ڪتاب جو نالو: رسول ميمڻ (پوپٽ نمبر)
مصنف: مختلف ليکڪ
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ـــ سنڌ
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 24 سيپٽمبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 654 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 93 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي شخصيت تي پوپٽ پبلشنگ ھائوس خيرپور پاران 2017ع ۾ ڇپايل پوپٽ نمبر آھي. امر اقبال لکي ٿو:
”رسول ميمڻ اهو منفرد ڪهاڻيڪار آهي، جنهن سنڌيءَ ۾ سريئلسٽڪ۽ سمبالڪ انداز ۾ ڪهاڻي لکڻ جا پُختا بُنياد وڌا ۽ جادوئي حقيقت نگاريءَ واري رستي تي سفر ڪندي، نه صرف پنهنجي الڳ ۽ مٿاهين سڃاڻپ پيدا ڪئي پر سنڌي ڪهاڻيءَ کي پڻ “شروعات، وچ ۽ پُڄاڻيءَ” واري روايتي رستي کان ڌار ڪيو، سندس انوکي اظهار جو ڪمال چئجي، جو ڪيئي سال اڳ سندس تخليقي سفر جي شروعاتي سالن ۾ ئي امر جليل جهڙي سنڌي ٻوليءَ جي مقبول ترين ڪهاڻيڪار سندس غير روايتي اظهار تي خوشي ۽ حيرت جو اظهار ڪيو. “
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • اداري پاران: اکرن منجهه آواز
  • ڏات ڌڻي پاران: ڪهاڻي ڌرتيءَ مان ڦُٽي ٿي
  • ساروڻيون: يادن جو البم-9 (ادل سومرو)
  • شال جواني ماڻي! (فتاح ملڪ) 1977ع
  • جيوَن جهلڪ
  • اڀياس: امن جي نالي (رشيد ڀٽي)
  • اڀياس: ڪافر ديوتا (امر جليل)
  • اڀياس: چچريل زندگين جا قافلا (رشيد ڀٽي)
  • اڀياس: رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون (ممتاز مهر )
  • اڀياس: تخليقي ادب جو معجزو (امر جليل)
  • اڀياس: هڪ سگهارو سرجڻهار (منير سولنگي)
  • تاثر: اوشا جي آشا (بيدل مسرور)
  • تاثر: تخليقي سفر (ادل سومرو)
  • اڀياس: سريئلسٽڪ ڪهاڻيڪار (خليق ٻگهيو)
  • اڀياس: اونچي اُڏام (ممتاز بخاري)
  • خوشيءَ جي ڳولها (ڊاڪٽر موهن بسنتاڻي)
  • تاثر: ساڌ ٻيلي جو ديوتا (آدرش)
  • نظم: مورن جا کنڀ (ادل سومرو)
  • تاثر: سنڌي ڪهاڻيءَ جو پروميٿيس (حبيب ساجد)
  • تاثر: آرٽسٽ نظر (اياز گُل)
  • علامتي ڪهاڻيڪار: ابراهيم کرل
  • متحرڪ ڪهاڻيڪار : فرزانه شاهين
  • ڄاڻ جو اسٽور هائوس : قدير انصاري
  • نجومي: هڪ شاهڪار ناول (رحمت پيرزادو)
  • رسول ميمڻ جا ناولَ : شوڪت حسين شورو
  • عالمي شعور رکندڙ ڪهاڻيڪار : حبدار سولنگي
  • زندگيءَ جا عڪس : آدرش
  • منفرد : منظور لاڙڪ
  • سنڌي ڪهاڻي ۽ رسول ميمڻ : بهادر ٽالپر
  • سڃاڻ : ضمير لاشاري
  • فِڪشن رائٽر : خالد بروهي
  • قلم جي حرمت جو پاسدار ڪهاڻيڪار: بشير منگي
  • غير معمولي ڪتاب : قربان منگي
  • فن جي مڃتا ؛سعيد منگي
  • روشن ستارو: خواجه ذوالفقار
  • ڪهاڻيءَ جو ڪاريگر : سجاد مهر
  • جينيئس ليکڪ: احمد شاڪر
  • وجداني ڪهاڻيڪار: محمد دين راڄڙي
  • لکڻيءَ جي سحر ۾... : امر اقبال
  • منفرد ڪهاڻيڪار : پرهه ابڙو

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : ٽماهي پوپٽ رسول ميمڻ نمبر
    ترتيب : امر اقبال
    ڇپائيندڙ : پوپٽ پبلشنگ هائوس-2017ع
    ڪمپوزنگ : خادم حسين جروار
    ڇپائيندڙ : ڊجيٽل پبلشنگ هائوس
    ٽنڊوالهيار



    Rasool Memon (Popat number)

    Book : Quartertly “Popat”
    (Rasool Memon Number)
    1st Edition : Popat Publishing House
    Khairpur-2017
    Composed by : Khadim Hussain jarwar
    Published by : Digital Publishing House
    Tando Allahyar

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”رسول ميمڻ (پوپٽ نمبر)“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي شخصيت تي پوپٽ پبلشنگ ھائوس خيرپور پاران 2017ع ۾ ڇپايل پوپٽ نمبر آھي. امر اقبال لکي ٿو:
    ”رسول ميمڻ اهو منفرد ڪهاڻيڪار آهي، جنهن سنڌيءَ ۾ سريئلسٽڪ۽ سمبالڪ انداز ۾ ڪهاڻي لکڻ جا پُختا بُنياد وڌا ۽ جادوئي حقيقت نگاريءَ واري رستي تي سفر ڪندي، نه صرف پنهنجي الڳ ۽ مٿاهين سڃاڻپ پيدا ڪئي پر سنڌي ڪهاڻيءَ کي پڻ “شروعات، وچ ۽ پُڄاڻيءَ” واري روايتي رستي کان ڌار ڪيو، سندس انوکي اظهار جو ڪمال چئجي، جو ڪيئي سال اڳ سندس تخليقي سفر جي شروعاتي سالن ۾ ئي امر جليل جهڙي سنڌي ٻوليءَ جي مقبول ترين ڪهاڻيڪار سندس غير روايتي اظهار تي خوشي ۽ حيرت جو اظهار ڪيو. “
    ٿورائتا آهيون سائين رسول ميمڻ جا جنهن ھن رسالي کي نئين سر ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    اُن ڀِت جي نالي
    جنهن کي ٽيڪ ڏئي
    لکندو آهيان.


    اداري پاران: اکرن منجهه آواز

    رسول ميمڻ اهو منفرد ڪهاڻيڪار آهي، جنهن سنڌيءَ ۾ سريئلسٽڪ۽ سمبالڪ انداز ۾ ڪهاڻي لکڻ جا پُختا بُنياد وڌا ۽ جادوئي حقيقت نگاريءَ واري رستي تي سفر ڪندي، نه صرف پنهنجي الڳ ۽ مٿاهين سڃاڻپ پيدا ڪئي پر سنڌي ڪهاڻيءَ کي پڻ ”شروعات، وچ ۽ پُڄاڻيءَ“ واري روايتي رستي کان ڌار ڪيو، سندس انوکي اظهار جو ڪمال چئجي، جو ڪيئي سال اڳ سندس تخليقي سفر جي شروعاتي سالن ۾ ئي امر جليل جهڙي سنڌي ٻوليءَ جي مقبول ترين ڪهاڻيڪار سندس غير روايتي اظهار تي خوشي ۽ حيرت جو اظهار ڪيو.
    اڄ اسان فخر سان چئي سگهون ٿا ته رسول ميمڻ جو گهڻ پاسائون، تخليقي ڪم جيڪڏهن صحيح معنيٰ ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي عالم تائين پهچي ته سنڌي فڪشن (ڪهاڻي ۽ ناول) عالمي سطح تي غير معمولي مڃتا ماڻي سگهي ٿو.
    لکڻ، رسول ميمڻ لاءِ لباس وانگر رهيو آهي، لکڻ رسول ميمڻ جي رُوح جي رياضت آهي، هُن دل جي حضور ۽ صدق سان جيڪو ڪجهه به لکيو آهي، اهو اسان سڀني لاءِ فخر جو سبب آهي، ادبي سماج ڏانهن رسول ميمڻ جو رويو به ڪمال انوکو رکيو آهي، هو ميلن جهميلن کان پري رهيو آهي، عُهدا، ڪرسيون ڪڏهن به سندس طلب جو حصو ناهن رهيون، صدارتون، شامون، ايوارڊ، اعزاز سندس مٿي جو سور ۽ خفت ناهن رهيا، هُن جو قلم ۽ هُن جي تنهائي ئي هُن جا دوست رهيا آهن ۽ هُن انهن سان دوستيءَ جو پورو پورو حق ادا ڪيو آهي.
    رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون ۽ ناول ناسٽيلجيا جي ڪوهيڙي مان به ظاهر ٿين ٿا، هُن وٽ چٽو تاريخي شعور به آهي، هو لفظن جي حُرمت ۽ پاڪيزگيءَ کي دل جي گهرائين سان محسوس ڪري ٿو (۽ محسوس ڪرائي ٿو.) لفظ، خيال سندس جادوگر اکين مان ٿيندا، سندس جادوگر آڱرين تي رقص ڪن ٿا ۽ ائين هو لازوال فن پارا تخليق ڪندو رهي ٿو. رسول ميمڻ جون لکڻيون سندس جيان، خاموش، اڪثر آهستي ڳالهائيندڙ ۽ پوءِ حيران ڪري ڇڏيندڙ آهن.
    خدا، انسان، روح ۽ ڪائنات جي رمزن متعلق رسول ميمڻ جو فلسفيانو ڪم سندس ڏاهپ جو الڳ چئپٽر آهي. جيڪو کيس دانش جي اعليٰ پد تي بيهاري ٿو.
    شاعري (جيڪا رسول ميمڻ جي بقول هڪ ٽين ائجر عاشق کي ئي ڪرڻ سونهين ٿي...) اها شاعري جيڪا هُن پنهنجي ٽين ائج ۾ ڪئي (يا هاڻ به ڪڏهن ڪڏهن تخليق ڪري ٿو) سندس منفرد شاعر هُجڻ جي سڃاڻ رهي آهي. “نولکا” ۽ “ڏيکارو” اهي صنفون آهن جن کي شاعريءَ جي جهان ۾ رسول ميمڻ متعارف ڪرايو... رسول ميمڻ جي شاعريءَ ۾ ڪهاڻيون ۽ سندس ڪهاڻين ۾ شاعري وکريل ملندي.
    مختلف ادبي موضوعن (۽ شخصيتن) تي لکيل رسول ميمڻ جا مضمون، اڪيڊمڪ هوندي به تخليق جو اعليٰ نمونو ڀاسندا آهن، مختلف سالن ۾ لکيل انهن مضمونن جي سهيڙ ۽ ڇپائيءَ جي ضرورت به شدت سان محسوس ڪئي پئي وڃي.
    رسول ميمڻ جي پڙهندڙن جو هڪ مخصوص ذهين حلقو سڄي سنڌ ۾ موجود آهي، پر انهيءَ حلقي جي ڊيگهه ويڪر ۾ اڃان به اضافو ٿيڻو آهي. اسين شيخ اياز کان سندس پنهنجي لاءِ ئي چيل لفظ اُڌارا وٺي رسول ميمڻ لاءِ استعمال ڪنداسين ته ”رسول ميمڻ مستقبل جي به مستقبل جو ليکڪ آهي.“
    ”پوپٽ“ سان رسول ميمڻ جون محبتون، اسان لاءِ اعزاز رهيون آهن، ”پوپٽ“ جو اهڙو ڪهڙو شمارو آهي، جنهن ۾ رسول ميمڻ جي لؤبان لفظن جي خوشبوءِ شامل نه هجي؟ ”پوپٽ“ پاران سندس هِڪ تفصيلي انٽرويو به ڪيو ويو هيو، جنهن کي پڙهندڙن گهڻي پيار سان پڙهيو، هُن پنهنجا ڪتاب ”پوپٽ“ کي ڇاپڻ لاءِ ڏنا آهن... ۽ ”پوپٽ“ جي به خواهش پئي رهي ته پنهنجي هن غير معمولي آرٽسٽ کي ننڍڙي ئي سهي، مڃتا ڏجي (اصل ۾ ”پوپٽ“ پنهنجي غير معمولي ڏاتيارين کي پنهنجي وت آهر مڃتا ڏئي، پاڻ کي مڃتا ڏيارڻ چاهيندو پئي رهيو آهي.)
    اسان جي خواهش هئي ته 1 جنوري 2016ع تي رسول ميمڻ جي 60 هين جنم ڏينهن تي کيس ”پوپٽ“ جي هن خاص شماري جي سوکڙي پيش ڪري، سندس چپن تي اُڀري ايندڙ مُرڪ مڃتا طور وصول ڪريون، پر اسان ائين ڪري نه سگهياسين... ۽ هينئر 1 جنوري 2017ع تي سندس 61 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي هيءَ ننڍڙي صحي (جيڪا يقينن سندس ڪم جي حساب سان، انهيءَ پد جي بلڪل به ناهي) پيش ڪندي سرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون، اميد ته پڙهندڙن کي به ”پوپٽ“ جو هي خاص شمارو پسند ايندو.

    - امر اقبال
    (ايڊيٽر، پوپٽ مئگزين)


    ڏات ڌڻي پاران: ڪهاڻي ڌرتيءَ مان ڦُٽي ٿي

    مان ڪهاڻيون نه لکندو آهيان، مٽيءَ جا بت ٺاهيندو آهيان، بت هم ڪلام ٿيندا آهن، مٽي جيڪا ڌرتي آهي، ڌرتي جنهن جا ڏک اسان جا ڏک آهن ۽ اسان جا ڏک ڌرتيءَ جا ڏک.
    ڌرتي تخليق جو وسيلو آهي. ڌرتي آهي ته اسان جون تخليقون آهن، ڌرتيءَ کان سواءِ سڀ تخليقون بي مقصد ٿي وڃن ٿيون، مان معاشري جو فرد آهيان ۽ هڪ فرد جي حيثيت سان ڌرتيءَ تي وسندڙ انسانن جا ڏک سور محسوس ڪيان ٿو. هڪ ليکڪ جا اندروني سور به انسانن کان الڳ نه آهن. اسان جون لکڻيون معاشري مان جنم وٺن ٿيون، معاشرو جيڪو ڏکن، سورن، غربت ۽ بيروزگاريءَ سان ڀريل آهي. معاشرو جنهن کي ڌرتي پناهه ڏئي ٿي. معاشرو جيڪو قوم جو بنياد بنجي ٿو ۽ قوم جيڪا ڌرتيءَ سان جنم وٺي ٿي.
    منهنجون ڪهاڻيون سنڌ جون ڪهاڻيون آهن، پوءِ مان اهي ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ لکان، اردوءَ ۾ لکان يا انگريزيءَ ۾، زبان سان ڪو فرق نه ٿو پوي، زبانون اظهار جو ذريعو آهن، اسين جيڪا زبان لکي پڙهي ۽ ڳالهائي سگهون ٿا، اها زبان اسان جي آهي، قوم جو تعلق ڌرتيءَ سان هوندو آهي، زبان سان نه، آفريڪا جي ڪجهه خطن ۾ پنجويهن ڪلوميٽرن جي دائري ۾ پنجويهه زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. ايشيا جي ڪجهه حصن ۾ به ساڳي صورتحال رهي آهي. فرد ويڙهي کي جنم ڏئي ٿو. ويڙهو وڌي قبيلو ٿي پوي ٿو. قبيلن جي وچ ۾ وٿيون آهن، پهاڙ آهن. جبل آهن، ريگستان، درياهه، سمنڊ ۽ حجاب آهن، وچ جون وٿيون زبانن جي فرق جو سبب بنجن ٿيون، لهجا ڦري پون ٿا، اچار بدلجي پون ٿا. زبانون بگڙجي وڃن ٿيون، پر هاڻي رابطن جي بحاليءَ ۾ تيزي آئي آهي. زبانون هڪ ٻئي ۾ ائين جذب ٿي رهيون آهن جيئن ست سمنڊ. توهان چکي ڏسو ستن ئي سمنڊن جو پاڻي کارو آهي.
    نسرتائي عمل (Evolutionary Process) هيٺ دنيا ۾ زبانن جي کچڙي پچي رهي آهي، چمڙين جا رنگ بدلجي رهيا آهن. طاقتور تهذيبون ڪمزور تهذيبن کي ڳڙڪائي رهيون آهن. پر فطري طور اهو سڀ انسانن جي ڀلي لاءِ آهي. فطرت (Nature) هر عمل ۾ ساهواري کي ترجيح ڏئي ٿي، قومون، فطرت نه ٺاهيندي آهي، اسان پنهنجي سڃاڻپ ۽ بچاءُ لاءِ قبيلا ۽ قومون ٺاهيندا آهيون.
    اڄ جڏهن مان هندستان لڏي ويل سنڌي اديبن جي نئين نسل جون لکڻيون پڙهان ٿو ته انهن ۾ استعمال ٿيل ٻولي ڏکئي محسوس ٿئي ٿي. ائين ئي جڏهن اهي سنڌ جي نئين نسل جون لکڻيون پڙهندا هوندا ته کين ڏکيائي محسوس ٿيندي هوندي، اهو سڀ فطري آهي، اسان کي قبول ڪرڻو پوندو ته ڌرتيءَ تي رچندڙ ماحول فطري طرح شين کي تبديل ڪري ٿو. برصغير، جنهن جو سرجيڪل آپريشن ڪري جسم ڪٽيو ويو. ٿيڻ ته ائين گهربو هيو جو سرجيڪل آپريشن کان پوءِ ان جي زخمن ۾ روڳ نه ڀرجڻ گهرجي ها، پر ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو آپريشن ٿيٽر ۾ وڍ ڪٽ جو سامان جراثيمن کان پاڪ ڪندڙ مشين (Autoclave) ڀڳل هوندي آهي ۽ اهڙن اوزارن سان ڪيل آپريشن زخمن اندر روڳ جمع ٿي وڃڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. برصغير جي جسم جا چير، بنگال ۽ پنجاب ۾ ته ڇٽي ويا پر سنڌ اندر روڳ اڃا وهي رهيو آهي. خبر نه آهي سنڌ جا زخم ڪڏهن ڇُٽندا؟ منهنجي پرامن ۽ پاڪدامن سنڌ، جنهن جي جهول ۾ صبر جا ڦل مٺا نه آهن، ڪڏهن ائين لڳندو آهي، ڄڻ گذريل سٺ سالن اندر سنڌ جي سطح هيٺ ٿي وئي آهي ۽ هيٺائينءَ ڪري ندي نالن جي صورت ۾ وهندڙ ماڻهن جي سيلاب ڪري ٻڏندڙ سنڌ ۾ اسان دربدر ٿي ڪيمپن ۾ پناهه ورتي آهي، جتي سرڪاري کاڌي جو انتظار ڪري رهيا آهيون.
    جيئن فطرتي (Natural) رويو آهي ائين غير فطري (Antinatural) رويو پڻ آهي. فطرت سان ڇيڙڇاڙ هاڃيڪار آهي. بابل، نينوا، يونان ۽ روم جي ڪن حصن ۾ ڪڏهن عورت جي سڀ کان ويجهي رشتي سان شادي جائز هوندي هئي، اتي اهڙا ٻار ڄمندا هيا جن کي ٻه منڍيون ۽ ڪتي جهڙا پڇ هوندا هيا، غير فطري عمل ڀيانڪ ردعمل پيدا ڪري ٿو، اسين تماڪو ڇڪي، ٻيلا ڪٽي، جبل ٽُڪي، درياهن جا رستا روڪي، ايٽمي ڌماڪن ۽ ميزائيلن مان ڇا حاصل ڪري سگهون ٿا؟ تابڪاري ۽ غير فطري جنسي عمل ڇا ڏئي سگهن ٿا. تلاءَ ۾ مٽي پاڻيءَ جي تري ۾ هوندي آهي. ڪو پاڻيءَ ۾ پير وجهي انهيءَ جاءِ تان گندو ڪري ٿو جتان پيئڻ جي جاءِ آهي. سنڌ ۾ گذريل سٺ سالن کان غير فطري عمل جاري آهي. ان کي روڪڻو پوندو، سنڌ جي سطح کي اونچو ڪري سيلابن جا رُخ بدلائڻا پوندا، ڇو جو اهڙي عمل سان موافقت (Adaptation) جي اميد نه ٿي رکي سگهجي. فطرت ۾ موافقت پاڻ مرادو (Autonomous) عمل آهي. ماضيءَ ۾ سنڌ اهڙا ڪئي ڌارا پاڻ ۾ سمائي چڪي آهي پر سيلابن جي صورتحال ابتر آهي. سنڌي ڪهاڻي اهڙن ئي موضوعن تي مشتمل آهي. سنڌ جي تخليقي ادب ۾ سنڌ کان وڏو موضوع ڪو به نه آهي. اسان ڌرتيءَ کان الڳ ٿي لکڻ لائق نه ٿا رهون.
    ادب اهڙو وڻ آهي، جنهن جون پاڙون ڌرتيءَ سان جڙيل آهن، مون هڪ اهڙو ئي مقالو پڙهيو هيو، جنهن جو غلط مطلب ورتو ويو، مون جڏهن چيو ته “ادب اهڙي بڙ جيان آهي جنهن جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ آهن پر بڙ جون ڪجهه پاڙون هوا ۾ لڙڪي ڌرتي ڳولهين ٿيون.” ته چيو ويو “لکڻ لاءِ ڌرتيءَ جو هجڻ ضروري نه آهي ڇو جو آفاقيت به ڪا شيءِ آهي.”
    آفاقيت جو مطلب Achievement آهي، آفاقيت آسماني ڳالهيون ڪرڻ جو نانءُ نه آهي، جڏهن لکڻيون تخليق جي اوچائين کي ڇُهن ته اها آفاقيت آهي.
    ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌي ڪهاڻي گذريل ڪجهه سالن کان زوال پذير آهي، ان جو سبب بنيادي تعليم جو غير معياري هجڻ ۽ مطالعي جي گهٽتائي آهي. ساڳي حالت سنڌ ۾ لکي ويندڙ اردو ڪهاڻيءَ جي آهي، جنهن جو موضوع گهريلو ۽ ذاتي مسئلن تائين محدود آهي. اردو ڪهاڻي بنگالي ڪهاڻيءَ کان پوءِ برصغير جي سڀ کان طاقتور ڪهاڻي رهي آهي، ڇو جو ورهاڱي کان اڳ اتان جي اديبن ڌرتيءَ کي موضوع بنائي ماڻهن جي ڏکن کي اجاگر ڪيو. پريمچند مفلسيءَ کي موضوع بنايو. ان جا ڪردار ڌرتيءَ سان رچيل آهن، جيڪڏهن منٽو عظيم اديب آهي ته اهو پنجاب جي ڌرتيءَ سان وابستا آهي. امرتا پريتم، بلونت سنگهه ۽ راجندر سنگهه بيدي اردو زبان جا عظيم اديب آهن جن پنجاب جي سرزمين تي وسندڙ ماڻهن جي جذبن جي عڪاسي ڪئي، ڪرشن چندر ڌرتيءَ جي ورهاڱي تي وڍيل دل هٿ ۾ کڻي ظ:م خلاف نعرا هڻندي نظر اچي ٿو.
    ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ آيل ڀائر جن کي هاڻي “مهاجر” نه ٿو چئي سگهجي، ڇو جو ڪنهن به خطي ۾ آيل ڪنهن نسل جي ستين پيڙهي مهاجر نه هوندي آهي، سنڌ ۾ نسرتائي عمل (Evolutionary Process) تحت هڪ نئين ثقافت جنم وٺي رهي آهي. سنڌ جي رهڻي ڪرڻي، رڌ پچاءُ ۽ طعام تبديل ٿي رهيا آهن. سٺ واري ڏهاڪي اندر ڪراچيءَ ۾ نظر ايندڙ پوڙها جن کي شيروانيون، ڪرتا، پاجاما پاتل هوندا هيا، مٿي تي اڇي ٻيڙيءَ نما ٽوپي هوندي هئي. هاڻي اتي سلوار قميصن ۾ ملبوس نوجوان نظر اچي رهيا آهن، دراصل جاگرافيائيءَ طرح ڪنهن به معاشري ۾ هڪجهڙائي (Homogenity) کي اچڻ لاءِ صدين جي ضرورت پوي ٿي، جيڪڏهن اهڙي معاشري کي ٽوڙيو وڃي ته پوءِ ان کي هڪجهڙائي حاصل ڪرڻ لاءِ وري وڏي وقت جي ضرورت پئجي وڃي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ ۾ جاري ٻاهرين آمد کي روڪيو وڃي، جيئن افراتفريءَ کي ٻنجو ڏئي جيڪي موجود آهن، انهن ۾ نئين سماج جي جوڙجڪ ٿي سگهي، ان لاءِ شرط آهي ته سڀني کي سنڌ ڌرتيءَ سان ناتو جوڙڻو پوندو.
    اچو ته ڪنڊا ميڙي ڌرتيءَ کي ريڄ ڏيون، ڦٽندڙ سرنهن جا گُل اسان جي ڪهاڻين جي ڪردارن جا هيڊا چهرا ئي ته هوندا.


    - رسول ميمڻ
    ڪراچي


    ساروڻيون: يادن جو البم-9 (ادل سومرو)

    پهرين جنوري 2016ع تي فون ڪري مون رسول ميمڻ کي جنم ڏينهن جون واڌايون ڏنيون، جيئن ئي نئين سال جي شروعات ٿي، واچ جا ڪانٽا ٻارنهن کان اڳتي ٽپيا ته رسول ميمڻ سان مون ڳالهايو. هي جنم ڏينهن، پٺين جنم ڏينهن کان ڪجهه مختلف هو، جو رسول ميمڻ عمر جا سٺ سال پورا ڪري چُڪو هو. هو هڪ ماهر پيٿالاجسٽ آهي ۽ هاڻي سرڪاري نوڪريءَ مان به آزاد ٿي چڪو هو. ڊاڪٽر رٽائرڊ نه ٿيندا آهن ڇو ته انهن جو ڪم جاري رهندو آهي. رسول ميمڻ جو پروفيشن به جاري آهي. باقي سرڪاري نوڪريءَ جي پابنديءَ مان کيس آجپو مليو آهي. اسان ڪجهه دير پاڻ ۾ ڳالهائيندا رهياسين ته ڪيئن هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي رانديون کيڏندا هئاسين ۽ هاڻي سٺ سال گذاري چڪا آهيون، ايترو وقت تيزيءَ سان گذري ويو جو خبر ئي نه پئي. ماضيءَ جا واقعا ائين ٿا محسوس ٿين ڄڻ تازو ئي گذريا هجن. اڄ به سڀئي منظر اکين آڏو ڦري رهيا آهن. سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون جن ۾ شريڪ ٿيندا هئا، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، ولي دائودپوٽو، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، جن مان ڪو به هاڻي اسان ۾ موجود ناهي.
    “موت بي رحم بادشاهه آهي، جنهن جي درٻار ۾ مهلت، ڪنهن به ڪرسيءَ تي ويٺل ناهي. موت ٻوڙو سردار آهي، جنهن تي آهُن جو ڪو اثر نٿو ٿئي. موت انڌو فقير آهي، جيڪو بنا تفريق، سڀني جي در تي سين هڻي ٿو.” (قالو بلا: ص41)
    رسول ميمڻ سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ به مان هن بابت ئي سوچيندو رهيس. ڇا ته جنون هو، لکڻ، پڙهڻ، فلمون ڏسڻ، گهڻو ڪري هر آچر تي ڪلاسيڪل انگريزي فلمون ڏسندا هئاسين. جن ۾ آرٽ موويز به شامل هونديون هيون. سيمسن ڊيلائلا، هنچ بيڪ آف نوٽريڊيم، قبلائي خان، بن حر، سن فلاور، سمر آف 42، سيون نائٽيس اِن جپان ۽ ٻيون ڪيئي فلمون، رسول ميمڻ کي گهڻو شوق هوندو هو، فلمن جو، جون جولاءِ ۾ جڏهن سکر ۾ سخت گرمي هوندي آهي، تڏهن به فلمن ڏسڻ جو سلسلو جاري رهندو هو، شاليمار سئنيما ايئرڪنڊيشنڊ هوندي هئي، باقي ٻين جا حال پورا هئا، سکر جي اديبن مان هڪ مولائي شيدائي ۽ ٻئي رسول ميمڻ کي فلمن ڏسڻ جو گهڻو شوق هوندو هو. مولائي شيدائيءَ سان پير حسام الدين راشدي فلم ڏسڻ ويندو هو، جڏهن ته رسول ميمڻ سان مان ڪمپني ڪندو هئس، پير حسام الدين راشدي، مولائي شيدائيءَ جي ان شوق بابت لکي ٿو:
    “انهيءَ زماني ۾ اسان روزانو شام جو سئنيما تي ويندا هئاسين، انهيءَ ڏينهن به پروگرام هو، ليڪن اوچتو صبح جو پرئي مڙس رحلت ڪئي! ڪفن دفن کانپوءِ جڏهن شام جو پٿر تي ويٺا هئاسين، تڏهن سُري اچي ڪن ۾ چيائين:
    “بابو ته ويو الله ڏي... وري ته موٽندو ڪون.
    توڙي اسان گلم تي ويٺا رهون، توڙي اسان امپيريل سئنيما جي ڪرسين تي هلي ويهون، ڳالهه مڙيئي ساڳي آهي.”
    “اڙي هي مهمان ڇا چوندا؟ تنهنجا عزيز ڇا چوندا؟ مون کي شرم ٿو اچي!”
    کيل جو وقت ٿيو ته زوريءَ گهلي هليو.
    ٻئي ڏينهن غلام نبيءَ کلي چيو:
    “ڏسين ٿو مولائيءَ جا ڪم!”
    “اڙي، بابي جي پٿر ڪرڻ لاءِ تون ئي ڪافي آهين”
    مولائيءَ رڙ ڪري چيو ۽ ڀاڪر پائيندي مون کي چيائين:
    “اڄ به هلنداسين!”
    “هائو، اڄ به هلنداسين.”
    (هو ڏوٿي، هو ڏينهن: صفحو 287)

