ڪتاب جو نالو: ساڌٻيلي جا گيت
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 15 فيبروري 2019 ع
پڙهيو ويو: 865 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 222 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
رسول ميمڻ جي 1979ع ۾ ڇپيل پهرئين شعري مجموعي ”اوشا جي آشا“ کان چاليهه سال پوءِ اڄ 2019ع ۾ سندس شاعريءَ جو هي ڪتاب ”ساڌ ٻيلي جا گيت“ آن لائين ٿي رهيو آهي ته هن جا ڪارا وار چاندي چاندي ٿي چُڪا آهن، مگر انهن چاندي وارن جي پويان سندس اعليٰ شعور جي اُجري ۽ اوچي پرواز ڪٿي پهتي آهي، اهو اوهان کي هي ڪتاب ٻُڌائيندو.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب
  • رسول حمزا توف کان رسول ميمڻ تائين : رحمت پيرزادو
  • Insomnia
  • اڪيلو پاڳل
  • ڳوڙها
  •   وِٿي
  •   ماحوليات
  •   آفتون
  • تنهنجي اک جو منطر
  •   Metamorphosis
  •   سچ ۽ ڪوڙ جي وچ تي
  • ظلم
  •   ڏينهن جو چنڊ
  •   زندانُ
  • رات
  • دستانا
  • نظم
  •   مان
  • وڻ
  •   او ڊڪٽيٽر!
  • راز جي ڳالهه
  • مُئل سج
  • مُلان ۽ عاشق
  • ٻه رايا
  • جل ڦوٽو
  • پر هو بچي ويو
  • شهر جا روڊ
  •   ست سوچون
  • ڪٽيل وڻ جي پاڙ
  • پنج منٽ خاموشي
  • انتظار
  • خدا کي سڀ خبر آهي
  •   ڊائيننگ ٽيبل چوڌاري ويٺل
  • لفظن جي خيرات
  • پارڪنسنز
  • منڊو ڏيڏر
  • گج جو ڦوٽو
  • سيٺ
  • هڪ ليڊر
  • رومال
  • طوطي جي زبان
  • ساري رات
  • مُفڪر
  •   کليل در جو انتظار
  • ٻاهر ٺڪاءَ ٿيا
  •   رڍ جون هڏيون
  • نيمَ
  •   پڌر اڪيلو هيرڻ
  • ٻن جي اهميت
  • مکڻ جهڙا ماڻهو
  • مخالف هٿ
  • اُڃايل
  • ٿوهر جا جراثيم
  • جڏهن برف ڳرندي
  • ڪاسائيءَ جو نڪ
  • گھوڙن تي شهزادا
  • ڪنٽراسٽ
  • جوئا کيڏڻ حرام آهي
  • مينهن کان پوءِ موسم
  • شرط
  • منهنجي سالگرهه تي
  • ڪاٺ جي پيٽي
  • گريبان جو ڇڳل بٽڻ
  • ڪمند جي پوک مان
  • خوشيون
  • قاتل جي شهر ۾
  • ڪاٺ جو چهرو
  • بازار
  • ڳوڙهن جي گواهي
  • اي سک جي ننڊ سمهندڙ
  •   Twilight Zone
  • جيونُ
  • منزل جي ڳولها
  • تجربو
  •   تون ئي منهنجي جواني
  • سانجھي ۽ سمنڊ
  • پناهه
  •   ننڊ جاڳ جا خواب
  • سمنڊ ۽ آسمان
  • پيار
  • وڪڙ ڏنل پيچرو
  • او ٽوٻا!
  • تندُ وڄي ٿي
  •   هيءُ اُهو شهر نه آهي
  • اچو ڪائنات کي قبول ڪيون
  •   مان قبرُن جي وچ ۾ آهيان
  •   هيءَ ڪهڙي سردي آهي
  •   هلندڙ ريل جي دريءَ مان
  • عورت
  • وڻن جي قطار
  • آڱريون
  • اي بورچي!
  • رنگ جي دُڪي
  • رنگ ساز
  • هڪ وڳو
  • پيچ جي پڪڙ
  • ڏيئي جي لاٽ
  • مون ۾ هُوءَ هئي
  • پَڳَ
  • اڌ چنڊُ
  • بُکَ
  • ايمپريس مارڪيٽ
  • تنهنجو اچڻ
  • تنهنجو هُڳاءُ
  • ڏُک
  • ٻار جو جنازو
  •   تنهنجو مون سان پيار نه هيو
  •   سڙندڙ سوچون
  •   ناسي رات
  •   نفسُ هيو ڪُتو
  •   وڇوڙي جا رنگ
  • گھڙو
  •   جبلتن تي....
  • ظلم جي زمين
  •   وانگوگ
  • دل
  • گونگي جي ٻولي
  • اور جي تندُ
  •   تضاد
  • يادون
  • انگورن جو رس
  •   انسانن جو فصل
  • چنڊ تڪي ٿو
  •   ڏيکارو (نئين صنف)
  •   ڏيکارو
  •   يحسي
  • آرو
  • پناهه
  • ٻانگ
  • احساس
  • خواب، انسان ۽ ننڊ
  • ڏک
  • سرڪش ڏُک
  • زندگي
  •   سلسلو
  • پاڇو
  • تنهنجي ٻاڙَ
  • انب جو وڻ
  • محبوبا
  • مٿي جي خارش
  • شارٽ ڪٽ
  • ماءُ
  • نفي
  • سڃاڻ
  • نيپيئر جي وئشيا
  • بگيءَ وارو
  •   حاجي
  • جراثيم
  • تجسُسُ
  • آسيب
  • رات کُٽي ٿي
  •   دوست
  • آزادي
  •   سمنڊ جو انت
  • وڻ جو پاڇو
  • ڪوڙو خوابُ
  • آڪاشواڻا
  •   وايون بتال
  • بازُ
  • وڏو ماڻهو
  • غلطي
  • ستون رنگ
  • لالٽين
  • ٽيڙو
  •   ڪمرو
  •   وقت
  •   ريگستان
  • هڪ سوال
  • وڃايل پکي
  • انتظار
  • پِتي جي ڪڙاڻ
  • پاڇي جي ڄر
  • موڪلاڻي
  • پاڙون
  •   کوٽا سڪا
  • چار سِٽون
  •   ڪتي جو نسل
  • شيطان
  •   مهربان
  • اي ڪاسائي
  • بيوقوف
  • وڇوڙو
  • مُدافعت
  •   عشق جي عدالت
  • قسمت جي لڪير
  •   غربت
  • ٻڌل پير
  •   روز گار
  • اي عشق
  • درد جو راز
  • اي مسافر
  • سچ ۽ ڪوڙ
  • سبب
  • اوندهه جو خوف
  • دل جو پهريون حرف
  • حسرت
  • ڌرتيءَ جو ڏوهه
  • اي آمر!
  • نقطو
  • سچ ۽ ڪوڙ
  • مُلڪن جي ترقي
  • خيال
  • فطرت
  •   چهري جا گھُنج
  • انسان جو ڏنگ
  • سڪي جا ٻه پاسا
  • وڄ ڪري
  • غلطي
  • ماڪوڙا
  • ڏاند
  • ڪاوڙ
  • غربت جو احساس
  • ڪاغذ جو ٽڪرو
  • تو بن ۽ تو سان
  • اي زندگي!
  • خدا جي تارازي
  • اديب جو ڪتاب
  • ڌرتيءَ جو ڪنارو
  • بُت
  • ڏائڻين جو ميلو
  • تاريخ

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ساڌ ٻيلي جا گيت“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب نامياري ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ شاعر رسول ميمڻ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. رحمت پيرزادو لکي ٿو:
    ”رسول ميمڻ جي 1979ع ۾ ڇپيل پهرئين شعري مجموعي ”اوشا جي آشا“ کان چاليهه سال پوءِ اڄ 2019ع ۾ سندس شاعريءَ جو هي ڪتاب ”ساڌ ٻيلي جا گيت“ آن لائين ٿي رهيو آهي ته هن جا ڪارا وار چاندي چاندي ٿي چُڪا آهن، مگر انهن چاندي وارن جي پويان سندس اعليٰ شعور جي اُجري ۽ اوچي پرواز ڪٿي پهتي آهي، اهو اوهان کي هي ڪتاب ٻُڌائيندو.“
    هي ڪتاب ڪنهن اداري پاران ڇپيل ناهي پر رسول ميمڻ صاحب سڪ ۽ پاٻوهه مان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين اپلوڊ ڪرڻ لاءِ رحمت پيرزادي هٿان ڪمپوز ڪرائي موڪليو آهي. سنڌ سلامت سٿ رسول ميمڻ جو ٿورائتو آهي جنهن پنهنجا سڀ ڪتاب سنڌ سلامت کي موڪليا آهن.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    انتساب

    رفيق سومري
    اشرف آصف مصراڻي
    ۽
    ثناءُ الله کوکر
    جي نالي

    ۽ جيڪي مري ويا
    انهن کي
    مُئل نه سمجھو
    ڇو جو
    اهي دلين ۾ جيئرا آهن.

    رسول ميمڻ


    رسول حمزا توف کان رسول ميمڻ تائين : رحمت پيرزادو

    هونءَ ته ”حب الوطني“ انساني شعور جو هڪ اهم عنصر رهي آهي، انسان ته ڇا پکي پکڻ ۽ جيت جڻيا به پنهنجي اصل ڏانهن اوس واپس موٽن ٿا، مگر ”ليکڪُ“ جيڪو بنيادي طرح سماج جو نبض شناس ٿئي ٿو، اُهو پنهنجي قوم جي هر فرد جي نمائندگي ڪري ٿو، اُن جي تخليقن ۾ ”وطن ۽ وٿاڻن“ جو ذڪر ٻڌائي ٿو ته اُها قوم پنهنجي ڌرتيءَ سان ڪيترو پيار ڪري ٿي. شاهه لطيف جي مارويءَ کان وٺي داغستان جي رهواسي حمزا رسول جي ڪتاب ”منهنجو داغستان“ تائين، حب الوطني هڪ عالمي موضوع رهي آهي. جنهن جو سحر اسان رسول ميمڻ جي ڪهاڻين، ناولن ۽ شاعريءَ مان بخوبي حاصل ڪري سگھون ٿا. هو هڪ درديلو داستان گُو آهي جنهن جي ڪهاڻين ۾ پُراسراريت آهي، ڪردارن ۾ نواڻ ۽ پس منظر ۾ وطن پرستي ۽ ديس جا دلفريب منظر هوندا آهن. هو جديد دور جو حرفن موليٰ ليکڪ آهي جنهن کي ڪهاڻي، ناول ۽ شاعريءَ سميت مضمونن ۾ به فلسفي ۽ آرٽ جي گُوناگُونيت هوندي آهي. مون کي دعويٰ آهي ته مون سندس هر لکڻي پڙهي آهي. سندس پراڻن ڪهاڻي ڪتابن ۽ شاعريءَ جي ڪتاب ”اوشا جي آشا“ سميت مون سندس نوان ڪتاب به پڙهيا آهن. هُن جيترو گھڻو لکيو آهي اوترو ئي سُٺو لکيو آهي.
    ڊاڪٽر رسول ميمڻ ڊاڪٽريءَ جي مسيحائي پيشي سان تعلق هوندي قلم جو قدآور ليکڪ بنجي قلم جو مانُ رکيو آهي. ”منهنجي لاءِ هيءَ دنيا ڪيئن هوندي جي رسول ميمڻ ڪجھه به نه لکي هان؟” ان سوال جو جواب اهو آهي ته ”منهنجي لاءِ هي دنيا جيڪڏهن مڪمل خالي نه هجي هان اگر هُو ڪجھه به نه لکي هان، پر بي رونق، ٻُسي ۽ ڇسي ضرور هجي هان. ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي هڪ ڪهاڻيءَ جو هڪ جملو هيو ته ”هُن جي ماءُ مري وئي، ۽ هُن جي پيءُ ٻي شادي ڪري ڇڏي، ۽ پوءِ هُن کي پيءُ به ڪڏهن نه ملي سگھيو.“ اهڙا جملا شهر جي چوراهن، اسڪولن ۽ بس اسٽاپن تي لکرائجن ته سماج سڌري سگھي ٿو. هو ڌرتيءَ جو ليکڪ آ هن جون پاڙون صدين جي سيني ۾ کُتل آهن.
    1979ع ۾ ڇپيل سندس پهرئين شعري مجموعي ”اوشا جي آشا“ کان چاليهه سال پوءِ اڄ 2019ع ۾ سندس هي ڪتاب ”ساڌ ٻيلي جا گيت“ آن لائين ٿي رهيو آهي ته هن جا ڪارا وار چاندي چاندي ٿي چُڪا آهن، مگر انهن چاندي وارن جي پويان سندس اعليٰ شعور جي اُجري ۽ اوچي پرواز ڪٿي پهتي آهي، اهو اوهان کي هي ڪتاب ٻُڌائيندو. سندس ڪتابن تي سدائين وڏن ليکڪن مهاڳ لکيا آهن، جن ۾ رشيد ڀٽي ۽ امرجليل جهڙا نالا آهن، اتي آئون پنهنجي لاعلميءَ کي ڍڪيندي ڪي وڏا فلسفا ڇيڙڻ نامناسب ٿو سمجھان فقط ايترو لکندس ته رسول ميمڻ سنڌ ۾ هڪڙو ئي آهي.


