سنڌ شناسي

سنڌ جي انتظامي تاريخ

سر چارلس نيپئر سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جو پھريون انگريز گورنر مقرر ٿيو ۽ چار سال ھن عھدي تي رھڻ بعد 1847ع ۾ سنڌ کي ڇڏي ولايت روانو ٿيو، جتي سندس ڀاءُ وليم نيپئر سنڌ جي حوالي سان ڪتاب لکيا.  ھي ڪتاب History of General Sir Charles Napier’s Administration of Seinde and Campaign in the Cutchee Hill   جي نالي سان 1851ع ۾ لنڊن مان ڇپيو. سنڌ ۾ نيپئر جي انتظامي تاريخ نالي ھي ڪتاب 13 بابن، ھڪ اضافي ۽ 20 ضميمن تي مشتمل آھي. ھي ڪتاب رڳو سنڌ جي انتظامي تاريخ نہ آھي، پر ان سان گڏ گهڻن حوالن سان سنڌ جي باري ۾ اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪري ٿو. نيپئر سنڌ ۾ پراڻي نظام جي جاءِ تي نئين انتظامي سرشتي جا بنياد رکيا. ڪتاب ۾ زمين جي ورڇ، ڍل، زراعت، آبپاشي جي نظامن، سنڌ جي معدنيات ۽ ھنرن جي سنڀال، جنگ جي انتظامن، انتظامي جوڙجڪ سميت مختلف عنوان شامل آھن. 

Title Cover of book سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب ڇھون: ڦليجي واري واقعي کان پوءِ جي صورتحال ۽ سردار ولي چانڊئي جو ڪردار

ڦلجيءَ وارو ڏاڍو ڏکوئيندڙ واقعو ھو. فوج بہ ڏاڍي تيز رفتاري سان اڳتي وڌي رھي ھئي. سخت گرميءَ جي موسم ھئي، جنھن ۾ حملا ڪونہ ڪيا ويندا آھن. تنھن ڪري ھي جابلو ماڻھو خوف کان ڄڻ سراپجي ويا ھئا ۽ سوچي رھيا ھئا تہ ڇا اھڙي فوجي ڪمانڊر کي مھاڏو ڏئي سگھجي ٿو؟ ھو ٻہ - چتا ٿي پيا ھئا تہ ساڻس مقابلو ڪجي يا پاسو ڏئي نڪتو ھليو وڃجي. سندن ھيءَ بہ سوچ ھئي تہ ھو اڳنا واسطي بغاوت ڪري ڪانہ سگھندا. ولي چانڊئي سان سندن دشمني گھڻي زماني کان ھلي رھي ھئي. ھي وڏي طاقتور قبيلي جو سردار ھو. ان کان سواءِ کيس جنگ ڪرڻ جو فن بہ ايندو ھو ۽ ھن قسم جي جنگين جو ماھر پڻ ھو. ڊومڪين جو رت پياڪ ويري ھو، جنھن ڪري ھو پلاند چڪائڻ جو پڪو پھھ ڪري چڪو ھو. ھن قبائلي سردار جو صدر مقام لاڙڪاڻي کان اولھہ طرف ٽيھھ ميل پري آھي. ھي ايترو طاقتور آھي جو ھنن جابلو دشمن جي مقابلي لاءِ ھزارين ماڻھو قطاري سگھي ٿو، جن ۾ مري قبيلي جا ماڻھو ھن سردار جا اتحادي آھن. ھن ڦلجيءَ واري واقعي کان اڳ اھڙيون ڪي چڱيون ڳالھيون ڪيون ھيون، جو درٻار واري ڏينھن سر چارلس ھن کي کلئي عام اعزازي تلوار ڏني ھئي ۽ ھن پنھنجي ھٿن سان سندس چيلھھ سان ٻڌي ھئي. ان درٻار ۾ نواب ۽ قبائلي سردار موجود ھئا، جن سڀني سندس اھڙي اعزاز کي اکين سان ڏٺو ھو. ان بدلي بجار ڊومڪيءَ خلاف جنگ ڪرڻ جو واعدو ڪيو ھو. اھڙي فوجي پيش قدمي ھو نھايت بھادريءَ سان ڪري ٿي سگھيو. ڇاڪاڻ تہ ھن لاءِ پنھنجا قلعا ۽ انگريز سرڪار جي فوجون چوڪيون بہ ھيون، جيڪي ھن جي فوج جي پوئتي ھٽڻ لاءِ مددگار ھيون. جاسوس جو بيان ھو تہ ڦلجيءَ ۾ جن قبيلن انگريزي فوج کي شڪست ڏني، سي وري ڦلجيءَ ۾ گڏ ٿي رھيا آھن. ھنن جو مقصد آھي تہ مير شير محمد کي سنڌ وٺي وڃجي. پر جنرل چارلس کي اھڙين چالبازين وسيلي ٺڳڻ سولو ڪونہ ھو. ھو سمجھي رھيو ھو تہ ھو بغاوت ڪرڻ جا منصوبا بڻائي رھيا آھن، پر ھو سمجھي ويو ھو تہ ھن وقت گڏجڻ سندن بچاءَ واسطي آھي، ڇاڪاڻ تہ اھي برپٽ واري علائقي ۾ موجود کوھن کي پوري رھيا ھئا. جڏھن تہ مري قبيلو ڊومڪين ۽ بگٽين جو دشمن ھو ۽ انھن سان جنگ ڪرڻ جون تياريون ڪري رھيو ھو. ھن صورتحال کي ڏسي ڳوٺاڻا بہ دلير ٿي ويا ھئا ۽ ڌاڙيلن کي پوئتي ھٽائڻ ۾ چانڊئي سردارن سان ساٿ ڏيڻ لڳا ھئا. ان کان سواءِ ڌاڙيلن جي ننڍن ننڍن ٽولن سان مقابلو بہ ڪري رھيا ھئا. اھڙيءَ طرح ھنن ڪيترن ئي ڌاڙيلن کي گرفتار بہ ڪري ورتو ھو ۽ قيد ڪري رکي ڇڏيو ھو. انھيءَ زماني ۾ مير علي مراد جي ھڪ ملازم پنج بڙدي سردار گرفتار ڪيا ھئا. جيڪي ڌاڙيل ھئا ۽ سندس حڪمرانيءَ جي حدن ۾ رھندا ھئا. جن سنڌوءَ جي ڪٺار سان واقع سنڌين جي ڳوٺن کي ڦريو ھو. درحقيقت ھي ماڻھو بہ ٻين جابلو ماڻھن جيان ڌاڙيل ھئا. اھڙن ٿورن ٿڪن واقعن ھوندي بہ سنڌ جون حالتون پرسڪون ھيون. اھڙين پرامن حالتن دوران نظرداري کان ڪم وٺڻ نھايت ضروري ھو. ڇاڪاڻ تہ مير شير محمد شڪارپور جي اوسي پاسي لامارو ڏيندو ٿي وتيو، جنھن سان سندس گھوڙيسوار بہ گڏ ھئا. ان وقت علي مراد ڪن پٺاڻن کي ملازمت مان ڪڍي انگريزن سان ڪيل معاھدي جي ڀڃڪڙي ڪئي ھئي ۽ پنھنجي چئن ٽالپر مائٽن کي پنھنجي حڪمرانيءَ جي حدن ۾ رھڻ جي موڪل ڏني ھئي، جن کي انگريز سرڪار ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي ھئي. مذڪوره ٽالپر سندس سوٽ ۽ ڀائٽيا ھئا. ھي اھو زمانو ھو جڏھن وڏي درٻار منعقد ٿي رھي ھئي. سر چارلس نيپئر سوچيو ھو تہ ويھن ھزارن بلوچ سردارن جي ايڏي وڏي ميڙ ۾ سندن مطالبن کي نہ مڃڻ ڏکيو مامرو ھو. جن مان سندن پھريون مطالبو اھو ھوندو تہ کين پنھنجون جاگيرون واپس ڪيون وڃن ۽ سنڌ ۾ رھڻ جو حق ڏنو وڃي. اھڙي ريت علي مراد کي حڪم ڪيو ويو تہ ڪن سردار کي بنا دير گرفتار ڪري. ان کان پوءِ مير شير محمد کان سواءِ ٻيا ڪيترا حڪمران ملڪ کان ٻاھر موجود ھئا. ليڪن سنڌ اندر رھندڙ ڪيترن ٽالپر شھزادن کي ھندستان سرڪار طرفان مير علي مراد جي درٻار ۾ رھڻ جو چيو ويو ھو. پر اھڙي قدم کڻڻ ڪري ھڪ وڏو مونجھارو محسوس ٿي رھيو ھو.
اھڙا معاملا جون تائين جيئن جو تيئن رھيا. ان کان پوءِ ٻہ اھم واقعا رونما ٿيا. انھن مان ھڪ واقعو اھو ھو تہ جکراڻي ۽ ڊومڪي ڌاڙو ھڻي ڪاميابيءَ سان وڃي پنھنجي ماڳن تائين پھتا ھئا. جڏھن تہ ٻيو واقعو شڪارپور ۾ فوجي سپاھين جي بغاوت ھئي. اھي ٻئي واقعا انتظامي بدنظمي جو نتيجو ھئا ۽ جنھن ڪري ڏاڍو ڳنڀير وايو منڊل پيدا ٿي پيو ھو. قصو ھي ھو جو ھندستان جي اتر اوڀر وارن علائقن مان ڪن بنگال ريجمينٽس کي اتر سنڌ جي سرحد ڏانھن موڪليو ويو ھو. جنھن تي انھن انڪار ڪيو ۽ چيائون تہ جيستائين وڏا الائونس نہ ملندا، تيستائين اوڏانھن ڪونہ وينداسون. ٿوري چؤ چواءَ کان 64 ريجمينٽ کي راضي ڪري سکر ۽ شڪارپور ڏانھن روانو ڪيو ويو. انھيءَ ڪري سندن تعريف بہ ڪئي وئي ۽ کين ڪجهہ انعام بہ ڏنو ويو. جڏھن ھتي پھتا تہ ھنن کي سکر ۽ شڪارپور جا فوجي ڪوارٽر ٻين ماڳن جي ڪوارٽرن جي ڀيٽ ڏاڍا سٺا لڳا، نہ تہ اڳي سندن خيال ھو تہ اھي بيڪار ۽ گندا ھوندا. ھي بنگالي فوج ڪجهہ وقت لاءِ تہ ماٺ رھي، پر ھن فوج سان جيئن تہ وڏي الائونس جو واعدو ڪيو ويو ھو ۽ ان کان پوءِ ڪرنل موزلي جي اڳواڻيءَ ۾ اتر سنڌ ڏانھن رواني ٿي ھئي. پر شڪارپور ۾ ھنن ٿوريءَ پگھار جو سبب ڏئي ٻيو ڀيرو فساد ڪيو.
جيڪڏھنءَ ھيءَ فوج انھيءَ وقت بغاوت ڪري، جڏھن اسان جي خلاف چوڌاري قومون ھڪ گڏيل محاذ ٺاھي رھيون ھيون، يا جڏھن ساري فوج بيمار ھئي يا جڏھن جنرل سيلSale عارضي طور ڇڏي فوج جي ڪمانڊ اھڙي ماڻھوءَ حوالي ڪري ويو ھو، جيڪو ڪابل جي قتل عام کان ڏاڍو ڊنل ھو تہ ان جو نتيجو ڏاڍو اگرو نڪري ھا. ان ھوندي وڏو خطرو موجود ھو، ڇاڪاڻ تہ ٻين بنگالي ريجمينٽس 64 ريجمينٽ سان اچي گڏجڻ کان ان ڪري انڪار ڪيو ھو ڇاڪاڻ تہ ان سان پھرئين بغاوت وقت ڪيل معاھدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ھئي ۽ اھي ناراض ٿي ويون ھيون. اھو ھڪ ٻئي سان وفادار رھڻ جو مضبوط معاھدو ھو، جيڪو ان وقت ختم ٿي ويو جنھن وقت پتو پيو تہ 64 ريجمينٽ سان ٺڳي ڪئي وئي آھي. ان فساد دوران ھڪ آفيسر ان ڪمانڊ مارجي ويو. جنھن جي مقرري بابت اڃا فيصلو ڪونہ ٿيو ھو. پر لارڊ ايلنبرو ان وقت ڪمپنيءَ جي ھڪ آفيسر برگيڊيئر جنرل ھنٽر کي جنرل سيل جي جڳھھ تي ڪمانڊر ڪري موڪليو، جيڪو انھيءَ وقت اچي سکر پھتو ھو. ھي ڪمانڊر ڏاڍو دانشمند ھو. ھن اچڻ سان شڪارپور واري 64 ريجمينٽ کي سکر ڏانھن بدلي ڪري ڇڏيو. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن ان کي ٿڌو ڪري سگھجي. کيس پڪ ھئي تہ جڏھن شخصي طور کين مڃائڻ جي ڪوشس ڪندو تہ ھو پنھنجي ضد تان لھي ويندا، پر ائين ڪونہ ٿيو. جڏھن کين مڃائڻ لاءِ پھتو تہ فوجين مٿس پٿرن ۽ ڇاپڙن سان حملو ڪيو. ان صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ ھن سکر قلعي اندر رھندڙ سياري گئريسن فوج کي حڪم ڪيو، جن 64 بنگال ريجمينٽ جا ٽيھھ چاليھھ فوجي گرفتار ڪري ورتا ۽ ٻين کان ھٿيار کسيا ويا ۽ ڪابھ رتوڇاڻ ڪانہ ٿي. ان کانپوءِ کين حڪم ڪيو ويو تہ ھو سنڌوءَ جي کاٻي ڪناري ڏانھن اڪري اچن ۽ ٻئي حڪم جو انتظار ڪن.
ان کان پوءِ ڪرنل موزلي تي ڪيس ھلائي کيس فوجي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو ۽ 64 بنگال ريجمينٽ جي ويھن فوجين کي ڦاھيءَ چاڙھيو ويو، جيڪي انھيءَ بغاوت جي اڳواڻي ڪري رھيا ھئا. انھن کان سواءِ ٻين ڇھن کي بہ سزا ڏني وئي ھئي. ھنن ڳالھين ھوندي بہ 64 ريجمينٽ پنھنجي ضد تان ھيٺ ڪانہ لٿي. سر چارلس نيپئر ھن ريجمينٽ کان جھنڊو کسي ورتو. ان کان پوءِ ھن ”سيڪنڊ ڊگري“ جي فوجي ملازمن کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ريجمينٽ کي چتاءُ ڏنو تہ جيڪڏھن اڃا بہ بغاوت ڪئي وئي تہ ساريءَ ريجمينٽ کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويندو. ھن اھڙيون سزائون ڏئي ھڪ مثال قائم ڪرڻ پئي چاھيو. پر ھن اھڙيون سزائون بي دليون ڏنيون ھيون، ڇاڪاڻ تہ سمجھيائين تہ اھڙو ڪم مناسب نہ آھي ۽ اھڙو عمل ھندستاني فوج لاءِ انصاف تصور ڪونہ ڪيو ويندو. سندس چوڻ ھو تہ ھن کان اڳ ھي فوجي سپاھي 64 بنگال ريجمينٽ کي پنھنجو گھر تصور ڪندا ھئا. جيڪڏھن ھنن کي ننڍڙي ڏوھھ جي سزا ۾ نوڪرين مان ڪڍيو ويو تہ يا ھڪ جوشيلي فوجي سپاھيءَ جي چوڻ تي اھڙي سزا ڏني وئي تہ فوجين جي دل کڄي ويندي. ھن ئي فوج ڪري ھندستان سرڪار جي عزم ۽ ارادن کي ھڪ ٽيڪ ملي ويندي آھي.
ھن واقعي ڪري جنرل ھنٽر سان بہ بي انصافي ڪئي وئي ھئي. پر ھن جي فوجي خدمتن کي نيٺ وڃي تسليم ڪيو ويو ھو، پر سندس خدمتن جي تعريف تہ بروقت ڪرڻ گھربي ھئي. ڇاڪاڻ تہ ھن وڏيون فوجي خدمتون سرانجام ڪيون ھيون ۽ اڃا تائين ڪري رھيو آھي. انھيءَ رواجي بغاوت دوران مير شير محمد ۽ احمد خان لغاري شڪارپور کان گھڻو پرري ڪونہ ھئا، جن سان ڪڇي واري جابلو علائقن جا گھوڙي سوار بہ گڏ ھئا. ان کان سواءِ چوڏھن پندرھن ٽالپر شھزادا مير علي مراد جي درٻار ۾ بہ موجود ھئا جيڪي ڏينھن جي سفر جيترو پري ھئا. ھنن مان ڪجهہ اھڙا ماڻھو بہ ھئا، جيڪي جنگ ڪرڻ لاءِ اتامرا ھئا. سندن مرضي ھئي تہ جنگ اڄ لڳي تہ سڀاڻي ٻيو ڏينھن ٿئي. ھي اھي ماڻھو ھئا جن جي جلد بازيءَ ڪري مياڻي واري جنگ بہ لڳي ھئي. اھي ساڳيا ماڻھو وري بہ جنگ لاءِ ور کنجيون بيٺا ھئا. شڪارپور ۽ سکر ۾ فوج سان گڏ تمام گھڻو فوجي سامان موجود ھو. جڏھن تہ سکر ۾ انھيءَ سامان سان گڏ سرڪاري خزانو بہ موجود ھو. سڀئي يورپي اعلى فوجي عملدار بہ ھتي ھئا. سندن گھرواريون ٻار ٻچا بہ ان فوج جي بچاءَ جي آسري تي ھئا، جنھن ھاڻي بغاوت ڪئي ھئي. ھنن سڀني ريجيمينٽن ۾ فقط 13 ريجمينٽ يورپي ھئي، جيڪا بيمار ھئي ۽ مزاحمت جي لائق ڪانہ ھئي. باقي ٻِيون پنج ڇھھ ريجيمينٽون باغي بڻجي ويون ھيون. امڪان ھو تہ متان آرٽلري ۽ فوجي سامان ڦريو لٽيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ شڪارپور جو وڳوڙي ماحول بلڪل اھڙو ھو. اھو بہ امڪان ھو تہ متان ھن شھر کي ڦريو لٽيو ۽ يورپين کي قتل ڪيو وڃي ۽ جابلو جوءِ جا ڌاڙيل بہ ھن ڦرلٽ ۾ شريڪ ٿي وڃن ۽ اھا باغي فوج وري سکر شھر تي حملو ڪري. جيڪڏھن ائين ٿئي ھا تہ سرڪاري خزانو، توپون، فوجي سامان ڦرجي وڃن ھا ۽ يورپي ماڻھن جون حياتيون بہ تباھہ ٿي وڃن ھا. ان کانپوءِ ٽالپرن جي حڪمرانيءَ جا جھنڊا جھولن ھا. ان وقت خيرپور جو علي مراد بہ مجبور ٿي ھنن سان گڏجي وڃي ھا. اھڙي خطرناڪ قسم جو ماحول جنرل ھنٽر اچي ختم ڪيو ھو. اھڙي اھم خدمت جي سرانجام ڪرڻ کان پوءِ کيس تنبيھھ ڪئي وئي ھئي.
