي چڪي آھي. لارڊ رپن وڃڻ وقت سر چارلس کي يقين ڏياريو ھو تہ جيڪو ڪجهہ ھن ڪيو آھي تنھن کي ھن منظور ڪري ڇڏيو آھي. ھن پنھنجي راءِ جو اظھار ڪندي چيو ھو تہ سر چارلس جيڪي تڪليفون ڪيون آھن ۽ جيڪا بہ محنت ڪئي ھئي، تنھن کي ھن تسليم ڪيو ھو ۽ سندس شڪريو ادا ڪيو ھو. وڌيڪ اھو بہ چيو ھئائين تھ، ھن جيڪي عوامي خدمتون سرانجام ڏنيون آھن سي تعريف جوڳيون آھن.“
ھي لفظ ان ماڻھوءَ جي واتان چيا ويا آھن، جنھن ھميشه سر چارلس جي دشمنن جي مدد ڪئي ھئي ۽ ھر گھڙيءَ انھن جي ھمت افزائي ڪئي ھئي ۽ سندس انھن ڪمن کي نديندو رھندو ھو، جن جي ھو ھاڻ ساراھھ ڪري رھيو آھي. معلوم ائين ٿي رھيو آھي تہ لارڊ رپن پنھنجو ھر ڪم ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي حڪمن مطابق ڪندو رھيو ھو. سر چارلس سندس خط جو جواب ھن ريت لکيو آھي:
”مون کي اوھان جو خط مليو، جيڪو اوھان جولاءِ ۾ لکيو ھو. ان لاءِ مان اوھان جو شڪريو ادا ڪندي ڄڻ فخر محسوس ڪري رھيو آھيان. اوھان مون ڏانھن ھي خط لکي صحيح احساسن واري ماڻھوءَ کي، مايوسين جي اوڙاھھ ۾ اڇلي ڇڏيو آھي. توھان پنھنجي خانگي خط ۾ ڏاڍي رحمدليءَ جو اظھار ڪيو آھي، تنھن لاءِ اوھان جو احسانمند آھيان. پر اوھان جڏھن بورڊ آف ڪائونسل جا پريزيڊنٽ ھئا تھ، مان اوھان کي انصاف ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي ھئي. پر اوھان کتو جواب ڏئي ڇڏيو ھو. اوھان انھن مشڪلاتن جو ذڪر ڪيو آھي جن کي مان سنڌ ۾ منھن ڏئي رھيو آھيان. پر مان جيڪي سڀ کان وڌيڪ روحاني اذيت ڏٺي ۽ سٺي آھي سا تہ ڏني ئي اوھان آھي جنھن جو تعلق ميجر آئوٽرام سان آھي پر مان پنھنجي دل تي پٿر رکي توھان جي ھر حڪم کي اکين تي رکيو. اھڙو حڪم خاموش رھڻ جو ھو، جيڪو مون ڏانھن ۽ ميجر آئوٽرام ڏانھن لکيل ھو. مان تہ ماٺ رھيس، پر ان ميجر کي ھر ڳالھہ ڪرڻ جي ھشي مليل ھئي ۽ اوھان جي خاموش رھڻ ڪري،ھن کي سرڪاري اخبارن ۾ مون کي بدنام ڪرڻ ڄڻ تہ ٽيڪ ملي وئي ھئي. ان کان سواءِ ھن ھڪ ڪتاب[1] ۾ مون کي گھڻو بدنام ڪيو ھو. مون کي سر ھينري ھارڊنج ٻڌايو آھي تہ توھان اڄ کان گھڻو اڳ اھو پڪو پھھ ڪري چڪا ھئا تہ سرڪار منھنجي ڪنھن بہ قسم جي مدد نہ ڪري.
”منھنجا سائين، مونکي ھيءَ گستاخي بہ معاف ڪندا تہ جيڪڏھن منھنجي سنڌ ۾ ھلت چلت مھاراڻي، پارليامينٽ، بورڊ آف ڊائريڪٽرس ۽ اوھان جي مرضيءَ مطابق ھجي تہ ان کي عزت ۽ احترام جي نظرن سان ڏسڻ گھرجي پر پوءِ بہ مون کي اوھان وٽان بي انصافي کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ پلئھ ڪونہ پيوس.“
سر چارلس خط ۾ لارڊ رپن کي ڇنڊ تہ پٽي ھئي، پر کيس اھو بہ پتو پئجي ويو ھو تہ ھن جي بدليءَ ڪري سندس جاءِ تي ممبئي طرفان ڪو سول اعلى عملدار مقرر ڪيو پيو وڇي. ان کان سواءِ کيس ھيءَ معلومات پڻ ملي ھئي، تہ لارڊ رپن جي جڳھھ تي سر جان ھوڊ ھائوس گورنر جنرل مقرر ٿي آيو آھي. ھن کيس ترت معلومات ڏيڻ لاءِ ھڪ خط لکيو ھو. انھيءَ لاءِ جيئن ھن کي حقيقت کان آگاھھ ڪري سگھجي. تنھن ڪري ھن ڏانھس ھڪ يادداشت نامو موڪليو ھو. جيڪو ھن ڪم ڪار جي گھڻائي ھوندي بہ ٻہ ٽي ڪلاڪ ڪڍي لکي ورتو ھو. جنھن ۾ ھن پنھنجي حڪومت جو نقطئھ نظر پيش ڪيو ھو. سندس ھن ياداشت نامي مان سر چارلس جي ذھانت ۽ سوچ فڪر جو سولائيءَ سان پتو پئجي سگھي ٿو.
”ماڻھن جي حالت:
سنڌ جا ماڻھو جھنگلي ۽ اڻ پڙھيل آھن. جھيڙاڪار بہ چوٽ جا آھن. سندس تعلق ھڪ معزز نسل سان آھي. پر ھيءَ ھڪ اھڙي قوم آھي جنھن کي قوميت جو ڪو احساس ڪونہ آھي. جيڪڏھن اھڙن ماڻھن کي قوم سڏي سگھجي ٿو تہ پوءِ ھي ماڻھو ضرور ھڪ قوم آھن. ھي ماڻھو مختلف قبيلن ۾ ورھايل آھن. جن مان ڪي قبيلا ڳوٺ ٻڌي ھڪ جاءِ تي ويھي رھيا آھن. جڏھن تہ ڪجهہ قبيلا لاڏائو آھن. سندن ڌنڌو ڌاڙا ھڻڻ ۽ ماڻھن کي قتل ڪرڻ آھي. جيڪڏھن اھو ڪم سندن ڌنڌو آھي تہ اھي ماڻھو ان ڌنڌي کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونہ ڄاڻندا آھن. اھا ڳالھہ فقط ايتري ڪانہ آھي، ڇاڪاڻ تہ ٽالپر حڪمرانن وٽ ڪو قانون تہ موجود ڪونہ آھي. تنھن ڪري ھنن ماڻھن مان ھر ڪو ڇڙواڳ آھي ۽ کين جيڪو وڻندو آھي، سو ڪري ڇڏيندا آھن. ھنن ماڻھن جي ڦرلٽ ۽ ڌاڙن ھڻڻ وارن ڪمن ۾ ٽالپر پاڻ بہ شريڪ ھوندا ھئا. ھتي ڪجهہ اصول ضرور موجود ھئا، جيڪي ھڪ غلط تاثر جي پيداوار ھئا جن کي قانون سڏڻ ڄڻ قانون کي گار ڏيڻ ھو. اھڙيءَ ريت اھو قانون بلوچن، سنڌين ۽ ھندن لاءِ الڳ الڳ ھوندو ھو. ھنن ٽنھي سماجن مان بلوچ مسلمان آھن. فتح تائين اھي ماڻھو سنڌ جي اڇي ڪاري جا مالڪ ھئا. باقي ٻن سماجن جا ماڻھو سندن غلام ھئا. بلوچ نسل جا ماڻھو سنڌين کي نيچ سمجھندا ھئا جيڪي سندن غلام ھئا. اھا بلوچن جي مرضي ھوندي ھئي تہ سنڌين کي جيئرو رھڻ ڏين يا قتل ڪري ڇڏن ۽ بلوچ پنھنجي ھن طاقت کي ڏاڍيءَ سخاوت سان ڪتب آڻيندا ھئا. حقيقت اھا آھي تہ ھتي انڌير ننگري ۽ چرٻٽ راجا ھو. ھر قبيلي کي بچاءَ ڪرڻ جو ھڪ نرالو طريقو ھوندو ھو. جنھن جو ھيٺ بيان ڪجي ٿو:
مثال طور ”الف“ نالي ھڪ قبيلو آھي جيڪو بک کان ڇتو ٿي، ”ب“ نالي ھڪ قبيلي کي ڦري لٽي ناس ڪري ويو. پر مختلف حالتن مطابق ماٺ رھيو. ليڪن مناسب موقعو آيو تہ قبيلي ”ب“ وڃي قبيلي ”الف“ کي چيو تہ تون اسان کي ڦري لٽي تباھہ ڪري ڇڏيو، اھو ڏوھھ اسان توکي ھن شرط سان معاف ڪنداسون تہ تون اسان جي مدد ڪر تہ گڏجي قبيلي ”ث“ کي ڦريون لٽيون. اھڙيءَ ريت ٽئين قبيلي کي ڦرڻ لاءِ انھن (ٻن) دشمن قبيلن ۾ ٺاھھ ٿي ويندو آھي. ان کانسواءِ ھي قبيلا زبردستي قرض کڻندا ھئا. يعني ھو تلوار کڻي وڃي ھڪ ھندوءَ مٿان بيھندا ھئا تہ ھيترا يا ھيتر ھزار قرض ڏي، نہ تہ قتل ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وڃ. اھڙيءَ ريت جيڪڏھن قبيلائي ڦرلٽ دوران ڪو تجارتي قافلو گذرندو تہ ان جا مسافر جيڪڏھن قضا سان قتل ٿيڻ کان بچي ويا تہ کين ڪير ڦرلٽ کان بچائي ڪونہ سگھندو آھي. ڪي قبيلا قافلن کان راھداري جو ڀتو وصول ڪندا آھن ۽ جيڪو قافلو اھڙو ڀتو ادا نہ ڪندو آھي تہ سلامتيءَ سان گذري ڪونہ سگھندو آھي. جن علائقن ۾ قافلا ڀتي جي ادائگي ڪندا آھن تہ اتي جا رھندڙ ڪنھن بہ شيءِ جا محتاج ڪونہ ھوندا آھن. ھنن قبيلن جو وڏي ۾ وڏو سردار بہ ھڪ تڏي جي ڇانو ۾ آرام سان ستو پيو ھوندو آھي. جيڪي وڻن مان ڪپيل اڻ گھڙئي ڪاٺ جي آڌار تي رکيل ھوندا آھن. اھا بہ حقيقت آھي تہ دولتمند ھندن کي شھرن ۾ گھر ھوندا آھن. جيڪي ڪچا ۽ ڏسڻ ۾ بہ نہ جھڙا ۽ بي ڊولا ھوندا آھن. اھي صرف ڏيکارڻ لاءِ ھوندا آھن تہ جيئن اھي ھندو غريب لڳن. ڇاڪاڻ تہ ٽالپر حڪمران شاھوڪار ھندن کان تلوار جي زور تي قرض وٺندا آھن. جيڪو وري موٽائي ڪونہ ڏيندا آھن. اسان لاءِ اھو طريقو بہ ڌاڙي ۾ شمار ٿيندو آھي، پر ھتان جي ٽالپرن لاءِ ھڪ عام رواجي ڳالھہ آھي. زبردستيءَ ورتو ويندڙ قرض کڻي ڪيترو بہ وڏو ھجي پر ھندوءَ کي ٻڙڪ بہ ٻاھر ڪڍڻي ڪانہ آھي ۽ نہ وري اھڙن ڌاڙيل قبيلن لاءِ ڪنھن کي ڪجهہ چوڻو آھي. ھتي ھڪ قبيلو ٻئي مان شادي ڪري ڪونہ سگھندو آھي، انھيءَ مقصد سان تہ جيئن نسل خالص رھي.
جيتري قدر قتل جو سوال آھي تہ ان لاءِ ڪوبہ قانون ڪونہ آھي. جنھن تي سوچي سمجھي ۽ پابنديءَ سان عمل بہ ڪيو ويندو آھي. جيڪڏھن ھڪ قبيلي جو مرد ٻئي قبيلي جي عورت سان ڏاڍائي ڪري ٿو تہ ٻنھي کي ڪارو سمجھي قتل ڪيو ويندو آھي. ان کان پوءِ انھن ٻنھي قبيلن ۾ دشمني پيدا ٿي پوندي آھي ۽ ٺاھھ ٿيڻ تائين ٻنھي قبيلن جا ڪيترا ئي ماڻھو قتل ٿي چڪا ھوندا آھن.
جيڪڏھن ”الف“ قبيلي جي مرد ”ب“ قبيلي جي عورت سان جنسي ڏاڍائي ڪئي آھي، جنھن دوران عورت کي ڪاري ڪري قتل ڪيو ويو آھي پر مرد بچي ويو آھي. ان کان پوءِ ٻنھي قبيلن ۾ جھيڙي جي ابتدا ٿي ويندي آھي. ان قبيلي جي ماڻھوءَ جي جرم ڪري عورت قتل ٿي وئي آھي. پر جيڪڏھن ”الف“ قبيلي جو ڪوبہ ماڻھو ”ب“ قبيلي وارن قتل ڪري ڇڏيو تہ ٻنھي قبيلن ۾ ٺاھ ٿي سگھي ٿو.
جيڪڏھن ڏوھي قبيلي جو ڪوبہ ماڻھو ھن قسم جي دشمنيءَ ۾ قتل ٿي ويندو آھي، ان جي ڪٽنب جا ماڻھو ڪنھن قسم جو اعتراض نہ ڪندا آھن، تہ پوءِ اھو ماڻھو ان جرم جو ڏوھي ھجي يا نہ ھجي ۽ اھڙيءَ ڳالھہ کي انصاف سمجھيو ويندو آھي. پر قاتل کي ڳجھيءَ ريت تاڙ ۾ رکيو ويندو آھي. پوءِ ان ماڻھو يا ان جي ڪٽنب جي ڪنھن ماڻھوءَ کي پلاند ۾ قتل ڪيو ويندو آھي ۽ جيستائين ٻنھي قبيلن ۾ قتل ٿيل ماڻھن جو تعداد ھڪ جيترو نہ ٿيندو آھي تہ اھڙيون ڪارروايون ورھين تائين جاري رھنديون آھن. اھڙيون قبيلائي دشمنيون ھر الزام کان آزاد ھونديون آھن ۽ جيڪڏھن ماڻھو مخالف ڌر جو پلاند ۾ قتل نہ ڪندو آھي تہ ان کي بي غيرت سمجھيو ويندو آھي. اھڙيون دشمنيون ڪيترين پيڙھين تائين ھلنديون رھنديون آھن. دشمني جو اھڙو مثال برفت نومڙين ۽ چولا نومرين جي وچ ۾ پيدا ٿيو ھو. پھرين ذات وارا انگريز سرڪار جي رعيت آھن. جڏھن تہ ٻي ذات، انگريز سرڪاري جي پاڙيسري آھي. کين خبر ھئي تہ مان کين وڙھڻ ڪونہ ڏيندس. تنھن ڪري ھنن ٻنھي ڌرين مون کي امين بڻايو ھو. حقيقت اھا آھي تہ ھي ٻئي ڌريون ھڪ نسل سان واسطو رکن ٿا. پر اٽڪل ھڪ صدي اڳ ھو ھڪ ٻئي کان ڇڄي ڌار ٿيا آھن. سندن دشمني ان دور کان وٺي لڳاتار ھلندي پئي اچي. مان سندن ٺاھھ ڪرايو. ٻنھي ڌرين منھجي روبرو ھڪ ٻئي کي ڀاڪر پاتو ۽ کير کنڊ ٿي ويا. فيصلي مطابق چولا نومبڙين اڳتي وٺي برفت قبيلي جي سردار کي وڃي ڀاڪر پاتو جيڪو ٻنھي قبيلن جو سردار ھو. مان ٺاھھ ڪرائڻ مھل کين چيو ھو تہ ”منھنجي تلوار ھنن جي تلوارن کان وڌيڪ تيز آھي تنھن ڪري جيڪو حڪم مان ڪريان ٿو تنھن تي ضرور عمل ڪيو وڃي.“ جڏھن ھن قسم جا فيصلا ٿيندا آھن تہ قاتل ڌر جو مجرم مقتول ڌر جي ان ماڻھو کي ڀيڻ يا ڌيءُ جو سڱ ڏيندو آھي، جيڪو مقتول جو ويجھو مائٽ ھوندو آھي. مون کي اھا خبر ھئي تہ مقتول جي ڌيءُ قاتل کي ڏني وئي ھئي. ھتان جي ڇوڪريءَ لاءِ اھا ڪا وڏي ڳالھہ ڪانہ ھوندي آھي پر اسان جي معاشري لاءِ اھا منفرد ڳالھہ آھي.
اھڙيءَ دشمني جي شروع ٿيڻ سان مقتولن جو حساب ڪتاب رکيو ويندو آھي. جيستائين ٻنھي ڌرين جي مقتولن جو تعداد ھڪ جيترو نہ ٿيندو آھي تيستائين ٻنھي ڌرين ۾ ٺاھھ ٿي ڪونہ سگھندو آھي، پر ڪڏھن مقتولن جي حساب ڪتاب ۾ سنمک ٿيڻ کان پوءِ بہ صلح ٿي ڪونہ سگھندو آھي. ھن قسم جي حساب ڪتاب ۾ انھن زخمن کي شمار ڪيو ڪونہ ويندو آھي، جو گھايل ماڻھو مرندو ڪونہ آھي. قتل جي معنى آھي مقابلي ۾ دشمن کي اڦٽ مارڻ. اسان ۾ بہ مقابلي ۾ مارڻ جي روايت آھي، جنھن کي قانوني تحفظ حاصل آھي. ٻنھي رواجن ۾ ڪنھن خاص قسم جو فرق بہ ڪونہ آھي. ٽالپرن جي زماني ڪنھن بہ قسم جو قانون ڪونہ ھو، نہ وري ڪو ٻيو تحفظ ھو. تنھن ڪري ڌاڙن ۽ قتلن کي اھڙي قسم جي قانون سان تحفظ ڏئي ڪونہ ٿو سگھجي.
چوريءَ چڪاريءَ جو ھتي نالو بہ موجود ڪونہ آھي. پر وڏن شھرن ۾ اھڙي ھٿ ڇوھائي موجود ڏسڻ ۾ اچي ٿي. فوجي ڇانوڻيءَ ۾ چوريءَ جا ھلڪا سلڪا واقعا ٿيندا آھن. اھڙا ڏوھھ ممبئي جي ھيٺيئن طبقي جا ماڻھو ڪندا آھن، جيڪي فوج ۾ شامل آھن.
ھن نسل جي ماڻھن ۾ مٿي بيان ڪيل قسم جي تقسيم آھي جنھن ڪري اھو اڃا تائين ھڪ قوم بڻجي ڪونہ سگھيا آھن. ھنن قبائلي جو اڳين حڪمرانن سان بہ ڪو اصلي لاڳاپو ڪونہ ھو. مان ھتي آيو ھوس سڀ کريون خبرون پئجي چڪيون ھيون. فتح کان پوءِ مان سڀني جاگيردارن کي اھي جاگيرون واپس ڪيون جيڪي وٽن مياڻيءَ واري جنگ کان اڳ ھيون ۽ انھن جاگيرن تي سندن مستقل حق تسليم ڪيو ويو جيڪو ٽالپر دور ۾ کين مليل ڪونہ ھو. ان کان سواءِ مٿئين طبقي جي ماڻھن کي بہ اھڙا حق ڏنا ويا، جيڪي ميرن جي زماني ۾ کين مليل ڪونہ ھئا. مان مختلف ڪليڪٽرن کان اھڙي معلومات حاصل ڪندو رھندو آھيان تہ انھن جاگيردارن ۽ مٿين طبقي جي ماڻھن انگريز سرڪار لاءِ ڪھڙو نقطئھ نظر آھي. خاص ڪري حيدرآباد جي ڪليڪٽر ڪئپٽن رٿبورن کان بہ اھڙو حال احوال پڇندو آھيان. ھي ھڪ ذھين انگريز عملدار آھي.
حڪومت جو طريقو:
ھن قسم جي سرڪش ماڻھن مٿان راڄ ڪرڻ لاءِ حڪومت جو طريقو ھي آھي تہ مان مٿئين طبقي جي ماڻھن کي پنھنجون اصلي جاگيرون واپس ڪري ڇڏيون آھن. انھن مان ڪنھن بہ ماڻھوءَ جاگير وٺڻ کان انڪار بہ ڪونہ ڪيو ھو. ھي حڪمت عملي انھيءَ لاءِ اختيار ڪئي وئي آھي تہ جيئنءَ سندن اعتماد حاصل ڪري سگھجي. منھنجو ٻيو مقصد اھو ھو تہ ھتان جي اصلي رھاڪن سنڌي مسلمانن ۽ سنڌي ھندن کي بہ ڪجهہ اختيار ملڻ گھرجن. جيڪي ٽالپرن جا غلام ۽ رعيتي رھيا آھن. ھنن ماڻھن کي غلام تہ ڪونہ سڏيو ويندو آھي پر ھنن ماڻھن جا حال غلامن جھڙا آھن. ٽالپرن وٽ آفريڪا جا شيدي غلام ھئا. ھندستان سرڪار انھن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ھو، جيڪو ٽالپرن لاءِ پھريون ڪاپاري ڌڪ ھو. ان کانپوءِ ٻيو قدم اھو کنيو ويو ھو تہ غريب ماڻھن جو انگريز عملدارن ٽالپرن ۽ بلوچن خلاف ھر قسم جون شڪايتون ٻڌيون وڃن. ھنن قدمن کڻڻ ڪري اھو يقين ويھي ويو ھو تہ انگريز سرڪار ھر صورت ۾ غريبن کي انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪندي. اھڙيءَ طرح ٽيون قدم ھي کنيو ويو ھو تہ سردارن طرفان موت جي يا ٻي سزا ڏيڻ جا سڀ اختيار کسيا ويا ھئا ماڻھن کي مشورو ڏنو ويو ھو تہ ھو ھر ڪنھن بہ مجرم خلاف انگريز مئجسٽريٽ وٽ پڪارن، جيڪو انصاف ڪندو. ھي اھڙو قدم ھو جنھن وسيلي ھڪ سردار جي عزت ۽ وقار عام ماڻھوءَ جي نظر ۾ گھٽجي ويو ھو، چوٿون قدم اھو کنيو ويو ھو تہ چنگي محصول جي پراڻي ھندستاني طريقي کي ختم ڪيو ويو ھو. محنت کي وڪري لاءِ بازار ۾ آندو ھو. انھيءَ ڪري اجوري ۾ واڌ اچي وئي ھئي ۽ جا ڏھاڙي ٽي کان چار پينس ٿي وئي ھئي، نہ تہ ھن کان اڳ جبري پورھيو ھوندو ھو. جنھن جو معاوضو ڪونہ ڏنو ويندو ھو يا نالي ماتر اجورو ڏنو ويندو ھو. ھن جي ٻين نہ پر خود انگريزن مخالفت ڪئي ھئي. ھيءَ ڳالھہ ٻڌائيندي اچرج بہ ٿئي ٿو تہ ان قانون کي نافذ ڪرڻ ۾ اڃا تائين مڪمل سوڀارو نہ ٿيو آھيان. مان اھو بہ ٻڌو آھي تہ ھندستان جي ڪيترن علائقن ۾ محنت تي اڃا بہ محصول مڙھيو پيو وڃي. مون کي شخصي طور اھا خبر ئي ڪانہ ھئي تہ ھتي ويچاري پورھيت سان ايترو ڏاڍ ڏمر ٿي رھيو آھي. اھا ڳالھہ ٻڌي مون کي ويساھھ ئي ڪونہ پئي آيو. مان ھي سٺو قدم کڻي غريبن جي حالت سڌارڻ ۽ سندن احساسن اتساھن کي آڏ ۽ آڌر ڏني آھي. تنھن ڪري مون کي پڪ آھي تہ انگريز سرڪار سنڌ وري ٽالپرن حوالي ڪانہ ڪندي. جيڪڏھن کين سنڌ حوالي ڪئي وئي تہ ڇھن مھينن اندر رڌي پڪي ۾ پاڻي پئجي ويندو ۽ ساري ڌرتي رتو ڇاڻ ۾ ڳاڙھي ٿي ويندي.
مان سردارن کان سواءِ عام ماڻھن کي ھٿيار کڻي ھلڻ تي پابندي ھڻي ڇڏي آھي. منھنجو ھي حڪم بہ ائين تسليم ڪيو ويو ھو جيئن ٻيا اھڙا حڪم مڃيا ويا ھئا، جيڪي سردارن جي عزت ۽ احترام لاءِ منفي ھئا. جيڪڏھن مان ساڳي پابندي سردارن تي ھڻان ھا تہ سڀئي سردار مڙي مٺ ٿي وڃن ھا ۽ سڀئي ويڇا وساري منھنجي خلاف ناراضگيءَ جو اظھار ڪن ھا. پر مان لاٽ ڪوٽ کي ھٿيار کڻي گھمڻ کان منع ڪري رڳو سردارن کي موڪلي ڏني آھي. تنھن ڪري ھي ھمراھھ ھوا ۾ اڏامڻ شروع ٿي ويا آھن ۽ ڪنھن کي پاڻ جھڙو تہ سمجھن ئي ڪونہ ٿا. جيڪڏھن سردارن جي نوڪرن چاڪرن کي ھٿيارن پائڻ جي منع ڪئي وئي آھي تہ کين اھڙو احساس ڪونہ ٿيندو. پر جڏھن سردار کين ڪاوڙ ڏياريندا تہ انھن ھٿيارن جي عدم موجودگيءَ جو ضرور احساس ٿيندو ۽ جيڪڏھن انھن کي ڪاوڙ ايندي تہ انھن ھٿيارن کي پنھنجي نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻيندا. اھڙيءَ ريت منجھن سڀني حڪمن کي دل سان تسليم ڪيو ويو ھو. ھن کان اڳ سنڌي مسلمان ۽ ھندوءَ کي ھٿيار ٻڌي ھلڻ جي موڪل ڪانہ ھوندي ھئي. ھاڻي جڏھن بلوچ بہ بنا ھٿيارن گھمڻ لڳا تہ ھنن جي اھميت وڌي وئي ھئي. اھو ڏسي کين ڏاڍي خوشي ٿيندي ھئي تہ ھاڻي ظالم ماڻھو بہ ھنن وانگي بي ھٿيار ٿي ويا آھن. جيڪي اڳي مٿن ڪيس ۽ قھر ڪندا ھئا. يعني ھاڻي بلوچن کي ٽنگن کان جھلي ھيٺ آندو ويو آھي. جڏھن تہ سنڌي ھندن ۽ مسلمانن کي مٿي ڇڪيو ويو آھي ۽ سندن عزت افزائي ڪئي وئي آھي. ھاڻي بلوچ مٿن خنجر اولاري کين ڊيڄاري نہ سگھندا. اڳي تہ ٿوري گھڻي ڳالھہ تان تلوار جي مٺيئي ۾ کڻي ھٿ وجھندا ھئا ۽ وار ڪندي بہ دير ڪونہ ڪندا ھئا. کين آڪڙ ۽ وڏائي بہ ايڏي ھوندي ھئي جو سندن پير ڌرتيءَ تي تہ ڄڻ کپندو ئي ڪون ھو. ھاڻي لاوا لسا سڀ ھڪ جھڙا آھن. سنڌي بہ ايترو معزز ۽ شريف آھي جيترو بلوچ رئيس آھي، پر سنڌين کي اڃا بہ غلاميءَ جو احساس آھي ۽ اھو ڏاڍ جي ڊگھي دور جو نتيجو آھي. آزاديءَ کان پوءِ غلاميءَ جو احساس جلدي ۾ ختم ٿي ڪونہ سگھندو آھي، پر غلامي جي احساس جو مٿن اڃان بہ غلبو رھندو. ڇاڪاڻ تہ ڪن اياڻين اخبارن وٺي اجايا افواھھ اڏايا آھن تہ انگريز سرڪار سنڌ جي حڪومت ٽالپرن کي موٽائي ڏئي رھي آھي. اھڙيون خبرون ٻڌي ويچارن سنڌين جا تہ ڇيھھ ئي ڇڄي پيا آھن.