    بهرحال رسول ميمڻ ۽ مون سان ڪڏهن اهڙو مرحلو نه آيو، لکڻ جي حوالي سان رسول ميمڻ، اسان سڀني همعصرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ۽ بهترين لکيو. ڪهاڻيون، شاعري ۽ ناول، ٽنهي شعبن ۾ هن پنهنجي انفراديت قائم ڪئي ۽ پاڻ مڃرايو. اسان سڀني کان هن جي تخليقي سگهه ۽ مطالعو وڌيڪ آهي. 1977ع ۾ هن جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “امن جي نالي” ڇپيو. ان کانپوءِ مسلسل هن جا ڪتاب شايع ٿيندا رهيا آهن. پڙهندڙن سان هن جو رابطو قائم رهيو آهي.
    سندس شروعاتي پنجن ڪتابن، “امن جي نالي” (ڪهاڻيون)، “ڪافر ديوتا” (ڪهاڻيون)، “اوشا جي آشا” (شاعري)، “چچريل زندگين جا قافلا” (ڪهاڻيون) ۽ “ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن” (خاڪا) جا ٽائيٽل مون ٺاهيا. ان تي مان اڄ به سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. بعد ۾ هن جا ڪتاب ايندا رهيا آهن، هڪ وڏي آرٽسٽ وانگر رسول ميمڻ زندگيءَ جي مشاهدن ۽ تجربن ۽ واقعن کي ڪهاڻين جو روپ ڏنو آهي. ٻولي هن جي حڪم جي منتظر هوندي آهي.
    پنهنجي ڪهاڻين جي مجموعي “فونو” جو انتساب رسول ميمڻ، پنهنجي وڇڙي ويل نوجوان پٽ سميع الله جي نالي ڪيو آهي، اِها رسول ميمڻ جي زندگيءَ جي وڏي ٽرئجڊي هئي. اهڙو ئي الميو رفيق سومري جي زندگيءَ ۾ به آيو، جڏهن سندس نوجوان پٽ نديم گذاري ويو هو. اهڙا حادثا اِنسان کي لوڏي ٿا ڇڏين، زندگي بي معنيٰ محسوس ٿيڻ لڳي ٿي.
    “اي رب! تنهنجا اسرار تون ئي ڄاڻين، منهنجي اڳيان ۽ پويان اوندهه آهي ۽ وچ ۾ مان روشنيءَ جي ذرن جيان موجود آهيان، منهنجي اُڏام جي حد مقرر آهي. سمنڊ لا محدود، مان اڃان ڪناري کان ترڻ شروع ڪريان ٿو. ان جون زوردار ڇوليون، مون کي ڦيرائي ڪناري تي ڦٽو ڪن ٿيون. مان جيڪو خود اعتماديءَ جي فريب ۾ مبتلا هيس، اهو جنهن کان اکين جو نور کسجي ويو آهي ۽ اهڙي اوندهه نصيب ٿي آهي، جيڪا حقيقت آهي، اها ئي زندگي آهي، شايد روح جو رنگ ڪارو آهي.”
    (فونو: صفو 8)
    رسول ميمڻ پنهنجي ڪهاڻين جي مجموعي “سونو ڏند” ۾ شامل ڪهاڻي “ڳوٽ” پنهنجي نوجوان پٽ بابت لکي آهي، جنهن کي هن بچائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر بچائي نه سگهيو، سندس چواڻي هيءَ زندگي توهان ۽ قسمت جي وچ ۾ شطرنج راند آهي.
    “هو وري هيٺ ڪنڌ ڪري ويهي رهيو. ڳوڙها هن جي اکين مان وهي راند مٿان ڪري، هاريل رت جيان نظر اچڻ لڳا. هو بادشاهه بنا راند کيڏندو رهيو ۽ سڏڪندو رهيو.”
    (فونو-ڪهاڻي ڳوٽ: صفحو 54)
    رسول ميمڻ جو ڪتاب “ابابيل جي آخري اُڏام” 1993ع ۾ شايع ٿيو. ان کانپوءِ هو لکندو ته رهيو، پر سندس ڪتاب “فونو” 2009ع ۾ ڇپيو. پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران سندس ڪتاب تڪڙا ڇپيا. “اڻويهه عورتون” (ناول)، “سونو ڏند” (ڪهاڻيون) “قالو بلا” (ناول)، “حليمان” (ڪهاڻيون) “نجومي” (ناول) “عشق جو آسيب” (ڪهاڻيون) جن کي پڙهندڙن پاران وڏي موٽ ملي آهي. پوپٽ پبلشنگ هائوس جو چيئرمين قربان منگي، “قالو بلا” ناول جي پبلشر نوٽ ۾ لکي ٿو ته “پوپٽ پاران جڏهن رسول ميمڻ جو ناول “اڻويهه عورتون” ۽ ڪهاڻي ڪتاب “سونو ڏند” شايع ڪيا ويا ته اُهي ڪتاب مارڪيٽ مان هٿو هٿ وڪامي ويا.”
    رسول ميمڻ چواڻي: “لکڻ جادو آهي، اهڙو جادو سيکاري نه ٿو سگهجي”
    مان به ائين ئي چوندس ته رسول ميمڻ جادوگر ليکڪ آهي، هن کي موضوعن جي محتاجي ناهي. هو جڏهن به چاهي لکي سگهي ٿو.
    ***
    26 مارچ 1994ع تي امر جليل جو لکيل خط مون کي، 12 اپريل 1994ع تي مليو، جو هنن دير سان پوسٽ ڪيو هو، سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان، ادبي انعامن جي سلسلي ۾ مون سائينءَ کي ڪهاڻين جا ڪتاب موڪليا هئا ته جيئن انهن جي باري ۾ هڪ جج (منصف) طور پنهنجي راءِ ڏين. هر صنف تي ٽن ججن کي گذارش ڪئي وئي هئي. انهن ڪهاڻين جي ڪتابن ۾ رسول ميمڻ جو ڪتاب “ابابيل جي آخري اُڏام” به شامل هو. امر جليل اهو چئي معذرت ڪئي ته، هو جيئن ته اڳ ۾ ئي رسول ميمڻ جي ڪهاڻين کي پسند ڪري ٿو، تنهن ڪري متان فيصلي ڏيڻ ۾ انصاف نه ڪري سگهي.
    “امن جي نالي” جي اشاعت تي به امرجليل پنهنجي احساسن جو اظهار ڪيو هو ۽ رسول ميمڻ جي ڪهاڻين کي تمام گهڻو پسند ڪيو هو، امر جليل پنهنجي خط ۾ وڌيڪ لکيو هو ته “رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون مون کي حيران ڪنديون آهن، وزڊم جي وڏي ۾ وڏي تصديق حيرت آهي. “ابابيل جي آخري اُڏام” ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون، سوچ، فڪر ۽ اسلوب جي لحاظ کان تمام اعليٰ، مٿانهون ۽ منفرد ڪهاڻيون آهن، نه ادل نه، مون کي آزمائش ۾ نه وجهو... مان ڪنهن منصف وانگر روباٽ نه آهيان، مان دل ۽ دماغ جي وچ ۾ سرحد، ڇڪي نه سگهندس، ڪا ڀت بيهاري نه سگهندس. هي خط لکي مان پاڻ کي آزمائش کان آزاد ڪري رهيو آهيان. آپگهات آڏو منهنجو منطق قطعي بي معنيٰ ٿي پيو آهي، مان فيصلو ڏئي نه سگهندس. مون کي معاف ڪجو.”
    رسول ميمڻ جي ڪهاڻين بابت امر جليل جي اِها راءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي. امر جليل اهڙو ڪهاڻيڪار آهي. جنهن نون ڪهاڻيڪارن تي پنهنجا اثر ڇڏيا آهن، هر نئون پڙهندڙ، امر جليل جي ڪهاڻين وسيلي ڇڪجي ٻين، ڪتابن تائين پهچي ٿو.
    ***
    8 مارچ 2013ع، تي منهنجي بيٺڪ “حُسين صالح هائوس” تي رسول ميمڻ سان هڪ ڪچهري رکي وئي. جنهن ۾ رسول ميمڻ جي همعصر دوستن ۽ نئين ٽهيءَ جي ليکڪن ۽ شاعرن، اياز گل، ممتاز بخاري، ڊاڪٽر اسماعيل ماڪو، مهر خادم، خواجه ذوالفقار، شفن منڱريو، زاهد راهوجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان گڏجاڻيءَ ۾ اسان رسول ميمڻ کي ئي ٻُڌڻ چاهيو هو ۽ هن کُليءَ دل سان پنهنجي زندگيءَ جي تجربن ۽ مشاهدن جو ذڪر ڪيو هو. هُن پنهنجي مطالعي جي باري ۾ ٻڌايو هو، هو چاهي ٿو ته پنهنجو گهڻي ۾ گهڻو وقت لکڻ کي ڏئي، ان ڪري ادبي پروگرامن ۾ گهٽ شريڪ ٿيندو آهي. هو نويڪلائيءَ کي پسند ڪري ٿو. هو پنهنجي سعدي ٽائون ڪراچيءَ واري گهر جي مٿين حصي ۾ جوڙيل مطالعي واري ڪمري ۾ گهڻو وقت گذاريندو آهي. اڄڪلهه فلسفي ۽ تاريخ جي مضمونن کي گهڻو وقت ڏئي رهيو آهي. رسول ميمڻ جي ڏاهپ ڀري اظهار، سندس دوستن ۽ نون ليکڪن کي گهڻو متاثر ڪيو، رسول ميمڻ اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو، پر هُن جي نسبت پنهنجي شهر سکر سان ئي آهي.
    ***
    6 فيبروري 2015ع تي مان ڪراچي هُيس، رسول ميمڻ کي مون سان اڪثر شڪايت هوندي آهي ته مان ڪراچيءَ ۾ هوندي، هن سان نه ملندو آهيان ۽ نه وري رابطو ڪندو آهيان، ڪراچي هڪ تيز رفتار شهر آهي. هڪ شهر ۾ ڏهه شهر آهن، هڪ ڏينهن ۾ صرف هڪ دوست سان ئي ملاقات ٿي سگهي ٿي. مان رسول ميمڻ سان ملڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. ڪڏهن ملندا آهيون ته ڪڏهن وري نه ملي سگهندا آهيون. ان ڏينهن رسول ميمڻ کي فون ڪيم، ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جو پهريون ڏينهن هو، شام جو ان جو افتتاح هو. رسول ميمڻ پنهنجي ڪار تي پهچي ويو، هو به مون وانگر ڊرائيونگ نه ڪري سگهندو آهي، پنهنجي ڊرائيور سان آيو، سوچيو سين ته سمنڊ تي هلي ڪچهري ٿا ڪيون. سي ويو (Sea View) تي آياسين. رسول ميمڻ ٻڌايو ته اڄڪلهه هو گاڊجين تي تحقيق ڪري رهيو آهي، ٻاهرين دنيا ۾ ان موضوع تي ڪم ٿيو آهي، پر اسان وٽ خاص طور سنڌي ادب ۾ ان تي ڪم نه ٿيو آهي، هو پاڻ به هڪ پئٿالاجسٽ آهي، اِهي سندس پسند جا موضوع آهن، هُن ٻڌايو ته هو گاڊجين تي سائنس ۽ فلسفي جي نسبت سان تجزيو ڪندي هڪ ڌار اڀياس لکڻ چاهي ٿو. بهرحال رسول ميمڻ اِن نئين فڪر تي هڪ شاندار ڪتاب لکي پورو ڪيو آهي، جنهن کي ماءِ پبلشرز سکر وارن دوستن ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. سنڌيءَ ۾ ان مضمون تي هي پهريون ڪتاب آهي. جيڪو بحث جا نوان دروازا کوليندو، سوچ ويچار جا نوان رستا کلندا. رسول ميمڻ ان ڪتاب ذريعي هڪ دانشور ۽ فلسفيءَ جي روپ ۾ متعارف ٿيو آهي. ان کان اڳ سندس تخليقي ڏاهپ، ڪهاڻين، شاعريءَ ۽ ناولن ذريعي پڌري ٿي چڪي آهي.
    اسان سمنڊ تي ڪافي دير رهياسين، پرڀاسي واري ريسٽورينٽ تي لنچ ڪئي ۽ پنهنجي ماضيءَ کي ساري، ٽهڪ ڏيندا رهياسين، ته اڳ ۾ ڪيترو آزاد هئاسين، رسول ميمڻ جي گهر جو ماحول اهڙو نه هو جو هن کي لکڻ پڙهڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي. سندس والد چاچو محمد يعقوب هڪ استاد هو، پر هو چاهيندو هو ته رسول ميمڻ پنهنجو سڄو ڌيان ڊاڪٽريءَ واري پروفيشن ڏانهن ڏئي، ان ڪري رسول ميمڻ پنهنجي ڪهاڻيڪار واري روپ کي گهڻو پڌرو نه ڪندو هو. جڏهن هُن پنهنجو شعري مجموعو “اوشا جي آشا” ڇپرايو، ته اُهو اسان بوڪ بائينڊر چاچي چني وٽان کڻڻ وياسين، سندس دڪان نم جي چاڙهيءَ وٽ هو. رسول ميمڻ، رفيق سومرو ۽ مان ٽيئي گڏ هئاسين.
    رسول ميمڻ مونکي چيو ته ان ڪتاب جون سموريون ڪاپيون مان پنهنجي گهر رکرايان، ڇو ته جيڪڏهن هُو پنهنجي گهر اِهي ڪاپيون کڻي ويو ته سندس والد سخت ناراض ٿيندو. ڪتاب کي گهر پُهچائڻ لاءِ ٿلهي تان ٽانگي جي ڳولا ڪئي سين، پر نه مليو، سخت گرمي هجڻ ڪري منجهند جو سڀ ٽانگا غائب هئا. صرف گڏهه گاڏي وارا ئي موجود هئا. آخر بيزار ٿي اسان هڪ گڏهه گاڏو ڪري ان تي ڪتاب رکياسين ۽ ٽيئي ڄڻا به ان تي ويٺاسين... ان واقعي کي ياد ڪري، رسول ميمڻ ۽ مان ڏاڍا ٽهڪ ڏنا، سمنڊ اسان جي ٽهڪن تي پريشان ٿي ويو.


    شال جواني ماڻي! (فتاح ملڪ) 1977ع

    رسول ميمڻ سنڌ جي اڀرندڙ نسل جو، نئون، ڪورو ۽ ڪنوارو موڙ آهي، اسان جي آئيندي جي اميد آهي. هن جي هڪ هڪ ڪهاڻي ۽ شعر ٻڌائي ٿو ۽ ڳالهائي ٿو. هن ملڪ جي مظلوميت جو مڪمل اظهار ٿو ڪري، هن ۾ ايڏو وڏو جوش ۽ جذبي جو سمنڊ آهي. جنهن ۾ انيڪ موتي ۽ سپون ملنديون، جيڪي سنڌ جي سينڌ جو سينگار ٿيڻ لاءِ آتيون آهن. رسول ميمڻ ڪهاڻي لکي ٿو يا پڙهي ٿو ته ائين لڳندو آهي، هو پنهنجي پلاٽ جي هڪ هڪ ڪردار جي رڳن ۾ رنڀون ٿو ڪرڻ گهري، شعر ٿو پڙهجي ته لڳي ٿو وڄ وراڪا ٿي ڪري، بهرحال هن همراهه کي ڏسي ۽ پڙهي اهو ٿو نظر اچي، ته سنڌ مئي ڪانهي، ڄڻ لاٽ سان لاٽ ٻرندي اچي، اڃان همراهه ننڍو آهي، شال جواني ماڻي، ڪڏهن ڪراڙو نه ٿئي، پنهنجي غريب وطن جي آزاديءَ جي جنگ وڙهي کٽي.


    جيوَن جهلڪ

    پهرين جنوري 1956ع تي سکر شهر ۾ ڄائو.

    تعليم ۽ نوڪري:
    • 1970ع ۾ تلڪ هاءِ اسڪول سکر مان ميٽرڪ پاس ڪيائين.
    • 1972ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر مان انٽرميڊيٽ جو امتحان پاس ڪري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1980ع ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪيائين. ساڳي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڏهه سال ڊمانسٽريٽر رهيو.
    • 2000ع ۾ بيسڪ ميڊيڪل سائنسز انسٽيٽيوٽ جناح اسپتال ڪراچيءَ مان هسٽوپيٿالاجيءَ ۾ ايم فل ڪيائين.
    • سنڌ هيلٿ ڊپارٽمينٽ تحت لاڙڪاڻي، سکر ۽ ڪراچيءَ جي اسپتالن ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. هو ڪجهه عرصو منسٽري آف هيلٿ سعودي عرب ۾ پئٿالاجسٽ پڻ رهيو.
    • ايٽڪٽيهه ڊسمبر 2015ع تي ريٽائرڊ ٿيو.

    ادبي خدمتون:
    • لکڻ جي شروعات 1969ع ۾ ڪيائين، جڏهن نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هيو، ان دور ۾ سندس ڪهاڻيون ۽ شاعري مختلف رسالن ۾ شايع ٿيون.

    ڪهاڻين جا مجموعا:
    • امن جي نالي: 1977ع- اياز گل، پارس پبليڪيشن سکر پاران شايع ڪيو.
    • ڪافر ديوتا: 1979ع- رزاق مهر، نئين دنيا پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران شايع ڪيو.
    • چچريل زندگين جا قافلا: 1981ع- رشيد ڀٽيءَ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن سکر پاران شايع ڪيو. (1981ع کي سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن پاران سنڌي ساهت جو سال قرار ڏنو ويو هيو. اهو ڪتاب ان سلسلي جي ڪڙي هيو.)
    • ابابيل جي آخري اُڏام: 1993ع- ناز سنائيءَ، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران شايع ڪيو.
    • فونو: 2009ع- تاج بلوچ، ماهوار سوجهرو پبليڪيشن ڪراچي پاران شايع ڪيو.
    • سونو ڏند: 2012ع- قربان منگيءَ، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران شايع ڪيو.
    • حليمان: 2013ع- قربان منگيءَ، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران شايع ڪيو.
    • عشق جو آسيب: 2015ع- قربان منگيءَ، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران شايع ڪيو.

    ناول:
    • اڻويهه عورتون: 2012ع- قربان منگيءَ، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران شايع ڪيو.
    • قابلو بَلا: 2012ع- قربان منگيءَ، پوپٽ پبلشنگ هائوس پاران شايع ڪيو.
    • نجومي: 2014ع- قربان منگيءَ ، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران شايع ڪيو.
    • اسٽيل جا پنج گلاس، 2017ع ممتاز بخاري، ماءِ پبليڪيشنز سکر
    • اک ڇنڀ 2019ع سعيد سومرو، ڪنول پبليڪيشن قمبر

    شاعري:
    • اوشا جي آشا: 1979ع- ادل سومري، سنڌي ادبي سنگت سکر پاران شايع ڪيو.

    سائنسي فلسفو:
    • خدا، روح ۽ سائنس: 2015ع- ممتاز بخاريءَ، ماءِ پبليڪشن سکر پاران شايع ڪيو.
    • الف کان اڳ 2019ع، انعام عباسي، نئون نياپو پبليڪيشن ڪراچي.

    ترجمو:
    • ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن: (خاڪا)، 1988ع- ادل سومري سنڌي ادبي سنگت سکر پاران شايع ڪيو.

    انگريزي ۽ اردوءَ شايع ٿيل ڪتاب:
    • بند ڪمري ڪا راز: 2015ع- شاهد حنائيءَ ترجمو ڪيو ۽ شاعر علي شاعر، رنگ ادب پبليڪشن اردو بازار ڪراچي پاران شايع ڪيو.
    • Song of Sadh Belo- (ساڌ ٻيلي جا گيت) پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور وٽ ڇپائيءَ هيٺ آهي ۽ سدا حيات جلباڻيءَ جو ترجمو ڪيل آهي.
    • آٿتا: فلسفو
    • ناٿتا: فلسفو
    • عبدالله افغانيءَ جون ٻڪريون (ڪهاڻيون)
    ٻيا گهڻائي ڪتاب

    مليل ايوارڊ:
    • سنڌي لينگويج اٿارٽي،
    • سنڌالاجي
    • انجمن ترقي پسند منصفين
    • سنڌي ادبي سنگت
    • سارنگا ايوارڊ
    • ريکائون ايوارڊ
    ۽ ٻين ادارن طرفان ايوارڊ مليا آهن.


    اڀياس: امن جي نالي (رشيد ڀٽي)

    ڪنهن دوست پئي چيو ته “سنڌي ادب تي جمود آهي، سنڌي ادب جي تلاءَ ۾ ماٺ آهي، ضرورت آهي ته ان ۾ پٿر اڇلائي چرپر آڻجي.” مون ساڻس اختلاف ڪيو هيو. نه رڳو ان ڪري جو مون ڏٺو پئي ته سنڌي ادب تي جمود نه هيو ۽ وائٺو پئي ته ادب جي ساگر ۾ ڇوليون اڀري رهيون هيون. پر ان ڪري به ته، مان ان ڳالهه جو قائل آهيان ته تخليق جو عمل نه ٽٽندڙ، سدا هلندڙ ۽ جاري ساري عمل آهي. ڪڏهن اهو عمل تڪڙو ٿئي ٿو ته ڪڏهن ڍرو، پر ختم يا بند ڪڏهن به نه ٿو ٿئي. ان عمل لاءِ خالق جون ڪيفيتون ۽ سندس داخلي ۽ خارجي حالتون اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.
    ائين برابر آهي ته گذريل پنجن سالن دوران، ملڪ جي تڪڙين تبديلن ٿيندڙ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن سبب، اڪثر اڳ لکندڙ اديب ۽ شاعر مونجهارن جي دنيا ۾ رهيو آهي. جنهن ڪري سندس تخليقي پيداوار ۽ ان جي اوسر جو عمل ضرور متاثر ٿيو آهي.
    ٻي پاسي رسالن ۽ اشاعتي سلسلن تي بندش پوڻ سبب سندس اها تخليق پڙهندڙن آڏو به نه اچي سگهي آهي. پر ان جي باوجود، اها حقيقت آهي ته ان دوران به سندس تخليقي قوت ماٺ ۾ نه رهي آهي. ٿورو ڪي گهڻو، هو لکندو ئي رهيو آهي ۽ لکندو رهي ٿو. اهو ان ڪري نوجوان وٽ لکڻ لاءِ موضوع ۽ مقصد جي ڪڏهن به تنگي يا کوٽ نه رهي آهي. هن ڌرتيءَ، انسان، انسانيت، ديش، عوام ۽ انهن جي مسئلن کان منهن نه موڙيو آهي. جيستائين فنڪار وٽ موضوع آهي. فن ۽ تخليق جو مقصد آهي، تيستائين هن جي تخليقي عمل جو سلسلو ختم نه ٿو ٿي سگهي.
    ان عرصي دوران ٻي خاص همٿائيندڙ حقيقت اها اڀري آئي آهي ته ان وچ ۾ سنڌي زبان جي اديبن ۽ شاعرن جو نئون نسل ڀرپور نموني اسري ويو آهي. انهن جي تخليقن پڙهڻ کانپوءِ کين سنگت جي ميڙن ۽ ادبي اجتماعن ۾ ٻڌڻ کانپوءِ منهنجي آس ۽ اميد وڌيڪ مضبوط ٿي آهي. هاڻي آئون انهن نراسائيءَ ۽ نااميديءَ جي شڪار ٿيل دوستن ۽ ساٿين سان وڏي واڪ ويهي ڳالهائي سگهان ٿو. جي ادب ۾ جمود ۽ ماٺ جا وهم ۽ گمان ظاهر ڪري، ان جي حال ۽ مستقبل کان مايوس ٿي ويا آهن.
    اسان جي نئين نسل وٽ فن به آهي ته فڪر به، وٽن سوچ آهي ۽ سلجهيل دماغ پڻ، وٽن مشاهدو به آهي ته سندن من ۾ مانڌاڻ به آهي، هنن وٽ ان سوچ ۽ لوچ کي پيش ڪرڻ جو انداز به ججهو آهي. هنن کي قومي ۽ بين الاقوامي مسئلن جي پروڙ آهي. هنن وٽ انسان ۽ انسانيت جي مسئلن جي پوري پوري پرجهه آهي. هو نه رڳو مسئلن کي ڄاڻن ٿا، پر انهن جي نشاندهي ڪري سگهن ٿا. هو کنيل موضوع کي مقصد ۽ آدرش آهر نڀائڻ به ڄاڻن ٿا. پر انهن ۾ رڳي اڪيلي اوڻائي اها آهي ته نوان ۽ ننڍڙا اديب آهن ۽ وڏن مڃيل اديبن جي منجهن اک ڪانه ٿي ٻڏي، جنهن ڪري چيو وڃي ٿو ته سنڌي ادب تي جمود آهي! اهو ڏسڻ ۽ وسمهڻ جي تڪليف نه ٿي ڪئي وڃي ته مٿين تهه جي هيٺان سهي ولوڙ آهي. ارتقا جي عمل ۾ ائين ٿيڻ ڪنهن حد تائين سڀاويڪ به آهي. هڪ لقاءَ جي ٻي لقاءَ ۾ منتقل ٿيڻ واري نڪتي تي رسڻ کان اڳ، اوسر جي ان عمل ۾، ائين محسوس ٿيندو آهي ۽ ٻي گهڙي، ان نڪتي تي رسڻ سان ئي نئون لقاءُ ۽ نئين شيءِ وجود وٺي ظاهر ٿيندي آهي. اها گهڙي ويجهي آهي. ان ڪري مان سنڌي ادب جي حال ۽ مستقبل کان، نااميد نه آهيان، مون لاءِ نااميدي ڪفر برابر آهي. مان نئين اسرندڙ نسل کي ڏٺو آهي ۽ سمجهيو آهي. رڳو سکر ۾ گذريل ان عرصي دوران چڱا چوکا فنڪار ادبي دنيا ۾ اُسري آيا آهن. رفيق سومرو، ادل سومرو، اياز گل، رسول ميمڻ، رحمان جافرادي، سدا حيات جلباڻي ۽ سيف پنوي وغيره وغيره.
    رسول ميمڻ گذريل ٻن سالن کان افسانو لکي رهيو آهي. ڪڏهين ڪڏهين شعر تي به هٿ هلائي ٿو. ٽيڙو ۽ وائيءَ تي سٺي ۽ سهڻي پهچ اٿس. سنگت جي ڪچهرين ۾ سندس افساني تي به ايترو ئي داد ملندو آهي. جيترو شعر تي. ان ڪري في الوقت چئي نه ٿو سگهجي ته هو اڳتي هلي هڪ اعليٰ ۽ عظيم ڪهاڻيڪار ٿيندو يا شاعر. جيترو قد ۾ مٿي ۽ اوچو آهي. اوترو ئي سوچ ۾ هيٺ ۽ اونهو آهي. هيءُ حليم سڀاءَ وارو نوجوان ميڊيڪل جو شاگرد آهي. مُڙدن جي وڍ ڪٽ ۾ ڪيترو ڪامياب آهي. سو ته آئون نه ٿو چئي سگهان، پر سماج جي جيئري جاڳندي انسان ۽ ان جي اندر جي وڍ ڪٽ ڪمال مهارت سان ڪري سگهي ٿو. ڏاڍو اونهو آهي ۽ گهرو پڻ. حساس به ته حقيقت پسند به. رسول ميمڻ جي افسانن جو موضوع اڄ جو اٻوجهه ۽ اياڻو ايذايل انسان آهي ۽ انسانيت جو فرسوده ۽ انسان دشمن قدر. هو انساني سماج جي اوڻاين، اوچ نيچ ۽ ايذاءَ جو اڻ ٽر ويري آهي. هو انسانيت جي دشمن جنگ جو جاني دشمن آهي. هن جو من امن لاءِ ڦٿڪندو ۽ لڇندو پڇندو رهي ٿو. هو انسان جي عظمت جو دائي آهي. هو انسان کي ڪنهن قدرت يا جبر جو طفيلي يا ماتحت ڏسڻ ۽ سمجهڻ نٿو تسليم ڪري. هو انساني سماج ۽ انسانيت جي ناسورن کي اقتصادي مسئلن ۾ غير برابرين جي پيدائش ٿو سمجهي. هو چئي ٿو پيٽ وڏي شيءِ آهي. بک ئي اهو سرچشمو آهي، جنهن مان انساني براين ۽ بدين جون سڀ نهرون ۽ واهيون وهي هلن ٿيون، بک ئي سڀني گناهن کي جنم ڏيندڙ ديوي آهي.
    اهي ئي ساڀيائون، اهي ئي سپنا ۽ اهي ئي آدرش اسان کي رسول ميمڻ جي، هن مجموعي “امن جي نالي” ۾ شامل افسانن ۾ ملن ٿا. “انسانيت، دونهون ۽ لاش” ۽ “امن جي نالي” افسانن ۾ جنگ جي ميدان جي پس منظر ۾ هن انسان جي جذبن، آدرشن ۽ ڪيفيتن کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پنهنجي هٿان پنهنجن جي نسل جي تباهي ۽ بربادي انسان کي سوچڻ تي مجبور ٿي ڪري ته آخر هيءَ جنگ ڇو؟ ٻيا به ڪيترائي محاذ آهن جنگ لاءِ! آخر انسان انهن محاذن تي منهن ڇو نه ٿو ڏئي؟ مفلسيءَ سان جنگ، اندر سان جنگ، براين ۽ سماج جي ناسورن سان جنگ!... ماڻهو ڇو نه اهڙي حقيقت سان وڙهي، ان تباهه ڪن لڙاين کي جنم ڏين ٿيون.
    “هاڃو هاڃو هاءِ! حياتي” ۽ “سڪون ڪٿي آ” ۾ رسول ميمڻ گناهه جي فلسفي جو اپٽار ڪيو آهي. طبقاتي سماج ۾ اقتصادي غير برابري ۽ غير يقينيءَ سبب پيدا ٿيندڙ بک ۽ مجبوريءَ ئي گناهه جو سرچشمو آهي. بک بڇڙو ٽول آ، جا داناءَ ديوانا ڪري ڇڏي يا شاهه سائينءَ چواڻي “ڍؤ بنا ڍوليا، ڪانهي ساڃهه ساهه جي” انهن اڻ مٽ ۽ سچين چوڻين کي رسول ميمڻ نهايت ئي ڪاريگريءَ ۽ فني مهارت سان افسانن ذريعي نڀايو آهي. بک سڀ احساس مٽايو ڇڏي، مذهبي تقدس ۽ اخلاقي پابنديون، سماجي نيم ۽ انساني حد بنديون، بک لحظي ۾ لتاڙيو وڃي، رسول جو خيال آهي ته بک ڪڏهن به نه ختم ٿيندڙ گهنڊ آهي، جيڪو دنيا جي ديول تي هميشه لڏندو رهندو. ان ۾ فنڪار جي نراسا جي جهلڪ ملي ٿي، جا سندس ٻين افسانن ۾ پٽيءَ ڪانه آهي، يا اڻ لکي آهي.
    “بستيون ۽ پستيون” افسانو، رسول ميمڻ جي منظر ڪشيءَ ۽ ڪردار نگاريءَ جو نادر نمونو آهي. هن افساني ۾ اهڙي بستيءَ جو منظر چٽيو ويو آهي. جتي بک، بيروزگاريءَ، مفلسيءَ ۽ مجبوريءَ جو راڄ آهي. جتي نه رڳو گند ۽ ڪچري جا ڍير آهن، پر انساني سماج جي بڇڙايُن ۽ گندگين جا انبار آهن. انسان ان جي ماحول، چيهون چيهون ٿيل زندگيءَ جي عڪاسي، رسول ميمڻ جي مشاهدي جي قوت ۽ حساس دليءَ جو چٽو ثبوت آهي. ائي ٿو لڳي ته، نه رڳو فنڪار ان بستيءَ ۾ رهي ٿو، پر اتان جي واسين جي دلين، گهٽين گهيرن مان به گهمي آيو آهي. ان بستيءَ جي رهواسين جي ڪردار نگاريءَ ۾ رسول پنهنجو اندر اٿلائي رکيو آهي. اکين آڏو خاندوءَ، راهوءَ ۽ پٽهنس جون جيئريون جاڳنديون چرندڙ پرندڙ صورتون اڀري ٿيون اچن. “پارس هٿ” انسان جي عظمت جو دليل آهي. انسان جو هٿ پارس آهي. جنهن کي سڃي سو سون ٿئي. قدرت ۽ قسمت انساني هٿ جي ڇهاءَ جو ٻيو نالو آهي. انسان جو هٿ ئي قدرت کي جنم ڏئي ٿو يا مڪمل ڪري ٿو. انسان محتاج نه آهي، پر پاڻ مالڪ آهي. مقدر ۽ بخت ماڻهوءَ جي محنت جو ٻيو نانءُ آهي. ماڻهو مقدر آڏو مجبور نه آهي، پر پنهنجي محنت جو محتاج آهي. “هيءَ سين نه ڏيندي چين” افساني ۾ پراڻي ۽ قابل بحث موضوع کي رسول ميمڻ پنهنجي انداز ۾ پيش ڪرڻ ۽ نڀائڻ جي جرئت ڪئي آهي. ٻين لاءِ جيئڻ ۾ ئي زندگيءَ جي امرتا جو راز آهي. پنهنجي لاءِ جيئڻ بي معنيٰ آهي. پنهنجي ذهن تائين ۽ خواهش تائين محدود سوچ رکندڙ فنڪار ئي نراسا جو شڪار ٿئي ٿو، فراريت جي ڦند ۾ ڦاسي ٿو. سنسار لاءِ سوچيو، جڳ جي جهوري جيءَ کي لايو، انسان جي احياءَ، عظمت ۽ ڇوٽڪاري لاءِ جدوجهد ڪندڙ فنڪار ئي امر ٿي سگهي ٿو. ۽ نراشا کان جان ڇڏائي سگهي ٿو. فن جي قيمت ناڻو يا ٺلهو داد نه آهي، پر سماج ۽ ان جي قدرن جي تبديلي آهي. ان آدرش سان ئي فنڪار تخليق جو عمل جاري رکي سگهي ٿو. آس جي دولت سان مالا مال ٿي سگهي ٿو. ذهني مونجهارن مان پار پئجي سگهي ٿو، امرتا ماڻي سگهي ٿو. اهو ئي تاتپرج ۽ تاڃي پيٽو آهي. رسول ميمڻ جي انهن اٺن افسانن جو، جي هن مجموعي ۾ شامل آهن. سندسن هيءَ مجموعو پهريون ۽ شروعاتي مجموعو آهي. انهن افسانن ۾، جيئن مان مٿي چئي آيو آهيان، نه رڳو فڪر آهي، پر فن به آهي، سندس نئين گهڙيل قلم انهن افسانن کي فني نڪته نظر کان به سينگارڻ ۾ وسان نه گهٽايو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪي زبان ۽ گرامر جا ماهر ۽ گهاگهه سندس لکت مان وڏون ڪڍن، پر جي اهي به سندس عمر ۽ تجربي جي لحاظ کان ان تي نظر وجهندا ته کين رسول ميمڻ جي نثر ۾ اهي سڀ خوبيون ڏسڻ ۾ اينديون، جي افساني لاءِ گهربل هونديون آهن، يا سٺي نثر لاءِ ضروري هونديون آهن، وٽس موضوع به آهي ته مقصد به. وٽس منظرڪشي به آهي ته ڪردار نگاري به. وٽس مشاهدو به آهي ته ان جو اظهار به. هن وٽ سوچ جي سيبتائي به آهي ته لطيف انساني جذبن جي عڪاسي به. سندس ٻوليءَ ۾ رواني به آهي ته مٺاس به. پنهنجي هن پهرين ۽ اوائلي ڪوشش ۾ جا هن ڪاميابي ماڻي آهي. ان جي آڌار تي، چئي سگهجي ٿو ته، اسان جو هي نوجوان ۽ نئين نسل جو فنڪار، اڳتي هلي، پنهنجي فن ۽ فڪر ۾ پختگي پائي، سنڌي ادب ۾ ۽ خاص ڪري افساني جي دنيا ۾ نمايان ۽ منفرد مقام ماڻيندو. فن يا ان جي تخليق هڪ مسلسل ۽ اڻ کٽ جدوجهد آهي ۽ ان جي شروعات رسول ميمڻ سٺي ۽ سڦل نموني ڪئي آهي. مون کي اميد آهي ته هن ساٿيءَ کي اها سين چين نه ڏيندي ۽ هو جستجو ۽ جاکوڙ جاري رکندو ۽ پنهنجي جيون جو آدرش اوس ماڻيندو.