    Insomnia

    رات جي قبرستان ۾
    ننڊ جي تَهن هيٺان،
    دفن آهن اکيون.
    پنبڻيون بند تابُوت جيان،
    هر اک ٿي وئي بند.،
    شهر جر دروازن وانگر
    سڀ خواب ٿي ويا قيد.
    سرڪش غلامن وانگر
    رات، ورهائيندي وئي سُڪون
    ننڊ جي صورت ۾.
    اُجھامندا ويا اکين جا ڏيئا،
    هر هڪ مورت ۾
    پر منهنجين اکڙين ۾
    چڻگون ستارَن جون
    چانڊوڪيءَ جي ٽانڊن جيان
    دُکنديون رهيون.
    رات مري ويل محبُوبا جيان
    ٿڌي ٿي وئي.
    ننڊ رُسي ويل محبُوبا جيان
    انڌي ٿي وئي.
    رات جي رڻ ۾ رڙ ڪري
    مون اوندهه کي چيو:
    ”ايڏو اوجاڳو!“
    هر اک ۾ لهندا ويا پڙاڏا
    اوجاڳو..... اوجاڳو...... اوجاڳو.............


    اڪيلو پاڳل

    مان اڪيلو نه آهيان
    مان هڪ شهر آهيان.
    سوين محفلون
    هزارين انجمنون
    منهنجي اندر ڳالهيون ڪن ٿا.
    ڪئي دوست
    ڪئي دشمن
    ڪئي ظالم ڪٿي مظلوم.
    شهر جي ويران رستن تي
    ڪٿي توهان کي نظر اچان
    مان اڪيلو هوندي به
    اڪيلو نه آهيان.
    خيالن ۾ جيڪڏهن
    ڪٿي مُرڪندو نظر اچان
    روئندو ڳالهائيندو نظر اچان،
    مان چريو نه آهيان
    مان اڪيلو نه آهيان.
    منهنجا ٽهڪ
    منهنجن دوستن سان آهن.
    جيڪي مون ۾ ويهي
    ڀوڳ ڪن ٿا.
    منهنجي هر مُرڪ ۾
    محبُوبا جو منهن آهي.
    منهنجن سڏڪن ۾
    منهنجن ڳوڙهن ۾
    هزارين مظلوم روئن ٿا.
    مان ڪنهن چونڪ تان
    ڪنهن گھٽي يا گھيڙ تان
    لنگھندو
    ڳالهائيندو وڃان ٿو
    ته اُهو
    ظالم سان بحث ڪريان ٿو،
    ڪو مباحثو ڪريان ٿو.
    منهنجي وجود ۾
    هڪ جنگ ڇڙيل آهي،
    مان وڙهان ٿو
    جسم ۾ لڳندڙ هر گوليءَ تي
    رڙ ڪري
    راتين جو جاڳي پوان ٿو.
    روئان ٿو،
    پنهنجي هر فتح تي
    ٽهڪ ڏئي کلان ٿو.
    پر مان چريو نه آهيان
    اڪيلو نه آهيان،
    منهنجي تنها وجود ۾،
    آهن سمايل
    هزارين وجود.


    ڳوڙها

    انتهائي اُڃايل ماڻهو جا
    ڳوڙها نه ٺهندا آهن.
    پياسي ماڻهوءَ کي
    پسينو نه ايندو آهي.
    نديءَ مٿان ويٺل ماڻهو
    ڳوڙها اُگھي سگھندا آهن.
    مطمئن ٿي روئي سگھندا آهن.
    پاڻي جسمن ۾ جڏهن
    پيرَن کان وٺي
    اکين تائين
    ڀرجي ويندو آهي ته
    ڇلڪي پوندو آهي.
    جسم روئندا آهن
    ته پسينو ٺهي پوندو آهي.
    ڳوڙها ڳاڙڻ
    ڍاول ماڻهن جو
    مشغلو آهي.


      وِٿي

    مان روئڻ چاهيان ٿو
    مون کي روئڻ ڏيو،
    ڪجھ گھڙيون اڪيلو ڇڏيو،
    ٿورو وقت ڏيو،
    ٿوري مهلت ڏيو،
    مون کي روزگار جي وچ ۾
    ٿوري وِٿي ٺاهي ڏيو،
    مسلسل محنت اندر
    ٿوري ساهي ڏيو.
    محبتن، نفرتن،
    ٽهڪن، محفلن،
    جسم جي ٿڪاوٽن
    ۽ دنيا ڀر جي پيڙائن،
    سڀني جي وچ ۾،
    ڪا فرصت جي گھڙي
    ڳولهي ڏيو،
    مان روئڻ ٿو چاهيان،
    مون کي روئڻ ڏيو،
    ٿوري مُهلت ڏيو.


      ماحوليات

    روشن رات ۽ سُٺو ڪتاب
    سياري جو هٿ سيڪي پڙهجي
    مان چاهيندس.
    اهڙي خوراڪ جنهن سان
    دل تي چرٻي نه چڙهي هجي
    مان چاهيندس.
    اهڙو ماحول دونهي کان پاڪ
    منشيات جي بُوءِ نه سگريٽ سڙجي
    مان چاهيندس.
    تعليم يافتا ماڻهن جو مُلڪ
    جنهن ۾ ڪو به جاهل نه سڏجي
    مان چاهيندس.
    گھر ٿورو شهر کان ڏُور
    جنهن ۾ امن سان رهي سگھجي
    مان چاهيندس.
    ٻيلا جن ۾ جانورن کي تحفظ،
    نه گلاب پٽجي، نه وڻ ڪٽجي،
    مان چاهيندس.
    کائجي ٻن ويلن جي ماني،
    ناشتي ۾ محبوب جو ديدار ڪجي،
    مان چاهيندس.


      آفتون

    دنيا هڪ هئي
    ڪو زلزلو آيو،
    ٽُڪر ٿي وئي
    ۽ مُلڪ ٺهي ويا.

    ماڻهو گڏ هيا
    هڪ ٻئي سان
    مليل هيا
    ڪو طوفان آيو
    ۽ وڇڙجي ويا.

    چَمڙين جو رنگ
    ساڳيو هيو
    هر عضوو
    هڪ جهڙو
    ڪو وبائي مرض ڦهليو
    ۽ بدلجي پيا.

    هاڻي
    جيڪا ڌرتيءَ جون
    لڪيرون ڌوئي
    ماڻهن کي گڏي
    هڪ ڌاري ۾ وهائي
    لوڙهي وڃي نفرتون
    هڪ اهڙي ٻوڏ جي ضرورت آ.


    تنهنجي اک جو منطر

    پنبڻين جي هُن پارِ
    ڪارنيا جو سج لهي ٿو،
    لهرون لهرون تنهن اڳيان
    لُڙڪن جو ڪو سمنڊ وَهي ٿو.
    تنهنجي ننڊ ۾ رات سمايل
    اک کُلڻ سان ڏينهن ٿئي ٿو.
    ڪيڏي آ آلاڻ اکين ۾
    ڪيڏي آ لالاڻ اکين ۾-
    شايد شفق جو ڇانورو آهي،
    جو تنهنجي اک جو ترورو آهي،
    هر سج ۾ سمايل سهڻا
    تنهنجي آئرس جو رنگ
    پوري ڌرتيءَ جو گولو آ
    تنهنجي اک جو انگ،
    پر هيءُ لُڙڪن جو
    طوفان ڇو آهي؟
    هر قطرو حيران ڇو آهي؟
    ڪيڏا ڪُن آهن اُن ۾،
    جن ۾ ڪئي ٻُڏا آهن،
    وري ڪو نه وريا آهن،
    سڀ اُن تي چريا آهن.
    اُن ڪيڏا ماڻهو ماريا،
    پر نه اُهي هاريا،
    چير چير سڀ هاٺيون
    اکڙيون ڪيڏيون لوڻاٺيون
    زخم ڌوئن ٿيون ڳوڙهن سان،
    پر پرين تون روئجانءِ،
    چهڪ چُمي تون ڌرتيءَ جا
    اُن جي ڇاتي ڌوئجانءِ.
    هر آلاڻ
    هي لالاڻ
    ۽ آئرس جي نيراڻ
    هر انقلاب هر حياتي
    هر زندگي هر مماتي
    هيءَ ڌرتي ۽ انقلاب
    تاريخ جو ڪوئي به باب
    پر جيڪي دنيا اندر آهي
    تنهنجي اک جو منظر آهي.
    ................................................


    اک جي پتليءَ اڳيان گول شفاف پردو Cornea
    اک جي پتلي: Iris


      Metamorphosis

    ڪا نئين ڳالهه ڪريو
    ڇڏيو پراڻي چنڊ کي
    ستارَن جي کنڊرن مان
    نڪري اچو ٻاهر
    ڌرتيءَ جي ڌوڙ کي
    نئون ڪو رنگ ڏيو،
    ڪا نئين ڳالهه ڪريو.
    تنگ ٿي وياسين
    سج جي گولائيءَ مان
    تيز اُس مان
    ساڳي روشنيءَ مان
    پيلي زرد چانڊوڪيءَ مان
    ڪا نئين ڳالهه سوچيو.
    جيڪر سج مستطيل هجي،
    ستارا مختلف رنگن ۾ اُڀرن،
    اُس کي بدلائي وجھون،
    چانڊوڪيءَ کي
    نئون ڪو نانءُ ڏيون،
    ڇڏيون ذهن مان سوچڻ،
    پوري جسم سان سوچيون،
    ساهي ڏيو ڪجھ
    انقلاب جي ڳالهه کي،
    ترسو ٿوري دير
    ڪٿي ويهون،
    ۽ منزل تي پهچي وڃون،
    اُٿو هلون،
    پُٺيءَ ڀر گھُمون-
    اکيون ڪڍي ڇڏيون،
    چپ سُبي،
    ڪن ڪٽي ڇڏيون،
    نوان ڪي حواس
    پيدا ڪريون،
    نئون ڪو منظر
    نئين ڪا لذت،
    ڪي نوان ذائقا
    ٻيا ڪي چپ،
    نيون ڪي زبانون،
    ڇڏيون ساهه کڻڻ.
    ڏاڍو سهڪي پيا آهيون
    نئون ڪو ساهه پيدا ڪريو،
    ڪا نئين ڳالهه ڪريو.


      سچ ۽ ڪوڙ جي وچ تي

    ڇا سچ آ
    ڇا ڪوڙ آ،
    رڳو ڌوڙ ئي ڌوڙ آ-
    ڪوئي انت آ انقلابن جو؟
    رات بنا خوابن جو،
    ڪلهه جا غدار،
    اڄ جا هيرو،
    ڇا آسمان ڪلهه هو هيڊو،
    اڄ آ نيرو؟
    ڪلهه جا هيرو
    اڄ جا غدار،
    ڄڻ ڪاري اوندهه
    چنڊ جا وار.
    ڪوئي انت آ نظامن جو؟
    محبُوب بنا شامن جو؟
    جيئن آ جيڪو آ
    سچ آ،
    ڇا باهه بنا مچ آ؟
    پر تو وٽ ساڳيا گورباچوف،
    دوستو فسڪيءَ وارا خوف.
    ماٺ کي بيٺي مُلڪ ۾ تنهنجي
    ڪيڏو وقت ٿيو.
    هوش ۾ آئي سوشلزم
    مرگھيءَ کان پو
    منهنجا پيارا گورڪي،
    تنهنجي ٺاهيل ماءُ
    رات مئي،
    واريءَ جي ٺهيل ڄڻ ته هئي.
    هُوءَ جيڪا ووڊڪا پياريندي هئي،
    ماريندي هئي، الئه جياريندي هئي.
    تنهن ڪيڏا پُٽ ڄڻيا ها
    تنهنجي ناول جا صفحا،
    مون کي وڻيا ها،
    پر پوءِ به سچ کي ڪوڙ چئي
    يا شايد ڪوڙ کي سچ چئي،
    ماريو ويو آ-
    تڏهن ته اسٽالن جي قبر مان
    ٽراٽسڪي ڇرڪ ڀري جاڳي پيو آ.
    ڪير هيرو
    ڪير غدار،
    هر انقلاب کي پنهنجا ڄار.
    ڪهڙيون منزلون
    ڪهڙا نظام!
    محبوبن سان ملڻ لئي
    رستا جام.
    جت چپ چپن سان جُڙندا
    اُت ئي ماڻهو مڙندا.
    انقلاب محبوب جي ڳلن تي ڳوڙها
    جيئن هڪ ٻئي پويان ڳڙن ٿا.
    سچ
    مان اهي نيڻ ۽
    اهي مون کي ڏسن ٿا،
    منزل
    هن جي ۽ منهنجي وچ ۾
    سوڙهي ٿي وئي آ،
    سوشلزم
    منهنجي ماءُ جيان
    پوڙهي ٿي وئي آ.