اڳئين ڪرسمس جي موقعي تي قيدي ٽالپرن وٽان خط پھتو ھو جنھن ۾ ھنن لکيو ھو تہ ھنن ڏانھن لارڊ آشلي خط ۾ ھي احوال موڪليو آھي تھ، کين سنڌ جي سرحد ڀرسان معزز شھرين وانگي رکيو ويندو. پر مون کي اھا خبر ڪانہ آھي تہ ھن قسم جي خط ۾ ڪھڙي قسم جو راز رکيل آھي. باقي ھن خط جو ٻڌي ھندو ھپاڻجي ويا آھن ۽ ڊڄ کان پنھنجا پئسا ڏوڪڙ مسقط ۽ ممبئيءَ ڏانھن موڪلي رھيا آھن ۽ سنڌ ڇڏي وڃڻ لاءِ واٽون نھاري رھيا آھن. اھڙو پھريون اطلاع وڏي رتبي واري ھڪ ٽالپر بہ موڪليو آھي، جيڪو قيدي ميرن سان گڏ آخري وقت تائين اسان سان وڙھندو رھيو ھو. مان بہ کيس پنھنجي خاندان سان ڏاڍو وفادار ڏسي، کيس پنھنجي اصل جاگير بہ موٽائي ڏني ھئي. ھيءُ اھو ماڻھو آھي جنھن اسان کي مياڻيءَ ۾ مڙسي سان مھاڏو ڏنو ھو. دٻي واري جنگ ۾ دليريءَ سان وڙھيو. ٿر ۾ بہ جڏھن ٻنھي ڌرين ۾ پاڻي ٿيو تہ ھن پنھنجي جوش ۽ جرئت جا جوھر ڏيکاريا ھئا، پر جڏھن شير محمد سنڌ ڇڏي ھليو ويو تہ ھي منھنجي پيرن ۾ پنھنجي تلوار رکي پيش پيو ھو. ھيءُ ھڪ ذھين انسان آھي. ھي اٿڻ ويھڻ ۽ ھلت چلت ۾ ڄڻ تہ انگريز ٿي ويو آھي. ڏسڻ ۾ بہ مھذب نظر اچي ٿو، زمين کي سڌارڻ ۾ لڳو پيو آھي. سندس چوڻ آھي تہ ھو تباھہ ٿي چڪو ھو ۽ ھن سان گڏ ٻيا ماڻھو بہ تباھہ ٿي چڪا ھئا. اھا ھڪ حقيقت آھي. جيڪڏھن قيدي مير ھتي آيا تہ اسان انھن سان گڏجي انگريزن خلاف بغاوت ڪنداسون. موٽ ۾ انگريز اسان کي تباھہ ڪري ڇڏيندا. خدا جي واسطي اوھان پنھنجي حڪومت کي ٻڌايو تہ اسان کي اڪيلو ڇڏي ڏين. اسان ڏاڍو خوش آھيون ۽ سکيا ستابا ٿي ويا آھيون. جيڪڏھن اوھان ٻين ٽالپرن کي اسان سان ملڻ جي موڪل ڏني تہ گڏجي انگريزن خلاف بغاوت ٿيندي. اھي مير اسان جا سردار آھن. انھن کي سنڌ جي سرحد وٽ رھائڻ سٺو ڪونہ آھي.
جيڪڏھن سچ ۾ مير سنڌ آيا تہ وڏي رتو ڇاڻ ٿيندي. اھو رت عام ماڻھن جو نہ پر سردارن جو ھوندو، جيڪي پنھنجي خاندان جي اڳئين عزت کي ڏسي گھڻو متاثر ٿيندا. ھن مير جي لکيل خط مطابق تہ ٽالپر تباھہ ٿي ويندا. سندس خط مان لڳي رھيو ھو تہ ھو ڏاڍو جذباتي آھي. ھن وڌيڪ لکيو ھو تہ پھرئين ڀيري سر چارلس کيس بھادر سمجھي وڏي عزت ڏني ھئي ۽ سمجھيو ھئائين تہ مان بہ ھڪ وفادار فوجي آھيان ۽ ڏکي وقت ۾ سندن تمام گھڻي مدد ڪري سگھان ٿو. ان کان پوءِ ھن مون کي نہ رڳو پنھنجي اصلي جاگير، پر ان کان بہ وڌيڪ ايراضي ڏني. پر جڏھن مان ھاڻي ھن جي خلاف جنگ ڪندس تہ مون کي غدار سمجھيو ويندو ۽ مون کان ساري جاگير کسي ويندي. ان کان پوءِ مان کيس پنھنجي جاگير موٽائي ڏيڻ لاءِ عرض بہ ڪري ڪونہ سگھندس.“ ھن اھڙيون ڳالھيون ڪئپٽن رٿبورن سان بہ ڪيون ھيون. ھي ٽالپر سردار ڏاڍو جذباتي پئي لڳو. ھن جڳ مان پاڻي جو گلاس ڀريو ۽ چيائين تہ ”اوھان انگريز ڏاڍا قديم انسان آھيو. اوھان سنڌ فتح ڪئي. اسان سان بہ سٺو برتاءُ ڪيو ۽ سنڌ سٺائيءَ سان ائين ڀريل آھي، جيئن ھي گلاس پاڻي سان ٽمٽار. پر اوھان اھو پاڻي پيئڻ بدران ھينءَ ھيٺ ھاري رھيا آھيو، ائين چئي ھن گلاس وارو پاڻي ھيٺ ھاري ڇڏيو. سندس اشارو ميرن جي واپس اچڻ ڏانھن ھو.
ھٿيار پائي ھلڻ کان منع سبب ماڻھن ۾ شرافت اچي وئي ھئي. انھيءَ ڪري قتل بہ گھٽجي ويا جيڪي اوچتيءَ ڪاوڙ ڪري ٿي پوندا ھئا. گرم موسم ۾ اھڙا واقعا گھڻا ٿيندا ھئا.
ڍل محصول جي وصوليءَ جو طريقو:
مان سنڌ کي وڏن ٽن ضلعن ۾ ورھايو آھي جن تي ٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيا ويا آھن. سندن سھائتا لاءِ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ ٻيو ماتحت عملو آھي. اھي عملدار انگريز آھن، ھي مئجسٽريٽ طور بہ ڪم ڪري رھيا آھن. پر سزا ڏيڻ لاءِ کين محدود اختيار ڏنا ويا آھن. ڍل محصول جي وصولي لاءِ وٽن اھو ساڳيو عملو آھي جيڪو ٽالپر دور ۾ ڪم ڪندو ھو. اخلاقي مجرمن کي سزا بہ اھو ھيٺيون عملو ڏيندو آھي. ٽالپر حڪمران سزا ڏيڻ جي معاملي ۾ ڪڏھن بہ دخل اندازي ڪونہ ڪندا ھئا. ليڪن ھنن جي نظر ۾ وڏي ۾ وڏو مجرم اھو ماڻھو ھوندو ھو، جيڪو سندن حڪم نہ مڃيندو ھو. اھڙن حڪمن جا مقصد فقط ٻہ ھئا ھڪ دولت گڏ ڪرڻ ۽ ٻيو زنا ڪاري. پوئين قسم جي ڏاڍ جو شڪار ماڻھن جو ھڪ خاص طبقو ھوندو ھو. پھرئين ڏاڍ، ڪيس ۽ قھر جا درواز کولي ڇڏيا ھئا. بي انصافي ۽ اذيتن ساري ملڪ کي اجاڙي ڀينگ ڪري ڇڏيو آھي. اھڙي ڏاڍ ڏمر لاءِ ڪاردارن جا رسا نڪتل ھوندا ھئا. ھر ڳوٺ جو الڳ ڪاردار ھوندو ھو. جنھن جو ڪم ڍل محصول اوڳاڙڻ ھو، جيڪو ڳوٺ جو چڱو مڙس بہ ھوندو ھو. ٻين عملدارن کي ’ان بردار‘ سڏيو ويندو ھو جن جو منصبي فرض حڪمرانن جي حصي جو اناج سنڀالڻ ھوندو ھو. ھو ’ڪاردار‘ ۽ ’ان بردار‘ وٽ ڌار ڌار عملو ھوندو ھو. جيڪو سندن حڪمن جي پوئواري ڪندو ھو. اھڙا حڪم ڪھڙا ھئا، تنھن جو سارو دارومدار ڪاردار جي شخصيت تي ھوندو ھو. جن مان عام طور ھي حقيقتون ظاھر ٿينديون ھيون: جڏھن اناج جو اگھھ چوٽ تي چڙھيل ھوندو ھو تہ ٽالپر کين حڪم ڪندا ھئا تہ ھنن جو اناج بازار واري اگھھ کان سھانگو وڪرو ڪيو وڃي. ڪاردار ۽ ان بردار اھي ساڳيا حڪم وري پنھنجي ماتحت عملي کي ڏيندا ھئا. کين اھو بہ حڪم ھوندو ھو تہ اھي پئسا وٺي، بنا دير سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايا وڃن. ڪاردار ساري علائقي جي دولتمند واپارين کي سڏي ھڪ جاءِ تي گڏ ڪندا ھئا. کين چيو ويندو ھو تہ ٽالپرن جو اناج بازار جي اگھھ کان مھانگو خريد ڪن ۽ پئسا بہ اک ڇنڀ ۾ ادا ڪيا وڃن. واپارين کي ھن اناج جي خريديءَ مان ڪنھن بہ قسم جو فائدو ڪونہ ھوندو ھو. جيڪڏھن ڪو واپاري اھڙي مھانگي اناج کي خريدڻ کان انڪار ڪندو ھو تہ کيس ڪام ۾ ابتو ٽنگيو ويندو ھو. ان کان پوءِ لوھھ جي سيخ گرم ڪري سندس سٿرن جي وچ تي رکي ويندي ھئي. ٽالپرن جي محصول گڏ ڪرڻ جو طريقو اھو ھو. ساڳيءَ ريت زميندارن کي مھانگو اناج ڏنو ويندو ھو. جيڪي وري ورھائي رعيتي (سنڌي) ملاحن ۽ پورھيتن کي ڏيندا ھئا. ھي ماڻھو مسڪين ۽ ڪنگال ھوندا ھئا. جيڪي لس لنگھڻ تي ويٺا ھوندا ھئا. جيڪڏھن اھي ماڻھو مذڪوره مھانگي اناج کي وٺڻ کان انڪار ڪندا ھئا تہ اھي بہ لوھھ جي گرم سيخن جي ڏنڀن کان بچي ڪونہ سگھندا ھئا. اھو مھانگو اناج ڪاردارن کي بہ ڏنو ويندو ھو. جيڪي پاڻ ڪڇي ڪونہ سگھندا ھئا، پر وٽن اھڙا موقعا ضرور ھئا جو اھي پنھنجي ڀڀ ڀرڻ لاءِ بہ جبري وصولي ڪندا ھئا. مان انھن ڪاردارن ۽ ان بردارن کي مئجسٽريٽن جي عملي ۾ شامل ڪري ڇڏيو آھي. جن جو ڪم انھن ماڻھن جي نالن جون فھرستون جوڙڻ آھي. جيڪي فتح جي فائدي ۾ آھن. ھي ماڻھو ابتدائي دور ۾ انگريز عملدارن کي ڦري وٺندا ھئا. جن کي ھتان جي محصول جي وصوليءَ جي طريقي جي خبر ڪانہ ھوندي ھئي. ھاڻي تہ ڪليڪٽر سندن ساري ڪم کي سمجھي ويا آھن. ھي ماڻھو فوجي طريقي سان اٿندا ويھندا آھن. کين ماڻھن کي سمجھڻ جو وسيع تجربو بہ آھي. تنھن ڪري ھنن اھڙي ڪم کي منظم طريقي سان ھلائڻ شروع ڪيو آھي. ماڻھو محنتي آھن. سندن ڪوشش ڪري پيداوار ۾ حيرت انگيز اضافو ٿيو آھي. ڪليڪٽر ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر ڊائري لکندا آھن. جيڪي ھفتيوار مون ڏانھن موڪليون وينديون آھن. تنھن ڪري مون کي پتو پئجي ويندو آھي تہ ھر ضلعي ۾ ڇا ٿي رھيو آھي. اھي ڊائريون حڪومت جو سيڪريٽر ڪئپٽن برائون مون کي پڙھي ٻڌائيندو آھي، جيڪو ڏاڍو ذھين انسان آھي. مان ھن وٽان گھڻيون ڳالھيون سکيون آھن. تنھن ڪري ھي ماڻھو منھنجو ماتحت نہ پر ھڪ مددگار دوست آھي.
پوليس:
ھي ماڻھو انھيءَ مقصد سان رکيا ويا آھن تہ جيئن ملڪ جو امن امان قائم ڪري سگھجي. ٻيو مقصد اھو بہ آھي تہ جيئن فوج کي منفرد حيثيت ملڻ گھرجي. جيڪڏھن فوج کان پوليس وارو ڪم وٺبو تہ عام ماڻھن سان رلي ملي ويندي. انھيءَ اسان جي طاقت جو خوف ماڻھن جي دلين مان نڪري ويندو. انھيءَ مقصد سان مان ٻہ ھزار چار سو پوليس وارا مقرر ڪا آھن. جيڪي ھٿياربند آھن. کين ڊرل جي سکيا بہ ڏني وئي آھي. ھنن کي ٽن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آھي. جن مان ھڪ حصو شھرن ۾ ڪم ڪندو. باقي ٻہ حصا ٻھراڙيءَ ۾ پنھنجو منصبي فرض ادا ڪندا. پھريون حصو پيادل ھوندو. باقي رھندڙ ٻن حصن جي پوليس پيادل بہ ھوندي ۽ گھوڙيسوار بہ ھوندي. ھنن کي ٻھراڙيءَ جي پوليس سڏيو ويندو. اھي ڪم تہ ڪليڪٽر جي چوڻ مطابق ڪندا.، پر سندن اعلى عملدار جدا ھوندو. اھڙي ريت پوليس کي ڪاردارن مٿان نظرداري ڪرڻ جو ڪم بہ سونپيو ويو آھي. جڏھن کين معلوم ٿيندو تہ ڪاردار ۽ ان بردار ڪنھن معاملي ۾ ٺڳي ڪري رھيا آھن تہ اھڙو اطلاع اسان کي ڏنو ويندو. پر جيڪڏھن پوليس وارا غلطي ڪندا تہ ڪاردار، ان بردار ۽ زميندار اسان کي ٻڌائيندا تہ اھي منصبي فرض کان لاپرواھھ ٿي ويا آھن. اھڙيءَ ريت اھي ٻئي ڌريون ھڪ ٻئي تي نظر رکنديون آھن. اھي ٻئي کاتا غريبن جي واھر ڪندا آھن. پر ھنن کي انسان ذات سمجھي ھمدردي ڪانہ ڪندا آھن، پر کانئن نفرت ڪندا آھن. ھنن ٻنھي کاتن جي قيام جو مقصد سرڪار جي پيداوار وڌائڻ آھي. جڏھن تہ ھاڻي غريب ماڻھو ھنن ٻنھي کاتن جي عملدارن کي پنھنجو تحفظ سمجھندا آھن. جڏھن پوليس غريب رعيتي ماڻھوءَ لاءِ آزار بڻجي ويندي آھي تہ ھو وڃي ڪاردار وٽ دانھيندو آھي ۽ جڏھن رعيتي ماڻھو ڪاردار جي ظلم جو شڪار ٿيندا آھن، تہ پوليس وٽ شڪايت ڪندا آھن. اھي پوليس وارا ۽ ڪاردار سنڌ جي ڪليڪٽرن ۽ منھنجي لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويا آھن. ڪليڪٽرن ۽ ڊپٽي ڪليڪٽرن جي مدد لاءِ سب ڪليڪٽر مقرر ڪيا ويا آھن. کين ايترا اختيار ڪونہ آھن جو پنھنجي ماتحت عملي جا معاملا نبيري سگھن. پر اھو انتظام ٿوري وقت لاءِ ڪيو ويو آھي. اسان وٽ ڪيترائي سياڻيا ۽ سچيت ماڻھو آھن جيڪي پنھنجا منصبي فرض ڏاڍي بھتر طريقي سان سرانجام ڪري سگھن ٿا. پوليس نہ رڳو چور جھلڻ جو ڪم ڪندي آھي پر ضرورت پوڻ تي فوج وارو ڪم بہ ڪندي آھي. ھنن ماڻھن مقرر ٿيڻ سان وڃي ڌاڙيلن سان منھن ڏنو ھو، جن کي ھنن ماري ڀڄائي ڇڏيو ھو. پر ھاڻي اھڙا ڌاڙيل موجود ڪونہ آھن.
عدالتي کاتو:
عدل ۽ انصاف کي قائم رکڻ لاءِ ھڪ جج، ائڊووڪيٽ جنرل مقرر ڪيو ويو آھي جيڪو پنھنجي ڪم ۽ تجربي ڪري ھن شعبي جو ماھر آھي. کيس فوجي قانون جي بہ ڄاڻ آھي. جنھن کي لارڊ ايلنبرو پاڻ موڪليو ھو. سندس نالو ڪئپٽن ڪيٿ ينگ آھي، جيڪو ڏاڍو سنجيده، سچو ۽ بردبار ماڻھو آھي. ھي ماڻھو پنھنجي ھن عھدي تي ڏاڍو سٺو لڳي رھيو آھي. ھن جي مدد لاءِ ٻہ ٻيا عملدار مقرر ڪيا ويا آھن. جن مان ھڪ حيدرآباد ۾ ۽ ٻيو شڪارپور ۾ ڪم ڪري رھيو آھي. ھر ضلعي جا مئجسٽريٽ انھن فوجداري معاملن جون رپورٽون جج، ايڊووڪيٽ جنرل ڏانھن موڪليندا آھن، جن جي نبيرڻ جو اختيار وٽن ھوندو ھو. قتل ۽ ڌاڙن جھڙن وڏن ڏوھن جون ابتدائي ٻڌڻيون مئجسٽريٽ ڪندا آھن ۽ قسم تي شاھديون قلم بند ڪري سارو معاملو جج ايڊووڪيٽ جنرل ڏانھن موڪليو ويندو آھي. جيڪو وري فيصلي لاءِ گورنر ڏانھن روانو ڪندو آھي. گورنر جنرل جڏھن مناسب سمجھندو آھي تہ اھو معاملو ملٽري ڪميشن لاءِ موڪليندو آھي، جنھن ۾ ھڪ فيلڊ آفيسر ۽ ٻہ ڪئپٽن ھوندا آھن. پر جيڪڏھن ائين فوجي عملدار موجود ڪونہ ھوندا آھن. اھڙي ڪم لاءِ اھڙي سب آلٽرن کي مقرر ڪيو ويندو آھي. جنھن جي ملازمت ستن سالن کان گھٽ نہ ھوندي آھي. اھڙي معاملي جي ڪارروائي ڊپٽي جج ايڊووڪيٽ جنرل ھلائيندو آھي. گورنر اھڙي فيصلي کي بحال ڪندو آھي ۽ تعميل جو حڪم جاري ڪندو آھي. جيڪڏھن ڪورٽ ۽ جج، ايڊووڪيٽ جنرل جي فيصلي ۾ اختلاف ھوندو آھي تہ ان صورت ۾ گورنر جو فيصلو آخري سمجھيو ويندو آھي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو انصاف جا معاملا جلدي اڪلائي سگھجن ٿا. ان لاءِ مان يقين وارو ماحول پيدا ڪندو آھيان پر پوءِ بہ انصاف ايترو جلدي ڪونہ ٿو ملي جيترو ھجڻ کپي. منھنجي اھا بہ مرضي آھي تہ مجرم کي انصاف ڏيڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ٽي ڪورٽون ھجڻ گھرجن. جن معاملن تي مون کي فيصلو ڏيڻو ھوندو آھي. تن جو مان نھايت گھرائيءَ سان مطالبو ڪندو آھيان، پر جن معاملن جو فيصلو ڦاسي يا ڪا ٻي سخت سزا ھوندي آھي تہ ان جو وڌيڪ گھرائي سان مطالعو ڪندو آھيان. اھڙي سزا ڏيڻ لاءِ مان ٻن کان ست ڏينھن ويچاريندو رھندو آھيان. ننڍا معاملا ڊپٽي ڪليڪٽر تڪڙ ۾ ھلائي، مٿي ڪليڪٽر ڏانھن موڪليندا آھن. جيڪو ڊپٽي ڪليڪٽر جي ڏنل سزا بحال يا رد ڪندو آھي. پر ٻنھي حالتن ۾ اھو معاملو جج، ايڊووڪيٽ جنرل ڏانھن موڪليو ويندو آھي. ڪن اھم معاملن ۾ ھن جي فيصلي کي آخري سمجھيو ويندو آھي. ڪجهہ معاملا وري اھڙا بہ ھوندا آھن. جن جي اپيل گورنر کي ڪئي ويندي آھي. ھن کان سواءِ ڪي سول معاملا بہ ھوندا آھن. جن کي پئنچاتي معاملا سڏيو ويندو آھي. مان ھن قسم جي معاملن ۾ ٿوري تبديلي ڪئي آھي. ھن کان اڳ اھڙن معاملن جي ھلائڻ وارن کي ڪجهہ بہ ڪونہ ملندو ھو. پر ھاڻي اھڙن ماڻھن کي ڏھاڙيءَ مطابق ڀتو ملندو آھي. اھي ماڻھو اسان جي جيوري وانگي آھن يا ٽياڪڙيءَ جون ڪورٽون آھن. پاڻ ھنن کي فقط سول معاملن تائين محدود رکيو آھي. پر فوجداري معاملا يورپي ماڻھن جي حوالي ڪيا ويا آھن. ان کان سواءِ مان ٽرائبيونلس جي اختيارين کي ايئن وڌائڻ جو قائل آھيان جھڙيءَ ريت مان يونان ۾ ڏٺا ھئا. اھڙا ٽرئوبيونلس مشرق ۾ بہ موجود آھن ۽ انگريزن جي جيوري انھن مان ھڪ آھي. يونان ۾ ھن کي ڪورٽ آف ويچيارڊ سڏيو ويندو آھي يعني Court of Ancients ھندستان ۾ ھن جو نالو پئنچائت آھي. پر انھن جا اختيار ھر ملڪ ۾ ۽ مختلف حالتن ۾ مختلف ھوندا آھن. ليڪن سنڌ ۽ ھندستان ۾ سندن اختيار اڃا بہ محدود آھن، پر انھن جي ڀيٽ ۾ پنجاب ۾ پئنچات کي وڏا اختيار مليل ھئا. مان سمجھان ٿو تہ ھن موضوع تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گھرجي. ائين ڪرڻ سان ماڻھن کي پنھنجي ملڪ جي حڪومت سان گڏ ھلڻ جو نادر موقعو ملي ويندو. پر مان سوچي رھيو آھيان تہ بورڊ آف ڊائريڪٽرس ائين ڪرڻ ڪونہ ڏيندو.
اھو نھايت سولو طريقو آھي جنھن فيصلي سان سنڌ ۾ انصاف ملي سگھي ٿو. مئجسٽريٽن ۽ ملٽري ڪميشن ۾ سدائين اختلاف راءِ موجود ھوندو آھي. منھنجي نقطئھ نظر مطابق گونر ۽ جج، ايڊووڪيٽ جنرل آزاد سوچ جا جج ھوندا آھن. انصاف جو اھو طريقو عام ماڻھوءَ لاءِ سخت نہ پر نرم ھوندو آھي. خاص طور جج، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ منھنجي ڪوشش اھا ھوندي آھي تہ قانون ۾ اھڙي ترميم ڪرڻ گھرجي. ماڻھن کي ملندڙ سزائون انھن جي احساسن مطابق ھجڻ گھرجن. پر اھڙيون سزائون نہ ڏنيون وڃن جن ڪري ھو مايوس ٿي وڃن. پر مان ھتي ھڪ ڳالھہ چوڻ چاھيان ٿو تہ مان گھڻو وقت اڳ ھن اجازت لاءِ ھندستان سرڪار کي لکيو ھو تہ ھتان جي مجرمن کي عدن ڏانھن نيڪالي ڏني وڃي. جيڪڏھن منھنجي ھيءَ ڳالھہ قبول ڪئي وئي تہ ماڻھو وڏيءَ سزا کان بچي سگھن ٿا. انگريز سرڪار اتي قلعا تعمير ڪري رھي آھي ۽ ھن مقصد لاءِ کين سستو پورھيو ملي ويندو. ڪاري پاڻيءَ جي ھن سزا ڪاٽڻ کان پوءِ ھي ماڻھو پنھنجي ملڪ موٽي ايندا. ڊبلن جو آرچ بشپ ھن قسم جي مجرمن کي وڏي بڇڙائي سمجھندو آھي، تن جي آزار کان بچي سگھجي ٿو.
پيداوار:
سنڌ جي سڀني ٽالپر حڪمرانن جي مجموعي پيداوار پنجٽيھن کان چاليھھ لک رپيا ھوندي ھئي. منھنجي حڪومت ۾ اھا پيداوار نون لکن کان ايڪٽيھن لکن تائين پھتي آھي. ھن حقيقت ۾ ڪنھن بہ شڪ شبھي جي گنجائش ڪانہ آھي تہ ٻئي سال اپريل تائين پيداوار پنجٽيھن لکن تائين پھچي ويندي. ڇاڪاڻ تہ 1846-47ع جو مالي سال اپريل ۾ پورو ٿيندو. ڪليڪٽرن جي عام راءِ آھي تہ 1848ع ۾ اھا پيداوار چاليھن لکن تائين پھچي سگھي ٿي. اھا ھر سال وڌندي رھندي. ڇاڪاڻ تہ تجارت ڏينھون ڏينھن وڌي رھي آھي. ان کان سواءِ زمين جي وسيع ايراضي پوکي راھيءَ ھيٺ اچي چڪي آھي. تنھن ڪري ھن خط ۾ بيان ٿيل سڀ ڳالھيون حقيقتون آھن. محض اندازا ڪونہ آھن. مون کي چيو ويو آھي تہ سنڌ جي فتح ڪري ممبئي حڪومت جي پيداوار تمام گھڻي وڌي وئي آھي. ان جو ڪارڻ اھو آھي تہ اڳي پورچوگيزن جي ڪالوني ڊمائون، ھر چيز جي سمگلنگ ٿيندي ھئي جيڪا ھاڻي ختم ٿي وئي آھي. مان اوھان جو ھڪ ڳالھہ ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ چاھيان جنھن کي transita duty يا راھداري جو محصول سڏيو ويندو آھي. جنھن مان ٽالپرن کي تمام گھڻي آمدني ٿيندي ھئي. ھن کان سواءِ علي مراد کي سبزل ڪوٽ ۾ ڀونگ ڀڙا جي پيداوار ملندي ھئي، جيڪي بھاولپور ۾ شامل آھن. پر انگريزن جي اچڻ کان پوءِ اھا راھداري يا transit duty ختم ڪئي وئي آھي. ان کان سواءِ يقين آھي تہ پيداوار ٽالپر دور جي پيداوار کان گھڻو وڌي ويندي. ھن محصول کان سواءِ مان ڪيترا ٻيا محصول بہ معاف ڪري ڇڏيا آھن. تنھنڪري منھنجي دور جي پيداوار سان انھن محصولن واري رقم بہ شامل ڪئي وڃي، جيڪي مان معاف ڪري ڇڏيا آھن. اوھان کي معلوم ٿي ويندو تہ ڳرن محصولن وڏيءَ پيداوار کي روڪي ڇڏيو ھو.