سر چارلس نيپئر ھن ساري فتني کي لارڊ ايلنبرو خلاف سازش جو پوتاميل سمجھيو ھو. ڇاڪاڻ تہ جنرل ھنٽر کي ھن ئي مقرر ڪيو ھو. ھن سازش ۾ بنگالي فوج جو حسد بہ شامل ڪري سگھجي ٿو، جنھن فوجي سرگرمين کي متاثر ڪري ڇڏيو ھو. ھنن فوجين جي مرضي ھئي تہ سر ھيوگف Hugh gough کي ڪمانڊر ان چيف مقرر ڪيو وڃي، جنھن کي ھو گرانڊ لاما ڪري سڏيندا ھئا. سر ھيوگ، معزز، ايماندار، سچو، کرو ۽ مزاج ۾ سخي ھو ۽ سازش کان ڪوھين ڏور ھو پر ائڊجوٽنٽ جنرل ليومليlumely ۽ جج ائڊووڪيٽ جنرل برج، جنرل ھنٽر کي روانو ڪري ڇڏيو ھو. اھا صورتحال ان وقت تائين منجھيل رھي جيستائين سر چارلس گورنر جنرل سر ھينري ھارڊنج کي چئي، اھڙي غلطيءَ جي اصلاح نہ ڪرائي ھئي. اھڙيءَ ربت ممبئيءَ واريءَ ڌر کي لڙ بکيڙي مچائڻ جو موقعو ملي ويو ھو. جنرل ھنٽر جون خدمتون تعريف لائق ھيون، جيڪو سر چارلس جي نمائندگي ڪري رھو ھو. جنھن کيس بچائڻ لاءِ ننھن چوٽيءَ جا زور لاتا ھئا، جڏھن ھڪ ھڪ بااختيار قوت ھن کي ذليل ۽ خوار ڪرڻ لاءِڪانبو ٻڌي، ھن جي ڪڍ لڳي پئي ھئي.
ٻيو واقعو بہ ڄڻ فوجي بغاوت جھڙو تباھہ ڪن ھو. ڪئپٽن مئڪنزي جو تعلق اريگولر گھوڙي سوار فوج سان ھو. ھن گاھھ لڻڻ لاءِ گاھين جو ھڪ جٿو روانو ڪيو، جنھن سان گڏ ڏيھي فوجي عملدار جي نگرانيءَ ۾ پھريدار بہ موڪلي ڏنا ھئا. ھي ماڻھو خانڳڙھھ کان يارھن ميل پري وڃي گاھھ لڻڻ لڳا ھئا. انھن کي ڪنھن بہ دشمن جي حملي جو کٽڪو ڪونہ ھو، تنھن ڪري بنا ڪنھن چنتا جي گاھھ لڻڻ لڳي ويا. اتفاق اھو ٿيو جو ان ڏينھن بجار ڊومڪي پنھنجي ٻين ڌاڙيلن سان گڏ ڪنھن واردات ڪرڻ جي ارادي سان ڍومائون کائي رھيو ھو. ھنن جي گاھين تي نظر پوڻ سان مٿن حملي ڪرڻ جو حڪم ڪيو ۽ ٻہ سؤ گاھي ڪھي ھليو ويو ۽ پنجاھھ ڦٽي پھريدار وڃي ڪئپٽن ميڪنزي وٽ پھتا، جنھن سندس ڪڍ ڊاڊا ڊوڙايا، پر ھو اھا ڏکوئيندڙ واردات ڪرڻ کان پوءِ واچ مينھن ٿي نڪتو ھليو ويو، ۽ ”اريگيولر ڪئولري“ جا گھوڙيسوار دستا اجائي جک ماري موٽي آيا. جڏھن ھيءَ خبر جنرل چارلس کي پھتي تہ ڪاوڙ ۾ تپي ٽانڊا ٿي ويو ۽ ھن اھڙو اظھار سرڪاري طور ڪيو ھو.
ان جو ڪارڻ اھو تہ ڪپئٽن مڪنزي سندس سڱڻيو ھو. گاھھ لڻڻ جي مقصد سان، گاھين کي ايتري ڏوراھن پنڌ تي موڪلڻو ڪونہ ھو، پر جيڪڏھن موڪليو ويو ھو تہ انھن جي بچاءَ جو چڱيءَ ريت بندوبست ڪيو وڃي ھا. جڏھن فوجي خدمتن سان لاڳاپيل ماڻھو پنھنجي منصبي فرض جي ادائگيءَ لاءِ فوج ڇانوڻيءَ کان ٻاھر وڃن ٿا تہ نگران فوجي عملدار جو ڪم آھي تہ ھو گھوڙي جي ھني تان ھيٺ نہ لھي ۽ رات ڏينھن سندس اکيون کليل رھڻ گھرجن ۽ سندس کائڻ پيئڻ ۽ ننڊ بہ گھوڙي جي ھني تي ڪرڻ گھرجي ۽ تلوار کيس ھٿن ۾ ھجي. فوجي چوڪيءَ جي نگران فوجي عملدار کي تيستائين آرام ڪرڻو نہ آھي، جيستائين سڀ خير نہ ھجي. جڏھن کيس اھو پتو ھجي تہ ھڪ جابلو ڌاڙيل جوءِ ۾ موجود آھي تہ کيس اٺ ئي پھر خبردار رھڻ گھرجي. اھو بہ غلط آھي تہ واردات ڪرڻ کان پوءِ ڌاڙيل جي ڪڍ لڳي پئجي. ائين ڪرڻ عام ماڻھن ۾ حيراس پيدا ڪرڻ ۽ فوجين ۾ ٿرٿلو پيدا ڪرڻ ھوندو آھي. اھڙي اٻھرائي مان پتو پوندو آھي تہ فوجي اڳواڻ کي تجربو ڪونہ آھي. اھو بہ سمجھڻ کپي تہ ڌاڙيل سان ڪا راند کيڏي ڪانہ ھوندي آھي.
انھيءَ ڪارروائيءَ کي بلوچ قبيلا وڏي فتح تصور ڪري رھيا ھئا، جڏھن تہ ھنن بي ھٿيار گاھين کي گاھھ لڻندي ڪھڻ وارو ڪارنامو ئي انجام ڏنو ھو. گاھين جي قتل عام جون خبرون وڃي ڪابل ۽ قنڌار تائين پھتيون ۽ ائين تيليءَ مان ٿنڀ بڻائي پيش ڪيو ويو ھو. جتي ڪٿي ڌاڙيل جي بھادريءَ جون تعريفون ھلي رھيون ھيون. اھڙي رت گاھين جي فاتحن جا حوصلا بلند ۽ ارادا اٽل ٿي رھيا ھئا. بمبئي واريءَ ڌر کي ممڻ مچائڻ جو موقعو ملي ويو ھو ۽ جنھن اخبارن وسيلي ھن واقعي کي کڻي مٿي کنيو. ان کان پوءِ بجار ۽ ساڻس ٻٽ ٻيا ٽولا ڇڙواڳ ٿي ويا ھئا. آڪرائي ڏسي فوج بہ ڊڄي وئي ھئي. غريب ماڻھن جون آھون ۽ دانھون ڪير بہ ٻڌڻ وارو ڪونہ ھو. ھنن لاءِ بچاءَ جا سڀ گس بند ھئا. ڪئپٽن مڪنزي جاچ ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو، پر ڪنھن بہ اھڙي ڪم ڪرڻ جي حامي ڪانہ ڀري. ھي نھايت سياڻو ۽ سچيت فوجي عملدار ھو، جنھن ھڪ ٻئي طريقي سان پنھنجي عزت ۽ وقار کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي. ھن ڌاڙيلن تي گرميءَ جي موسم ۾ حملو ڪيو ھو، پر شڪست کاڌي ھئائين. ان کان پوءِ ھو لڳاتار ھنن جي چرپر تي نظر رکندو رھيو، انھيءَ مقصد سان تہ جولاءِ جي مھيني ۾ جابلو قلعي تي حملو ڪري سگھجي. کيس آگسٽ مھيني ۾ پتو پيو تہ شڪارپور کان سورھن ميل پري پنج سؤ ڌاڙيل موجود آھن، جن مان ڪي گھوڙيسوار ۽ ڪيا پيادا آھن. اھو ٻڌي ھو پنھنجي فوج وٺي چاليھن ميلن جي رفتار سان مٿن وڃي اوچتو ڪڙڪيو. ھن پيادن کي ماري لاشن جا ڍير ڪري ڇڏيا. جنگ دوران گھوڙيسوار اک وٺي ڊڊا ڊوڙائي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ھن مقابلي ۾ ٻہ سؤ ڌاڙيل مارجي ويا. تڏھن ممبئيءَ واريءَ ڌر جي اخباري ھاءِ گھوڙا مس وڃي ھپاڻي ھئي. جڏھن گاھين جي ڪوس جي خبر ممبئي واريءَ ڌر کي ملي ھئي تہ انھن ماڻھن اخبارن ۾ ڪئپٽن مڪنيزي خلاف باھھ ٻاري ڏني ھئي ۽ پئسا وٺي ليک لکڻ شروع ڪيا ھئائون تہ سر چارلس ساڻس ڏاڍي جٺ ڪئي آھي. اھڙي ريت کيس عوام ۾ ڏاڍو بدنام ڪيو ويو ھو. وري جڏھن وٽن ھيءَ خبر پھتي تہ ڪئپٽن مڪنزي ٻہ سؤ ڌاڙيل ماري ڇڏيا آھن تہ ھنن وري لکڻ شروع ڪيو تہ اھي ماڻھوءَ معصوم ۽ شريف شھري ھئا، جن کي ھن ڪئپٽن پلاند خاطر ماريو آھي، انھيءَ مقصد سان تہ جيئن ھو اڳئين شڪست جو ازالو ڪري سگھي ۽ بدناميءَ جو ٽڪو لاھي سگھي.
ھن مامري ۾ سر چارلس جاچ ڪرائي ھئي تہ واقعي شريف شھري تہ ڪونہ ماريا ويا آھن، پر کيس پتو پيو تہ اھي شريف شھري نہ پر ڌاڙيل ھئا ۽ جن ماڻھن لاءِ شھري ھجڻ وري دعوى ڪئي پئي وڃي، سي علي مراد جي حڪمرانيءَ جي حد جا ماڻھو ھئا،. جن جا ھٿيار ۽ ڪپڙا بہ ڌاڙيلن جي ھٿيارن ۽ ڪپڙن جھڙا ھئا ۽ ٻاھران آيل ڌاڙيلن سان گڏجي ڌاڙي ھڻڻ جون تياريون ڪري رھيا ھئا. اھي ماڻھو ذات جا بڙدي ۽ بڙديڪا جا رھاڪو ھئا. ان کان سواءِ اھم ڳالھہ ھيءَ بہ آھي تہ ھنن علي مراد جي منع ڪرڻ باوجود بہ ڌاڙيلن سان ٻيلھھ ٻڌي ھئي. حقيقت اھا ھئي تہ ڦلجي جي شڪست کان پوءِ گاھين جو ڪوس ٿيو ھو. اھي واقعا ھڪ ٻئي پٺيان رونما ٿيا ھئا، ان ڪري ڌاڙيلن سمجھيو ھو تہ انگريزن کي تباھہ ڪرڻ جو مناسب وقت اچي ويو آھي، تنھن ڪري ھنن وڏي ڪارروائي ڪرڻ کان اڳ، مير علي مراد جي ملڪي سرحدن اندر ڌاڙي جي ھڪ ڪارروائي ڪرڻ پئي چاھي. اھو پورو پتو ھو تہ سندن ارادا ڪھڙا آھن. بڙديڪا جا بڙدي بہ ڌاڙي جي ارادي سان ھٿيار کسي اچي ھنن سان گڏيا ھئا. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن کانئن ڌاڙيل جي مال حصو پتي وٺي سگھن. اھي ماڻھو ڏاڍيءَ دليريءَ سان وڙھيا ھئا. بلوچ نسل جا ماڻھو ھنن علائقن ۾ ڏاڍي دليري جو مظاھرو ڪندا آھن ۽ سکيا ستابا شھر ۽ ڳوٺ سر سبز ۽ آباد جوءِ ڀيلي ڀينگ ڪري ڇڏيندا آھن. ھنن جون اھڙيون قھري ڪاروايون سنڌين جي ڳوٺن خلاف ھونديون ھيون. ھتان جا ڳوٺاڻا پنھنجي قتل عام کان ڊڄي ڪيڏانھن ھليا ويا ھئا. جيڪي ھن واقي کان کان پوءِ پنھنجن پڊن تي نظر اچڻ لڳا ھئا، ۽ گاھين کي گاھھ لڻڻ ۾ مدد ڪري رھيا ھئا، جن جو ڪم فوجي گھوڙن کي گاھھ پھچائڻ ھو. ھن واقعي کان پوءِ جنرل چارلس جي خواھش ھئي تہ بگٽين، ڊومڪين ۽ جکراڻين جون زمينون چانڊين ۽ مري قبيلي ۾ ورھائي، پر ھن شرط سان تہ اھي ھنن قبيلن کي سنڌ جي سرحد کان گھڻو پوئتي ڌڪي ڇڏيندا. ھن ڳالھہ مان سندس مقصد ھو تہ جيئن ھنن بلوچ قبيلن اندر ويڙھھ ھلي. جنرل جي ھن آڇ جو نتيجو ڇا نڪتو تنھن جو ذڪر بعد ۾ ايندو. پر انھيءَ وقت ڌاران ڌاڙن ۾ ٺاپر اچي وئي ھئي ۽ نہ ڪنھن فوجي پيش قدميءَ جي ضرورت محسوس ٿي ھئي. ان کان پوءِ سارو ڌيان انتظامي معاملن ڏانھن ڏنو ويو.
اھڙيءَ ريت عدالتي کاتي ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻھن جو ڌيان سان پنھنجو منصبي فرض ادا ڪرڻ ۽ ماڻھن کي انصاف ڏيڻ ڪري عام ماڻھو ڏاڍو خوش ھو. ان ڪري پنھنجن حقن حاصل ڪرڻ لاءِ دلير بڻجي ويا ھئا. عورتون بہ وڏي آواز ھن نئين سماجي نظام جي تائيد ڪري رھيون ھيون. اھي تہ ظاھر ظھور چئي رھيون ھيون تہ اڳي ملڪ ۾ انڌ ڌنڌ لڳو پيو ھو ۽ امن امان تہ ھوندو ئي ڪونہ ھو. دشمنين ۽ خانداني جھڳڙن زندگي زھر ڪري ڇڏي ھئي. ھاڻي اھڙي مجرم کي ڦاھيءَ جي سزا ڏني وڃي ٿي ۽ تنھن ڪري اھڙو تصور اڀري رھيو ھو تہ عورت کي قتل ڪرڻ جرم آھي. ھي ۽ ٻيون بہ ڪيتريون اھڙيون ڳالھيون ھيون، جيڪي عورت ذات جي فائدي ۾ ھيون. سر چارلس انساني ڀلائيءَ لاءِ تہ اھڙا بھترين ڪم ڪيا ھئا، پر سرڪار ناشڪري ھئي.
ھن کان سواءِ ھت ٻيا بہ الائي ڪيترا جرم ٿيندا ھئا، جيڪي عام ۽ نھايت خطرناڪ ھئا. راھھ ويندن واپارين ۽ مسافرن کي بہ لٽيو ڦريو ويو ھو. اھڙا جرم صفا ختم ٿي ڪونہ سگھيا ھئا، ڇاڪاڻ تہ جابلو علائقو ويجھو ھو. پر پوليس جي مدد سان اھڙن ڏوھن ۾ گھٽتائي اچي وئي ھئي. انھيءَ ڪري پوليس جو ھڪ آجو ۽ نجو کاتو بڻايو ويو آھي. ان کان سواءِ فوج جون بلوچ بٽالنون نھايت مقدم طريقي سان پنھنجو منصبي فرض کي ادا ڪري رھيون آھن. گھڻا بلوچ سردار جن ٽالپرن جي طرف کان مياڻيءَ م اسان جو مقابلو ڪيو ھو، تن بہ ھاڻي اسان جي ملازمت اختيار ڪئي آھي ۽ فوجي سپاھيءَ طور انگريز جي نمايان خدمت سرانجام ڏئي رھيا آھن.