    (1977ع)


    اڀياس: ڪافر ديوتا (امر جليل)

    ڪنهن به ڪتاب جو مهاڳ گهڻو ڪري رٽائرڊ اديب لکندا آهن، مان لکڻ تان رٽائرڊ نه ٿيو آهيان، مان هڪ ٽهيءَ کان ٻيءَ ٽهي تائين نوجوانن جو همعصر آهيان. لکي رهيو آهيان. ڪتابن جا مهاڳ رٽائرڊ اديبن کان سواءِ بزرگ اديب به لکندا آهن، مان عمر جي لحاظ کان لهندڙ سج ۾ شاهه بلوط جو پاڇو آهيان. مان موهن جي دڙي جو ڊٺل چوواٽو آهيان. مان اروڙ جي شڪست آهيان، پر مان بزرگ نه آهيان. مان محبت جو ليکڪُ آهيان، مان ڦوهه جوانيءَ ۾ پنهنجي محبت کان جدا ٿيل آهيان، ان جدائيءَ کي مون جسم کان جان جي جدائيءَ وانگر محسوس ڪيو آهي. دل جا داغ روشن آهن. وقت جي دز تصور جي آئيني ۾ ڪنهن جو عڪس لُٽي نه سگهي آهي. مون ان کي پنهنجي وجود ۾ ساهه وانگر محسوس ڪيو آهي، حياتيءَ جي وحشتن ۾ ڪا گهڙي اهڙي نه گذري آهي، جو خيالن جا غوراب ياد جي سمونڊ تان واپس وريا هجن. هوءَ جتي به آهي، جيئن به آهي منهنجي قوت آهي. منهنجي همت آهي. هوءَ منهنجي روشني آهي، هوءَ منهنجي بصيرت آهي. اسين ٻئي پنهنجي پنهنجي تقدير جا ڪاتب نه هئاسين. تنهن ڪري جدائيءَ جي ريکا ڊاهي نه سگهياسين. منهنجي تحرير جو هڪ هڪ لفظ هن لاءِ آهي. هڪ هڪ جملو هن لاءِ آهي. مون هن لاءِ لکيو آهي. مان هن لاءِ لکندو رهندس. مون هڪ دفعي کيس چيو هو:
    “منهنجو آواگان ۾ يقين آهي، مان تاريخ جي هر دور ۾ تنهنجي لاءِ جنم وٺندو رهندس. سنڌو! مجبورين ۽ پابندين جي باوجود مان توسان محبت ڪندو رهندس. توکي چاهڻ جي باوجود توکان جدا ٿيندو رهندس.”
    محبت جا ليکڪ بزرگ نه ٿيندا آهن، تنهن ڪري مان رسول ميمڻ جي ڪتاب جو مُهاڳ نه لکندس. مان رسول ميمڻ جي حوالي سان ادب ۾ اولڙن جو ذڪر ڪندس.
    دنيا جي هر ڪا تخليق درد مان جنم وٺندي آهي، تخليقي عمل جي درد مان لنگهندي ڪجهه عرصي تائين فنڪارن کي سنئين واٽ وٺ نه ڏيندي آهي. ان مونجهاري چڱن چوکن فنڪارن کي ماري وڌو آهي. مون رسول جا افسانا غور ۽ چاهه سان پڙهيا آهن. مان اهو نه چوندس ته رسول کان اڳ ڪنهن به اهڙا سٺا افسانا نه لکيا هئا! ۽ رسول ميمڻ کان پوءِ به سٺا افسانا نه لکي سگهندو. اها ننگي منافقت ٿيندي. رسول کان اڳ سٺا افسانا لکيا ويا آهن! ۽ رسول ميمڻ کان پوءِ به سٺا افسانا لکيا ويندا. تاريخ جي تسلسل کي ڪا به طاقت روڪي نه سگهي آهي. ويجهڙائيءَ ۾ شايع ٿيل رسول جي شاعريءَ جو ڪتاب “اوشا جي آشا” پڙهڻ کانپوءِ شدت سان محسوس ڪيو اٿم ته رسول بنيادي طرح Fiction جو ليکڪ آهي. ڪهاڻيءَ جي فن ڏانهن سندس لاڙو شاعراڻو آهي. سندس سوچ شاعراڻي آهي. سندس اظهار جو طريقو شاعراڻو آهي. سنڌي ادب ۾ تمام گهٽ اهڙا اديب آهن جن کي نظم ۽ نثر تي هڪ جهڙي قدرت حاصل آهي. في الحال اهڙن ٻن اديبن جا نالا دل تي آيا آهن. هڪ لڇمڻ ڪومل ۽ ٻيو قمر شهباز.
    رسول کي سٺن افسانن جي ڏات مليل آهي، هن ڪتاب ۾ شامل افسانن جي باري ۾ ڪا به راءِ ڏيئي، مان اوهان جي راءِ لاءِ تضاد جو سبب پيدا نه ڪندس. مان فقط ايترو چوندس ته رسول جا افسانا غور سان، توجهه سان ۽ همدرديءَ سان پڙهيا وڃن. رسول جا افسانا انهن جي سمجهه کان بالاتر آهن، جن جي عقل ۽ فهم تي تعصب جا پاڇا پيل آهن.


    اڀياس: چچريل زندگين جا قافلا (رشيد ڀٽي)

    “1981ع” سنڌ ۾ ساهت سال ڪري ملهايو ويو. سنڌ جي شهر شهر ڳوٺ ڳوٺ ۾ ننڍي توڙي وڏي پئماني تي ساهت ڪانفرسون ۽ ميڙ مجلسون ڪوٺايون ويون، ادبي جماعتن ۽ ادارن اشاعت گهرن ۽ فردن ڪتاب ڇپرايا. هن سال سٺو چهچٽو ٿيو ۽ ڪافي ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيا.
    اهو سڀ ڪجهه ذاتي طرح ۽ نجي ادارن طرفان ٿيو، هن سال به سرڪار ان ڏس ۾ ڪو خاص پاڻ نه موکيو. همت افزائي ۽ ٺلهي تعاون جي حد تائين به نه! ادبي انجمنن سان گڏوگڏ سنڌ جي ثقافتي ۽ سماجي تنظيمن به ساهت سال جي سلسلي ۾ اڳتي وڌي ڪم ڪيو.
    ڪراچيءَ واري “شاهه لطيف ثقافتي سوسائٽيءَ” ساهت ڪانفرنس منعقد ڪئي، جا گذريل ڏهن پندرهن سالن جي عرصي ۾ يادگار ۽ مثالي گڏجاڻي آهي. سڀ کان وڌيڪ جنهن جماعت هن ڪارج ۾ وڌ ۾ وڌ حصو ورتو سا “سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن” آهي.
    هميشه جيان هن جماعت جي سکر شاخ به پٺتي نه رهي آهي. “لطيف سال” جي موقعي تي سگا سکر اختتامي “لطيف ڪانگريس” سکر جي جيمخاني ميدان ۾ منعقد ڪئي هئي، جا پنهنجو مٽ پاڻ هئي ۽ نه وسرندڙ نقش ڇڏي ويندڙ محفل هئي. “ٻارن جو سالُ” جي موقعي تي سکر شاخ سنڌ جي نوجوان شاعر ۽ شاخ جي سرگرم رڪن ادل سومري جو ٻارن لاءِ شاعري جو ڪتاب “چنڊ پشم گولو” ڇپرايو هيو. هن سال به اختتام وقت اسين سکر جي نوجوان ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ جي نون افسانن جو مجموعو “چچريل زندگين جا قافلا” ساهت سال جي ڀيٽا طور پيش ڪري رهيا آهيون.
    رسول ميمڻ هن وقت، سکر توڙي سنڌ واسين لاءِ ڪو نئون نالو نه آهي، هن مهل تائين سندس ٻه ڪهاڻين جا مجموعا “امن جي نالي” ۽ “ڪافر ديوتا” شايع ٿي چڪا آهن. سندس هڪ شعري انتخاب “اوشا جي آشا” به پڙهندڙن وٽ پهچي چڪو آهي. رسول ميمڻ جي فڪر ۽ فن بابت راقم الحروف ۽ دوست امر جليل، سندس اڳين ٻن مجموعن تي مهاڳن ۾ ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. سندس پهرين مجموعي “امن جي نالي” لکندي مون راءِ ڏني هئي:
    “جيترو قد ۾ مٿي اوچو آهي اوترو ئي سوچ ۾ هيٺ ۽ اونهو آهي، هي حليم سڀاءَ وارو نوجوان هن وقت ميڊيڪل ڪاليج جو شاگرد آهي، مُڙدن جي وڍ ڪٽ ۾ ڪيترو ڪامياب ويو آهي، سو ته مان نه ٿو چئي سگهان، پر سماج جي جيئري جاڳندي انسان ۽ ان جي اندر جي وڍ ڪٽ ڪمال مهارت سان ڪري سگهي ٿو. ڏاڍو اونهو آهي ۽ گهرو پڻ. حساس به، ته حقيقت پسند به...رسول ميمڻ جي افسانن جو موضوع اڄ جو اٻوجهه ۽ اياڻو ايذايل انسان آهي. انسانيت جو فرسوده ۽ انسان دشمن قدر. هو انساني سماج جي اوڻاين، اوچ نيچ ۽ ايذاءَ جو اڻ ٽر ويري آهي. هو انسان جي عظمت جو داعي آهي. هو انسان کي ڪنهن قدرت يا جبر جو طفيلي يا ماتحت ڏسڻ ۽ سمجهڻ نه ٿو تسليم ڪري. هو انساني سماج ۽ انسانيت جي ناسورن کي اقتصادي مسئلن ۾ غير برابرين جي پيدائش ٿو سمجهي. وٽس موضوع به آهي ته مقصد به. وٽس منظرڪشي به آهي ته ڪردار نگاري به. وٽس مشاهدو به آهي ته لطيف انساني جذبن جي عڪاسي به. وٽس لفظن جي چونڊ به آهي ته تشبيهن جي ترائي به.”
    رسول ميمڻ جي ساڳئي ڪتاب تي هلال پاڪستان جي ڪالم ۾ لکندي، امر جليل چوي ٿو:
    “ٻاويهن سالن جو نوجوان رسول ميمڻ ان شهر جو آهي، جنهن شهر مولائي شيدائي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ کي جنم ڏنو آهي، اهڙن قداورن جي وچ ۾ ڏات ۽ ڏانءَ سان جهنجهيل هيءَ نوجوان وڏيءَ هاٺيءَ ڪاٺيءَ سان پيدا ٿيو آهي. رسول ميمڻ امن جو پيغمبر آهي. رسول انسانيت جي مرڻينگ جسم ۾ نئون ڦوڪيندڙ مسيحا آهي، اسان ارڏن، سوداين ۽ سچائيءَ لاءِ متلاشي قافلي جي مسافرن جو نئون ساٿي آهي.”
    رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جي ٻي مجموعي “ڪافر ديوتا” (1979ع) جي مُهاڳ ۾ امر هن لاءِ لکي ٿو:
    “اوشا جي آشا” پڙهڻ کانپوءِ شدت سان محسوس ڪيم ته رسول بنيادي طرح فڪشن جو ليکڪ آهي، ڪهاڻيءَ جي فن ڏانهن سندن لاڙو شاعراڻو آهي. سنڌي ادب ۾ تمام گهٽ اهڙا اديب آهن، جن کي نظم توڙي نثر تي هڪ جهڙي قدرت آهي. في الحال اهڙن ٻن اديبن جا نالا دل تي تري آيا آهن. هڪ لڇمڻ ڪومل ۽ ٻيو قمبر شهباز... رسول کي سٺن افسانن جي ڏات مليل آهي... مان فقط ايترو چوندس ته رسول ميمڻ جا افسانا غور سان، توجهه سان ۽ همدرديءَ سان پڙهيا وڃن، رسول ميمڻ جا افسانا انهن جي سمجهه کان بالاتر آهن جن جي عقل ۽ فهم تي تعصب جا پاڇا پيل آهن.”
    مٿين حوالن ۾ رسول جي افساني تي هڪ جامع راءِ جو اظهار ملي ٿو. سندس هن مجموعي جا افسانا به ان ئي راءِ ۽ معيار تي ٺهڪندڙ آهن. ان عرصي دوران اسان کي سندس سوچ ۽ شعور ۽ فڪر وفهم ۾ نمايان واڌارو ۽ اوسر نظر اچي ٿي. فڪري طور هي افسانا سندس اڳين افسانن کان اڳتي وکون آهن، پر اظهار جي پنهنجي مخصوص شاعراڻي طريقي کي الوداع چئي رسول ان راهه ۾ نثراڻي (خالص) اظهار جو تجربو ڪيو آهي. ان ڪري، منهنجي خيال ۾، هو ڪن افسانن جي موضوع کي نڀائڻ يا پلاٽ سان انصاف ڪرڻ ۾ اهڙو اثرائتو ثابت نه ٿيو آهي، جهڙو هوءَ اڳين ۾ ٿيو آهي، منهنجي اها راءِ ڪا حتمي نه آهي، نه ڪي سند، پڙهندڙ پاڻ پڙهي فيصلو ڪرڻ ۽ راءِ ڏيڻ جا مجاز آهن.
    آخر ۾ هڪ ڳالهه لاءِ پنهنجي پاران پڙهندڙن کان معافي جي طلب ٿي ڪجي، ڇپائيءَ جي اڻ پوري ۽ ناقص انتظامن سبب، اسين هي ڪتاب ڇپائي ۽ گيٽ اپ جي لحاظ کان ليکڪ، سندس فن ۽ فڪر جي معيار مطابق، پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويا آهيون، اميد ته مواد جي بهتري ان ڪمتريءَ تي حاوي پوندي.

    (1981ع)


    اڀياس: رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون (ممتاز مهر )

    نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ شاعر رسول ميمڻ 1975ع کان باقاعدگيءَ سان لکڻ شروع ڪيو ۽ ٽن سالن جي دوران ايتريون ته ڪهاڻيون لکيائين جو انهن جا ٽي مجموعا تيار ٿي ويا آهن. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “امن جي نالي” 1977ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو “ڪافر ديوتا” 1979ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ ڪهاڻين جو ٽيون مجموعو “چچريل زندگين جا قافلا” ڊسمبر 1981ع م ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. يعني ته هن انهن ٽن سالن جي دوران اٽڪل 25 معياري ڪهاڻيون لکيون آهن، جن مان ڪي ته واقعي سٺيون ڪهاڻيون آهن ۽ گهرو تاثر قائم ڪن ٿيون. جهڙوڪ ڪهاڻي “ورکا” ۽ ڪهاڻي “مرد نامرد” رسول ميمڻ جي ڪن ڪهاڻين جو رنگ فلسفيانه آهي، جهڙوڪ “ڪافر ديوتا”، “ڪارو پهاڙ” انهن ڪهاڻين جو انداز بيان شديد نوع جو آهي ۽ شدت سان پلاٽ تي حاوي نظر ايندو، ته سندس ڪجهه ڪهاڻيون “گوڊوٽ جو جنم” گهڻيون تبليغي لڳنديون، رسول ميمڻ ڪم عمريءَ ۾ ئي پنهنجي ڪهاڻين ۾ اهڙن ته ڳوڙهن ۽ ڳنڀير مسئلن کي کنيو آهي جو عام طرح پڙهيل ڳڙهيل نوجوان اهڙن مسئلن تي سوچيندا به ناهن. هڪ طرح سان رسول ميمڻ انهن مسئلن ۽ موضوعن کي ڪهاڻين ۾ آڻي انهن بظاهر پڙهيل ڳڙهيل پر ذهني طرح ڪور چشم ماڻهن کي للڪاريو آهي. جن کائڻ، پيئڻ ۽ ذاتي فائدن جي حصول کي زندگيءَ جو مقصد سمجهيو آهي.
    رسول ميمڻ ننڍپڻ کان ذهين ۽ حساس رهيو آهي، ويتر جو جوانيءَ جي پهرين مرحلي ۾ جڏهن سندس هم عمر ساٿي ڪرڪيٽ جي ڪامينٽري ٻڌڻ ۾ وقت گذاريندا هئا. تڏهن هو سکر جي معصوم شاهه لائبريريءَ ۾ روزانو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي سنڌي ادب سميت عالمي ادب جو اڀياس ڪرڻ لڳو ته سندس دوست به ڪافي بنجي ويا. هن ليوٽالسٽاءِ، نيٿيل هاٿورن، اسٽين بيڪ، ارسڪن ڪالڊويل، خليل جبران، قرت العين حيدر، هينرخ بوئل ۽ امر جليل جي فن ۽ فڪر مان اتساهه وٺي ڪهاڻيون ۽ شعر رچڻ شروع ڪري ڏنا.
    هڪ ڳالهه واضح آهي ته هو گهڻن ئي ليکڪن، خاص طرح خليل جبران کان متاثر ٿيل نظر اچي ٿو، هن جي لکڻ جي اسٽائيل ۽ اظهار بيان، پنهنجو آهي. رسول ميمڻ جتي فن ۽ فڪر سان مالا مال ڪهاڻيون به لکي ٿو ته خوبصورت ۽ پراثر اميجري وارا شعر به رچي ٿو. ڪهاڻين جي مذڪوره ٽن مجموعن کان علاوه هن جو هڪ شعري مجموعو “اوشا جي آشا” 1979ع ۾ ڇپيو آهي. جمالياتي حض ڏيندڙ سندس فڪر انگيز شاعري ۽ فلسفيانه موضوع وارين توڙي خالص معروضي حقيقت جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻين کي پڙهڻ کانپوءِ هيءَ فيصلو ڪرڻ مشڪل آهي ته هو ڪهڙي صنف ۾ وڌيڪ ڪامياب آهي... ڪهاڻيءَ جي صنف يا شاعريءَ جي ميدان ۾! ڇاڪاڻ ته منهنجي خيال ۾ هو ٻنهي صنفن کي ڪاميابيءَ سان نڀائيندو آيو آهي.”
    مثال طور سندس فڪر انگيز شاعريءَ جو هڪ نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
    انڌا
    ڪير ٿو چوي
    انڌن کي اکيون
    نه هونديون آهن
    انهن کي ته،
    صاف ڏسڻ ۾ ايندي آهي
    آس پاس جي هر شيءِ
    هر لقاءُ
    هو ڏسي سگهندا آهن
    ۽ محسوس ڪندا آهن
    پر اهي
    اوندهه ۾ جنم وٺندا آهن
    اوندهه ۾ رهندا آهن
    ۽ اوندهه ۾ مري ويندا آهن
    منهنجي خيال ۾ سندس مٿيون شعر جديد سنڌي شاعريءَ جو بهترين نمونو آهي، ته وري سندس نثر نگاريءَ جو هڪ بهترين نمونو هن جي ڪهاڻي “ورکا” جي هيٺين هڪ پئراگراف مان پسي سگهجي ٿو:
    “هن قبرستان ۾ نظر ڦيري، هن ڏٺو، چانڊوڪي ڄڻ بيوهه رن هئي جنهن پيلي منهن تي لپاٽون هڻي پار پئي ڪڍيا. پريان هڪ ڪنڊيءَ جو اگهاڙو وڻ بيٺو هو، جنهن جي سموري ساواڻ سرديءَ پي ڇڏي هئي ۽ اهو ائين ٿي محسوس ٿيو جيئن ٻانهون ڦهلائي خيرات وٺندڙ فقير جي اگهاڙي بدن ۾ ڳڍيون پئجي ويون هجن ۽ هو اتي ئي سڪ ٿي ويو هجي. کٻڙ روئي رهيا هيا ۽ انهن جي پتن تي ڄميل ڳوڙها هر هر هيٺ ٿي ڇڻيا، وچ قبرستان ۾ بيٺل ڪچي مسجد جا منارا هن کي بي جان لڳا ۽ قبرن جا ڪتبا هن کي کائڻ لاءِ ڄڻ وات کولي بيهي رهيا.”
    هڪ پرڏيهي نقاد شاعر جي تعريف ڪندي لکيو آهي ته:
    “He Looks Right into the patterns for the felling behind them.”
    رسول ميمڻ جي نثر ۾ شاعرانه حسن ۽ تخيل آهي ته وري سندس شعرن ۾ نثري قوت ۽ وسعت سمايل آهي. تنهن ڪري رسول ميمڻ پنهنجي شعري مجموعي “اوشا جي آشا” جي مهاڳ ۾ درست لکيو آهي ته “آئون سمجهان ٿو ته دنيا جي هر سٺي ڪهاڻيڪار وٽ شاعريءَ جا عڪس ضرور آهن، پوءِ انهن کي الڳ نموني چٽي ٿو يا نه، اهو هن تي منحصر آهي.”
    رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جي نئين مجموعي “چچريل زندگين جا قافلا” ۾ شامل ڪهاڻيون سندس ٻين ٻن مجموعن ۾ شامل ڪهاڻين جي موضوعن ۽ انهن جي ٽريٽمينٽ کان مختلف آهن. هن جي نئين مجموعي ۾ شامل ڪهاڻين ۾ عام سماجي مسئلن کي موضوع بنايو ويو آهي. اهي ڪهاڻيون مجموعي طرف سماجي حقيقت نگاريءَ جي زمري ۾ اچي وڃن ٿيون. جڏهن ته سندس اڳ وارن مجموعن جون ڪهاڻيون مجموعي طور عام سماجي مسئلن جي بجاءِ ميٽافزيڪل موضوعن تي آڌار رکن ٿيون. تنهن ڪري هن جي لکڻين ۾ ويرائٽي ملندي. جيستائين مقصد ۽ نظرين جو تعلق آهي ته رسول ميمڻ جي فلسفيانه ۽ نيم فلسفيانه ڪهاڻين ۾ مقصد ۽ نظريو تبليغ ۽ پرچار جي حد تائين چٽو نظر ايندو، جڏهن ته سندس سماجي حقيقت وارين ڪهاڻين ۾ تبليغ ۽ پرچار جو عنصر نظر ڪونه ايندو. بهرحال سماجي حقيقت واريون ڪهاڻيون جن ۾ رسول ميمڻ جون ان قسم جون ڪهاڻيون شامل آهن، مقصد ۽ مطلب کان عاري ڪونه هونديون آهن. چوڻ جو مقصد هيءَ آهي ته سندس نئين مجموعي جي ڪهاڻين ۾ نظريو فن تي حاوي ڪونهي. جڏهن ته سندس ٻين ڳنڀير موضوعن وارين ڪهاڻين ۾ مقصد ۽ نظريو فن تي حاوي نظر ايندو. سندس ڪهاڻي “ورکا” (جنهن جو ذڪر مٿي ڪري چڪو آهيان.) جي ٽريٽمينٽ اهڙي ته خوبصورتيءَ سان ڪئي وئي آهي جو ان ۾ ڀيٽ ڪيل نظريي ۽ ڪهاڻيءَ جي اسٽرڪچرل تاڃي پيٽي ۾ توازن نظر ايندو. رسول ميمڻ جي ڪهاڻي “ورکا” خارجي ۽ داخلا حقيقت نگاري ۽ خوبين واري صورتحال جي امتزاج جو اعليٰ نمونو آهي.
    دنيا جي ڪنهن به سڄاڻ اديب ڪا هڪ به سٽ بنا مقصد ۽ مطلب جي ڪانه لکي آهي، هر تخليق جي پٺيان ڪو نه ڪو مقصد مطلب ضرورو هوندو آهي. سوال فقط هيءَ هوندو آهي ته ڪنهن ليکڪ ڪيتري حد تائين ان مقصد ۽ مطلب کي فني طرح سان نڀايو آهي. سو رسول ميمڻ جي لکڻين ۾ مقصد ۽ مطلب ڪٿي واضح ته ڪٿي ڳجهو پر آهي ضرور. ان سان گڏ موجوده دور جي ٻين نوجوانن ۽ روشن دماغ ليکڪن وانگر آزاد طبع آهي. هو پنهنجي تخليقي اظهار کي ڪنهن به ضابطي جو پابند بنائڻ پسند ڪونه ڪندو آهي، تنهن ڪري سندس لکڻيون گهڻ رنگي ۽ وسيع ڪينواس رکن ٿيون ۽ لڳي ٿو ته هو پنهنجي تخليقي اظهار ذريعي فن ۽ فڪر جي انهن بلندين تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندو. جتي (بقول سارتر) پهچڻ بعد فنڪار پنهنجي تخليق تي حيرت کائيندي بي اختيار چئي ڏيندو آهي ته: “ڇا هيءَ تخليق منهنجي آهي؟”


    اڀياس: تخليقي ادب جو معجزو (امر جليل)

    منهنجي هٿ ۾ سنڌي افسانن جو هڪ ننڍڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪل هڪ سئو اٺ صفحا آهن، ڪتاب جي زرد سرورق تي ڌرتيءَ جي درد مان اُڀي ٿيل ٻانهن “امن جي نالي” آسمان جي وستعن سان وڃي لڳي آهي. هٿ ۾ امن ۽ آشتيءَ لاءِ سپاسنامو ۽ ٻه اڏامندڙ ڳيرا!
    مان حيرت، اچرج ۽ تجسس وچان ڪتاب ڏانهن ڏسي رهيو آهيان، منهنجو ننڍڙو مٺڙو دوست اياز گل جيڪڏهن قرب ڪري هيءُ انمول ڪتاب مون کي پٿرن جي شهر اسلام آباد ۾ نه موڪلي ها ته منهنجي ذهن جون غفائون نئين سج جي روشنيءَ کان جيڪر محروم رهن ها. هيءَ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مان پاڻ کي ان ننڍڙي نينگر وانگر نوبنو محسوس ڪري رهيو آهيان جنهن دنيا جي گولي کي ڍڳي جي سڱ تان لاهي پنهنجي هٿ تي کڻڻ جو خواب ڏٺو آهي. مان خوش آهيان، بيحد خوش آهيان، ائين لڳيم ٿو ڄڻ اسٽائين بيڪ يا ڪرشن چندر جي چونڊ افسانن جو ڪتاب پڙهي اٿيو آهيان، هيءَ ڪتاب سنڌي تخليقي ادب جو هڪ معجزو آهي، هڪ اهم ڪارنامو آهي، مان نقاد سڳورو نه آهيان، تنهن ڪري ڪتاب جي مصنف کي ڪنهن به قسم جو سرٽيفڪيٽ نه ڏيندس. مان فقط پنهنجي دل جي ڳالهه ڪندس. هيءُ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مون پنهنجيءَ دل جي ويران شهر مان هڪ اهڙي نوجوان کي لنگهندي ڏٺو آهي جنهن وٽ جذبي جي سچائي آهي، جنهن وٽ احساس جي اظهار لاءِ اسلوب سوايو آهي.
    هن ڪتاب جي مصنف جو نالو آهي “رسول ميمڻ” ۽ سندس افسانن جي ڪتاب جو نالو آهي “امن جي نالي.”
    ٻاويهن سالن جو نوجوان رسول ميمڻ ان شهر جو آهي، جنهن شهر مولائي شيدائي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ کي جنم ڏنو آهي. اهڙن قداورن جي وچ ۾ ڏات ۽ ڏانءَ سان جنجهيل هيءُ نوجوان وڏيءَ هاٺيءَ ڪاٺيءَ سان پيدا ٿيو آهي، سندس ڪتاب “امن جي نالي” منهنجي ٻن يارن جي نالن جي وچ ۾ سينڊوچ ٿيل آهي. شروعات ۾ ڪتاب جو پيش لفظ رشيد ڀٽيءَ لکيو آهي ۽ ڪتاب جي پڄاڻيءَ تي رسول ميمڻ جو تعارف منهنجي دلبر دوست فتاح ملڪ ڪرايو آهي. نئين ٽهيءَ جا نوجوان اسان جي عزت افزائي ڪندا آهن جو اسان کان پنهنجي ڪتاب جو تعارفي صفحو، يا پيش لفظ لکائيندا آهن، ورنه مون محسوس ڪيو آهي ته اسان جي نوجوان ليکڪن جي نئين ٽهي سنڌي ترقي پسند ادب جي روايت موجب بيحد سجاڳ، حساس، ذميدار، حب الوطنيءَ جي جذبي سان سرشار ۽ ادب جي اعليٰ قدرن کان آگاهه آهي، مان نه ٿو سمجهان ته رسول ميمڻ، رفيق سومرو، خليل قاضي، سليم ڪورائي، رزاق مهر، زيب ۽ ٻين نوجوانن کي ڪنهن به قسم جي تعارف وغيره جي ضرورت آهي. هو بيپناهه ڏات سبب معروف ٿي چڪا آهن ۽ سنڌي ترقي پسند ادب جي واڳ سندن هٿ ۾ آهي.
    رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ جهڙن ٻن وڏن نالن جي وچ ۾ سينڊوچ ٿيڻ جي باوجود رسول ميمڻ مون کي بيحد قداور محسوس ٿيو آهي. مون کي ائين لڳو آهي، ڄڻ ٻن قداورن ٽئين قداور جو تعارف ڪرايو آهي. مون هڪ دفعو سندس ڪتاب پڙهيو آهي، مان رسول جو ڪتاب ورائي ورائي پڙهندو رهندس. هن ڪتاب ۾ مون کي زندگيءَ جي گم ٿيل قدرن جي ڳولا، زخمي ٿيل انسانيت لاءِ مرهم ۽ اوندهه لاءِ روشنيءَ جي مقدس آدرش جو احساس ٿيو آهي.
    رسول ميمڻ امن جو پيامبر آهي، رسول انسانيت جي مرڻينگ جسم ۾ نئون روح ڦوڪيندڙ مسيحا آهي، رسول اسان ارڏن، سودائين ۽ سچائيءَ لاءِ متلاشي قافلي جي مسافرن جو نئون ساٿي آهي. ڪالم لکڻ کان اڳ سوچيو هيم ته ڪتاب جي سونهن جون سپيون کولي اوهان کي حوالن سان رسول جي سوچ ۽ ڏات جا موتي ڏيکاريندس. پر محسوس ڪريان ٿو ته ائين ڪرڻ ممڪن ناهي. سمورو ڪتاب ۽ ڪتاب جو هڪ هڪ لفظ ۽ جملو هن ڪالم جي اتارڻ منهنجي لاءِ ناممڪن آهي. اوهين ڪتاب پڙهي ڏسو ۽ ليکڪ کي، سندس سچائيءَ کي، سندس ڏات کي محسوس ڪريو.