تجارت:
يورپ جي تيار مال جي درآمد 1843ع کان 1845ع تائين ساڍن چئن لکن کان وڌي نون لکن تائين پھتي آھي. جڏھن تہ 1846ع جي پھرين ڇھن مھينن دوران ڏھن لکن جي درآمد ٿي آھي. سنڌ جي واپارين جي ٻاڪار متل آھي تہ تجارتي لڏ پلاڻ لاءِ آگبوٽن جي اشد ضرورت آھي، جيڪي سندن واپاري وکر سنڌو جي اتر واري پاسي ۽ ستلج کان مٿي کڻي وڃن. ھنن ماڻھن موڏانھن بہ خط لکي ساڳيون گذارشون ڪيون آھن تہ مان گورنر جنرل کي گذارش ڪريان تہ اھو چار جنگي آگبوٽ سنڌوءَ ۾ ھلائڻ جي اجازت ڏئي جيڪي فقط تجارتي مقصدن لاءِ ھجن ۽ ائين سنڌ سرڪار جي نظرداريءَ ھئڻ کپي. ھي آگبوٽ پنھنجو خرچ پاڻ ڪڍندا ۽ ضرورت وقت جنگ جو ڪم بہ ڏيندا. ائين ٿيڻ سان تجارت گھڻي وڌي ويندي، ڇاڪاڻ تہ سندن رفتار تيز آھي ۽ تجارتي مال بہ تيز رفتاريءَ سان پھچندو ۽ روانو ٿيندو رھندو. اندازو اھو آھي تہ ڪڏھن ست وڏا ٻيڙا سال جي خاص موسم دوران سنڌوءَ وسيلي ھيٺ ايندا ھئا، انھن مان ڇھھ تہ صفا تباھہ ٿي ويا آھن. ان جو ڪارڻ اھو آھي تہ ھتان جا ٻيڙا معياري ٺھيل ڪونھن، ۽ ٻيڙائت بہ سچيت ۽ سياڻا ڪونہ ھوندا آھن. انھيءَ ڪري تجارت ختم ٿي وئي آھي. پر ھن وقت تائين سنڌوءَ ۾ ھڪ بہ آگبوٽ تباھہ ڪونہ ٿيو آھي. جيڪڏھن چار آگبوٽ سنڌ سرڪار کي ڏنا ويندا تہ اھي تجارتي مال سان ڀرجي مٿي ھاڪاريندا. اتان مال سان سٿجي ھيٺ ايندا رھندا. ائين ٿيڻ ڪري تجارتي ڪمپنيون بہ جلد ئي جڙي وينديون ۽ تجارتي آمدرفت ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪنديون.
ھتان جي واپارين تي ڪنھن بہ قسم جو ڀروسو ڪري ڪونہ ٿو سگھجي ڇاڪاڻ تہ کين جون خواھشون ٺڳيندڙ رھيون آھن. پر آگبوٽن جو مطالبو ضرور ڪيو وڃي ٿو. ان لاءِ مان بہ چوندس تہ سندن اھڙو مطالبو ضرور پورو ڪيو وڃي ۽ اھڙو بندوبست ضرور ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ ڪراچي کان وٺي سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي تائين بہ آگبوٽن جي آمد رفت جي ضرورت آھي. اھڙي سروي مان پاڻ ڪئي آھي تہ آگبوٽ ڇوڙن منجھان مٿي ھاڪاري سگھن ٿا. اھڙو سامونڊي ڪناري ڀرسان ھلندا رھن ۽ خراب موسم دوران اھي جھٽ اچي ڪناري سان لڳي سگھن ۽ ھر قسم جي جوکي کان آجا ھوندا. پر سال جي پنجن مھينن دوران آگبوٽن واري آمد رفت رڪجي ويندي. ليڪن اھو پتو ڪونہ آھي تہ سنڌوءَ جي چاڙھھ واريءَ رتِ ۾ آگبوٽ انھيءَ سامونڊي رستي سان ھاڪاري سگھندا الائي جي نھ. باقي لاٿ کانپوءِ آگبوٽ پنھنجو رستو پاڻ جوڙي وٺندا. واسطيدار عملدارن کي پڪ آھي تہ تجارتي مقصدن لاءِ آگبوٽن جو استعمال ڪامياب ثابت ٿيندو. جيڪڏھن سنڌوءَ جو ھڪ مستقل طور تي ڪراچيءَ وٽ قائم ٿي وڃي ٿو تہ پوءِ سنڌوءَ جي چاڙھھ دوران بہ آگبوٽن جي آمد رفت ھلندي رھندي ۽ ٻين ڇوڙن جيان بند ڪانہ ٿيندي جيڪڏھن آگبوٽن جي ھي آمدرفت ڪامياب ڪانہ ٿي ٿئي تہ پوءِ آگبوٽ سنڌوءَ سان مٿي وڃي پنجن درياھن جي ڇوڙن تائين ايندا ويندا رھن.
________________________________________
[1] ڶۑضڎ آیۆخڎإڶ ضۑ ڵڦۑڵ ڥجإب ”ښڷډ ضۑ ڢجق“ ڊإڷێڷ إڛإڎۆ.
زراعت:
جھڙيءَ ريت پوکيءَ راھي جي ايراضي وڌي رھي آھي تھڙيءَ ريت سرڪار جي پيداوار بہ وڌي رھي آھي. ان جو ڪارڻ اھو آھي تہ ڍل محصول جي شرح گھٽائي وئي آھي. اسان جي حڪومت کي ٿورو عرصو ٿيو آھي. امن امان جي قائم ٿيڻ ڪري ٻين علائقن جا ماڻھو ھيڏانھن اچي رھيا آھن. منھنجي ڪوشش آھي تہ انھن ماڻھن جي حالت سڌاري وڃي جن کي ٽالپر دور ۾ رعيتي سڏيو ويندو ھو. سائين اوھان کي معلوم ھئڻ گھرجي تہ سنڌ ۾ پيداوار جا مقرر اصول جوڙيا ويا آھن. ٽالپر دور ۾ پيداوار جي شاخ تي محصول مڙھيو ويندو ھو، پر مان ھن روايت کي ختم ڪري ڇڏيو آھي. زميندار سرڪار کان يا جاگيردار کان زميني لاپي تي وٺندو آھي ۽ پوکي راھي ڪندو آھي پر زمين جي مالڪ کي ٺڳي وٺندو آھي، باقي رعيتيءَ کي بک مرڻ تي مجبور ڪندو آھي. پر ھتي ڪوبہ ماڻھو بک ڪونہ مرندو آھي. ڇاڪاڻ تہ ھتي جھنگلي جانور جام ۽ ڏٿ گھڻو آھي. ھتان جا ماڻھو پکي پاليندا آھن ۽ مفت ۾ ڏئي ڇڏيندا آھن ۽ مفت ۾ ڪاٺيون گڏ ڪري باھيون ٻاريندا آھن. اگھاڙن کي گھرن جي ڪھڙي ضرورت آھي. ھتان جا ماڻھو بک مري ويندا آھن، پر رڍ جي چوري ڪرڻ جي بہ تڪليف ڪري ڪانہ سگھندا آھن، پر جيڪڏھن چوري ڪرڻ چاھيندا آھن اول جھنگ مان اٺ چوري ڪندا آھن جيڪو ھڪ ڏينھن ۾ ھڪ سو ميل سفر ڪري سگھندو آھي ۽ ان اٺ تي چڙھي وڃي رڍ چوري ڪندا آھن، بعد ۾ اٺ کي ان ساڳئي جھنگ ۾ ڇڏي ايندا آھن. جتي ھو اڳ ۾ چري رھيو ھو. اھو بہ چيو ويندو آھي ماڻھو تيستائين سچيت ۽ سياڻو ڪونہ ٿي سگھندو آھي جيستائين ھن جي رڍ يا اٺ چوري ڪونہ ٿو ٿئي. اھو بہ چيو ويندو آھي تہ جڏھن اٺ چوري ٿيندو آھي تہ ان جا ڀاڳيا پيراڍوءَ کان پيرا کڻائيندا آھن جيڪو پير کڻي وڃي چور کي جھليندو آھي. شرط اھو ھوندو آھي تہ پيرا تازا ھجن جن کي نہ واءُ ڊاھي ويو ھجي، نہ مينھن وسي انھن کي مٽائي ويو ھجي. جيڪڏھن پير چٽا ھوندا تہ پوءِ چور کڻي ڪيڏي بہ پير بتال ڪري پر پيراڊي کان بچي ڪونہ سگھندو آھي.
زميندار رعيتي ماڻھن کي ظلم ۽ ڏاڍايون ڪري ھيسائي ڇڏيندو آھي ۽ پوک جي بٽئي ۾ بہ ساڻس ويڌن ڪندو آھي، جيڪو کين بيروزگار ڪري ڌاڙن ھڻڻ لاءِ مجبور ڪندو آھي. پر مان انھن غريب رعيتي ماڻھن لاءِ زمين جا ننڍڙا ٽڪرا گرانٽ ڪيا آھن. انھيءَ مقصد سان تہ ھو زميندار جي ڏاڍ جي گھاڻي اندر پيڙجڻ کان بچي سگھن. کين زمين ايتري ٿوري ڏني وئي آھي، جيڪا ھو پورھيو ڪري پاڻ آباد ڪري سگھن ۽ ڪنھن ٻئي کي بٽئيءَ تي نہ ڏين. اھي ماڻھو ڍل بہ سڌو سنئون ڪليڪٽرن کي ڏيندا آھن. جنھن ۾ زميندار ۽ ڪاردارن جو ڪو واسطو ڪونہ ھوندو آھي. ائين ٿيڻ ڪري نہ رڳو غريبن جي اخلاقي اصلاح ٿيندي، پر اوڙي پاڙي وارن ملڪن ۾ اسان جي ساک وڌندي ۽ سمجھيو ويندو تہ انگريز سرڪار غريب پرور آھي. اھڙيءَ ريت سنڌ جي آدمشماري وڌي ويندي. زمينون آباد ٿينديون ۽ انگريز سرڪار جي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو. ان سان گڏ مان ھڪ ٻيو قدم بہ کنيو آھي يعني محنتي ھاريءَ کي سرڪار طرفان قرض ڏياري رھيو آھيان. اھا روايت اڳئي انگلينڊ ۾ موجود آھي. ڇاڪاڻ تہ ڪڏھن اڻ ڏٺي آپدا ڪري سندن فصل تباھہ ٿي ويندا آھن. اھڙا قرض ضلعي جا ڪليڪٽر ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر ڏيندا آھن. ان لاءِ اھو ضرور ڏٺو ويندو آھي تہ ھاري محنتي ۽ سچار آھي. اھڙي قرض جي وصولي قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي آھي. قرض ڏيڻ وقت ڪن ٻين ڳالھين کي پڻ ڏٺو ويندو آھي. جيڪي ھن مختصر خط ۾ بيان ڪري ڪونہ ٿيون سگھجن.
منھنجو خيال آھي تہ ڍل جي شرح اڃا بہ گھٽائي وڃي. انھيءَ ڪري پوکي راھيءَ جي ايراضي وڌي ويندي ۽ سرڪار کي تمام گھڻي پيداوار ملندي. مان ٿوري ئي وقت اندر ھن ڳالھہ کي ثابت ڪري سگھان ٿو. ايندڙ اپريل ۾ سارو پتو پئجي ويندو تہ منھنجي دعوى صحيح آھي ۽ انھيءَ طريقي سان پيداوار وڌائي سگھجي ٿي. اڳئين سال ايڪٽيھھ لک مان پيداوار وڌي پنجٽيھھ لک نہ ٿي تہ مون کي ڏاڍو افسوس ٿيندو. ھن سال پوکون ڏاڍايون ڀليون ٿيون آھن، پر ماڪڙ جي مصيبت جو ڏاڍو ڀئو آھي، جنھن پاسي وارن ملڪن جا پڪل فصل تباھہ ڪري، ماڻھن جي چپن تي آيل گرھھ کانئن کسي ورتو آھي. تنھن ڪري اھا اگري آپدا ڪھڙي وقت بہ اوچتي اچي پوکون اجاڙي ڀينگ ڪري سگھي ٿي. سنڌ کي فتح کان پوءِ ايترو وقت ڪونہ مليو آھي جنھن دوران ٺاپر ٿي ھجي. ماڻھن جي خواھش آھي تہ تجارت ۽ زراعت چپٽي وڄائيندي ايتري جلدي ۾ ترقي ڪري، جيتري جلدي ۾ علاؤالدين جي محلات اجڙي راس ٿي ھئي. مان سمجھان ٿو تہ زراعت ۽ تجارت کي ٽالپرن جي ظلم ۽ ڏاڍ جي اثر کان نجات، ڏھن سالن ۾ مس ملندي ۽ سنڌ ۾ اھڙي وڏي انقلاب جي ابتدا شروع ٿي چڪي آھي. اھو انقلاب ڪو عام رواجي نہ ھوندو.
پھريون مسئلو امن امان جو ھو جيڪو حيدرآباد واري جنگ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ مان اندازو لڳايو ھو تہ سنڌ جي اھڙي ترقي ڏھن سالن اندر مس ٿيندي جيڪا موجوده دور ۾ ڪري چڪي آھي ۽ اھا اچرج جھڙي ڳالھہ آھي. ليفٽيننٽ آئوٽرام اڳ ۾ اڳڪٿي ڪئي ھئي تہ حيدرآباد واري جنگ کان پوءِ سنڌ ۾ ڏھھ سال گوريلا جنگ ھلندي. ھن کي سنڌ جي ماڻھن جي خبر اھا ايتري آھي.
ھن وقت اسان جي مالي صورتحال ھن ريت آھي:
حيدرآباد جي 24 مارچ 1843ع واري جنگ کان 30 اپريل 1846ع تائين ڪل پيداوار 659393 پائونڊ اسٽرلنگ.
انھن سالن لاءِ سنڌ حڪومت جي سول انتظاميھ تي ايندڙ خرچ 336526 پائونڊ اسٽرلنگ. بچت 322869 پائونڊ اسٽرلنگ.
مان خرچ پکي جو تفصيلي حال احوال ڪنھن ٻئي خط ۾ لکلندس ڇاڪاڻ تہ اھي ڪاغذ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيا ويندا. تنھن ڪري 30 اپريل تي ھائوس آف ڪامنس انھن کي ڇاپڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ھن کان سواءِ مان ھڪ ٻي بہ گذارش ڪرڻ چاھيان ٿو تھ، وڏيون فوجون سنڌ جي بغاوتن کي ڪچلڻ لاءِ نہ پر پنجاب تي حملي ڪرڻ لاءِ اچي سنڌ ۾ گڏ ٿيون آھن. مان تہ گذريل ٻن سالن کان لڳاتار چوندو پيو اچان تہ سنڌ ۾ پنج ھزار فوج بہ گھڻي آھي، جنھن جو مقصد بچاءُ ۽ امن آھي. پر ممبئي واري ڌر پنھنجي ضد تي قائم آھي. مان ھيءَ ڳالھہ ثابت ڪري سگھان ٿو تہ سنڌ ۾ پنج ھزار فوج بہ گھڻي آھي. جڏھن سکن جي حملن جو خوف ھو. ان وقت بہ سنڌ ۾ پنج ھزار فوج ھئي. جڏھن تہ سکن جي ڪوشش اھا ھئي تہ انگريزن خلاف سنڌ وارا سندن مدد ڪن. ڇاڪاڻ تہ پنجاب جا اھي حڪمران انگريزن خلاف ٽالپرن سان گڏ ھئا. مان سانگي سان اھو احوال بہ اوھان کي ٻڌائيندو ھلان تہ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي اھا پڪ ڪانہ ھئي، تہ سنڌ اندر امن امان قائم ٿي سگھندو ۽ جيستائين مان سنڌ ۾ موجود آھيان تيستائين اھڙي ڳالھہ ممڪن ئي ڪانہ آھي پر ھنن موڳن ۽ اوڳن کي اھا ڪل ئي ڪانہ آھي تہ ملڪ ۾ امن امان فوج جي دھشت ۽ ڏاڍ سان قائم ڪري ڪونہ سگھبو آھي. پر سانت ۽ امن رحمدليءَ ۽ انصاف سان قائم ڪري سگھبو آھي. جنھن وقت کان وٺي ٽالپر سنڌ کان ٻاھر موجود آھن، تنھن وقت کان وٺي ھڪ انگريز بہ قتل ڪونہ ٿيو آھي ۽ ڪنھن بہ ماڻھوءَ انگريز جي توھين ڪانہ ڪئي آھي. اھڙيون ڳالھيون مشرقي ملڪن ۾ منفرد حيثيت جون مالڪ آھن. اھڙيون ڀليون ڳالھيون انھن ملڪن اندر بہ ڪونہ ڏسبيون جيڪي تازو فتح ٿيا آھن.
فوج تي ٿيندڙ ھي انتھا تي گھڻي خرچ جا ٻہ قسم آھن: جن مان ھڪ جو واسطو فوج جي کاڌي پيتي سان آھي. جڏھن تہ ٻئي جو تعلق بئرڪن جي تعمير سان آھي. جيتري قدر فوج جي پھرئين خرچ جو تعلق آھي تہ اھو فوجي تعداد جي گھٽجڻ سان پاڻمرادو گھٽجي ويندو. تنھن خرچ جي چئن مان ٽي حصا خرچ پنجاب جي ڪري آھي. خرچ جو باقي چوٿون حصو سنڌ جي والار ڪري اچي رھيو آھي. سنڌ جي فتح تي ڪوبہ اضافي خرچ ڪونہ ٿيو آھي، پر حيدرآباد ۾ فوجي بئرڪن جي تعمير تي ضرور خرچ ٿيو آھي ۽ اھو بہ اضافي پيداوار مان ڪٽيو ويو آھي. پر ممبئي سرڪار کان ڪونہ ورتو ويو آھي. اھڙو ذڪر مٿي بہ اچي چڪو آھي. سنڌ جي فتح تي آيل خرچ جي ھڪ پائي بہ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ڪانہ ڀري آھي. پر اٽلو کيس ھن فتح ڪري پئسي جي بچت ٿي آھي. مان ان سياستدان ۽ فوجيءَ جي ھن نقطئھ نظر جي خلاف تہ جيڪڏھن ٽالپر سنڌ جا حڪمران ھجن ھا ۽ انگريز فقط سکر ۽ ڪراچيءَ تي قبضو ڪن ھا تہ انگريز سرڪار جو ايترو خرچ ڪونہ اچي ھا جيترو گذريل ٻن سالن اندر گواليار ۽ ستلج وارن محاذن تي آيو ھو، مان ھي اضافو ڪندس ۽ ثابت بہ ڪري سگھندس تہ جيڪڏھن سنڌ ۾ ميرن جي حڪمراني ھجي ھا تہ رت جون نديون وھي ڇڙن ھا. ان وقت گواليار جون باغي تلوارون اڀيون ھجن ھا ۽ سک ستلج پار اڪري وڏو ممڻ مچائي چڪا ھجن ھا.
جيڪڏھن گورنر جنرل چريائيءَ جو مظاھرو ڪري 1842-43ع ۾ انگريزي فوج جو تعداد گھٽائي پنج ھزار ڪري ھا. ٽالپرن جي حڪمراني بہ موجود ھجي ھا، انگريز فوج جو اڌ ڪراچي ۽ اڌ سکر ۾ رھايو وڃي ھا تہ اھڙيءَ صورتحال ۾ انگريزي فوج مان ھڪ بہ ڪونہ بچي ھا. اھي ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام جون اجايون ۽ اوڳيون ڳالھيون آھن. کيس ميرن جي ميري من جي تيستائين ڪل ئي ڪانہ پئي ھئي جيستائين انگريز ريزيڊنسي تي حملو ڪونہ ٿيو ھو. جيڪڏھن ھو منھنجي جاءِ تي ھجي ھا تہ ساري انگريزي فوج 1844ع يا 1845ع ۾ ڪھائي چڪو ھجي ھا. ھڪ سال تہ امن امان سان گذري وڃي ھا. پر جڏھن گواليار جھيڙي جو جھنڊو ڦڙڪائي يا سک ستلج کي پار ڪري، انگريزن تي حملو ڪري ھا تہ ان کي ڏسي ٽالپرن جو من بہ وڌي وڃي ھا ۽ ڪراچيءَ ۽ سکر تي حملو ڪري اتي رھيل انگريزي فوج کي ڪھي لاشن جا ڍير لائي ڇڏن ھا. تقسيم ٿيل اھڙيءَ فوج کي ڪٿان مدد بہ ملي ڪانہ سگھي ھا ۽ سڄي ڪڻو ڪڻو ٿي ڪٽجي وڃي ھا. افغانستان واري جنگ دوران لارڊ ڪينس جي فوج، مس ڪري ميرن تي ضابطي رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ھئي نہ تہ نتيجي ۾ وڏو ڪوس ٿئي ھا ۽ خرچ بہ وڏو اچي ھا، سنڌ جي فتح کان بہ گھڻو. تنھن ڪري مان سمجھي رھيو آھيان تہ سنڌ جي فتح ڪمپنيءَ کي ھڪ وڏي ڪوس ۽ بي انتھا خرچ جي بار کان بچائي ورتو آھي. ڀلي ممبئي واري ڌر پنھنجي ھوڏ تان ھيٺ بہ نہ لھي. اھو بہ معلوم ٿيندو تہ سنڌ اندر 1842ع کان وٺي، اسان جي فوج جي عزت ۽ وقار ۾ ڪابھ گھٽتائي ڪانہ آئي آھي.
جيتري قدر سنڌ جي فتح واري حڪمت عمليءَ جو تعلق آھي تھ، مان انھيءَ معاملي ۾ بلڪل اڻ ڌريو ھوس. مان ھن معاملي ۾ لارڊ ايلنبرو کي ڪنھن بہ قسم جو مشورو ڪونہ ڏنو ھو. اھڙي ڳالھہ منھنجي سچ ويچار ۾ بہ ڪانہ ھئي. مون کي تہ گورنر ٿيڻ تائين ائين ٻڌايو ويو ھو تہ ٽالپرن جي مدد ڪئي ويندي. مان لارڊ ايلنبرو جي قائم ڪيل حڪمت عمليءَ کي تسليم ڪيو ھو. ساڳئيءَ ريت مان پنھنجي حڪمن جي تعميل پڻ ڪرائي ھئي. جيڪڏھن ائين نہ ھجي ھا تہ سمجھان ھا تہ مان اھو ڪامياب فوجي جنرل آھيان، جنھن کي پنھنجي ئي حڪومت عزت جي نظرن سان ڪانہ ڏسي رھي آھيان. مان تہ ان بااختيار شخصيت جي حڪمن کي تسليم ڪيو ھو، جنھن پنھنجي سرڪار تي اھڙيون اختياريون ڏنيون ھيون، پر کيس انگلينڊ جي تائيد حاصل ڪانہ ھئي. پر ھن کان پوءِ ايندڙ سندس جانشين ھن جي قائم ڪيل حڪمت عمليءَ کي جاري ضرور رکيو ھو. ان ھوندي بہ لارڊ رپن ۽ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس مون سان تہ ھاڃا ڪري ڇڏيا ھئا. مان ھيءَ حقيقت ثابت ڪري سگھان ٿو تہ سنڌ جي فتح تي ٻئي علائقي جي فتح جي ڀيٽ ۾ ڪوس بہ گھٽ ٿيو تہ خرچ بہ گھٽ آيو آھي. ڪابل واري جنگ ۾ اسان جي، فوج ڪيس مري تباھہ ٿي وئي ھئي. پر انھيءَ واقعي کان پوءِ بااختيار طاقت جو ڪھڙو خيال ھو؟ سنڌ جي فتح کان اڳ اھو تصور موجود ڪونہ ھو تہ سنڌ کي مختصر لشڪر سان فتح ڪيو ويندو. پر فتح کان پوءِ سرڪاري خزاني ۾ وڌيڪ پيداوار جو اضافو ٿيو ھو. پر ڪوبہ اضافي خرچ ڪونہ ٿيو ھو. اھڙين ڳالھين کان پوءِ اختيارين کي خيال آيو تہ سنڌ کي گھٽ فوجي تعداد وسيلي فتح ڪيو وڃي ھا. اھڙن خيالن جو اظھار ساڙ ۽ حسد کان ڪيو پيو وڃي. اھو بہ چيو پيو وڃي تہ اھا جنگ اھم ڪانہ ھئي جنھن لاءِ جنرل کي اعزاز ڏنو وڃي. اھڙيون ڳالھيون ھڪ سازشي ۽ دشمن ٽولي جون گھڙيل ھيون. انھن ڳالھين تي آءٌ ماٺ ڪيو ويٺو ھوندو آھيان، ڇاڪاڻ تہ مون کي اطمينان آھي تہ جيڪو ڪجهہ ڪيو اٿم منھنجو منصبي فرض ھو.
آبھوا:
چيو ويندو آھي تہ سنڌ جي آبھوا ڏاڍي گرم آھي ۽ ھندستان جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ سنڌ وڌيڪ غير صحت بخش آھي پر مان ائين ڪونہ ٿو سمجھان. اھا بہ ھڪ حقيقت آھي تہ بيماريءَ ڪري فوج بہ گھڻي مري کپي وئي آھي، پر ڪمپني جي فتح ڪيل سڀني نون ملڪن ۾ ائين ٿيو آھي. ان جو ڪارڻ بہ سولو ۽ سمجھڻ جوڳو آھي. اھڙا واقعا سٺين بئرڪن جي عدم موجودگيءَ آرام جو نہ ھجڻ ۽ علائقائي حالتن جي اڻ ڄاڻائي ھئي. انھن ڳالھين جي کوٽ کي فوج محسوس ڪري ورتو ھو. ٽالپرن سنڌ کي ڀيلي ڀينگ ڪري ڇڏيو ھو ۽ منجھس ڪا شيءِ ڇڏي ئي ڪانہ وئي ھئي. اسان کي ھتي رھڻ دوران ائين معلوم ٿي رھيو تہ ڄڻ رڻ پٽ يا بيابان اندر ٺھيل ھڪ وسندي ۾ پيا رھون. اھو تہ احساس ئي ڪونہ ھو تہ انگريزي فوج اھڙو ملڪ فتح ڪيو آھي، جنھن ۾ ماڻھن جي آبادي آھي. اسان ڪالرا جي بيماريءَ ۾ ڪجهہ عملدار ۽ فوج وڃائي آھي. ھيءَ بيماري سدائين ھن ملڪ ۾ ڪانہ رھندي آھي، پر جيڪڏھن فوج کي بھترين بئرڪن ۾ ۽ آرام سان رھايو وڃي ھا تہ ھي معامرو ايڏو ڪيس ڪلور ڪري ڪونہ گذري ھا. ھاڻي بھترين ۽ سھوليتن واريون بئرڪون جڙي رھيون آھن. تنھن ڪري ھاڻي سنڌ ھندستان جي ٻين علائقن جھڙي غير صحت بخش ڪانہ رھندي، جيڪا يورپي ماڻھن جي جيءَ کي جوکو رسائي سگھي. فتح کان پوءِ سنڌ ۾ رھندڙ فوج تي بجاري جا ٻہ حملا ٿيا آھن. جنھن ۾ يورپي ماڻھن سان گڏ ٻيا بہ متاثر ٿيا ھئا. ڇاڪاڻ تہ اھي ماڻھو ھن گرم آبھوا جا ھيراڪ ڪونہ آھن. ان کان سواءِ کين سٺو شراب بہ ڪونہ ٿو ملي. عام بيماريءَ کان سواءِ ھتي ٻہ ڀيرا ڪالرا بہ قھر ڪيا آھن. اھڙين آپدائن ڪري ماڻھو ھراسجي ويا آھن ۽ ٻين اوڻاين کي اک وٽائي ڏسڻ کان سواءِ رڳو آبھوا تي ڏوھھ ڏيو بيٺا آھن.
سنڌ جا قدرتي وسيلا:
سنڌ وڏي پيداوار ڏيڻ وارو ملڪ آھي. زمين تہ ايڏي ڀلي آھي جو ان جو بيان ڪري ڪونہ ٿو سگھجي. مان سنڌوءَ جي پاڻي تي ضابطي رکڻ لاءِ جاکوڙي رھيو آھيان. اميد تہ مقرر وقت کان اڳ ئي ان منصوبي مڪمل ڪري سگھبو. ان کان پوءِ ھتان جون ڀليون ٻنيون آباديءَ ھيٺ اينديون ۽ پيداوار ۾ وڏو اضافو اچي ويندو. موجوده دور ۾ گھڻن ماڻھن جي ضرورت آھي جيڪي پوکي راھي ڪن ۽ غير آباد زمين کي آباد ڪن. کاڻيون بہ تمام گھڻيون آھن. لوڻ تہ تمام گھڻو آھي.