صنعت کي بہ نئين سر جياريو ويو آھي. ھاڻ سنڌ تحفظ جي معاملي چوڏس مشھور ٿي وئي آھي. تنھن ڪري ٻين ملڪن جا شاھوڪار، سيٺيا ۽ ھاري ناري سنڌ ۾ آباد ٿيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيا آھن. اھڙو سلسلو مستقل طور جاري آھي. اھڙيءَ ريت شڪارپور کي آدمشماري ڪراچي کان بہ گھڻي آھي، جيڪا ڏينھون ڏينھن وڌي رھي آھي. نہ رڳو اھو پر انگريز ۽ پارسي بہ ھتي ويھي،وچ ايشيا سان واپار ڪرڻ جو سوچي رھيا آھن. اخباري ڌر وارا ماڻھو امن امان جي اھڙن ڳالھين کي اڃا بہ تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونہ آھن ۽ اھڙا اعلان ڪري رھيا آھن تہ اتان جي ماڻھن جون دليون نفرت سان ڀريون پيون آھن. جيڪي انتقام وٺڻ لاءِ تيار بيٺا آھن. پر ڪوڙ ان وقت ڏاڍو خطرناڪ بڻجي ويو، جڏھن ممبئي سرڪار سنڌ ۾ بغاوتن ھجڻ جو چئي ذھني عذاب ڏنو ھو ۽ چيو ويو ھو تہ اھو ظلمن جو نتيجو آھي. ان ڪري مجبور ڪيو ويو ھو تہ سنڌ مان فوجون واپس ڪيون وڃن. انھيءَ مقصد سان تہ ھو پاڻ بندوق ۽ تلوار جي مدد سان پنھنجي اختيارن کي قائم ڪري سگھن.
سنڌ ھاڻي تازو فتح ٿي آھي. فتح کان جلد ئي پوءِ ڪيترن وبائي بيمارين منھن ڪڍيو آھي. اھا بہ حقيقت آھي تہ پيداوار جي مقابلي ۾ خرچ تمام گھڻو ڪري آھي، پر مستقبل ۾ تمام گھڻيءَ پيداوار جا امڪان موجود آھن. اھڙي ريت پيداوار جي ذريعن بابت اندازي لڳائڻ دوران بہ ڪيتريون دشواريون موجود آھن. ان کان ٽالپر جي دور واري محصول جي وصولي جي طريقي کي سمجھڻ ۾ وقت جي ضرورت آھي. ھتان جي ماڻھن جون عادتون رسم ۽ رواج مختلف آھن. تنھن ڪري ھتي نئين قسم جو قانون نافذ ڪرڻ ۾ بہ وقت لڳي ويندو. ان کان سواءِ ھيتري ساري وسيع علائقي ۾ محصول جي وصوليءَ لاءِ ھڪ منظم طريقو نافذ ڪرڻ بہ ايترو سولو ڪونہ آھي. اھو بہ ڏٺو ويو آھي تہ سماجي ۽ انتظامي نوعيت جي قائدن ۽ قانون بابت ڌوڪا بہ ڪيا ويا آھن ۽ رسمن رواجن جي ناتي ٺڳيون بہ ڪيون ويون آھن. ان کان سواءِ ماڪڙ اوچتو آئي ۽ سارا فصل کائي چٽ ڪري وئي. ان ڪري سنڌ جي پيداوار کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ويو. ان ئي زماني ۾ ماڻھن ۾ وچڙندڙ بيماري ڪاھي پئي ھئي ۽ سرڪاري ملازم بہ ان جي ور چڙھي ويا. تنھن ڪري صحيح معنى سان آباد زمين جي داخلا ٿي ڪانہ سگھي. ان جو نتيجو اھو نڪتو جو اوڳاڙي گھٽ ٿي. ڍل بہ جنس جي شڪل ۾ ادا ڪئي وئي. رٿبورنRath borne ، پوپPope ۽ گاڊنيgoddnney ڪليڪٽر ھئا، پر دراصل فوجي ھئا، جيڪي ھوشيار ۽ ايماندار عملدار ھئا. ھنن ماڻھن پنھنجي عقلمندي سان ڍل جي اوڳاڙي ڪري سرڪار کي ايترو پئسو ڏنو، جو سنڌ جي ساريءَ انتظاميھ جو خرچ بہ نڪتو جھڙوڪ گورنر کان وٺي ننڍي سرڪاري ملازم جي پگھار شامل سمجھڻ گھرجي، ان کان سواءِ اٺ سوار فوج ۾ ٻہ ھزار پوليس وارن جون پگھارون بہ ھيون، جن مان اٺ سؤ تہ گھوڙي سوار ھئا. اھڙي ريت ستھٺ ھزار اسٽرنگ پائونڊ بچت بہ ٿي ھئي، جيڪا آگسٽ مھيني ۾ جنرل ٽريزري ۾ رکي وئي ھئي. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن فوج ۽ عوامي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ سرڪار جي مدد ڪري سگھجي. فوجين جي رھڻ لاءِ بئرڪن جي تعمير تي خرچ اڳئين سال جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي ڪيو ويو ھو. اھڙي ڪم کي اڪلائڻ واسطي سنڌ جي اقتصادي ڳالھين کي نظرانداز ڪيو ويو ھو. ترقيءَ ڏانھن ھي پھريون قدم ھو جنھن مان معلوم ٿي رھيو ھو تہ اڳتي وڌڻ لاءِ سھوليتون موجود آھن، جن کي آڏو رکي ڪليڪٽرن کي ملڪ جي پيداواري ذريعن کي ڳولي لھڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻي ھئي. اھو بہ معلوم ٿيندو تہ سنڌ جي انتظاميھ تي تمام ٿورو خرچ اچي رھيو ھو، جيڪو ٻہ لک اسٽرنگ پائونڊن کان وڌيڪ ڪونہ ھو. اھو بہ امڪان آھي تہ سنڌ جي پيداوار ھڪ ملين اسٽرلنگ پائونڊ ٿي سگھي ٿي ۽ ان جي وصوليءَ عام ماڻھوءَ تي ڪنھن بہ قسم جو اضافي بوج ڪونہ پوندو. ڇاڪاڻ تہ ماڻھن کان زبردستي محصول وصول ڪرڻ سر چارلس جي حڪومت جي اصولن جي خلاف آھي.
سندس تازو بيان ھن ريت آھي: ”ڍل محصول اڃان بہ گھڻو اوڳاڙيو پيو وڃي، پر ان جي گھٽ وصوليءَ لاءِ بندوبست بہ اھڙو ڪيو وڃي. محصولن جي وصولي جو طريقو بہ صفا بيڪار آھي. جيڪڏھن ڍل جي سٺي طريقي جي نفاذ کان اڳ ۾ وصولي جي جڏي سڏي طريقي کي ختم ڪري ڇڏبو تہ اوڳاڙي ڪري ڪانہ سگھبي ۽ پيداوار گھٽ ملندي، پر ائين ڪرڻ کان اڳ وصوليءَ جي طريقي تي نظرثاني ڪرڻ ضروري آھي. اھو فقط تڏھن ڪري سگھجي ٿو، جڏھن اسان سياسي طور مستحڪم ٿي وڃون. تنھن ڪري حالتن کي ھينءَ چوڻ لاءِ مجبور آھيان تہ اوڳاڙي جي ھلندڙ طريقي کي جيئن جو تيئن رھڻ ڏجي. پر غريب رعيتي ماڻھن بابت ضرور سوچڻ گھرجي، جيڪي پنھنجي زمين جي پيداوار جو سراسري اڌ ڍل طور ڏئي رھيا آھن، پر کانئن اڌ بدران پيداوار جو ٽيون حصو ڍل طور وٺڻ مناسب ٿيندو. پر جيڪڏھن سھولتون وڌائبيون تہ ماڻھو محنت ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا ۽ ڍل محصول وڌي ويندو. جڏھن اسان ابتدا ۾ مزدور رکيا ھئا تہ ڏاڍا مھانگا ھئا. ڪم ڪرڻ ۾ بہ ڏاڍا سست ھئا. جيڪڏھن سندس ڪم جي جاچ پڙتال ڪبي ھئي تہ ڪم ڇڏي ھليا ويندا ھئا. پر ھاڻي کين ڪم جو تجربو آھي، کين سھوليتون بہ ڏنيون ويون آھن. اجورو بہ گھڻو ڏنو پيو وڃي. ھاڻي جيڪڏھن ھنن کي سزا ڏني وڃي ٿي تہ اھا قبول ڪن ٿا، پر پورھيو ڪرڻ ڪونہ ٿا ڇڏن. ڪيترائي ماڻھو آھن جيڪي پنھنجي ضرورتن کان وڌيڪ ڪمائي رھيا آھن. مون کي پورو يقين آھي تہ ايتري وڌيڪ ڪمائي ۽ سھوليتن ڪري، ٽالپرن جي حڪومت جي مزاحمت ڪندا ۽ اھو سوچيندا تہ ڇا انگريز سرڪار چري ٿي آھي ڇا جو ٽالپر حڪومت کي آڻي رھي آھي.
بمبئي واريءَ ڌر جو ھاڻي اھم مقصد اھو ٿي پيو آھي تہ سنڌ ۾ ٽالپر حڪمرانيءَ کي ٻيھر قائم ڪجي، پر ھاڻي تہ سنڌ کي ڦرڻ لٽڻ تہ ممڪن ئي ڪونہ رھيو آھي. شايد اھي سنڌ انھيءَ ڪري ٽالپرن جي حوالي ڪري رھيا آھن تہ اھي سنڌ کي سھڻي طريقي سان ھلائي ڪونہ سگھندا ۽ نئين فتح لاءِ انگريز سرڪار کي اڪسائيندا ۽ اتساھيندا. ڇاڪاڻ تہ ھنن جا سرڪاري عملدار سرڪاري پئسن ۾ ٺڳيون ڪندا ۽ ٽالپر اقربا پروريءَ کان ڪم وٺندا. اھڙيءَ ريت ڪي درخواستون ۽ يادداشت ناما آھن، جيڪي مير رستم ۽ ٻين ميرن جي نالن تي آھن، جن ۾ سر چارلس تي ڪيترائي الزام ھنيا ويا آھن. پر حقيقت اھا آھي تہ اھي سڀ ڳالھيون ممبئي ۾ تيار ڪري انگلينڊ ڏانھن موڪليون پيون وڃن. انھن درخواستن کي ڳجهہ ڳوھہ ۾ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس اڳتي وڌائي رھيا آھن، پارليامينٽ جا ڪجهہ ميمبر وري ان ڪم کي ظاھر ظھور لڳيا پيا آھن. انھيءَ لاءِ جيئن ھو ساري سياسي ماحول کي سر چارلس خلاف بڻائي سگھن. پر اتفاق سان اھي ماڻھو ڪجهہ بہ ڪري ڪونہ سگھيا آھن. پر جيڪڏھن سنڌ جي حڪومت سر چارلس بدران ٽالپرن جي ھٿ ۾ ھجي ھا تہ موندارج جي سربراھي ۾ ٿيندڙ ملتان واري بغاوت کي منھن ڏيڻ لاءِ فوج سنڌ مان نہ وڃي ھا، بلڪ ان بغاوت کي وڌيڪ ڀڙڪائڻ لاءِ ھزارين بلوچ وڃي ملتان پھچن ھا ۽ انگريز لاءِ ڏچو پيدا ٿي وڃي ھا. ان حالت ۾ بھاولپور جي فوج ۾ ملتان جي مدد ڪن ھا.
ھيءَ حقيقت ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي تہ ھندستان سرڪار پنھنجي فوج جو تعداد سنڌ جي فتح جي مقصد سان يا ان فتح کي برقرار رکڻ جي ارادي سان ڪونہ وڌايو آھي، پر اتي گڏ ٿيل فوج پنجاب جي رياست ۽ شھنشاھت جي مفادن کي تباھہ ڪرڻ جي غرض سان گڏ ٿي آھي. سنڌ اندر فقط ايتريءَ فوج رکڻ جي ضرورت آھي تہ جيئن ھتان جا ماڻھو نئين حڪومت ۾ آرام ۽ سڪون سان گذاري سگھن. ھاڻي اھي پيٽ ڀري تہ ماني کائن ٿا. ھنن ماڻھن کي ملندڙ جسماني عذاب ڪري، سندن روح ھنن کان ڄڻ تہ جدا ٿي ويا ھئا. ٽالپر حڪمرانن وٽ تربيت يافتھ ولايتي فوج ڪانہ آھي. جيڪڏھن کين ھاڻي حڪومت واپس ڪئي بہ وئي تہ ھتان جي رعيت کين ڊوڙائي، ملڪ مان ئي ٻاھر ڪڍي ڇڏيندي. اھڙين ڳالھين ھوندي انگلينڊ ۽ ھندستان ۾ ھن موضوع تي سنجيدگيءَ سان سوچيو پيو وڃي تہ سنڌ جي حڪومت ٽالپر حڪمرانن کي واپس ڪئي وڃي ۽ اھو ڪم ممبئي واريءَ ڌر جي ارادن مطابق ڪيو پيو وڃي، جنھن جو چوڻ آھي تہ جيڪڏھن ائين ٿيو تہ ”اھا لارڊ ايلنبرو جي وڏي شڪست ھوندي.“ ھنن ماڻھن جو اھو چوڻ بلڪل صحيح آھي تہ ھو ائين ڪري لارڊ ايلنبرو کي مات ڪري ڇڏيندا، پر انھيءَ سان گڏ اھو بہ سمجھڻ گھرجي تہ اھا ڌر ائين ڪري ڄڻ انگلينڊ کي بلڪ انسانذات کي شڪست ڏيڻ چاھي ٿي.
عوامي ڀلائي جا ھلندڙ ڪم ٻن ڌرين جي ھٿن ۾ آھن، جن مان ھڪ سول ۽ ٻي فوج آھي. پھرين ڌر غورفڪر سان حساب ڪتاب ڪري، اھڙن ڪمن جو بنياد رکيو آھي، جن مان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو فائدو آھي. جڏھن تہ ٻي ڌر اھي ڪم ھٿ ۾ کنيا آھن، جيڪي انگلينڊ لاءِ فائديمند آھن. ھن ڌر جو مکيھ ڪم اھو آھي تہ فوجين جي رھڻ لاءِ سٺيون بئرڪون تعمير ڪري ۽ ٻي ڳالھہ اھا انگريز ھندستان جي سرحدن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ بہ سگھاريون جڳھون جوڙي تيار ڪري رھي آھي. پر جيڪڏھن ھنن ڳالھين کي تجارتي نقطھ نظر سان ڏٺو وڃي تہ بہ اھي وڏي فائدي واريون آھن. اھڙيءَ ريت سر چارلس نيپئر جو مقصد آھي. اھڙين تعميرات جا بنياد نھايت سگھارا ھجڻ گھرجن. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن ھن عظيم معاشري جو بنيادن کان مٿان واري جوڙجڪ پڻ سگھاري ھجي، تنھن ڪري ھي جنرل اھڙي تعمير پنھنجي اخلاقي قوت کي ڏسي قائم ڪري رھيو آھي، جنھن جو واسطو سنڌوءَ جي ڪنارن کي مضبوط ڪرڻ سان آھي. ھي ھڪ وڏو منصوبو آھي جيڪو لارڊ ايلنبرو جي ذھين قيادت جي نگرانيءَ ھيٺ، مختلف حصن ۽ مرحلن ۾ تيار ٿيڻ وارو آھي. پر اڳتي ھلي ھن ڪم جي اھم حصن جو ڪم اڌ ۾ ڇڏيو ويو ھو. اھو ھندستان سرڪار جي اھم قوت جي لاپرواھي ۽ ھروڀرو دخل اندازي ڪري اڌ ۾ روڪيو ويو ھو. مان ھتي اھا حقيقت ٻڌائڻ چاھيندس تہ ان منصوبي مطابق ٿيندڙ ڪمن پويان ارادو ۽ مقصد ڪھڙو ھو.