    ظلم

    ظلم مادي شين جيان
    دنيا ۾ رکي ٿو وجود،
    جيئن باهه، پاڻي، هوا
    آهي ڌرتيءَ تي موجود.
    دنيا جي تخليق سان گڏ
    ٿي ان جي ابتدا،
    هر انسان جي موت تي
    ٿيو بي انتها
    ڪروڙها صدين تي ڦهليل.
    ”وجودن جي ويڙهه.“ *
    جنهن ۾ آهي سمايل،
    تنهنجي منهنجي بقا.
    حالتن جي دائري ۾،
    ان بدلايا هن ڪيترا روپ،
    ڪيڏي ڀيانڪ آهي
    ظلم جي به ارتقا
    ڪٿي کُٽي ٿي؟
    ڪٿي رُڪي ٿي؟
    اهڙي ڪا حڪومت
    اهڙو ڪو نظام
    دنيا جي تختي تي ڪوئي نظام،
    صدين جي سفر ۾
    (اڄ ڏينهن تائين)
    آهي ڪوئي
    روڪي سگھيو ان کي
    وساري سگھيو اُن کي.
    انقلابن تي ايندڙ
    انقلابن کان پوءِ
    ميساري سگھيو اُن کي،
    ظلم خدا جيان ته نه آهي
    جو فنا نه ٿيندو،
    وسري ويل تاريخ جا
    پنا نه ٿيندو.
    اميدُن جي سهاري
    پوءِ به جيئڻو آهي
    انسانن جي فنا کان اڳ
    ظلم فنا ٿيڻو آهي.
    اهڙو وقت به ايندو
    جڏهن ڌرتيءَ جي ظالمن کي
    ڪيو ويندو ناس
    تيستائين صبر
    اُميد ۽ آس.
    ............................................
    * Struggle for existence.


      ڏينهن جو چنڊ

    ڏينهن سج مان
    گرم چانديءَ جيان
    رِجي ڌرتيءَ تي ڪري ٿو.
    ڪوئي پَکي
    ٻرندڙ ڌوپ کان بچڻ لئي
    منهنجي پاڇي جي
    چوگرد ڦري ٿو،
    اُڏري ٿو ڪِري ٿو.
    اوڻويهين تاريخ جو
    اُداس چنڊ
    ٽاڪ منجھند جو
    بيٺو آهي کڙيو
    اولهه طرف،
    جيئن ڪو واريءَ تي لکيل
    هوا جو ميٽايل حرف،
    جيئن ڪو چنڊ جو آهي لاش،
    ڪرڻا کڻي ڪُلهن تي جنهن کي
    ڪن ٿا اونداهي قبر تلاش،
    جتي هُو پورجي جرڪي پوي.
    ڏينهن جو چنڊ
    پي ويو جنهن جي
    پيلاڻ کي ڪوئي.
    چانڊوڪي هيڊاڻ کي ڪوئي.
    شايد رستو ڀُلي پيو آهي.
    گھاءُ کائي ڏينهن ڏٺي جو
    شهر جي چوواٽي تي
    ڪري پيو آهي.
    ڏينهن به ڪيڏو ظالم آهي،
    درٻاري ڪو عالم آهي،
    روشنيءَ جو دعويدار ٿئي
    ڪيڏا قهر ڪرائي ٿو،
    پنهنجن ڪوڙن دلاسن تي
    ڪيڏا ڪُونڌر ڪُهائي ٿو.
    ڏينهن ڏٺي جو اُڀ جي
    چوواٽي تي چنڊ جو لاش پيو آ.
    اُداس نه ٿيو اي ستارو!
    چوڏهينءَ ۾ ڇا وقت بچيو آ
    چنڊ کي روشن ٿي آخر
    اونداهيءَ ۾ اچڻو آ،
    امن جي چانڊوڪيءَ ۾
    ماڻهوءَ ماڻهوءَ نچڻو آ.


      زندانُ

    زندانَ جي اولهه واري ڀت تي
    روز باک ڦُٽيءَ جو
    تنهنجو پاڇو ٺهي ٿو.
    پاڇو جو هڪ دريءَ جي
    صورت ۾ آهي.
    تنهنجي مُرڪندڙ
    موت ۾ آهي،
    آءٌ اُن مان دنيا ڏسان ٿو،
    روشن ڏينهن جي اُس ۾
    آزاديءَ کي اُڏامندو ڏسان ٿو.
    آزاد هوا،
    تنهنجي منهن سان گَسندي
    مون تائين پهچي ٿي.
    ظُلم جي ڳجھ
    آڪاش ۾ اُڏي ٿي.
    سمنڊ جون لهرون
    ڪنارَن سان مٿو ٽڪرائن ٿيون،
    زندانَ جي هڪ پاسي
    جھنگلي گُلن جون وليون
    لهرائن ٿيون.
    پر اُهو سڀ سانجھيءَ تائي آهي!
    تنهنجي پاڇي پويان
    سج لهڻ تائين آهي.

    هڪ ڏينهن
    آءٌ تنهنجي پاڇي مان
    ان جي اوجھل ٿي وڃڻ کان اڳ
    زندان مان ٽپو ڏئي
    فرار ٿي ويندس.


    رات

    رات سپنو ٽٽو ستاري جيان،
    چهرو چڻگُن جي صورت ۾،
    وکري ويو انڌاري ۾.
    چوٿين تاريخ جو چنڊ
    مُرڪي پيو
    آڪاش جي چپڙن جي
    صورت ۾.
    جاڳ منهنجي
    ڇرڪ ڀري اُڏامي وئي،
    بادلن جيان.
    ياد تنهنجي
    ماڪ جي صورت ۾
    منهنجي اکڙين کي
    چُمندي رهي.
    وسيهر جيان ڪنڌ کڻي
    اڀرندڙ باک جي ڏنگ کان
    ڦهلجي وئي نيراڻ
    هر عڪس ۾،
    هر شيءِ ٿي وئي غروب
    روشنيءَ جي قبر ۾.
    بس هڪ تنهنجي صورت هئي،
    جا واضع ٿي وئي.


    دستانا

    منهنجي سامهون واري هينگر ۾
    ٽنگيل آهن ٻه دستانا
    دُعا واري انداز ۾.
    يا خدا!
    انهن ۾ آهي خوشبوءِ
    ٻن پيارن هٿن جي،
    تن جي ڏهن ئي آڱرين جو اشارو
    آهي تو طرف،
    يا خدا!
    ڪنهن ڏانهن آڱر کڻڻ ڏوهه آهي،
    آءٌ ڄاڻان ٿو.
    دنيا ۾
    (*) هڪ آڱر کڻڻ سان ڪنهن ڏانهن
    ٽي آڱريون پاڻ ڏانهن
    اشارو ڪنديون
    محسوس ٿينديون آهن.
    پر سامهون
    سڀ آڱرين جو اشارو آهي
    تو ڏانهن،
    يا خدا!
    مان دستانن جي
    ميري ٿي وڃڻ کان اڳ
    انهن کي
    ويڙهي بند ڪرڻ چاهيان ٿو.

    (*) سُقراط


    نظم

    پُراڻي پيار جا پاڇا، پَري کان ايئن پيا پَسجن،
    جھوني مسجد، بڙ جو وڻ، اڱڻ ۾ پن پيا اُڏرن.
    جھَنگلي گُلن جي ولين ۾، ويڙهيل ميرانجھڙو مندر،
    تنهنجو منهنجو مُجسمو، پيو هو تنهن جي اندر.
    بارش ڀڳل کنڊر اڳيان، پسيل پڪسرو پيچرو،
    قدمن جي آواز تي ڪبوتر آکيري مان اُڏري ويو.
    پُراڻو ڪتاب، رکيل رابيل، گوري تنهنجا گجرا پائي،
    خوشبوءِ بدلجي شراب ۾، وجود کي ڇڏيو واءُ بڻائي.
    ڪيسوڦل جي ڪريل پتن تي، ويهي مون جي گيت لکيا،
    تنهنجي وجود جي واءَ ۾ خوشبوءِ بڻجي اُڏري ويا.
    ڪلراٺين قبرُن مٿان، رُوح جيان اُڏرندڙ يادون،
    سي سڀ اگر بتي، دونهون ۽ واءُ ۾ بدلجي ويون.


      مان

    نه آهيان جي وجود ۾
    مان آهيان.
    مان آهيان نه آهيان
    ڪنهن جي صورت ۾
    ڪو خيال ته نه آهيان
    سوچيان ٿو
    شايد آهيان.


    وڻ

    وڻ
    هيٺان
    انتظار،
    وڻ
    اڳيان
    اظهار،
    وڻ
    پويان
    اقرار.


      او ڊڪٽيٽر!

    او ڊڪٽيٽر!
    تنهنجي ڇاتيءَ تي سجايل
    شجاعت جا ستارا ڏسي،
    مون مٿي ڏٺو-
    آسمان ڪيڏو نه ويران هيو.


    راز جي ڳالهه

    تو راز جي ڳالهه
    سڄي ڪَن ۾ ٻُڌائي،
    کٻو ڪَنُ
    ناراض ٿي ويو.


    مُئل سج

    سج
    اُن ڏينهن مري ويو
    جنهن ڏينهن
    اُن کي
    طلوع ٿيندي،
    ڏسڻ وارو
    سمنڊ ڪناري
    موجود نه هيو.


    مُلان ۽ عاشق

    عاشق جي
    سيني تي وار هيا،
    ۽ مُلان جي کاڏيءَ تي،
    مُلان کاڏيءَ تي هٿ ڦيريو
    ۽ عاشق سيني تي.


    ٻه رايا

    گپ مان لنگھڻ کان اڳ
    ڪنهن چيس:
    ”پانچا مٿي ڪر.“
    هُن ڪف مٿي ڪيا،
    پوءِ ڪنهن کي به
    پانچا مٿي ڪرڻ جي
    ضرورت محسوس نه ٿي.


    جل ڦوٽو

    جل ڦوٽو
    ڦاٽندو آهي ته
    پاڻيءَ مٿان
    نشان نه ڇڏيندو آهي.


    پر هو بچي ويو

    شاديءَ کان اڳ
    هُن جو قتل
    يارنهن انسانن جو
    قتل هجي ها!
    پر هُو بچي ويو،
    ڇو جو کيس
    ڇهه پُٽ ۽
    چار ڌيئون ڄايون.


    شهر جا روڊ

    شهر جا روڊ
    اخبار جي صفحن جيان هيا،
    مان لنگھندو ويس،
    ۽ پڙهندو ويس،
    اخبار
    ڳاڙهي مس سان
    ڇپيل هئي.


      ست سوچون

    دماغ ۾
    سوڙهه ڪري
    رات
    ست سوچون
    ساهه گھُٽجڻ سبب
    فوت ٿي ويون،
    مون انهن جا جنازا
    ڪاغذن ۾ دفنائي ڇڏيا.


    ڪٽيل وڻ جي پاڙ

    ڪٽيل وڻ جي
    پاڙ وٽ
    پيل ڪهاڙي،
    پاڻيءَ سان
    ڪٽجي وئي.


    پنج منٽ خاموشي

    ڪمري ۾ ڳالهائيندي
    پنج منٽ
    خاموشي اختيار ڪئي سين-
    ڪُنڊ ۾ پيل پڃري اندر
    پکي ٻولڻ لڳو.


    انتظار

    ظالمن
    دهشتگردن
    لوفرن، قاتلن،
    سان ڀريل شهر ۾
    صرف هڪ
    شريف ماڻهو آهي
    جنهن جي ڄمڻ جو
    شهر کي
    شدت سان انتظار آهي.


    خدا کي سڀ خبر آهي

    خدا کي
    سڀ خبر آهي ته
    شيطان ڄاڻي ٿو
    اڳتي هلي وقت
    ڪهڙا ڪُڌا ڪم ڪرائيندو،
    ڇو جو
    شيطان جو مالڪ
    به خدا آهي.


      ڊائيننگ ٽيبل چوڌاري ويٺل

    ڊائيننگ ٽيبل چوڌاري ويٺلن مان
    ڪاٺ ڪتي جهڙي
    ڊگھي نڪ واري مهمان ڏٺو
    کاڌي جي هر شيءِ لاجواب هئي
    سواءِ ڊائيننگ ٽيبل جي.
    جنهن جو ڪاٺ سٺو نه هو.


    لفظن جي خيرات

    جڏهن خاموش هجان
    ته سمجھي وڃ
    اي ڪوي!
    منهنجو رُوح
    تنهنجي چائنٺ ٻاهران
    گھٽيءَ ۾
    لفظن جي خيرات لئي
    ڀٽڪي رهيو آهي.