چوڌاري ملڪ:
اخبارن وسيلي اھو ٻڌايو وڃي تہ پاڙي وارن قبيلن وھڻ وھھ ۽ ننڊ حرام ڪري ڇڏي آھي. معلوم ائين ٿي رھيو آھي تہ اھي اخبارون بي خبر آھن، پر ھتي ڪو اھڙو قبيلو ڪونہ آھي جيڪو اسان سان جھڳڙو چاھيندو ھجي. حقيقي صورتحال اھا آھي تہ اھي قبيلا ھوريان ھوريان سنڌ اندر آباد ٿي رھيا آھن. اھي ماڻھو جيڪي امن امان چاھن ٿا ۽ پوکي راھي ڪري پنھنجو پيٽ گذر ڪرڻ گھرن ٿا ۽ پنھنجي پگھر جي پورھئي جو مٺو ڦل کائڻ پسند ڪن ٿا سي ھتي آباد ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن.
منھنجي حڪومت کان پوءِ سنڌ جي مجموعي صورتحال گھڻو سڌريل آھي. مان سمجھان ٿو ائين چئي مان غلط بياني ڪانہ ڪئي آھي تہ مان سارو وقت جھيڙي ۾ گذاريو آھي. تنھن ڪري مون کي تفصيلي بيان ڪرڻ جو وقت گھٽ مليو آھي. جڏھن ٿورو وقتو مليو آھي تہ پنھنجي يادگيرين تي مشتمل ھڪ ڪتاب جوڙي اوھان ڏانھن موڪلي رھيو آھيان. پر جيڪو بہ بيان ڪيو اٿم سو يادگيرين جو اختصار آھي، ليڪن پيداوار وڌي آھي ۽ وڌندي رھندي ماڻھن بہ سکيا ستابا ۽ ريان کيان آھن. کين ڪنھن بہ قسم جو ڏک پيش ڪونہ آھي. تنھن ڪري نہ سازشون سرجن ٿيون نہ وري ڪٿان ڪا بغاوت جي بوءِ آھي. ڪڇي جي جابلو علائقي ۽ پنجاب خلاف فوجي مھم شروع ڪئي وئي ھئي. انھيءَ وقت ساري فوج سنڌ کان ٻاھر ھئي. ھتان جي ماڻھن کي بغاوت جي ڦريري ڦڙڪائڻ جو سونھري وجهہ ھٿ لڳو ھو، پر ھنن ائين ڪونہ ڪيو ھو. ھتي آءٌ ھڪ ٻيو نقطئھ نظر پيش ڪري رھيو آھيان جيڪو مان سمجھان ٿو تہ صحيح بہ آھي. اھڙو ساڳيو نقطئھ نظر ھڪ انگريز جو بہ آھي، جيڪو ھندستان ۾ ويھھ سال رھيو ھو. سندس کائڻ پيئڻ بہ ھتان جي ماڻھن سان ٿيندو ھو. ڏاڍو سادو ۽ اصولن جو پڪو ھو. ان کان سواءِ ھتان جي ماڻھن جي مزاج کان چڱي طرح واقف ھو. مان بہ ھتي پنج سال رھيو آھيان. چار سال حڪومت ڪئي اٿم. تنھن ڪري مان سنڌين جي مزاج کان ڀلي ڀت واقف آھيان. سو منھنجو نقطئھ نظر ھي آھي تہ جيڪڏھن سنڌ ۾ سول حڪومت قائم ڪئي وئي تہ سنڌ جي ساري پيداوار سول ڪامورا شاھيءَ جي پيٽ ۾ ھلي ويندي، جنھن مان پرزو بہ پيدا ڪونہ ٿيندو. ڪم تڇ سمان ھوندو جاٿي ساري سول انتظاميا اچي ڳاھٽ ٿيندي. گھڻيون دايون مارن يا کارن. ان کان سواءِ ڏاھا ۽ تجربيڪار وڏا سول عملدار پنھنجون سھوليت واريون جايون ڇڏي ھيڏي سنڌ ڇا لاءِ ايندا. ھيڏانھن اھڙا ماڻھو ھوندا جيڪي نوجوان ۽ سيکڙاٽ ھوندا، جن کي ٻين ملڪن ۾ ملازمت ڪانہ ملي ھوندي. ائين اچي ھتي مڙندا ڄڻ ڳڙ تي مکيون. ڏسڻ وائسڻ جا ڏاڍا چڱا ھوندا. سگار پيئندا، بيئر جو ھڪ گلاس لھندو ۽ ٻيو پيو چڙھندو ۽ ڪلارڪن جي ھڪ وڏي ميڙاڪي کي غلط ھندستاني ٻوليءَ ۾ حڪم پيا ڏيندا. ٿوري وقت کان پوءِ کين وڏا اختيار ملي ويندا ۽ طاقت جي نشي ۾ سڀ بداخلاقيون ڪري وڃي ٿوڙ ڪندا ۽ ڏاڍ ڪري رڻ ٻاري ڇڏيندا. ان جو نتيجو اھو نڪرندو تہ خرچ وڌي ويندو ۽ رتوڇاڻ ٿيندي. ھتان جي ماڻھن کي سول ملازمين لاءِ ٽڪو بہ عزت ڪانھي. اھي رھيا آھن تہ فوج مٿان حڪم ھلائي رھيا آھي ۽ اھو کين صحيح لڳي رھيو آھي. ڇاڪاڻ تہ ھي ماڻھو بہ پاڻ کي فوجي تصور ڪن ٿا. پر جڏھن ھنن مٿان سول ملازمن حڪم ھلايا تہ تلوارون اڀيون ٿي وينديون.
ان کان سواءِ جھڙي تناسب سان سول ملازم وڌندا ويندا، تھڙي تناسب سان خرچ وڌندو ويندو ۽ فوج جو تعداد گھٽبو ويندو. ان جو نتيجو اھو نڪرندو تہ ملڪي انتظام ڍلو ٿي ويندو ۽ ضابطو ڪمزور پئجي ويندو. اھڙي ريت بغاوت جو بہ امڪان ھوندو، جنھن جو ڪارڻ بہ سول حڪومت ھوندي جيڪا وري بغاوت کي ختم ڪري بہ ڪانہ سگھندي. مان ان ڏچي کان بہ واقف آھيان. جيڪو سول حڪومت جي انتظاميھ اندر فوجين کي رکڻ ڪري پيدا ٿيندو آھي. مان پاڻ بہ سنڌ سرڪار جي موجوده انتظاميھ اندر ٽن چئن سول ملازمن کي مقرر ڪيو آھي جنھن جو نتيجو سٺو نڪتو آھي. اھي ماڻھو ڏاڍا شريف انسان ھئا. پر فتح جي ابتدائي دور ۾ ٽي ماڻھو لارڊ ايلنبرو موڪليا ھئا جيڪي صفا بيڪار ۽ ڏڏ ثابت ٿيا ھئا. مان انھن ماڻھن خلاف ڪنھن تعصب جو اظھار ڪونہ ٿو ڪريان، پر ساڻن ھمدردي ھئي. ڇاڪاڻ تہ انھن ماڻھن ھڪ منھنجي پراڻي دوست جو پٽ ھو، جيڪو اسپين واري جنگ ۾ مارجي ويو ھو. منھنجي وس ۾ ھجي ھا تہ ان لاءِ گھڻو ڪري سگھان ھان. سندن خيال سرڪاري ملازمت وارن ڪمن کان اوچا ھئا. مون کي رپورٽ وسيلي ٻڌايو ويو ھو تہ ھو کائڻ جا کرا ۽ ڪم جا ٻرا ھئا. مان ڪليڪٽر پوپ جي اھڙي بيان سان گڏ کين لارڊ ايلنبرو ڏانھن واپس موڪلي ڇڏيو ھو جنھن تحت کين ڪم ڪرڻ لاءِ رکيو ويو ھو. ھي ماڻھو ھوشيار نوجوان ۽ شريف ھئا، پر ڪم جا ٽوٽي ھئا. جيڪڏھن اھڙا ڊزن کن ماڻھو ھت ڪم ڪن تہ منھنجي حڪومت جي انتظام کي ھڻي کنا کيڙا ڪري رکن ۽ سارو ڪم ڪلارڪن ۽ ڏيھي ماڻھن جي حوالي ڪري ڇڏين ۽ پاڻ ڪک ڀڃي ٻيڻو بہ نہ ڪن. مان ڪلارڪن ۾ ڏيھي ماڻھن لاءِ ڪونہ ٿو چوان تہ اھي تہ اٽي تي چٽي آھن، اھي تہ ڪم ۾ اڻ ٿڪ ۽ اورچ آھن، سياڻا ۽ سچيت بہ آھن. پگھارون بہ انھن ماڻھن کي گھٽ ڏنيون ۽ ڪم بہ کائن ڇڪي ورتو وڃي. سرڪاري آفيسن اندر بہ اھي ماڻھو وھن جيڪي ڪم جا ڪوڏيا ھجن. پر اھڙن ماڻھن مان جند ڇڏائڻ ضروري ھوندي آھي جن جا ڪم ڪلارڪ ڪندا ھجن. جن کي سوئر جو شڪار کان واند نہ ملي ۽ بيئر جا بيرل آڏو رکيون ويٺا ھجن. اھڙن ماڻھن کي پنھنجي منصبي فرض جي ادائگي کان وڌيڪ ٻيا ڪم پيارا ھوندا آھن. اھڙا ماڻھو پنھنجي منصبي فرض کي ڪجهہ بہ ڪونہ سمجھندا آھن.
مان آخر ۾ ھيءَ گذارش ڪرڻ چاھيان ٿو تہ مان ۽ منھنجي ماتحت عملدارن تمام گھڻو ڪم ڪيو آھي ۽ بھتر ڪيو آھي. ھن حقيقت کان ڪير بہ انڪار ڪونہ ڪندو تہ اسان وڏين مشڪلاتن کي مڙسيءَ سان منھن ڏنو آھي. جنگيون ختم ٿيون تہ مھامريءَ منھن ڪڍيو جنھن ملڪ ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو. ماڻھو ڏکن ۾ ڏوڙا لڳا پيا ھئا جو ماڪڙ جا ڪٽڪ لھي پيا جيڪي پاڻ سان ڏڪار کي بہ کڻي آيا ھئا. چوندا آھن تہ ڏٻري تي مڇر بہ گھڻا. ان سال وري سنڌو بہ ڪمھلو لھي ويو، تنھن ڪري جيڪي پوکون آنڀون ۽ ڏڏر تي ھيون تن کي پويون پاڻي پھچي ڪونہ سگھيو ۽ ان ٻوھي کان ٻاھر نڪري ڪونہ سگھيو ۽ اندر ئي سڪي پچي ويو، اھڙي ريت ملڪ جو جيڪو حصو ماڪڙ جي مصيبت کان بچي ويو سو وري پاڻيءَ جي اڻھوند ڪري ڏرت ۽ ڏڪار جي ور چڙھي ويو. تنھن ڪري سنڌ 1843ع کان وٺي لڳاتار سورن ۾ سختين ۾ رھي. انھيءَ زماني مان فوجي سرگرمين ۾ ايترو رڌل ھوس جو مٿي کنھڻ جي واندڪائي ڪانہ ھئي. پر پوءِ سنڌ جي سول انتظاميا جو جوڙجڪ ڪري ورتو ھيم، جنھن جي ابتدا مان نوجوان عملدارن سان ڪئي، جن کي اڳي ڪو تجربو ڪونہ ھو جيڪڏھن ھو تہ بہ ٿورو ٿڪو ھو. پر اھي ڏاڍا لائق ۽ قابل ماڻھو ھئا. کين ڪم ڪرڻ جو شوق بہ ھو. ھي نوجوان ھتان جي ملڪي حالتن کان واقف بہ ڪونہ ھئا. پر اٽل ۽ اڏول ھئا ۽ ھنن ھر مشڪل کي منھن ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي ھئي. ڇاڪاڻ تہ ھتان جي ڍل محصول جي وصولي ھنن لاءِ نئين ۽ ڏکي ھئي. اسان اھڙي ڪاميابي ڪھڙي طريقي سان ماڻي ورتي ھئي، تنھن جو فيصلو اسان دنيا تي ڇڏيو آھي. پر اسان ڪم کي چچڙ ٿي لڳي پياسون. اھڙيون حقيقتون فقط ڪاغذن ۾ ڏسي سگھجن ٿيون. اسان پراڻي حڪومت جي طريقي ۽ تاڃي پيٽي کي اڊيڙي ھڪ نئين حڪومت ۽ نئين طريقي جي پيڙھھ جو پٿر رکيو ھو. سنڌ بہ ھندستان جي ٻين علائقن جيان بدنظميءَ جو شڪار ھئي. جيڪڏھن مون کي چيو ويو تہ مان تير پتير جو احوال ڏئي سگھان ٿو تھ، جنھن وقت کان وٺي لارڊ ايلنبرو مون کي سنڌ جي حڪومت حوالي ڪئي تہ مان ڪھڙي ۽ ڪيتري محنت ڪئي ھئي ۽ ڪھڙي حالت ۾ سنڌ پنھنجي جانشين جي حوالي ڪئي ھئي. مون کي يقين آھي تہ منھنجو جانشين بہ مون جيان سنڌ جي معاملن ۾ دلچسپي وٺندو. جيڪڏھن گھرو کاتو منھنجي محنت کي پسند ڪري مون کي سنڌ جي حڪومت حوالي ڪندو تہ مان بہ ھن ملڪ جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آھيان ۽ ان وقت تائين خدمت ڪندو رھندس جيستائين منھنجي صحت مون کي اجازت ڏيندي ۽ سچائيءَ ۽ انصاف سان عوام جي خدمت ڪندو رھندس.
ھن خط لکڻ مھل ھڪ خط پھتو آھي جنھن ۾ چيو ويو آھي تہ گورنر جنرل حڪم ڪيو آھي تہ سنڌ ۾ رھيل بيشمار فوج اتان گھرائي وڃي. اھڙو ڪم ايندڙ جنوري کان شروع ڪيو ويندو. منھنجي لاءِ اھا تہ خوشي جي ڳالھہ آھي. ھيءَ حقيقت ان ڳالھہ جي ثابتي آھي تہ سنڌ ۾ امن امان قائم ٿي چڪو آھي. انھيءَ سان ڪارھن جو اھو لينگھو بہ لھي ويندو تہ سنڌ تي ھندستان جو پئسو خرچ ٿي رھيو آھي.
معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ ھن يادداشت نامي تي سنڌ ۾ ايندڙ تبديلي رڪجي وئي ھئي. پر سر چارلس خلاف اجائي واويلا ۽ الزام تراشيءَ ۾ ڪنھن قسم جي گھٽتائي ڪانہ آئي ھئي ۽ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جون جنرل خلاف نيتون صاف ڪونہ ٿيون ھيون نہ وري انگلينڊ جي ڪابينا مان ڪنھن انصاف ۽ تحفظ جي اميد ھئي. لارڊ ھووڪ جي دشمني بہ ويرئون وڌ ھئي. ان زماني ۾ سر چارلس ھن ڳالھہ تي ڳنڍ ٻڌي بيھي رھيو ھو تہ سنڌ مان وڌيڪ فوج کي گھرايو وڃي. اھڙيءَ ريت ھن ھندستان سرڪار کي آڇ ڪئي ھئي يارنھن ريجمينٽون ۽ يورپي آرٽيليري کي گھرايو وڃي. ھن کان اڳ تہ سنڌ جي گورنر تي الزام ھو تہ ھن پاڻ وٽ بيشمار فوج رکي آھي جڏھن تہ ھو اضافي فوج مان جند ڇڏائڻ لاءِ پريشان ھو. جڏھن اھڙيون ثابتيون بيان ٿي رھيون ھيون تہ سنڌي ماڻھو سر چارلس سان گڏ آھن تہ انھن ۾ ڪنھن بہ قسم جي رنجش محسوس ڪانہ ٿي رھي ھئي. ان کان سواءِ جڏھن ٻاھرين ماڻھن کي آڻائي ھتي آباد ڪيو ٿي ويو تہ ھنن ڪنھن بہ قسم جو اعتراض ڪونہ واريو ھو. ھن سال جي سرءُ واري مھيني ۾ ھڪ سردار، سر چارلس آڏو پيش پوڻ جي راءِ جو اظھار ڪيو جيڪو ٽالپر حڪمرانن جي ظلمن ڪري سنڌ مان نڪري ھليو ويو ھو. سر چارلس سندس اھا آڇ قبول ڪئي ھئي ۽ کيس چيو ھئائين تہ جيڪڏھن ھو چاھي تہ جابلو علائقو ڇڏي، اچي ارڙھن سو ماڻھن سان گڏجي پوکي راھي جو ڌنڌو ڪري. انھيءَ زماني ۾ لس ٻيلي جو انگريز ڪسٽم آفيسر موٽي ڪراچي اچي رھيو ھو تہ رستي ۾ غلامن جو ھڪ ٽولو کيس ڦري آيو ۽ منٿون ڪري کيس چوڻ لڳو تہ ھو کين سنڌ وٺي وڃي، جتي سڀ ماڻھو آزاد آھن ۽ پنھنجي مرضيءَ مطابق زندگي گذاريندا آھن. انھيءَ غلامن جا مالڪ بہ اتي پھچي ويا جيڪي پنھنجي غلامن کي زبردستي ڪري وٺي وڃڻ کان ڊڄي رھيا ھئا تھ، متان گورو صاحب ڪاوڙجي پوي، تنھن ڪري ڪسٽم جي ڪليڪٽر کي عرض ڪرڻ لڳا تہ ھو سرڪاري طور کين حڪم ڪري تہ غلام ھنن سان گڏجي موٽي ھلن. پر ڪليڪٽر ائين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو ۽ چيو تہ اھي ماڻھو غلاميءَ جا زنجير ڀڃي آجا ٿي ويندا، پر ھن ماڻھوءَ نہ مالڪن جي مدد ڪئي نہ وري غلامن جي ڪا واھر ڪيائين. جڏھن مالڪ پنھنجي غلامن کي زوري وٺي وڃڻ لڳا، تہ ٻہ غلام سرحد اڪري سنڌ ۾ داخل ٿي ويا جيڪي ڪليڪٽر جي گھوڙي ڀرسان بيٺا ھئا ۽ سندن ھٿن ۾ ڪھاڙيون ھيون.
ميرن جي واپس اچڻ جو چوٻول چؤطرف پکڙي ويو ھو. علي مراد تہ اھڙيون خبرون ٻڌي ھراسجي ويو ھو. کيس اچي ھورا کورا لڳي ھئي تہ انگريزن سان ڪيل معاھدو بحال ڪيو ويندو يا نھ. کيس اھو بہ ڀؤ ورائي ويو ھو تہ جيڪڏھن پنجاب جون حالتون خراب ٿيون تہ کيس ھڪ نئون معاھدو ڪرڻو پوندو. ان کان جلد ئي پوءِ ھڪ سبب بہ پيدا ٿي پيو ھو جو پنجاب تي حملي ڪرڻ جي نيت سان موڪليل بيشمار فوج اچي سنڌ پھتي ھئي. تنھن ڪري علي مراد کي اچي ڦڦڙي لڳي ھئي تہ متان انگريز ڪو اوڻو پير کڻي. پر سر چارلس ان جي خلاف ھو تہ اھا فوج سنڌ وچان نہ گذري. ليڪن ڏاڍي جي مھريءَ کي ڏھھ مٿايا مٺي بہ ماٺ تہ مٺي بہ ماٺ. مخالفن مطابق اھڙي ڳنڀير وايو منڊل کي ڏسي ماڻھو سندس فرمانبردار ٿي ويا ھئا، پر چارلس سندن اھڙن خيالن کي رد ڪري ڇڏيو ھو ۽ چوڻ لڳو ھو تہ مخالف چون ٿا تہ سنڌ جا ماڻھو ايتري بيشمار فوج ڏسي ڊڄي ويا ھئا ۽ ان دوران سر چارلس سنڌ جي انتظاميھ جي جوڙجڪ ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿي ويو آھي. پر خوف واري اھڙي اثر جو زمانو گھڻو وقت اڳي گذري چڪو ھو. ھاڻي ھتان جا ماڻھو سر چارلس کي عزت ۽ احترام جي نظرن سان ڏسي رھيا ھئا. ڇاڪاڻ تہ انھن کي پنھنجي پورھئي ۽ پگھر جو ڦل ملي رھيو ھو. وٽن دولت گڏ ٿي وئي ھئي. اھي خوف ۽ دھشت ڪري ماٺ ڪونہ ھئا، پر کين انصاف ملي رھيو ھو ۽ خوش ھئا. اھي خوش انھيءَ ڪري ھئا، جو تہ کين خبر ھئي تہ ھنن جي فائدي واريون ڳالھيون ڪھڙيون آھن.
ھن وقت سر چارلس کي پڪ ٿي وئي ھئي تہ انگلينڊ جا ماڻھو ممبئي واريءَ ڌر سان ٻٽ ۽ جھٽ آھن ۽ انھن ماڻھن جو تحفظ ڪري رھيا آھن، جيڪي مٿس الزام ھڻي رھيا آھن. اھي پاڻ بہ ھن مٿان حملا ڪري رھيا ھئا ۽ سندن دشمني ڏينھون ڏينھن وڌي رھي ھئي. ھن ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان خدمت ڪئي ھئي ۽ ڪوشش ڪري رھيو ھو، پر موٽ ۾ اھي کيس تباھہ ڪرڻ لاءِ ڪانبو ٻڌي سندس ڪڍ لڳي پيا ھئا، ليڪن حقيقت اھا ھئي تہ ھن جي سادگيءَ ۽ سچائي مان کين ڏاڍو فائدو پھچي رھيو ھو ھي تہ رڳو جنگ جي فن ۾ ماھر ھو پر امن امان قائم ڪرڻ ۾ بہ ڪويسر ھو. ھن جنگين ۾ سوڀ ماڻي ھئي ۽ ڪيترن تاجدارن جا تخت تاراج ڪيا ھئا. ھو ڪيترن بغاوتن کي ختم ڪيو ھو ۽ ڪيترن قومن تي حڪومت ڪئي، نہ قانون سازي ۾ دير ڪيائين نہ وري انصاف ڏيڻ ۾ طوالت. ھن جي ڪري ئي انگريز راڄ سان ماڻھن محبت ڪئي. ھن جي وسيلي انگريزن کي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو ٿي ويو. نہ تہ ھن کان اڳ ماڻھو ھنن کان ڀڄندا ۽ نفرت ڪندا ھئا. موٽ ۾ ھن کي ڇا مليو؟ فقط دشمني نہ پر ذلت آميز دشمني. ساڙ، حسد، ڪينو، بغض ۽ گاريون. سندن تعريف جوڳين خوبين ۽ خاصيتن کان انڪار ڪيو ويو. سندس ڪردار کي ظلم ۽ ڏاڍ جي الزامن سان ڪارو ڪيو ويو. اھڙن ماڻھن ھن مٿان الزام ۽ بھتان ھنيا، جيڪي بادشاھن جا قرضي ھئا. ھي بي انتھا ڏاھو، دلير ماڻھو جنھن ڪڏھن ڪو اوڪو ۽ آئٺو ڪم ڪونہ ڪيو، نہ رشوت ئي کاڌي. ھي اھو پھريون ماڻھو ھو جنھن کي ھندستاني طرز جي جنگ تي مھارت حاصل ھئي. پر جڏھن اعزازن جي ورھاست ٿي تہ اختيار وارن کان ھن جو نالو وسري ويو. پارليامينٽ جي پيش ڪيل کيس خراج عقيدت بہ سال لاءِ ھن ڏانھن رواني ڪانہ ڪئي وئي ھئي. سندن ھي رويو ھڪ فاتح جنرل لاءِ ڄڻ تہ توھين ھو. ڪي سرڪاري ماڻھو اھڙا بہ ھئا جيڪي ھن معزز انسان جي بي عزتي ڪندا ھئا جنھن جو ھڪ ميمبر ھاڻي وزير بڻجي ويو آھي. اھي بہ ڪوششون ڪيون ويون ھيون تہ ھن ڏانھن ايندڙ سرڪاري خط رستي ۾ روڪيا وڃن. انھيءَ لاءِ تہ جيئن ھن جي ڪارڪردگي عوام تائين پھچي نہ سگھي. ان کان سواءِ ھن سان ٻيون بہ ڪيتريون ئي جٺيون ڪيون ويون ھيون. جن جو مقصد فوج ۾ سندس وقار کي مجروح ڪرڻ ھو. جڏھن ھندستان جي مختلف فاتح انگريز جنرلن جي اعزاز ۾ دعوت ڏني وئي ھئي پر سر چارلس جو نالو ڄاڻي ٻجھي ڪٽيو ويو ھو ڄڻ ھڪ اھم فوجي ڪمانڊر نہ پر ڪو اخلاقي مجرم ھو، جنھن جو اھڙو احترام ڪرڻ صحيح ڪونہ ھو. توڙي جو ھن بي مثال جنگي سوڀون ماڻيون ھيون. ھن سول حڪومت کي اھم پيداواري ذريعا حاصل ڪري ڏنا ھئا. سندس عقابي نظر ايڏي تيز ھئي جو ڪنھن کي پئسي ڏوڪڙ جي غلط استعمال جي جرئت ٿي ڪانہ سگھندي ھئي.
اھڙين ڳالھين سندس اندرينءَ سوچ کي ڏاڍو متاثر ڪيو ھو ۽ انھن ماڻھن جي خدمت ڪرڻ جو پڪو پھھ ڪيو ھو جيڪي کيس بي انصاف سمجھندا ھئا ۽ اھو بہ سمجھندا ھئا تہ ھن ماڻھوءَ سندن بي عزتي ڪئي آھي. تنھن ڪري ھو مايوس ٿي ويو ۽ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ گوشئھ نشين ٿي ويو. پر سوچيندو ھو تہ کيس ماڻھن جو اڃا ڪيترو ئي قرض ڏيڻو آھي. ھن ڪيترن غير مھذب ماڻھن کي فتح ڪري مھذب بڻايو ھو ۽ پڪو پھھ ڪيو ھئائين ھو تيستائين رٽائر ڪونہ ٿيندو، جيستائين پنھنجي ڪم کي مستحڪم نہ ڪندو. ھن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ کيس اڃا ھڪ سال وڌيڪ ملازمت ڪرڻي ھئي. ھن جا اھم مقصد ھي ھئا.
1) فوج جو ايترو گھٽ تعداد سنڌ ۾ رکڻ جيترو لارڊ آڪلنڊ روھڙي، سکر ۽ شڪارپور ۾ گئريسن طور رکڻ جي اجازت ڏني ھئي، جيڪا پنج ھزار مس ھئي. انھيءَ زماني ۾ حڪمران ٽالپر ھئا ۽ ايتري فوج بلڪل اڻپوري ھئي. پر ھاڻي سنڌ لاءِ اھا ٿوري فوج بہ گھڻي آھي. ھندستان سرڪار جي نقطئھ نظر موجب فوج جو ايترو تعداد ڪافي آھي. پر جيڪڏھن سنڌ جي حڪومت ڪنھن سول عملدار يا اڻ ڏٺي اڻ ٻڌي فوجي ڪمانڊر جي حوالي ڪئي وئي تہ اھو ماڻھو فوج جي تعداد ۾ ضرور اضافو آڻيندو.
2) ھتي محصول جو ھڪ سولو ۽ سڌريل نظام متعارف ڪيو ويو ھو. شھرن ۾ داخل ٿيندڙ تجارتي مال تي تمام گھڻو ناڪو چنگي ورتو ويندو ھو جنھن کي صفا ختم ڪيو ويو آھي. برآمدي محصول بہ سرحد جي پٽي تي مقرر جڳھن وٽ ورتو ويندو آھي. ھي معاملو مستقبل جي تجارت جي فائدي سان تعلق رکي ٿو، پر ھن مان شھرن کي ترت فائدو ٿيندو. اھڙي تجارتي چرپر ۽ محصول جي وصوليءَ تي تيز نظر رکڻ جي ضرورت آھي.