جڏھن سج، درياه ۽ ڌاڙيلن تي ضابطو رکڻو آھي تہ پوءِ ھتان جا ماڻھو ھن ملڪ کي شاھوڪار بڻائڻ لاءِ ويھن ئي ننھن جو زور لائيندا، جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال لڳو پيو آھي. انھيءَ سان نہ رڳو اھي سکيا ستابا ۽ دولتمند ٿي ويندا، پر سرڪار کي بہ گھڻي دل ۽ محصول وصول ٿيندو. اھو مشاھدو جنرل سر چارلس نيپئر جو ھو، جنھن جي آڌار تي ھن ھڪ عظيم منصوبو جوڙيو ھو. پر ان سان اھو بہ ضرور ڏٺو وڃي تہ ان دور ۾ ھن ماڻھوءَ جي آڏو ڪھڙيون مشڪلاتون موجود ھيون. اھڙيءَ صورتحال لاءِ سندس بيان ھن ريت آھي: ”ھتي انجنيئر حاصل ڪرڻ نھايت مشڪل مسئلو آھي. ھندستان اندر سول بيورو ڪريسي موجود آھي، جنھن جون پگھارون بہ وڏيون آھن. پر ڪنھن کاتي لاءِ عملدارن جي مقرر ڪرڻ واري ڪم ڏانھن تہ ڌيان ئي ڪونہ ٿو ڏنو وڃي. تنھن ڪري ھر کاتي ۾ ٻين عملدارن سان گڏ انجنيئرن جي بہ ڏاڍي کوٽ آھي.“ سنڌ ۾ ترقي جي ڪمن لاءِ ڏاڍيون ڳنڀير رنڊڪون موجود ھيون. سڀ کان پھرين ڳالھہ اھا ھئي تہ سنڌ، بلوچ جاگيردارن جو ملڪ آھي. ان جو نتيجو اھو نڪتو ھو جو فتح وقت ھتان جي فوج ائين ڪانہ ھئي، جيئن مھذب قومن جي ھوندي آھي. سندس چوڻ آھي تہ ”اسان مھذب معاشري ۾ موجود ھڪ بيابان ۾ ڄڻ ھڪ بيٺڪي راڄ آھيون.“ ھي لفظ سندس تڪيھ ڪلام ھوندو ھو. اھو ئي ڪارڻ ھو جو اسان ھر چيز نئين ٺاھي ھئي، پر ڳالھہ ڪنھن ڪرامت کان خالي ڪانہ ھئي، جو اسان نھايت مختصر عرصي اندر ھڪ قابل قبول ۽ بھتر انتظاميھ قائم ڪري ورتي ھئي. اھو اڻ کٽ محنت ۽ ڏکن ڏاکڙن قبول ڪرڻ جو نتيجو ھو، جنھن ڪري اھڙا بھتر نتيجا مليا ھئا. ڇاڪاڻ تہ ھن وڏيءَ مشين جا اسپرنگ ۽ ڦيٿا ھڪ ئي وقت ۽ مناسب جاين تي ائين ڪونہ ڪريا ھئا، جيئن نوبت وڄڻ تي فوج ھڪ ئي وقت تيار ٿي ويندي آھي ۽ مناسب جڳھن تي اچي بيھندي آھي. حقيقت بہ اھا آھي تہ فوج جي نوبت جو آواز ساري ملڪ ۾ ھڪ گونج جي شڪل ۾ ٻڌو ويو ھو. پر اتي ھڪ ڪمانڊنگ ھٿ بہ موجود ھو، جيڪو سگھارو ۽ ڏاھو ھو، جنھن انتظاميھ جو بنياد رکيو ھو ۽ جنھن ڪم کي اڳتي ڌڪڻ جي ابتدا ڪئي ھئي. ھتي پيداوار ۽ پئسي جي ڏاڍي اڻاٺ ھئي. تنھن ڪري اھڙين مشڪل حالتن ۾ مٿي اڀرڻ ھڪ ڏکي ڳالھہ ھئي. ان زماني ۾ ھتي ڪي اھڙيون ڪشاديون ۽ وڏيون جڳھون ڪونہ ھيو، جتي فوج کي رھايو وڃي. اھڙيءَ ريت بئرڪن جي تعمير بہ ملڪي ضرورتن کان پوءِ واري بچت جي پئسي مان ٿيندي آھي. ليڪن ھتان جي پيداوار تہ مناسب ئي ڪانہ ھئي. صورتحال اھڙي ھئي جو ھتڙي ڏھاڙي ھڪ يا ٻہ فوجي ضرور مرندا ھئا ۽ ڪا خاص صحت بخش جوءِ ڪانہ ھئي، جنھن کي بئرڪن جي تعمير لاءِ چونڊجي. ان کان سواءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو طريقو اھو ھو تہ حڪمران اھڙو ھجي جو حساب ڪتاب ڪرڻ جو ماھر ھجي، پر انجنيئر اصل نہ ھجي. ليڪن ڪمپني جو اھو نمونو ڪجهہ عيبن وارو ۽ گھڻ - خرچائو ھو ۽ ھاڻي بہ منجھس ڪئي اوڻايون آھن ۽ خرچ بہ ڏاڍو ڪيو پيو وڃي. ڪراچيءَ ۾ فوج جي رھڻ لاءِ بئرڪن جي تعمر جي شروعات انھيءَ زماني ۾ ڪئي وئي، جڏھن افغانستان تي حملي ڪرڻ دوران ھن شھر تي قبضو ڪيو ويو ھو. پر ھنن بئرڪن جي تعمير نھايت خراب ھئي. اھڙي گندي تعمير انھيءَ ڪري ٿي ھئي جو فوجي عملدار عام فوجي سپاھيءَ کي گھٽ نظر سان ڏسندا ھئا. اھي بئرڪون ممبئي مان موڪليل ڪاٺ وسيلي جوڙيون ويون ھيون. پر اھو ڪاٺ اڳ ۾ ئي استعمال ٿيل ھو، جيڪو ٻئي ڪم ۾ اچڻ لائق ڪونہ ھو. ان کان سواءِ ٻيون رنڊڪون بہ ھيون، جن کي ختم ڪرڻ لاءِ نومبر 1843ع ۾ ويچاريو ويو ھو ۽ چيو ويو ھو تہ ”عوامي ڀلائيءَ جا ڪم نھايت سست رفتاري سان ٿي رھيا آھن. ان جو ڪارڻ اھو آھي تہ ھتان جا ماڻھو سست آھن. آبھوا بہ صحت بخش نہ آھي. جڳھن ۾ ڪم ايندڙ شيون پري کان ۽ مشڪلاتن سان ھتي آنديون وڃن ٿيون. ڪم لاءِ ملندڙ ڪلارڪ ٿورا آھن. ھر شيءِ انجنيئر جي خلاف آھي، پوءِ کڻي ھو تندرست بہ ڇو نہ ھجي. ھن وقت تائين تہ بيماريءَ اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو آھي. بيماريءَ کان اڳ جتي ھڪ انجنيئر وٽ چار سو مزدور ڪم ڪندا ھئا بيماريءَ کان پوءِ پنجاھھ مزدو ر بہ ڪونہ ٿا ملن. پر ھتان جا ڏيھي ماڻھو تہ بيمار فوجيءَ کان بہ وڌيڪ بيمار آھن. جيستائين ھيءَ بيماري ختم نہ ٿيندي، تيستائين ڪجهہ بہ ڪري ڪونہ ٿو سگھجي.
ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني آھي. ان شھر جي چوڌاري مضبوط قلعو اڏي ايترو سگھارو ڪرڻو آھي، جو ڪنھن بہ وچ ايشيائي طاقت جو مٿس حملو ڪامياب ٿي نہ سگھي. پر اھو بہ ڏسڻو پوندو تہ ان شھر جي چوڌاري وڌڻ واري صلاحيت کي روڪڻو بہ نہ آھي. ڇاڪاڻ تہ سنڌوءَ ۽ ان جي اھم ڀرتي ڪندڙ شاخن مان آباد علائقن جي واپار ڪري، ھي شھر تجارتي مرڪز بڻجڻو آھي. تنھن ڪري ھن شھر لاءِ زمين جي وڏيءَ ايراضي جي ضرورت آھي. جنھن ۾ شھر جي وسعت ۽ فوجي ڇانوڻي ۽ بندرگاھھ تعمير ٿيڻ جيتري گنجائش ھجڻ ضروري آھي. انھيءَ ڪري پٻ ۽ گذري وارو جابلو علائقو بہ ھن شھر واريءَ ايراضي ۾ شامل ڪرڻ ضروري ٿيندو. ان کان سواءِ ملير ندي بہ ڪراچي شھري ايراضيءَ ۾ شامل ھئڻ کپي. شھر جي منصوبھ بندي ۾ اھو بہ شامل آھي تہ چين جي ماڻھن کي ڪراچي جي چوڌاري باغ پوکڻ جو ڪم حوالي ڪجي. ساڳيءَ ريت ڏيھي ماڻھن جي بہ ھن ڪم ۾ ھمت افزائي ڪجي. ھي نھايت بھترين منصوبو آھي. جنھن تي اھڙا ماڻھو تنقيد ڪري رھيا آھن، جن کي نہ اھڙن ڪمن ڪرڻ جي طاقت آھي، نہ وري اھڙي سٺي ڪم جي شروع ڪرڻ کان پوءِ ان کي سمجھڻ جي صلاحيت. اھو بہ چوندا آھن تہ سنڌين ۾ سکڻ جيتري بہ صلاحيت ڪانہ آھي. اھي فقط پنھنجي من ۾ مست ھوندا آھن ۽ کين لٿيءَ اڀريءَ جي خبر ئي ڪانہ ھوندي آھي. اھڙو جواب کين ڏنو ويو ۽ ٻڌايو ويو ھو تہ ھتان جا ماڻھو ھر شيءِ جلدي سکي وٺندا آھن ۽ ڀاڄين پوکڻ ۽ انھن جي سيوا ڪرڻ جا ڪويسر آھن ۽ ھتان جون تازيون سايون ڀڄيون کائڻ ڪنھن عياشيءَ کان گھٽ نہ ھوندو آھي.
ھتان جو سامونڊي بندر ڏاڍو ڏکيو آھي. بندر کي ڀيٽيندڙ جھاز پري کلئي سمنڊ ۾ اچي بيھندا آھن، جتان تجارتي مال ۽ فوج کليل ٻيڙين وسيلي کاڙي اڪري اچي ڪناري تي پھچندا آھن. ڪڏھن تہ وري اھڙي حالت ٿي ويندي آھي جو فوج يا تجارتي سامان ساري رات سمنڊ ۾ بيٺل جھاز ۾ ترسيل ھوندو آھي. عام طور تي اھو بہ ڏسڻ ۾ آيو آھي تہ فوجي جھاز تان لھي، پنيءَ ٻوڙ پاڻي جھاڳي، اچي ڪناري تي پھچندا آھن. ڪڏھن کين گپ مان بہ جھاڳڻو پوندو آھي، جيڪو صحت لاءِ سخت ھاڃيڪار آھي. انھيءَ تڪليف کان بچڻ لاءِ سمنڊ وچان ھڪ دمدمو ٺھرايو ويو آھي، جيڪو ڪناري کان ان جاءِ تي پھچندو آھي، جتي سمنڊ ۾ جھاز اچي بيھندو ۽ جنھن مان فوجي لھي دمدمي وسيلي اچي ڪناري تي پھچندا آھن. دمدمي وارو اھو رستو چوويھھ ئي ڪلاڪ کليل رھندو آھي، جيڪو سمنڊ جي کاڙي ۽ گپ اڪري سلامتي سان اچي ڪناري پھچي ٿو. ھن سھوليت جي ڪري چوويھھ ئي ڪلاڪ جھازن مان سامان لھندو ۽ چڙھندو آھي. سال جي ابتدائي حصي ۾ ھتي ڪي مختصر ڪاريگر موجود ھئا. اھو گھٽ تعداد بيماريءَ ڪري ھو، پر اھڙيءَ کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ ممبئي مان چار سو ڄاڻو ماڻھو گھرايا ويا ھئا. ڇاڪاڻ تہ اھو تعميراتي ڪم ٻہ ميل ڊگھو ھو، جيڪو سامونڊي پاڻيءَ ۾ گپ وچان ٺاھڻو ھو ۽ ھن شھر جي اوسر ۽ ترقي لاءِ نھايت اھم ھو. ھندستان سرڪار بہ ھيءَ رٿ پيش ڪئي ھئي تہ اتر ستلج واري سرحد کي محفوظ رکڻ لاءِ اضافي فوج موڪلي ويندي، جيڪا سنڌ کان ٿيندي مٿي ويندي. اھو بحث جو ھڪ اھم نڪتو آھي تہ فتح کان پوءِ ھي سنڌ ملڪ ھندستان سرڪار جي مضبوط سرحد بڻجي ويو آھي.
ڪراچيءَ جي بندر کي سنڌو درياه جي اھم ۽ ويجھي ڀرتي ڪندڙ شاخ ملائڻ ضروري آھي. انھيءَ لاءِ جيئن ان کي تجارت جي شھھ رڳ بڻائي سگھجي. انھيءَ دور ۾ صورتحال ائين ڪونہ ھئي. ان زماني ۾ وڌ ۾ وڌ تجارتي قافلا سيوھڻ کان ايندا ھئا، جيڪي ٿاڻي احمد خان کان ٿيندا، ڪراچي پھچندا ھئا. اھو رستو ھالا جبل جو ترو ڏئي ھلندو ھو. تنھن ڪري ھن عظيم درياه کي تجارتي اھميت ڏيڻي ھئي. گھاري جي نالي سان سنڌوءَ جي ڦاٽ جو پراڻو وھڪرو آھي، جيڪو ھاڻي لٽجي ۽ پورجي ويو آھي. ڦاٽ جو پراڻو پيٽ ڪراچيءَ ويجھو گذري کاڙي کان ھلي، وڃي سنڌوءَ سان ملي ٿو، جنھن جي ھاڻي سروي بہ ٿي چڪي آھي. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن ھن ھنڌ آگبوٽن واري آمدرفت شروع ڪري سگھجي. ھي پراڻو وھڪرو جھرڪ شھر ڀرسان سنڌوءَ سان ملي ٿو. تنھن ڪري آگبوٽن جي پھرين اسٽيشن بہ انھيءَ ماڳ وٽ ٺاھي ويندي. ساڳيءَ ريت حيدرآباد سان فوجي رابطو بہ ٺٽي وسيلي رھندو، جتان فوجي آگبوٽ، گھاري کان سنڌوءَ ۾ داخل ٿيندا. پر ھن آبي رستي سان مشڪلاتون تمام گھڻيون آھن، ڇاڪاڻ تہ سنڌوءَ وسيلي آمدرفت ۽ تجارتي مال چاڙھڻ لاھڻ ڏکيو ٿي ويندو آھي، ڇاڪاڻ تہ سامونڊي ڪناري ڀرسان پاڻي گھڻو اونھون ٿي ويندو آھي. صبح جو وري سامونڊي پاڻي لٿل ھوندو آھي. سنڌوءَ جي وھڪري جي سامھون وڪرsand back ظاھر ٿي پوندي آھي اھڙيءَ ريت حيدرآباد پھچڻ ۾ ٽي ڏينھن لڳي ويندا آھن. ڇاڪاڻ تہ جڏھن لھرون طاقتور ۽ تيز ھونديون آھن تہ ٺٽي جھڙي غير صحت بخش ماڳ وٽ ھڪ ڏينھن ۽ ھڪ رات ترسڻي پوندي آھي.
اھڙن ڏچن کان لنوائڻ لاءِ خشڪيءَ وسيلي سفر ڪرڻ لاءِ ھڪ رستو سوچيو ويو آھي، جيڪو ڪراچيءَ کان نڪرندو ۽ گھاري جو اتر ڏئي ڪوٽڙيءَ پھچندو. ھي ماڳ حيدرآباد جي آمھون سامھون آھي. انھيءَ رستي سان سفر ٽيھھ ميل وڌي تہ ويندو پر فوج، پاڻيءَ واري سفر کان جلدي پنھنجي منزل تي پھچي ويندي. باقي ٻيو سفر ٻن ڏينھن اندر طئي ڪري سگھندي. جيڪڏھن رفتار تيز آھي تہ فقط ھڪ ڏينھن لڳي سگھي ٿو. اھو بہ سوچيو ويو آھي تہ ھن رستي مان ھڪ ماڳ جھرڪ ڏانھن وڃڻ لاءِ بہ تيار ٿيڻ گھرجي. ھن ماڳ وٽ درياھہ جا ڪنارا جابلو آھن. تنھن ڪري لھڻ ۽ چڙھڻ سولو ٿيندو. ھي رستو ھڪ سؤ ميل ڊگھو ٿيندو. جنھن سان ڇانو جو بندوبست ڪيو ويندو. جنھن ۾ ريجمينٽ جي ھڪ ونگ خوشيءَ سان ماپي سگھندي. ھي اھڙو نشان ھوندو جنھن ۾ سفر ڪندڙ فوج سولائيءَ سان سمجھي سگھندي تہ اھا منزل ڪرڻ واري جڳھھ آھي. ھنن جڳھن جي تعمير ڪري مزدوري بچي پوندي. تنبن کوڙڻ ۽ اکوڙڻ تي وقت جو زيان ڪونہ ٿيندو. ان کان سواءِ اھڙي سامان جي لاھڻ چاڙھڻ جي سيڙپ بہ ڪانہ ٿيندي. ليڪن فوج جو سفر ٿڌيءَ رت ۾ ٿيندو آھي. اھڙيون سھولتون فقط اھڙا ماڻھو محسوس ڪري سگھندا، جن کي خبر آھي تہ اوڀر واري ملڪ ۾ پھريون ڀيرو ايندڙ فوج بي پھچ، لاچار ۽ جسماني طور ڪمزور ھوندي آھي.
اھڙن رستن ۽ سھوليتن جي تجويز فقط ان علائقي لاءِ ھئي، جنھن جو مرڪز ڪراچي شھر آھي. اھڙين سھوليتن جو استعمال بہ جلد ٿيندو. اھڙيون سھوليتون نہ رڳو اڄ واري معاشري لاءِ ھونديون،پر مستقبل جو معاشرو بہ انھن سھوليتن مان فائدو حاصل ڪندو. ھن کان سواءِ ڪي ٻيا بہ اھڙا منصوبا ھئا، جيڪي سر چارلس جي سرڪار انھيءَ ڪري ختم ڪري ڇڏيا ھئا تہ بار بار لکپڙھہ ڪرڻ باوجود ضروري قدم ڪونہ ٿي کنيا ويا يا وري اھڙن خطن جو جواب ضروري تصور ڪونہ ٿي ڪيو ويو.
ڪراچيءَ کان پوءِ حيدرآباد تجارت جو اھم مرڪز آھي، جنھن جي حال ۽ مستقبل جي ترقي لاءِ وڏا منصوبا تيار ڪيا ويا ھئا.
فوجين لاءِ بئرڪون پڪسريون ٺاھيون پيون وڃن، جن ۾ ڪمرا ڪشادا ۽ اتانھا ھوندا. اھڙيون جڳھيون پھاڙ تي ھونديون، روشنيءَ ۽ ھوا جو بھتر بندوبست ھوندو. ھيٺينءَ جڳھھ کي رات جو زمين مان نڪرندڙ بخارن کي روڪيو ويندو.
حيدرآباد جي قلعن جي مرمت ڪرڻ، انھن کي مضبوط ڪرڻ ۽ صفائي بندوبست رکڻ ڪو سولو ڪم ڪونہ آھي، پر اھو ڪم ھاڻي مڪمل ٿي چڪو آھي. ٽالپرن جي جوڙايل قلعن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آھي، جيڪي ھاڻي مضبوط ڪيا ويا آھن. جيڪي ناقابل شڪست آھي. انھن تي جيڪڏھن اونھاري يا سياري ۾ گھيرو ڪبو تہ دشمن فوج کي مليريا چنبڙي ويندي. ڇاڪاڻ تہ اھي اترين جابلو چوٽين تي جوڙيا ويا آھن، جيڪي پندرھن فوٽ مٿي آھي. قلعي کي مٿان پٽي اندر اچي سگھجي ٿو. قلعي جي تعمير ۾ ڪتب آيل پڪيون سرون ڏاڍيون لسيون آھن،تنھن ڪري ائين ڪرڻ بہ ڏاڍو ڏکيو ھوندو. جيڪڏھن ڦاٽڪ وسيلي قلعي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪبي تہ بہ ڪاميابي ڏاڍي مشڪل آھي. قلعي اندر ست کوھھ آھن، جيڪي ٽالپر حڪمران لٽرائي ڇڏيا آھن، جن کي ھاڻي برطانيھ جي فوج صاف ڪرڻ ۾ مصروف آھي. انھن جو پاڻي مٺو ۽ سٺو آھي. ھن قلعي کي اڳ ۾ ھڪ ڦاٽڪ ھو، پر ھاڻي ٻيو بہ تعمير ڪيو ويو آھي. جنھن لاءِ اترئين پاسي کان گول ڀت ڏني وئي آھي. جڏھن تہ ٻيون ڪيتريون جايون ڊاھي پٽ ڪيون ويون آھن. ان کان سواءِ قلعي ۽ فوجي ڪئمپ جي وچ وارو رستو بہ ساڳي ريت ڪي جڳھون ڊاھي بڻايو ويو آھي. ليڪن فوجي ڪئمپ ۾ قلعي جي رابطي لاءِ چبوترن ٺاھڻ جي موڪل ڪانہ ڏني وئي ھئي.