    پارڪنسنز

    ڪوڙي سامهون
    ڪنڌ لوڏي رهيو هيو-
    ويچارو ٻُڌندڙ
    شايد
    ”پارڪنسنز“ جو مريض هيو.


    منڊو ڏيڏر

    منڊو ڏيڏر
    پنڌ ڪري،
    چئن ٽنگن سان
    جمپ ڏئي.


    گج جو ڦوٽو

    سمنڊ جي
    مٿاڇري جي ڄاڻ
    گج جو
    ڦوٽو آهي.


    سيٺ

    هزار جي
    نئن نوٽن ۾
    هڪ پُراڻو نوٽ
    ايئن هيو
    جيئن ڪو سيٺ
    خساري کان پوءِ
    مُفلس ٿي ويو هجي.


    هڪ ليڊر

    هڪ ليڊر
    ماڻهن جي وڏي
    هجوم وارين
    تصويرن اڳيان
    تقريرون ڪندو هيو-
    هڪ ڏينهن
    واقعي به مُلڪ جو
    سربراهه ٿي ويو.


    رومال

    رومال
    جنهن تي
    سنهي سوئيءَ سان
    دل اُڪريل هئي،
    اهو هُن
    زخم کي ويڙهيو.


    طوطي جي زبان

    ٻليءَ جي پڪڙڻ کان پوءِ
    طوطي جي رڙ تي
    زبان جي چُهنب ۾
    چڪ پئجي ويو.


    ساري رات

    ساري رات
    سج جو انتظار ڪندي،
    ڪنول اوجاڳي کان
    اسر جو
    اوٻاسي ڏئي ٽڙي پيو.


    مُفڪر

    تڪڙ ۾
    مُفڪر جي من ۾
    ڪو خيال آيو،
    هو تڪڙ ۾ اُٿيو ۽
    ان کان اڳ جو
    خيال وسري وڃي،
    هُن تڪڙ ۾ مس مان ڪلڪ ٻوڙي
    پني تي محفوظ ڪرڻ پئي چاهيو،
    افسوس ڪپڙي خشڪ هئي،
    ڪلهه تڪڙ ۾
    هن کان ڍڪ ڏيڻ وسري ويو هو.


      کليل در جو انتظار

    دريون
    ڪمرن جون
    اکيون هونديون آهن.
    ڪنهن جون کُليل
    ڪنهن جون بند.
    جنهن ڪمري جي
    هڪ دري کليل هئي،
    ۽ ٻي بند-
    ان ڪمري جو در
    ٻانهن جيان طاق کولي
    ڪنهن اچڻ واري جو
    انتظار ڪري رهيو هيو.


    ٻاهر ٺڪاءَ ٿيا

    ٻاهر ٺڪاءَ ٿيا
    دهشت مان اُٿيو
    کيس ڪو هٿيار نه هيو،
    مايوس ٿي
    هن آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍيا.


      رڍ جون هڏيون

    انگريزن جي زماني ۾
    کاڌل رڍ جون هڏيون
    اڄ به
    ڀڳل بنگلي جي ڪُنڊ ۾
    محفوظ آهن.
    خبر نه آهي ڪيئن
    ڪُتن کان
    محفوظ رهيون.


    نيمَ

    ڳالهه
    ٺارڻي پوندي آهي-
    ميڻ بتي
    ٻنهي پاسن کان
    ٻري سگھي ٿي پر
    هڪ پاسي کان
    ٻارڻي پوندي آهي.


      پڌر اڪيلو هيرڻ

    پڌر اڪيلو هيرڻ
    منهن ۾
    ڀونڊو ڄڻ-
    پن
    پنج آڱريون
    کليل تريون
    پويان مزار پير
    منهن لڪائي
    مونن ۾
    ويٺل هڪ فقير.


    ٻن جي اهميت

    هڪ جي اهميت آهي
    پر
    ٻارنهَن لاءِ
    ٻن جو هجڻ
    ضروري آهي.


    مکڻ جهڙا ماڻهو

    مکڻ جهڙا ماڻهو
    ٿوري گرميءَ تي
    اصليت
    بدلائي ويهن ٿا.


    مخالف هٿ

    نه سڄو هٿ
    هٿ ۾ ڏئي
    هلي سگھبو آهي،
    نه کٻو هٿ
    هٿ ۾ ڏئي
    هلي سگھبو آهي-
    گڏ هلڻ لاءِ
    مخالف هٿن جو هجڻ
    ضروري آهي.


    اُڃايل

    اڃايل کي
    کاڌي جي هوٽل اڳيان
    فٽ پاٿ تان لنگھندي،
    وات ۾
    پاڻي ڀرجي آيو،
    اُن ڍڪ ڀريو
    سندس بُک وڌي وئي.


    ٿوهر جا جراثيم

    جنهن کي
    گلاب سنگھڻ سان
    ڇڪ اچي،
    سمجهي وڃون
    ان مٿان
    ٿوهرَ جي جراثيمن
    حملو ڪيو آهي.


    جڏهن برف ڳرندي

    جڏهن
    برف ڳرندي
    ته اسان ٻئي
    ساڳي نديءَ مان
    پاڻي پيئنداسين.


    ڪاسائيءَ جو نڪ

    بغير چُهنب واري
    ڇُريءَ جو تصور
    ايئن آهي جيئن،
    ڪاسائيءَ جو
    نڪ ڪٽيل هجي.


    گھوڙن تي شهزادا

    جڏهن
    شرابخاني مان نڪتس
    ته پويان
    گھوڙن تي پهتل
    شهزادَن لاءِ
    هڪ بوتل به نه هئي،
    کين ساقيءَ چيو:
    ”انتظار
    انگورن جي موسم
    ايندڙ سال.“


    ڪنٽراسٽ

    صحت جو
    حد کان وڌيڪ
    خيال ڪرڻ سان
    ڳٽا
    پڪل ٽماٽن جيان
    ڦسي پوندا آهن.


    جوئا کيڏڻ حرام آهي

    فوجي جوئا کيڏندا آهن
    هارائيندا آهن
    يا کٽندا آهن.
    جڏهن سمجھندا آهن
    ته جوئا کيڏڻ حرام آهي،
    ته اهي
    صلح ڪندا آهن.


    مينهن کان پوءِ موسم

    مينهن کان پوءِ موسم
    ڪيڏي نه خوشگوار ٿي وئي
    پر
    ملاقات لاءِ
    دير سان اچڻ جو ڏوهه
    موسم کي ئي ڏنوسين.


    شرط

    مون سان شرط رک
    جيڪڏهن تون کٽيندينءَ ته
    مان هارائيندس،
    ۽ جي مان هارائيندس
    ته تون کٽيندينءَ،
    پر مون کي پڪ آهي
    ته اهڙي شرط
    تون ڪڏهن به نه کٽيندينءَ!


    منهنجي سالگرهه تي

    منهنجي سالگرهه تي
    مينهن وسي پيو.
    بيڪريءَ واري
    وڏ ڦُڙي ۾ در کڙڪايو،
    مون ڪيڪ وٺندي
    کيس مبارڪ ڏني.


    ڪاٺ جي پيٽي

    زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾
    هُن کان سڀ وسري ويو
    سواءِ
    ڪاٺ جي پيٽيءَ جي،
    جنهن جي اوندهه ۾
    ڄڻ پاڻ سُتل هيو.


    گريبان جو ڇڳل بٽڻ

    بدمعاش کي
    سندس
    چڱائيءَ جي صلي ۾
    گريبان جو
    ڇڳل بٽڻ ئي
    انعام ۾ ڏئي سگھجي ٿو.


    ڪمند جي پوک مان

    ڪمند جي پوک مان لنگھندي
    پوڙهو
    ڪاوڙ مان ڏند ڪرٽي نه سگهيو-
    ڇو جو
    کيس ڏند هجن ها ته
    ڪاوڙ نه
    ڪمند کائي ها.


    خوشيون

    گھر جا در بند هيا
    ۽ خوشيون
    چائنٺ تي ويٺل
    پوڙهيءَ جي اڳٺ ۾
    چاٻين جيان
    ٻڌل هيون.


    قاتل جي شهر ۾

    قاتل شهر جي
    ظالم گھٽين ۾
    ڪو ڪنهن جو
    هٿ هٿ ۾ ڏئي
    وفاداريءَ جو اظهار ڪري ٿو ته
    ان جي ڳالهه
    ڪتي جي ڀئونڪ ۾
    بدلجي وڃي ٿي.


    ڪاٺ جو چهرو

    تنهنجي ڪاٺ جي چهري ۾
    اکين جا آکيرا آهن،
    جڏهن اکيون آنا ڏينديون
    ۽ نظر ڦُٽندي
    ته اُها اُڏامي
    اهڙي پناهگاهه ڳولهيندي
    جتي باهه جو وجود نه هجي.


    بازار

    بازار ۾
    هُن هڪ مردو وڪيو
    کيس هڪ مُردي عيوض
    ٻه مُردا مليا،
    پهريون مُردو پاڻ هيو،
    ٻه مُردا
    هن جا قاتل.


    ڳوڙهن جي گواهي

    مون ڳوڙهن کي
    گواهه بنائي
    سمنڊ کي دانهن ڏيڻ چاهي،
    منهنجا ڳوڙها
    اکين مان وسي
    نديءَ ۾ ڪريا،
    پر اهي
    سمنڊ تائين پهچي نه سگھيا.
    ٺهندڙ ڊيمن ڪري
    ندي خُشڪ ٿي چُڪي هئي،
    اک مان ڳوڙها وهندا رهيا.


    اي سک جي ننڊ سمهندڙ

    اي سک جي ننڊ سمهندڙ
    تون مون ڏي
    خواب ۾ جيڪو خط لکيو هيو
    اهو توکي
    جاڳ ۾ موٽي ملندو.
    ان ڪري ته
    توکان وڇڙڻ کان پوءِ
    هڪ رات به سمهي نه سگھيو آهيان،
    پوءِ خواب ۾ اهو خط
    ڪيئن وصول ڪري سگهان ٿو؟


      Twilight Zone

    ان وقت ملنداسين
    جنهن وقت اونداهي
    ۽ روشني پاڻ ۾ ملندا.
    جيئن منهنجي ڪوجھائپ
    لڪيل هجي ۽
    تنهنجي سهڻائپ
    حاوي نه هجي.


    جيونُ

    هُو ٻار هيو
    ڊوڙيو
    ته سندس منهن
    پگھر سان
    شل ٿي ويو،
    رومال ڪڍي
    چهرو اگھيائين ته
    سندس نقش ڊهي ويا،
    هُو جوان ٿي پيو،
    جُوانَ همبستري ڪئي ته
    سندس منهن
    پگھر سان شل ٿي ويو،
    رومال ڪڍي
    چهرو اگھيائين ته
    سندس نقش ڊهي ويا
    هُو پوڙهو ٿي ويو-
    پوءِ برف جي واديءَ ۾
    کيس ڪڏهن پگھر نه آيو،
    سندس رومال
    ڪفن ٿي ويو.


    منزل جي ڳولها

    منزل جي ڳولها
    ڪنهن وسيع ڪوهستان کان پوءِ
    ڪو در نظر آيو-
    مون اڳتي وڌي
    در کي کوليو
    ٻئي پاسي
    هڪ اڻ کُٽ ريگستان هيو.


    تجربو

    پنجاهه
    سالن کان مٿي
    زندگيءَ جو تجربو
    موت لاءِ
    ڪافي آهي.


      تون ئي منهنجي جواني

    ٿي اُڏامي تنهنجي ياد
    ڪنهن وساميل رک جيان-
    رَکي رَکي ٿي چڻنگ دُکي
    ڪير ڇُهي ٿو نيڻن سان.
    تن ۾ ڪائي تند ڏکي،
    وقت لنگھيو ڄڻ واٽن تان.
    اتي ڌوڙ جو پهرو آهي.
    وسريل ياد جي ڪوهيڙي ۾،
    ڪيڏو دونهاٽيل چهرو آهي.
    واءُ وري ٿي واريءَ تي،
    ۽ ٺهي ڊهن ٿا تنهنجا نقش.
    نيڻ نماڻا مرگھ جيان،
    رُڃ سموري تنهنجا عڪس.
    منهنجو من اُجھاميل مچ
    تون دونهين جي لاٽ،
    منهنجا ڳوڙها تنهنجا نيڻ،
    وچ ۾ ڪاري ٻاٽ.
    ڪير ڏسي ٿو تومان مون کي؟
    ڪير ڏسي ٿو مون مان توکي؟
    ڪير سڃاڻي؟ ڪير ٿو ڄاڻي؟
    سڀ ڊهي ويون،
    نقش، لڪيرون ڳوڙهن ۾،
    تون ئي منهنجي آهين جواني
    ڪين رهياسين پوڙهن ۾.