3) ھندستان سرڪار کان مٺڻ ڪوٽ وٺجي ۽ ان کي سنڌ جي لازم ۽ ملز ماڳ طور ڪتب آڻجي. ان کان سواءِ ڪڇيءَ واري ماڳ ڊيرا ۾ فوج رھائڻ گھرجي. پوءِ ان کي فوجي چوڪي بڻائجي يا ان کي فوجي ڪالونيءَ جي حيثيت ڏجي. سنڌوءَ کان وٺي ڍاڍر تائين ھن پٽيءَ کي سنڌ جي سرحد مقرر ٿيڻ کپي، جيڪا بولان لڪ جي منھن وٽ وڃي بيھي. اھڙيءَ سرحدي جوڙجڪ کان پوءِ ڌاڙيل بلوچ قبيلا ھتي ويھي ڪونہ سگھندا. جيڪڏھن ڌاڙيل ھن جوءِ تي ويھي ويا تہ انھن مان جند ڇڏائڻ لاءِ وڏي رتو ڇاڻ ڪرڻي پوندي. ڇاڪاڻ مون کي شخصي طور اھڙو تجربو آھي.
ھيءُ جنرل سنڌ ۾ بہ انھيءَ ارادي سان رھيو ھو تہ ٻئي مقصد حاصل ڪيا وڃن. ھي لاھور ويو ۽ موٽي آيو. ان وقت ھو جسماني طور ڏاڍو ڪمزور ھو. ائين ٿيڻ ڪري سندس بلند حوصلا ماٺ ٿي ويا ھئا. ھن اھا پيش قدمي ان وقت ڪئي ھئي جڏھن سنڌ ۾ ڪالرا ڪيس ڪري ڇڏيا ھئا جنھن جي نتيجي ۾ سندس گھر مان بہ لاش نڪتا ھئا. اھڙي ڏک سندس ڏيل کي ڏنڀي رکيو ھو ۽ جيئري ئي لاش بڻجي ويو ھو. ايندڙ سرءُ تائين سندس جيءَ کي وڇوڙي جي جھوري لڳي رھي. ان کان پوءِ مس وڃي پاڻ سنڀالي سگھيو ھو.
خوشيءَ جي ڳالھہ اھا بہ ھئي جو ھن جي قائم ڪيل سنڌ جي انتظاميھ، ھاڻي سولائيءَ سان ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ھو. انھيءَ زماني ۾ سکر ۾ ڪالرا قھر ڪري ڇڏيا ھئا. ھن ماڳ کان سواءِ ٻي ساري سنڌ ھن آپدا کان آجي ھئي. ڏوھھ بہ گھڻو گھٽجي ويا ھئا. اڳي عورتن جا قتل گھڻا ٿيندا ھئا. پر ھاڻي اھي بہ گھٽجي ويا آھن. قتل جا ٻيا واقعا بہ ايڪڙ ٻيڪڙ نظر اچي رھيا آھن. ان مان معلوم ٿي رھيو ھو تہ ماڻھن جون سماجي عادتون تبديل ٿي ويون آھن. سرڪاري ڪم بہ گھڻا ٿي رھيا آھن. ڪراچي جي سامونڊي ڪناري وٽ ھڪ دمدمو تيار ڪيو ويو آھي. جيڪو گھڻي پنڌ تائين سمنڊ اندر ھيلو وڃي ٿو. تجارتي سامان جي آمد رفت سان لاڳاپيل آگبوٽ ھن جو پاسو ڏئي ھاڪاريندا آھن ۽ سکر ڏانھن ويندا آھن. ھيءُ سنڌوءَ وسيلي تجارتي ترقيءَ ناتي ھڪ اھم قدم آھي. ڪراچيءَ ڀرسان سامونڊي کاريون آھن. جتي بھتر جنس جو لوڻ تمام گھڻو آھي. لارڊ ھاب ھائوس ڏانھن لکيل يادداشت نامي ۾ بہ ان جو ذڪر ڪيو ويو ھو. اھڙيون کاڻيون ھلنديون وڃي سنڌوءَ جي ڇوڙ وٽ ختم ٿين ٿيون. انھن کي صاف ڪرائي کوٽائي واھھ جي شڪل ڏئي سگھجي ٿي. ھن واھھ ۾ پاڻي مستقل بيٺو ھوندو نہ ھن کي سانوڻ جي مينھوڳي متاثر ڪري سگھندي، نہ وري طوفان ئي ھن کي مشڪل بنائي سگھندو. ان ڪري آگبوٽ ھر موسم دوران پيا سولائيءَ سان ايندا ۽ ويندا.
ھي واھھ سنڌوءَ سان ھڪ سڌو رابطو آھي ۽ ڪراچي ھن آبي رستي جو ھڪ مستقل بندر ھوندو. جنرل سر چارلس سنڌوءَ جي ڇوڙ تائين ٻہ آگبوٽ مقرر ڪيا آھن جيڪي تجارتي مال کڻي ان ماڳ تائين پھچندا آھن. اھڙيءَ طرح وچ ايشيا جي تجارت لاءِ ھڪ نئون رستو کلي پوندو ۽ اڄ يا سڀاڻي ان مان سنڌ کي تمام گھڻو فائدو ٿيندو ۽ جلد ئي سکي ستابي ٿي ويندي. اھا فطري ڳالھہ آھي ھر ڪم جي ابتدا ۾ گھڻيون مشڪلاتون سامھون اينديون آھن جن کي ھن ريت بيان ڪري سگھجي ٿو:
”ڪراچي جا واپاري ڊڄڻا آھن يا ٿي سگھي ٿو تہ اھي چالاڪ ھجن، جيڪي مون کي ڊيڄاري رھيا آھن تہ مان تجارتي سامان جي نقل حرڪت جو ڀاڙو ٿورو وصول ڪريان، پر اھي ھن معاملي ۾ سوڀارا ڪونہ ٿيندا. مان حساب ڪتاب ڪري ڀاڙو ڪرايو اڳيئي تمام گھٽ ڪري ڇڏيو آھي. جيڪڏھن ھو ائين نہ ٿا ڪن تہ پنھنجا آگبوٽ خريد ڪن. سوئرن کي اناج زبردستي تہ نہ ٿو کارائي سگھجي. جيڪڏھن ھي واپاري پنھنجو تجارتي سامان ڀاڙي جي مقرر اگھھ سان آگبوٽن وسيلي مٿي کڻي وڃڻ نہ چاھين تہ انھن لاءِ اٺ تہ موجود آھن،جيڪي شڪارپور تائين سفر ۾ پنج ھفتا لڳائيندا. جڏھن تہ آگبوٽ اتي پھچڻ ۾ فقط سورھن ڏينھن وٺي ٿو. اٺن واري تجارتي قافلي سان ھٿيار بند پھريدار بہ ساڻ کڻبا آھن. پر پوءِ بہ يقين ڪونہ ھوندو آھي تہ ساٿ سلامت رھي سگھندو الائي نھ. جڏھن تہ آگبوٽ جو سفر بنا ڪنھن خوف خطري جي ھوندو آھي ۽ فقط ھڪڙو ماڻھو حفاظت لاءِ ڪافي ھوندو آھي. پر قافلي جي ھر ھڪ اٺ لاءِ ٻہ ماڻھو ضروري ھوندا آھن. ھڪ مھار کان ڇڪيندو آھي ۽ ٻيو پھريون ڏيندو ھلندو آھي. اھڙيءَ طرح ھر ھڪ قافلي سان ويھن کان ٽيھھ پھريدار ضرور کڻبا آھن. ڪي قافلا منزل مقصود تائين پھچڻ لاءِ ٽي مھينا وٺي ويندا آھن. اھڙين مشڪلاتن ھوندي بہ واپاري آگبوٽ لاءِ مون وٽ ڪونہ ايندا آھن. اھڙو موشو سندن چالاڪي ھوندي آھي. پر ڪاڪرس جي حساب ڪتاب سان ھنن ماڻھن سان پڄي سگھجي ٿو.
شڪارپور جا واپاري ڪجهہ وڌيڪ دورانديش آھن ۽ سمجھندا آھن تہ آگبوٽ گھٽ ۾ گھٽ ٻيو نہ تہ پنھنجي ٻارڻ جو حساب تہ وٺندا. ان کان سواءِ ٻي اھم ڳالھہ اھا ھوندي آھي تہ اھي سدائين تيار ھوندا آھن. رڳو سامان لڏڻ جي دير ھوندي آھي. جيڪڏھن آگبوٽن سان لاڳاپيل عملدار ڪيڏانھن وڃڻ نہ چاھيندا آھن تہ مان انھن تي زور ڪونہ رکندو آھيان. اھو ضروري ھوندو آھي تہ اھي عملدار اتان جي ماڻھن کي بہ سڃاڻيندا ھجن. پر تجارتي آگبوٽن لاءِ ائين ڪونہ ھوندو آھي. جيڪڏھن سامان قيمتي ھوندو آھي تہ تجارتي آگبوٽ ڀاڙو ڪجهہ وڌيڪ وٺندا آھن. منھنجو تجربو ٻڌائي ٿو تہ آگبوٽن جي تجارتي آمد رفت سرڪار پنھنجي ھٿ ھيٺ نہ رکي، پر واپارين جي حوالي ڪري ڇڏي. انھيءَ ڪري واپاري تجارتي آمدرفت لاءِ اٺن جي قافلن مان ھٿ ڪڍي ويندا. جيڪڏھن چاھيندا بہ تہ ائين ڪري ڪونہ سگھندا. اھڙيءَ ريت تجارتي آمدرفت ۾ تيز رفتاري اچي ويندي. ڀاڙي ڪرائي جو تعين طلب کي ڏسي ڪيو ويندو. جيڪڏھن فائدو گھڻو ٿيندو تہ ڪي، خانگي ماڻھو بہ آگبوٽ خريد ڪري تجارتي مقصدن لاءِ ڪتب آڻيندا، پر ان لاءِ ھڪ ننڍڙي ٻارڙي کي پالي نپائي وڏو ڪبو.
ھن قسم جي بھترين صورتحال کي وڏي پيداوار جي ھٿي ملي وئي آھي. 1846ع واري زراعت کي جنگين، بيمارين، ماڪڙ ۽ درياھي چاڙھھ ۾ ڪو نقصان ڪونہ پھچايو ھو. تنھن ڪري اناج جا اگھھ ھيٺ لھي اڌ بھا تي پھتا ھئا. ٽالپر خاندان جي اقتدار ۾ اچڻ واري دور کان وٺي اڄ تائين سنڌ ڪڏھن بہ ڪڻڪ برآمد ڪانہ ڪئي ھئي. پر سدائين درآمد ڪندي ھئي. سنڌ 1846ع ۽ 1847ع ۾ پھريون ڀيرو ممبئي وسيلي ڪڻڪ انگلينڊ ڏانھن برآمد ڪئي ھئي. ۽ تمام گھڻو ناڻو ڪمايو ھو. ڇاڪاڻ تہ اھا ڪئناڊا جي ڪڻڪ کان وڌيڪ سخت، خشڪ ۽ ڳؤري ھئي ۽ کلئي مارڪيٽ ان جو اگھھ في ٽن جي حساب ويھھ شلنگ وڌيڪ ھو. سر چارلس نيپئر يارھن ھزار ٽن ڪڻڪ ڍل ۾ ورتي ھئي. جيڪا ھن آئرلينڊ کي ڏني ھئي، جيڪو ان وقت ڏڪار جي ور چڙھيل ۽ انگلينڊ واري ڪڻڪ جي اگھھ کان ٽيون حصو گھٽ نرخ تي ڏني ھئي. لارڊ ايلنبرو اتان جي وزيرن کي ڪڻڪ جي سولي پھچ جو ٻڌايو ھو. اھڙيءَ ريت سنڌ جي ڪڻڪ آئرلينڊ جي ماڻھن جون تڪليفون گھٽائي ورتيون ھيون ۽ سنڌ جي پيداوار ۾ اضافو ڪيو ھو. اھڙا قدم آئرلينڊ ۽ سنڌ لاءِ فائدي وارا ھئا. پر پوءِ اھڙين فائدي وارين ڳالھين کي رد ڪيو ويو ھو.
ڪڻڪ جي سٺي فصل لھڻ ڪري سرڪار جي پيداوار گھٽجي وئي ھئي. ڇاڪاڻ تہ ڍل جنسن جي شڪل ۾ ڏنو ويو ھو. پر پوءِ بہ ايتري گھڻي ھئي جو انتظاميھ جي خرچ ڀرڻ کانپوءِ فوج جي خرچ جو پورائو ٿي ويو ھو. سر چارلس لاءِ انساني ڀلائي واسطي پيداوار ثانوي حيثيت رکندي ھئي. سندس خواھش ھئي تہ سنڌ ۾ ڪابھ شيءِ درآمد نہ ٿئي ۽ سنڌ خود ڪفيل رھي. سندس اھو بہ نقطئھ نظر ھو تہ انتظاميھ ۽ بچاءَ جي خرچ کان محصول واري پيداوار گھڻي وڌيڪ نہ ھجي. جيڪڏھن اھا وڌي وئي تہ سرڪار کي مجرم سمجھڻ گھرجي. پر اھڙن خرچن کي گھٽائڻ پنھنجو مقدس فرض سمجھڻ کپي. ائين بہ نہ جو انتظاميھ جي حالت رحم جوڳي بڻجي وڃي. سندس مقصد ھو تہ اھڙن ضروري ادارن کي صفا مفلوج بنائي نہ ڇڏجي. جڏھن سنڌ وڏي سڪر واري ٿي وئي، ماڻھو بہ سکيا ستابا ٿي ويا تہ ممبئي واري الزامن ھڻڻ واري ڌر جا تاڪ لڳي ويا جيڪي چوڻ لڳا ھئا تہ اھي سڀ ڳالھيون ڪوڙيون آھن جن تي اعتبار ڪري ڪونہ ٿو سگھجي. اھو چوڻ بہ غلط آھي سنڌين جي گھرن جي اڱڻ ان جون پليون موجود آھن. پر حقيقت اھا آھي تہ اھي ويچارا مانيءَ جي ڳڀي جا بہ محتاج آھن ۽ ڏڪار کين لاچار ڪري ڇڏيو آھي. اھو سر چارلس جي جھالت ڪري ائين ٿيو آھي. اھڙيون اخبارن وسيلي انگلينڊ پھتيون ھيون، جيڪي وري اتان جي اخبارن ۾ سچ سمجھي کنيون ھيون.
سر چارلس اھڙين اجاين ڳالھين ڏانھن ڪنھن بہ قسم جو ڌيان ڪونہ ڏنو ھو ۽ پنھنجي انتظامي ڪمن ۾ لڳو رھيو. آبپاشي نظام جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ واھن جي کوٽائي جو ڪم تيز رفتاريءَ سان ھلي رھيو ھو. ھي ڪم ڪئپٽن پيٽ جي نگراني ۾ ٿي رھيو ھو. جيڪو سندس حوالي ڪيو ويو ھو. ھي ڏاھو ۽ ڏات ڌڻي عملدار ھو. ان ڪري جنرل چارلس کي پڪ ٿي وئي ھئي تہ اھو ڪم صحيح طريقي سان مڪمل ٿي ويندو ۽ جيڪڏھن ھندستان سرڪار خرچ پکي ۾ واھر ڪئي تہ سنڌ لاءِ خوشحاليءَ جو رستو کلي پوندو. ان ڳالھہ کي نظر ۾ رکي ھن ڪيترائي منصوبا جوڙيا ھئا ۽ ان مقصد کي آڏو رکي تحقيق ڪرڻ جي ارادي سان ڪيترا آگبوٽ اٽڪ بہ موڪليا ھئا. کيس اميد ھئي تہ ھن وڏي درياه وسيلي تجارتي آمد رفت شروع ڪري سگھجي. اھڙيءَ ريت ھن درياه جي ڀرتي ڪندڙ شاخن وسيلي بہ تجارت جي ابتدا ڪري سگھجي ٿي. پر ڪامورا شاھي جي اجائي دير ڪرڻ ڪري سندس سڀئي منصوبا مٽيءَ ۾ ملي ويا ھئا ۽ سڀئي آسون اميدون ھوا اڏائي وئي ھئي. ھن جيڪي بہ منصوبا تيار ڪري مٿي موڪليا ھئا تن جو کيس ھاڪاري ناڪاري جواب بہ ڪونہ ڏنو ويو ھو. نہ رڳو اھو پر ھن جيڪي پنجاب خلاف جنگ لاءِ جيڪا بھترين فوج منظم ڪئي تنھن کي ختم ڪري ڇڏڻو پيو ھو. ھن جو اھو سٺو موقعو ھو جنھن، جو ھن فائدو بہ ورتو ھو. ان ڪري ھن جنوري 1847ع ۾ ھڪ حڪم جاري ڪيو ھو جنھن ۾ سنڌ جي اھميت تي روشني وڌي ھئي. منظم ڪيل فوج کي ختم ڪيو ويو ھو.
”سنڌ جي فوج کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڪيو پيو وڃي. ان ناتي فوج جي تعداد گھٽايو ويندو. پر سنڌ جي سرحد واري علائقي جي قلعن اندر کئوسين فوج رکي اھا مختصر فوج سنڌ جي امن امان لاءِ موجود ھوندي، جيڪا اڳين ٻن سالن کان وٺي ھتي موجود آھي. پر لاھو رجي سرڪار ۽ ان جي فوج جي سرگرمين کي ڏسي ھندستان سرڪار پنھنجي طرفان ضرور فوج رکندي.
پنجاب کان خوف خطري جو احساس وڌي رھيو ھو. ڇاڪاڻ تہ ستلج واري علائقي ۾ انگريزن ڪجهہ سوڀون ماڻي ورتيون ھيون. تنھن ڪري سنڌوءَ وسيلي مٿي ويندڙ فوج جو تعداد گھٽايو ويو ھو.
سنڌ ۾ رھندڙ مختصر فوج، ھن مانائتي صوبي جي امن امان لاءِ آھي. ھتان جا ماڻھو امن امان سان ھلي رھيا آھن ۽ قانون جو احترام ڪري رھيا آھن. اھڙيون ڳالھيون ھتي رھندڙ فوج لاءِ وڏي واھر آھن. اھو ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي رھي آھي، ڇاڪاڻ تہ فوج جو انھن ڏانھن رويو بہ سٺو ۽ ھمدردانھ آھي. انگلينڊ بہ ھن پرامن صوبي ڪري خوش آھي جنھن کي انگريزن بھادر فوج فتح ڪيو ھو. انھن انگريز عملدارن جي ڏانءَ ۽ ڏات کي مڃتا ملڻ گھرجي. جيئن سنڌ سرڪار جي ھر کاتي کي ھلائڻ جي ابتدا ڪئي ھئي ۽ انھن عملدارن جي عقل ۽ دانش کي دل ڏيڻ گھرجي جن عدل ۽ انصاف کي قائم رکڻ لاءِ رات ڏينھن رت ولوڙيو. انھن ماڻھن جا بہ احسان آھن، جن ھن صوبي جي انتظاميھ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ جاکوڙيو ھو. سنڌ جي ماڻھن ٻہ ڀيرا پنھنجي شرافت جو مظاھرو ڪيو ھو. ھڪ ان وقت جڏھن سنڌ جي ساري فوج، ڪڇيءَ واري جابلو علائقي جي ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ اوڏانھن ھلي وئي ھئي. ٻيو ڀيرو تڏھن جڏھن ھي فوج پنجاب تي حملي ڪرڻ لاءِ بھاولپور ۾ موجود ھئي.
انگريز فوج سنڌ کي فتح ڪري ھتان جي غلام قوم کي آزاد ڪرايو ھو ۽ ڌاڙيلن جي آزار کي ختم ڪري، امن امان قائم ڪئي ھئي. ان کان سواءِ ھن فوج ڪمپنيءَ جي خزاني ۾ سنڌ جي پيداوار جو بہ اضافو ڪيو ھو. تنھن ڪري ھي محترم ۽ باوقار فوج جتي اڳئين مالي سال دوران عام نوعيت ۽ خاص نوعيت جي خرچ جا ڪل انگ اکر پندرھن لک ھڪ ھزار ست چوونجاھھ رپيا ھئا جنھن ۾ ٻہ ھزار چار سو پوليس وارن جون پگھارون بہ شامل سمجھيون وڃن، جن مان ڪي گھوڙيسوار ۽ پيادل ھئا. جڏھن تہ ان سال جي پيدوار ايڪيتاليھھ لک ٻائيتيالھھ ھزار نو سو ٻارھن رپيا ھئا. باقي بچت واري پنجويھھ لک رقم فوج لاءِ کنيل قرض ۾ واپس ڪئي وئي. ھي خرچ سنڌ جي فتح تي ڪونہ آيو ھو. پر ان کان اڳ واري سنڌ جي والار ۽ پنجاب تي ڪيل حملي دوران فوج تي آيو ھو.
سنڌ جي فتح کان ھن فوج تي ڪو گھٽ خرچ ڪونہ ٿيو ھو. پر اھو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ذمي ھو. فتح کان پوءِ ٻائيتاليھھ لک ستٽيھھ ھزار چار سؤ پنجٽيھھ روپيا گھٽجي ويو آھي. ڇاڪاڻ تہ اھا رقم دٻي حيدرآباد واري جنگ کان پوءِ کان وٺي، اڄ تائين وصول ڪري، سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آھي. سول گورنمينٽ ۽ پوليس تي آيل خرچ ھن کان علاوه آھي.
فتح کان اڳ وارو سارو خرچ تہ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ذميواري آھي. پر ان کان پوءِ اسان ڪمپنيءَ کان ھڪ پئسو بہ ڪونہ ورتو آھي. انگريزنن جي فوج 1842ع ۾ ڪراچي ۽ سکر تي قبضو ڪري ورتو ھو. پر جيڪڏھن ٽالپر سنڌ جا حڪمران ھجن ھا ۽ ان فوج کي سنڌ مان ڪڍي ڇڏين ھا جيڪا ھڪ ٻئي کان چار سو ميل پري ھئي. جڏھن تہ ڪراچي ڀرسان حيدرآباد ۾ اتان جي ۽ سکر ڀرسان خيرپور جي ميرن جي فوج موجود ھئي. اھي فوجون وچ سنڌ ۾ ملي ڪراچي تي حملو ڪن ھا، تہ سکر واري فوج ڪراچي واري فوج جي واھر ڪري ڪانہ سگھي ھا ۽ جيڪڏھن سکر واري فوج تي حملو ڪيو وڃي ھا تہ ڪراچي واري فوج مدد ڪري ڪانہ سگھي ھا. جيڪڏھن مدد لاءِ ٻئي پاسي کان فوج موڪلي وڃا ھا، تہ ان کي پھچڻ ۾ ڀريا پنج مھينا لڳي وڃن ھا. اسان پنھنجن قبضن کي برقرار رکي سگھون يا نہ رکي سگھون ھا اھا ڳالھہ ٻنھي حڪمرانن جي عقل تي آڌاريل ھئي. ڇاڪاڻ تہ اھي سکر ۽ ڪراچي جي وچ واري مرڪزي علائقي جا حڪمران ھئا ۽ ھڪ لک فوج سندن ڪمانڊ ھيٺ ھئي.
مختلف ھنڌن تي ورھائجي ويل فوجون وڍجي ڳتر ٿي وڃن ھا. ڇاڪاڻ تہ ھنن لاءِ پوئتي موٽڻ جا سڀ ڳٿا بند ھئا.
لارڊ ايلنبرو 1843ع ۾ جنگي سرگرمين جو حڪم ڏئي، ڪابل کان شڪست کائي موٽندڙ فوج کي قتل عام کان بچائي ورتو ھو، جيڪا ان وقت سنڌ ۾ موجود ھئي. ان کان سواءِ ھن ھندستان جي انگريز شھنشاھت جي اتر – اولھہ واري سرحد کي وڌيڪ محفوظ ڪري ورتو ھو. جيڪڏھن ڏسجي تہ فوجي نقطئھ نگاھھ کان سنڌ ھڪ اھم جڳھھ آھي. جيتري قدر تجارت جو تعلق آھي تہ ان لاءِ سنڌو موجود آھي. جنھن وسيلي تجارتي آمد رفت ڏاڍي سولي آھي. پنجاب لاءِ بہ ھيءَ ڌرتي ڪنجيءَ جي حيثيت رک ٿي.
جيتري قدر فتح جو تعلق آھي تہ ان ۾ بہ سکر ۽ ڪراچي ۾ رھيل قابض فوجن حصو ورتو ھو. جنھن ۾ ھڪ فوجيءَ جو بہ اضافو ڪونہ ڪيو ويو آھي. سنڌ کي فقط ان ئي فوج فتح ڪيو ھو، جيڪا اڳي اتي قابض ھئي ۽ سکر ۾ رھيل ھئي.
ھيءَ اھڙي حقيقت آھي جنھن کي ورجائڻ جي ضرورت ڪانہ آھي. پر ساري حقيقت اھا ڪانہ آھي جنھن کان اڳ واري سرحد پٽي ڀڄ کان ’ٻاھڙمير‘ تائين پکڙيل ھئي. پر ھاڻي اھا اڳتي وڌي سنڌ جي اولاھين سرحدي پٽيءَ وٽ وڃي بيٺي آھي. سنڌ ۾ گئريسن فوج رکڻ جي ڪابھ ضرورت ڪانہ آھي. نہ وري اضافي لشڪر جي کوٽ محسوس ٿيندي، جنھن جي ٽوٽ وڃي ممبئي جي فوج تي پوي. ھاڻي ھتي فقط فتح واري فوج جي رھڻ جي ضرورت آھي. ھڪ بہ فوجيءَ کي ھتان ٻاھر ڪونہ ڪڍيو ويندو. سنڌوءَ تي ھلندڙ تجارت بہ بند ڪانہ ٿيندي، پوءِ ڀلي پنجاب جي تجارت بہ کولي وڃي.
ھن وقت سنڌ جي امن امان لاءِ فوج کان سواءِ پوليس بہ رکي وئي آھي. خرچ پکي لٿي جيڪي چار ڏوڪڙ بچن ٿا ھندستان سرڪار جي خزاني ۾ جمع ڪرايا وڃن ٿا. فوج تي ايندڙ خرچ ممبئي سرڪار جي ذميواري آھي، جنھن لاءِ سنڌ خرچ ڪانہ ڀريندي. پر پوءِ بہ اھو خرچ سنڌ برداشت ڪري رھي آھي. جڏھن تہ ھندستان سرڪار جي ٻين صوبن لاءِ ائين ڪونہ آھي.
سنڌ جي فتح ڪري ممبئي سرڪار جي پيداوار تمام گھڻي وڌي وئي آھي. اڳي آفيم جي سمگلنگ سنڌ وسيلي ٿيندي ھئي جيڪا ھاڻي ختم ٿي وئي آھي. پر ھاڻي ممبئي سرڪار کي ھن نشيدار شين جو واپاري ڪندي، ڪنھن بي حساب فائدو ٿيندو آھي. ان کان سواءِ ڪراچي ۽ سکر جي وچ ۾ ڏاڍي تيز رفتاري سان تجارت ھلي رھي آھي. جيڪڏھن انگريزن ستلج وارو علائقي جيتي ورتو تہ اھو واپار پنجاب تائين پکڙجي ويندو ۽ سنڌوءَ جي ڀرتي ڪندڙ شاخن وسيلي جيڏانھن ڪيڏانھن ھلي سگھي ٿو. ان ڪري انگريز واپارين کي وڏو فائدو ٿيندو. لارڊ ايلنبرو جي مرضي ھئي تہ سکر جو نالو وڪٽوريا آن انڊس رکيو وڃي،جيڪو وچ ايشيا ڏانھن ويندڙ واپاري شين جو ڀانڊار بڻجي ويو آھي.