    (1977ع)


    اڀياس: هڪ سگهارو سرجڻهار (منير سولنگي)

    رسول ميمڻ هڪ منفرد شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ مضمون نگار آهي، هو 1974ع کان لکندو پيو اچي. مانواري شاعر ادل سومري جو چوڻ آهي ته: “رسول ميمڻ جيترو قد ۾ اوچو آهي اوترو ئي سوچ ۾ هيٺ اونهو آهي.” ادل وڌيڪ لکيو: “اسان رشيد ڀٽيءَ جي انهن لفظن تي سوچيندي فيصلو نه ڪري سگهندا آهيون ته ڪهاڻين کي اوليت ڏيون يا سندس شاعريءَ کي. ڇو ته هن ٻنهي شعبن ۾ ڪاميابيءَ سان لکيو آهي.”
    انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته رسول ميمڻ هڪ منفرد شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ مضمون نگار آهي، هن جي سڀني لکڻين ۾ نرالا رنگ آهن. اهڙا رنگ ڪنهن به ٻئي سريئلسٽ ليکڪ وٽ نه آهن. رسول ميمڻ جا فڪري ۽ سائنسي مضمون به پنهنجو مٽ پاڻ آهن.
    رسول ميمڻ جي فن ۽ فڪر تي اچڻ کان اڳ ۾ ڏسون ته سريئلزم ڇا آهي؟ ڇو ته رسول ميمڻ هڪ سريئلسٽ لکاري آهي.
    پهرين مهاڀاري لڙائي جڏهن ڇڙي پيئي ته ان پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. انهيءَ لڙائي جي ڪري به سڄي يورپ تي اثر پيو ۽ اهو تمام گهڻو متاثر ٿيو. جنگ جي خلاف سخت ردعمل شروع ٿي ويو. اهڙي طرح علم ۽ ادب تي به گهرو اثر پيو. ڇو ته اديب ۽ شاعر تمام حساس ٿيندا آهن. سماج جي نبض تي انهن جو هٿ هوندو آهي. نتيجي ۾ ڪجهه نوجوان اديبن ۽ فنڪارن “دادازم” جي نالي سان هڪ ادبي تحريڪ شروع ڪئي. هن هلچل جي اڳواڻ “ترستان زارا” هيو، هن ادبي هلچل جو بنياد 1916ع ۾ وڌو ويو. هيءَ تحريڪ انهن ماڻهن جي خلاف هئي جن جنگين جي حمايت ڪري انسان ذات سان وحشياڻو سلوڪ ڪيو. “ترستان زارا” سان “جين آرپ” “صوفي تائوبر” “هوگوبال” ۽ ٻين اديبن ۽ فنڪارن ساٿ ڏنو، دادازم سان واسطو رکندڙ اديبن ۽ فنڪارن جو ادب ۾ چڙ ڏياريندڙ ۽ جارحاڻو رويو هيو. انهن جي لکڻين ۾ اشتعال انگيز پهلو تمام گهڻو هيو. هنن رواج ۾ ايندڙ اخلاقي قدرن ۾ ادبي اخلاقيات جي خلاف انتهاپسنديءَ وارو رويو اختيار ڪيو، سندن لهجو ناگوار ۽ اگرو هيو.
    ستن سالن اندر ئي هيءَ تحريڪ پنهنجي سخت گير لهجي جي ڪري اندروني تضادن ۽ اختلافن جو شڪار ٿي ويئي ۽ اهڙن منفي لاڙن جي ڪري اڳتي هلي نه سگهي. هن تحريڪ جو هاڪاري پاسو وري هي هيو ته هن تحريڪ زبان، ادب ۽ فن جا روايتي پوش ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا.
    اهو هِڪڙو وڏو انقلابي قدم هيو. ڇو ته قدامت پسند ۽ روايتي اديبن ۽ فنڪارن نواڻ يا جدت جا سڀ در بند ڪري ڇڏيا هئا. دادازم جي اديبن ۽ فنڪارن اهي در پاڙان اکيڙي پري ڦٽي ڪيا.
    نتيجو اهو نڪتو جو هن تحريڪ جون، ٻاهر به نيون راهون کلي ويون.
    1918ع مهاڀاري لڙائيءَ جي پڄاڻيءَ تي “آندري بريٽن” “هو سومن” “آرگان” “فلپ سويالٽ” ۽ ڪجهه ٻين اديبن ۽ فنڪارن دادازم جي اظهار جي طريقي ۾ ڪم ايندڙ ٻوليءَ ۽ لهجي جو خاتمو ڪري هڪ نئين راهه جوڙي، جنهن کي “سريئلزم” سڏيو ويو. سريئلزم جي پيڙهه باقاعدي 1924ع ۾ پيرس ۾ وڌي ويئي. جنهن جو اڳواڻ “آندري برپٽن” هيو. هن تحريڪ ۾ جيڪي به ليکڪ شامل هئا. اهي سمورا بورجوا قدرن جي خلاف هئا. هن انسان کي پاڻ سڃاڻ جو سبق ڏنو.
    سريئلزم جي تحريڪ ۾ شامل اديبن ۽ فنڪارن موضوع ۽ اظهار ۾ تبديلي آندي، هنن جو مقصد شين کي ظاهر شڪل ۾ پيش ڪرڻ نه هو، جيئن اهي نظر اچن ٿيون، ليڪن انهن جي اندرين سچاين تائين پهچي سياست، اخلاقيات ۽ نفسيات جو ڇيد ڪرڻ هو.
    سريئلسٽ اديبن جي قلم جي نوڪ سان اها ڪاوش هڪ نئين رنگ روغن ۾ تبديل ٿيو وڃي ۽ ساڳيءَ صورت ۾ نٿي رهي. سريئلزم ۾ داخلي ڪيفيتن کي اوليت ڏيئي انهن کي ظاهر ڪيو وڃي ٿو. هن لاڙي ۾ ليکڪ اڻ ڏٺل ۽ اڻ ٻڌل دنيا جو سير ڪري ٿو. انهيءَ دنيا کي عقلي دليلن سان دريافت ڪري نه ٿو سگهجي. هيءَ لڪل ۽ اڻ ڏٺل دنيا مادي دنيا کان بنهه نرالي آهي. سريئلسٽ ليکڪ جي خصوصيت هيءَ آهي ته انسان جي لڪل خصلتن ۽ خاصيتن کي بي ڊپو ٿي، جيئن جو تيئن ظاهر ڪري ٿو. انهيءَ لاءِ ڳوڙهي مطالعي ۽ تحليل نفسيءَ جي ضرورت رهي ٿي.
    سرئيلسٽ ليکڪ پوءِ اهي ڪهاڻيڪار، ناول نگار، فنڪار يا شاعر ۽ مصور هجن، اهي فرائيڊ جي نهايت ويجهو رهن ٿا. سريئلزم جي اثر کان سنڌي ليکڪ به بچي نه سگهيو آهي. سنڌي ادب ۾ رسول ميمڻ جو نالو انهيءَ حوالي سان تمام گهڻي مشهوري ماڻي چڪو آهي. ٻيا به ڪجهه ليکڪ آهن... اخلاق انصاري ۽ نسيم پارس گاد جو نالو به تجريدي ۽ سريئلسٽ اديبن ۾ شمار ٿئي ٿو.
    ويجهڙائيءَ ۾ رسول ميمڻ جا ڪجهه ناول ۽ ڪهاڻين جا مجموعا “قالو بلا” “سونو ڏند” “حليمان” اڻويهه عورتون” ۽ “نجومي” ڪتابي صورت ۾ آيا ۽ گهڻو مقبول ٿيا. هڪ رسالي ۾ قسط وار ڇپيل ناول “اسٽيل جا پنج گلاس” ۽ ڪهاڻيون “خوشخبري” “انبن جي موسم جو لوڪ گيت” “وڻ جي قبر” “عمر علي” “انڌو ڪوي” “ٻيپهريءَ جو ٻوسٽ” ۽ ٻيون کوڙ ساريون ڪهاڻيون به وڏي چاهه سان پڙهيون ويون. رسول ميمڻ جا فڪري ۽ سائنسي مضمون به پنهنجو مٽ پاڻ آهن.
    هڪ مضمون “آٿرتا” ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته “جڏهن دنيا مان روانو ٿيندس ته اڪيلو نه هوندس، منهنجو خدا مونسان گڏ هوندو، ڇو جو خدا منهنجي جسم جي هر جيو گهرڙي (Cell) جي ڪروموسوم (Chromosome) ۾ رهي ٿو.”
    رسول ميمڻ ڪجهه ڪهاڻيون سريئلزم جي لاڙي ۽ تجريديت کان هٽي ڪري لکيون آهن، مثال طور: “سوڙهه” ڪهاڻيءَ ۾ ننڍا ننڍا عنوان ڏنا ويا آهن، پر ڪهاڻيءَ جو تاڃي پيٽو برقرار رهي ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ غريبي، مفلسي ۽ بک جي تصوير نهايت موثر نموني سان چٽي ويئي آهي.
    هيءَ هڪ عام ڪهاڻي آهي، جيڪا ايترو متاثر نٿي ڪري، ٻي ڪهاڻي “ڏور” آهي، هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ نبي بخش جي ڪردار کي وائکو ڪيو آهي. نبي بخش لغر اڏاريندو رهي ٿو. هڪ انبالوي ڇوڪريءَ تي عاشق آهي. اها ڇوڪري هڪ چڪلي جي رنڊيءَ جي ڌيءَ آهي، هڪ شخص هن جي ماءُ سان ڪوڙو نڪاح ڪيو هو. انبالوي ڇوڪري حرامي اولاد آهي. هن تي راڄ عاشق آهن. ڇوري به تريناڪ ۽ ڇڙيل ڇنڊيل آهي. نبي بخش ننڍيءَ وهيءَ ۾ سونهن معاشقا لڙائي چڪو آهي. هو انبالوي ڇوڪريءَ جي پرڻي جي تياريءَ جو ٻڌي، ڪوٺي تان لهي اچي وڏن پاون واريءَ کٽ تي ويهي رنن وانگر روئڻ شروع ڪري ٿو. اها کٽ تمام ميري آهي. ان مٿان ڌوڙ ڄميل آهي ۽ جهرڪين جون وٺيون پيل آهن. هڪ ڏينهن اها انبالوي ڇوڪري ڪوٺي تي بيٺي هئي ته هن جي ڳچيءَ ۾ لغڙ جي ڏور ويڙهجي ويئي. ڏور هن جي ڳچيءَ کي وڍي ٿي ۽ گهڻي رت وهڻ جي ڪري هوءَ مري وڃي ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ لغر اڏاريندڙ سڀ ڪردار حقيقي محسوس ٿين ٿا. واريءَ تڙ، حيات علي شاهه جو باغ ۽ ان جو رهندڙ گلاب، غريب آباد وارو جمن، آچر، گهٽي وارو قمر، شمس آباد وارو نبي بخش ۽ ڪارو اڪرم وغيره.
    ڪهاڻيءَ ۾ اها خبر نه ٿي پوي ته اها انبالوي ڇوڪري ڪنهن جي لغڙ جي ڏور سان زخمي ٿئي ٿي ۽ مري وڃي ٿي. ڪهاڻيءَ جي اڻت لاجواب آهي ۽ ڪهاڻيڪار نهايت ڪاريگريءَ سان ڪردارن کي اجاگر ڪيو آهي. ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي دکدائڪ آهي.
    ٽئين ڪهاڻي “وڻ جي قبر” آهي، هيءَ ڪهاڻي به حقيقت تي آڌاريل آهي. ٽماهي “پوپٽ” جي آڪٽوبر ڊسمبر 2013ع واري شماري ۾ رسول ميمڻ جو انٽرويو ڇپيل آهي. پينل ۾ قربان منگي، حبيب ساجد ۽ امر اقبال هئا. هي انٽرويو پڙهي پتو پوي ٿو ته رسول ميمڻ اڪثر پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي واقعن ۽ ڪردارن کي ڪهاڻين ۾ آندو آهي.
    ڪهاڻي “وڻ جي قبر” ۾ رسول ميمڻ وڻ کي تجسيم ڏيئي هڪ ڪردار جي صورت ڏني آهي. تجسيم نثر ۽ نظم جو حسن آهي. جيتري قدر رسول ميمڻ جي ناولن جو تعلق آهي. اهي سريئلزم جي لاڙي تحت لکيل آهن. “اسٽيل جا پنج گلاس”، “اڻويهه عورتون”، “قالو بلا” ۽ ٻيا ڪجهه ناول. “اسٽيل جا پنج گلاس” ناول به حقيقت تي ٻڌل آهي. ممڪن آهي ته اڄ به اهي گلاس ڪهاڻيڪار وٽ سانڍيل هجن، طوالت سبب ٻين ڪهاڻين ۽ ناولن تي نظر نٿي وجهي سگهجي.
    رسول ميمڻ شاعر به بهترين آهي، هن جي شاعريءَ جو مجموعو “اوشا جي آشا” يعني “صبح جي اميد” گهڻو وقت اڳ ۾ شايع ٿيل آهي.
    رسول ميمڻ 1974ع کان لکندو پيو اچي.
    سندس چوڻ آهي ته: “لکڻ مونکي رليف ڏيندو آهي، سڪون ڏيندو آهي، ائين لڳندو آهي ته مون ڪو وڏو بار ڪلهن تان لاهي ڇڏيو آهي.”
    شاعري ڪائنات ۾ موجود سڀني علمن کان نفيس ۽ نرم احساساتي علم جو نالو آهي. شاعريءَ ۾ ڪافي تجربا ڪيا ويا آهن. اهو سلسلو هلندو رهي ٿو. رسول ميمڻ به پنهنجي احساسن کي شاعريءَ وسيلي ڪاڳرن تي اوتيو آهي. “اوشا جي آشا” ۾ چوسٽا، آزاد نظم، وايون ۽ دوها شامل آهن.
    رسول ميمڻ سڀني صنفن ۾ “چنڊ” جو استعارو گهڻو ڪم آندو آهي.

    چنڊ کي هر هر ڏنگ هڻي
    ٿي رات جي نانگڻ زهر ڀلي

    ۽ زهر جهڙيءَ چانڊوڪيءَ جي
    اڀ مان ٿو چنڊ ڏاڪ ڪري.

    چؤسٽن ۾ اصطلاح ۽ علامتون نهايت خوبصورتيءَ سان استعمال ٿيل آهن. رسول ميمڻ جا هائيڪا به وڻندڙ ۽ سپڪ آهن: مثال طور:

    رات ڏٺو مون خواب
    ماڻهو آڏو وڄائي پئي
    هڪڙي رڍ رباب

    هن هائيڪي ۾ ابتو چڪر آهي. هونئن “رڍ اڳيان رباب وڄائيندي ورهه ٿيا” محاورو مشهور آهي. مگر هتي رڍ ماڻهوءَ آڏو رباب وڄائي رهي آهي.

    وڄن پيا گهنڊ
    عيسيٰ سمهيل مريم سان
    گرجا ۾ ننڊ
    ***
    ٽماٽن جي ول
    ڪنهن جي ڳاڙهن چپڙن تي
    سائي ساول

    هن هائيڪي ۾ ٽماٽن جي ول ڏيکاري وئي آهي. مگر ياد رهي ته ٽماٽن جو ننڍو ٻوٽو ٿيندو آهي، نه ڪي ول. اها مشاهدي جي کوٽ آهي. رسول ميمڻ جا هائيڪا گهاڙيٽي جي لحاظ کان ماترائن جي گهٽ وڌائيءَ سان لکيا ويا آهن. هائيڪي جو گهاڙيٽو 5-7-5 ماترائن تي ٻڌل هوندو آهي. يعني ڪل 17 ماترائون ٿين ٿيون. رسول ميمڻ جي هم عصر شاعرن ذوالفقار راشديءَ ۽ جبار جوڻيجي فارسي وزن تي هائيڪا لکيا آهن. ذوالفقار راشديءَ هائيڪن جو وزن “فاعلاتن فاعلاتن فاعلن” رکيو آهي ۽ جبار جوڻيجي “مفعول فاعلاتن” وزن ڪم آندو آهي. جيئن ته هائيڪو فطرت جي شاعري آهي. تنهن ڪري رسول ميمڻ به فطرت نگاري ڪئي آهي. جپاني هائيڪي ۾ فطري نظارن، محبت ۽ خارجي منظر نگاري گهڻي نظر ايندي، رسول ميمڻ به محبت ۽ فطرت جا منظر سٺي نموني چٽيا آهن.
    رسول ميمڻ جون وايون ڇند توڙي فارسي وزنن ۾ پوريون نه آهن پر سندس واين ۾ نهايت سگهارا ويچار سمايل آهن، هڪ وائي ۾ چوي ٿو ته:

    اٺن پٺيءَ پاکڙا
    ٿڪ کي ڪهڙو ٿانءُ
    اڳيان رڃ اجل جي
    ٿرين ٿوهي هٿڙا
    ٿڪ کي ڪهڙو ٿانءُ
    پگهر ساوڻ سج جو
    مٽيءَ ڌوتا مٿڙا
    ٿڪ کي ڪهڙو ٿانءُ

    رسول ميمڻ جا آزاد نظم جيئن ته پنجٽيهه ڇٽيهه سال اڳ جا لکيل آهن، پوءِ انهن ۾ اڄ به اوتري توانائي آهي.
    رسول ميمڻ دوها به سرجيا آهن.

    پائي نه ايندو ڪر پرين! روز ٻانهن ۾ رابيل
    رڳو تنهنجا هٿ ئي سنگهندي لنگهي وڃي ٿي ويل

    هن مختصر پيپر ۾ رسول ميمڻ جي فن، فڪر ۽ خيالن جو ڪاٿو لڳائي نه ٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته سندس تخليقي ڪَمَ جا گهڻا ۽ اهم حوالا آهن، جن تي تفصيل سان لکڻ لاءِ هڪ طويل مضمون جي ضرورت آهي. مون هن مختصر مضمون ۾ پنهنجا جيڪي ويچار ونڊيا آهن، ڪو صاحب انهن سان اختلاف رکي ٿو ته اهو ان جو جمهوري حق آهي. ڇاڪاڻ ته اڀياسي ۽ تنقيدي ڪم ۾ ڪنهن جي به راءِ حرفِ آخر ناهي هوندي. رسول ميمڻ اسان جي سنڌي ادب جو سگهارو نالو آهي، اميد ته ادب جا پارکو سندس ڪم جي صحيح ڪَٿ ڪري سگهندا.


    تاثر: اوشا جي آشا (بيدل مسرور)

    اها حيرت جي ئي وادي آهي، جتي ماڻهوءَ کي ادراڪ ٿئي ٿو ته هن وقت تائين سندس شعور يا تصور تمام محدود هو، ڇاڪاڻ ته ڪائنات جي تخليقي سگهه ۽ ان جو اظهار گوناگون آهي، جنهن مان وڌ ۾ وڌ ونڊ تخليقي عمل سان واڳيل انسانن جي حصي ۾ آيو آهي. ڪائناتن ۽ ڪهڪشائن سان گڏ انساني سوچ ۽ عمل جا نت نوان انڪشاف، سگهاري تخليق ڪار جي قلم، برش يا ڳلي مان اظهاربا رهن ٿا. ائين ئي جڏهن مون 1979ع ۾ رسول ميمڻ جي پهرين شاعريءَ جو مختصر مجموعو “اوشا جي آشا” پڙهيو هو ته مون کي شاعريءَ جي پرواز ۾ گهڻو مٿي اڏامندڙ لڳو هو. عمر ۾ ايڏو وڏو به نه هو، پر سندس خيال کي برجستگيءَ سان پيش ڪرڻ مون کي وڻيو هو.
    “اوشا جي آشا” ۾ رسول ميمڻ جا ڪجهه نظم، هائيڪا، وايون، آزاد نظم ۽ دوها شايع ٿيل آهن. هي مجموعو پاڪيٽ سائيز ۾ اسي صفحن تي مشتمل آهي، سنڌي ادبي سنگت پاران ادل سومري شايع ڪيو آهي ۽ امرجليل کي ارپيل آهي، هن مختصر مجموعي جي سموري شاعري سٺي عمدي آهي، جنهن جي آخر ۾ ڏنل لفظن، جملن ۽ اصطلاحن جي معنائن کي پڙهندي شاعر جي ذهانت جو داد ڏيڻ کان رهي نه ٿو سگهجي.
    رسول ميمڻ جا جيڪي به ڪتاب شايع ٿيل آهن، انهن تي باقاعدي اڀياس مان بعد ۾ لکندس، ڇاڪاڻ ته اسان جي هن هم عصر ليکڪ جي خيالن، موضوعن ۽ اسلوب جي منفرد انداز تي لکڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. الائي ته ڇو هن ليکڪ کي اها پذيرائي نه ملي سگهي آهي، جا اسان جي رڳو چند ليکڪن کي ڏني وئي آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر رسول ميمڻ انهن چند ليکڪن کان گهڻو سٺو ۽ وڏو ليکڪ آهي.
    منهنجون ساڻس اڳ ته ايتريون ملاقاتون نه رهيون آهن، پر هڪ ڀيري امداد حسينيءَ سان ملهايل ادبي پروگرام ۾ پاڻ سان گڏ ڪار ۾ وٺي هليو هو، گاڏي ڊرائيور پئي هلائي ۽ اسان پويان هڪ ئي سيٽ تي گڏ ويٺل هئاسين. ادبي گفتگو بجاءِ هن حيات ۽ ڪائنات جي موضوعن بابت پنهنجي ذهن ۾ موجود سوالن ۽ انهن جي وضاحتن متعلق ڪجهه ڳالهايو. ڪجهه پڇيو. مون کيس جواب ڏيڻ جي پوري ڪوشش ٿي ڪئي، پر جيئن ته هن جو مطالعو مون کان تمام گهڻو وسيع هو، ان ڪري منهنجي ڳالهين تي مطمئن نه پئي ٿيو.
    اصل ۾ منهنجو طريقو ٿورو مختصر وقت ۾ طويل سفر ڪرڻ جو آهي، جيڪو مون کي پنهنجي خاندان ۽ ٻين بزرگن کان حاصل ٿيو آهي. جنهن ۾ علم ۽ عقل جو عمل دخل به گهٽ آهي، پر ان جي برعڪس علم ۽ عقل سان حيات ۽ ڪائنات کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ وارن ماڻهن کي مون تمام گهڻو پريشان ڏٺو آهي، بظاهر پنهنجي انساني ڪمن ڪارين ۾ تمام گهڻا ذميوار به هوندا آهن، پر سندن علمي گفتگو دوران لڳندو آهي ته منجهن حيات ۽ ڪائنات جي ڳجهه کي ڳولهڻ ۽ سمجهڻ جي ڳڻتي تمام گهڻي آهي. ڊاڪٽر رسول ميمڻ به گهڻين ڳالهين ۾ مطمئن ۽ پنهنجي ڪمن سان تمام گهڻو ڪميٽيڊ آهي، هن وٽ منطق آهي، هن وٽ دليل آهن، پر جيئن ته مان ايترو پڙهيل لکيل نه آهيان ۽ نه ئي مون وٽ ڪو منطق يا ڪي دليل آهن، ان ڪري تمام گهڻي علم وارن دوستن جي سوالن جا جواب ڏئي نه سگهندو آهيان، پر ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي گفتگو جو انداز اهڙو نرم هو جو دل چيو پئي ته گفتگو ڪندو رهي، سوال ڪندو رهي، پر ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي سوال جا پاڻ ئي جواب به ڏنائين پئي، شايد مون کان امتحان پئي ورتائين، ان ڪري ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي اڳيان به مون هار مڃڻ کي برو نه ڀائنيو.
    ڊاڪٽر رسول ميمڻ واقعي هڪ جينيئس ماڻهو آهي، هن وٽ جيئڻ، جيئري رهڻ متعلق انساني مسئلن جو وڏو تعداد آهي ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته هن ۾ انهن جي حل جي تلاش جي سگهه به آهي ته جستجو به آهي. پاڻ جڏهن پنهنجو ناول: “نجومي” ڏنائين ته چوڻ لڳو “هن ناول ۾ اهو ساڳيو بحث آهي، جيڪو پاڻ سفر دوران ڪيو هو.”
    مون چيو “مان ا ن کي ان حوالي سان ضرور پڙهندس”
    پاڻ پيار مان تحفي طور ٻيا ڪتاب به ڏنا اٿائين، جيڪي منهنجي مطالعي هيٺ آهن، جن تي انشاءَ الله مان باقاعدي اڀياس لکندس ۽ ضرور لکندس. في الحال پوپٽ پبلشنگ هائوس پاران ٽماهي “پوپٽ” جي هن خاص نمبر تي کيس ۽ قربان منگيءَ کي به واڌايون ڏيان ٿو ۽ کين دعا ڪريان ٿو ته الله سائين کين علم، ادب جي خدمت جي اڃان به وڌيڪ توفيق ڏئي.


    تاثر: تخليقي سفر (ادل سومرو)

    رسول ميمڻ جو سمورو تخليقي سفر منهنجي سامهون گذريو آهي، مشاعري ۾ پهرين شعر پڙهڻ، پهرين ڪهاڻي لکڻ کان وٺي، هن جي ناول “اڻويهه عورتون” تائين هُن سان منهنجي دوستيءَ جو تسلسل رهيو آهي، هو هڪ آرٽسٽ تخليقڪار آهي، جنهن وٽ منظرنگاريءَ ۽ ڪردار نگاريءَ جو اهڙو آرٽ آهي، جنهن کيس منفرد ۽ مٿانهون درجو ڏياريو آهي، موضوعن جي وٽس ڪا به کوٽ ناهي، هو هڪ مصور وانگر عڪس چٽي ٿو. منظر اسان جي اکين آڏو ڦرڻ لڳن ٿا ۽ ڪردار ڄڻ آسپاس گهمندي محسوس ٿين ٿا. تاريخي ناول سان نباهه ڪرڻ مشڪل هوندو آهي، پر رسول ميمڻ تاريخ جي گهري شعور رکندڙ هڪ ڏاهي ليکڪ جي حيثيت ۾ هن ناول ذريعي تاريخ جي چهري تان دز هٽائي سچائين کي دريافت ڪيو آهي ۽ ڪاميابيءَ سان نباهيو آهي، اهو ان ڪري به ممڪن ٿي سگهيو آهي جو رسول ميمڻ جيترو لکي ٿو، ان کان وڌيڪ پڙهي به ٿو. تهذيبن جي ٽڪراءَ، قومي ۽ ثقافتي تضادن جي پس منظر ۾ ليکڪ جي تخليل ۾ اهڙي سنڌ جو خواب آهي، جتي ڌرمن فرقن، ذاتين ۽ نظرين جي آڌار تي انسانيت جي ورڇ نه هجي.