    سانجھي ۽ سمنڊ

    لهندڙ سج جي باهه
    جنهن ۾ سڙي ٿو ڏينهن
    ۽ ڏينهن جا منظر
    اکيون ۽ نظر
    سمنڊ ڪناري ڊوڙيندڙ ٻار
    نارنگي لهرون
    مُهاڻي جو ڄار
    ناريلن جا وڻ
    ڪنارن تي،
    گھونگھا، سپيون، پنڊپهڻ.
    ڪوهيڙي ۾ پري نظر ايندڙ
    وڪڙ ڏئي ويندڙ
    ڪاري جبل ڏي رستو،
    ڪشڪول وجھي ڪنڌ ۾
    راهه ويندڙ رمتو
    جبل ايئن آهن، ڄڻ جھُڙ،
    ۽ اڳيان سمنڊ جي سطح تي
    ڪونجن جو لُڙ.
    رات اڃان لڙي نه آهي،
    روشني سڙي نه آهي.
    گُل شفق جا تون ڇني آ
    عرش ٻري ٿو باهه ۾
    ۽ باهه روشني آهي.


    پناهه

    اي ڪاٺ ڪُٽا
    وڻ ۾ پناهه ڏي،
    اي آکيري جا ڪک!
    مون کي لڪاءِ.
    اي کنڊر جي ڀڳل ڀت،
    پٿر جي عمارت جا ڏار،
    اي جيتَ،
    اي مٽيءَ جا سوراخ،
    ڀل ڳوڙهو هجان،
    اي اک مون کي سماءِ
    اي سُڪل ندي،
    اي سڙيل سپ،
    اي درد جا ڪارا جھُڙَ!
    بُوندُن ۾ پناهه ڏي،
    پاڻي ٿي وهي وڃان
    ڌرتيءَ ۾ سمائجي پوان.


      ننڊ جاڳ جا خواب

    جاڳ ۾
    ننڊ جا خوابَ
    سمهڻ نه ٿا ڏين.
    شل ڏسان
    ننڊ ۾
    جاڳ جا خواب.


    سمنڊ ۽ آسمان

    هيٺ سمنڊ ۾
    آسمان نظر اچي ٿو،
    سمنڊ نيرو آهي
    ۽ مٿي
    آسمان ايئن آهي
    جيئن سمنڊ
    وچ تي ماڻهو
    پاڻيءَ بنا مڇيءَ جيئن
    ڦٿڪي ٿو.


    پيار

    بازار ۾
    ٻوٽيون ۽ لوڻ
    وڪامي ٿو-
    تارازيءَ ۾
    وٽ ساڳيا آهن،
    مُلهه بدلجي ٿو
    هر شيءِ وڪامي ٿي،
    نفرت جو وزن ڳورو آهي
    پر
    پيار توري نه ٿو سگھجي.


    وڪڙ ڏنل پيچرو

    گاههَ مان ويندڙ
    وڪڙ ڏنل پيچرو
    گواهي ڏئي رهيو هيو،
    ”واٽهڙو سڌو هلندو
    ته کُوهه ۾ ڪِرندو.“


    او ٽوٻا!

    سمنڊ ڪناري
    چانڊوڪيءَ ۾
    سج ڳولهين ٿو،
    اهو ته ٻُڏي ويو هاڻي هاڻي
    سمنڊ تري ۾ ڪير ته آهي،
    جيڪو ساهه کڻي ٿو
    وقت ڳڻي ٿو.
    لهرون لهرون سمنڊ هلي ٿو،
    سورج نيٺ ته اڀري ايندو
    ٻڏل من کي ڪير ڳوليندو؟
    جي منهنجي من کي ڳوليندين
    ٽوٻا تون ته ٻُڏي ويندي،
    ڏسي اندر جي اونهائي.


    تندُ وڄي ٿي

    رُوح ۾ آهي ڦاٿل
    يڪتاري جي تَندُ
    وجود جي ميک ۾
    ٽنگيل ڪوئي ساز.
    هوري هل
    اي سرد هوا!
    ڄميل منهنجا ڳوڙها آهن
    هٿ به ڪيڏا پوڙها آهن،
    تندُ وڄي ٿي
    ڄڻ ته ڏڪن ٿا.


      هيءُ اُهو شهر نه آهي

    اي ادل سومرا!
    هيءُ اُهو شهر نه آهي،
    هئي هتي ڪڏهن
    پرينءَ جي پيرَن جي خوشبوءِ-
    گھٽيءَ جي وراڻي وٽ
    هيو هڪ باغ جنهن ۾
    کجين جا وڻ هيا،
    رابيل، گينڊا، رات جي راڻي
    سگھارو بڙ،
    رکيل هيٺ مٽ، ٿڏو پاڻي.
    نه هوائون اُهي، نه هٻڪارون،
    نه پکالي، نه ڇڻڪارون،
    نه وڻجارا، نه وڻڪار،
    سونهن کان خالي،
    ڇو هن شهر جا
    موڪلائي ويا مالهي.
    گھرن ٻاهران چندن جي چوکٽ،
    مهرابي جارن ۾ ٻرندڙ
    ڏيئي جي وٽ،
    ڏسي نيڻ ٿيا آلا
    ويران گاڏي هاتا،
    گئوشالا،
    سنڌوءَ مٿان اُهي واڙيون،
    نارا واهه ۾ ترندڙ آڙيون.
    قم- ڪنول ۽ ڏوڏيون،
    ڪنارن تي پيل ڪوڏيون،
    شايد مان آهيان اجنبي،
    يا شهر آهي ڪو ٻيو.
    هنڌ اهو نه رهيو،
    ”جت ملنداسين“
    هو تو چيو.


    اچو ڪائنات کي قبول ڪيون

    اچو ڪائنات کي قبول ڪيون،
    هيءَ ڌرتي، هيءُ آسمان
    ستارا ۽ سج
    هي هوا،
    باهه، پاڻي ۽ ٻج.
    اوندهه ۽ سوجھرو
    انسان ۽ اُن جو اولڙو.
    غربت ۽ صحبت،
    نفرت ۽ محبت،
    ٻي ڪهڙي دنيا ڳولهيو ٿا؟
    ٻي ڪهڙي ڪائنات؟
    انسان اسان جو نالو آ
    ۽ خدا ذات.


      مان قبرُن جي وچ ۾ آهيان

    مان قبرُن جي وچ ۾ آهيان،
    جت يادُن جا نانگ گھُمن ٿا.
    چانڊوڪيءَ ۾ منهنجي هٿ تي
    ڪي لِيڪن جا نانگ گھُمن ٿا.
    ذهن ۾ منهنجي سج ٻري ٿو،
    ۽ وارن جا نانگ گھُمن ٿا.
    هو ڏس منهنجي سپني اندر
    ڪنهن ڪارنهن جا نانگ گھُمن ٿا.
    شايد مان نه رهيو آهيان
    پر پاڇن جا نانگ گھُمن ٿا.
    اوجاڳيل اکڙين ۾ منهنجي
    ڳاڙهي رنگ جا نانگ گھُمن ٿا.
    رات جي رک ۾ ڪجھ ٽمڪي ٿو
    ڄڻ سپنن جا نانگ گھُمن ٿا.
    مان قبرُن جي وچ ۾ آهيان،
    جت يادُن جا نانگ گھُمن ٿا.


      هيءَ ڪهڙي سردي آهي

    هيءَ ڪهڙي سردي آهي
    آواز ڏڪي ٿو،
    دونهون دونهون
    آليون اکيون
    آليون ڪاٺيون،
    ٽڙڪاٽ ڪري ٿيون باهه ٻرن
    ڪر کڻي ٿا ڪاريهر جيئن
    شعلا لُڏن
    ۽ ڏڪندڙ هٿ
    باهه ڇُهن.


      هلندڙ ريل جي دريءَ مان

    هلندڙ ريل جي دريءَ مان
    ڪو ڀورو بادل
    گڏ پئي هليو پريان
    منهنجي سامهون واري سيٽ تي
    هُن جا هيا وار کُليل
    ڪنهن ڪاري ڪڪر جيان
    هر شيءِ اڳتي وڌي رهي هئي.
    ريل جي لوڏ ۾
    سفر جي ٻوڏ ۾
    هوءَ، مان ۽ ڀورو بادل
    زندگي جهڙي ريل جو
    پراڻو ڪاٺ اڏوهيءَ کاڌل
    هر شيءِ آهستگيءَ سان
    پوئتي سُري رهي هئي
    موت جيان چُري رهي هئي،
    ڌرتي،
    جيڪا ريل هيٺان نڪري رهي آهي.


    عورت

    هُن کي
    ٻه منهن هيا
    هڪڙو روئڻ لاءِ
    ٻيو کلڻ لاءِ،
    هن چپ رهڻ لاءِ
    ٽيون منهن ڳولهيو-
    کيس
    پريان عورت
    نظر آئي


    وڻن جي قطار

    منهنجي
    سوچن جي ملڪيت
    جي آخري حد
    فن جي وشال ٻنين اڳيان
    بُلندين کي ڇُهندڙ
    وڻن جي قطار آهي.


    آڱريون

    آڱريون
    ننڍيون وڏيون
    نه هجن ها ته
    هٿ
    حڪمراني
    ڪيئن ڪري ها؟


    اي بورچي!

    اي بورچي!
    بي حد
    بُکايل جي اڳيان
    اوٻاريل
    نه رکجان
    وات
    ساڙي ويهندو!


    رنگ جي دُڪي

    رنگ جي يڪي
    تاش جو
    بي رنگ بادشاهه
    ماري وڌو.


    رنگ ساز

    ڪيڏو به
    احتياط ڪري
    پر رنگ ساز کي
    رنگ لڳي ويندو آهي.


    هڪ وڳو

    ٻارهين بجي ملياسين
    تون چيو:
    ”اچ زندگيءَ جو سفر
    شروع ڪيون.“
    مون ”ها“ ڪئي
    ۽ پوءِ هڪ وڳو.


    پيچ جي پڪڙ

    ڳالهه جي مضبوطيءَ لاءِ
    ڪڏهن
    وڪڙ ڏئي
    ڳالهائڻو پوندو آهي.
    ڇو جو
    ڪوڪو لڳي ته ويندو آهي
    پر پيچ جي پڪڙ
    پنهنجي آهي.


    ڏيئي جي لاٽ

    ڏيئي جي لاٽ،
    مٿان روشني،
    هيٺان ٻاٽ.


    مون ۾ هُوءَ هئي

    وڻي پئي
    عبادت لاءِ هٿ
    کڻي پئي،
    هُن ۾ خدا هيو
    مون ۾ هوءَ هئي.


    پَڳَ

    حياتي
    پڳ جيان آهي
    ماڻهوءَ جي
    مٿي تي ويڙهيل.
    ڪنهن جي ننڍي
    ڪنهن جي وڏي.
    ڪنهن جي اُجري
    ڪنهن جي ميري.
    ۽اُن جي پاندَ سان
    هر ڪو اُگھي ٿو
    زندگيءَ جا ڳوڙها.


    اڌ چنڊُ

    اڌ چنڊَ جو
    روشن پاسو
    چنڊ سمان
    ۽
    انڌيارو پاسو
    ڄڻ آسمانُ.


    بُکَ

    هُن چيو:
    ”ڪيئن ٿي لڳان؟“
    مون چيو:
    ”هيڊو جسم
    سايون رڳان.“


    ايمپريس مارڪيٽ

    ايمپريس مارڪيٽ اندر
    پڃري ۾ بند
    ڪلهه مون ڏٺا
    اهڙا ڪبوتر
    جن جون اکيون
    ڳاڙهيون هيون.


    تنهنجو اچڻ

    تنهنجي اچڻ کان اڳ
    پاڻ سان هيس.
    تنهنجي اچڻ کان پوءِ
    اڪيلو ٿي ويس.


    تنهنجو هُڳاءُ

    گُلن ۾ نه هئي خوشبوءِ
    خوشبوءِ هئي تنهنجي،
    ڦهليل هر سُوءِ.
    پوءِ جو تون وساريو
    ڪڏهن نه ساريو،
    وقت جو حافظو
    ڪمزور آ ڪيڏو،
    ڦٽ وڃن ٿا مِڙي
    ڪيسين اُداس ڪويل
    ڳائي ڦاڙي نڙي.
    وڇوڙو آهي وڍ جيان
    ۽ اوسيئڙو ڏڍ جيان،
    پوءِ به وقت جي واءُ
    وئي ويڙهي،
    تنهنجو هُڳاءُ،
    هاڻي آهي هر سُوءِ
    گُل ۽ گُلن جي خوشبوءِ.


    ڏُک

    ڏُک
    ڳاڙها زخمي گُل
    وَنڊڻ
    ڄڻ ڇنڻ.
    هڪ ڏينهن ونڊيو
    ٻئي ڏينهن
    ساڳيا ٽڙيل آهن.