”سنڌ فوج“ جي ريجمينٽن ۾ اھا فوج ملازم ھئي، جنھن سنڌ کي فتح ڪيو ۽ ان کان پوءِ اتي قبضو ڪيون ويٺي آھي. ان واقعي کي ھاڻي چار سال گذري ويا آھن پر ھتي نہ تہ انگريز سرڪار خلاف ڪا سازش ۽ بغاوت ٿي آھي، نہ وري ڪنھن قسم جي دشمني نظر اچي ٿي جيڪا انگريز حڪومت يا خانگي طور ڪنھن انگريز خلاف ھجي. نہ وري ڪنھن فوجي عملدار يا فوجي سپاھي ھتان جي ماڻھن کي آزاريو آھي، جو اھڙي شڪايت پيدا ٿي ھجي. فاتح ۽ مفتوح ماڻھن جي وچ ۾ ڪنھن بہ قسم اڻبڻت ڪانہ آھي. جيتري قدر مفتوح لفظ جو تعلق آھي تہ اٽڪل سٺ سال اڳ ھڪ ظالم خاندان غداري ڪري، ھتان جي حڪمران کي قتل ڪري پنھنجي حڪومت ۽ خوف ۽ دھشت جو راڄ قائم ڪيو ھو. اسان تہ ھنن ماڻھن کي ذلت ۽ غلاميءَ مان آزاد ڪيو آھي. تنھن ڪري ھنن ماڻھن کي مفتوح چئي ڪونہ ٿو سگھجي.
ھي فوج ۽ انگريزن جو شان ۽ وقار آھي،جو انھن مياڻي ۽ حيدرآباد واريون جنگيون کٽي ورتيون ھيون. جنگ جرئت تي کٽبي آھي. پر اھا تہ وڌيڪ جرئت ۽ بھادري ھوندي آھي، جڏھن فاتح فوج ۽ مفتوح ماڻھن جي وچ ۾ دوستاڻا ناتا پيدا ٿي وڃن ۽ ماڻھو پرامن ٿي وڃن.
اھا فوج اوھان جي محنت ۽ خوف جو نتيجو آھي. اھي ريجمينٽون موٽي پنھنجي پريزيڊنسين پھتيون ھيون. اھي فوجون انھن ماڻھن لاءِ اعزاز جو ڪارڻ بڻجي ويون جن نھايت سچائيءَ سان پنھنجا منصبي فرض سرانجام ڪيا ھئا، جن جي بھادري ۽ جرئت جي پنھنجي حڪومتن ۽ انگلينڊ جي تاجدار تعريف ڪئي ھئي ۽ منظم فوج لاءِ اھو وڏي ۾ وڏو اعزاز ھو.
مون کي ھن وقت سنڌ جي گورنر جو معزز عھدو آھي. ان کان سواءِ ممبئي جي فوج جي ھڪ حصي جو ڪمانڊر آھيان، جيڪا ھندستان سرڪار جي نئين سرحدي پٽي سان پنھنجو منصبي فرض ادا ڪري رھي آھي. ھاڻي تہ اھو شخص اوھان جي ماتحت فوجي جنرل آھي، جيڪو پوريءَ ريت باخبر آھي تہ توھان ڇا ڪيو آھي ۽ ڪيترا ڏک ۽ ڏچا ڏٺا آھن. اھا بہ خبر آھي تہ اوھان ان فوج کي ڇو ختم ڪري رھيا آھيو، جنھن ھندستان سرڪار جي اعزاز ۾ واڌارو ڪيو آھي مان ان فوج جي خوبين ۽ خامين جو معترف آھيان ۽ ھنن جيڪا مون سان مدد ڪئي ھئي تنھن لاءِ مان سندن ٿورائتو آھيان. ھيءَ فوج جنھن جرئت جو مظاھرو ڪري بھاولپور ڏانھن وڌي ھئي، سا بي مثال ھئي. ھن فوج جھڙي اھم ۽ بھادر فوج ساري ھندستان ۾ ڪانہ لڀندي، جنھن تي پنھنجي ڪمانڊر جو اکٽ اعتماد ھجي.
سنڌ جي اھا فتح سر چارلس جي جرئت ۽ بھادريءَ جو نتيجو ھئي. جنھن ڪري سندس دشمن جو ھيانءُ سڙي ويو ھو. ڇاڪاڻ تہ اھو اھڙيءَ سچائيءَ جو اظھار ھو، جيڪو ھنن ماڻھن لڪائڻ پئي گھريو. ھنن ماڻھن جي ذھني تڪليف ان وقت رھندو بہ وڌي ھئي جڏھن ھن جون لارڊ ايلنبرو ۽ ڊيوڪ آف ويلنگٽن تعريفون ڪيون. انگلينڊ جي تاجدار بہ کيس ”ليفٽيننٽ جنرل آف انڊيا“ جي عھدي تي ترقي ڏني. ھن وقت تائين اھڙو عھدو فقط ڪمانڊر ان چيف لاءِ مخصوص رھيو آھي. جڏھن تہ لارڊ ايلنبرو کيس ھن قسم جي اعزاز سان نوازيو آھي:
”ھتي مون کي سر چارلس نيپئر جي جرئت ۽ بھادريءَ جي تعريف ڪرڻ غير ضروري محسوس ٿي رھي آھي. مان جڏھن گورنر جنرل ھوس تہ مان سندس دليريءَ ۽ جرئت کي ڏسي اھڙا ڪم ڪيا ھئا، جن مان محسوس ٿيندو تہ مان سندس قدر ۽ احترام ڪري رھيو ھوس. مان سمجھان ٿو تہ منھنجي ھندستان مان ھلئي وڃڻ کان پوءِ جيڪي ھن ماڻھوءَ منصبي فرض ادا ڪيا آھن، سي انھن کان بہ عظيم آھن جيڪي ھن منھنجي ايامڪاريءَ دوران سرانجام ڪيا ھئا. پر کيس سندس مان ۽ شان مطابق ڪوبہ اعزاز ڪونہ ڏنو ويو آھي. ھن ڪڇيءَ جي جابلو علائقي جي ڌاڙيلن خلاف جيڪا جنگي مھم شروع ڪئي ھئي، جيڪا مياڻيءَ حيدرآباد وارين جنگين کان بہ اھم ھئي. ھي ٻئي جنگي واقعا تاريخ جو حصو بڻجي چڪا آھن. ھنن فتحن مان بہ معلوم ٿي رھيو آھي تہ ھو نھايت عقلمند انسان ۽ ڏاھو فوجي ڪمانڊر آھي جيڪڏھن ڪابھ سرڪاري انتظاميھ ماڻھن کي خوش ڪري ۽ انھن جو اعتماد بحال ڪري ٿي تہ پوءِ ھن چوڻ ۾ ڪنھن بہ قسم جو وڌاءُ نہ آھي تہ سر چارلس ھڪ وڏو ۽ ڪامياب منتظم ھو. ستلج خلاف مھم دوران کيس اڳواٽ اطلاع ڪونہ ڏنو ويو ھو تہ فوج تيار ھئڻ گھرجي. پر ھن حڪم ملڻ کان فقط ٻن ٽن ھفتن اندر پندرھن ھزار فوج، ملتان خلاف منظم ڪري ورتي جنھن سان ھڪ سو توبون بہ گڏ ھيون. ھن جي پٺيان پرامن سنڌ ھئي. دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ اھو ڪافي ھو تہ جنگ ۽ ان لاءِ سندس اختيار ڪيل حڪمت عملي بي مثال ھئي. ان لاءِ کيس ھن نہ رڳو ساراھھ جوڳو بندوبست ڪيو ھو يا عدل ۽ انصاف سبب سندس حڪومت کي عوامي مڃتا ملي ھئي. پر کيس فوجي نقطئھ نظر کان پوءِ بہ وڏي اھميت حاصل ھئي. ڇاڪاڻ تہ ھن سنڌ ۾ فتحون ڪري جنگي صورتحال کي تبديل ڪري ڇڏيو ھو. پر ھن ملڪ ۾ اھڙين اھم ڳالھين کي پڇ سان سمجھيو ويندو آھي. اھي ٿورا ٿڪا ماڻھو بہ اھڙن واقعن کي اھم ڪونہ ٿا سمجھن، جيڪي پاڻ انھن جنگين ۾ موجود ھئا. مان چوان ٿو، تہ ھن ماڻھوءَ جي اھم خوبين ۽ خاصيتن کي ڏاڍي دير سان محسوس ڪيو ويندو ۽ سر چارلس جي مري وڃڻ کان پوءِ ھتان جي ماڻھن کي معلوم ٿيندو تہ ھيءُ عظيم انسان نہ رڳو ڪامياب فوجي ڪمانڊر ھو، پر سول حڪومت ھلائڻ ۾ بہ ڏات ڌڻي ھو. اھڙين ٻنھي ڳالھين جو ھڪ جاءِ سنگم وڏيءَ دانشمنديءَ جي علامت ھوندو آھي.“
سنڌ ھاڻ ڏاڍي سکي ستابي ٿي وئي آھي، پر ان جي سرحدي پٽي ڌاڙيلن جي آزار کان آجي ڪانہ آھي. 1846ع جي پڇاڙيءَ ۾ بگٽين کي مرين ماري مڃايو. ان کان پوءِ کيتران ۽ مزاري قبيلن بہ ھنن کي ٿو کٽا ڪري ڇڏيو. بعد ۾ دريا خان جي سربراھيءَ ۾ جکراڻين بہ ھنن سان جھيڙو ڳنڍيو ھو جيڪي اڳي بگٽين سان ٻٽ ۽ جھٽ ھوندا ھئا. ھاڻي اھي ساڳيا بگٽي، ڊيرا واري علائقي ۾ پوکي راھي ڪري پيٽ گذر ڪري رھيا آھن ۽ ھڪ جاءِ تي ويھي رھيا آھن. پر سندن پوکون ڪونہ ٿيون. تنھن ڪري ھي بک کان ڇتا ٿي ڌاڙن ۽ ڦرين ڪرڻ جي غرض سان سنڌ ڏانھن اچڻ لڳا آھن. ان صورتحال کي ڏسي انگريز گھوڙيسوار اڳتي وڌي کين مھاڏو ڏيڻ لڳا. ليفٽيننٽ مور سندن اڳواڻ ھو، جيڪو جکراڻين کي ساڻ ڪري اڳتي وڌيو ھو. پھرئين حملي ۾ بگٽين ھن کي شڪست ڏني. پر بعد ۾ ھن جھنگ ۾ وڃي گھڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جن ۾ ھنن جو قبائلي سردار بہ ھو. ان کان پوءِ ھو جڏھن ٻاھر نڪتا تہ مور ڏٺو تہ اھي تعداد ۾ تمام گھڻا ھئا، تنھن ڪري ھو پوئتي ھٽي ويو ۽ جکراڻين کي مقابلي ڪرڻ جو چيائين. جن چيو تہ اسان ساڻن مقابلو ڪري ڪونہ سگھنداسون. ان کان بعد کين ھن جکراڻين کي بگٽين جي گھوڙن کي مارڻ ۽ کين تلوار سان قتل ڪرڻ جو حڪم ڪيو، پر ھو ائين ڪري ڪونہ سگھيا. تنھن ڪري انگريزن جي فوج موٽي اچي ميرپور پھتي ھئي، جتي ڪرنل اسٽئڪ جي ڪمانڊاريءَ ۾ مودي فوج پھچي چڪي ھئي. ان کان سواءِ ليفٽيننٽ گريوز بہ ھن ماڳ تي پھچي چڪو ھو،جنھن کي پڻ بگٽين شڪست ڏني ھئي. بگٽين جي ڌاڙن جي اھڙي خبر شڪارپور موڪلي ڏني ھئائين. ڪرنل اسٽئڪ سان بھادر گھوڙيسوار گڏ ھئا. ان کان سواءِ گريوز جي اطلاع موڪلڻ تي شڪارپور مان رائيفلن وارا ڪجهہ فوجي بہ پھچي ويا ھئا. ڪرنل شاھيمرز ڏانھن اطلاع موڪلڻ وساري ڇڏيو ھو ،جتي گئريسن فوج ويٺي ھئي. جيڪا اوچ ڏانھن وڌي بگٽين جي موٽ وارو رستو روڪي بيھي ھا. بگٽين تي جلدي ۾ حملو ڪرڻ ضروري ھو. ڪرنل اسٽئفڪ ميرپور ۾ چئن ڪلاڪن کان پوءِ گھوڙيسروار وٺي اڳتي روانو ٿيو. پر فوج ۽ وھٽن لاءِ پاڻي کڻڻ وساري ويٺو ھو. ھي ساري رات سفر ڪندو باک ڦٽيءَ جو وڃي بگٽين وٽ پھتو جيڪي ڊپ ۾ ويٺا ھئا ۽ ڌاڙيل ۾ ڦريل چوپائي مال کي ڪاھي وڃي رھيا ھئا. بگٽين جا اٺ سو ماڻھو جن وٽ مقابلي لاءِ فقط تلواريون ھيون جيڪي تلوارن سان ڍالون کڙڪائيندا، وڏا آواز ڪندا فوج مٿان ڪاھي آيا. اسٽئڪ وٽ اڍائي سو گھوڙيسوار ھئا. جن وٽ ڪاربائينس ۽ پسٽول ھئا، پر ھنن سان مقابلي ڪرڻ جو ڀوتو نہ ڀائين ميرپور موٽي آيو. پاڻ سان پاڻي نہ کڻڻ ۽ اوٽ موٽ جي سفر ڪري وھٽ ۽ فوجي اڃ ۾ ساڻا ٿي ڪري پيا ھئا. ڪرنل موٽي اچڻ جو بھانو اھو ڏنو ھو تہ بگٽي پڪيءَ زمين ۽ دڙي تي ھئا ۽ وچ تي وڏي کاھي موجود ھئي. تنھن ڪري ڪرنل اسٽئڪ کي معاف ڪيو ويو ھو. پر بعد ۾ پتو پيو تہ ھڪ ننڍڙي دڙي ھئي ۽ کاھي تہ بلڪل ئي ڪانہ ھئي، ليڪن بعد ۾ پتو پيو تہ انھيءَ ايراضيءَ ۾ سراب ماڻھوءَ جي نظر کي ڌڪو ڏيندو آھي ۽ انگريز ڪمانڊر بہ سراب جو ڌوڪو کائي ويو ھو. انھيءَ ويل اسلام خان بگٽيءَ پنھنجي ماڻھن کي چيو تہ ھو پنھنجي زندگي تان آسرو لاھي ويھي رھيو آھي، تنھن ڪري ھو جابلو علائقي ڏانھن ھليا ويا ۽ گھوڙيسوار بہ موٽي آيا. جبل ۾ پھچڻ کان پوءِ اسلام خان جي صحت بحال ٿي وئي. اتي ويھي ان سردار جي خيرات ڪئي وئي، جنھن کي جھنگل ۾ قتل ڪيو ويو ھو ۽ قسم کنيو ويو تہ جکراڻين سان ھڪ ھڪاڻي ٿيندي ۽ کين ڪڏھن بہ معاف ڪونہ ڪيو ويندو. انگريز گھوڙيسوار ھن مھم ۾ بہ ناڪام ٿيا ھئا، تنھن ڪري نئين طريقي سان سوچيو ويچاريو ويو ھو. ان کان پوءِ نئون بندوبست ۽ جوڙجڪ ڪيو ويو جنھن مان ثابت ٿيو تہ ڌاڙيل مختلف ٽولين ۾ ورھائجي ويا ھئا. ليفٽيننٽ ينگ ھسبنڊ پوليس جو ڪماني ھو، جنھن حملو ڪري ڌاڙيلن جي ھڪ وڏي ٽولي کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ھو. ڳالھہ ھن ريت ھئي تہ کيس خبر پئي تہ ڌاڙيل ڦرلٽ ڪري وڃي رھيا آھن، اھا ڦر ٿوري مال جي ھئي. ينگ ھسبنڊ بہ چوٽيھھ گھوڙيسوار ساڻ ڪري سندن ڪڍي لڳي پيو. ڌاڙيلن جو تعداد تمام گھڻو ھو، ينگ ھسبنڊ بہ پنجويھھ ميل سفر ڪري ھڪ رڻ پٽ ۾ وڃي کين سوگھو ڪيو. ٿوري مقابلي کان پوءِ الف خان ڏھن بگٽين کي قتل ڪري ڇڏيو جڏھن تہ ستن کي قيد ڪري ورتو ھو. ان کان سواءِ ھن دورا کي جھلي ورتو ھو جيڪو سندن سردار ھو.
تِر جي گٿي سو چوٽون کائي. ڪرنل اسٽئڪ جي ٿوري غلطي ڪري ڌاڙيلن جي دل وڌي وئي ھئي، جيڪي پاڻ کي کڳي مان يقين شاھھ سمجھڻ لڳا ھئا. تنھن ڪري امڪان اھو پيدا ٿي پيو ھو تہ ھتان بولان لڪ وارا بلوچ قبيلا اچي بگٽين سان سلٽ ڪن. اھا ڳالھہ سوچي سنڌ مغل گھوڙيسوارن ۽ اٺ بردار فوج کي سنڌ جي سرحد ڏانھن روانو ڪيو ويو ھو. بگٽي ھاڻي تہ اتي ئي ڏچي ۾ ھئا. مري بہ ھنن خلاف تلوارون کڻي ميدان ۾ لھي پيا ھئا. جيڪي ھار کائي ٿوري وقت لاءِ ماٺ ٿي ويا ھئا. ممبئي وارا اھو سارو ڏوھھ سر چارلس تي ٿاڦي رھيا ھئا. ڇاڪاڻ تہ ھو انھيءَ زماني ۾ ڪيڏانھن وڃي ڪونہ ٿي سگھيو، نہ وري واتان ڪا ٻڙڪ ٻاڦي ٿي سگھيو. کيس پنھنجي بچاءَ لاءِ ائين ڪرڻ کان سواءِ ڪو ٻيو رستو بہ ڪونہ ھو. جيڪڏھن ھو ڳالھائي ھا تہ سندس مخالفن کي مٿس الزام ھڻڻ لاءِ گھڻا عنوان ملي وڃن ھا. ھنن وٽ لکپڙھہ بيشمار ڪاغذ موجود ھئا. ان ڪري اخبارن کي سول ۽ فوجي قسم جي غلطين سان لاڳاپيل ھزارين حقيقتون ٻڌايون وينديون. انھن اخبار وارن کي ٻڌايو ويندو ھو تہ اھو سڀ انھيءَ ڪري ٿي رھيو آھي جو سول انتظاميھ ۽ فوج بدانتظاميءَ جو شڪار آھي، جنھن لاءِ ھو افسوس جو اظھار ڪندا ھئا. اھي ڳالھيون نفرت جھڙيون اخبارن وارن کي ممبئي ڪائونسل جا ميمبر لڪ چوريءَ ۾ پيا مڇرائيندا ھئا ۽ ھٿ سان ڪوڙا الزام گھڙيندا وتندا ھئا. ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس بہ اھڙن ماڻھن کي وڏا انعام ڏيندي ھئي تہ جيئن اھي سر چارلس نيپئر کي وڌ کان وڌ بدنام ڪندا رھن. اھي ماڻھو ھن جي غلطين ۽ جرئت خلاف بيان ڏئي ھندستان جو تحفظ ڪرڻ چاھيندا ھئا. جيڪڏھن ھنن کي ٻيو ڪو الزام ڪونہ لڀندو ھو تہ ھن جي خلاف اھو ضرور چوندا ھئا تہ ھن ظالم ڪمانڊر معصوم مزاج وارن ٽالپرن سان وڏو ظلم ڪيو ھو ۽ سندس زالن سان تہ قھر جي انتھا ڪري چڪو ھو. ھي اھڙو ڪٺور انسان ھو، جنھن ٽالپر عورتن کي پاتل سونا ڳھھ بہ ان مقصد سان لھرائي ورتا ھئا تہ جيئن سندن مال غنيمت ۾ اضافو ٿئي. ھن مير شھداد جي ڪراڙي والده جي پڻ توھين ڪئي ھئي. کيس ذھني عذاب ڏيڻ لاءِ سندس لکيل پنھنجي پٽ ڏانھن خط کي کولي ڏٺو ھئائين. سندس حڪومت دوران ھن معزز عورت کي اڃون ۽ بکيو رکيو ويو ھو. ان کان سواءِ ھن جي ھيرن جواھرن مڙھيل سونن ڳھن کي ممبئي جي بزار ۾ وڪرو ڪيو ويو ھو. اھڙيون الوڻيون ڳالھيون ھن پنھنجي مفاد خاطر ڪيون ھيون ۽ عزت واري جي عزت کي ڪونہ ڏٺو ويو ھو.“
ھيءَ معزز عورت پنھنجي ڀيڻ سان گڏ رھندي ھئي. جيڪا مرحوم مير ڪرم عليءَ جي بيوه ھئي. سر چارلس نيپئر ھنن ٻنھي معزز عورتن جي عزت ۽ وقار کي برقرار رکيو ھو، جن کي مياڻي جي جنگ کان پوءِ نھايت ادب ۽ احترام سان رھايو ويو ھو. پر ويھھ لک اسٽرنگ پائونڊن جيتري رقم ٽالپر حڪمران جي خزاني مان کڻي ورتي ھئي. اھي عورتون انھيءَ وقت شڪايت ڪري رھيون ھيون. کين ھر چيز جو محتاج بڻايو ويو آھي. بک مارڻ وارو ڪوڙو قصو بہ ھنن عورتن ڏانھن منسوب ڪيو ويو آھي. جن ھڪ مير جي مقبري جي تعمير تي ڏھھ ھزار پائونڊ اسٽرلنگ خرچ ڪيا ھئا، مير ڪرم علي جي بيوه ھن عورت پنھنجي ايراني غلام مرزا خسروءَ وسيلي انھن ننڍن ميرن جي مدد سان ھڪ منصوبو جوڙيو ھو جيڪي علي مراد جي درٻار ۾ رھندا ھئا. ان منصوبي مطابق مير شھداد ڏانھن ھڪ خط موڪليو ھو. اطلاع ملڻ کان پوءِ ان قاصد کي سرحد وٽ روڪيو ويو ھو ۽ تلاشي وٺڻ کان پوءِ ھن جي سامان ۾ لڪايل سونا سڪا ۽ سونيون سرون ھٿ لڳي ويون ھيون ۽ قاصد کي گرفتار ڪيو ويو ھو. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ اھو خزانو مير شھداد ڏانھن موڪليو پئي ويو، جنھن جا ٻہ مقصد ٿي سگھن ٿا: ھڪ تہ اھا رقم ڏئي مير شھداد قيد مان ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ھا. ٻيو تہ اھا ڊاڪٽر بسنت ڏانھن موڪلي وڃي ھا تہ جيئن اخبارن ۾ ٽالپر مسئلي کي اڃا بہ اڀاريو وڃي ۽ سر چارلس کي وڌ ۾ وڌ بدنام ڪيو وڃي. پر اھڙو مقصد پورو ٿي ڪونہ سگھيو ھو. ڇاڪاڻ تہ جنرل سر چارلس سرڪاري قيديءَ سان غير قانوني ملڻ واري منصوبي کي ناڪام ڪري ڪڍي ڇڏيو ھو ۽ اھا ساري رقم خط سميت ان معزز عورت جي حوالي ڪري ڇڏي ھئي، جيڪا مير شھداد جي والده ھئي ۽ جنھن اھا رقم موڪلي ھئي.
1846ع دوران سنڌ جون حالتون اجھي اھي ھيون. 1847ع ۾ سر چارلس پنھنجي روايتي دشمنن کي مھاڏي ڏيڻ سان گڏ ھي ڳالھيون بہ سوچي رھيو ھو تہ ھو سنڌ ڇڏڻ کان اڳ پنھنجي حڪمت عمليءَ کي وڌيڪ مستقل ۽ مستحڪم بنيادن تي قائم ڪري تہ صحيح ٿيندو. ھو اڳواٽ ئي سمجھي چڪو ھو تہ ھن جي ھلئي وڃڻ کان پوءِ ممبئي طرفان قائم ڪيل سنڌ جي سول حڪومت ھن جي سڀني منصوبن کي ابت سبتو ڪري تباھہ ڪري ڇڏيندي ۽ اھو چوندي تہ سر چارلس نيپئر ڪجهہ بہ ڪونہ ڪيو ھو. ھيءُ ماڻھو دشمنن جي ننڍين شرارتن کي اک وٽائي بہ ڪونہ ڏسندو ھو. پر کيس اھو کٽڪو ٿي پيو ھو تہ متان ھتان جي ماڻھن کي وحشت جي حوالي نہ ڪيو وڃي. تنھن ڪري ھن زمين جي مالڪيءَ واري معاملي کي مڪمل ڪرڻ ٿي چاھيو. ھن حڪمت عمليءَ مان سندس مقصد ھو تہ جيئنءَ ماڻھو وڏو تعداد ۾ زمين جا مالڪ بڻجي وڃن ۽ ٽالپرن جا درٻاري، نوڪر چاڪر ۽ غلام آزاد ٿي وڃن ۽ پنھنجي مرضيءَ مطابق رھن ۽ آزاد نموني پورھيو ڪري پنھنجي زندگي عزت سان گذارن. ھو گھڻي وقت تائين ھن منصوبي تي سوچيندو رھيو ھو ۽ مرحليوار ماڻھن کي تبديليءَ لاءِ تيار ڪندو رھندو ھو، پر ھاڻي پڪو پھھ ڪري چڪو ھو تہ ھن ڪم کي بنا دير مڪمل ٿيڻ گھرجي. کيس يقين ھو تہ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي انھن ڳالھين جي ڪابھ ڄاڻ ڪانہ آھي. جيڪي ماڻھن جي فائدي واريون ھونديون آھن. کيس اھو بہ يقين ھو تہ اھڙن منصوبن تي عملي ڪم ڪرڻ دوران ڪابھ دخل اندازي ڪانہ ڪئي ويندي. جيڪڏھن ڪو منصوبو مڪمل ٿي ويو تہ پوءِ بدنتيتيءَ سان ڪھڙي بہ ڪوشس ان کي نابود ڪري ڪانہ سگھندي. پر جيڪڏھن ڪنھن ائين ڪرڻ جي جرئت ڪئي تہ ان کي ڀتر عيوض پٿر سان جواب ڏنو ويندو.
سنڌ جي ساري زمين ھاڻي قانوني روايتن مطابق انگريز سرڪار جي ملڪيت بڻجي وئي آھي. ان کي اختيار آھي تہ اھا ڪنھن بہ جاگيردار جي زمين ضبط ڪري سگھي ٿي ۽ پنھنجي مرضيءَ مطابق ڪنھن کي بہ گرانٽ ڪري سگھجي ٿي. 1844ع ۾ عام درٻار منعقد ڪئي وئي ھئي ۽ جاگيردارن کي سندن زندگي جي عرصي تائين جاگيرون ھن شرط تي ڏنيون ويون ھيون تہ زمين جو سرڪار کي لاپو ڏيندا رھندا ۽ جاگير جي زمين جو مقرر حصو سرڪار جي حوالي ڪندا ۽ زمين جو اھو حصو حڪومت غريب رعيتي ماڻھن جي حوالي ڪندي. سرڪار زمين کي نيڪال ڪرڻ جو اھو طريقو عام ڪري ڇڏيو ھو. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن جاگيردار ۽ ماڻھو ھن طريقي کان چڱيءَ ريت واقف ٿي سگھن ۽ ھن تبديليءَ کي سمجھي سگھن.