    اڀياس: سريئلسٽڪ ڪهاڻيڪار (خليق ٻگهيو)

    رسول ميمڻ هڪ سريئلسٽڪڪهاڻيڪار آهي، پر هڪ تخليقڪار جي حيثيت ۾ هُن ڪنهن هڪ سطح، نوع، اسٽائيل يا تصوير جي چونڊ ڪڏهن به نه ڪئي آهي، هن جي ڪهاڻين ۾ مختلف طرز جا فني ۽ فڪري تجربا آهن، هُن جي ڪهاڻين ۾ پراڻي حقيقت نگاري به آهي ته وري جادوئي حقيقت نگاري (Megical Realism) به آهي، سندس ڪن ڪهاڻين ۾ جديد سائنس ۽ نفسيات جو سنگم آهي، سندس ڪي ڪهاڻيون آکاڻين نما آهن ته وري ڪي ڪهاڻيون جديد مختصر ڪهاڻيءَ جو بهترين نمونو آهن، ڪِن ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيءَ جو مروج فن، ابتدا-و-عروج/ڪلائيمڪس آهي ته وري ڪي ڪهاڻيون مضمون نما اڪهاڻيون آهن، ائينءَ هو هڪ جاءِ تي ڄمي نه بيهندڙ ۽ تجرباتي ڪهاڻيڪار آهي، پر سريئلسٽڪ انداز سندس سڃاڻپ جو مظهر آهي، ان انداز کي سمجهڻ کان اڳ پاڻ کي اهو ڏسڻو پوندو ته سريئلزم ڇا آهي؟
    A style of art and literature developed principally in the 20th century, stressing the Subconscious or no rational significance of imagery arrived at by automatism or the exploitation of chance effects, unexpected juxta positons etc.
    سريئلزم تجريدي آرٽ جي ڪجهه هئيتن سان ويجهي آهي يا ائين چئجي ته سريئلزم تجريدي آرٽ جي نسل منجهان ئي آهي، پر تجريدي آرٽ ۽ سريئلزم جي جڏهن تشريح ڪبي ته پوءِ ٻئي هڪ ٻئي کان ڌار شيون ڪوٺيون وينديون. سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته ٻنهي ۾ مشاهبت ڪهڙي آهي؟ ٻنهي ۾ هڪ جهڙايون هي آهن ته ٻنهي ۾ ساڳي نسل جي ڪري نه صرف خوبصورت علمي هُڳاءُ هڪ جهڙو آهي، پر علم خوبصورتيءَ کانسواءِ ٻنهي جو ساڳئي نسل هئن ڪارڻ رس-گيان به هڪجهڙو آهي.
    سرئيلزم کان اڳ دادا ازم جو لاڙو مشهور هو. دادازم جو اڳواڻ Tristan Tzara هو، هن جو خيال هو ته سماج آرٽ جي قابل ئي ڪونهي، هن سماج تي وڏا ڇوهه ڇنڊيا، جنگ جي صورتحال آرٽسٽن ۽ فنڪارن جي ادبي ايمان کي ڪاپاري ڌڪ رسايو هو. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي خوفناڪ صورتحال اديبن کي سماج مخالف ڪري ڇڏيو هو. هنن سماج تي حملو ڪيو ته سماج جنگ جي وحشت ۽ هيبت ڦهلائي ٿو. ان ڪري آرٽ جا سڀ خوبصورت خواب تعبير پائي نه ٿا سگهن، امن ۽ پيار ديوانگيءَ جا خواب آهن، ٽرسٽان ٽزارا انهيءَ ردِ-عمل ۾ آرٽ مخالف نظرئي گهڙڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي. بنيادي طرح دادا ازم سماج کي نه رڳو بدنام ڪيو، پر هر شيءِ تباهه ڪرڻ پئي چاهي، دادا ازم خلاف ردعمل به اوترو ئي سخت اچي ها، پر ائين ڪو نه ٿيو، وچين ڪلاس واري طبقي انهيءَ نظرئي سازيءَ کي وري هڪ ٻٺُ واري امير طبقي جي خلاف سمجهيو ۽ هنن ائين به چيو ته ائين به ممڪن آهي ته آرٽسٽن جي هيءَ نئين نظرئي سازي پراڻي آرٽ تي هڪ حملو هجي. هن ابتي/غير متوقع رد عمل ۾ فسادي ماڻهن به هن نظرئي کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو، نتيجو اهو نڪتو جو هڪ اينٽي آرٽ نظريو، خود هڪ آرٽ بنجي ويو، هڪ رسم مخالف نظريو خود هڪ نئين رسم بنجي ويو يا ائين چئجي ته هڪ اينٽي اڪيڊمي رويو غير فطري طرح خود اڪيڊمڪ بنجي ويو، جڏهن ته ٽرسٽان ٽزارا جي نيت ۾ انهيءَ نظرئي سازيءَ جي پٺيان آرٽ ۾ خوبصورتي پيدا ڪرڻ واري نيڪ نيتي ڪونه هئي. پر هن رڳو پنهنجو سخت رويو يا رد عمل ڏيکاريو هو، پر خود آرٽسٽن جي سخت مخالفت پيدا ٿي. آرٽسٽن جو خيال هو ته دادا ازم صدين جي آرٽ ڪرافٽ جي بلڪل ابتڙ شيءِ آهي. ائين دادازم جو خاتمو ٿيو ۽ دادا ازم کانپوءِ سرريئلزم زور ورتو، سرريئلزم جي اڳواڻي فرانس جي هڪ ڊاڪٽر Andre Breton ڪئي، اندري بريٽن خود پاڻ پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ کاهين اندر وڙهيو هو. سرريئلزم وسيلي ظاهري يا مروج حقيقتن کان اڳتي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سرريئلسٽ لفظ سڀ کان اول 1930ع ۾ Guillaume Apollinaire پنهنجي مهاڳ Les Mamelles de Tiresias ۾ استعمال ڪيو، بنيادي طرح هيءَ هڪ ڪلچرل تحريڪ هئي. جنهن ۾ Visual Art وسيلي تجربا ڪيا ويا. بريٽن جي ميني فيسٽو کان، 1924ع کان هيءَ تحريڪ ادبي بنجي وئي. سرريئلزم جي لکڻ جي انداز ۾ دراصل ڪردار جي تحت الشعور (Subconsciousness) کي کوليو وڃي ٿو.
    جديد سنڌي ڪهاڻيءَ۾ رسول ميمڻ کان وڌيڪ سريئلسٽڪانداز ۾ لکندڙ ڪهاڻيڪار مون نه پڙهيو آهي، رسول ميمڻ جو سريئلسٽڪڪهاڻيون پنهنجي بنيادي روح ۾ احساسن تي زور ڏين ٿيون. احساسن تي زور ڏيندڙ ڪهاڻين ۾ ڪهاڻي غير تجزئي ڪار هوندي آهي. هن قسم جي ڪهاڻين کي سرريئلزم موجب “آٽو مسٽڪ ڪهاڻيون” ڪوٺيو آهي. سرريئلزم تحت ڪهاڻيڪار ٻن طريقن سان طبع آزمائي ڪندا آهن هڪ تجريدي روايت (Abstract Tradition) ۽ ٻيو علامتي روايت (Symbolic Tradition) وارو طريقو.
    جيئن ته رسول ميمڻ مختلف تجريدي اندازن تي تجربا ڪندڙ ڪهاڻيڪار آهي، انهيءَ ڪري کيس هڪ روايت جي پيروي ڪندڙ ڪهاڻيڪار نه ٿو چئي سگهي. Michaels Bell چيو هو ته سرريئلزم ۾ هي ٻه مختلف لاڙا آهن، هنن مان هڪڙا آرٽسٽ خود ڪاريت/ازخوديت (Automastism) کي پسند ڪن ٿا ۽ ٻيا حقيقت پسندانه (Veristic Surrealistic) کي پنهنجائين ٿا. رسول ميمڻ جي ڪهاڻي “حليمان” آٽو ميٽزم واري ڪهاڻي آهي، ڪهاڻيءَ ۾ حليمان هڪ پوڙهي عورت آهي، جيڪا بيواهه ۽ بي اولاد آهي، هوءَ پنهنجي اڪيلائيءَ ۾ رلي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. رليءَ جي لاءِ ڪپڙن جا مختلف ٽُڪرا ڪتري ٿي ته ڪپڙن جي ٽڪرن جا اُهي مختلف رنگ کيس ماضيءَ جي يادُن جي زيارت ڪرائين ٿا. هر رنگ سان ماضيءَ جو ڪو ڪردار سندس ساروڻيءَ جو وقتي مهمان ٿئي ٿو ۽ وري گم ٿي وڃي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ خيالي تصوير وسيلي Visualize ڪري ماضيءَ جي خوشين ۽ دردن جي سُرور وٺڻ جو سعيو ڪيو ويو آهي. آٽوميٽزم لکڻ جي هڪ تجريدي هئيت آهي. هن تجريدي هئيت ۾ ليکڪ/ڪهاڻيڪار تحت الشعور (Sub-conscious) مان تصور اُکيلي شعور (Conscious) ڏانهن آڻين ٿا. آٽوميٽزم جي اصطلاح جي روح تائين پهچندڙ ڪهاڻيڪار اصل ۾ Carl Jung جي پيروي ڪن ٿا. Carl Jung جو خيال هو ته تحت الشعور (Sub-conscious) جي تصورن کي جهپڻ جي ڪوشش نه ڪجي، پر تحت الشعور (Sub-conscious) کي پُروقار سادگيءَ سان اهڙيءَ طرح اظهارجي، جو ڄڻ ته اُهي تصور تحت الشعور مان نه پر شعوريت (Consciousness) مان ئي آيا آهن، جيئن اهي تصور غير تجزياتي نه پر تجزياتي روپ سروپ ڌاري سگهن. رسول ميمڻ Carl Jung جي نفسياتي نظريي ئي مان فائدو وٺي ٿو. هو پوڙهي عورت حليمان جي تحت الشعور مان تصور جج نه ٿو ڪري، پر انهن تصورن کي اکيليندي ٿوري اڪيڊمڪ نظم ۽ ضبط ۾ اڳتي وڌي ٿو. حليمان جي ڪردار کي لاشعور جي کوٽائيءَ واري تجربي سان همڪنار ڪيو ويو آهي. بحيثيت هڪ سريئلسٽڪ ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ وٽ سريئلزم مافوقِ فطرت يا ماورائي حقيقت شيءِ نه آهي، ڇاڪاڻ ته سندس ڪهاڻين کي پڙهندي مون اهو محسوس ڪيو آهي ته هو ماضيءَ جي اُنهن سريئلسٽڪآرٽسٽن منجهه شمار آهي، جيڪي تحت الشعور مان گذرندي اسان جي اندر واري ضمير، وويڪَ، ولولي جي اصل سچائيءَ واري حقيقت تائين پهچن ٿا. هونئن به منهنجي خيال ۾ سرريئلزم کي مافوقِ فطرت يا ماورائي حقيقت چوڻ درست نه آهي، توڙي جو سرريئلزم شعور کي رنڊڪ وجهي ٿي توڙي جو سرريئلزم ظاهري شعور کي لِڪائي ٿي، پر اُها “Suppression of consciousness” آهي، جيڪا تحت الشعور جي حمايت ۾ آهي، رسول ميمڻ ازخوديت (Automatism) واري طريقي تي، مڪمل انحصار نه ڪندڙ ڪهاڻيڪار آهي، هُن ازخوديت کان سواءِ سررئيلزم جي ٻي لاڙي “The Veristic Surrealistic” يعني حقيقت کان اڳتي ڏسڻ واري حقيقت پسنديءَ کي به تجرباتي سطح تي ڪهاڻين ۾ کنيو آهي.
    Veristic surrealism is a style of surrealistic art which is designed to portray the dreams world in rich detail. One of the more famous veristic surrealists was salvador Dali who painted ornate scenes of melting clock, fantastic creature and other elements.
    رسول ميمڻ جي ڪهاڻين ۾ به عجيب مزي جهڙيون ڳالهيون آهن، جنهن کي اسان “فئنٽسي” چئون ٿا. سريئلسٽڪ تخليقڪارن جيان رسول ميمڻ جي ڪهاڻين ۾ انساني حياتيءَ جي مختلف اسرارن، غيبن يا ڳجهن کي دريافت ڪرڻ جي ڪوشش نظر اچي ٿي، جنهن کي ادبي اصطلاح ۾ “Mystery” چيو وڃي ٿو. ويريسٽڪ سرئيلسٽڪ اسٽائيل ۾ هو پڙهندڙ کي خوابيده دنيا ڏانهن مدعو ڪري ٿو. خوابن جي تضادن کي خوبصورتيءَ سان عڪس بند ڪري ٿو ۽ سلوا ڊور ڊالي جيان ڦٽل تصورن کي به فئنسٽي انداز ۾ پينٽ ڪري ٿو، جيئن پڙهندڙ تحت الشعور مان فيضياب ٿي سگهي.
    رسول ميمڻ جون اڪثر ڪهاڻيون پڙهندي آئون اهو محسوس ڪندو آهيان ته ڄڻ آئون ڪي خواب ڏسي رهيو آهيان ۽ انهن خوابن ۾ منهنجا ماضيءَ جا تضاد ۽ مونجهارا آهن ۽ ڪي خوبصورت خواهشون آهن، جن کي زماني جي ستم ظريفيءَ ۽ رسمن جي شدت دٻائي ڇڏيو هو ۽ ڪهاڻيون پڙهندي، محسوس ٿيندو آهي ته مختلف تضادن وارا تصور پنهنجي تحت الشعور مان ورق ورق ڪڍي اُٿلائي رهيو آهيان ۽ ائين منهنجي لاشعور مان “تصورن جو بارُ” هلڪو ٿي رهيو آهي.
    “ڊائون سينڊ روم” رسول ميمڻ جي هڪ اهڙي ئي ڪهاڻي آهي، جنهن کي پڙهندي ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ته گهڙيءَ کن جي لاءِ “شعور جي عذاب” ۾ هڪ “پر سڪون رنڊڪ” پئي آهي ۽ ماڻهو خوابيده تخيل جا مزا ماڻيندو هجي. جيتوڻيڪ هيءَ ڪهاڻي ٻارن جي هڪ پيدائشي بيماريءَ متعلق آهي، هن بيماريءَ کي رسول ميمڻ علامتي روپ ۾ ڏئي نئين ڪردار سازي ڪئي آهي. ڪهاڻي عام سطح جي ماڻهن ۾ ڪميونيڪيٽ نٿي ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته هن ڪهاڻيءَ جي اصل روح تائين پهچڻ لاءِ “ڊائون سينڊ روم” جي ميڊيڪل ڄاڻ ضرورت آهي، جيڪا هڪ پڙهندڙ لاءِ اضافي ذميواري کڻي اچي ٿي، ڊائون سينڊروم هڪ موروثي بيماري آهي، هن بيماريءَ جو شڪار ماڻهو ننڍي هوندي کان آخر تائين ذهني رٽائرمينٽ تي رهي ٿو، ان کي لاعلاج چئي سگهجي ٿو، ان جو ڪارڻ زال مڙس جي جنسي گهٽ وڌائي، قد بت، عضون جي عدم يڪسانيت آهي، عام نارمل جسم ۾ ڇائيتاليهه ڪروموسوم هجن ٿا، پر جڏهن انهن جو تعداد ستيتاليهه ٿي وڃي، يعني هڪ وڌي وڃي ته پوءِ ڊائون سينڊروم جي بيماري ٿيندي آهي، رسول ميمڻ هن بيماريءَ کي پنهنجي سماج جي ارتقا ۽ انقلاب جي علامتي روپ ۾ پيش ڪيو آهي، ڪهاڻيءَ ۾ پٺتي پيل سماجن جي “ارتقائي پيڙهه” مان ٿڪاوٽ جا احساس اڀرن ٿا، هيءَ ڪهاڻي ثابت ڪري ٿي ته انقلابي رومانس خود ردِ انقلاب جهڙي لاعلاج بيماري (ڊائون سينڊروم) آهي، جتي شفا ۽ مسيحائي خوبصورت دوکا آهن. پئرس ۾ لڳندڙ پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ سررئيلسٽڪ ڪهاڻيڪار انهيءَ ساڳئي Bent of mind جا هئا. “ڊائون سينڊروم” ڪهاڻي رسول ميمڻ بحيثيت سريئلسٽڪڪهاڻيڪار جي Symbolic Tradition جي لاڙي تحت ئي لکي آهي، جيڪو سرريئلزم جو هڪ مشهور فن آهي.
    علامتي روايت ۾ لکيل رسول ميمڻ جي ڪهاڻي آهي، “روڊ” هن ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار زمان مڪان ۾ سائنس ۽ فلسفي جي اپٽار ڪئي آهي، ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ئي وقت علامتي روپ ۽ تجريدي امتزاج جي ڀيٽ ڪئي وئي آهي. تجريديت ۽ علامتي ڪردار سازيءَ کي ڌار نه ڪيو ويو آهي، فڪري سطحن تي ڪهاڻيڪار هن قسم جي ڪهاڻيءَ ۾ حِسي ادراڪ پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، اهو حسي ادراڪ جيتوڻيڪ زندگيءَ کي سمجهڻ لاءِ تحت الشعور جون ڳنڍيون کولي ٿو ۽ شهري صنعتي سماج ۾ ماڻهوءَ جي وقت بابت انٽليڪچوئل راءِ ڪهڙي آهي، ان بابت ئي اهو ادراڪ مختلف ڪيفيتن جي عڪس بندي ڪري ٿو، پر ڪهاڻي ڪردار سازيءَ ۾ مار کائيندي نظر اچي ٿي، ڪهاڻيءَ ۾ پيءَ پنهنجي پٽ کي پنهنجي آڱر پڪڙائي روز اسڪول ڇڏڻ وڃي ٿو، جتي ٽرئفڪ، دونهي ۽ نفسانفسيءَ جي عام ۾ ابهم ٻار پنهنجي والد کان ڪائنات، زندگي ۽ وقت بابت دانشورانه قسم جا سوال پڇي ٿو، جيڪي سوال هڪ اسڪول ويندڙ ٻار پاران پڇڻ غير منطقي ۽ غير فطري ڳالهه لڳي ٿي.
    ابهم ٻار ايڏا وڏا سوال ڪيئن ٿو ڪري؟ علامتي روپ کي به منطقيت جي ضرورت هوندي آهي، جنهن جو هن ڪهاڻيءَ ۾ خيال نه رکيو ويو آهي، هن ڪهاڻيءَ م تشبيهون ڏاڍيون معنيٰ خيز آهن، ٻار جو پيءَ ٻار سان سائنس ۽ فلسفي جو سنگم پيش ڪري ڪجهه اهڙي طرح ڳالهائي ٿو جو پيءَ جو فلسفو ٻار جي سمجهه کان بالاتر رهجي وڃي ٿو.
    “جينوم” علامتي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ حياتيءَ جي ڏکن سکن جا ڪيترائي روپ آهن ۽ هڪ وجود جي پوڙهائپ ۽ موت کي فوڪس ڪيو ويو آهي، هيءَ ڪهاڻي پنهنجي جوهر ۾ بائيولاجي/ميڊيڪل سائنس جا علم سمائي ٿي، ڪٿي فزڪس، ڪٿي ڪيمسٽريءَ کي به رنج زندگيءَ جي نهج سان هم ڪلام ڪندڙ هن ڪهاڻيءَ جو تاثر وجوديت جي فلسفي ۾ پسي سگهجي ٿو.
    ڪهاڻيءَ ۾ خارجيت/مادي دنيا جا ڪي عڪس کنيا ويا آهن، پر اظهار سمورو محسوسات تي منحصر آهي، ڪهاڻيءَ کي پڙهندي ڪنهن وقت اهو محسوس ٿئي ٿو ته اها هڪ وجود جي پنهنجي ئي خودڪلامي آهي، ڪٿي وري ان خودڪلاميءَ ۾ شعور جو وهڪرو (Stream of Consciousness) آهي، پر ٿلهي ليکي شعور جي وهڪري واري مڪمل ويريسٽڪ اسٽائيل ۾ لکيل هن ڪهاڻيءَ ۾ رسول ميمڻ ڪوشش ڪئي آهي ته تحت الشعور جي تصورن کي بنا رنڊڪ جي اظهارجي، جيئن مادي دنيا جي حقيقتن کي روحاني هئيتن سان ڳنڍي سگهجي. ويريسٽڪ اسٽائيل جي هن ڪهاڻيءَ ۾ زندگيءَ جي اڪارجيت/بي مقصديت ۽ کوکلائپ کي وائکو ڪيو ويو آهي.
    جيتوڻيڪ ڪهاڻي جدوجهد ڪندڙ زندگيءَ جي مزاحمتي روحن لاءِ مايوسي جنمي ٿي، پر سوال هيءَ آهي ته سماجي سائنس جي روشنيءَ ۾ مقصديت جي منزل تان ايمان ڪيئن کڻجي؟ سريئلسٽڪڪهاڻيڪار پلاٽ جي برعڪس ڪردار سازيءَ تي زور ڏين ٿا، اُنهيءَ ڪري رسول ميمڻ جي هيءَ ڪهاڻي پلاٽ جي حوالي سان تجزئي ڪاريءَ جو سامان مهيا نه ٿي ڪري، هيءَ ڪهاڻي دراصل ڊارون ڏانهن آهي، ڪهاڻيءَ جو موضوع ئي ارتقا آهي ۽ ارتقا جي طئي ٿيل حد ڪانهي.
    رسول ميمڻ ڪهاڻيءَ ۾ ڊارون جي نظرئي خلاف هڪ اختلافي خاڪو پيش ڪيو آهي، ڪهاڻين جي عاشقن کي هيءَ ڪهاڻي اَڪهاڻي لڳي ٿي، ڇو ته ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار جا رويا آهن، پر ڪهاڻيپڻو ڪونهي! “ڏاتوءَ جي آتم ڪهاڻي” هيءَ رسول ميمڻ جي اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ڏاتوءَ نالي هڪ ڪردار جي زندگيءَ ۾ نه سهڻ جهڙي پيڙاءَ کي آزادگيءَ سان اظهاريو ويو آهي، سرريئلزم جي فن، محسوسات کي لاشعور کان آزاديءَ سان اظهارڻ جو هيءَ فني تجربو آهي، ڪهاڻيءَ ۾ ڀيٽ ڪندڙ تصور (Contrast Images) آهن، ڏاتو خود هڪ سمبل آهي، جيڪو ڪتاب ۾ موجود آهي ۽ اهو ڪتاب سندس قبر تي رکيل آهي، هڪ شخص اُنهيءَ ڪردار کي جڏهن سندس آتم ڪهاڻيءَ ۾ پڙهي ٿو ته پوءِ پاڻ کي اُن (ڏاتوءَ جي) ڪردار ۾ جذب ٿيندي محسوس ڪري ٿو. ڪهاڻيءَ جو پلاٽ معمولي پر ڪردار سازيءَ تي هتي به وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو آهي، سريئلسٽڪڪهاڻيڪار مادي دنيا جي شين (Objects) کي محض استعارو قرار ڏئي، ان استعاري سان لاڳاپيل دنيا کي سمجهائڻ جي اڪيڊمڪ ڪوشش ڪندا آهن.
    رسول ميمڻ به هن ڪهاڻيءَ جي ٽريٽمينٽ اهڙي ئي رکي آهي، هن ڪهاڻيءَ ۾ ميٽا فزڪ به آهي ته وري صوفيت به آهي، وجود جي سائنسي ڇنڊڇاڻ به آهي ته وري وجود جي نفسياتي اوک ڊوک به آهي، هيءَ ڪهاڻي Fantastic ۽ Mysterious قسم جو خوبصورت امتزاج آهي، ڪهاڻيءَ ۾ ڪٿي منطقيت کان به ڪم ورتو ويو آهي، پر سررئيلزم جي پوئيواري ڪندڙ تخليقڪار منطق جي پرواهه نه ڪندا آهن، هن ڪهاڻيءَ جي وڏي خاصيت (Characteristics) هيءَ آهي ته ڪهاڻي تحت الشعور ۽ لاشعور رستي پڙهندڙ کي اندر جو دَرُ کولرائي ٿي، وويڪ ۽ وَڍ وجهي ٿي ۽ ماڻهوءَ کي ميٽا فزڪس وسيلي اندر جي اصل سچائيءَ تائين پهچائي ٿي ۽ زندگيءَ سان جديد سائنس ۽ نفسيات جي رشتن کي ويجهو آڻي سگهارو ڪري ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ مريضن کي ميڊيڪل تجويزون ڏنيون ويون آهن، جيڪي ڪجهه ڪهاڻيءَ ۾ وڌيڪ عجيب لڳن ٿيون، رسول ميمڻ جي ڪهاڻي “ڪوما” هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هن وري ڊارون جي فلسفي جي اپٽار ڪئي آهي، هيءَ ڪهاڻي به مروج فن جي پيروي نه ٿي ڪري، جنهن ڪري اَڪهاڻي آهي، ڪهاڻيءَ ۾ شعور کي لاشعور جي ڪوهيڙي ۾ گم ڪرڻ جا سعيا آهن، شعور متعلق رسول ميمڻ هن ڪهاڻيءَ ۾ چئي ٿو ته “شعور اڻ هوند ۾ هوند آهي، جيڪو ڪجهه به نه آهي بس وهم آهي، گمان آهي ۽ زندگي ساهه روڪي جيو گهرڙي جو جنم، ڏسڻ جي جستجو، تجسس ۽ انتظار آهي!”
    “هو ۽ هن جو مالڪ” رسول ميمڻ جي هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ مادي وحدت الوجود (Material Unity of existence) کي علامتي روپ وسيلي عڪس بخشيا ويا آهن، پر ڪلائميڪس پڙهڻ کانپوءِ يقيني طرح پڙهندڙن جي راءِ بدلجي وڃي ٿي يا هڪ غير امڪاني ڪلائيمڪس پڙهندڙ جي آجيان ڪري ٿو.
    مجموعي طرح رسول ميمڻ سريئلسٽڪڪهاڻين ۾ شعور ۽ لاشعور جي تضادن تي غالب پوڻ جا سعيا ڪري ٿو، هو آندري بريٽن جي “The Manifesto of Surrealism” مان فيضياب ٿيندڙ ڪهاڻيڪار آهي، هن جا آئيڊيا منجهيل (Complex) ضرور آهن، پر اهي لاشعور جي کوٽائي (Discovery of unconsciousness) ڪن ٿا. هو ڪهاڻين جي وسيلي لاشعوري تصورن کي ڄمائي ٿو، جيڪي رڪارڊ نه ٿيل آهي.
    توڙي جو انهن ڄميل تصورن کي باقاعدي اڪيڊمڪ ڊسيپلين ڏيڻ ۾ اڃا کيس وڌيڪ محنت درڪار آهي، پر اها ڳالهه ننڍي نه آهي ته هو تحت الشعور کي تصورن جي ٻولي سمجهي ٿو.
    ڏسڻو هيءَ آهي ته هو سررئيلسٽڪ انداز ۾ زندگيءَ جي سچائين تائين ڪيئن ٿو پهچي!؟


    اڀياس: اونچي اُڏام (ممتاز بخاري)

    ڪيئي سال اڳ جڏهن مون رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جو ڪتاب “ابابيل جي آخري اُڏام” پڙهيو هو ته ڪيترائي ڏينهن هڪ عجيب سحر ۾ ورتل هيس. ابابيل جي اها اُڏام ڪهڙي به هئي پر مون لاءِ اهي ڪهاڻيون انتهائي اونچي اڏام واريون هيون. ماڊرنزم واري ادبي تحريڪ جي سريئلسٽڪ ۽ سمبلزم جي لاڙن جو رچاءُ پڙهي پڪ ٿيم ته اسان جو هي ڪهاڻيڪار پوسٽ ماڊرنزم جي جديد ادبي دنيا جو ماڻهو آهي، جيڪي هر پوئين شئي کي ٽوڙي ان مان نئين شئي ڪڍندا آهن ۽ پوءِ پاڻ ڏٺو ته سندس ڪهاڻين جي ڪتاب “فونو” کان وٺي هن ڪتاب “عشق جو آسيب” تائين هن وري سريئلسٽڪ ۽ ريئلسٽڪ جي رچاءَ سان ڪهاڻيون لکي پاڻ کي اڳ کان اڳرو ڪري گهڻو مٿي وڃي ويهي رهيو آهي، جتي ڪنهن حرفتي ۽ جُگاڙي نقاد جو ڪو پٿر به نه ٿو پهچي سگهي، سواءِ ان جي ته ڪو اتي پهچي ساڻس گڏ ويهي مڪالمو ڪري، جيئن ته رسول ميمڻ پيشور ڊاڪٽر رهيو آهي، ان ڪري زندگيءَ سان ٿيندڙ ڊاڪٽري واري فلسفي کي اپٽارڻ وارو فن وٽس ئي آهي، سندس ناول هجن يا هن ڪتاب جون ڪهاڻيون، اهي اڄ جي سنڌ سان لڳل ماضي ۽ حال جو نوحو به آهن ته انهن ۾ حيات سان هجڻ ۽ رهڻ جي ڀرپور منطقي سوچ به سلهاڙيل آهي، رسول ميمڻ جون سموريون ڪهاڻيون خالي امڪان ۽ مڪان جي ڳالهه نه ٿيون ڪن پر انهن ۾ توهان “هجڻ” واري فلسفي کي به پرجهي سگهو ٿا. هن ڪهاڻين جي ڪتاب ۾ آخري پني تي ارپنا کان وٺي 16 ڪهاڻين مان هڪ ڪهاڻيءَ جو به ذڪر نه ڪرڻ ٻين لاءِ آسيب بيهارڻ برابر آهي، هڪ جملي ۾ ڳالهه “مُڪي” ٿي: “هر ڪهاڻي هڪ کان هڪ آهي.”


    خوشيءَ جي ڳولها (ڊاڪٽر موهن بسنتاڻي)

    ڊاڪٽر غلام رسول المعروف رسول ميمڻ جڏهن سنڌ گورنمينٽ اسپتال ڪياماڙي آيو ته ساڻس دوستي ٿي، هو صوفي منش يار ويس ماڻهو آهي، سندس لکڻ جو ڏانءُ عجيب غريب آهي. عام ڊگر کان هٽيل ۽ ايڏو ڳوڙهو جو دانائن کي ديوانو ڪري وجهي. پاڻ کي ان ڪري خوشقسمت سمجهان ٿو ته ڊاڪٽر صاحب سان محبت جو موقعو مليو. هو اهڙو لڪيل دانشور آهي جيڪو پنهنجا خيال ورلي ظاهر ڪري ٿو. هن جا بحث ويجهن دوستن لاءِ آهن. جڏهن ڳالهائي ٿو ته پوءِ هن جهڙو ڪو به ڳالهائي نه ٿو سگهي. مان وحدت جو متلاشي آهيان، منهنجي ڪلينڪ ۾ ٻن تختن تي قرآن ۽ گيتا رکيل آهن. سڀني جو رب ساڳيو آهي. ڊاڪٽر رسول ميمڻ سان تمام ڊگهيون ڪچهريون ٿيون، انهن جو موضوع گهڻو ڪري انساني مسئلا، انهن جو حل ۽ اهڙي خوشيءَ جي ڳولها هئي جيڪا ڪڏهن ختم نه ٿي سگهي. هيءَ ناول انهن ڊگهن مباحثن جو تَتُ آهي، جيڪو مصنف پنهنجي انداز ۾ بيان ڪيو آهي.