ھنن سڀني تعميراتن پويان فوجي مقصد ھئا، جن جي ابتدا تھذيب جي واڌاري ۽ ترقيءَ واسطي ڪئي وئي ھئي. ۽ انھن جي ضرورت بہ ھئي. ابتدا بہ فوجي قسم جي تعميراتن کان ڪئي وئي آھي. شھر جي چوڌاري پاڻيءَ جا تلاءَ موجود ھئا، جن کي پورائي ختم ڪيو ويو آھي. جن جي بدران پٿرن جي فرشبندي ڪري وڏا تلاءَ ٺھرايا ويا آھن. حيدرآباد شھر کي ھنن تلائن مان پاڻي ملندو ھو، جيڪي ھر سال سنڌوءَ جي چاڙھھ ڪري ڀرجي تار ٿي ويندا ھئا ۽ ڌرتتيءَ ڪري گندا بہ ٿي ويندا ھئا. ان کان پوءِ ميرپور خاص ۽ عمرڪوٽ جي وچ واري رستي جي تعمير ھئي، جنھن جو فاصلو نوي ميل ھو. رستي ۾ ڪيترن ننڍن وڏن واھن تي پليون ٺاھيون ويون ھيون. سڀني کان وڏي پل ڦليليءَ مٿان ٺاھي وئي ھئي، جنھن جو اھم مقصد فوجي رابطو ھو. پر اھڙن رستن ۽ پلين ٺاھڻ جو ٻيو مقصد اھو ھو تہ جيئن وچ سنڌ جي راڄڌانيءَ کي زراعتي تجارت جو مرڪز بڻائي سگھجي. ٽين ڳالھہ تہ حيدرآباد ۽ ڪڇ جي وچ تي ھڪ سو ميل ڊگھو رستو جوڙيو ويو ھو. جنھن جو مقصد انتظامي ۽ فوجي ھو. انھيءَ رستي وسيلي سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي کي کولڻو ھو، جيڪو سنڌ جو وڌ ۾ وڌ سکيو ستابو ۽ شاھوڪار علائقو آھي. ان سان گڏ ھي نھايت خطرناڪ علائقو بہ آھي، جيڪو باغي ماڻھن جي ور چڙھي ويو آھي.
ھن علائقي کي سھوليتون ڏيڻيون آھن ۽ ان جي خبرداريءَ سان نظرداري بہ ڪرڻي آھي. ھتي ھندو تمام گھڻا رھندا آھن، جن مٿان بلوچ نسل جي ماڻھن ڪيس ۽ ڪلور جا دنگ ڪري ڇڏيا آھن. بلوچن جو ڏاڍ ڏمر تہ سنڌ جي ھر علائقي تي گھڻو رھيو آھي، پر ڇوڙ واري علاٰئقي ۾ ظلم ۽ زوراوريءَ جا سڀ ليڪا لتاڙي وڃي پار پيا آھن. چوٿين ڳالھھ، اتر ويندڙ رستيءَ لاءِ مياڻيءَ ڀرسان ٻيءَ پل جي تعمير ھئي. ھن پل جي تعمير سان ڪراچي ۽ سکر وچ ۾ فوجي رابطي کي مڪمل ۽ سولو ڪرڻ ھو. اھڙن رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ارادي سان مارڻ سان گھر يا چبوترا تعيمر ڪرڻا آھن جن ۾ ٻہ ٽي فوجي رکيا ويندا. اھڙي اسٽيشن وڏي ٻيلي ڀرسان ۽ سنڌوءَ جي ڪناري سان ھوندي،جنھن جو مقصد اتي رھندڙ ايجنٽ جو تحفظ، ٻيلي جو بچاءُ ۽ آگبوٽن جي آمدرفت جي نظرداري ھوندي، تہ متان ڌاڙيل اچي انھن کي ڦري لٽي نہ وڃن. ان سان گڏ سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري سان رھندڙ ماڻھن کي احساس ڏياريو ويندو تہ اھڙيون ھشيون وڏي اھميت رکن ٿيون جيڪي غريب ۽ نيم وحشي آھن. سر چارلس جو سنڌو درياھہ جي اٿل پٿل ڏانھن خيال آھي. سر چارلس نيپئر دانشمنديءَ سان فوجي سرگرمين کي نظر ۾ رکيو ھو ۽ ڏاڍي جرئتمنديءَ کان ڪم ورتو ھئائين. اھا بہ سندس جرئتمندي ھئي جو سيزر (قيصر) Casar جي ٺھرايل پل جي نموني کان بہ وڏي پل جوڙائي ھئائين. انجنيئرن ۽ ڪاريگرن کي ھن جي مزاج جي پوري خبر ھئي. ڇاڪاڻ تہ ھن کي سنڌوءَ جي پاڻي تي ضابطي رکڻ جو احساس ھو تہ جيئن حملي دوران فوجي پيشقدمين کي چڱيءَ ريت منظم ڪري سگھجي. پل جي تعمير جي اھڙي چونڊ ڪرڻ بہ سندس عقلمندي جي ثابتي آھي. ڇاڪاڻ تہ سنڌو ھڪ پورالو درياھہ آھي، جيڪو سدائين پيو پنھنجا ٻيٽ مٽائيندو آھي ۽ امڪان ھو تہ پل کي بہ ڇڏي وڃي. ان صورت ۾ پل کي ٽڪرا ڪري ڪنھن ٻئي مناسب ھنڌ تي تعمير ڪرڻ ممڪن ھو، جتي سنڌوءَ پنھنجو نئون وھڪرو ٺاھي ورتو ھوندو.
سيوھڻ جو اھم ماڳ سنڌوءَ جي ڪناري سان واقع آھي، ھالا جبل بہ ان جي ويجھو آھي، تنھن ڪري ھتي جابلو ماڻھن جي حملي ڪرڻ جو امڪان آھي. ان جي امڪاني جواب لاءِ بچاءُ بہ ڪرڻو آھي. اھو بہ امڪان آھي تہ متان دشمن فوج جبل تان لھي حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي تي حملو ڪري. اھو ئي ڪارڻ آھي تہ سر چارلس اتي ھڪ فوجي ڇانوڻي تعمير ڪرائڻ پئي چاھي. پر اتفاقي صورتحال اھڙي پيدا ٿي پئي جو اھڙي ارادي کي ترڪ ڪيو ويو ھو.
اھڙي ريت شڪارپور، بکر ۽ سکر جي چوڌاري سر ڏيڻ جو منصوبو ھو. انھيءَ لاءِ تہ جيئن سنڌوءَ جو پاڻي چاڙھھ جي رت ۾ شھرن ڏانھن وڌي نہ اچي. بئرڪن، سراين جي تعمير ھلي رھي آھي. درياھي بندر، ڊاڪ ۽ فوجي سامان لاءِ جڳھون تيار ٿي چڪيون آھن يا تعمير شروع ٿيڻ واريون ھونديون. ڪم ڏاڍيءَ سست رفتاريءَ سان ھلي رھيو آھي. ان جو ڪارڻ 1843ع واري وچڙندڙ بيماري آھي. جٿي ڪٿي حال ساڳيو آھي. انجنيئر تہ بيمار آھن، پر ڪاريگر بہ بسترن اندر پيا آھن. افغانستان جي جنگ دوران بکر کان مٿان سنڌوءَ تي پل تعمير ڪئي وئي ھئي جيڪا پوءِ ختم ڪئي وئي ھئي. ھاڻي سنڌوءَ کي ٻيڙين وسيلي پتڻ تان پار ڪيو ويندو آھي. اھو طريقو ڏاڍو ڏکيو آھي ۽ چاڙھھ وقت تہ پار وڃڻ ممڪن ڪونہ رھندو آھي. تنھن ڪري سر چارلس نيپئر سوچي رھيو آھي تہ جڏھن سکر ۽ روھڙي جا شھر ترقي ڪري وڏا ٿيندا تہ وڏيون پليون جوڙي، ھنن ٻنھي شھرن کي پاڻ ۾ ڳنڍيو ويندو، جيڪي بکر جي ٻنھي پاسن کان ھونديون. کيس پل ٺاھڻ واري ڪاميابي تي پورو ويساھھ ھو، پر ھاڻي سڌوءَ تي ھڪ پتڻ جي تعمير جون تياريون ڪري رھيو آھي. ان کانسواءِ ھاڻي عام قسم جي سروي جو ڪم ھلي رھيو آھي، جيڪو نھايت تيز فتاري سان اڳتي وڌي رھيو آھي. ھن سان گڏ شڪار گاھن کي قانوني شڪل ڏئي، کين ٻيلن جي حيثيت ڏني وئي آھي ۽ اھو ڪم بہ مڪمل ٿيڻ وارو آھي. اھڙي ريت ھزارين رعيتي ماڻھن کي سرڪاري زمينن تي آباد ڪيو ويو آھي. ڪيترائي ننڍا وڏا واھھ کوٽايا ويا آھن ۽ زراعت جي ترقي لاءِ دروازا کلي رھيا آھن. اھڙي ريت سائنٽفڪ آبپاشي نظام جي تڪميل ٿي چڪي آھي. جڏھن 1844ع واري سال لاءِ ڪيترن ئي جيلن خانن جي تعمير جو منصوبو آھي.
ھنن منصوبن واسطي تمام گھڻي لکپڙھہ ڪئي وئي آھي، جنھن جو ذڪر مٿي بہ ڪيو ويو آھي، پر انھن بابت نہ ڪو ماڻھو پھتو آھي، نہ وري ڪا ڳالھہ ٻولھھ ٿي آھي. اھا طاقت جيڪا کين ائين ڪرڻ لاءِ ھٿي ڏئي رھي آھي، سا ان نوجوان ماڻھوءَ خلاف بہ ساڳي ڪن لاٽار ڪري، جيڪو سخت گرمي دوران ترقياتي سرگرمين ۾ رڌل ھجي ھا. ليڪن ڏٺو وڃي تہ ھتان جون ترقياتي سرگرميون ھڪ خطرناڪ جنگ کان بہ وڌيڪ ڀوائتيون آھن. ھن قسم جي حڪمت عملي ڏاڍي پيچيده آھي، جنھن ۾ مدد ڪرڻ جي ضرورت آھي. اھڙا اھم ڪم ڏاڍي مشڪلات سان سرانجام ڪيا پيا وڃن. انھيءَ جي مخالفت بہ شروع ٿي چڪي آھي. تھمتن ۽ الزامن جا ڍير لڳي ويا آھن. گارين جي بہ گھٽتائي نہ آھي. اھي ھندستان جي پريس جي دروغگومن مان راضي ڪونہ آھن. سندن مرضي آھي انھن ۾ اڃا بہ اضافو ڪيو وڃي. ھن پريس سان ھاڻي انگلينڊ جي صحافت بہ شامل ٿي وئي آھي، جيڪا ڪنھن شريف ماڻھوءَ کي بدنام ڪرڻ ۾ فرانس جي پريس کان بہ ٻہ رتيون ڪسر آھي. بدنامي سان لاڳاپيل مواد ھنن کي ھندستان مان ملندو آھي. ’نيشنل‘ نالي واريءَ اخبار ۾ بہ اھڙو گندو مواد شايع ٿيندو آھي، جيڪو ان اخبار کي ”ڪميٽي آف ھائوس آف ڪامنس“ وٽان ملندو آھي. مذڪوره ڪميٽي ڪنھن ڳالھہ تي غور ڪرڻ وارو ڪڏھن ويھي ڪو ڪم ئي ڪونہ ڪيو آھي. پر لارڊ ايلنبرو ۽ سر چارلس نيپئر جي مذمت ڪرڻ لاءِ ھر وقت تيار ھوندي آھي تہ ھنن ڏاڍا ظلم ڪيا آھن، ڄڻ ھنن ٻنھي ڄڻن دارا وارن غارن فرينچن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ھجي.
ممبئي ۾ جڏھن لارڊ ايلنبرو جو خوف ختم ٿي ويو، تہ بہ بدنام ڪرڻ واري ظالماڻي مھم ختم ڪانہ ٿي ھئي، پر رھندو بہ وڌي وئي ھئي. لارڊ ايلنبرو جي زماني ۾ دور آگبوٽ ايندو ھو، جنھن ۾ سنڌ لاءِ لکپڙھہ موجود ھوندي ھئي ۽ ھڪ مسلسل رابطي جو اھو سلسلو ۽ آگبوٽ جو ھلڻ بہ بند ٿي ويو. اھم سرڪاري خط دير سان پھچڻ لڳا ھئا ۽ جڏھن بہ ايندا ھئا تہ ھڪ وقت ڍير خطن جو اچي پھچندو ھو، جنھن جو جواب ڏيڻ ئي ھڪ مشڪل مسئلو ھو. جيتري قدر خاندگي خطن جو تعلق آھي تہ اھي کيس ڪونہ ملندا ھئا. باقي ”ٽائيمس“ اخبار تہ ممبئي ڌر وارن جو پڪو ساٿ ڏئي رھي ھئي، جيڪا ڪن خطن بابت اڇلون ڏئي چٿرون ڪندي ھئي. اچرج جي ڳالھہ آھي تہ اھي خط سر چارلس کي تہ پھتا ئي ڪونہ ھئا. ڪامورا شاھي جو ھن خلاف وير بہ ويرئون ويرئون وڌ ھو، جنھن مقصد ھن کي ھيسائڻ ھو. کانئس مطالبو ڪيو ويندو ھو تہ ھو آگبوٽ ۾ سفر دوران ڏھاڙي کاڌ خوراڪ جا چاليھھ اسٽرانگ پائونڊ ادا ڪري. جڏھن تہ سندس کاڌو صفا سادو ۽ بنا شراب جي ھوندو ھو. ھيءَ ان زماني جي ڳالھہ آھي جڏھن ھو سرڪاري آگبوٽ ۾ چڙھي وڏي درٻار منقعد ڪرائڻ لاءِ حيدرآباد ويو ھو. اھو سوچي سمجھي مٿس ڪارنھن جو ٺڪر لڳايو ويو ھو. ان معمولي ڳالھہ کي ڳالھوڙو بڻائي ايتري تہ لکپڙھہ ڪئي وئي ھئي، جو ڪاڳرن جا ڍير لڳي ويا ھئا. پر ھو مڙسيءَ سان منھن ڏئي، بدناميءَ جي چڪڻ مان چڙھي پار پيو ھو. پر ھي انسان نہ سويزswiss مسافر خاني جي مالڪ جھڙو سادو ھو، جڏھن تہ اخبارن مٿس حريص ھجڻ جو الزام ھنيو ھو. ھي حرص جي گلا جو گانگھو بہ اھڙي ماڻھوءَ جي ڳچيءَ ۾ وڌو پيو وڃي، جنھن پاڻ سرڪار کي لکيو ھو تہ سندس پگھار گھٽ ڪئي وڃي. ھن کي جيڪا بہ پگھار ملندي ھئي ٻين کي ڏئي ڇڏيندو. سندس ساري زندگي ائين رھي. ھي نھايت سادو ماڻھو ھو. ٺٺ ۽ اڊمبر سان رھڻ ھن کي ڪونہ وڻندو ھو. انھيءَ موقعي تي ھن لکيو ھو تھ، ”ھنن مون سان اھا جنگ انھيءَ ڪري جوٽي آھي، جو اھي ماڻھو لارڊ ايلنبرو جي ڪاميابين کي ڏسي سڙي رھيا آھن. تنھن ڪري ھن جي حڪمت عملين جي رستا روڪ ڪرڻ چاھين ٿا. جڏھن تہ سندس اھا حڪمت عملي نھايت شاندار آھي، جنھن جو آءٌ، ھٿ ۾ تلوار کڻي بہ تحفظ ڪندس. جڏھن مان مري وڃان تہ مون تي ۽ پنھنجي ملڪ تي افسوس ڪرڻ بدران خوشيءَ جا ڳيچ ڳائن.“
سنڌ ۾ جڏھن مستقل امن امان قائم ٿي ويو ھو تہ سندس لڱن جو ٿڪ لھي پيو ۽ کيس اندر جو آٿت ملي ويو ھو، پر اھو سمجھڻ غلط ٿيندو تہ سنڌ جو اھو امن امان ھن فقط پنھنجو سرڪاري منصبي فرض ادا ڪندي قائم ڪيو آھي. ھن تہ ان لاءِ پنھنجي شخصي نظرداريءَ کي بہ ڪتب آندو. ڇاڪاڻ تہ عام ماڻھو قانون ۽ انصاف کي ساڳي مفھوم ۾ ڏسندا آھن. ابتدائي دور ۾ قانوني معاملا مسلسل وڌندا رھيا. پوءِ اڪلائڻ کان ئي وڌي ويا. پر وڪيلن جي وڏن خرچن ۽ انھن جي مقرر اصولن سبب انھن ڪيسن يا معاملن جي تعداد جي گھڻائيءَ واري ڏچي کي وڌيڪ پسند ڪيو ويو ھو. ڪورٽ ۾ ھلڻ وارن انھن معاملن ۾ نہ وٺڻ جو سوال ھو، نہ ڏيڻ جو مسئلو ھو، پر اھڙيون ڳالھيون ھنن ويڙھاڪ بلوچن جي سھڻ کان وڏيون ھيون. ھنن کي عام قسم جي معاملن ۾ اھو سمجھائڻ ڏکيو ھوندو ھو تہ ڪورٽ جي جنھن فيصلي تي بادشاھھ جي صحيح نہ بہ ھوندي آھي تہ اھو ھڪ جائز ۽ قانوني فيصلو ھوندو آھي. ڪن سنجيده معاملن ۾ سياسي فرق رکڻ ضروري تصور ڪيو ويندو ھو. جيڪڏھن ٻہ ماڻھو ساڳئي قسم جو ڏوھھ ڪن ٿا تہ قانون ۽ انصاف آڏو ھڪ جھڙا مجرم آھن، پر جيڪڏھن انھن ٻنھي مان ھڪ کي ڦاسي ڏجي تہ سارو ملڪ اطاعت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو ۽ جيڪڏھن ٻئي کي ڦاسي ڏبي تہ سارو ملڪ بغاوت ڪرڻ لاءِ اڀو ٿي ويندو. اھڙو مثال ھن ريت ڏئي سگھجي ٿو تہ ولي چانڊيو ۽ ھڪ ٻيو ماڻھو ساڳئي قسم جو جرم ڪن ٿا. ولي چانڊيو قبائلي سردار، عمر ۾ وڏو ۽ سفيد ريش ماڻھو ۽ ڌاڙيل بہ آھي. جيڪڏھن کيس جزم جي سزا ڏبي تہ اوڙي پاڙي جا قبائلي سردار اٿي کڙا ٿيندا ۽ ھن جي بچاءَ ۾ چاليھھ ھزار ماڻھو وٺي، جنگ شروع ڪري ڏيندا. پر جيڪڏھن ٻئي ماڻھوءَ کي سزا ڏبي تہ عام ماڻھو سرڪار جي اطاعت ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو. جڏھن سر چارلس سنڌ جو گورنر ھو تہ سنڌ جي اندروني حالت اجھا ائين ھئي. ان لاءِ اختيار ڪيل حڪمت عملي بہ ھن جي پنھنجي ھئي، تنھن کان منھن موڙڻ ھن لاءِ ڏاڍو ڏکيو ڪم ھو. ان کان سواءِ کيس مجبور ڪيو ويو ھو تہ سنڌ کان ٻاھر پر ويجھو قبائلي سردارن خلاف بہ فوج کي استعمال ڪري، جنھن جو ھڪ مثال ڏيڻ ئي ڪافي ٿيندو.