انھن جاگيرن جون ايراضيون مختلف ھيون. ھڪڙيون جاگيرون اھڙيون بہ ھيون، جن جي ايراضي ٽي لک ايڪڙ بہ ھئي. پر ڪي تہ تمام ننڍڙيون بہ ھيون. ليڪن ڪوبہ جاگيردار پنھنجي جاگير جو چوٿون حصو بہ آباد ڪري ڪونہ سگھندو ھو. ان ڪري جاگير جو وڏو حصو غير آباد پيو ھوندو ھو. اھڙي غير آباد وڏي جاگير فقط نالي ۽ شھرت لاءِ رک ويندي ھئي. اھو بہ سبب ڏنو ويندو ھو تہ انھيءَ وڏيءَ جاگير جي پئداوار وسيلي ڌاڙيلن کي چپ رھڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي. اڳي اھا روايت ھوندي ھئي تہ جاگيردار ضرورت وقت حڪمران کي فوج ڏيندا ھئا، پر سنڌ جي فتح کان پوءِ جاگيرون فوجي مقصدن لاءِ ڏيڻ واري روايت ختم ٿي وئي ھئي ۽ جاگيردارن جي فوج ڏيڻ واري عظمت بہ ختم ٿي وئي ھئي. زندگي ڀر جاگير ڏيڻ وارو طريقو نھايت ڪامياب ثابت ٿيو ھو ۽ ڏينھون ڏينھن مقبول عام ٿي رھيو ھو. جاگيردارن کي چيو ويندو ھو تہ ھو ڪھڙن شرطن تي جاگيرون رکڻ ٿا چاھين. ھن نئين اصول کي انھيءَ مقصد سان پکيڙيو پيو وڃي تہ جيئن ماڻھن جو غريب ۽ شاھوڪار طبقو ھن نئين سماجي نظام کان واقف ٿئي. ان کان سواءِ ڪو نواب ۽ سردار ڪنھن مطلع العنان حڪمران جو درٻاري نہ بڻجي وڃي.
اھڙين ڳالھين تي سوچي ويچاري جاگيردارن کي انھن جاگير جو مورثي حق بہ ڏنو ويو ھو، جيڪي وٽن ھيون ۽ اھي آباد ڪري سگھندا ھئا. باقي زمين سرڪار ضبط ڪري وٺندي ھئي. ڇاڪاڻ انھيءَ زمين کي جاگيردار آباد ڪري ڪونہ سگھندا ھئا. جاگيردارن کي حق ڏنو ويو ھو تہ سرڪار طرفان ضبط ڪيل زمينون خريد ڪري سگھن. معلوم ائين ٿي رھيو تہ جاگير جي زمين جا چئن مان ٽي حصا غير آباد ھئڻ ڪري سرڪار جي حوالي ٿي ويندا ھئا. اھا زمين غريب رعيتي ماڻھن ۽ ٻاھران لڏي آيل آباد ڪارن کي ڏنيون وينديون ھيون. انھن کان ٻن سالن لاءِ ڍل ۽ لاپو نہ ورتو ويندو ھو. تنھن ڪري غريب رعيتي ماڻھو ۽ ڌاريا آبادڪار انگريزن جي اختيار ڪيل نئين نظام سان وفادار رھندا ھئا. بلوچ سردار بہ انھيءَ ۾ خوش ھئا، تہ کين جاگير جو موروثي حق ملي ويو ھو ۽ انھن وٽ جاگير جو آباد ۽ قيمتي حصو ھو، جنھن جي پيداوار پنھنجي مرضيءَ مطابق خرچ ڪندا ھئا. ھن وقت اھي ماڻھو ھر طرح آزاد ھئا ۽ سندن اھميت بہ اڳئين کان وڌيڪ ھئي، پر اڳي جيڪا کين قبائلي سردار ھجڻ واري آڪڙ ۽ وڏائي، سا مينھن جي مٿين ڏندن وانگر ختم ٿي وئي ھئي. ھن کان سواءِ اڳي ھنن وٽ غلام ھئا جيڪي آزاد ٿي ويا ھئا ۽ پنھنجي مرضيءَ سان محنت مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندا ھئا. ھنن جي آزاديءَ ڪري سرڪار جي پيداوار بہ وڌي وئي ھئي. ڇاڪاڻ تہ ھنن سڌو پوکي راھي ڪرڻ شروع ڪري ڏني ھئي. ابتدائي دور ۾ سردار ھن نئين منصوبي کان ھٻڪندا ھئا، ڇاڪاڻ تہ کين شڪ ھو تہ الائي ڇا ٿيندو. کين اھو بہ وھم ھو تہ سرڪار جي نيت صحيح ڪانہ آھي ۽ متان اھا ٺڳيندي ھجي. ھاڻ کيس چنتا ھئي تہ جيڪڏھن سر چارلس نيپئر سنڌ مان ھليو ويو تہ انھن جي زمين جي مالڪيءَ کي سخت ھاڃو رسندو. اھو طريقو ڏاڍو مقبول عام ثابت ٿيو ھو. جنھن جي ڪاميابيءَ لاءِ اثرائتا قدم بہ کنيا ويا ھئا.
معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ جنرل سر چارلس سنڌ جي ماڻھن مٿان پنھنجو تسلط ڄمائي ورتو ھو. ڇاڪاڻ تہ ھن جڏھن جاگيرون مورثي طور ڏنيون ھيون تہ ڪنھن بہ ماڻھوءَ ڪاوڙ ڪانہ ڏيکاري ھئي. ھو گورنر ٿيڻ کان وٺي ھميشه ھڪ دانشمند انسان جيان سوچيندو رھندو ھو تہ بھتر قسم جي قانون سازي ٿيڻ کپي ۽ ھن اھڙا قدم بہ کنيا ھئا. سندس چوڻ ھو تہ ”منھنجو ارادو آھي تہ ھتان جي بيشمار رعيتي سنڌي ماڻھن جيڪا غلامن واري ذليل زندگي گذاري آھي، ھو نہ رڳو ٽالپرن جا غلام ھئا پر ھنن سان جاگيردار بہ غلامن جھڙيون جٺيون ڪندا ھئا، جيڪڏھن ھنن کي پنھنجي مرضيءَ مطابق زندگي گذارڻ جو اختيار ڏنو ويندو ۽ محنتي بہ ھئا پنھنجي حياتي سک ۽ آرام سان گذاري سگھندا. مون کي اھو بہ يقين آھي تہ مٿئين طبقي وارا ماڻھو تيستائين سٺا رعيتي ثابت ڪونہ ٿيندا جيستائين سنڌي (رعيتي) ماڻھن کي روزگار ناھي مليو ۽ جيستائين اسان انھن کي عزت آبرو ناھي ڏني. جڏھن ھتي تھذيب ايندي ۽ ماڻھو سڌري ھلندا تہ ڏاڍا دولتمند ٿي ويندا. پوکي راھي ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا ۽ تجارت ۾ پڻ دلچسپي وٺندا. ڇاڪاڻ تہ کين يقين ٿي ويندو تہ سندن دولت محفوظ آھي. ھن کان اڳ دولت فقط قبائلي سردارن وٽ ھوندي ھئي. جن وٽ پنھنجا فوجي بہ ھوندا ھئا. جيڪڏھن جاگيردارن کي پنھنجي وڏين جاگيرن جو مالڪ رھڻ ڏنو ويو ۽ جاگيرن جي شرط تي کين فوج رکڻ جي بہ اجازت ڏني وئي تھ، اھي ڪھڙي وقت بہ خطرناڪ ثابت ٿي سگھن ٿا. ھاڻي اسان ھنن کي فوجي سردار رھڻ ڪونہ ڏنو آھي. کين فقط اڻ سڌريل جھنگلي ماڻھو رھڻ ڏنو ويندو. جيڪڏھن ھنن جي اولاد وٽ وسيع ايراضي ھوندي ۽ سڌري مھذب ٿي ويا تہ پوءِ اسان کين سنڀالي ڪونہ سگھنداسون. ڇاڪاڻ تہ اھي ھي غير آباد زمينون سڌاري آباد ڪندا رھندا تہ وڌيڪ باصلاحيت بڻجي ويندا. ليڪن منھنجي قائم ڪيل نئين نظام تحت بہ طاقتور بڻجي ويندا. ھنن جي مقابلي لاءِ اسان رعيتي ماڻھن کي زمينون ڏئي رھيا آھيون ۽ اھي ھاري ھنن جو نہ پر سرڪار جو پاسو وٺندا. مان سنڌ ۽ ھتان جي سٺن ماڻھن لاءِ فقط ايترو ئي ڪري سگھان ٿو.“
ھن کان وڌيڪ ھو ڪجهہ ڪري بہ ڪونہ ٿي سگھيو. کيس روڪڻ ۽ رنڊائڻ لاءِ ھڪ نہ ٻي شيءِ زور پئي ٿيندي ھئي. ھو ڳڻ چور اختياريءَ وارن کان جان ڇڏائڻ لاءِ آتو ھو. سنڌ مان فوج جو وڏو تعداد ممبئي طلب ڪيو ويو ھو. تنھن ڪري سر چارلس جي طبيعت ۾ گھڻي نرمي اچي وئي ھئي. ان سان گڏ اھو ھل بہ ھلي ويو ھو تہ مير موٽي اچي رھيا آھن ۽ کين سنڌ جي حڪمراني واپس ملي رھي آھي. انھيءَ زماني حيدرآباد جو اڳوڻو ٽالپر حڪمران مير نصير خان وفات ڪري ويو. سندس لاش کي دفن ڪرڻ لاءِ سنڌ آندو ويو ھو. سر چارلس بہ سنڌو درياھہ تائين ھن لاش سان گڏ ويو ھو. ممبئي واري ڌر کي پڪ ھئي تہ حيدرآباد ۾ لاش پھچڻ سان رتوڇاڻ ٿي ويندي. پر سر چارلس جي عقلمندي ئي سندن اھڙين اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو ھو. ھن چيو ھو تہ مان ھن مير جي لاش کي شان شوڪت سان دفن ڪرڻ پئي چاھيو، پر ڪن سببن ڪري ائين ٿي ڪونہ سگھيو. مان پنھنجي خواھشن کي دٻائي ڇڏيو. ان کان سواءِ پنھنجي ناٺيءَ کي بہ سندس دعا ۾ شريڪ ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو ھيم. جنھن خاص اشارو ڏيندي مون کي چيو ھو، ”پر جنرل اھو مري ويل دشمن آھي! مان اھڙي اشاري کي سٺو ڪونہ سمجھيو ھو. مان جيڪو بھتر سمجھيو آھي سو ڪري رھيو آھيان. جيڪڏھن مان ھن مير جي تدفين ۾ شريڪ ٿيا ھئا، تہ ماڻھو سمجھن ھا تہ مون کي ھندستان سرڪار جو اھڙو حڪم آھي. اھو بہ سمجھيو وڃي ھا تہ اھي ڳالھيون انھيءَ ڪري ٿي رھيون آھن جو مير سنڌ ۾ موٽي اچي رھيا آھن ۽ کين سنڌ جي حڪومت واپس ڪئي پئي وڃي. اھڙي تصور ڪري رتو ڇاڻ جو امڪان ھو ۽ اھو الزام مون تي مڙھڻ ڏاڍو سولو ھو. منھنجي بہ خواھش ھئي تہ ھن مرحوم مير کي عزت ۽ احترام ڏيان جيڪو اسان جي نقطئھ نظر مطابق عزت ۽ احترام ڏيڻ جھڙو ڪونہ ھو، پر حالتن سبب مان ائين ڪري بہ ڪونہ سگھيس، ڇاڪاڻ تہ شخصي حقيقت اھڙي ھئي ۽ رتوڇاڻ جو بہ امڪان ھو. لارڊ آشلي غير ارادي طور ڪي اھڙيون ڳالھيون ڪري وڌيون ھيون، جو سنڌ جو امن امان خطري ۾ ھو تہ مير موٽي اچي رھيا آھن. پوءِ تہ اچي ھندن ويچارن کي اچي ڦڦڙي لڳي جن پنھنجي ساري موڙي کڻي وڃي ٻين ملڪن ۾ رکي، پر جيتري قدر منھنجي سوچ سمجھھ جو تعلق آھي تہ ھن انھن ملڪن ۾ منھنجي عزت ڪانہ وڌائي ھئي. باقي غريب ماڻھن کي اھو يقين آھي تہ مان سندن ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙي رھيو آھيان. کين اھو بہ پتو آھي تہ جيڪڏھن مير ٻيھر سنڌ جا حڪمران ٿيا تہ ھنن جي سر جو خير ڪونہ آھي. ھنن کي پنھنجي تجربي مان سبق مليو آھي. مان تہ اھڙي شيءِ جو ننھن چوٽيءَ تائين مخالف آھيان. پر ھنن جي مفاھمت تي انگريز جون سنگينون تاڻجي وينديون. ڇاڪاڻ تہ اھي سندن اچڻ جا حامي آھن. لارڊ آشلي ۽ مان ھڪ ٽرائبيونل آڏو پيش ٿيڻا آھيون. اتي تہ نسورو سچ ھلندو. اتي ھو سکي ويندو. مان ھن جي خلاف ڪجهہ بہ ڪونہ چوندس. مان ٻڌو آھي تہ ھو ھڪ رڄ چڱو مڙس آھي. کيس اتي خبر پئجي ويندي تہ ڪير ڪيتري پاڻي ۾ آھي. کيس اھا بہ پرک پئجي ويندي مان مان ۽ مرجاتا لاءِ ڪم ڪيو آھي. مان ميرن ۽ ھتان جي سنڌين سان ماڻپي سان ھليو آھيان. کيس اھا بہ ڄاڻ ملي ويندي تہ مون کي سنڌ بابت کانئس وڌيڪ معلومات آھي. مان ھميشه نياءَ ۽ نيت پت سان ھليو آھيان، ڪنھن سان بہ بي انصافي ڪانہ ڪئي آھي. سچ، ايمانداري ۽ وقار ناتي، مان سڀني انگريزن جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن تہ پوليٽيڪل ايجنٽن شان ۽ شوڪت کي ڍڪڻيءَ ۾ ڍڪ پائي ٻڏڻ جھڙو ڪري ڇڏيو ھو. کيس اھا بہ سڻس پئجي ويندي تہ ھن سنڌ بابت اول کان وٺي آخر تائين غلط سوچيو آھي.
انھن معاملن بابت وقت فيصلو ڪندو، پر مان پنھنجي موقف تان ھٿ ڪونہ کڻندس. مون کي پڪ آھي تہ جيئري رھڻ تائين مون سان انصاف ڪونہ ڪيو ويندو. پر مان جڏھن مرندس سر جان مور جيان ائين ڪڏھن بہ ڪونہ چوندس تہ مون کي اميد آھي تہ منھنجي ڌرتي مون سان انصاف ڪندي ڇاڪاڻ تہ مان گاريون کائي پڪو ٿي ويو آھيان. ان کان سواءِ الزام بہ گھڻا ھنيا ويا آھن. تنھن ڪري ھاڻي مون کي انصاف وغيره جي ڪابھ پرواھھ ڪانہ آھي. مان لارڊ آشلي جھڙي شخصيت ڏسي ضرورت مايوس ٿي ويندس، جنھن اھڙي ماڻھوءَ کي اخلاقي مجرم سمجھيو آھي. جنھن سنڌ جي گرميءَ ڪري پنھنجي ڪٽنب جا ٻہ ڀاتي وڃايا آھن. شايد ھن اھي الزام اڻ ڄاڻائي کان ھنيا آھن. اھو ماڻھو پنھنجي ڪٽنب جي رھيل ڀاتين جي زندگي بہ جوکي ۾ وجھي رھيو آھي. سندس پنھنجي حياتي بہ خطري کان خالي ڪانہ آھي ۽ ان وقت تائين عوام جي خدمت ڪندو رھندو جيستائين ھو ڪم ڪرڻ جھڙو آھي. مان سخت جان ۽ مشل پسند آھيان. مان احساسن ۾ سخت نھ، پر اصولي ۽ شعوري طور سخت آھيان ۽ ڪنھن کي غلط استعمال ڪونہ ڪندو آھيان تہ ڪنھن کي گاريون ڏيندون آھيان. مان وقار ۽ عزت کي ڏٺو آھي ۽ ڪڏھن ڪنھن جي مذھب ۽ عزت کي ھن ڪري داءَ تي ڪونہ لڳايو آھي تہ مان سوڀارو ٿيان، پر فتح خاطر مان وقار ۽ مذھب جي عزت ڪئي آھي. اھڙن ماڻھن کي معاف ڪري ڇڏيو آھي. جيڪي نفرت کان مون کي غليظ لفظ ڳالھائيندا آھن.“
تنھن ڪري يقين سان چئي سگھجي ٿو ھو ھڪ باضمير انسان ھو جيڪو ڪوڙن بھتانن جي ڪوھيڙي ۾ پنھنجي ڏات ڏانءَ سان ڪم ڪندو رھيو ۽ دشمن سندن اھڙن لاکيڻن لڇڻن کي پنھنجي ملڪ جي ماڻھن کان لڪائيندو رھيو ھو. جولاءِ 1847ع سندس گھرواري سخت بيمار ٿيڻ کان پوءِ وفات ڪري وئي. ان کان پوءِ جلد ئي ھن پنھنجي عھدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي. آڪٽوبر ۾ ھو سمنڊ وسيلي ھو انگلينڊ روانو ٿي ويو. الوداع ڪرڻ وقت کيس فوج آخري سلامي ڏني. اھڙيءَ ريت فوجين ھن سان پنھنجي عقيدت جو اظھار ڪيو ھو. بلوچ ۽ سنڌي بہ ھن جا شڪرگذار ھئا، جو ھن سندن حفاظت ڪئي ھئي خوشين جو خيال رکيو ھو. اھو ھنن ماڻھن جو ڪو ٿورو وقتي احساس ڪونہ ھو. ھنن ماڻھن وٽ اھڙيون ثابتيون موجود ھيون تہ ھي ماڻھو سندن سچو ھڏ ڏوکي ۽ سڄڻ ھو. ھتان جا ماڻھو بہ سيفالونيا جي ھارين وانگي، ھن سان مخلص ھئا ۽ ساڻس گھڻو پيار ڪندا ھئا جيڪي ھن جي غير موجودگي ۾ سندس زمين جو ڪم ھن جي موجودگيءَ کان گھڻو وڌيڪ ڪندا ھئا. جڏھن 1850ع ۾ پنھنجي وڏي فوجي عھدي دوران سنڌ مان روانو ٿي، ھندستان کي ھميشه لاءِ ڇڏي رھيو ھو تہ سنڌ جي وڏن بلوچ سردارن کيس ھڪ قيمتي تلوار ڏيڻ چاھي ھئي. انھيءَ ڪري نہ تہ ھنن جو فاتح ھو. پر ڇاڪاڻ تہ فتح کانپوءِ ھن کين سڀئي جاگيرون واپس ڪيون ھيون ۽ وڏن اعزازن ۽ يقين سان نوازيو ھو ۽ ھنن ۽ ھنن جي اولاد لاءِ فائدي وارا ڪم ڪيا ھئا. ان کانسواءِ اھو سر چارلس نيپئر ئي ھو جنھن بلوچن جا سنڌ ۾ سرپختا ڪيا ھئا.
اھو ئي احساس جو فرق ھو جو لارڊ ڊلھائوزي ۽ ممبئي حڪومت کانئس چڙيل ھئي. سر چارلس جي سنڌ ڇڏي وڃڻ کان پوءِ ھن جيڪي منصوبا شروع ڪيا ھئا ۽ جيڪي ادارا قائم ڪري ھن ڪم جي ابتدا ڪئي ھئي سي اجاڙي ڀينگ ڪيا ويا ھئا. ڇاڪاڻ تہ اھڙا ادارا ماڻھن جي ڀلائي ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ قائم ڪيا ويندا آھن.
فوجي سامان جي نقل حرڪت لاءِ اٺ سوار فوجي دستا قائم ڪيا ويا ھئا، جن کي ختم تہ ڪونہ ڪيو ويو ھو پر ان کي بي ڌياني جو شڪار بڻايو ويو ھو.
حيدرآباد ۾ بئرڪن جي نھايت شاندار تعمير ڪرائي وئي ھئي، جن ۾ فوجيين جي صحت ۽ سھوليت جو خيال رکيو ويو ھو. اھڙي بھتر تعمير انگريزن جي ساري بيٺڪي راڄ ۾ موجود ڪانہ ھئي. ان جو ھڪ حصو تيار ٿي ويو ھو جيڪو کين رھڻ لاءِ ڏنو ويو . جڏھن تہ ٻيو تعمير ٿي رھيو ھو. سر چارلس کان پوءِ اھو ھلندڙ ڪم ھڪدم بند ڪرايو ويو ۽ تعمير جو سامان اڌ ۾ ڇڏيل ڀتين جي ڀرسان رکيو ويو، جيڪو اڃان تائين اتي پيو آھي ۽ تباھہ ٿي رھيو آھي. ڪراچيءَ وارو سمنڊ اندر ٺھندڙ دمدمو بہ اڌ ۾ ڇڏيو ويو آھي. جنھن جي ڪم کي بند ڪرڻ لاءِ ھڪ حڪم جاري ڪيو ويو ھو. جڏھن تہ ھن جي تعمير واپارين جي پر زور گذارش بعد شروع ڪئي وئي ھئي. واپارين جون اھڙيون دانھون صحيح ۽ جائز ھيون. ھاڻي سنڌ لاءِ مسٽر فريئر کي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آھي. جيڪو ھن ڪم جي تڪميل کي ضروري سمجھي ٿو. لارڊ فاڪ لئند کي بہ اھڙو احساس آھي، جنھن جي کيس مدد بہ حاصل آھي. ان ڪري ڪمشنر ھن تعمير کي مڪمل ڪرڻ جو پڪو پھھ ڪري چڪو آھي. ھڪ تڇ سمان تعصب ڪري ھن ڪم کي اڌ ۾ بند ڪرايو ويو ھو. دانشمندي وارو ھي ڪم لارڊ ڊلھائوزي نہ پر سنڌ جو ڪمشنر شروع ڪرائي رھيو آھي. ھن کان سواءِ ملير ندي کي بہ موڙي ڪراچي شھر ڏانھن آڻڻو ھو. جنھن وسيلي آگبوٽن جي آمد رفت شروع ڪرڻي ھئي، پر ھن منصوبي کي تہ ھٿ ئي ڪونہ لاتو ويو ھو.
سنڌ جي بھترين آبپاشي نظام لاءِ واھن جي کوٽائي جو ھڪ عاليشان منصوبو تيار ڪيو ويو ھو. پر ان کي بہ ڄڻ تہ ختم ڪيو ويو ھو. ھن ملڪ جي زراعت لاءِ سنڌوءَ جي پاڻي تي ضابطو رکڻ ضروري ھو. ائين ٿيڻ ڪري زمين جي وڏي ايراضي آباديءَ ھيٺ اچي ھا ۽ سرڪار جي پيداوار وڌي ھا. پر ھن اھم منصوبي کي ماھر انجيئرن جي ھٿ مان ڪڍي نااھل ڪاردارن جي حوالي ڪيو ويو آھي.
ھنن ماڻھن جي ڀڏن ڪمن ڪري سکر ۾ لڳندڙ گھوڙن جو ساليانو ميلو بہ ختم ٿي ويو آھي. گھوڙن سان گڏ ٻيون بہ تجارتي شيون اچي ڪٺيون ٿينديون ھيون. ان کان فوجي سامان رکڻ لاءِ ھڪ اھم جاءِ جي ڪم جي منصوبي کي رد ڪيو ويو ھو. جيڪا بکر ۾ تعمير ٿيڻي ھئي. مٿي ذڪر ڪيل سالياني ميلي ۾ وچ ايشيا سان تجارتي ڏيتي ليتي ھلندي ھئي ۽ فوج کي ڀلا ۽ سستا گھوڙا ملي ويندا ھئا. ان کان سواءِ ٻين تجارتي شين جو مرڪز سکر، بکر ۽ روھڙي بہ ھوندا ھئا. جن جو پڻ نقصان ٿيو ھو. اھڙين سٺين ڳالھين کي بيجاءِ دخل اندازي ڪري تباھہ ڪيو ويو ھو. اھو حسد ۽ ڪميڻائپ کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونہ ھو. سر چارلس جي سنڌ اندر موجودگيءَ دوران ڌاڙيلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ھو. جنھن کي ختم ڪرڻ لاءِ ھن قسم کڻي ڇڏيو ھو، پر ھن سنڌ جي امن امان لاءِ ڄڻ ڌرتي اٿلائي ڇڏي ھئي.
انھن بلوچ ڌاڙيلن جا ليفٽيننٽ ينگ ھسبنڊ سان ٿورا ٿڪا مقابلا پيا ھلندا ھئا، پر سندس جھيڙو مرين ۽ اسلام خان بگٽي سان بہ ٿيندو ھو. ڇاڪاڻ اھي بلوچ قبيلا بک کان ڇتا ٿي سنڌ ۾ اچي ڌاڙا ھڻندا ھئا. اھي قبيلا پھريائين تياگا واري کاھي طرف وڌي ڪھيرين تي قھر بڻجي وڃي ڪڙڪندا ھئا. ھنن ھڪ ڌاڙي دوران ڪچھرين جي ھڪ قلعي تي وڃي حملو ڪيو ھو. پر انھن ساڻن مقابلو ڪري کين ڀڄائي ڇڏيو ھو. ھڪ نوجوان فوجي عملدار ميريويدر سندن ڪڍ لڳي پيو جيڪو شاھپور ۾ رھندو ھو. جنھن سان مغل گھوڙيسوار ۽ ڪھيري گڏ ھئا. ھن ڏٺو تہ ڌاڙيلن جي ان ٽولي ۾ ست سئو ماڻھو ھئا جن مان فقط پنجٽيھھ ماڻھو گھوڙن تي سوار ھئا، جيڪي ٽڪريءَ جي تري ۾ صفبندي ڪيون ويٺا ھئا ۽ رڻ پٽ کي اڪرڻ جي تيارين ۾ لڳا پيا ھئا. جڏھن سندن نظر انگريز فوجين تي پئي تہ کاٻي پاسي سرڪي ھڪ جھنگل ڏانھن وڃڻ لڳا. پر ميري ويدر گھوڙن تيز رفتاري سان ڊوڙائي کين جھنگل ڏانھن وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، پر پوءِ بہ گھڻا مضبوط ھئا. ڇاڪاڻ تہ چوڌاري ٽڪريون ۽ جھنگ ھو. ھو سمجھي رھيا ھئا تہ مغل گھوڙيسوار ھنن جي مقابلي ڪرڻ کان پاسو ڪري رھيا ھئا. تنھن ڪري ھنن اڳتي وڌي مٿين بندوقن جا فائر ڪيا. ان کان سواءِ ڍالن کي تلوارن سان کڙڪائي خبرا ۽ رڙيون ڪري، ھل ھنگامو مچائڻ لڳا ھئا. ان کان پوءِ گھوڙيسوارن ڦري موٽي اچي مٿن حملو ڪيو. حملو نھايت سخت ھو. پر بگٽي ڪلھو ڪلھي سان ملائي ٽڪرين ڏانھن وڌڻ لڳا. گھوڙيسوار بہ سندن ڪڍ لڳي پيا ۽ ڪاربائينس سان مٿن گوليون ڇوڙڻ لڳا. ان کان پوءِ بگٽي ھڪ ننڍڙي کاھي اڪري مقابلي لاءِ بيھي رھيا. پر کين ڪاربائينس جي گولين کڻي ڏنو ۽ ۽ پوءِ ٽڪرين ڏانھن وڌڻ لڳا. ميري ويدر اڳتي وڌي کين ٽڪرين ڏانھن وڃڻ کان روڪي ورتو. بعد ۾ ھنن لاءِ انگريزي فوج سان مقابلي ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا واھھ ڪانہ رھي ھئي. سخت مقابلو ٿيو. ميري ويدر کين پيش پوڻ جو چيو پر ھنن انڪار ڪيو. ھنن جا ستن سون مان باقي وڃي ھڪ سو ويھھ ماڻھو بچيا ھئا، جن ھٿيار ڦٽا ڪيا. ٻہ گھوڙيسوار ٽڪرين ڏانھن ڀڄي نڪري ويا. باقي ٻين سڀني کي قتل ڪيو ويو يا باندي بڻايو ويو ۽ اٺ سردار تلوارن سان وڙھندي مارجي ويا.