    تاثر: ساڌ ٻيلي جو ديوتا (آدرش)

    جنهن مهلَ سِج، درياءَ بادشاهه جي درٻار ۾ حاضري ڀرڻ لاءِ آهستي آهستي اُن ۾ لهندو ويندو هو ۽ چڱي جهٽ کانپوءِ چنڊ، سکر شهر مٿان، پنهنجي چانڊوڪيءَ جي چادر وڇائيندو هو، تنهن مهل ڌرتيءَ جيڏو شاعر شيخ اياز صاحب، پراڻي سکر جي پراسرار گهٽين مان ٿيندو، جِنات بلڊنگ جي، يوناني سپاهيءَ وانگر الرٽ (Alert) بيٺل گهر ۾ ايندو، وڪالت وارو ڪارو ڪوٽ لاهي، ڪليءَ ۾ ٽنگي، لکڻ پڙهڻ جي ميز تي ويهي، ڊائري کولي، سگريٽ دُکائي، شعر لکندو ويندو هو، شعر گل بڻجي ويندا هيا ۽ پوپٽ مِڙي ايندا هُيا.
    رشيد ڀٽي صاحب، جاگيراڻي محلي جي گهر جي اوطاق ۾، دري کولي، سگريٽ جا ڪش هڻندي “بڻ” جهڙيون ڪهاڻيون لکندو هو ته گهڙي گهڙي گهاءُ بڻجي ويندي هئي.
    رحيمداد خان مولائي شيدائي روهڙيءَ جي جُنڪشن ريلوي اسٽيشن تي، ڳاڙهي جهنڊي ڏيکاري، ريل بيهاري، پُليون ٽپي، دريائن جو ديدار ڪري، ريلوي اسٽيشن سکر جي سامهون، ٽڪريءَ تي ٺهيل وشال گهر ۾ ايندو، هاڻي اُتي “Sistech” جو دفتر آهي، گهر اچي مٿي تان اڇي پِي-ڪئپ (P.Cap) ۽ ريلوي جي اڇي وردي لاهي، صاف سٿرو سٿڻ قميص جو وڳو پائي، بنا سگريٽ پيئڻ جي، سنڌ جي تاريخ لکندو هو ته سامهون ريلوي گرائونڊ ۾ گهوڙا هڻڪارون ڪندا هيا. تلوارن جي چمڪي تي شهر ٻري پوندو هو. راجا ڏاهر اچي، دريءَ جي وِٿيءَ مئون ليئا پائي، هن تاريخ نويس کي پاڻ بابت لکندو ڏسي مرڪندو هو، محمد بن قاسم گڏهه جي ئي پيٽ ۾ هوندو هو.
    اَنور پراچا اسپتال ۾ مريضن جي نبض ڏسي، کين دوا درمل ڏئي، مسيحا بڻجي سنڀال ڪري، ڊيوٽيءَ جون گهڙيون پوريون ڪري، اسٽيٿو-اسڪوپ ڳچيءَ ۾ لڙڪائي، معصوم شاهه جي ميناري واري لاهين لهندي، ڊاڪٽر غلام رسول ميمڻ، آهستي آهستي ايندو هو ته ائين لڳندو هو ڄڻ ڪو ساڌ ٻيلي جو ديوتا درياءَ جي پاڻيءَ مٿان هلي رهيو آهي.
    رسول ميمڻ صاحب ڀٽا روڊ جي گوتم ٻڌ جهڙي شانت گهٽيءَ واري گهر ۾، رات جو جاڳي ڪري، سبحان کي ياد ڪرڻ بدران، خالق جي خلقيل ٻانهن جا دک درد لکي، پنهنجي حساس ۽ دکي دل جو درمان ڪندو هو.
    اُهي سڀ جڏهن ميز تي جهڪي ڪري لکندا هيا ته ائين لڳندا هيا، ڄڻ عبادت ڪندا هجن.
    اوڻيهه سئو ستهتر عيسويءَ ۾ رسول ميمڻ صاحب جي نظمن ۽ ڪهاڻين جو ڪتاب “امن جي نالي” سنڌي ادبي سنگت سکر شاخ پاران، سائين اياز گل ڇپائي پڌرو ڪيو ته ائين لڳو ڪو هيرو دريافت ٿيو آهي. نظم ۽ ڪهاڻيون اهڙيون عالي شان جو وڏي ليکڪ امر جليل صاحب جي دل ۾ به گهر ڪري ويون ۽ امر جليل صاحب هڪ ڪالم ڪتاب تي لکيو هو.
    رسول ميمڻ صاحب اوڻيهه سئو پنجهتر عيسويءَ کان علم سان عشق ڪرڻ شروع ڪيو. هن جي نازڪ لبن تي “ميڏا عشق وي تُو، ميڏا يار ڀي تُو” اڄ کان ايڪيتاليهه ورهيه اڳ آيو ته اڃا تائين سندس لبن تي ئي آهي.
    سنڌ ۾ محترم تنوير عباسي ۽ محترم نجم عباسي ايم.بي.بي.ايس ڊاڪٽر هيا، انهن مسلسل پنهنجي زندگيءَ جي پڇاڙيءَ وارين گهڙين تائين لکيو، ڊاڪٽر رسول ميمڻ به مسلسل لکي ٿو. هو لکندي ڪو نه ٿڪيا، هي به پير پساري نه ويهندو.
    نوي جي ڏهاڪي ۾ سکر جي دلبر ليکڪن بشير منگي، جميل شهزاد، قدير انصاري، وحيد انصاري، اسد عباسي ۽ حبيب ساجد سان سڪَ جو سڳو ڳنڍيو. جيڪو اڄ تائين چولي ۾ ڳنڍيل آهي.
    جميل شهزاد سهڻو اهڙو جو واٽ ويندڙ ماڻهو دَڳُ وساري ويهن. هُن جو کلڻ به اهڙو ڄڻ مندر ۾ گهنٽيون وڄن، هن ڏانهن ڪو به لنگهي وڃي، ان کي اهڙو مان ڏئي جو موڪلائي ته روئيندو وڃي.
    جميل شهزاد روس جي ليکڪ دوستو وسڪيءَ وانگر جوئاري بڻجي ويو، سدائين کٽندو اهو آهي، جيڪو اڪيلي راند کيڏندو آهي، جميل ميان ٻين سان کيڏندو هو، سو هارائيندو ويو، کٽي پيو، پريشانيون محبوب جي زلفن وانگر وڪوڙي ويس، جان آجي نه ڪرائي سگهيو، آمريڪن ليکڪ ارنيسٽ هيمنگوي وانگر گوليءَ سان انت آندائين، خبر ناهي لحد ۾ لهي راند کٽيائين يا اڃان تائين تاس جي راڻي هٿن ۾ اٿس؟
    دلبر يار بشير منگيءَ جا ٿورا آهن جو هُن ماڻڪ موتي رسول ميمڻ صاحب سان ملايو هو. پهرئين ملاقات ۾ هن منهنجي من ۾ محل ٺاهي ورتو هو ۽ ان ۾ اڄ تائين ڏيئا ٻري رهيا آهن.
    رسول ميمڻ صاحب ڪراڙو ٿي ويو آهي، تخليق ڪراڙي نه ٿيندي آهي، هن جون ڪهاڻيون، ناول، نظم، ڪالهه به جوان هيا. اڄ به جوان آهن، صبحاڻي به جوان هوندا، سائين جواني ماڻيندا بنرا وني آڻيندا.
    رسول ميمڻ صاحب ليکڪ ته وڏو آهي پر پڙهاڪو به وڏو آهي، جڏهن به فون تي ڳالهه ٻولهه ٿئي ته ڪتاب جو ذڪر ضرور ڪري، هڪٻئي کي ڪتابن بابت ٻڌايون، هڪ ٻئي کي هِرکايون ۽ نئين دنيا وسايون ته لطف اچي وڃي.
    پڙهڻ آرٽ (Art) آهي، اهو آرٽ هر ماڻهوءَ جي وس ۾ نه هوندو آهي، ته اهو ان مان Lust حاصل ڪري، پڙهڻ جي Art ۽ جنس (Sex) جي Art مان Lust وٺڻ هڪ وڏي خوبي آهي، اها خوبي رسول ميمڻ صاحب ۾ اتم آهي.
    پڙهڻ ۾ ماڻهو جڏهن ڪتابن جي دنيا ۾ گم ٿي ويندو آهي ته هڪ نئين ڪائنات دريافت ڪندو آهي، اها “Other world” هوندو آهي، جنس (Sex) ۾ هو نوان جزيرا دريافت ڪندو آهي.
    اردو فڪشن رائيٽرس ۾ مرحوم عبدالله حسين قَد جو ڊگهو هو، اردو جو جديد وڏو شاعر افضال احمد سيد به قدآور آهي، سنڌي ليکڪن ۾ رسول ميمڻ صاحب قدَ جو شانائتو آهي، منهن جو موڪرو، تِبت ڪريم هڻڻ بنا ئي رنگ جو کُليل، پاسي تي ڦڻي ڏنل، مرڪندي ڀاڪر پائيندو ته سور سنڌا ڪيون لهي ويندا. دل کولي ٽهڪ ڏيندو، وڏي ليکڪ جو ڪو خول (Mask) نه هوندو. “مان جوئي آهيان سوئي آهيان.” تي عمل ڪندڙ، رسول ميمڻ صاحب بردبار ۽ ديرينو شخص آهي، هن جو آواز وڻندڙ، سُٺو ۽ اهڙو جو بي.بي.سي (BBC) جي پراڻن ۽ سوبر (Sober) آواز جي مالڪن رضا علي عابدي صاحب ۽ وقار احمد جي ياد ڏياريندو.
    اسان وٽ مضمونن ۾ ۽ ڪچهرين ۾ خالي ٺڪاوَ هوندا آهن، اجائي واويلا هوندي آهي ته “سنڌي ادب ۾ ناول جي کوٽ آهي” “سنڌي ادب ۾ جمود آهي” وغيره جڏهن ته اهڙي ڪا به ڳالهه ڪونه آهي، رڳو اسان وٽ پڙهڻ واريون اکيون ڪونه آهن.
    اڄ ڪلهه ليکڪن ۽ شاعرن جي يلغار گهڻي ڀاڱي “Facebook” تي آهي، ان کي به هنن “Fake Book” بڻائي ڇڏيو آهي. رڳو فوٽو ئي فوٽو. ڪتاب هونئن به گهٽ پڙهندا هيا، هاڻي ته رهيو کُهيو ان کان به پري ٿي ويا آهن. سنڌي ادب ۾ ناول جي ڪا به کوٽ نه آهي، مرزا قليچ بيگ جي ناولن کان وٺي، اڄ ڪلهه شبنم گل ۽ ظفر جوڻيجو جي نون ناولن تئين تمام سٺن، اهم ۽ سگهارن ناولن جي ڊگهي قطار آهي، لڳ ڀڳ اڍائي ٽي سئو ناول آهن، پر پڙهيا اڍائي ناول آهن ته کوٽ ٿي نه! اياز چواڻيءَ: “ڪجهه ڏات ڏسو، پوءِ بات ڪيو، هي شور اجايو آ پيارا!”
    رسول ميمڻ جا ٻه ناول “اڻويهه عورتون” ۽ “قالو بلا” پنهنجي جاءِ تي، باقي هن جو ناول “نجومي” ڪمال جو ناول آهي، ان ناول تي هڪ جُملو سورهن آنا سچو آهي: “باڪمال ليکڪ، لاجواب ناول”
    عربي ادب جو شاهڪار ڪلاسڪ ڪهاڻي ڪتاب “الف ليله” آهي، دَٻليءَ ۾ دٻليءَ وانگر، ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻي آهي، اهڙي عجب جهڙي.
    دنيا ۾ ان ڪتاب کي روشناس ڪرائڻ وارو سَرچرڊ برٽن آهي، جنهن ان کي انگريزي ۾ ترجمو ڪيو، انگريزيءَ مان دنيا جي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيو، سنڌيءَ ۾ پڻ ان ٿلهي ڪتاب مان ڪجهه چونڊ ترجمو ٿيل آهي، جنهن کي منهنجي شهر جي مشهور پبلشر “مولوي محمد عظيم اينڊ سنز شڪارپور” ڇپايو هو.
    سر رچرڊ برٽن مٿي ڦريو ماڻهو هو. وڏو ڏاهو، ذهين ۽ عملي ماڻهو هو. انيڪ ٻوليون ڄاڻيندو هو. مسلمان جو ويس ڌري حج به ڪيائين. رڳو ان ڪري ته مشاهدو ڪيان ته ان ۾ آهي ڇا، حج ڪري، ڪِتاب پڻ لکيائين. رچرڊ برٽن وڏو شوقين ۽ رنگين هو، نه ڇڏيائين چُرندڙ ڪا زائفان، ڪو سهڻو ڇوڪرو ۽ کدڙو.
    هن جو ادبي ڪم به وڏو ۽ اعليٰ ٿيل آهي. تاريخ، سفرناما ۽ جنس (Sex) تي وڏو ڪم اٿس. هن جي سئو جي لڳ ڀڳ ڪتابن جي مسودن کي، جوڻس باهه ۾ ساڙي ڇڏيو، جيڪي هن چواڻيءَ تمام اگهاڙا ڪتاب هيا.
    رسول ميمڻ صاحب جو ناول “نجومي” مون کي سنڌي ادب جو هِڪ “ننڍڙو الف ليله” لڳو. جنهن ۾ مختلف ڪهاڻيون پنهنجي اندر ۾ هڪ نئين دنيا آهن. ان جا ڪردار ساهه کڻندي محسوس ٿين ٿا. هلندي هلندي اسان کي اُهي ملي سگهن ٿا. ناول ۾ ڪو به هَٿ ٺوڪيو ڪردار (Plastic Character) ڪونه آهي.
    ڪنهن چواڻي “هڪ سٺو ناول، اسان کي ناول جي ڪردارن جي اصليت ٻڌائيندو آهي، هڪ ڪِنو ناول، اسان کي ليکڪ جي اصليت ٻڌائيندو آهي.”
    ڪجهه ڏينهن اڳ شاعر دوست شفيق احمد “شائق ڪمبوهه” صاحب، مون کي اردو ليکڪ مستنصر حسين تارڙ جو ناول “قربِ مرگ مين محبت” قرب ڪري پڙهڻ لاءِ ڏنو، تارڙ صاحب جا سفرناما مون ڪافي پڙهيا آهن. “خانه بدوش” هڪ سٺو سفرنامو اٿس. ٻين ۾ ليکڪ رڳو هالي ووڊ جو هيرو بڻيل آهي، جو جنهن شهر ۾ داخل ٿئي ٿو، رَنن جو ولر هن پويان لڳي ٿو. ٻه ٽي ناول به نظر مان گذريم. چڱا لڳا. هن ناول ۾ ليکڪ جي اصليت ظاهر ٿئي پئي ته هو اندر جو ڪيڏو پليت آهي.
    ناول جي ڪهاڻي بي ربط ۽ پلاسٽڪ ڪهاڻي آهي، سٺ سالن جو خاور ناول جو نائڪ آهي، جيڪو نفسياتي مريض آهي، اصل ۾ اهو تارڙ پاڻ آهي، خاور ليکڪ آهي ۽ ٽيلي ويزن جو پنهنجي وقت جو ڪمپيئر آهي، سٺ سالن جي عمر ۾ هن ڏي فونيون ٿيون اچن. اهي مايون زليخا وانگر هن لاءِ پريشان آهن. هن سان ملن ٿيون. هڪ سنڌڻ، عابده سومرو آهي، هن جو مڙس M.P.A آهي، مڙس ڌيان نه ڏيندو اٿس، عابده سان سهرو هم بستر ٿيندو آهي، مڙس کي دانهن ڏيندي آهي، پر هو ڪنَ لاٽار ڪندو اٿس، هاڻي اسان سنڌي سومرا ايڏا ڪريل آهيون؟
    هڪ بلوچستان جي سلطانا بلوچ ٻاهرئين ملڪ جي پي.ايڇ.ڊي آهي. جوان ڇوڪري ٿي ڪري، خاور جهڙي ڪراڙي مڙهه تي مري ٿي.
    ٻيڙيءَ جي هِڪ غريب مهاڻي زائفان پکي نالي به خاور لاءِ اڳٺ کوليو ويٺي آهي، تارڙ کي شرم هجي ته ٻڏي مري، برابر اسان سنڌين ۾ به بڇڙايون آهن پر تارڙ! ڪؤٺي تي نچڻ واريون ۽ ڳاڙهي بازار ۾ ويهڻ واريون، دنيا جي تاريخ ۾، سنڌي ۽ بلوچ عورتون توکي نظر نه اينديون، اهي تارڙ هونديون.
    رسول ميمڻ جو ناول “نجومي” هڪ تمام سٺو ناول آهي، جيڪو ڪردارن جي اصليت ٻڌائي ٿو.
    ناول ۾ مختلف ڪردار، نجوميءَ کي پنهنجي سچي ۽ ڏکوئيندڙ وارتا ٻڌائين ٿا. نجومي طوطي کان لفافو کڻائي، کين خليل جبران جي “پيغامبر” وانگر گس ٻڌائي ٿو. اهي هن جي ڏسيل دَڳ تي هلن ٿا ته سندن واٽ روشن ٿي وڃي ٿي.
    ناول ۾ هڪ عامل جي ڪهاڻيءَ کان وٺي، آرياڻي ڳوٺ جي هڪ عاشق جوانڙي تائين جون ڳالهيون آهن. عجب داستان آهن، ڏاڍيون سهڻيون تشبيهون آهن.
    ناول “نجومي” هڪ سئو اٺيتاليهه پنن جو آهي پر هڪ سگهارو ۽ وڏو ناول آهي.
    جرمن ليکڪ گُنٽر گراس چواڻيءَ: “ادب گُم ٿي ويل ديس جي نئين سِر دريافت ڪندو آهي.”
    رسول ميمڻ صاحب ناول “نجومي” ۾ سنڌ ديس جي نيئن سِر ئي دريافت ڪئي آهي، ٻيو ڪجهه به نه ڪيو آهي.


    نظم: مورن جا کنڀ (ادل سومرو)

    رسول ميمڻ
    جڏهن سکر کان ننگر پارڪر پهتو*
    ته شام جي چُنري
    ڦهلجي چُڪي هئي
    ڪارونجهر هُن جي آجيان ڪئي
    ۽ ساڻس شيخ اياز جي تعزيت ڪئي

    رات جو هن خواب ۾
    “اوشا جي آشا” ۾ ڀٽڪندڙ
    “چچريل زندگين جا قافلا” ڏٺا
    هن روپلي ڪولهيءَ کي
    سوريءَ تي لٽڪيل ڏٺو
    ۽ پوءِ مسڪين جهان کوسي جي
    مس ڪُپڙيءَ مان قلم ٻوڙي
    هُن “امن جي نالي” هڪ گيت لکيو
    جنهن کي موهن ڀڳت ڳائڻ لڳو
    جنهن ڏينهن هُن اسپتال ۾
    هڪ زخمي مور جي ٽنگَ تي
    پٽي ٻڌي هئي
    ان رات، هن هڪ وائي لکي هئي
    هو اڪثر شام جو
    ڪارونجهر پٺيان لهندڙ سج کي
    ڏسندو آهي
    ۽ ڪنهن کي ياد ڪندو آهي
    پنهنجي ڊائريءَ ۾
    مورن جا کنڀ
    ۽ ٿري لفظ گڏ ڪندو آهي


    * رسول ميمڻ جي سکر کان ننگر پارڪر اسپتال بدلي ٿيڻ تي لکيل
    * رسول ميمڻ جي ڪتابن جا نالا ڏنگين ۾


    تاثر: سنڌي ڪهاڻيءَ جو پروميٿيس (حبيب ساجد)

    تون منهنجا لُڙڪ ائين اُگهيا هُئا،
    جيئن ڳوٺاڻيون، ڦٽيون چونڊينديون آهن.
    (امتياز ابڙو)

    چند لفظ ملي ڪري ڪيئن هڪ HD ليول جو منظر ٺاهي ڇڏين ٿا، اهو مون سنڌيءَ جي صرف ٻن ليکڪن وٽ محسوس ڪيو آهي (۽ اها بنهه منهنجي ذاتي راءِ آهي ۽ پنهنجي ٽيسٽ جي حساب سان لکيل جملو آهي) هڪ سائين آغا سليم ۽ ٻيو ڊاڪٽر رسول ميمڻ.
    پهرئين تي ته ايترو گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي جو ڪتابن جو ڪٻٽ ٺهي وڃي ۽ وري ٻئي تي ڪجهه به نه لکيو ويو آهي. جيڪڏهن سنڌي ادب جي تاريخ ۾ Google سرچ هڻجي ته ڊاڪٽر رسول ميمڻ تي لکيل پنن جو تعداد پنجاهه به نه ٿيندو. يعني ڪتاب به نه ٺهي سگهندو.
    مون کي اهو فخر هميشه رهندو ته ماٺيڻي ۽ چُپ چاپ رهندڙ ڊاڪٽر رسول ميمڻ سان سکر ۾ سڀ کان وڌيڪ ملاقاتون مون ڪيون هيون... يعني پورا سارا ٽي دفعا.
    ڊاڪٽر رسول ميمڻ بنهه سادو سلوڻو، گهٽ ڳالهائو ۽ هلڻ مهل سڌو ۽ سنوت ۾ Move ڪرڻ وارو ليکڪ آهي. توهان ڀلي ڊاڪٽر صاحب جي ڪلهي تي پاڻيءَ سان ڀريل گلاس رکي ڇڏيو، سندس گهر کان الحبيب هوٽل تائين، گلاس جو پاڻي لڏندو به نه، ان ڪري اسان ان وقت جا نئين ٽهيءَ جا ننڍا شاعر، سائين ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي ڄنگهن کي بهترين Shock observer سمجهندا هئاسين.
    ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي شخصيت جي هڪ خاص ڳالهه جيڪا مون کي ڏاڍي پسند هئي/آهي، ڳالهائن مهل مرڪ جو استعمال، ڊاڪٽر رسول ڄڻ ڊاڪٽريٽ ڪئي ئي مرڪڻ جي سبجيڪٽ ۾ آهي. مرڪڻ مهل سندس سڄو چهرو مکڙيءَ جيان کِڙي بيهندو آهي، ڄڻڪه سائينءَ جي چهري جو هر Uni cell ان ڪم ۾ لڳي ويندو آهي، مرڪ سامهون واري تي octopus جي Tanticals جيان ڪيئن حملو ڪري کيس جڪڙي بيوس ڪري ڇڏيندي آهي، اهو سڀ مون ڊاڪٽر ۾ محسوس ڪيو هيو/آهي، حالانڪه ڊاڪٽر صاحب پاڻ ايترا ته بي ضرر آهن جو سواءِ پين ۽ پني جي ٻي ڪنهن کي به ضرر نه پهچايو هوندن.
    اها ئي ساڳي خوبي/عادت مون امر اقبال جي دوست ۽ پنهنجي واقف امان ميمڻ ۾ به محسوس ڪئي آهي، جيڪو ڊاڪٽر رسول ميمڻ جو ننڍو ڀاءُ آهي.
    ڊاڪٽر رسول ميمڻ سان منهنجي پهرين ملاقات... يا کڻي ائين چئجي ته کين آڏو ڏسڻ ۽ ڪهاڻي پڙهڻ جو منظر اڄ به منهنجي هنن ٻن Lenses ۾ محفوظ آهي، مان نئون نئون پنهنجي دوست اسد عباسيءَ سان ادبي سنگت سکر جي ادبي گڏجاڻين ۾ اچڻ لڳو هئس. سنجهي ٽاڻي اهي گڏجاڻيون اسان جي محبوب دوست پارس حميد جي Rented گهر (جيڪو آچر گهٽيءَ جي انت ڀيڙي وٽ هيو) ۾ رچبيون هيون. انهن ئي گڏجاڻين ۾ مون انهن شخصيتن کي ڏٺو جيڪي مون هميشه ڪتابن ۾ ڏٺيون يا پڙهيون. Most Calculated سائين اياز گل، ڪنهن اوڏڻ ڪنئواري ڇوڪريءَ جيان اوچتو کِلي پوندڙ سائين ادل سومرو، ڪارونجهر جي ڪور جي ڪنهن چِلولي مور جهڙو ڪئلاش (آغا پير محمد)، بي انتها سنجيدگيءَ سان ۽ Consciousويٺل. سائين رسول ميمڻ ۽ ڇڙواڳ ۽ کِلڻو شڪيل پريالوي (جيڪو هيو ته ڪاشميري پر سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو وڏو عاشق ۽ نهٺو شاعر هيو) ۽ اسان جو سڀ کان پيارڙو پارس حميد Lovely, Lovely ۽ Lovely انسان، جنهن جي ڳٽن ۾ ايڏي ته نرمي هوندي هئي جو مان ته زور ڪري هن سان پنهنجو پِچڪيل ڳل ملائي مزو وٺندو هيس. مون کي ياد آهي مان، امر اقبال ۽ وسيم سومرو سنڌالاجي گهمڻ ويا هياسين. سنڌالاجيءَ جي مُهڙ وٽ ئي ڪنهن هندو شخصيت جو پٿر جو الائي Plaster of Parisجو هڪ Statue پيو هوندو هو، ان بت جا ڳِٽا ايترو ته اڀريل ۽ سهڻا هيا جو سنڌالاجيءَ ۾ جيڪو به گهرندو هيو، اهو سڀ کان اڳ ان Statue جي ڳٽي تي پيار مان هلڪي ٿڦڪڙي ضرور هڻندو هيو (جيئن اسان پنهنجي ببلو ٽائيپ ٻارڙن جي ڳٽي تي هڻندا آهيون) ٿڦڪڙيون لڳي لڳي ان Statue جو ڳٽو ڪارو ٿي ويو هو (ها،ها،هاها) Lols.
    ...ته اسان جو پيارڙو سائين پارس حميد به اسان سان اتي مليو، ڊاڪٽر مهر خادم به اسان اتي ڏٺو، ڊاڪٽر خادم هاڻي به ايترو ته احتياط سان مرڪندو ۽ کلندو آهي ڄڻ ڀڄي نه پوي.
    مون جڏهن پهريون ڀيرو ڊاڪٽر رسول ميمڻ کي ڏٺو ته اهو منظر ادبي سنگت سکر جي ادبي گڏجاڻيءَ جو هيو. 1990ع جو سال هيو، سڀ چؤڪڙي هڻي چوڌاري ويٺل هيا، گوڏو گوڏي سان ڳنڍيو پيو هو. پارس حميد ۽ سندس Colleague ميمڻ صاحب سڀني لاءِ چانهه ٺاهڻ ۾ لڳا پيا هئا. سانت... خاموشيءَ واري ماحول ۾ ڊاڪٽر رسول ميمڻ هڪ اهڙي ڪهاڻي پڙهي رهيو هيو جيڪا ڪهاڻي گهٽ پر ديومالائي معاملو وڌيڪ لڳي رهي هئي. ان وقت تائين منهنجو مطالعو بنهه ڇسو ۽ اڻ پورو هيو (جيڪو هاڻ به ايترو ئي معمولي آهي...26 سالن بعد به) پوءِ به مون محسوس ڪيو ڄڻ يوناني ڏند ڪٿا جو ڪردار پنهنجي محبوبا يا زال کان وڇڙي رهيو هو ۽ شيطان کلي چئي رهيو هيو ته ڏسو مان ٻنهي کي ڪيڏي نه ڪاميابيءَ سان جدا جدا ڪري ڇڏيو، مائي اوڀر طرف وڃي رهي آهي ۽ مرد اولهه طرف، هاڻ هي ڪڏهن به ڪونه ملي سگهندا. هاهاها... ان ڪهاڻيءَ جو آخري جملو ليکڪ جو يعني ڊاڪٽر رسول ميمڻ جو پنهنجو هوندو آهي. اهو جملو مون کي اڄ به ياد آهي. سانتيڪي ماحول ۾ ڳؤرو ۽ Full Base وارو آواز گونجي رهيو هو ته:
    “۽ ان بيوقوف شيطان کي اها خبر شايد ڪانهي ته ڌرتي گول آهي ۽ هي ٻئي ڌرتيءَ جي انت واري ڇيڙي تي هڪ ٻئي سامهون اچي بيهندا.”
    ته اهڙي ماحول جون ڪهاڻيون لکندو هو، ڊاڪٽر رسول ميمڻ، جيڪي اصل سنڌيءَ ۾ لکيل ديومالائي آکاڻيون هونديون هيون. ان مهل به جڏهن لکڻ ته پري اسان کي ڳالهائڻ به پورو سورو ڪونه ايندو هو، ان دور ۾ به ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جو سواد “قصه گوئي مهارت” جو جيئرو جاڳندو مثال هيو. مان پنهنجي ذاتي راءِ ۾ ڊاڪٽر رسول ميمڻ کي پنهنجي پسند جي ليکڪن ڪافڪا، بورخيس، خليل جبران ۽ گارشيا مارڪيز سان گڏ ڳڻيندو آهيان، مٿين سڀني جو لڳ ڀڳ مزاج هڪجهڙو آهي، مارڪيز جي معصوم اريندرا سکر جي هر گهٽيءَ ۾ ملندي ۽ بوروخيس جا فلسفي ڪردار روهڙي اسٽيشن تي جام نظر ايندا آهن.
    ڊاڪٽر رسول ميمڻ جون لکڻيون سچ ته هِڪ ساهيءَ ۾ پڙهڻ جهڙيون آهن، هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ناول ليکڪ طور، ڊاڪٽر رسول ميمڻ جو ڪيل ڪم ايترو ته سهڻو، گوناگون ۽ دل ۾ سانڍڻ جهڙو آهي، جيئن اسان نزار قباني، اياز گل ۽ سعيد ميمڻ جا ڪتاب ان نيت سان سانڍي رکندا آهيون ته انهن ڪتابن مان Extracts ڪڍي اسان ڪنهن کي متاثر ڪري سگهون ٿا. آغا پير محمد “ڪيلاش” هڪ ڏينهن (1990ع جي سال) مون کي ڊاڪٽر رسول ميمڻ جو شاعريءَ جو پهريون ڳٽڪو (Collection) “اوشا جي آشا” ڏيکاريو ته مون کي نالي جو مطلب اچي ئي ڪونه پيو. پير مون کي ان جي سمجهاڻي هيئن ڏني هئي:
    “ٻروچ! “اوشا” ۽ “آشا” ٻئي هندي لفظ آهن، جيئن ته هندي ۽ سنڌي هڪ ٻئي جون Relevant زبانون آهن، ان ڪري اسان کي عربي، فارسيءَ بجاءِ هنديءَ ڏي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ کپي ۽ ها... “اوشا” جي معنيٰ باک، Dawn ۽ “آشا” جي معنيٰ اِڇا، خواهش، طلب ۽ گهرج آهي. “اوشا جي آشا” معنيٰ “باک ڦٽڻ جي خواهش” چوڻ جو مطلب ته ڊاڪٽر رسول ميمڻ جيڪو ان وقت اڃان ڊاڪٽر نه ٿيو هو (صرف رسول ميمڻ هيو) جو پهريون اسٽروڪ ئي ڪمال جو هو. “اوشا جي آشا” هڪ اهڙو ڪتاب جنهن ۾ ڊاڪٽر رسول ميمڻ جا نثري نظم به شامل هيا. نثري نظم جي صنف کي سنڌيءَ ۾ رواج وجهڻ وارن نالن ۾ ڊاڪٽر رسول ميمڻ جو نالو اڳين صف ۾ بيٺل نمازين جيان Distinguished آهي.
    ڊاڪٽر رسول ميمڻ سنڌي ٻوليءَ جي ادب جي هر نئين لاڙي کي اپنايو آهي. ان لاءِ پنهنجي ڏات جو زبردست استعمال ڪيو آهي. ڊاڪٽر رسول ميمڻ ان وقت هائيڪو ۽ ٽيڙو لکيا، جڏهن پراڻ-پسند شاعر نثري نظم ۽ هائيڪو تي چٿرون ڪندا هيا. ڊاڪٽر رسول ميمڻ جو پهريون ڪتاب سنڌي شاعريءَ ۾ نون لاڙن جو هڪ خوبصورت آڌر ڀائي ثبوت ۽ Reference آهي.
    بي انتها توجهه ۽ Intension سان اوهان جي ڳالهه ٻڌندڙ ڊاڪٽر رسول ميمڻ مون کي سکر ۾ سدائين هڪ ديومالائي/ڏند ڪٿائي ڪردار جيان ڳچ عرصي تائين ڀٽا روڊ کان “الحبيب” هوٽل جي ڀرسان ڪلينڪ ۽ سول اسپتال جي روڊن تي پيادل ائين هلندي محسوس ٿيندو هيو ڄڻ سکر جو شهر يونان جو Athens هجي.
    ڊاڪٽر رسول ميمڻ سان اها شام انتهائي عجيب ملاقات واري شام هئي، جڏهن پيارڙو امر اقبال، قربان منگي ۽ اڏرڻ لاءِ پر ساهيندڙ آصف نظاماڻي، الحبيب هوٽل سکر جي اڌ روشني ۽ اڌ اوندهه ماحول ۾ ڊاڪٽر صاحب سان ڪچهري ڪري رهيا هئاسين، جيڪا آهستي آهستي ادبي ٿيندي وئي. ڊاڪٽر رسول ميمڻ “جسُو هال” جي اونداهي ماحول ۾ يونان جي ديوتا پروميٿيس جيان پاڻيءَ مٿان ٺهيل عڪس جيان هلڪورا ڏئي رهيو هيو. ان مٿان سندس ڳؤرو ڳورو Full Based آواز-اسان سڀ دوست پنڊپهڻ Objects جيان کيس صرف ٻڌي رهيا هياسين. ٻن ڪلاڪن واري اها ملاقات سچ ته منهنجي زندگيءَ جي ڪجهه نه وسرندڙ لمحن مان هڪ لمحو آهي، جيڪو ٻن ڪلاڪن جيترو طويل ۽ وشال هيو.
    پياري امر انهيءَ ملاقات کي Transcribe ڪري “پوپٽ” ۾ ڇاپيو ۽ پوءِ وري اها ملاقات امر جي ورتل انٽرويوز واري ڪتاب “آءُ اسان وٽ ويهه” ۾ به شامل ٿي.
    ڊاڪٽر صاحب جون ڪهاڻيون جيئن جيئن پڙهندا وينداسين، ڊاڪٽر جي شخصيت ڳوٺاڻيءَ جي هَڙُ جيان کُلندي ويندي ۽ ان مان هر اهو وکر ملندو ويندو، جيڪو ڪهاڻي ۽ شاعري لکڻ لاءِ ضروري هوندو آهي، ڊاڪٽر جي شروعاتي ڪهاڻين ۾ چٽيءَ طرح سان هن تي چيخوف، هاٿورن ۽ خليل جبران جو اثر محسوس ٿيندو، ديومالائي ۽ قصه گوئي جي وکرن سان سجايل سندس ڪجهه ڪهاڻيون ائين لڳنديون ڄڻ چيخوف سنڌيءَ ۾ لکيون آهن.
    انت ۾... مون کي هر سمئي اهو فخر حاصل رهندو ته مان ڊاڪٽر رسول ميمڻ سان ذاتي طور شايد ايترو ويجهو نه رهي سگهيو هوس/آهيان، پر ادبي حوالي سان مان، ڊاڪٽر رسول ميمڻ کي انهن ليکڪن جي قطار ۾ شمار ڪندو آهيان، جن کي پڙهڻ کان سواءِ زندگي نه ٿي جِي سگهجي ۽ جن کي پڙهڻ کانپوءِ پيار ڪرڻ کان سواءِ نه ٿو رهي سگهجي. ڊاڪٽر رسول ميمڻ جون لکڻيون سنڌي ادب جي رڳن ۾ لال لهوءَ جيان هميشه دل طرف سفر ڪنديون رهنديون.
    سندس ڪهاڻيون، ناول يا ٻيون نثري لکڻيون پڙهندي، هر نئين قدم تي اهڙيون سِٽون ملنديون جن کي انڊر لائين ڪرڻ تي دل چاهيندي، خبر تڏهن پوندي جڏهن سڄي لکڻي انڊر لائين ٿي ويندي.