    ٻار جو جنازو

    پنهنجي
    ٻار جي
    جنازي پويان
    روئندو پئي آيو
    ڪنهن ٻار
    جيان.


      تنهنجو مون سان پيار نه هيو

    تنهنجو مون سان پيار نه هيو،
    پر هئي ڪا پيار جهڙي شيءِ،
    محبت ۽ نفرت جي ڄار ۾
    اکڙين جي هيرا ڦيري،
    چپڙن جي ڦير ڦار ۾
    ٿورو فرق آهي-
    شايد ڪڏهن هيا انسان
    اسين صداڪار آهيون،
    انسانَ نه آهيون
    انسانن جا اداڪار آهيون.
    پيار ته آهي دل جي ڳوٿل مٽي،
    رنگ رت جو نه رهيو ساڳيو
    ڇو ويو آهي ڦٽي.؟
    پيار ڪا ايجاد نه آهي،
    پيار تجربي گاهه ناهي.
    پيار وهندڙ واههُ آهي،
    نفرتن جي هيڊن ڪنارَن تي،
    پيار سائو گاهه آهي.
    ڪا خبر نه آهي پيارا
    ڪهڙي ٿي سگھي ٿي
    پيار جهڙي شيءِ؟


      سڙندڙ سوچون

    يادُن جي باهه ۾
    سڙن ٿيون سوچون،
    ڳولهيان ان جو چهرو،
    سانت جي سيٽي
    پوهه جو پهرو.
    رات، اوندهه، آواز،
    سپنا پکي،
    ننڊ باز.
    اکيون لڳائن
    ڳوڙها باهه وسائن،
    ڪير ويٺو آ
    چانڊوڪيءَ جي وڻ هيٺان
    ۽ ستارا ٿا ڇڻن ٻور جيان.
    رستن تي اُڏامن ٿا ڪاڳر،
    ڀڳل شيشا، هاريل مڌ.
    اونڌا ساغر،
    ٽانڊا، دونهون، رک.
    هوا مٽي ڪک.
    ڇڏيو رستو صاف ڪيو
    اي يادون مون کي معاف ڪيو.


      ناسي رات

    اُن جي
    اکڙين جيان رات
    ڪيڏي ته آهي
    ناسي.
    اوندهه ۾
    قدمن جي آواز جيان،
    ٿي اچي
    اوٻاسي،
    ۽ رکي رکي رک ۾
    باهه جيان
    ٿي کنگھ مچي.
    ساهه کڻي ٿي دمڪشي
    ۽ ٿو اچي آواز:
    ”شل هو اچي
    شل هو اچي.“


      نفسُ هيو ڪُتو

    ٽاڪ منجھند
    ڪُتو ۽ فقير،
    خشڪ چپ
    پٿر ۽ نير.
    سنسان گھٽي
    لڳندڙ لُڪ
    اُڏندڙ مٽي.
    ڌرتيءَ جي اوڙاهه ۾
    سج سڙي پيو،
    ڪا نه لڙي پيو
    پاڇن جا پيا پيرَ سڙن.
    ۽ هو ساڳي سين هڻن
    آخر ڪوئي در کُليو،
    خير مليو.
    نم جي گھاٽي وڻ هيٺان،
    کائي فقير سُتو
    ڄڻ نفس هيو ڪُتو.


      وڇوڙي جا رنگ

    او پياري!
    هئي رات
    ڪيڏي ڪاري.
    تو سوا
    ۽ صبح جيان نيراڻ،
    هئي جنهن ۾
    وڇوڙي جي ميراڻ.
    هر طرف هيرَ ۾
    ماڪ جي نير ۾،
    هئي شامل
    چهري جي پيلاڻ،
    ۽ ڏينهن جي اڇاڻ ۾،
    هيو ٿڪ، اوٻاسي،
    خماريل شام جا
    جھُڪيل نيڻ ناسي.
    پوءِ سانجھيءَ جي لالاڻ ۾،
    اک جي آلاڻ ۾
    مون ڏٺو
    ڳوڙها بي رنگ هيا.


    گھڙو

    مٽيءَ جو گھڙو
    ساز تي
    وڄندو،
    هڪ ڏينهن
    نيٺ ڀڄندو.


      جبلتن تي....

    جبلتن تي
    جبُر
    سڀ کان وڏو
    صبر.


    ظلم جي زمين

    ظلم جي زمين
    ايڏي ته زرخيز آهي
    جو نفرت جي وَل
    ٿُڪ تي
    ڦُٽندي آهي.


      وانگوگ

    عشق ڪري ٿو توبا
    ڇُهي تنهنجو ڪَنُ.
    هاءِ ڳڙي پيو ڳاڙهي ڳل تان
    سورج مُکيءَ جو هيڊو پَن.
    سُورَن کي ڪو ساز نه آهي،
    ڳوڙهن کي آواز نه آهي.
    رُوح رهي ٿو،
    وقت وَهي ٿو،
    لهُوءَ جيان.
    آهي اڃان به آلي
    سُرخ چپن جي لالي.
    سُڏڪو نه آهي، سڏ نه آهي،
    آهي ڇانيل شانت،
    ويڙهيل آهي ڪاغذ ۾
    ڄڻ ته ڪائي سانت
    سورج مُکيءَ جي.
    اُڀريل اُس ۾
    ڪوئي ڦٽ سُڪي ٿو.
    نوڙي ڏئي ٿو ٿڌيون ڦوڪون
    تنهنجي زخم تي
    سج جھُڪي ٿو.
    مقدر آهي خالي لفافا
    ڪهڙا تحائف؟
    ڪهڙا تحفا؟؟
    ٺاهي سورج مُکي
    ڪيڏو ٿئين دُکي.
    زندگي آهي ڀوڳ
    اي وانگوگ!

    (وانگوگ پنهنجو ڪن ڪٽي لفافي ۾ وجھي، پنهنجي محبوبا کي تحفي ۾ ڏنو هيو.)


    دل

    دل ڇڳل آهي
    سيني ۾،
    ڪوڪن سان
    لڳل آهي.


    گونگي جي ٻولي

    ڀل
    ڳالهائڻ
    اچي نه اچي،
    گونگي جي ٻولي
    ”ڳڙ کائي نچي.“


    اور جي تندُ

    اور جي تندُ
    ڇڏي نه ٿي ڪڏهن،
    ماڻهو ڳنڍيل پوءِ به
    پُورجي ٿي جڏهن.


      تضاد

    تو چيو:
    ”مان ساڳيو آهيان،
    تون تبديل ٿي چُڪو آهين.“
    تنهنجو آواز ساڳيو هيو،
    لفظ بدليل هيا.
    مون چيو:
    ”تون ساڳيو آهين،
    مان تبديل ٿي چُڪو آهيان.“
    منهنجو آواز بدليل هيو
    لفظ ساڳيا هيا.


    يادون

    ٽيپو ٽيپو ٿي
    ڪِرندڙ يادون
    ماڻهوءَ جي مغز ۾
    ٽُنگ ڪري ڇڏينديون آهن.


    انگورن جو رس

    قلم منهنجي ۾
    ڪانهي ڀريل مس،
    ڀريل آهي اُن ۾
    ڪارن انگورن جو رس.


      انسانن جو فصل

    ماڻهوءَ کي مٽيءَ ۾
    پورڻ سان
    انسانن جو فصل
    نه ڦُٽندو آهي.


    چنڊ تڪي ٿو

    اوندهه ڄارو
    ڦاٿل ان ۾ هڪ ستارو،
    ٽم ٽم ٽم ٽم
    ڄڻ ڏڪي ٿو
    ڪوريئڙي جيان
    چنڊ تڪي ٿو.


      ڏيکارو (نئين صنف)

    قبي واري
    قبر ۾
    پوريل هيو
    پير.
    مٿان ڏنل
    مزار کي
    هڪڙو هيو
    چير.
    سم ۾ سُرن جو
    ڇڻيو پئي
    نير.
    ڏاڪڻ وٽ چائنٺ تي
    ويٺل هيو
    فقير.
    ٽوپيءَ وٽ
    تنهن کي
    ٺهيل هيو
    تيرُ.


      ڏيکارو

    ڏور وسي ٿو واديءَ ۾،
    بُوندون بُوندون مينهن.
    تيز هوائون، وڄ وراڪا،
    ڄڻ ته گجي ٿو شينهن.
    ليڪون ليڪون هيٺ ڪرن ٿا،
    ڪنهن جا آهن نيرَ؟
    عرش ڏري ٿو، سهميل ڌرتي،
    ٿا چمڪن ڪنهن جا چيرَ.
    ڌيٻوڙي سان ڌرتيءَ تي
    ڄڻ ته مٿان ڪا وڄ ڪري ٿي،
    پاڳل واءُ گول ڦري ٿي،
    رکي رکي ٿا روشن ٿين،
    ڌرتيءَ جا سڀ لاها چاڙها.
    ساههُ منجھائي ويٺل سهڙ،
    ڪن ڇنڊن ٿا هر هر ڦاڙها.
    ٿل مٿان ٿو جل ڊُڪي
    وڪڙ ڏئي ڪنهن نانگ جيان،
    آهي اهڙي سانگ جيان،
    ڄڻ ٿو مون کي ڄاڻ ڏنگي،
    پاڻيءَ کاڌل اي مڱڻا
    زهر جو پيالو ڪيئن منڱي.


      يحسي

    ڪتي کي
    ڏک ٿيو،
    جڏهن کيس
    خبر پئي
    ته سندس مالڪ
    کيس پيار ڪري
    هٿ ڌوئندو آهي.


    آرو

    اُميدون
    آنن تي
    آرو ڪنديون آهن،
    خواهشون
    ٻچا ڏينديون آهن.


    پناهه

    رب!
    پناهه ڏجان،
    بس
    ٻيو ڪجھ نه ڏجان.


    ٻانگ

    جنهن وقت ملان
    نماز پڙهائي موٽيو،
    ڪڪڙ
    ٻانگ پئي ڏني.


    احساس

    اوچتي چپ
    لُڙ جو
    احساس
    هوندي آهي.


    خواب، انسان ۽ ننڊ

    خواب،
    انسان ۽
    ننڊ،
    ٽئي هڪ ٻئي کي
    ڳولهي نه سگھيا.
    انسان
    خوابن پويان
    پئي ڊوڙيو،
    ۽ ننڊ انسانَ پويان.
    انسان
    ٿڪجي بيهي رهيو،
    ۽ ٿڪيل خواب
    ننڊ جي چوکٽ تي
    ڄڀ ڪڍي
    سهڪڻ لڳا.


    ڏک

    ڏک
    ڪاري ڪڪر
    جيان آهي،
    روئڻ ۾ آهي
    مينهن جي
    خوشبوءِ.


    سرڪش ڏُک

    ڏک اهڙو ٻوٽو آهي،
    جنهن جا گُل
    ڇنڻ سان
    گھاٽا ٿين ٿا.


    زندگي

    زندگي
    موت جي
    ماءُ آهي.
    هڪ
    ناراض شخص
    زندگيءَ کان
    بدلو وٺڻ لاءِ
    خودڪشي ڪري
    سندس
    پُٽ کي ماري وڌو.


      سلسلو

    شايد
    هتان هلي ٿو؟
    هُتِ کُٽي ٿو؟
    ڪٿِ ٽُٽي ٿو؟
    ڪٿِ ملي ٿو؟
    بندو سوچي ٿو،
    خدا کِلي ٿو.


    پاڇو

    سج
    اڀرڻ سان
    منهنجو پاڇو
    وجود جي ڳولها ۾
    شهر ويو-
    گھٽين ۾ رُليو،
    سج لهڻ کان پوءِ
    مون کي ڳولهيندو
    واپس پهتو.
    مان
    پاڇي ۾
    تبديل ٿي چُڪو هوس.


    تنهنجي ٻاڙَ

    تنهنجي ٻاڙَ
    دُکي ٿي دل ۾
    سگريٽ جيان.
    اڪيلائي
    ڏاڍي بُري عادت آهي.


    انب جو وڻ

    ڪنهن اَڻ مُندائتو
    پٿر کڻي
    انب جي وڻ کي وَهائي ڪڍيو
    لڙڪندڙ پن چيو:
    ”انتظار!
    پٿرن جي موسم پري آهي.“


    محبوبا

    اي موڪلائي ويل
    محبوبا!
    مينهن ۾
    تنهنجي ويجھڙائپ
    وڌي ويندي آهي.
    جھُڙ بنا
    آسمان ڏاڍو پري آهي.


    مٿي جي خارش

    مٿي ۾ خارش ٿئي
    ته ماڻهو
    ٻئي جو مٿو نه کنهندو آهي.
    ايئن ڪرڻ سان
    هو سڄي زندگي
    پنهنجو مٿو
    ڳولهيندو رهندو.


    شارٽ ڪٽ

    هُن شارٽ ڪٽ پڇيو،
    ڪنهن کيس
    رستي جي ايڏي وضاحت ڪئي
    جو هن جا همسفر
    تنهن وقت تائين
    ڊگھي رستي کان ٿيندا
    وڃي منزل کي پهتا.