لس ٻيلي جو ڄام، ھالا جابلو سلسلي کان پري ڏکڻ – اولھہ پاسي جو حڪمران ھو. جنھن پنھنجي ماڻھن کي سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ھئي. ھي طاقتور حڪمران ھو، پر کيس جنگ ڪرڻ جيتري سگھھ ڪانہ ھئي. تنھن ڪري سر چارلس نيپئر خط لکي، ان ڏانھن پنھنجو منشي روانو ڪيو. جنھن سان گڏ ھڪ گھوڙيسوار دستو بہ ھو. ان منشيءَ وٽ رعيتي ماڻھن جي بيان مطابق ڦرلٽ واري رقم جو تفصيل بہ ھو. سر چارلس مذڪوره خط ۾ مطالبو ڪيو ھو تہ اھا رقم ادا ڪئي وڃي. جيڪڏھن دير ڪئي وئي تہ گورنر پاڻ ايندو، جيڪو اوھان کي مھانگو پوندو. اھا رقم ھڪدم ادا ڪئي وئي. ان رقم جي ادائگيءَ لاءِ ڄام پنھنجي تلوار بہ گروي رکي ھئي. سندس چوڻ ھو تہ انگريز سرڪار جي رعيتي ماڻھن ڦريل رقم کان دعوى گھڻي ھئي. ھن وڌيڪ چيو ھو تھ، جنرل چارلس ھڪ بادشاھ آھي ۽ بادشاھھ جيڪو ڪندو اھو صحيح ھوندو آھي. ان کان سواءِ ھن منشيءَ سان اھا بہ شڪايت ڪئي ھئي تھ، سنڌ جو سرڪاري داروغو منھنجو محصول ڦٻائي ويو آھي. ان معاملي جي جاچ پرتال کان پوءِ پتو تہ ڄام جي دعوى سچي ھئي، تنھن ڪري ان ماڻھوءَ کي گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس مجبور ڪيو ويو تہ اھا رقم لس ٻيلي جي ڄام کي ادا ڪري ڇڏي. معلوم ٿيو تہ ڄام جو محصول رعيتن جي دعوى جي رقم کان گھڻو ھو، تنھن ڪري ڄام کي نقصان بدران فائدو پيو ھو. اھڙيءَ ريت رعيتن جي دعوى واري رقم ڪٽي، باقي بچيل پئسا ڄام ڏانھن موڪليا ويا ھئا. سر چارلس ائين ڪري ڪمزوري ڪانہ ڏيکاري ھئي، پر انصاف پسند ھئڻ جو مظاھرو ڪيو ھو، جنھن اھا رقم ھڪ فوجي عملدار کي ڏئي ۽ ھڪ گھوڙي سوار دستي سان ڄام ڏانھن موڪليو ھو. ان عملدار ڄام کي وڃي رقم ڏني ھئي ۽ سر چارلس جو ھي پيغام پھچايو ھو تھ، ”ھن کي ڄام جي دوستي ھن رقم کان وڌيڪ عزيز آھي، جنھن کيس ٻيلي تي حملو ڪرڻ ۽ ان علائقي کي ڦرڻ لٽڻ کان بچائي ورتو آھي.“ ساڻس اھو بہ واعدو ڪيو ھئائين تہ جيڪڏھن سندس ڪو دشمن سنڌ ايندو تہ ان تي حملو ڪيو ويندو. ائين ڪري جنرل چارلس کيس ھڪ اڻ سڌي طريقي سان تحفظ جي اميد رکڻ جو آسرو ڏنو ھو.
ڄام سان ٺاھھ ڪرڻ کان پوءِ ٻيلي جي علائقي جي جاچ پڙتال ڪرڻ جو موقعو ملي ويو ھو ۽ حڪمران جي صحيح حيثيت جي بہ معلومات ملي وئي ھئي. ھي ڄام ڏکڻ بلوچستان جو ھڪ طاقتور سردار ھو، جيڪو رعيت تہ قلات جي خان جي ھو، پر پاڻ ھڪ آزاد ۽ مطلق العنان حڪمران ھو ۽ رعيت تي ھن جو رعب ۽ تاب ڇانيل ھو. سندس ملڪ سمنڊ جي ڪناري سان پکڙيل ھو ۽ سون مياڻي ان جو بندر ھو، جيڪو ان زماني ۾ ڪراچي کان وڏو بندر ھو. ھن بندر وسيلي سمگلنگ جو وڏو ڪاروبار ھلندو ھو. جيڪو خود ڄام، سنڌ ۽ بمبئي سرڪار کي نقصان پھچائي رھيو ھو. تنھن ڪري ھندستان سرڪار سر چارلس کي چيو ھو تہ سون مياڻيءَ وارو بندر خريد ڪيو وڃي ۽ سمجھيو پئي ويو تہ ڄام اھو بندر سولائيءَ سان وڪرو ڪري ڇڏيندو. ڇاڪاڻ تہ سمگلنگ ڪري کيس محصول جو نقصان ٿي رھيو ھو. جنرل سر چارلس جي خواھش ھئي تہ ھن بندر وسيلي ٻاھران ايندڙ تجارتي سامان جي بي قانوني ڏيتي ليتيءَ کي بند ڪجي. ان کان قلات ۽ وڍ جي ميداني علائقي وسيلي وچ ايشيا جو تجارتي مال ھالا جبل جو الھندو پاسو ڏئي، سڌو اچي سون مياڻيءَ وٽ لھي ۽ بولان لڪ جي ڏکين رستن ۽ قبائلي سردارن جي ڌاڙن کان بچي وڃي، جيڪي سنڌ جي دنگ تائين آباد آھن. ھن باري ۾ سندس بيان ھو تہ اھڙيون ڳالھيون اجايا پھھ پچائڻ ۽ ھوا ۾ قلعا تعمير ڪرڻ آھي. پر جيڪڏھن انھن قلعن جي ھيٺان حقيقي ۽ مضبوط بنياد اڏيا تہ اھي قلعا حقيقي وجود ڌاري بيھندا. ان کان پوءِ قومن کي محسوس ٿيندو تہ منھنجون جنگيون، سگھارو متبادل آھن. جن غلاميءَ بدران آزادي ڏني آھي ۽ ڌاڙن بدران امن امان ڏنو آھي.
جيتوڻيڪ سڀئي بلوچ انگريز سرڪار جا وفادار ۽ تابعدار ٿي ويا آھن. ان ھوندي بہ اھو يقين ڪونہ آھي تہ اھي اسان جون سڀ ڳالھيون فرمانبرداريءَ سان مڃيندا. ھنن معاملن ۾ سر چارلس نھايت ڏاھو ماڻھو آھي، جنھن پنھنجي حڪمت عمليءَ سان ڊيڄاري، پتو پاڻي ڪري کانئن وفاداري ۽ تابعداري مڃرائي ھئي. اھو سڀ سندس حڪمت عمليءَ جو نتيجو آھي. کيس اھا بہ پروڙ آھي تہ ھي نسل اڃان بہ ھٿياربند آھي. سندس مرضي آھي تہ اھي ڀلي ھٿياربند ھجن، پر جيڪڏھن اھي سندس چئي آکئي ۾ آھن، تہ سندن اھڙيون ڳالھيون انگريز اختيارين آڏو بہ لڪائي سگھندو. رعيتي ماڻھو، ٽالپرن جي غلاميءَ مان آزاد ٿي چڪا آھن ۽ سندن ھر حڪم مڃڻ لاءِ بہ تيار ڪونہ آھن. پر ڪن ٽالپر گھراڻن جي حرمن ۾ سندن عورتون موجود آھن، جتي سندن حيثيت ٻانھين جھڙي آھي، پر ھاڻي انھن سان برتاءُ سٺو ڪيو ويندو آھي، انھيءَ خوف کان تہ متان ھليون وڃن. آزادي تہ ھڪ اخلاقي ڳالھہ آھي، جيڪا کانئن کسي وئي آھي. جڏھن سر چارلس کي ڏاڍ جي ڪا شڪايت ملندي آھي تہ ان معاملي ۾ سڌي مداخلت ڪندو آھي ۽ ھو اڻ سڌي طور ھنن عورتن جي آزادي لاءِ ڪوششون ڪندو رھندو آھي، جيڪي ٽالپرن جي حرمن ۾ غلاميءَ جي زندگي گذارڻ تي مجبور ھونديون آھن. اھڙو احوال ڪنھن مناسب جڳھھ تي ڪيو ويندو.
جڏھن سر چارلس نيپئر سول انتظاميھ جي جوڙجڪ ۾ مصروف ھو تہ ان دوران ھڪ منصوبي تي بہ سوچي رھيو ھو تہ ڪڇيءَ واري جابلو علائقي جي قبائلين کي ڪھڙي طريقي سان آڻ مڃائجي. پر اھا ڳالھہ فقط تڏھن ممڪن ھئي، جڏھن موسم ٿڌي ھجي. ڇاڪاڻ تہ اھڙي رنڊڪ ڏاڍي خطرناڪ محسوس ٿي رھي ھئي. ان کان سواءِ چاڙھھ جي رت دوران فوجي پيش قدمي ڏاڍي ڏکي ھئي. انھيءَ موسم دوران درياه جو پاڻي اٿل ڪري شڪارپور ۽ سکر جي وچ وارو علائقو ٻوڙي ڇڏيندو آھي. فوجي نقل ۽ حرڪت اٿل جي پاڻيءَ سڪي وڃڻ کان پوءِ ممڪن ٿي سگھندي آھي. پر ان موسم دوران تپاولي منھن ڪڍندي آھي ۽ شڪارپور ۾ ان جو گھڻو اثر رھندو آھي، تنھن ڪري اھڙي پڪ ڪرڻ نھايت ضروري ٿي پئي ھئي تہ اھڙي پيش قدميءَ کان اڳ اڳواٽ تدبيرن کان پوءِ بہ وري ڪا وبائي قسم جي مليريا تہ ڪانہ منھن ڪڍندي. اھڙين ڳالھين کان پوءِ بہ ھيٺ بيان ڪيل مصيبتن کي منھن ضرور ڏيڻو پوندو.
ھڪ وڏو رڻ پٽ اڪرڻو پوندو. پيش قدمي نھايت رازداريءَ ۾ رکڻي پوندي. گھڻن جنگجو ماڻھن کي منھن ڏيڻو پوندو. اھي ماڻھو اھڙا تہ بھادر آھن جو دشمن سان چريا ٿي وڙھندا آھن. ان کان سواءِ علائقو جابلو آھي. امڪان آھي تہ جنگ خطرناڪ ۽ ڊگھي ٿي وڃي. ھنن ماڻھن کي ٻين قبائلي سردارن جي بہ سھائتا حاصل ھوندي، جيڪي ھنن وانگي بھادر آھن ۽ انھن جي اِئين مدد ڪندا جيئن ھڪ ڌاڙيل ٻئي جي مدد ڪندو آھي. اھو بہ امڪان آھي تہ ھنن تضاد دوران انگريزن، سکن ۽ افغانن ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿي پوي. انھيءَ رڻ پٽ جي گرمي يورپي ماڻھن لاءِ تہ موت جو پيغام آھي. اتان جي جابلو علائقن جي سردي بہ گھٽ موتمار ڪانہ ھئي. ٿڌي گھاڙ يورپي تہ خوشي سان سھي ويندا، پر ھندستاني سپاھي سيءَ ۾ سيڪاٽجي پوندا ۽ مري ويندا. شڪست انگريزي فوج لاءِ ڏاڍي ھاڃيڪار ثابت ٿيندي. ان سان گڏ سنڌ لاءِ بہ نقصانڪار ھوندي، جيڪا فاتح بلوچن جي ور چڙھي ويندي. ان کان قلات ۽ ھالا جبل ۾ رھندڙ سڀ بلوچي قبيلا اچي سنڌ ۾ ساھھ پٽيندا. ان کان سواءِ اتر سنڌ ۾ وبائي قسم جي مليريا جو بہ خطرو آھي. جڏھن انگريزي فوج دشمن ڏانھن پيش قدميءَ جون تياريون ڪندي تہ بيماريءَ جي منھن ڪڍڻ جو کٽڪو بہ ان وقت آھي. ان کان سواءِ ھي جنگي تياريون انتھائي راز ۾ رکيون وينديون. ڇاڪاڻ تہ بلوچ قبيلن مٿان اوچتو وڃي ڪڙڪڻ فتح جي علامت آھي. جيڪڏھن ائين نہ ٿيو تہ فتح جو امڪان گھٽ آھي. اھڙيون ڳالھيون ممبئي واريءَ ڌر کان بہ ڳجھيون رکيون وينديون. جيڪو سدائين ڀنڊڻ مچائڻ جي تاڙ ۾ ويٺي ھوندي آھي. جيڪڏھن ھنن کي کڙڪ پئجي وئي تہ دشمن کي ڪن ۾ ڦوڪ ڏئي ڇڏيندا تہ توھان بہ ويڙھھ لاءِ ور ڪنجيو. ان سان گڏ کين مڙس ٿي منھن ڏيڻ لاءِ صلاحون ڏيندا ۽ منصوبا ٻڌائيندا. اھڙين سڀني روڪن ۽ رنڊڪن کي ڪيئن سياڻپ ۽ سچتائيءَ سان منھن ڏنو ويو، اھو سارو احول بعد ۾ ايندو. جنگ جي شروع ٿيڻ کان منصوبن ۾ تمام گھڻين تبديليون ڪيون ويون ھيون، پر پھرين ڦير گھير ھن ريت بيان ڪجي ٿي:
مري قبيلو خطرناڪ ويڙھاڪ آھي، پر ظالم ڪونہ آھي ۽ ٻين قبائلين وانگي ڌاڙا بہ ڪونہ ھڻندو آھي، تنھن ڪري اميد ھئي تہ ٻين کان جدا ٿي بيھندو. ڪجڪ قبيلو مرين جي علائقي کان پريان ۽ اولھہ پاسي رھندو آھي، اھي پري آھن، تنھن ڪري سنڌ ۾ اچي ڌاڙا ڪونہ ھڻندا آھن. ھي قبيلو قلات جي خان جو رعيتي ۽ وفادار آھي ۽ ھي حڪمران اھو چاھيندو تہ ھن جنگ ۾ اڻ ڌريو رھي. اھڙين حالتن ۾ سولائيءَ سان سمجھي سگھجي ٿو تہ انگريز دشمن قبيلا انھن جابلو علائقن تائين محدود آھن، جيڪي ڦلجي کان وٺي سنڌوءَ جي ڪٺار سان اچي لڳن ٿا. جيڪڏھن جنگ لاءِ مناسب فوج جو تعداد روانو ڪجي، جيڪو اڳتي وڃي اولھہ پاسي واري ڪجڪ قبيلي کي الڳ ڪري، اتر پاسي وڃي مري قبيلي سان گڏجي. اھڙي منصوبي تي عمل ڪرڻ لاءِ فوج کي خانڳڙھھ ۽ روجھاڻ ۾ وڃي گڏ ڪجي. پويون ماڳ ڪشمور واري رڻ پٽ ۽ سنڌ جي سرحد ويجھو آھي. اھڙي بندوبست ٿي وڃڻ کان پوءِ قلات جي خان کي درٻار ۾ اچڻ جي نينڍ ڏجي جيڪا بولان لڪ جي ڀرسان ڪوٺائي وڃي. کيس بھانو اھو ڏجي، تہ ان درٻار واريءَ گڏجاڻيءَ ۾ قلات جي معاملن تي ڳالھايو ويندو. جيڪڏھن قلات جو حڪمران اچڻ لاءِ راضي ٿي وڃي ٿو تہ ٻہ ھزار چونڊ فوج اوڏانھن رواني ڪئي ويندي. جنھن سان گڏ پندرھن توبون بہ ھونديون. پر واپسيءَ تي انگريزي فوج کي ساڳي رستي سان نہ اچڻ گھرجي. نھايت تيز رفتاريءَ سان ڪڇيءَ واري ان جابلو علائقي ڏانھن وڌي، جابلو لڪن وارا گھٽ جھلي بيھي وڃڻ گھرجي، جيڪو اچي سنڌوءَ جي ڪناري سان لڳندو آھي. ان وقت خانڳڙھھ ۽ روجھاڻ ۾ ترسايل فوج کي حڪم ڏجي تہ اھا ڦلجيءَ ڏانھن پيش قدمي شروع ڪري. اھو طريقو آھي جو بجار خان ڊومڪي تي اوچتو گھيرو ڪري سگھجي ٿو، جيڪو انگريزن سان جنگ ڪرڻ واسطي بلوچ قبيلن جي اتحاد جو سرواڻ آھي. پر جيڪڏھن کيس انگريز ۽ خان آف قلات جي ملاقات جو اصلي مقصد سمجھھ ۾ اچي وڃي ٿو تہ پوءِ ھو وڃي اولاھين جابلو علائقي ۾ پناھھ وٺندو. ان حالت ۾ انگريزي فوج ڦلجي، اولاجي ۽ لھڙيءَ وارن علائقن کي تباھہ ڪري، انھن کي والاري ويھي رھي. ائين ڪرڻ سان انھن علائقن جا سارا کوھھ ۽ رڻ پٽ وارو علائقو انگريز فوج جي قبضي ۾ اچي ويندو.