    تاثر: آرٽسٽ نظر (اياز گُل)

    رسول ميمڻ صفا نه بدليو آهي، هو اڄ به ائين ئي آهي، ماٺيڻو، سگهارو، اڙٻنگ ۽ مُنفرد، جيئن ٽيهارو کن سال اڳ هيو، جڏهن پبلشر طور مون سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب “امن جي نالي” ڇپرايو هيو. تڏهن پڙهندڙ سندس ڪهاڻيون پڙهي حيران ٿي ويا هئا. اُهي ڪهاڻيون نه امر جليل جون هيون، نه نسيم کرل جون، اُهي رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون هيون، الڳ نظر ايندڙ، شعور ۽ احساس جي نئين گَس تي وٺي ويندڙ ڪهاڻيون، جيڪي رسول ميمڻ اڄ تائين لڳاتار ۽ ٿڪ جي احساس سواءِ لکندو پيو اچي.
    رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جا موضوع انوکا ۽ ٽريٽمينٽ، سنڌيءَ جي ٻين ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين کان مختلف آهن. سندس ڪهاڻيون، سندس شخصيت جيان پراسرار آهن، زندگي ۽ زندگيءَ جي مسئلن سان ڀرپور، ماحول چِٽڻ جو انداز به هُن وٽ گهڻو مختلف آهي، جيڪو رڳو وٽس ئي ملي ٿو. هڪڙو جادوئي ماحول، جنهن جي اُڻت ۾ پڙهندڙ وڃي ٿو ڦاسندو ۽ ڪهاڻي پڙهي پوري ڪري به ڦاٿل ئي رهي ٿو. رسول ميمڻ جهڙي تحرير، انداز، تشبيهن ۽ استعارن سان ڀرپور منظرنگاريءَ واري شاهوڪاري خليل جبران وٽ ئي ملي ٿي، بيشڪ سندس ڪهاڻيون آرٽ ۽ ڪرافٽ جو خوبصورت ميلاپ آهن، جيڪي سندس گهري ۽ تيز تِکي آرٽسٽ نظر، وسيع مطالعي، مشاهدي ۽ تجربن جي بنياد تي مضبوطيءَ سان بيٺل آهن.
    رسول ميمڻ سدائين، پذيرائيءَ جي ميلن جهميلن کان ٻاهر رهي تخليق جون سڀ قوتون گڏ ڪري هي ڪهاڻيون لکيون آهن، سندس ڪهاڻي، اڄ به جيئري جاڳندي ڪهاڻي آهي جنهن کي نه ته گولي لڳي آهي، نه ئي هوءَ ڪنهن بم بلاسٽ ۾ زخمي ٿيل آهي. صحتمند ۽ سگهاري ڪهاڻي جيڪا پنهنجو تعارف پاڻ آهي، ته هوءَ رسول ميمڻ جي ڪهاڻي آهي.


    علامتي ڪهاڻيڪار: ابراهيم کرل

    ڳالهه، آکاڻي، قصو، ناول، افسانو، افسانوي ادب جون مقبول ۽ معروف صنفون آهن، جيڪي منڍ کان اڄ تائين ٿوري ردو بدل کانپوءِ “نئين ڳالهه” (ناول) جي صورت ۽ حقيقي زندگيءَ جا اولڙا کڻي ڪهاڻيءَ ۾ نروار ٿيون آهن.
    ڳالهيون، آکاڻيون ۽ قصا، سينن مان نڪري پنن تي آيا، ناول ڳوٺن، علائقن، شهرن جي رستن گهٽين مان گهمندا قلم وسيلي ڪتابن جي زينت بڻيا.
    ڀٽ، ڀان، مڱتا، ناٽڪ منڊيلن وارا، دڦ، دڦليون، چپڙيون، نڙ وڄائي، ماڻهن کي ميڙي، ڳالهه ٻڌائيندا هيا.
    ڪهاڻيڪار، ناول نگار، افساني نگار، اکين جي ماڻڪين ۾ محفوظ ڪيل منظرن ذهن جي اسڪرين تي آيل وارتائن، دل کي لوڏي ڇڏيندڙ واقعن، اکين ۾ آيل ڳوڙهن جي پس منظر کي قلم وسيلي ڪاغذ تي اتاري، اخبارن، رسالن، ڪتابن، ٽي وي ڊرامن، فلمن ۾ بيان ڪري، هنياءَ کي هلڪو ڪري رهيا آهن ۽ معاشري ۾ ٿيندڙ انيڪ تبديلين کان آگاهه ڪري رهيا آهن.
    رسول ميمڻ پوئين ڪرت ڪرڻ وارن مان آهي، ليڪن ان جو پس منظر اهو ساڳيو ئي آهي، ڪچهريءَ ۾ ڪانڀ ڪڍي ويهڻ، سياري جي سرد راتين ۾ ڪنڊيءَ جي بنڊيءَ کي ٺاٺوڪو ڏئي وَر وَر مچائڻ ۽ ڪنڊ ۾ ويٺل، موسي يا خميسي جي واتان چوريل قصو ٻڌندڙ ۽ ان ڏانهن به ڌيان ڏيندڙ جيڪو ننڊ کي اکين مان ڀڄائيندي وچ تي پڇي ٿو “هائو ٻيلي خميسا! پوءِ ڇا ٿيو؟... ۽ خميسو اهڙي سوال تي گنگهڪر ڪري چوي ٿو. “ٿيندو اهو جيڪو مالڪ کي منظور هوندو، ويهي ٻڌ ته ڇا ٿو ٿئي؟” رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون ويهي ٻڌڻ جهڙيون آهن، منجهن اهو ئي رس چس ۽ رچاءَ آهي، سندس ڪتاب “حليمان” ۾ آيل ڪهاڻيون جنهن لاءِ هو پاڻ ئي چوي ٿو ته: “منهنجي وجود جا ڪيئي ورهايل حصا پويان آواز ڏئي رهيا آهن، مان ماضيءَ جا سڏ ٻڌندو آهيان ته ڪنڌ ورائي پنهنجا پوئتي ڇڏي آيل ڪيئي روپ ڏسي سگهندو آهيان، حليمان، نانڪ، احمد زوار، ڏاتو، سونين والين وارو سچل، ستارو ۽ ٻيا اهي سڀ نالا منهنجين يادن تي اڪريل آهن.”
    “ڏاتوءَ جي آتم ڪهاڻي” ۽ “حليمان” ٻه اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جيڪي مسلسل وارتا کي بيان ڪري رهيون آهن، ڏاتوءَ جو ڪردار ان جو اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ، رويو، پاڙيوارن جي پروڙ ۽ سندس مذهب، اهڙي پناهه گاهه هيو، جنهن جي اڱڻ ۾ سڪون جا بيد مشڪ لڳل هئا. هن سڄي زندگي خدا کي ياد ڪيو ۽ ان جي حڪمن تي عمل ڪيو. هن پنهنجي گهرواريءَ کي خوش رکيو ۽ غير ضروري پابنديون نافذ نه ڪيون، هن پيدل گهمڻ کي ترجيح ڏني، هن سڄي ڪهاڻيءَ ۾ رسول ميمڻ انساني عظمت، انساني سڀاوَ، انساني آدرشن جي ڳالهه ڪرڻ کان علاوه پنهنجو ڪم هڪ سٺي ڊاڪٽر وارو پڻ ڪري ويو آهي.
    “هن ناشتي ۾ هميشه ڏهي استعمال ڪئي ۽ جڏهن هن جي عمر چاليهه سال ٿي ته هن مڇيءَ کانسواءِ ڪو به گوشت نه واپرايو، هن اهڙيون سبزيون استعمال ڪيون جيڪي ڏسڻ ۾ سائي رنگ جون هيون، هن ڪڏهن سگريٽ يا ٻيڙي کي نه ڇُهيو ۽ نه ئي ڪڏهن شراب کي چپن تي آندو.” ڏاتوءَ 135 سالن جي عمر ماڻي، ان جا سڀئي راز رسول ميمڻ پنهنجي هن ڪهاڻيءَ ۾ ٻڌايا آهن، ته هڪ حوالي سان ڪهاڻي ميڊيڪل اويئرنيس پيدا ڪرڻ ۾ به رهنمائي ڪري ٿي.
    “حليمان” ڪهاڻي پڻ هن ئي سلسلي جي ڪڙي آهي، عورت گهر ۾ ڪهڙا ڪم ڪري ٿي؟ ڪيئن سگهڙائپ ۽ ڏاهپ سان گهر جو چرخو هلائي ٿي؟ گهر جي هر ڀاتيءَ تي سندس نظر آهي، اوڙي پاڙي جي اٿي ويٺي، شادي غميءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري ٿي، تڪليف ۾ ڪيئن سهارو بڻجي ٿي؟ وڏي پيٽيءَ ۾ ڪيئن ڪپڙا ۽ شيون سنڀالي رکي ٿي؟ انهن سان سندس يادون وابستا آهن، انهن يادن کي هوءَ ٽڪرين ۾ ورهائي رلهي ٺاهي ٽانڪي ٿي ڇڏي، هن ڪهاڻيءَ ۾ پڻ رسول ميمڻ بيمارين جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان جون تدبيرون پڻ هڪ ماهر ڊاڪٽر جيان ٻڌايون آهن، ڪيئن هڪ سوئر جي ڦٽي ٿيل انسان لاءِ تدبيرون بيان ڪيون اٿس؟ ڇتي ڪتي جي چڪ پائڻ سبب انسان ڪهڙين مشڪلاتن مان گذري ٿو ۽ ان جي تڪليف ڪهڙي ٿئي ٿي. ان جو علاج ڇا آهي؟... ته ڊاڪٽر صاحب واقعي پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڏاهپ جي ڳالهين سان گڏوگڏ بيمارين جا علاج پڻ Suggest ڪري ٿو، جيڪو سندس پيشو به آهي، ان سان گڏ هو معاشري جو ڊاڪٽر ٿي مسئلن کي حل ڪرڻ جا گُر پڻ ٻڌائي ٿو. سندس ڪهاڻي بيان ڪرڻ وارو طريقو اهو ئي آهي “ها ته خميسا! ٻڌاءِ پوءِ ڇا ٿيو؟” (انهي موضوع تي تمام گهڻو تفصيلي لکي سگهجي ٿو.)
    ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي ڪهاڻي “ڪوما، سڪرات ۽ موت” ۾ پڻ اهڙي ڪيفيت بيان ڪئي وئي آهي، جيڪا هڪ ڊاڪٽر ئي محسوس ڪري سگهي ٿو. ڇو ته ان جي آڏو اهڙا ڪيترائي دفعا حادثا ٿي چڪا آهن. هن ڪهاڻيءَ ۾ خودڪشي ۽ بيوفائيءَ جهڙين ڪيفيتن کي شاندار نموني سان بيان ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي ڪهاڻين ۾ ورهاڱي جي درد کي پڻ جڳهه مليل آهي، “لالواڻيءَ جي لائبريري جا ڪئا” ۾ خاص ڪري هتان لڏي ويل هندو اديب جي ڏک کي چٽيو ويو آهي، جنهن جي گهر ۾ هڪ پناهگير اچي رهي ٿو. جيڪو بعد ۾ هجرت ڪري ويل هندوءَ واريون عادتون اپنائي ٿو ته کيس ذهني سڪون ميسر ٿئي ٿو. ۽ موهن لالواڻيءَ جي لکيل سِٽ جيڪا اڻپوري آهي، ان کي ٻي سٽ ملي ٿي.

    اڄ وڃان ٿو ڏور، جيئن ڪونج وڇڙيل اي وطن!
    تو ڏني مونکي پناهه هيس اجڙيل اي وطن!

    رسول ميمڻ مسلسل لکي رهيو آهي، سندس ڪهاڻين ۾ رومانيت، حقيقت نگاري، علامت نگاري، نفسياتي ۽ ٻيا جديد لاڙا موجود آهن، جن تي ڌار ڌار لکي سگهجي ٿو.


    متحرڪ ڪهاڻيڪار : فرزانه شاهين

    رسول ميمڻ، ڪهاڻي کيتر ۾ اهو نانءَ آهي، جيڪو بغير ڪنهن فل اسٽاپ ۽ ڪاما جي لکندو رهيو آهي ۽ ڪهاڻيءَ سان سندس اٽوٽ ۽ سنجيده رشتو آهي. هُو هڪ بهترين ڪهاڻيڪار آهي جنهن ڪهاڻيءَ کي نئون ڍنگ ۽ انداز ڏنو. هن ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ نت نوان تجربا ڪيا ۽ ڪهاڻين جي نواڻ جي عنصر کي ظاهر ڪيو. هي اهو نفيس لکندڙ آهي جنهن نازڪ ۽ نفيس موضوع کڻي انهن کي دلڪش انداز ۾ پيش ڪيو. رسول ميمڻ جي تخليقي فن تي پنهنجي انفراديت غالب آهي. هن جو فن مختلف خوبين سان هڪ همه گير صفت بنجي پيو آهي، جو اهي خوبيون ڪڏهن به ڪهاڻيڪارن ۾ يڪجا نظر نه ٿيون اچن. فڪري عظمت ۽ فن جي عظمت ۾ قريبي رشتو هوندو آهي جنهن مان ئي هڪ سُٺي ڪهاڻي جنم وٺندي آهي، فنڪار اڪثر زندگيءَ جي پکڙيل مواد مان ئي تصويرون ٺاهيندا آهن، ليڪن ربط ۽ آهنگ صرف ڪهاڻيڪارن جي فڪر مان ئي پيدا ٿيندو آهي. جنهن ڪري ئي ان مان هڪ دائمي وحدت جي تاثير اڀري ٿي. اها ساڳي خوبي ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي فن ۾ ملي ٿي. ليڪن ان سان گڏ هن وٽ جذبي جو به گهڻو حصو آهي، ان ڪري هو صرف مشاهدي جي رنگين تصوير ڏيکارڻ تي اڪتفا نه ٿو ڪري بلڪه ان تصوير جا خدو خال اهڙي طرح ظاهر ڪري ٿو ۽ پڙهندڙ کي ڏيکاري ٿو جو ساڳي لمحي ۾ دل اندر درد به محسوس ڪن ٿا ليڪن سندن چپن تي هلڪي مسڪراهٽ به تري ايندي. ڊاڪٽر رسول ميمڻ زندگيءَ کي بدلائڻ جي خواهش ۽ بهتر زندگيءَ جي تشڪيل لاءِ اشارو به فراهم ڪري ٿو. هو پنهنجي دور جي باطني قوتن کي بي نقاب ڪري استحصالي ادارن ۽ ذهنيت خلاف چوڌاري جنگ لڙي ٿو. رسول ميمڻ ڪهاڻيون هنگامي واقعن کان فورن متاثر ٿي لکيون آهن. هو پنهنجي اردگرد جي ماحول ۽ حالات کي گرفت ۾ آڻي ڇڏي ٿو. هن وٽ ذهانت آهي، فوري اثر قبول ڪرڻ وارو مزاج آهي. سندس ڪهاڻين جي پهرين مجموعي “امن جي نالي” ۾ سندس سڀئي ڪهاڻيون اهڙن ئي موضوعن جي نمائندگي ڪن ٿيون. “بستيون ۽ پستيون” افسانو، رسول ميمڻ جي منظر ڪشيءَ ۽ ڪردار نگاريءَ جو نادر نمونو آهي، هن افساني ۾ اهڙي بستيءَ جو منظر چٽيو ويو آهي، جتي بک، بيروزگاري، مفلسي ۽ مجبوريءَ جو راڄ آهي، جتي نه رڳو گند ۽ ڪچري جا ڍير آهن پر انساني سماج جي بڇڙايُن ۽ گندگين جا انبار آهن، انسان، ان جي ماحول، ڇيهون ڇيهون ٿيل زندگي جي عڪاسي، رسول ميمڻ جي مشاهدي جي قوت ۽ حساس دليءَ جو چٽو ثبوت آهي. ائين ٿو لڳي ته نه رڳو ليکڪ ان بستيءَ ۾ رهي انسانن جي اهنجن کي محسوس ڪري ٿو پر اهو درد سندس لفظن ۾ به چٽو آهي.
    رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون انقلابي سوچ ۽ سنڌيت جي جذبي سان سرشار آهن، سندس ڪهاڻي لکڻ جو پنهنجو ئي نرالو انداز ۽ اسلوب آهي، وقت سان گڏ ڪهاڻين جي فن ۾ جدت پيدا ڪرڻ جي ٽيڪنيڪ کان به بخوبي واقف آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪهاڻين به وقت پٽاندر سفر ڪيو آهي، انهن ۾ به اها جدت آهي ۽ نواڻ جو آهنگ ملي ٿو. ڪهاڻي کيتر ۾ ڪهاڻي لکڻ جي کوٽ شدت سان محسوس ڪئي وڃي ٿي. پر رسول ميمڻ ان کوٽ کي ڪنهن حد تائين پورو ڪيو آهي ۽ پنهنجي حصي جو ڪم نهايت سنجيدگيءَ ۽ خاموشيءَ سان ڪندو رهيو آهي. ادب جي واڌ ويجهه لاءِ هُن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن جي مختصر ڪهاڻين ۾ هڪ معيار پيمانو آهي، جنهن جي اندروني خوبين سبب ئي سندس فن چمڪي پيو، ڊاڪٽر رسول ميمڻ پنهنجي پڙهندڙن ۾ ان ڪري به ڪشش رکي ٿو جو هو فن جي تقاضائن کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ احسن طريقي سان پورو ڪري ٿو. هو هڪ حقيقت نگار قومي درد رکندڙ مفڪر هئڻ سان گڏ هڪ فنڪار به آهي، سندس ادبي تجربو فنڪارانه خوبين سان ٽمٽار آهي...
    رسول ميمڻ صاحب هن سفر ۾ لاڳيتو محنت ۽ جذبي سان پنهنجو سفر جاري ساري رکيو آهي ۽ اڳتي به دعا آهي ته سندس هي سفر انهيءَ حوصلي ۽ همت سان جاري رهي ۽ هُو سنڌي ادب کي مالا مال ڪندو رهي ۽ سندس بي بها ڪتابن ۾ اضافو ٿيندو رهي ۽ پڙهندڙ انهن ڪتابن مان حيرتون دريافت ڪندا رهن، جيڪي حيرتون صرف رسول ميمڻ جي ئي ڪهاڻين ۾ آهن.


    ڄاڻ جو اسٽور هائوس : قدير انصاري

    رسول ميمڻ سنڌي ٻوليءَ جي انهن فڪشن ليکڪن منجهان آهي، جن جو ڪم روايتي بلڪل به نه آهي، سندس ڪردار، سندس تخليق ڪيل ماحول، سندس ڪردارن سان ورتاءُ غير روايتي آهي. عام طور تي سنڌي فڪشن خارجي ماحول جي آرسي هوندو آهي، پر ڪجهه ليکڪ اهڙا به آهن جن خارجي ماحول جي فقط هڪ پُڙَ ۾ پنهنجي فن کي نه رکيو آهي پر انهن جي تصوير تڏهن مڪمل ٿيندي آهي جڏهن سندن داخلي محسوسات ۾ ڄاڻ جو اسٽور هائوس ٻاهرين ماحول سان ملي هڪ نئين دنيا تخليق ڪندو آهي.
    رسول ميمڻ جو هي ڪم “خدا، روح ۽ سائنس” به سندس انهيءَ نفيس ٽيڪنيڪ تي ٻڌل آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ سائنس، مادي ۽ ميٽا فزيڪل دنيا کي هڪ فلسفيءَ وانگر ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اوهان سندس نتيجن سان اتفاق ڪريو يا نه ڪريو پر سندس انهن ٽنهي موضوعن تي ڏنل ڄاڻ اوهان کي سوچڻ ۽ پنهنجا نتيجا ڪڍڻ تي مجبور ڪري ٿي.
    سچ جي لاءِ جاکوڙيندڙ شاگردن ۽ پاٺڪن جي لاءِ هي ڪتاب هڪ تحفي کان گهٽ نه آهي، جو هن ڪتاب ۾ اوهان کي معلومات به ملندي، سوچڻ جي ترغيب به ملندي ته نتيجا ڪڍڻ جي طاقت به ملندي.


    نجومي: هڪ شاهڪار ناول (رحمت پيرزادو)

    جديد سنڌي ناول جي خوبصورت ليکڪ ڊاڪٽر رسول ميمڻ جو ناول “نجومي” هڪ واقعاتي ناول آهي، جنهن ۾ مختلف واقعا کنيا ويا آهن، جيڪڏهن مان ائين چوان ته غلط نه ٿيندو ته هي ناول سڀني واقعن جو هڪ عاليشان تسلسل آهي، جنهن ۾ سماج جي مختلف طبقن جي ڪردارن جي قصن کي قلم بند ڪري پيش ڪيو ويو آهي.
    هن ناول جو ماحول نجوميءَ ڏي ايندڙ ويندڙ ڪردارن جي چوڌاري ڦري ٿو. نجومي جيڪو شهر جي مُکيه رستي تي تاڙي خاني ٻاهران پُراڻي چادر وڇائي، پنجٽيهه سالن کان روٽين سان ان ئي جڳهه تي ويهندڙ هڪ ڪردار آهي، هُن وٽ طوطو ۽ قسمت جي حال جي ڦار ٻڌائيندڙ ڪجهه لفافا آهن، جيڪي سندس سامهون ترتيب سان رکيل آهن، هاڻ هو پوڙهو ٿي ويو آهي ۽ وقت گذارڻ واسطي مختلف ماڻهن ۽ انهن جي واقعن کي سارڻ لاءِ آڱر تي طوطو وهاري قسمت جو ڪو نه ڪو پُکو کڻي، ياد ٿو ڪري ته ان ۾ موجود ڦار وٽس ڪنهن ڪنهن شخص جي ڀاڳ ۾ نڪتي هئي.
    هي نجومي اسان جي سوسائٽيءَ جو هڪ اهڙو ڪردار آهي جيڪو ڪردار هاڻي سماج مان ناپيد ٿي رهيو آهي، هي ڪردار ڄڻ ڪليسا جي اعتراف واري ڪُنڊ جيان ماڻهن جي دلين کي کولي/اُکولي درد-ڪٿائن کي ٻاهر ڪڍي ايندو هئو ۽ قسمت جو حال ڇا به نڪري پر انهن مصيبتن جي ماريلن کي نجوميءَ جي صورت ۾ هڪ درد ڀائي ته ملندو هئو. جنهن سان هُو پنهنجي داخلي پيڙائن جا چار ڳوڙها ڳاڙي سگهندا هئا. هي ناول جڏهن اڳتي وڌي ٿو ته هن ۾ تمام گهڻيون ڪهاڻيون شامل ٿي وڃن ٿيون. انهن ڪهاڻين جا سرا پنهنجي پنهنجي ڪردارن جي سماجي حالتن ۽ ذهني مونجهارن سان ملن ٿا ۽ گهريلو مسئلن کي به انهن ۾ بحث هيٺ آندو ويو آهي، خاص طور تي اهي مسئلا جيڪي تڪڙ ۾ ڪو فيصلو ڪرڻ جي نتيجي ۾ هاڃيڪار ثابت ٿين ٿا يا مس انڊر اسٽينڊنگ جي ڪري جنم وٺن ٿا، انهن کي ته نجوميءَ جو مشورو به سلجهائي سگهي ٿو.
    ماڻهو تاڙي خاني جي طرف ڇو ٿا اچن ۽ نجوميءَ ۾ انهن جو ويساهه ڇو ٿو پيدا ٿئي! ان جا سبب جيڪي سائين رسول ميمڻ هتي ٻڌائي ٿو، اهي هر ڪردار جي بيوسي ۽ لاچاريءَ سان لاڳو آهن، مطلب ته اهي انسان غيب تي ويساهه ان حالت ۾ آڻن ٿا جڏهن انهن جا ظاهري دربند ٿا ٿين ۽ ڪٿان به انهن کي مسئلن جو حل نظر نه ٿو اچي، تڏهن اهي قسمت جي چڪر ۾ ٿا اچن ۽ نجوميءَ کان ڦار ٿا ڪڍرائين.
    هن ناول ۾ مختلف ڪردار نظر اچن ٿا. پر ماحول سکر جي ڀرپاسي جو محسوس ٿئي ٿو، جنهن ڪري ليکڪ جو تعلق ذاتي قسم جو ٿو ڀاسي، خاص ڪري ڪردار ٻهراڙي ۽ ننڍن شهرن سان تعلق رکن ٿا. جنهن ڪري اتر سنڌ جي ماحول جو ڳوڙهو مشاهدو (Keen Observation) ۽ سماجي حقيقت نگاري پڙهندڙن کي واضح طور نظر اچي سگهي ٿي.
    ان کان علاوه به ڪجهه موضوع آهن جن کي تاريخي پس منظر حاصل آهي ۽ ٻيا ڪجهه وساريل ڪردار به هن ناول ۾ پنهنجي اهم حيثيت رکن ٿا. مثال طور هي هڪ وارتا آهي، جنهن ۾ ڪجهه ڪردار پنهنجي اهم حيثيت رکن ٿا. ڪجهه ڪردار پنهنجي حالتِ زار بيان ڪن ٿا: “سرڪس جي محرر جي ڌيءَ هئي، جيڪا مون کان ڏهه سال وڏي هئي، اها انتهائي خوبصورت عورت هئي، سڀ ملازم هن تي فدا هئا، ان جون ادائون ايڏيون ته دلرُبا هيون جو هڪ اشاري تي دليون سينن کان ٻاهر نڪري ڦٿڪڻ لڳنديون هيون. اها سرڪس جي رسن تي ٽپا ڏئي، پاڻ کي هيٺ ڇڏيندي هئي ۽ اُبتيون سُبتيون قلابازيون کائيندي، اچي ڄار ۾ ڪرندي هئي، جڏهن مان نشانا هڻندو هئس ته هوءَ ڦٽي تي منهنجن وسندڙ خنجرن جي سامهون اچي بيهندي هئي، هر نشاني تي پيار سان مُرڪي، چپ گول ڪري، مون ڏانهن خيالي چُمين جا وسڪارا ڪندي هئي، ان عورت کي مان ايڏو وڻي ويس جو مون کي خيمي ۾ وٺي وئي ۽ پيار جو اظهار ڪيو، مان به جوانيءَ جي جوش ۾ هئس، هن جيئن پيار جو اظهار ڪيو ته مان به هن کي چُهٽي چپن تي چُميون ڏنيون ۽ ان جي عشق ۾ گرفتار ٿي ويس.”
    سائين رسول ميمڻ ان قصي کي اڃا اڳتي وڌائيندي لکي ٿو: “هن واعدي خلافي ڪئي ۽ مون جڏهن ٻيو ڀيرو ان کي شينهن جي بادشاهه جي خيمي ۾ ڏٺو ته باهه ٿي ويس. پڪو پهه ڪيم ته ان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندس ۽ بيوفائيءَ جو مزو چکائيندس، ٻئي ڏينهن سرڪس جي رسن تي ٽپا ڏئي، هوءَ واندي ٿي ۽ منهنجي مظاهري جو وقت آيو. مون هر طرف خنجر اڇلايا جيڪي پنهنجن نشانن تي لڳا. مون هڪ خنجر هُن جي سيني جو نشانو وٺي اڇلايو، جيڪو هُن جي دل ۾ لڳو، ڦٽي تان رت، بي وفائيءَ جي نانگ جيان هيٺ لهندو. هن جي پيرن کان ٿيندو، سرڪس جي ٻاهرئين در ڏي هليو ويو. هوءَ ڪري پئي۽ اتي ئي مري وئي.”
    هن ناول ۾ موجود هر ڪهاڻيءَ ۾ ان قسم جو تجسس، پراسراريت، اڇوتوپن ۽ سنسني خيزي آهي، مٿئين ٽُڪري جهڙي بيرحمي ئي هڪ جاندار سماجي حقيقت نگاريءَ جو بيان ٿي سگهي ٿي، پر هن ناول ۾ رڳو سماجي حقيقت نگاري ئي نه پر داستان گوئيءَ جو اعليٰ مثال پڻ موجود آهي، سائين لکي ٿو: “گهٽيءَ ۾ هر ٽن گهرن کان پوءِ هڪ نباتي فانوس ٻرندو هيو. گهٽي ائين ڏسبي هئي ڄڻ اتي روشن دماغ مفڪر بيٺل هجن. گهرن ٻاهران درن تي سڻيءَ جا کٿا ڪنهن پرديدار عورت جي منهن تي پيل نقابن جهڙا هيا. مُحلي جا رستا صاف ۽ ڪشادا هيا، جتي ڳاڙهين سرن جو فرش هيو، روز صبح جو هڪ ٿُلهي جمعدار عورت جنهن کي ويڪرو پڙو پاتل هوندو هيو، اها هڪ مهل ٻه وڏا ٻهارا هٿن ۾ کڻي ڏيندي هئي، اها ڳاڙهين سرن واري گهٽي ڏاڍي روشن ۽ صاف هئي، ان گهٽيءَ ۾ هڪ پوڙهي عورت رهندي هئي، جيڪا سون جي سئيءَ ۾ ريشم جو پَٽُ وجهي ڀرت ڀريندي هئي. اُن عورت جا ڀرت خوبصورت ۽ اکين کي وڻندڙ هيا. اُن جي گهر اندر روشنيءَ جو جوڳو بندوبست نه هيو. اتي اوندهه هوندي هئي. هوءَ ڏينهن جو ڪمري جي دري کولي روشنيءَ ۾ ڀرت ڀريندي هئي ۽ رات جو سج لٿي کان پوءِِ ڪم بند ڪري آرام ڪندي هئي. هُن کي سون جي سئي ڏاڍي عزيز هئي. ان کي ساهه ۾ سانڍيندي هئي اها ڪيترا ورهه اڳ ان کي ماءُ کان ڏاج ۾ ملي هئي. سئيءَ ۾ ڄڻ هن جو ساهه هيو اُها چوندي هئي، “سهڻا ڀرت مان نه ڀريندي آهيان پر منهنجي سُئي ڀريندي آهي، مان سئي هٿ ۾ جهليندي آهيان ۽ اها پنهنجو پاڻ هلندي آهي.”
    هاڻي ان قسم جي نثر جي چاشني، ٻوليءَ جو امُلهه خزانو ۽ بيان جي حسين رواني، رسول ميمڻ جي هن ناول جو ڪينواس جوڙي ٿي. هو هڪ ئي وقت حقيقت نگاريءَ جي چوٽيءَ کي ڇُهي ٿو ته ساڳئي ناول جي وري ٻئي داستان ۾ رومانوي تصويرن جو نئون اڻ ڇُهيو ڏيهه موجود آهي. هڪ داستان ۾ هڪ خاموش ڪردار جي شدت کي ڏسو ته ڪيئن بيان ڪيو ويو آهي.
    “هن شرارت مان پٿر کڻي ان کي وهائي ڪڍيو، پٿر ان جي پُٺيءَ ۾ لڳو ۽ ان ڪنڌ ورائي هن کي ڏٺو، هو ڪتبن پويان نڪري آيو ۽ ان ڏي ڏسي کلڻ لڳو. ان افسوس مان هن ڏانهن ڏٺو. ان جي اکين ۾ ڳوڙها هيا. ائين پئي لڳو ميدانن، ڍنڍن، قبرستانن ۽ ٻين هنڌن مٿان بيٺل ڪوهيڙو ان جي ڳوڙهن مان پيدا ٿيندڙ غبار آهي. ٿڌ جي ڪري ان جي اکين ۾ جهليل ڳوڙها سمنڊ جي سپين ۾ پيل موتين جيان پئي جرڪيا. هو ان جي اکين ڏي ڏسي پنڊ پهڻ ٿي ويو.”
    هن ناول جي واقعن ۾ موجود ورائٽي، ٻوليءَ جي بي حد خوبصورت استعمال، نئين تشبيهن ۽ استعارن جي تخليقي معيار ۽ تصورن جي انوکين ڪائناتن جي هن مجموعي کي مان دل سان قبول ڪندي، ساراهيندي ۽ سنڌي ناول جي محدود معياري دائري ۾ نجومي ناول کي هڪ حسين اضافو سمجهندي آخر ۾ هڪ ننڍڙي تنقيدي راءِ ضرور ڏيڻ چاهيندس ته رسول ميمڻ جهڙو ناقابلِ فراموش ليکڪ جيڪڏهن هن ناول جي ڪلائيميڪس تي ٿورو ويچار ڪري ها ۽ جيئن هن شاندار ناول جي ابتدا هئي ته هڪ بيروزگار نوجوان آهي جيڪو شهر ۾ گهمندو ڦرندو ۽ پنهنجو روزگار تلاش ڪندو ٿو وتي ۽ سائين لکي ٿو ته “هن جڏهن ويران مندر ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ته ڀڳل ڀت جي ڍير هيٺان هڪ ٿيلهو نظر آيو. هن سرون هٽائي جڏهن ٻاهر ڪڍي ڏٺو ته اهو لفافن سان ڀريل هو. هن هڪ لفافو کولي پڙهيو ان ۾ ماڻهن جي قسمت جو حال لکيل هيو. هن سمجهيو اهو پوريل ٿيلهو ڪنهن اهڙي نجوميءَ جو آهي جيڪو لفافا ڪڍي ڪڏهن قسمت جو حال ٻڌائيندو هيو. ڪجهه سوچي هو ٿيلهو کڻي ٻاهر آيو. هن لفافا ٻاهر ڪڍي ڇنڊي صاف ڪيا ۽ بازار مان طوطو وٺي ان کي تربيت ڏئي تيار ڪيو.”
    هاڻي اسان هن ناول جي ڪلائيميڪس طرف هلئون ٿا ته نجومي بيمار ٿي پئي ٿو ۽ طوطي کان پنهنجي قسمت جي ڦال ڪڍرائي ٿو، ان ڦار جو سمورو بيان موت جي مام کي سلجهائي ٿو ۽ نجومي سمجهي ٿو ته طوطي سندس قسمت جي ڦار ڪڍي آهي ۽ هو جلدي مري ويندو، پر رات جو طوطي کي ٻلو ڪمري ۾ اچي شديد زخمي ڪري وڃي ٿو ۽ نجومي تڙپندي طوطي جو موت ڏسي بي حد اداس ٿي سوچي ٿو ته سندس ڦار ڪڍڻ وارو ڪير به نه بچيو، جڏهن ته هن هزارين ماڻهن کي قسمت جو حال ٻڌايو.
    هاڻ منهنجو تنقيدي نقطو فقط اهو آهي ته صبح جو ان ساڳئي سنسان مندر ۾ وڃي اهو رقعن وارو ٿيلهو نجومي ايندڙ پنهنجي ٻئي جنم لاءِ جيڪڏهن مندر ۾ رکي اچي ها، ته ناول جو داستان مڪمل ٿي پئي ها.
    بهرحال موجوده صورت ۾ به هي ناول سنڌي ادب ۾ هڪ شاهڪار ناول جو اضافو آهي، باقي هن ناول جي منڍ ۾ جيڪي ٻه صفحا سائين رسول ميمڻ ناول بابت لکيا آهن، اُهي ٻه ڳوڙها آهن جيڪي هن ناول مان ڪري ٻاهر اسان جي سامهون آيا آهن. انهن ٻن صفحن کي مان پڙهندڙن لاءِ ڇڏيان ٿو ته ضرور انهن کي پڙهي هن ناول بابت پنهنجي الڳ راءِ قائم ڪري سگهندا.