    ماءُ

    مان
    جنهن پلنگ تي
    سمهندو آهيان،
    ان تي
    منهنجي ماءُ جو
    موت واقع ٿيو.
    ڪمبل،
    ماءُ جي ٻانهن جهڙو
    گرم آهي،
    ۽ وهاڻو
    اُن جي دل جهڙو نرم.
    سمهڻ کان پوءِ
    اُها مون کي
    خوابن ۾
    دُعائون ڏيڻ ايندي آهي.


    نفي

    ڊرامي جي آخري سِين ۾
    هڪ ايڪسٽرا اداڪار جيئن
    مان اُن گھڙيءَ جو
    انتظار ڪري رهيو آهيان،
    جڏهن
    اسٽيج تي اچي چوندس:
    ”تون ڊرامي جي پهرئين سِين ۾
    جيڪي ڪجھ چيو،
    ان جي نفي ڪندي چوان ٿو ته
    ”تنهنجي چوڻ کان اڳ
    اهو سڀ
    مان پهريون ئي
    چئي چڪو هيس.“


    سڃاڻ

    تون منهنجي اڳيان آهين
    ۽ روشني پويان،
    شايد
    تون مون کي سڃاڻي نه سگھين!
    جڏهن روشني تو پويان هوندي،
    شايد
    مان توکي سڃاڻي نه سگھان!!
    سڃاڻڻ لاءِ
    روشني ضروري ته نه آهي.


    نيپيئر جي وئشيا

    نيپيئر جي
    هڪ وئشيا
    ستر راتين مان
    هڪ رات
    خيرات ۾ ڏيندي آهي.
    کيس پڪ آهي-
    هڪ رات عيوض
    ستر راتين جو
    گناهه بخشيو ويندو.


    بگيءَ وارو

    وئشالي ڀرسان رهندڙ
    بگيءَ وارو
    جڏهن
    زال سان وڙهندو آهي،
    ٻاهر نڪري
    گھوڙي جي منهن تي
    پيار سان
    هٿ ڦيريندو آهي.


      حاجي

    هُو حج کان پوءِ
    ڪيڏو بدلجي چُڪو آهي،
    سندس چهرو
    غلاف جهڙو
    ۽ دل حجراسود آهي.


    جراثيم

    پيارُ
    پُراسرار بيماري آهي
    ۽ پيار جي افواهه
    جراثيم جيان
    ڦهلجي ٿو.


    تجسُسُ

    هُو
    هُن کي
    ڪڏهن ڏسي نه سگهيو.
    جڏهن
    ٻار هئي هن جو چهرو
    معصوميت سان ڍڪيل هيو
    جڏهن جوان ٿي
    پردي سان ڍڪيل هيو،
    جڏهن پوڙهي ٿي
    گھنجن سان ڍڪيل هيو.


    آسيب

    جيڪي نظر اچي
    غيب آهي،
    جيڪي ڍڪيل هجي
    عيب آهي،
    جيڪو وچڙي
    پيار جيان
    اُهو آسيب آهي.


    رات کُٽي ٿي

    اکيون
    نظر جو
    ٻج ته آهن.
    ڳوڙها ڳوڙها
    پاڻي پاڻي
    ريج اچي ٿو
    نظر ڦُٽي ٿي
    رات کُٽي ٿي.


      دوست

    جنهن ڏينهن ڄايو
    هن سان گڏ
    هڪ دشمن ڄايو
    هڪ دوست.
    سڄي حياتي
    اُهي وڙهندا رهيا-
    دوست دشمن کي مات ڏني
    ته هو جيئرو رهيو-
    جڏهن دشمن دوست کي
    مات ڏني
    هُو مري ويو.


    آزادي

    هُو آزاد آهي،
    يا مان؟
    هُو قيد آهي
    يا مان؟؟
    بند دروازي جي
    چاٻيءَ واري سوراخ مان
    مون ڏٺو
    اک پي نظر آئي.


      سمنڊ جو انت

    اچ!
    سمنڊ جو
    انت ڳولهيون،
    جتي
    دنيا آهي.


    وڻ جو پاڇو

    هُو نه سهڻو هيو
    نه ڪوجھو-
    نه ڊگھو هيو
    نه ڊينڊو،
    نه ٿُلهو هيو
    نه سنهو،
    هُو وڻ هيٺان بيٺل
    وڻ جو پاڇو ئي ته هيو.


    ڪوڙو خوابُ

    جڏهن اڻ ڏٺل چهرو
    خواب ۾ اچي
    ۽ ساڳيو چهرو
    سُجاڳيءَ ۾ اچي،
    ته خواب
    ڪوڙو ٿي پوندو آهي.


    آڪاشواڻا

    هڪ رات
    کيس آواز آيو:
    ”وات کول
    اکيون بند ڪر.“
    هُن ايئن ڪيو.
    ٻئيءَ رات
    کيس آواز آيو:
    ”وات بند ڪر
    اکيون کول.“
    هُن ايئن ڪيو.
    ٽئينءَ رات
    کيس آواز آيو:
    ”هٿ بند ڪر
    ڪن کول.“
    هن ايئن ڪيو.
    چوٿينءَ رات
    کيس آواز آيو:
    ”هٿ کول
    ڪن بند ڪر.“
    هُن هٿ کوليا
    ۽ ڪنن کي ڏئي ڇڏيا،
    پوءِ کيس ڪو به آواز نه آيو.


      وايون بتال

    مُلڪ جي بادشاهه کي
    هڪ کان سواءِ
    سڀني جي خبر هئي،
    وري مُلڪ م
    هڪ کان سواءِ
    ڪنهن کي
    بادشاهه جي خبر نه هئي.
    جنهن کي
    بادشاهه جي خبر نه آهي
    ان جي
    مون کي خبر آهي،
    پر
    جنهن کي
    منهنجي خبر نه آهي
    اُهو تون آهين.


    بازُ

    آسمان ۾ باز
    اوچائيءَ تي
    اُڏامي رهيو هيو،
    ۽ هيٺ پکي جيئن
    سندس کنڀن ۾ ٻڌل هيا.


    وڏو ماڻهو

    هُو ايڏو ته
    وڏو ماڻهو ٿي ويو
    جو هڪ ڏينهن
    هن پنهنجي ڪُلهي تي چڙهي
    آپگھات ڪيو.


    غلطي

    غلطيءَ سان
    فوني جي چاٻي
    گھڙيال کي اچي وئي،
    گھڙيال
    مستقبل جي
    خوشيءَ جو گيت ٻُڌايو
    ۽
    گھڙيال جي چاٻي
    فوني کي اچي وئي،
    ۽ فوني
    ماضيءَ جو
    دُکدائڪ وقت ٻُڌايو.


    ستون رنگ

    آسمان جو رنگ
    منهنجو ستون رنگ آهي
    باقي ڇهه رنگ
    منهنجا مِٽيءَ ۾
    ملي چُڪا آهن.


    لالٽين

    لالٽين
    يادُن جي دونهين ۾
    ڪارو ٿي چُڪو آهي.
    ميڻ بتيءَ جو شعلو
    ڳوڙهي جي
    قطري جهڙو آهي،
    بلب نرڄو
    جهڙو آهي
    تهڙو ناهي.


    ٽيڙو

    وڏڦُڙو وسڪار
    ننگر مِٺيءَ راهه تي
    ڪرهن جي قطار.

    سيءَ ۾ ڏڪي پيو
    پوڙهو ٿڌي پاڻيءَ سان
    گوري ڦڪي پيو.

    مينهن وسي پيو،
    ڇٽيءَ هيٺان ڇوڪري،
    مرد ڏڪي پيو.

    ڇوڙي پنهنجا وار،
    مُڙس کان ڪاوڙجي
    سمهي پئي ڌار.

    ويو پَئي تِکو
    اوچتو رُڪجي روڊ تي
    کيائين سِڪو.

    ٻليءَ کان ڇِرڪي،
    ناريءَ مڇي هٿ ۾،
    لوڻ پَئي ٻُرڪي.

    مينديءَ رتڙا،
    هٿ ۽ پيرَ ڪنوار جا،
    لڳن پتڪڙا.

    جاءِ ڀڳل،
    ٻاهران شاعر نانءَ جي
    تختي لڳل.

    سامهون بتيلا،
    مندر، ٻائو، مورتي،
    اندر اڪيلا.


      ڪمرو

    ٻارنهن باءِ اٺ
    اولهه واري ڪُنڊ ۾،
    پيل پُراڻي کٽ.
    اُن تي وڇايل
    ٽڪ ڀريل
    آهي پُراڻي رلي
    مٿان لڳل ڪلي،
    لڙڪندڙ ليڙون قميص،
    زخمي پينٽ
    ڄڻ صليب تي لٽڪيل آئون،
    تو ۾ اٽڪيل آئون.
    ٻري ٿو ايئن سيور
    ڄڻ ڦهليل
    روشنيءَ جو سينور.
    ڀت کي تيڪ ڏئي
    سوچن ٿيون بانهون کولي
    ٻه اُداس ڪُرسيون،
    ويهندا هيا سڄڻ هتي،
    ٿينديون هيون ڪچهريون.


      وقت

    گھڙيال در مٿان لڳل
    وچ تي چير
    شيشو ڀڳل.
    منهنجي دل سان رِيس ڪري ٿو،
    وقت ڪيڏا ڪِيس ڪري ٿو.
    منهنجو من،
    ريڪ تي رکيل خالي ماچيس،
    سڀ حسرتون سڙي ويون
    سڀ تيليون ٻري ويون.
    ٽيبل جي خاني ۾
    هڪ مُئل ميڻ بتي
    جيڪا اُن خواهش ۾ ورتي،
    ته ڪڏهن آسمان تي چمڪندي
    اُميدُن جي ڪتي.
    ڪٻٽ جو هڪ خانو
    ڀريل آهي دوائن سان،
    ٻيو خالي خانو ڀرڻ چاهيان ٿو
    تنهنجي دُعائن سان
    وقت لنگھي ٿو
    اُتر واري دريءَ مان
    پيرن ۾ پائي
    منهنجو بوٽ چورائي.


      ريگستان

    منزل جي ڳولها ۾
    ڪنهن اڻ کُٽ ڪوهستان کان پوءِ
    ڪو در نظر آيو-
    مون اڳتي وڌي در کوليو،
    ٻئي پاسي
    اڻ کُٽ ريگستان هيو.


    هڪ سوال

    هُو پُڇي ٿو
    ”اي عاشق!
    سيني اندر ڪٿي آهي دل
    ڇا کٻي آهي
    يا سڄي آهي؟“
    مان سوچيان ٿو
    ”اي مسافر
    سيني اندر
    دل ڪٿي هوندي آهي!“


    وڃايل پکي

    شهر ۾
    وڃائجي ويل پکيءَ
    ماڻهوءَ کان
    جھنگ جو رستو پُڇيو
    ماڻهوءَ چيو:
    ”اي پکي!
    شهر کان وڏو جھنگ
    ڪهڙو آهي؟“


    انتظار

    رات
    چنڊ ستارن هيٺان
    سمهي،
    مون خواب ۾
    ننڊ جو
    انتظار ڪيو.


    پِتي جي ڪڙاڻ

    اُهو مهاڻو
    ڪهڙو مهاڻو؟
    جنهن کان
    مڇي صاف ڪندي،
    پتي جي ڪڙاڻ
    رهجي وڃي.


    پاڇي جي ڄر

    اُس تيز هئي
    وڻ سڙيو پئي
    هيٺان
    پاڇي جي ڄر ۾
    ماڻهو ڪڙهيو پئي.


    موڪلاڻي

    ڇاتيءَ تي رکي ڪنڌ
    جڏهن تو موڪلايو
    سيني تي رهجي ويا
    وارن جهڙا
    سنها چيرَ.


    پاڙون

    نم چيو:
    ”محنت ڪش پاڙون
    ڌرتيءَ ۾
    کُتل هونديون آهن.“

    بڙ چيو:
    ”بُکايل پاڙون
    هوا ۾ لڙڪي
    ڌرتي ڳولهينديون آهن.“

    بي پاڙي ول چيو:
    ”استحصالي پاڙون
    وجودَن کي ويڙهي
    رت چوسينديون آهن.“

    مني پلانٽ چيو:
    سرمائيدار پاڙون
    ڌرتيءَ ۾ نه، بيٺل پاڻيءَ ۾
    جنم وٺنديون آهن.“


      کوٽا سڪا

    سکر بکر جي ڀر ۾
    ٽي شهر
    ٻه برباد
    ٽئين ۾ ڪو هيو ئي ڪو نه-

    جتي ڪو هيو ئي ڪو نه
    اُتي هيا ٽي شاعر
    ٻه گُونگا
    ٽئين ڳالهايو ئي ڪو نه.