اھو منصوبو ۽ انھيءَ عمل ڪرڻ جو وقت جنرل سر چارلس جي سوچ فڪر سان واسطو ۽ سندس ڌاڙيلن کي سزا ڏيڻ جي پڪي ارادي سان تعلق رکي ٿو. اھو راز بہ ڪونہ آھي تہ ھو جلد يا دير سان اھڙو قدم ضرور کڻندو. ڇاڪاڻ تہ ھن منصوبي تي نہ ممبئي واري ڌر عمل ڪندي، نہ وري بجار ڪجهہ ڪري سگھندو. ھنن جو سوچ فڪر اھڙو آھي، جيڪو ڪيترين ٻين ڪوڙين ڳالھين کي جنم ڏيندو. جيڪي اڳتي ٻنھي کي وائڙو ۽ پريشان ڪري ڇڏينديون ۽ عوامي مفادن کي وڏو ھاڃون رسائينديون. پر اھڙين ڀڏين ڳالھين کي ساريءَ دنيا ۾ وائکو ڪيو پيو وڃي ۽ منفرد شڪل ۾ پيش ڪيو پيو وڃي ۽ ان کان سواءِ سر چارلس جي فتحن ڪري وچ ايشيا جي نيم وحشي ماڻھن تي جيڪو اثر پيو آھي، تنھن کي زائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عام طور تي اھو بہ چيو پيو وڃي تہ اھا جنگي مھم ھڪ وڏي فتح جھڙا نتيجا ڏيندي. ھڪ انگريز سياح وولفwalf جو بہ ساڳيو خيال آھي، جيڪو ڪنھن زماني ۾ بخارا ۾ بہ موجود ھو. ھن پنھنجي خط ۾ لکيو آھي تہ بخارا وارا علائقا سر چارلس جي حملن کان ڊڄي ويا آھن. سندس بيان آھي تہ ڪيترن علائقن وري خوشيءَ جو اظھار بہ ڪيو آھي، جن مان افغانستان، قنڌار ۽ ھرات جا سردار آھن. قلات جي خان جي ملڪ جون ارل ۽ ڪئپسين سمونڊ سان وڃي لڳن ٿيون. ھن حڪمران پنھنجي خاندان جو ھڪ شھزادو سنڌ جي گورنر سر چارلس ڏانھن موڪليو آھي تہ جيئن اتحاد جي ڳالھہ ٻولھھ ڪري سگھجي. ڪيترن ملڪن کان دوستيءَ جا پيغام سفير کڻي اچي رھيا آھن. اھڙيءَ ريت سر چارلس پاڻ بہ اثر رسوخ وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيو آھي. سندس خواھش آھي تہ ڏکين جبلن وچان پنھنجو فوج توبخانو وٺي وڃي، ھرات ۽ خيوا جي ماڻھن آڏو توبن جا گولا ڇوڙي کين حيران ڪري ڇڏي. کين اھڙي جنگي جاکوڙ جي اڳئي خبر آھي، جيڪا ڏاڍي اھم آھي. ھي ماڻھو اوڀر پاسي کان وڏي فوج ڏسي اچرج ۾ اچي ويندا. اھا ڪرامت کان گھٽ ڳالھہ ڪانہ ھوندي ۽ اھڙي ڌاڪ ساري ايشيا تي ڇانئنجي ويندي.
آزاد قسم جي قبائلي سردارن وٽان آڇون اچي رھيون تہ اھي انگريز گھوڙي سوار فوج سان گڏجي، جنگي مھم ۾ شريڪ ٿيڻ چاھين ٿا. اھا خبر خوشيءَ جھڙي ڳالھہ آھي، جنھن سان جنرل جي ھمت افزائي ٿي وڃي ٿي. پر سندس خيال آھي تہ اھا جنگي مھم ڏاڍي ڏکي آھي ۽ جيڪڏھن انگريزي فوج جي شڪست ٿي تہ اھي ساڳيا اتحادي ڦري انگريزي فوج کي ڦرڻ شروع ڪري ڏيندا. تنھن ڪري سر چارلس انھن سردارن سان جنگي اتحاد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي. کيس فقط پنھنجي عقل ۽ شعور تي ڀروسو آھي. ھن جو خيال آھي تہ ھو اھڙا بلڪل ٿورا ماڻھو پاڻ سان کڻندو، جن تي کيس تمام گھڻو اعتماد آھي ۽ جڏھن ھو اوڙي پاڙي جي ملڪن سان رابطا پيدا ڪندو تہ اڳئين کان بہ وڌيڪ عقل کي ڪم آڻيندو.
انھن معاملن تي اڃا غور ويچار ھلي رھيو ھو جو لارڊ ايلنبرو ڪڇ واري علائقي کي سندس ڪمانڊ مان ڪڍي، ممبئي پريزيڊنسي سان شامل ڪري ڇڏيو. اھو سارو ڪم انگلينڊ جي ممبئيءَ لاءِ سيڪريٽ ڪميٽيءَ جو ھو. ان ڌر اھڙي ٻوليءَ ۾ الزام ھنيا ھئا، جنھن مان معلوم ٿي رھيو ھو تہ اھي ھن موضوع کان بلڪل بي خبر ھئا ۽ ھروڀرو سر چارلس تي الزام ڌري رھيا ھئا. ڪڇ جي علائقي جي ڪمانڊ کانئس ان وقت ورتي وئي ھئي، جڏھن ھو تمام گھڻو مصروف ھو ۽ سر چارلس ان کان پوءِ پاڻ کي ڪنھن بار کان آجو محسوس ڪيو ھو. پر عام ماڻھوءَ لاءِ ڏاڍي ڏکي ڳالھہ ھئي. ھن واقعي مان پھرين ڳالھہ اھا ٿي ھئي جو سنڌ ڪرنل رابرنٽس جي سھائتا کان محروم ٿي وئي ھئي، جنھن جو ڪڇ جي راءِ تي تمام گھڻو اثر ھو. ٻي ڳالھہ تہ ڪرنل رابرٽس جي وڃڻ سان ڏيھي ماڻھن تي مشتمل فوج بہ ختم ٿي ويندي، جيڪا ڇوڙ واري علائقي تي ضابطي رکڻ لاءِ منظم ڪئي وئي ھئي. ٽين ۽ نھايت اھم ڳالھہ ھيءَ آھي تہ ڪڇ سياسي ۽ فوجي نقطئھ نظر کان سنڌ جو حصو آھي ۽ ممبئيءَ سان ان جو ڪوبہ فطري لاڳاپو ڪونہ آھي. ان کان سواءِ ڪڇ جا ماڻھو ۽ ان علائقي جي سرحد سان رھندڙ ڌاڙيل سنڌ سرڪار کان گھڻو ڊڄندا آھن. پر بمبئي سرڪار مٿان کلندا ۽ چٿرون ڪندا آھن ۽ اھڙا ظالم ماڻھو انگريز ھندستان جي ڪنھن ٻئي صوبي ۾ ڪونہ رھندا آھن. جيڪڏھن ڇوڙ واري علائقي ۾ بغاوت منھن ڪڍيو تہ ان کي ڪڇ وسيلي ختم ڪرڻ نھايت آسان ھجي ھا. پر ڇوڙ واري علائقي ۾ بغاوت ان ڪري ڪانہ ٿي سگھي آھي، جو سر چارلس نيپئر ھر پاسي کان پاڻ کي صحيح معنى ۾ فاتح ثابت ڪيو آھي. ھن ٻنھي جنگين ۾ بلوچن کي شڪست ڏني آھي. ملڪ ۾ قانون نافذ ڪري ھنن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي. ھنن جي ڀلائيءَ ۽ بھتريءَ لاءِ ڪم ڪري سندن دليون جيتي ورتيون آھن. ليڪن ڪجهہ اوڻايون موجود آھن، پر اھي سندس اختيار ڪيل حڪمت عمليءَ ڪري ڪونہ آھن. ھن جي نقطئھ نظر ۾ شعور ۽ عقل موجود نظر اچي ٿو. ھن ننڍي ننڍي ڳالھہ ۾ بہ ٿڌائي ۽ بي علمي ڏٺي آھي، تنھن ڪري ھن انھن ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
سندس بيان آھي تھ، ”ڪڇ جي تاريخ ۽ اتان جي حڪمت بابت گھٽ معلومات آھي ۽ سندس منٽِ بوڪ مان تہ ائين معلوم ٿي رھيو آھي، پر 1816ع کان وٺي 1932ع تائين جيڪي معاھدا ٿيا آھن تن مان تہ ڪافي معلومات ملي وڃي ٿي.“ ڪڇ جي سول حڪومت کيس ان وقت ڏني وئي ھئي، جڏھن ھو بيمار ھو ۽ سنڌ جي حڪومت کان استعفى ڏيڻ کان کيس دور ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو ويو ھو. ڪڇ جي جاگرافيائي صورتحال ۽ ٻيون ڳالھيون اھڙيون آھن جيڪي ان کي بمبئي کان جدا ڪري بيھارن ٿيون. سندس منٽ بوڪ ۾ بہ ائين لکيل آھي. ان جي برخلاف ڪڇ جو علائقو جاگرافيائي نقطئھ نظر کان سنڌ سان ڳنڍيل آھي. ڪڇ جي رڻ مان بہ معلوم ٿئي ٿو تہ ڪڇ ھڪ نارgulf آھي. ساڳيءَ ريت رڻ بہ ائين نظر اچي رھيو آھي تہ ھي ملڪ نہ ممبئيءَ سان تعلق ٿو رکي، نہ وري سندس واسطو گجرات سان آھي، پر جيڪڏھن سندس واسطو آھي تہ اھو فقط سنڌ سان آھي.
جيتري قدر انھن جي اخلاقي حيثيت جو تعلق آھي تہ جيڪڏھن ٻہ ملڪ مختلف حڪمرانن وچ ۾ مخصوص قسم جي فطري خوبين ڪري پاڻ ۾ ورھايل آھن ۽ جيڪڏھن اھي اتفاقي حالتن ۽ غير طبعي صورتحال ۾ گڏجي وڃن ٿا تہ گھڻو وقت ائين متحد ٿي رھي ڪونہ سگھندا. ھن جي سرڪاري لکپڙھہ ۾ ڪڇ ۽ گجرات جي گڏيل سماجي رشتن جو حوالو ئي موجود ڪونہ آھي. معلوم ائين ٿي رھيو آھي تہ ڪڇ جي راءِ جا گجرات جا گائڪواڙ سان تِـر سنوان ڪونہ آھن. ان کان سواءِ انھن ٻنھي وچ ۾ ٿيل معاھدن مان بہ لڳي ٿو تہ سندن تعلقات ڪشيده ھئا، جڏھن تہ ممبئي حڪومت کي اھڙيون ڳالھيون ڪونہ وڻنديون ھيون.
اھو ڇو پيو سمجھيو وڃي تہ ڪڇ جي راءِ جو سنڌ سرڪار کان بمبئي حڪومت ۾ وڌيڪ اعتماد آھي؟ اھا ڳالھہ حقيقت جي بلڪل خلاف آھي. ڪڇ جو راءِ، گجرات ۽ بمبئي سرڪار سان تعلقاتن رکڻ جو خواھشمند آھي. جيڪڏھن ائين سمجھيو پيو وڃي ٿو تہ اھا اچرج جھڙي ڳالھہ آھي.
حالتن مان ائين معلوم ٿي رھيو آھي تہ ھن راءِ جو وڌ ۾ وڌ اعتماد ڪرنل رابرٽس ۾ ھو، جنھن کيس سنڌ جي گورنر ۾ اعتماد رکڻ جي صلاح ڏني ھئي ۽ کيس قائل بہ ڪري ورتو ھو. ڇاڪاڻ تہ ھن جنرل ڪنھن جي اعتماد کي ڇيھو ڪونہ رسايو آھي. امڪان آھي تہ سنڌ جي فتح کان اڳ ڪڇ جا حڪمران ۽ ڪڇ جو راءِ وڙھيا ڍانگو ۽ ڍانگ لڳا پيا ھئا. پر راءِ جي ممبئيءَ سان دوستي ھئي. ڏٺو وڃي تہ ڪڇ سان ٽالپرن جي کئونس ھئي، پر سنڌي ماڻھن جا ڪڇ سان سماجي، تجارتي ۽ مذھبي لاڳاپا ھئا. ھنن ٻنھي ڌرين جون ھڪ ٻئي مان شاديون بہ ٿيل ھيون. جڏھن ڏوھن خلاف واعدي مطابق ڪارروايون ٿينديون ھيون، تہ بہ ٻنھي ملڪن وچ ۾ رشتا ناتا موجود ھوندا ھئا.
جيڪڏن فوجي گورنر کي ھنن ٻنھي ملڪن ۾ سٺن تعلقاتن پيدا ڪرڻ جي سھوليت مليل ڪانہ آھي، تہ بہ سمجھڻو کپي تہ انھن ٻنھي وچ ۾ ڪڏھن سٺا تعلقات قائم ھئا ۽ اھڙن تعلقاتن نہ ھجڻ جو سوال ئي پيدا ڪونہ ٿو ٿئي، جنھن کي سھوليتون مليل آھن. جن مان ھڪ سھوليت ھيءَ آھي تہ کيس ان جي ساري خبر آھي، جيڪو ماضيءَ ٿي گذريو آھي. ھن کي اھا بہ ڄاڻ آھي تہ سول حڪومت ڪھڙيون شيون جذب ٿي وينديون آھن يا مختلف کاتن ۾ ورھائجي وينديون آھن. تنھن ڪري ھو ھن چوڻ جي لائق ٿي پيو آھي تہ جيڪڏھن ٽالپرن ۽ راءِ جي دشمني، ٻنھي ملڪن جي ماڻھن کي ھڪ ٻئي کان الڳ ڪري ڪانہ سگھي آھي تہ ھاڻي جڏھن دوستاڻا تعلقات پيدا ٿيا آھن تہ اھي ڏينھون ڏينھن وڌندا رھندا ۽ منجھن اخلاقي ھڪ جھڙائي ۽ جاگرافيائي رابطا بہ وڌندا رھندا.
انتظامي نقطئھ نظر کان بہ ھڪ ڳالھہ آھي، جنھن تي سوچڻ جي ضرورت آھي تہ سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ سنڌي ڌاڙيل رھندا آھن، جيڪو ڪڇ جي سرحد سان واقع آھي. جيڪي ٽالپرن حڪمران، ڪڇ جي راءِ ۽ گائڪواڙ جي چئي آکئي ۾ ڪونہ آھن. پر اھي ڏوھھ ڪري ھن ملڪ ۾ پنھنجي دوستن وٽ اچي لڪندا آھن. لارڊ ايلنبرو ھنن سڀني ڳالھين کان چڱيءَ ريت واقف آھي. تنھن ڪري ھن انھن ڌاڙيلن سان ٺاھھ واري حڪمت عملي اختيار ڪئي آھي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو ھن ڪڇ واري علائقي ۾ ڪرنل رابرٽس کي مقرر ڪيو ويو آھي. ڇاڪاڻ تہ ھو کانئن چڱيءَ ريت باخبر آھي. اھي ماڻھو ٽالپرن جي ڏاڍ کان تنگ ٿي ڌاڙيل بڻيا آھن ۽ ڌاڙا ھڻي ڪڇ ۽ ٻين علائقن ڏانھن نڪري ايندا آھن، جيڪي ٽالپرن جا رعيتي ٿي مستند ۾ گذارڻ چاھيندا آھن. ھنن نيم وحشي ٽالپرن ھتي گھڻي عرصي تائين حڪومت ڪئي آھي. انھن ھميشھ بمبئي سرڪار جي خلاف ڪم ڪيا آھن. ھنن نہ تہ ان جي آڇيل تحفظ کي قبول ڪيو آھي ۽ نہ وري انھيءَ سرڪار جي ڪاوڙ کان ڊڳا آھن. پر ھي ماڻھو سنڌ جي فوجيءَ کان ڏاڍو ڊڄندا آھن. ھو اھو چڱيءَ ريت سمجھي چڪا آھن تہ ھو ھٿيارن سان گڏ اسان جي وچ ۾ ويٺو آھي، جيڪڏھن اسان ھن جي حڪمن جي خلاف وينداسون تہ سندس فوج اچي اسان وٽ ڪڙڪندي ۽ ٻچائي ٻير تي چاڙھي ڇڏيندي. اھي ماڻھو بنا ڪنھن شڪ شبھي جي جنگجو آھن، جيڪي سر چارلس جي سول حڪومت کان نفرت ڪندا آھن. پر اھو معلوم ضرور ھئڻ گھرجي تہ جيڪو بہ حڪمران حيدرآباد رھندو، سو ئي کين وفادار ۽ تابعدار بڻائي سگھندو، پوءِ ڀلي ھو ڪيڏو بہ ڪمزور ڇو نہ ھجي. ليڪن جيڪڏھن گورنر جنرل پاڻ ممبئيءَ ۾ ويھي حڪومت ڪندو تہ اھو کين ضابطي ھيٺ رکي ڪونہ سگھندو. ھتان جا بلوچ ان ڏينھن کان وٺي سر چارلس جا تابعدار ۽ وفادار آھن، جنھن ڏينھن ھن حيدرآباد واري جنگ فتح ڪئي آھي. ڇاڪاڻ تہ ھن انھيءَ ڏينھن کين ٻڌائي ڇڏيو ھو تہ جيڪڏھن ھو سندس وفادار ۽ تابعدار نہ رھند تہ جنرل سندن پاڙون پٽي ڦٽيون ڪندو. پر ھن جنگ کان اڳ ھي ماڻھو ممبئيءَ واريءَ انگريز سرڪار کان ڏاڍي نفرت ڪندا ھئا.