اسلام خان ۽ احمد خان ھن جھيڙي ۾ موجود ڪونہ ھئا، جيڪي پنھنجي قبيلي جا سردار ھئا، تنھن ڪري بگٽي قبيلو وڏي ڪوس کان بچي ويو ھو. ھن جھيڙي ۾ انگريز فوج فقط ھڪ سو ويھھ گھوڙيسوارن تي مشمل ھئي. جڏھن تہ ڌاڙيلن جو تعداد ست سو ھو ۽ ڇھھ سو بگٽين جا لاش ميدان ۾ پکڙيا پيا ھئا. ايڏو ڪوس ڪا ڪاسائڪي ڪار ڪانہ ھئي. ڇاڪاڻ تہ اھي ڌاڙيل ھئا ۽ ڦرلٽ جي ارادي سان سنڌ ڏانھن وڌي آيا ھئا. سر چارلس گھڻي وقت کان وٺي جاکوڙي رھيو ھو تہ سنڌ کي ھنن بلوچ ڌاڙيلن جي وبا کان بچائجي. کين چيو ويو ھو تہ سنڌ اچي آباد ٿين ۽ جکراڻين جي پاڙي ۾ ويھي، پوکي راھي جي ڪرت ڪن. ان کان سواءِ سردار دورا کي بہ ٿڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪو قيد ۾ ھو. کيس پوکي راھي لاءِ زمين ڏني وئي ھئي. ان کان سواءِ ھن کي پنھنجي قبيلي جي ماڻھن ڏانھن موڪليو ويو تہ سنڌ ۾ آباد ٿين تہ کين زمين ڏني ويندي ۽ سندن تحفظ ڪيو ويندو. ميري ويدر بہ جھيڙي دوران کين پيش پوڻ ۽ رعايتن ڏيڻ جو واعدو سر چارلس ھنن جي بھادري جي تعريف ڪندو ۽ ايتري تباھي ڪري کيس مٿن رحم بہ ايندو ھو. انصاف جي تقاضا اھا ھئي تہ اھي ماڻھو پنھنجو خون پاڻ وھائي رھيا ھئا. اھڙي ريت سر چارلس نيپئر جي بنايل سنڌ انتظاميھ مڪمل ٿي چڪي ھئي.
ھن جنرل کي پتو ھو تہ انھيءَ علائقي ۾ آباد ماڻھو، انگريزن کان سياسي ۽ مذھبي طور نفرت ڪري رھيا آھن. ھي اھي ماڻھو ھئا، جيڪي انگريزن سان جھيڙي ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيھي رھيا ھئا. سندن يورپ جي ھنن ماڻھن ڪنھن بہ قسم جو ويساھھ ڪونہ ھو. تنھن ڪري ھو انگريزن جي فوجي طاقت کان نفرت ڪندا ھئا. انگريزن خلاف اھا نفرت انھيءَ ڪري بہ ھئي جو ھنن ڪابل ۽ قلات جي سرحدن اندر مختلف جڳھن تي ننڍيون وڏيون شڪستون کاڌيون ھيون.
سر چارلس کي معلوم ٿيو ھو تہ حڪمرانن جا نواب ۽ درٻاري ظالم ۽ ڪٺور آھن، ذاتي طور عياش آھن، جن ملڪ کي ھڻي داڙا ڦارا ڪري ڀينگ ڪري ۽ سماج کي پاڙان کائي چٽ ڪري ڇڏيو آھي. ان ڪري پيداوار جي ڪابھ اميد ڪانہ آھي. کيس اھو بہ معلوم ٿي ويو آھي تہ ٻھراڙيءَ جي اٻوجھھ ماڻھن کي ڳاٽي ڀڳا محصول مڙھي، سندن چيلھھ ئي چٻي ڪري ڇڏي. ھنن مٿان ٽالپرن جو خطرناڪ قسم جو غلبو آھي. غير فطري موت ھنن جا ڳوٺن جا ڳوٺ خالي ڪري ڇڏيا آھن. ھر ڪو ماڻھو لڏيندو پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏيندو ۽ پنھنجي ڌرتي بہ مٽيندو پيو وڃي. شھر بہ خالي ٿيندا پيا وڃن. ھاري ناري اڌ گيدا ھٿ ھڻي پوکي راھي ڪري رھيا آھن. کين خبر آھي تہ ھنن جي محنت جو ڦل ڏک ۽ ڏچي کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونہ آھي. ھاري ملڪ جي چوٿين حصي جيتري ايراضي شڪارگاھ آھن جتي جھنگلي جانور رھندا آھن ۽ ٽالپر ظالم حڪمران انھن جو شڪار ڪندا آھن. ھنن ان شيءِ کي بگاڙي خطرناڪ بڻائي ڇڏيو، جنھن کي خدا تعالى انسان لاءِ سھوليت ۽ آرام واسطي تخليق ڪيو آھي.
کيس اھو بہ معلوم ٿيو ھو تہ ھتان جي ماڻھن جي تحفظ لاءِ قانون ئي ڪونہ آھي ۽ ھتان جا حڪمران فطري انساني احساسن کان آجا آھن ۽ عام طور تي سڀ ماڻھو (سنڌي) غلام آھن. عورتن کي مڇر ۽ مک سمجھي بي گناھھ قتل ڪيو وڃي ٿو. ھڪ ٻئي کي پلاند ۾ قتل ڪرڻ جو رواج آھي. ھتي ڌاڙن ھڻڻ جو ھڪ نظام قائم آھي. اھڙا ماڻھو پوکي راھي يا ٻي ڪرت ڪانہ ڪندا آھن. پر ڦرلٽ ڪري ۽ ڌاڙا ھڻي پيٽ گذر ڪندا آھن. ھتي ڌاڙي ھڻن کي بھادري تصور ڪيو ويندو آھي. ھتي ”ڏاڍو سو گابو“ وارو اصول ھلندو آھي. ھن قسم جي ڇڙواڳيءَ ۽ مانڌاڻ ۾ سماجي ڍانچو تباھہ ٿي ويو آھي. ھتي فقط رت ۾ ڳاڙھا ھٿ سلامت رھي سگھندا آھن.
کيس اھو بہ معلوم ٿيو ھو تہ ھتان جو ھر بلوچ تلوار ۽ ڍال سان مسلح ھوندو آھي. کيس قانون جي ڪابھ پرواھھ ڪانہ ھوندي آھي ۽ اخلاقيات کي ٿڏي پري اڇلي ڇڏيندو آھي. پر جڏھن ھن سنڌ ڇڏي تہ انھن جي ھٿن ۾ چنجور ۽ ڪوڏر ھئا ۽ قانون جا پابند بڻجي ويا ھئا. ابتدا ۾ ھن انھن ماڻھن کي جھيڙا ڪار ۽ خوني ڏٺو ھو. چوڏس بي انصافي ۽ ڏاڍ کان سواءِ ڪجهہ بہ ڪونہ ھو. پر جڏھن ھن سنڌ ڇڏي تہ اھي ساڳيا ماڻھو انصاف پسند نرم مزاج ۽ فرمانبردار ٿي ويا ھئا. اڳي جتي فوجي تسلط ھو اتي اڄ انصاف جي فرمان روائي قائم آھي.
ھن ڏٺو ھو تہ سنڌ ظلم جي گھاڻي ۾ پيڙجي رھي ھئي. پر جڏھن ھن ڇڏيو تہ سنڌ ھندستان جو ھڪ صوبو ھو ۽ ڏاڍي خوش ۽ ريان کيان ھئي. چوڏس علائقا ھن جو احترام ڪرڻ لڳا ھئا. ھن ماڻھوءَ کين قانون جي عزت ڪرڻ سيکاري ھئي. کين تربيت ڏني ھئي، تہ انگريز جي وقار تي اعتبار ڪري سگھجي ٿو. ھن کي اھو بہ سيکاريو ويو ھو تہ انگريزن جي فوج کان ڊڄڻ گھرجي، جنھن کي ديوتا جيتري طاقت آھي. ھن سنڌ کي غريب ۽ غلام ڏٺو ھو. جڏھن سنڌ ڇڏي تہ ان وقت ھن ڌتيءَ تي ھڪ بہ غلام ڪونہ ھو. ھن ڌرتي ڌاڙيلن ۽ قاتلن کان جد ڇڏائي ھئي. سندس آدمشماري وڌي وئي ھئي ۽ گھڻي کان گھڻي ايراضي پوکي راھي ھيٺ اچي وئي ھئي. آزاد ماڻھو زراعت جي ڌنڌي سان لڳي ويا ھئا. چوڏس اناجن جا انبار لڳي ويا ھئا ۽ سنڌ سائي ڍائي ۽ سکي ستابي ٿي وئي ھئي. ھن جڏھن ھتان ڇڏيو تہ سنڌ جو وڻج واپار چوٽ تي چڙھيل ھو. اندروني تجارتي آمد رفت بہ اڀري ۽ اسري چڪي ھئي، شھر وڌي رھيا ھئا، ھنرمند ۽ ڪاريگر جام ھئا، محصول گھٽيل ھو، پيداوار وڌي وئي ھئي، انتظاميھ بہ قائم ٿي چڪي ھئي، جنھن پنھنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ھو. سماجي نظام ۾ سڌارا آندا ويا ھئا. ماڻھن جا حوصلا بلند ھئا ۽ مستقبل جي خوشحاليءَ لاءِ ترقي جو رستو کوليو ويو ھو.
ھن ڏٺو ھو تہ ماڻھو گروھن ۾ ونڊيل ورڇيل ۽ ڪڻو ڪڻو ھئا، جيڪي ھڪ پاسي غلاميءَ جي ھٿڪڙولن ۾ ھٿيڪا تہ ٻئي پاسي ويلن تي ويٺا ھوندا ھئا تہ جھنگلي ٽالپرن جو تسلط مٿن ٽيئن پاسي ھو. جيڏانھن نھاربو ھو. جرم ئي جرم نظر ايندو ھو، ڏاڍ ئي ڏاڍ ھو. ڳلن تان وھندڙ ڳوڙھا ھئا، سورن جو اٿاھھ سمونڊ ھو. جڏھن ھن سنڌ ڇڏي، ماڻھو متحد ھئا، آدمشماري وڌيل ھئي، ماڻھو خوش ھئا ۽ تھذيب ڏينھون ڏينھن وڌي رھي ھئي. اھو سڀ ڪجهہ رحمدل ۽ سخي انسان جي ڏات ۽ ڏانءَ ڪري ھو.
اضافو
گذريل بابن ۾ سنڌ جي انتظاميھ جو ھڪ خاڪو ڏنو ويو آھي يا ائين کڻي چئجي تہ ان جو مختصر بيان ڪيو ويو آھي. ھن موضوع بابت مڪمل احوال سر چارلس جي ڪيل لکپڙھہ ۾ موجود آھي، جنھن مان چڱيءَ ريت معلوم ٿي ويندو تہ ھي دنيا جي بھترين فوجي ڪمانڊرن مان ھڪ ھو. اھو بہ معلوم ٿي ويندو تہ ھو عدل انصاف سان محبت ڪندو ھو ۽ سندس حڪومت عيسائي اصولن جي روح مطابق ھئي. ھن احوال مان اھو بہ معلوم ڪري سگھجي ٿو ھو پنھنجي ڌرتي ۽ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کيس ڏاڍو بدنام ڪيو ھو. پر نہ ھن جي اھليت نہ وري ھن جون ڪاميابيون ھنن ماڻھن جي دشمنيءَ کي گھٽائي سگھيون ھيون. ھو ھندستان ڇڏي انگلينڊ ھليو ويو تہ بہ کيس معاف ڪونہ ڪيو ويو ھو.
ھندستان ۾ فتحن کان پوءِ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي ھي ضرورت محسوس ٿي ھئي تہ فتح ٿيل ملڪ مان ھٿ آيل مال غنيمت فاتح فوج ۽ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس وچ ۾ تقسيم ڪيو وڃي. اھڙي ريت ھن ڪورٽ انگلينڊ جي تاجدار کي بہ گذارش ڪئي ھئي تہ مذڪوره تقسيم ضرور ٿيڻ گھرجي. ليڪن انھيءَ اصول تحت ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس مياڻيءَ جي فتح کي مال غنيمت ڏيڻ لاءِ تيار ڪانہ ھئي. تنھن ڪري ھن معاملي کي نبيرڻ واسطي انگلينڊ جي تاجدار کي اپيل ڪئي وئي ھئي جيڪا ڪامياب ٿي ھئي پر نياءَ ۽ نيت پت واري اھڙي ورھاست لاءِ ٽياڪڙ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي مقرر ڪيو ويو ھو، جنھن جلد ئي ھڪ غلط قسم جي تقسيم ڪئي ھئي. ڇاڪاڻ تہ ھي ڪورٽ سر چارلس نيپئر کي ڪمانڊر ان چيف سمجھي ڪانہ رھي ھئي. ھندستان جي روايتن موجب ميجر جنرل جي عھدي واري فوجي عملدار کي ڪمانڊر ان چيف تسليم ڪيو ويندو آھي. ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي اھڙي فيصلي جو اطلاع لارڊس آف ٽريئري کي ڏنو ويو ھو.
ھن کان سواءِ اڃا بہ گھڻو ڪم رھيل ھو. ھي فيصلو تہ ضرور ھو، پر ان ۾ کوٽ ھئي ۽ کوٽيءَ نيت سان ڪيو ويو ھو. جيڪو عوامي امنگن مطابق ڪونہ ھو. ليڪن اھو ڪو آخري فيصلو ڪونہ ھو. شاھي فيصلي مطابق ان جي اپيل لارڊس آف ٽريئري کي ڪرڻي ھئي. سر چارلس نيپئر اھڙي اپيل جو نوٽيس لارڊس آف ٽريئري ڏانھن موڪليو ھو، جيڪو پھچي ڪونہ سگھيو جنھن کي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس وچ تي روڪي ڇڏيو ھو. انھيءَ زماني ۾ سر چارلس سنڌ ۾ موجود اھڙي صورتحال مان ائين معلوم ٿي رھيو ھو تہ اڻ سڌي طور کانئس اپيل ڪرڻ جو حق کسيو ويو ھو. ڇاڪاڻ تہ مقرر وقت جي گذري وڃڻ کان پوءِ عرضدار اپيل جو حق وڃائي ويھي رھندو آھي. سر چارلس جي دوستن کي اھڙي معلومات ڪنھن ذريعي وسيلي ملي ھئي تہ لارڊس آف ٽريئري سان ڳالھايو جن کي چيو ويو تہ اھي غير موجود جنرل بدران اھڙي اپيل داخل ڪري سگھن ٿا. ان کان پوءِ انگلينڊ جي ماڻھن کي صحيح صورتحال جو پتو پيو ھو، جن ۾ ناراضگي پيدا ٿي وئي ھئي. اھڙي ريت عوامي مزاحمت بہ اڀري آئي ھئي ۽ سمجھيو پئي ويو تہ انھن فوجي جنرلن مان غلط فائدو وتو پيو وڃي جن جنگ جي ميدان تي سر ترين تي رکي سوڀون ماڻيون آھن. ان وقت اھو بہ ٿيو تہ ان غلط فيصلي ڏيندڙ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي ھڪ ميمبر سر جي وايرھاگ جلديءَ ۾ ھائوس آف ڪامنس جي ھڪ ميمبر مسٽر بئلي کي سندن نمائندگي ڪرڻ جي گذارش ڪئي، جنھن ھم ڪئي نہ تم، ائين ڪوڙ تي سندرو ٻڌي بيھي ويو ۽ مخالفت ۾ بيان ڏنو ھئائين سر چارلس نيپئر کي فاتح ھجڻ اعزاز ڪونہ مليو آھي ۽ ھن ستر ھزار پائونڊ مال غنيمت طور ورتا آھن. اصول مطابق سندس حصو اٺون آھي، پر ھن کي اٺين حصي کان وڌيڪ مليو آھي. سر جي ڊبليو ھاگل جي ڪوشش ھئي ان کي مليل مال غنيمت جو اڌ گھٽايو وڃي. کيس اھا بہ خبر ھئي تہ کيس ملڻ وارو غنيمت جو مال اڃا پري آھي. پر کيس اھا ٿوري يا گھڻي رقم گھڻي عرصي کان پوءِ ملي ھئي. سر جي ڊبليو ھاگ نہ مسٽر بئلي ھي ڳالھہ سمجھي سگھيو ھو تہ ڪيتري بہ وڏي رقم، ان جنرل جي اعزاز برابر ڪانہ آھي جيڪو تلوار کڻي جنگ ۾ وڙھندو آھي. اھو ھڪ راز ھو جنھن کي اھڙا موڳا ۽ اوڳا ماڻھو سمجھي ڪونہ سگھندا آھن.
ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس فيصلو ڪيو ھو، جنھن خلاف لارڊس آف ٽريئري اپيل ڪرڻ جي اجازت ڏني ھئي. سر چارلس جو وڪيل جان جارج پلمو ھو. جنھن ان معاملي جي پنھنجي ھٿن سان وڍ ٽڪ ڪئي ھئي ۽ اھڙين حقيقتن کي وائکو ڪيو ھو جنھن جي بنيادن ۾ حسد ۽ تعصب کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونہ ھو. ھن وڪيل اھو ثابت ڪري ڏيکاريو ھو تہ ھندستان جي گورنر جنرل سر چارلس کي ڪماندڙ ان چيف جو عھدو ڏنو ھو جيڪو سندس منٽس بوڪ ۾ بہ موجود آھي. ھن ڪامورا شاھي جي وڏي لکپڙھہ کان پوءِ بہ کيس اھو عھدو ڏنو ھو. پر ڪورٽ آف ڊائريڪٽر بدنيتي کان ڪم وٺي، ڄاڻي ٻجھي اھڙين ڳالھين کي ڇٻٽ ڪري ڇڏيو ھو. ان کان سواءِ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس حق ۽ سچ کي لڪائڻ لاءِ غير مناسب طريقي سان سر چارلس کي لويو ۽ ڊويو ھو. سندس وڪيل اھو سوال بہ اٿاريو ھو تہ ڇا اڳين فيصلن، اڳين روايتن، ٿيل فيصلن جي رھنمائي ڪئي وئي ھئي يا ڪن اصولن کي آڏو رکيو ويو ھو؟ ڇا اڳين ڪورٽن ۽ شاھي حڪمن ڪورٽ آف ڊائريڪٽس جي بيان خلاف پنھنجي نقطئھ نظر جو اظھار ڪيو ھو ۽ ان جي فيصلي کي غلط قرار ڏنو ھو؟ اھي سڀ ڳالھيون انھيءَ ڪري ٿيون ھيون جو ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس سر چارلس دشمن ھئي، جيڪو عمل قانون، راويت ۽ فرد جي عزت جي خلاف ھو. ھتي انصاف ھن حقيقت کي تسليم ڪرڻ جو تاڪيد ڪري ٿو. ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي ڪن ميمبرن ھن ڪارروائي ۾ حصو ڪونہ ورتو ھو نہ وري ھن ڪارروائي ۾ شريڪ ٿيڻ جي اھل ھئا ۽ نہ ھن اداري جي حڪم خلاف کين ڪجهہ ڪرڻ جي ڪا طاقت ڪانہ ھئي.
ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ھڪ اداري جي صورت ۾، اھو بي انصافيءَ جو ڪم ڪيو ھو. لارڊ ايلنبرو جي حڪم واري تاريخ کان وٺي سر چارلس فوج جو جنرل ھو. ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس بہ حقيقت تسليم ڪئي ھئي. ھن اداري جي اثر رسوخ ڪري انگلينڊ جي وزيرن بہ اھڙي ڳالھہ کي قبول ڪري ورتو ھو. پر جڏھن سر چارلس نيپئر فتح حاصل ڪئي تہ مال غنيمت کي ڏسي، ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي نيت تبديل ٿي وئي ۽ جنرل چارلس خلاف ھل ھنگاما ڪرڻ شروع ڪري ڏنا ھئائون. اھڙين ڳالھين کي نظر ۾ رکي جنگي توبن جي ڌماڪن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان کان سواءِ پارليامينٽ سر چارلس کي جيڪو خراج تحسين پيش ڪيو ھو، سو بہ ڪيترن سالن تائين لڪايو ويو ھو. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تہ مياڻي ۽ دٻي جي جنگين جي آوازن کي وچٿري جنگي سرگرمي تسليم ڪيو ويو ۽ انھن جي نتيجن کي فتح طور قبول ڪن ڪيو ويو ھو.
توھين آميز ۽ بدنامي وارا مقالا ’ايڊنگبرک‘ ۽ ’ڪئارٽرلي رويو‘ ۾ لکيا ويندا ھئا، جنھن جا مصنف بہ مٿئين طبقي جا ماڻھو ھئا. ڪي ڪالم وري روزانو وارن اخبارن ۾ ڇپيا ھئا، جيڪي چار ڏوڪڙ ڏئي لکرايا ويندا ھئا. انھن سڀني جي ڏاڍ جو شڪار سر چارلس نيپئر ھو انھن جو اصل مقصد ھن جي بھادريءَ ۽ جرئت کي لڪائڻ ھو. کيس اھڙي بدنامي کان بچائڻ ڪامورا شاھي جو فرض ھو. پر اٽلندو ھي ماڻھو انھن سرڪاري عملدارن کي انعامن اڪرامن سان نوازيندي جيڪي سر چارلس کي اخبارن ۽ رسالن ۾ بدنام ڪندا ھئا ۽ انتظامي ڀڃڪڙي ڪندا ھئا ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جا حڪم بہ مئڪاولي حڪمت عملي جو مظھر ھوندا ھئا، جيڪي ظاھري ۾ انھن ماڻھن جي سخت خلا ھئا جيڪي سر چارلس تي تھمتون ۽ الزام ھڻندا ھئا، پر ڳجهہ ڳوھہ ۾ سندن ھمت افزائي ڪندا ھئا ۽ ھن جي عزت ۽ احترام گھٽائڻ واري مھم کي لڳا پيا ھوندا ھئا. لارڊ رپن ھن جا اھي خط ڪونہ ڇپرائيندو ھو جيڪي ھو لارڊ رپن ڏانھن لکندو ھو. ان کان سواءِ سرڪاري دعوتن ۾ ھن کي شريڪ ڪونہ ڪيو ويندو ھو. جڏھن تہ ھن جنرل ھندستان اندر فتحون حاصل ڪيون ھيون. جڏھن ھندستان ڇڏي انگلينڊ پھتو تہ بہ ھن سان ساڳي ويڌن جاري ھئي. ھي اڪيلو انھن انگريز عملدارن مان ھو جيڪو مشرق کان ھتي پھتو ھو. جنھن کي عزت احترام جي نظرن سان نہ ڏٺو ويندو ھو ۽ شھر جي اعلى درجي جي دعوتن کيس شريڪ ٿيڻ لاءِ دعوت ڪانہ ڏني ويندي ھئي. جڏھن ماڻھو کيس عزت ڏيندا ھئا تہ لنڊن جون اخبارون ۽ رسالا اھڙيون ڳالھيون ڪونہ ڇاپيندا ھئا ۽ ائين نٽائي ويندا ھئا ڄڻ اھڙيون ڳالھيون ٿيون ئي ڪونہ ھيون. اھڙيون سڀ ڪروڌي ڳالھيون ساڻس دشمنيءَ ڪري ٿي رھيون ھيون، جنھن جو مثال ھيءُ حقيقت بہ آھي تہ جڏھن سر چارلس واري جھاز اچي پورٽس مائوٿ وارو بندر ڀيٽيو ھو تہ ھن شھر جي ٽائون ڪائونسل ھن کي شاندار آجياڻو ڏنو ھو، جنھن شھر جا ماڻھو بہ اچي شريڪ ٿيا ھئا. ھتي رھندڙ گئريسن فوج جا عملدار کيس ھڪ شاندار جلوسن جي شڪل کيس وٺي ٽائون ھال تائين آيا ھئا. سندس ھن جلوس سان رايل مئرنس بہ گڏ ھئا. ھن قسم جي شاندار تقريب جو احوال لنڊن جي ڪنھن اخبار ۽ رسالي ڪونہ ڇاپيو ھو. ان کان سواءِ پورٽس مائوٿ جي ميئر اھڙي رپورٽ لنڊن جي ھڪ مشھور رسالي ڏانھن ڇپجڻ لاءِ موڪلي ھئي، پر ان رسالي جي ايڊيٽر ان رپورٽ کي ڇاپڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو. توڙي جو کيس معمول مطابق رقم بہ آڇي وئي ھئي. ان کان سواءِ ايڊيٽر کي ان رپورٽ کي اشتھار جي شڪل ۾ ھلائڻ لاءِ بہ چيو ويو ھو، پر ھن ائين بہ ڪونہ ڪيو ھو.
اھڙن ماڻھن جون اٽڪلون ۽ حرڪتون انھيءَ لاءِ ھيون تہ جيئن ھن عظيم انسان جي حقيقي ڪارگذارين کي عام ماڻھوءَ کان لڪايو وڃي. ھنن ماڻھن ھن حقيقت کي وساري ڇڏيو ھو تہ تاريخ ۽ پويان ايندڙ نسل اھڙين ڳالھين کان باخبر ٿي سندن ٿورائتو ٿيندو. ھن کان سواءِ عام انگريز بہ ھنن ڳالھين ڏانھن ڌيان ڪونہ ڏئي رھيو ھو ۽ انھن بہ سر چارلس نيپئر کي عزت ۽ احترام ڏيڻ ۾ خاص دلچسپي ڪانہ ڏيکاري ھئي. پر اتفاقي طور انگريز ھندستان لاءِ ھڪ خطرو پيدا ٿي ويو ھو جيڪو نھايت خوفناڪ ھو. تنھن ڪري ھڪ قومي احساس شدت اختيار ڪري ويو ھو، جيڪو سڀني ڳالھين مٿان ڇائنجي ويو ھو. عام ماڻھو انھن وزيرن مٿان دٻاءُ وجھي رھيا ھئا جيڪي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي ھا ۾ ھا ملائيندا ھئا ۽ سر چارلس کي بدنام ڪرڻ ۾ بہ ھن ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس سان گڏ ھئا تہ ھو انگلينڊ جي تاجدار کي سر چارلس جي عظمت کان واقف ڪن جنھن کي ھن وقت تائين لڪايو ويو ھو ۽ مختلف قسمن جا الزام ھڻي بدنام ڪيو ويو ھو، جيڪو انگلينڊ کي ڏکيءَ گھڙيءَ ۾ ڪم آيو ھو. ان کان پوءِ اھا ساڳي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس سر چارلس جي بوٽن کي چٽڻ ۾ لڳي وئي ھئي جنھن اڳ سندس توڻي تپائي ڏني ھئي. ھڪ فاتح جي ھئڻ ناتي کيس اعزاز بہ ڏيڻ شروع ڪيا ھئا. ان کان سواءِ ھن جي تحفظ جو ذمون بہ پاڻ کنيو ھو.
سر چارلس ماضيءَ جا سڀئي گھاو وساري ڇڏيا ھئا ۽ جن وزيرن ۽ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ھن کي بدنامي جا ڏنڀ ڏنا ھئا، تن کي ھن غلط اکر جيان ميساري ڇڏيو ھو. پر ھي انگلينڊ جي تاجدار ۽ انگلينڊ جي عوام جي خاطر ھندستان موٽي ويو ھو. ھن اڳڪٿي ڪئي ھئي تہ جڏھن خوف ۽ خطرا ھٽي ويندا تہ اھي ساڳيا ماڻھو برساتي ڏيڏرن وانگر ٻاھر نڪري ايندا ۽ اڳئين جيان کيس بدنام ڪرڻ واري پراڻي ڪرت کي لڳي ويندا. جڏھن ھن ڏٺو تہ سندس عزت کي ڇيھو رسي رھيو آھي تہ ھن وڏي فوجي عھدي تان ٻيو ڀيرو استعفى ڏئي ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ کيس محسوس ٿيو ھو تہ ساڻس وري بہ بي انصافي ٿي رھي آھي ۽ بي ڌياني جو شڪار ٿي رھيو آھي. پر ھو تاريخ ۽ پنھنجي پوئين نسل واسطي مياڻيءَ حيدرآباد جو بي مثال فاتح ھوندو. ھي اھو ماڻھو ھو جنھن ڪڇيءَ جي جابلو ڌاڙيلن کي پيش پوڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ سنڌ کي غلاميءَ مان آجو ڪيو ھو. ھي پھريون ماڻھو ھو جنھن کي انگريز قوم ان وقت واھر ڪرڻ لاءِ پڪايو ھو، جڏھن ھندستان جي انگريز شھنشاھت لوڏن لمن ۾ ھئي ۽ تباھہ ٿيڻ واري ھئي.