    جنهن ڳالهايو ئي ڪو نه
    اُن ٻُڌايا ٽي نثري نظم
    ٻه ڏُکيا
    ٽيون سمجھيو ئي ڪو نه.

    جيڪو سمجھيو ئي ڪو نه
    شايع ٿيو رسالي ۾،
    ٻن وڪيو
    ٽئين پڙهيو ئي ڪو نه.

    جنهن پڙهيو ئي ڪو نه
    اُن ڏنا ٽي سڪا،
    ٻه کوٽا
    ٽيون هليو ئي ڪو نه.


    چار سِٽون

    پياري!
    تو ڏانهن چٺي لکڻي هئي،
    سوچيم:
    لکڻ کان اڳ مشق ڪيان-
    جيئن
    چار سٽون چڱيون لکي سگھان.
    مون مشق ڪئي،
    ۽ لوڪ ٿو چوي:
    ”تون ٽي ناول، شاعري ۽
    ڪئي ڪهاڻين جا ڪتاب لکيا آهن.“
    پر
    تو ڏانهن چئن سٽن لکڻ جي
    مشق جاري آهي-
    شل
    چار سٽون چڱيون لکي سگھان.


      ڪتي جو نسل

    منهنجي
    پاليل ڪتي جو
    ستون نسل
    جوان ٿي چُڪو آهي-
    اُن جا ڪَنَ
    پهرئين نسل جا
    اکيون ٻئي نسل جون
    ڏند ٽئين نسل جا
    نڪ چوٿين نسل جو
    ڄنگھون پنجين نسل جون
    وات ڇهين نسل جو آهي.
    اهو نسل در نسل
    ڪتو آهي.


    شيطان

    مون سڄي زندگي
    شيطان جو تعاقب ڪيو.
    اُهو ڪنڌ ورائي
    ڏسي ها ته
    فرشتو ٿي پوي ها،
    ۽ مان خدا.


      مهربان

    رب
    ڪيڏو مهربان آهي جو
    ڏک، درد،
    الميا، هاڃان،
    بُک، بدحالي،
    نفرتون، حادثا،
    بغير گھُرَڻ جي ڏئي ٿو.


    اي ڪاسائي

    اي ڪاسائي
    جگر چيريندي
    پتي جو خيال ڪجانءِ-
    ان جو ڦاٽڻ
    تنهنجي فائدي ۾ ناهي.


    بيوقوف

    بيوقوفُ
    عقل هوڙ سان
    مغز ئي کائي سگھي ٿو.


    وڇوڙو

    تنهنجي سرمستيءَ ۾
    شامل ٿيڻ لئي
    سڄي واٽ
    پاڻ کي گھليندو
    تنهنجي در آيو آهيان.
    سنڀال!
    وڇوڙو پويان سڏي ٿو.


    مُدافعت

    ارتقا مدافعت جو
    ردِ عمل آهي.
    نسلن جو آواگُون آهي.
    وجود جو انقلاب،
    عضوَن جي
    تبديليءَ جي رُونمائي.
    هڪ جدوجهد جيڪا
    بقا فراهم ڪري ٿي،
    پر شايد!
    جذبن حالتن سان
    مفاهمت ڪئي آهي.
    مُدتن کان ڀوڳنائن ۾
    خبر نه آهي ڇو
    ڳوڙها سُڪن ئي ڪو نه ٿا.


      عشق جي عدالت

    مان مُدعي
    حسن جو دعويدار آهيان.
    تنهنجي
    وجود جي موجودگيءَ جو
    گواهه آهيان.
    اي منصف!
    پيار جي ضمانت
    قبول ڪر ۽
    محبت جي سزا ڏي
    جيئن
    خوف کان آزاد ٿي سگھان.


    قسمت جي لڪير

    هٿَ تريءَ تي
    ٿوهر جي ڪنڊي جي رهڙ کي
    نجوميءَ
    قسمت جي لڪير سمجھي چيو:
    هڪ ڏينهن گلابن جا گُل پٽيندين.“


      غربت

    ڪنهن چور جيان
    ٽيڏي اک ڪري
    تنهنجي غربت ڏي نهاريان ٿو.
    خوف ٿئي ٿو،
    تنهنجي
    عزتِ نفس کي متاثر ڪندي
    ضمير هٿان
    پڪڙجي نه پوان.


    ٻڌل پير

    گھڻي دير کان
    ٻانهون ٻڌي
    تنهنجو انتظار ڪري رهيو هيس.
    تون آئين ۽
    هٿ ٻڌي چيو:
    ”معاف ڪجانءِ
    زماني منهنجا پير ٻڌي ڇڏيا هيا.“


      روز گار

    روز روز
    روزگار گھُران ٿو-
    بدلي ۾
    روز گار ڏئين ٿو.
    چوين ٿو:
    ”غريبن دنيا کي گندو ڪيو آهي.”
    پر سچ ته اهو آهي
    نابرابريءَ جي طبقاتي سماج ۾
    امير ۽ غربت جي
    ڪرفٽيءَ جو مقدار به سا ڳيو نه آهي.


    اي عشق

    اي عشق!
    تنهنجي حسن جي تاب کان
    ايڏو ڊنل آهيان
    جو
    پاڻ ۾ لڪيل آهيان.


    درد جو راز

    درد جو راز
    دل اندر دفن هيو،
    ڪنهن کي
    خبر پوي ها!
    جي ڳوڙها وَهي
    غداري نه ڪن ها.


    اي مسافر

    اي مسافر!
    جبل جي چوٽيءَ ڏي
    جيڪو رستو آهي،
    اُهو ئي لاهي آهي،
    اُهو ئي چاڙهي آهي.


    سچ ۽ ڪوڙ

    اسين
    غلطيءَ سان سچ ڳالهائيندا آهيون ۽
    ايمانداريءَ سان ڪوڙ.
    ڪڏهن غلطيءَ سان
    ايمانداري ڪري وجھون ته
    ڪوڙ سچ ٿي سگھي ٿو.


    سبب

    سبب، سب لاءِ ئي هوندو آهي-
    سڀ کان پهريون
    بي سبب
    هڪ سبب پيدا ٿيو،
    سبب ۾ سئو سوال هيا
    ۽ سوال ۾ هزارين سوال.
    هر سوال جو جواب
    وري هڪ سبب هئو-
    جڏهن سوال ختم ٿي ويندا
    ته رهجي ويل
    جوابن جو وجود
    بي سبب ٿي ويندو.


    اوندهه جو خوف

    اوندهه جي خوف کان
    سڀ در بند ڪري،
    ڪمرو،
    منهنجيءَ ڪُنڊ ۾
    لڪيل هيو.


    دل جو پهريون حرف

    درد جو غلام آهيان
    ان جي در جو نوڪر-
    درد جي حڪم تي
    دل اندر خوشي ٿئي ٿي،
    مان درد جو در آهيان
    ۽ ”د“
    دل جو پهريون حرف.


    حسرت

    ايڏو شفاف آهين.
    تنهنجي وجود مان
    نظرون پار ٿي
    چنڊ تي پون ٿيون-
    پر چنڊ ڏسڻ
    منهنجي حسرت نه هئي.


    ڌرتيءَ جو ڏوهه

    سٺو ٿيو ڪنڌ هيٺ هيو،
    ڌرتي ڏسي رهيو هيس-
    مٿي هجي ها ته
    ڌوڙ جو ننگو ناچ ڏسي
    ڌرتيءَ کي ڏوهه ڏيان ها.


    اي آمر!

    اي آمر!
    حڪم ڏي
    مُنڊي لاهي
    تنهنجيءَ تي رکان.


    نقطو

    ”دل“ ۾
    ڀل نقطو نه هجي،
    پر دل ”جسم“ جو
    واحد نقطو آهي.


    سچ ۽ ڪوڙ

    افسوس
    تو ڏانهن ايندي ايندي
    سنڀاليندي سنڀاليندي
    اکيون ڪٿ ڪري پيون،
    ڪا خبر نه هئي.
    دل ڦاٽل آهي.


    مُلڪن جي ترقي

    مُلڪن جي
    ترقيءَ جو گراف
    اهڙي ڏاڪڻ آهي،
    جنهن تي قومون چڙهي
    ٻئي پاسي ڪرن ٿيون.


    خيال

    اهڙو خيال آهيان
    جيڪو تنهنجي
    وارن جيان ويڙهجي
    اڱڻ جي ڀت ۾
    ڪنهن سوراخ اندر
    لڪيل آهيان.


    فطرت

    فطرت
    ساهه واري سان صلاح ڪري
    تبديل ٿئي ٿي.
    ساهه وارو صلاح قبول ڪندي
    فطرت ٿي پوي ٿو.


      چهري جا گھُنج

    وقت سر وقت
    وقت جا ننهن
    ڪٽيندو اچي ها!
    ته چهري تي اڄ
    رانڀوٽن جا نشان
    ڇو ڏسين هان؟


    انسان جو ڏنگ

    نانگُ زبان ڏيکاري
    ڏندن سان ڏنگيو-
    انسان! ڏند ڏيکاري
    زبان سان ڏنگيو.


    سڪي جا ٻه پاسا

    سڪي جا
    ٻه پاسا
    هڪ تي ليڊر
    ٻئي تي مُلهه.


    وڄ ڪري

    وڄ ڪري
    سڀ سڙي ويو
    ڇڙو هڪ وهاڻو
    بچي ويو-
    جنهن تي هُوءَ
    ڳوڙها ڳاڙيندي هئي،
    سُڏڪا ڀري
    روئندي هئي.


    غلطي

    اي خدا!
    حياتيءَ ڏي
    زندگيءَ جون غلطيون
    درست ڪيان.
    شل دُعا قبول پوي،
    امر ٿي ويندس،
    ڇو جو
    زندگي پاڻ
    غلطي آهي.


    ماڪوڙا

    ماڪوڙا
    ڪاري يونيفارم ۾
    قطار ڪيون
    فوجين جيا ٿي ويا،
    پر
    لانگ بوٽن کان
    پئي ڇرڪيا.


    ڏاند

    ڏاند
    چار ڏينهن
    مالهه ۾ ڦريو،
    پوءِ
    ڏيڏر جي چوڻ تي
    کُوهه ۾ ڪريو.


    ڪاوڙ

    ڪاوڙ
    گھُٽو ڏئي
    ساهه ڪڍي ڇڏيو-
    ڪوڙ چيو:
    ”مان جيئرو آهيان.“


    غربت جو احساس

    ڦاٽل لٽن هيٺان
    غربت جي احساس کان
    جسم
    ڪيڏو گرم آهي!


    ڪاغذ جو ٽڪرو

    تڪڙ ۾ هٿ آيل
    ڪاغذ جي ٽُڪري تي،
    مون لکيو:
    ”وقت نه آهي،
    اي هوا!
    خيال ڪجانءِ.“


    تو بن ۽ تو سان

    تو بن هڪ رات
    پنجاهه سالن تي
    مشتمل آهي!
    توسان گڏ
    پنجاهه سال
    هڪ رات برابر آهن-
    منهنجي جواني
    ۽ پوڙهائپ جو مالڪ
    تون آهين.


    اي زندگي!

    اي زندگي!
    حياتيءَ جي سرد صبح جو
    وقت جي منهن تان
    ڪمبل آهستي سورِ-
    مان هڪ رات ۾
    ستر سالن جو ٿي چُڪو آهيان.


    خدا جي تارازي

    خدا جي تارازيءَ جا
    ٻه پُڙ،
    مظلوم جا
    هٿ ئي ته آهن.


    اديب جو ڪتاب

    عظيم اديبَ
    .......... جو ڪتاب پڙهي
    سوچي، مُٺ بند ڪري
    مٿان رکيم.
    بند مُٺ جون چار آڱريون
    عجب جون نشانيون هيون،
    ۽ مُٺ ۾ بند آڱوٺو هيو.


    ڌرتيءَ جو ڪنارو

    اي! وارثيءَ جي
    ورهاست ڪندڙ
    موروثي اثاثن جا مالڪ،
    حسن جي جاگير ۽
    عشق جا دائي،
    ياد رک-
    اسان جي ميراث
    الڳ نه آهي،
    ڇو جو
    جيڪو سمنڊ جو ڪنارو آهي
    اُهو ئي ڌرتيءَ جو ڪنارو آهي.


    بُت

    دهريي
    بُت ٺاهيو،
    ۽ چيو:
    ”بُت ڏسي يقين ڪيو
    خدا ڪونهي.“


    ڏائڻين جو ميلو

    اُٿ فقير!
    تنهنجي در تي
    ڏائڻين جو ميلو آهي.
    در کول،
    تنهنجي سونَ جهڙي دل
    ڪير چٻاڙي سگھندو؟


    تاريخ

    تاريخ ۾
    ڪڏهن ڪو
    انسان پيدا ٿيو
    ۽ اسين
    ان انسان جي
    اداڪاري ڪندي
    جيئون ٿا.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 831
    ڪتابن جو مشاهدو: 2057894
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 537190
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