ھنن کي اھا بہ خبر آھي تہ ڪرنل رابرٽس جو سنڌ حڪومت ۾ ڪيترو اثر آھي، ھن ماڻھوءَ جيڪي بہ فيصلا ڪيا آھن، سي قانون ۽ انصاف مطابق ڪيا آھن ۽ ڪنھن کي فائدي ڏيڻ جي ڪوشش ڪانہ ڪئي آھي. تنھن ڪري ڪڇ جي راءِ جو سنڌ جي حڪمران ۾ اعتماد ويھي ويو آھي. ڪڇ جو راءِ سنڌ جي طاقت ڏسي چڪو آھي ۽ سمجھي چڪو آھي تہ اھا انصاف جي عظمت ۾ سمايل آھي. انھيءَ وسيلي سنڌ سرڪار نہ رڳو راءِ جو تحفظ ڪري رھي آھي، پر ڪڇ جي عام ماڻھوءَ جو بہ بچاءُ ڪري رھي آھي. سندس خيال آھي تہ سنڌ جو گورنر ھڪ سٺو ۽ انصاف پسند شخص آھي. تنھن ڪري راءِ خوش آھي ۽ سنڌ جي گورنر تي کيس وڏو ويساھھ آھي، پر سندس ايڏو اعتماد ممبئيءَ جي گورنر ۾ ڪونہ آھي. جيتري قدر انتظاميھ جي قاعدي ۽ قانون جو تعلق آھي تہ اھو بہ حوالن ۽ رابطن جي نقطئھ نظر کان ڪڇ کي ويجھو آھي.
جيتري قدر مذھب جو سوال آھي تہ ھن معاملي تي بہ باريڪ بينيءَ سان سوچيو آھي تہ سنڌ پر خاص ڪري سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ ھندن جو تعداد تمام گھڻو آھي. ان کان سواءِ مذھبي پابندي ڪانہ ھئي ۽ ھندو ڌرم سان لاڳاپيل ماڻھو ريل ڇيل پيا ڪڇ ۽ سنڌ ايندا ويندا ھئا. اھو بہ ڏٺو ويو تہ ٽالپرن جي زوال کان پوءِ لاتعدا ڪاريگر ڪڇ ڇڏي اچي سنڌ پھتا آھن.
جيتري قدر فوجي نقطئھ نظر جو تعلق آھي تہ بہ سياڻو سياسي طور سچيت ماڻھو نئينءَ فتح کي پرامن ڪونہ سمجھندو. سنڌ جي امن امان مان جيترو خوش سر چارلس نيپئر آھي، ايترو خوش ڪو ٻيو ڪونہ آھي. ڇاڪاڻ تہ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ اڪيلي سر اھو ذميوار ھو. ھن امن جي مستقل موجود ھجڻ ۾ جيترو ھي پر اميد آھي ايترو ڪو ٻيو ماڻھو ڏسڻ ۾ ڪونہ ايندو. پر ھن اھڙي حقيقيت کان اک ٻوٽي ڪانہ ڇڏي آھي تہ ڪنھن اوچتي آپدا ڪري، اھو امن امان نھوڙجي ناس ٿي ڪونہ سگھندو. ھن ماڻھوءَ بلوچ قبائلن سان مان ۽ مرجاتا وارو ھٿ وڌايو آھي، پر انھن جا ھٿ رت ۾ ريٽا ھئا. سنڌ ۾ اھو ڪو گھر واندو ڪونہ ھوندو، جنھن ۾ ھنن ماڻھن جي ڪيس ۽ قھر کان ڳل تان ڳوڙھو نہ وھايو ھوندو: اھي حقيقتون ميسارجڻ جھڙيون ڪونہ آھن. پر ھن ماڻھوءَ کين سڀ بديون بخشي ڇڏيون. ڇاڪاڻ تہ بلوچ سردار مياڻيءَ جي جنگ ۾ مري ويل پنھنجي مائٽن جي بھادري تي ڏاڍا خوش ھوندا آھن. ان کان سواءِ ٻي ھيءَ ڳالھہ بہ آھي تہ سر چارلس کين اھي سڀ جاگيرون واپس ڪري ڇڏيون آھن، جيڪي وٽن ٽالپر دور ۾ ھيون. کين کان وڌيڪ فائدو پيو آھي. ان کان سواءِ غريبن کي بہ گھڻو فائدو ٿيو آھي.
ھڪ جھونڙي بلوچ سردار سندس تابعداري قبول ڪرڻ کان پوءِ کيس ھٿ کان جھلي چيو: ”مان توکي پنھنجو سردار تسليم ڪريان ٿو. مان مياڻيءَ جي جنگ وڙھيو آھيان ۽ منھنجا اسي ماڻھو انھيءَ جنگ ۾ مارجي ويا آھن، ليڪن ھاڻي مان توسان گڏ آھيان ۽ پنھنجي جھنڊي ھيٺان بيھي تنھنجي دشمن سان وڙھندس.“ بلوچ سردارن جا انگريز لاءِ جنگي جذبا تہ اھي ھئا، پر ھيءَ حقيقت بہ ياد رکڻ گھرجي تہ اھو ساڳيو جھونڙو بلوچ جڏھن سمجھندو تہ فتح ٽالپرن جي ٿيڻي آھي تہ اھا ساڳي تلوار سر چارلس خلاف کڻي بيھي رھندو. اھڙا ماڻھو سھوليتن کي آڏو رکي رعيتي بڻبا آھن. اھڙيءَ ريت ڪجهہ عرصي تائين ڪنھن بہ شيءِ جي توقع ڪري ڪانہ ٿي سگھجي ۽ اھڙا ماڻھن جي وفاداريءَ ۽ تابعداري جي آڌار تي قانون سازي ڪرڻ ۽ انتظاميھ جي جوڙڪ ڪرڻ وڏي غلطي آھي. ھي جھونڙو ماڻھو جنرل سر چارلس کي جھڪيءَ ان ڪري مليو ھو جو ھن کيس پنھنجي اھا ساري جاگير واپس ڪئي ھئي، جيڪا کيس ٽالپر دور ۾ ملي ھئي. ڀلي اوھان سر چارلس بدران سول حڪومت آڻيو ۽ ملازم بہ سول رکو، پر اھو نئون حاڪم بہ ڳنڀير وايو منڊل کي ڏسي بنا ڪنھن دير جي وڃي تلوار جي مٺيي ۾ ھٿ وجھندو. پر ان سان توھان جو رويو ائين رکو ڪونہ ھوندو جھڙو اوھان جو جنرل سر چارلس سان آھي، ان کان سواءِ ھيءَ حقيقت بہ سوچڻ جھڙي آھي تہ سنڌ ۾ امن امان جي قائم ٿيڻ جي معنى اھا ڪانہ آھي تہ ڪڇ وارو علائقو ممبئي سان ملائي ڇڏجي.
ھن تازو ممبئي سرڪار کي مدد بہ ڪئي آھي. ھن اھا مدد انھيءَ ڪري ڪانہ ڪئي تہ کيس ان احسان بدلي اضافي فوج ڏني وڃي. پر ھن اھا واھر انھيءَ ڪري ڪئي ھئي تہ ھتان ھن جي ھلئي وڃڻ کان پوءِ ”بامبي ٽائيمس“ جو ڊاڪٽر بيورسٽBurist کي جابلو ڌاڙيلن کي سنڌ ڏانھن وڌي اچڻ جي دعوت نہ ڏئي. اھو ماڻھو ائين چوڻ ۾ اصل دير ڪونہ ڪندو تہ فوج ڪمزور آھي، تنھن ڪري ھاڻي اوھان کي انگريزن کي تباھہ ڪرڻ جون سونھري وجهہ ملي ويو آھي. سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو علائقو پاڻيءَ جي دٻن، تلائن، جھنگل ۽ ڀٽن سان ڀريو پيو آھي، جيڪو وڃي ٿر سان ملندو آھي. جنھن جي لڳ ڀڳ ٻئي پاسي ڪڇ جو علائقو موجود آھي. جيڪڏھن انھيءَ علائقي ۾ بغاوت ڪر کڻندي تہ امن امان بحال ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آھي. پر جيڪڏھن ڪڇ وارو علائقو ڪرنل رابرٽس جھڙن مضبوط ھٿن ۾ ھوندو تہ اھو ڪراچي، حيدرآباد ۽ عمرڪوٽ جي فوج ھٿان ڀرپور سھائتا ڪندو. اھڙيءَ ريت باغين تي چوڌاري حملا ٿي سگھن ٿا ۽ ان ڪري شڪست انھن جو مقدر ھوندي. اھڙن ماڻھن کي اھڙيءَ صورتحال جي چڱيءَ ريت خبر ھئي. تنھن ڪري ھو بيوس ٿي ماٺ ڪيو ويٺا ھئا. جيڪڏھن ڪڇ واري علائقي کي ممبئي جي ماتحت رکيو ويو ۽ فوجي عملدار بدران اتي پوليٽيڪل ايجنٽ رکيو ويو تہ سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو علائقو انتظامي طور ڪمزور ٿي ويندو. ان کان سواءِ ڪڇ جا ماڻھو بہ اھو سمجھي ڪونہ سگھندا تہ اھي سول حڪومت جي ماتحت آھن يا فوجي حڪومت مٿن راڄ ڪري رھي آھي.
اھڙن ملڪن جو انتظام سول گورنرن جي مقرري سان ھلائي ڪونہ ٿو سگھجي، پر ٿوري وقت لاءِ گورنر ضرور فوجي ھجڻ گھرجي، جنھن جا قبائلي سردارن سان بہ تعلقات ھجڻ کپن. انھيءَ مقصد سان تہ جيئن انھن جي اصلي ڪردار کان واقف ٿيندو رھجي. ساڳيءَ ريت قبائلي سردار بہ گورنر جي ڪردار کان واقف رھندا اچن. انھيءَ طريقي سان جھنگلي قسم جي انسان ۽ فوجي گورنر جي مزاج جو صحيح نموني سان اندازو ڪري سگھبو تہ اھي نيم وحشي قسم جي ماڻھن سان ڪيئن ھلي چلي رھيا آھن. ھن وقت سول حڪومت جي جوڙجڪ تھذيب جي ترقيءَ لاءِ فائديمند ڪونہ ٿيندي. پر ھنن جي ساڙ ۽ تعصب کي ختم ڪرڻ سان ائين ڪري سگھبو ۽ فوجي سپاھيءَ جي موجودگي کي ڏسي ھو وفادار ۽ تابعدار رھي سگھن ٿا.
جيڪڏھن ڪرنل رابرٽس جي ڪڇ ملڪ جي رکيل انتظام ۽ ممبئي سرڪار جي پوليٽيڪل ايجنٽن جي رکيل انتظام جو اڀياس ڪبو تہ ڪرنل رابرٽس جو ڪڇ ۾ رکيل انتظام وڌيڪ سھڻو آھي. ھن مان سولائيءَ سان سمجھي سگھجي ٿو تہ لارڊ ايلنبرو جو رکيل انتظامي جوڙجڪ بھتر ھو. ڪرنل رابرٽس کي اھا چڱي ريت خبر ھئي تہ ڪڇ جي تاريخ ۽ ان سان ڪيل معاھدا ڪھڙا آھن ۽ ان جو مخصوص حالتون ڪھڙين ڳالھين جون گھرجائو آھن. پر اھڙي ڄاڻ ٻئي ڪنھن بہ انتظامي سربراھھ کي ڪانہ آھي، کيس اھڙي ڄاڻ ان ڪري ھئي جو ھو ڪڇ ۾ گھڻو وقت رھيو ھو. سرڪاري ڪاغذن مطابق سنڌ ۽ ممبئي سرڪار جي حيثيت ھڪ جھڙي ھئي ۽ ٻئي ھندستان سرڪار جي ماتحت ھئا. جيڪڏھن ڪڇ سنڌ جي ماتحت ھجي يا ممبئي جي ھيٺان ھجي، سندس حيثيت ڪنھن بہ قسم جو فرق ڪونہ ھو، پر تفصيل جي ڪن حوالن کان ڪجهہ فرق ھو، جيڪي بلڪل ئي غير ضروري ھئا.
اھڙيءَ ريت منٽس ۾ اھو بہ لکيو ويو ھو تہ سنڌ جو گورنر اڳئين مخصوص صورتحال کان بلڪل ئي بي خبر ھو ۽ جيڪو ڪجهہ ڪيو ويو ھو، ان جي بہ کيس ڪابھ خبر ڪانہ ھئي. ان کان سواءِ کيس ملڪ جي مخصوص قسم جي حالتن جي تہ صفا ڄاڻ ڪانہ آھي. سرڪاري خط ۾ ھن لاءِ چيل لفظ ”مخصوص صورتحال کان بي خبر ھو“ لکيل آھن، جيڪي مناسب ۽ سھڻ جوڳا آھن. پر ھي لفظ ”مخصوص قسم جي حالتن جي تہ کيس ڪابھ ڄاڻ ڪانہ ھئي.“ نامناسب ۽ سھڻ جھڙا ڪونہ آھن. ڇاڪاڻ تہ جيڪڏھن ماڻھوءَ ۾ سمجھھ جي ٿوري قوت آھي تہ پڙھڻ سان پتو پئجي سگھي ٿو تہ صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ ڇا ڪيو ويو ھو ۽ پيدا ٿيندڙ مخصوص حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ ڇا ڪري سگھجي ٿو. پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪڇ جي حالتن کان چڱي ريت باخبر آھي يا بلڪل ئي بي خبر آھي،پر ملڪ جي حڪمران ۽ ماڻھن جي اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ تہ کيس ضرور ڪجهہ وقت لڳي ويندو. جيڪڏھن اھو ملڪ ممبئي سرڪار جي ماتحت ھوندو تہ بہ اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ساڳيو وقت لڳي ويو ھوندو. سر چارلس بہ پنھنجي خواھش جو اظھار ڪيو آھي تہ ڪڇ ڀلي سندس حڪمرانيءَ کان ٻاھر رکيو وڃي. پر ھن فقط پنھنجي راءِ جو ھن ريت اظھار ڪيو آھي تہ ممبئي سرڪار ۾ بغاوت جاري آھي. جنھن مان اھو ثابت ڪري ڪونہ ٿو سگھجي تہ ان علائقي جي ممبئي سان گڏجي رھڻ ڪري ان جو منجھس اعتماد پيدا ٿي ويو ھو.
جيڪڏھن ڪڇ سنڌ سان شامل نہ رھندو تہ ان علائقي ۾ رھندڙ فوج جو ڪمانڊر سنڌ جو ٿي ڪونہ سگھندو. امن امان جي صورتحال دوران تہ ڪوبہ فرق ڪونہ ايندو ۽ ان فوج کي پنھنجي ممبئي سرڪار کان الڳ بيڪار ثابت ٿيندو. پر سيڪريٽ ڪميٽيءَ جي منٽ ۾ نہ لکيل آھي تہ ڪڇ سنڌ ۾ شامل رھڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اھي ملڪ جاگرافيائي طور پاڻ ۾ گڏيل آھن. ان کان سواءِ ھن ٻنھي ملڪن ۾ مذھبي، تجارتي، فوجي ۽ سماجي لاڳاپا موجود آھن. ڪڇ جي اندروني جوڙجڪ کي ڏسي، ان کي سوچي سمجھي ممبئي کان جدا ڪري سنڌ سان ملايو ويو ھو. ٻين سان گڏ ان جو ھڪ ڪارڻ اھو بہ ھو تہ خود ڪڇ جي راءِ جي بہ مرضي آھي تہ کيس ممبئي پريزيڊنسي سان شامل نہ ڪيو وڃي.
اھڙين حقيقتن ممبئي سرڪار کي لاجواب ڪري ڇڏيو ھو ۽ اھڙو جواب ھن پنھنجي طاقت ۽ اختيارن جي اظھار سان ڏنو ھو. ان وقت ممبئي سرڪار کي سب ڪليڪٽر جي ھڪ درخواست ملي ھئي، جنھن سان ڪڇ جي ماڻھن جو سوين درخواستون شامل ھيون. جن ۾ چيو ويو ھو تہ ھنن جون سنڌ ۾ زمينون آھن. درخواستن سان گڏ ضروري سرٽيفڪيٽ بہ ھئا. ھنن ماڻھن جو چوڻ ھو تہ اھي ڌاڙيل نہ پر محنتي ھاري آھن. پر اھڙين ڳالھين ھوندي بہ ڪڇ کي وري ممبئي پريزيڊنسي سان شامل ڪيو ويو ھو. اھڙو توھين جوڳو منٽ وقت جي گورنر جنرل لارڊ رپن ڏانھن موڪليو ويو ھو ۽ جنھن ان کي رد ڪرڻ بدران تعميل ڪرڻ لاءِ جاري ڪري ڇڏيو ھو. اھو ڪم ھن ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کان ڊڄي ۽ کين خوش ڪرڻ خاطر ڪيو ھو. جڏھن تہ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ذاتي غرض، تعصب ۽ تنگ نظريءَ کان ڪم وٺي اھڙي گٿي ڳالھہ ڪئي ھئي. دنيا جون حڪومتون انھيءَ اڍنگي طريقي سبب ئي بدنظميءَ جو شڪار ٿينديون آھن.