    رسول ميمڻ جا ناولَ : شوڪت حسين شورو

    “اوڻويهه عورتون” (2012ع) رسول ميمڻ جو تاريخ جي پس منظر ۾ لکيل ناول آهي، قصه گوئي جي انداز ۾ لکيل هن ناول جو مُک ڪردار “ڪهيداس”، راجا ڏاهر جي دور جو هڪ عام رواجي ماڻهو آهي. هن ناول جي محبوبا “هارانسي” برهمڻ آباد جي بت خاني جي اڻويهن داسين مان هڪ آهي. سنڌ تي حملو ڪندڙ عرب فوجي برهمڻ آباد ۾ داخل ٿي مندر جي خزاني کي لٽي، اڻويهه خوبصورت داسين ۽ نوجوانن کي غلام بنائي مال غنيمت طور خليفي کي عراق موڪلڻ جي لاءِ بحربانيا نالي هڪ ننڍڙي عرب رياست ڏانهن روانو ڪن ٿا. غلامن ۾ “ڪهيداس” به شامل آهي. ڪهيداس هڪ عقلمند سنڌي ڪردار آهي. جيڪو حڪيم ۽ نجومي پڻ آهي. هو پنهنجي حڪمت ۽ هٿ ريکائن جي ڄاڻ جي وسيلي موت جي ڪنڌيءَ تي پهتل بيمار بادشاهه ۽ هن جي نامرد وليعهد پٽ جو اعتماد حاصل ڪري پاڻ کي غلاميءَ مان آجو ڪرائي ٿو. اهي کيس ان شرط تي عرب سپاهين جي پهري هيٺ واپس سنڌ وڃڻ جي اجازت ڏين ٿا ته هو اتان جڙيون ٻوٽيون هٿ ڪري بيمار بادشاهه ۽ نامرد وليعهد جو علاج ڪندو. راجا ڏاهر جي شڪست کان پوءِ ڪهيداس اروڙ ۾ پهچي ٿو ته کيس لڳي ٿو اروڙ ۾ ايڏي اداسي هن پهرين ڪڏهن نه ڏٺي هئي. هن کي اروڙ جي خوشحالي ياد اچي ٿي. جڏهن امن ۽ شانتي هئي. پر هاڻي اروڙ جا ماڻهو هيسيل ۽ پريشان نظر اچن ٿا. ڪهيداس کي حاتم طائي ۽ ممتاز دمساز جهڙن قصن جي ڪردارن وانگر مختلف آزمائشن مان گذرڻو پئي ٿو. ايستائين جو اڻويهن عورتن کي ٽن شهزادن ۾ ورهائڻ جهڙي منجهائيندڙ مسئلي جو حل ڳولهي هارانسي کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو.
    رسول ميمڻ جو ٻيو ناول “قالو بلا” (2013ع) آهي، هن خوابناڪ انداز واري ناول جو ڪردار “وارث” تاريخ جي صفحن ۾ پنهنجي مرندڙ زال جي لاءِ شفا ڳوليندو نظر اچي ٿو. موت، حياتي، وڇوڙو، وسوسا ۽ اميدن جا اڻ کٽ قافلا آهن، جن جي پويان وارث سرگردان رهي ٿو.
    “نجومي” (2014ع) رسول ميمڻ جو ٽيون ناول آهي. هي ناول گهڻ رخي بيانيه واري انداز ۾ لکيل آهي، ناول جو مک ڪردار نجومي آهي، باقي ٻيا ڪئين راهه ويندڙ پنهنجي قسمت جو حال معلوم ڪندڙ ڪردار آهن. ناول جو پلاٽ ۽ ان جي Larger Theme انساني ناآسودگي آهي، جنهن جو بنياد فلسفي تي رکيل آهي. ناول جو هر ڪردار پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن مسئلي سبب ناخوش ۽ غير مطمئن آهي. نجومي مختلف مسئلن ۾ ڦاٿل دکي ڪردارن کي طوطي طرفان ڪڍي ڏنل لفافن مان سندن قسمت بابت مبهم لفظن جي وضاحت ڪندي آٿت ڏئي ٿو. هر ڪردار کيس پنهنجي ڪٿا ٻڌائي ٿو، نجومي پاڻ به زندگيءَ ۾ اڪيلو ۽ دکي آهي، هن جو هڪڙو ئي ساٿي آهي، طوطو، جيڪو پڻ هن ناول جو هڪ خاموش ڪردار آهي. پڇاڙيءَ ۾ طوطي جي موت نجوميءَ کي نهوڙي ويتر وڌيڪ اڪيلو بنائي ڇڏيو.

    (ڪاوش دنيا-7 فيبروري 2016ع)


    عالمي شعور رکندڙ ڪهاڻيڪار : حبدار سولنگي

    ڪهاڻيءَ کي زندگيءَ سان ڀيٽيو ويندو آهي... جيئن زندگي پاڻ ۾ گهري، رمزيت سان ڀرپور ۽ تجسس ڀريل آهي، بلڪل ائين ڪهاڻي به پنهنجن لفظن، جملن، بيهڪ ۽ لقاءَ ۾ زندگيءَ جيان آهي... اُن جا ڪردار ڪڏهن ڀوڳنا ۾ ڀُرندا آهن ته ڪڏهن سُک سان سِرجندا آهن، دُک، انتظار ۽ اُداسي به ته ڪهاڻيءَ جا زيور آهن. منظرنگاري، ڪردار نگاري، پلاٽ ۽ ٻيون فني گهرجون به ڪهاڻيءَ سان سلهاڙيل آهن. جيئن زندگيءَ سان حادثا، واقعا ۽ يادگيريون سلهاڙيل آهن...
    آلڊس هڪسلي جو چوڻ آهي ته: “سُٺي ادب جي سُڃاڻپ اِها آهي ته ان کي پڙهڻ سان اسان اداس ٿي ويندا آهيون.”
    سنڌي ٻوليءَ جي باوقار ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون به مونکي اُداس ڪري ڇڏينديون آهن.
    “ابابيل جي آخري اُڏام” کان “نجومي” ناول تائين مون رسول ميمڻ کي محبت سان پڙهيو آهي. رسول ميمڻ ڪهاڻي ناهي لکندو، ڪردارن ۽ ڪيفيتن کي دل جي ڳوڙهن سان ڳوهي ڪاغذ تي رکندو آهي ته اهي ڳالهائڻ لڳندا آهن، روئڻ لڳندا آهن... درد کي ڀوڳيندڙ ڪردار، روح جي تپسيا ۾ ڀٽڪندڙ ڪردار... دُک جون طويل ڪيفيتون، اُداسيءَ جا رستا رُلندڙ ڪيفيتون، سماج جون وسري ويل ڪربناڪ ڪيفيتون، دل ۾ تحليل ٿي ويندڙ ڪيفيتون... مون کي لڳندو آهي، رسول ميمڻ جي دل ۾ هڪ جوڳيءَ واري گودڙي آهي، جنهن ۾ هُو خاموش، بيهوش ۽ دُکدائڪ ڪردار ۽ چُڀندڙ، سوچرائيندڙ، ڳالهائيندڙ ۽ تحليل ٿيندڙ ڪيفيتون ڪٺيون ڪندو ٿو وڃي، ۽ جڏهن هڪ هنڌ ويهي واندڪائيءَ واري مصروفيت ۾ هُو لکڻ ٿو لڳي ته ڪردار ۽ ڪيفيتون پاڻ ۾ مِلي وڃن ٿا. هو ته بس کين ترتيب سان بي ترتيب ڪري رکي ٿو ۽ پوءِ پڙهندڙ سحر جي سنگهرن ۾ سوڙهو ٿيندو ٿو وڃي... هڪ ڪامياب ۽ جينئس ڪهاڻيڪار جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ڪمالُ ٿي سگهي ٿو... رسول ميمڻ طويل عرصي کان لکندو پيو اچي، پر سندس فن ۽ فڪر تي “سنڌي ادب جي نقاد” جي نظر ئي نه پئي آهي!
    همعصري سنڌي افسانوي ادب ۾ رسول ميمڻ، مُنور سراج ۽ نسيم پارس گاد فڪشن جا اُهي ليکڪ آهن، جن وٽ عالمي ادب جون ڌارائون، نظريا، لاڙا ۽ تحريڪون مِلن ٿيون، اُهي ٽئي ليکڪ حقيقي معنيٰ ۾ جديد دور جا ليکڪ آهن، جن جي فن ۽ فڪر ۾ روايت سان بغاوت ۽ تبديل ٿيندڙ ادبي رُجحان ملن ٿا. پر بدقسمتيءَ سان انهن ٽنهي ليکڪن کي ڪو “جديد نقاد” ملي سگهيو آهي ۽ نه ئي “مُترجم”
    جيڪڏهن هن دنيا تائين سنڌي ڪهاڻيءَ ۽ ناول جي ڀرپور ۽ فڪري رسائي ڏيکارڻي آهي ته ان لاءِ انهن ٽنهي ليکڪن کي دنيا جي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻو پوندو، سندن قد ڪاٺ، فن ۽ فڪر جو پتو پوءِ ئي پئجي سگهندو.
    اسان وٽ “فڪشن” ۾ هڪ ٻيو به الميو آهي ته، اسان جا “وڏا ڪهاڻيڪار” پاڻ کانپوءِ واري ٽهيءِ کي پڙهن ئي نه ٿا. انهن کي جائز ادبي اسپيس ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهن...
    سنڌي ڪهاڻي امر جليل، نسيم کرل، جمال ابڙو ۽ ٻين تي ختم نه ٿي ٿئي، اها ته انهن ڪهاڻيڪارن جي فني ۽ فڪري وسعت کان گهڻو اڳتي وڃي چڪي آهي، مدد علي سنڌي، شوڪت حسين شورو، طارق عالم ابڙو، اخلاق انصاري ۽ منظور ڪوهيار واري ٽهيءَ کانپوءِ ايندڙ ڪهاڻيڪارن ۾ منور سراج، نسيم پارس گاد، طارق قريشي، ضراب حيدر، مراد قريشي، صديق منڱيو، ممتاز لوهار، مجيب بڙدي، قربان جتوئي، احسان دانش، يار محمد چانڊيو، امر لغاري، انور ڪاڪا، ممتاز بخاري ۽ ٻيا پنهنجي فن ۽ فڪر ۾ لامحدود وسعت رکن ٿا، جن وٽ جديد موضوع ۽ اڻ ڇهيل فڪري آڪاس آهي. انهن وٽ نظرياتي بلوغت اڳ واري ڪهاڻيءَ کان گهڻي آهي، انهن جي بيانيه انداز ۾ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ شاندار حُسن آهي، رسول ميمڻ وٽ به نيون وسعتون، نوان آسمان ۽ نئين فڪري ڌرتي آهي، هو اُن ڌرتيءَ جو سياح ڪهاڻيڪار آهي، جيڪو ڪردارن ۽ ڪيفيتن جا اڻ ڇهيل رخ پڌرا ڪري ٿو ۽ ڪهاڻيءَ کي نئين فضا ۾ جياري ٿو. (“قالو بلا” ناول ان جو مثال آهي) رسول ميمڻ وٽ ناسٽيلجيا به آهي ته بوهيمين ڪردارن جي انوکائپ به آهي. هو ماضيءَ ۾ به رهي ٿو، حال ۾ به وڌي ٿو ۽ مستقبل ۾ به ڏسي ٿو...
    سنڌي ڪهاڻيءَ جي جهالت واري دؤر ۾ هو پنهنجي نالي جيان سنڌي ڪهاڻيءَ جو “رسول” بڻجي اچي ٿو. هُو ڪردارن جي جسماني ۽ روحاني دنيا واضح ڪري ڏيکاري ٿو، هُو پنهنجي مثبت فڪري ڌارائن سان ڪيفيتن ۽ ڪردارن جون عڪسي ۽ احساساتي لهرون اڀاري ٿو، جيڪي معاشري ۾ باطن کي سيرابُ ڪن ٿيون. رسول ميمڻ سبب ۽ نتيجن (Casual Relation) تي گهري ۽ شعوري گرفت رکندڙ ليکڪ آهي. (“نجوميءَ” ناول اُن جو ڀرپور مثال آهي)
    ڪردار جي چوڌاري زندگيءَ جو وهنوار، تضادُ ۽ ٽڪراءُ هڪ طرف، اهي سڀ مِلي هڪ ليکڪ کي اظهار جو اسلوب ڏين ٿا، جنهن کان پوءِ ئي هُو ڪنهن نئين رُخ کي دريافت ڪري اڳيان آڻي ٿو. رسول ميمڻ جي ڪردارن ۾ زندگيءَ ۽ عمل جي مقناطيسي سگهه آهي، جيڪا انهن کي جيئرو رکي ٿي. (ڪهاڻي “ٻاجهه ۽ ٻاجهر” ان جو مثال آهي).
    رسول ميمڻ علامتي ڪهاڻيون به لکيون آهن، “ابابيل جي آخري اُڏام” سندس علامتي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جيڪو 1993ع ۾ ڇپيو هو، هِتي آءُ ان مجموعي ۾ شامل هڪ ڪهاڻي “آسمان جا ٺهندڙ ۽ ڊهندڙ عڪس” جو جائزو پيش ڪريان ٿو. ڊاڪٽر طاهر مسعود لکي ٿو: “علامت ايڪ ذريعه هي، جس سي معنيٰ لفظون سي ماورا هو جاتا هي اور جهان سي لفظ ڪا ڪام ختم هو جاتا هي، وهان سي معنيٰ ڪي نئي سرحدين شروع هو جاتي هين.”
    ادب ۾ علامت نگاريءَ کي شروعاتي شڪل وليم بليڪ (William Black) ۽ والٽيئر (Voltaire) ڏِني، پر علامت نگاريءَ جي ابتدا اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ ٿي.
    علامت نگاري يا سمبل ازم (Symblolism) فرانس ۾ آرٽ ۽ بيلجيم ۾ شاعريءَ جي تحريڪ هئي، جيڪا اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ شروع ٿي. 1857ع ۾ فرانسيسي شاعر بودليئر (Baudelaire) جو شعري مجموعو “Le fleurs de mal” ڇپيو. پر ان کان اڳ آمريڪي افسانه نويس ايدگير ايلن پو جون لکڻيون فرانسيسي ادب ۾ ترجمو ٿي چڪيون هيون، بودليئر ان جي ئي تتبع ۾ فرانسيسي ادب ۾ علامت نگاريءَ جو بُنياد رکيو.
    1860ع ۽ 1870ع دوران علامت نگاريءَ کي اسٽيفن ميلارمي (Stephen Mallarme) ۽ پال ورلين (Paul Varlane) (شعري مجموعو “لفظن بنا گيت” (Romaces Sanpardes) تمام گهڻو اڳتي وڌايو.
    ان کان علاوه ٻين اهم فرانسيسي علامت نگارن ۾ آرٿر رينبو (Arther Rimbaud)، جيولس نيورج (Jules Niorgus) ۽ آمريڪي ليکڪ اسٽورٽ ميريل (Staurt Merril) شامل آهن. سمبولسٽ (Symbolist) جي اصطلاح کي سڀ کان پهريان فرانسيسي نقاد جين موري (Jean Morresas) واضح ڪيو ۽ سمبل ازم گهڻي قدر حقيقت نگاري ۽ فطرت پسندي (Naturalism and Realism) جي خلاف هڪ ردِ عمل هو ۽ ان ۾ روحانيت ۽ تحليل پسنديءَ جي گهڻي گنجائش هئي. پول ايڊم (Paul Adam) پهريون گهڻو لکندڙ ليکڪ هو، جنهن علامت نگاريءَ کي پنهنجي لکڻين ۾ استعمال ڪيو. جنهن جو بهترين مثال سندس ناول “گوبرٽ جون ڇوڪريون” آهي، جيڪو 1886ع ۾ ڇپيو. ان کان علاوه جارج روڊن ۽ باربي جي ناولن کي به ان ئي لڙهيءَ ۾ پويو وڃي ٿو. علامت نگاريءَ جو رواج روس ۾ پهتو. روسي شاعر ولاديمرسر جيوچ سلاوي اوف اِهو اقرار ڪيو ته هيءَ سڄي دنيا علامتن جو هڪ پيچيده نظام آهي ۽ اهي علامتون مابعد طبعياتي (Metaphysical) حقيقتن جي نمائندگي ڪن ٿيون، ويهين صديءَ ۾ فرانسيسي شاعرن پال ورلين ۽ پال ڪلوويل کي علامت نگاريءَ جو وارث چيو وڃي ٿو.
    انگريزي ادب ۾ علامت نگاريءَ ۾ شاعريءَ ۾ ڊبليو بي ييٽس ۽ ٽي ايس ايليٽ ۽ ناول نگاريءَ ۾ جيمس جوائس ۽ ورجينا وولف جا نالا اهم آهن. علامت نگاريءَ جو هڪ ڪلاسيڪل مثال جارج اوريل جو نالو (Animal Farm) آهي، جيڪو 1945ع ۾ ڇپيو، ان ناول ۾ ڪميونسٽ نظام جي اثرن تي علامت نگاريءَ جي پردي ۾ گهري طنز ڪئي وئي آهي.
    رسول ميمڻ جي علامتي ڪهاڻي: “آسمان جا ٺهندڙ ۽ ڊهندڙ عڪس” ۾ ٻه ڪردار آهن، هڪ “پيءُ” ۽ ٻيو اُن جو پُٽ “سامي”
    سامي هڪ معصوم Hallucinist ڇوڪرو آهي، جيڪو آسمان ۾ جُهڙ/بادل مان ٺهندڙ عڪسن کي شڪليون ڏئي سمجهائي ٿو، هن ڪهاڻيءَ ۾ بادل کي وقت ۽ آسمان کي دنيا جي علامتن طور ڏيکاريو ويو آهي. جيئن دُنيا ۾ مختلف دؤر آهن، انهن جي پنهنجي تاريخي حيثيت ۽ سڃاڻپ آهي، انهن کي آسمان ۾ جُهڙ وسيلي ٺهندڙ عڪسن سان ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ جُهڙ بي ثباتيءَ جي علامت طور آيو آهي، ڪائنات جي ابتدا کان وٺي دنيا جا مختلف دؤر رهيا آهن، پٿر جو دؤر، ترقي پذير دؤر ۽ ترقي يافته دؤر. انهن دؤرن کي علامتي انداز ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي:
    “آسمان ۾ گهاٽو جُهڙ هوائن جي زور تي پُراڻي ڪپڙي جيان ڦاٽندو پئي ويو. اُهو ڪٿي ڪارو هيو، ڪٿي ناسي ۽ ڪٿي کير جهڙو اڇو.”
    هِتي آسمان، دُنيا جي علامت طور، جهڙ جو ڪارو رنگ پٿر جي دؤر، ناسي رنگ ترقي پذير دؤر ۽ اڇو رنگُ ترقي يافته دؤر جي علامت طور بيان ڪيو ويو آهي.
    رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون همعصر سنڌي ڪهاڻيءَ جو مضبوط فني حوالو ۽ گوناگون فڪري دستاويز آهن. جنهن ۾ ادب جا اعليٰ قدر، روايتون، تهذيبون، ڌارائون ۽ وهڪرا پنهنجي ڀرپور تخليقي سگهه سان موجود آهن.
    “اڄوڪو نقاد” ڀل اکين ۾ مصلحتن جي اوندهه وجهي لڪل ويٺو رهي، پر “وقت” رسول ميمڻ جي فني ۽ فڪري معراج کي ضرور دريافت ڪندو.
    آخر ۾ آءُ رسول ميمڻ جي هڪ ڪهاڻي “وِسري ويل ماڻهو” جون سِٽون ڏيڻ چاهيندس، جنهن ۾ هن پنهنجي هڪ ڪردار جي وسيلي پنهنجي لازوال آرٽسٽ هُجڻ جي ڳالهه ڪيئن نه شاندار انداز ۾ ڪئي آهي، حقيقت ۾ مڃتائن کان پري رهڻ جي ڪري ئي هُو سنڌي ڪهاڻيءَ جو رسول بڻجي سگهيو آهي.
    “اسان جي حياتيءَ جي هڪ حد مقرر آهي، جِتي ان کي ختم ٿيڻو آهي، پوءِ صرف فن ئي آهي، جيڪو وڃي رهندو، ماڻهن سان لاڳاپن واري اهميت به حياتيءَ جي حد تائين محدود آهي، جڏهن ته دُنيا کي اسان جي حياتيءَ کانپوءِ رهڻو آهي، بلڪل اسان جي فن جيان، تنهن ڪري آءُ اهڙي اهميت جو ڪڏهن به خواهشمند نه رهندس، جيڪا منهنجي حياتيءَ جي ختم ٿي وڃڻ سان ختم ٿي وڃي.”


    زندگيءَ جا عڪس : آدرش

    پهرين ڪهاڻيءَ تڏهن جنم ورتو، جڏهن آدم ۽ حوا جنت ۾ ميوو کاڌو ۽ کين جنت مان نيڪالي ڏني وئي. ڌرتيءَ جي گولي تي پهچڻ سان زندگيءَ پنهنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيا، قابيل، هابيل کي قتل ڪيو ۽ ڌرتيءَ جي گولي تي اڄ تائين قتل بند ناهي ٿيو. ائين ئي ڌرتيءَ جي گوليءَ تي زندگيءَ جي انيڪ مسئلن، انيڪ ڳالهين جنم ورتو ۽ ڪهاڻيون سرجڻ لڳيون.
    بادشاهن ۽ پريُن کان ڪهاڻي شروع ٿي ۽ ماڻهن تائين پهتي. ماڻهن جي ڪهاڻين کي دنيا جي قلمڪارن لکيو ۽ ڏاڍو سٺو لکيو.
    جديد سنڌي ڪهاڻي جمال ابڙو جي “خميسي جي ڪوٽ” مان جنم ورتو ۽ اڄ تائين سنڌي ڪهاڻي اؤجَ تي پهتي آهي، رڳو اسان کي پڙهڻ لاءِ اکيون هجن ۽ ڪنهن جي گُڻَ جي شناس هجي، اهي ڪافڪا ۽ بورخيس جا هٿرادو پاتل ڪوٽ لاهي پنهنجي سنڌي پوشاڪ پايون.
    رسول ميمڻ ستر واري ڏهاڪي ۾ سکر واري پل تي چڙهي، پاڻ کي نروار ڪيو ۽ ڇاهٺ دروازن واري درياءَ کان هيرن جواهرن سان ڀريل ٽوڪري “امن جي نالي” کڻي آيو. اڃا تائين هن سنڌباد جو سفر جاري آهي. هن سفر ۾ هن ڪهاڻين کان سواءِ خوبصورت شاعري ۽ سٺا ناول پڻ لکيا آهن.
    رسول ميمڻ جي ڪهاڻين ۾ زندگيءَ جا عڪس ڏاڍي سَچائي ۽ آرٽ سان سرجيل آهن، هن جي ڪهاڻين ۾ زندگيءَ جا اهي سڀئي رنگ آهن، جن کي اسان ڏسندا آهيون ۽ رسول ميمڻ پنهنجي ڪلهن تي سفيد ڪبوتر ويهاري لکندو آهي.


    منفرد : منظور لاڙڪ

    رسول ميمڻ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ هڪڙو ئي آهي، سندس ڪهاڻيون ئي سندس سُڃاڻ آهن. سندس الڳ ٿلڳ اسلوب کيس ٻين ڪهاڻيڪارن کان منفرد بنائي ٿو.
    هُن جي پڙهندڙن جو هڪ وسيع ۽ ذهين حلقو سنڌ ۾ وکريو پيو آهي.


    سنڌي ڪهاڻي ۽ رسول ميمڻ : بهادر ٽالپر

    سنڌي طبعزاد ڪهاڻي پنهنجي سونهري صدي مڪمل ورتي آهي. ان صديءَ ۾ ڪهاڻيءَ آڪاس تي ڪيتريون ئي ڪهڪشائون اڀريون، جن پنهنجي فڪر ۽ فن جي روشنيءَ سان سنڌي ادب کي جڳمڳايو...! ان صديءَ دوران سنڌي ڪهاڻي پنهنجي فڪري سڀاءَ ۾ محو سفر رهي آهي...! اها ٻي ڳالهه آهي ته ان دوران ڪي اهڙا موڙ به آيا، جن سنڌي ڪهاڻيءَ کي سهيڙ ڏني... ۽ وقت ڪن ڪهاڻين ۽ ليکڪن جي اسمن کي بطور بيج پنهنجي سيني تي سجايو!
    سنڌي ڪهاڻي اڄ به ان ئي آب تاب سان لکجي رهي آهي، جهڙي ڪالهه لکي پئي وئي... فرق فقط اهو آهي ته اڄ سوشل ميڊيا آهي، جيڪا پرنٽ ميڊيا جا جهڙوڪر پير ڪڍي رهي آهي... ۽ ان حساب سان سنڌي رسالا جيڪي باقاعدگيءَ سان ڇڀجندا هئا... انهن جو فقدان ٿيندو پيو وڃي...! نج ادبي رسالا ۽ مئگزين، جيڪي اڳ ئي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس هئا سي آڱرين کان گهٽ ڳڻن جيترا به نه رهيا آهن. “اي بُوڪ” جو رواج ڇپجندڙ ڪتابن جي مستقبل تي سواليه نشان هڻي رهيو آهي. اهڙي ماحول ۾ ٻين سنڌي تخليقي صنفن سان گڏ سنڌي ڪهاڻي ۽ ڪتاب جي مستقبل بابت هر ڪو باهوش ۽ ساڃاهه وند فڪرمند نظر اچي ٿو.
    اهڙي فڪر منديءَ واري ماحول ۾ به ٻين صنفن سان گڏ سنڌي ڪهاڻيءَ جو مسلسل ساهه کڻڻ ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته اسان جو ليکڪ مايوس بنهه نه آهي ۽ هو ڪجهه نه ڪجهه لکندو رهڻ کي ئي زندگيءَ جو مقصد ۽ پنهنجي ادب جي خدمت سمجهي ٿو.
    رسول ميمڻ اسان جي ٽهيءَ کان گهڻو اڳ واري ٽهيءَ جو ليکڪ آهي، سندس ڪهاڻين سان هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ منهنجو تعلق پراڻو آهي، هن جي ڪا به نئين ڪهاڻي پڙهڻ لاءِ ميسر ٿيندي آهي ته ڄڻ ان تعلق ۾ نوان اچي ويندي آهي ۽ زندگيءَ سان اوپرائيپ واري محسوسات ۾ ڪمي محسوس ٿيڻ لڳندي آهي، ڇاڪاڻ ته سندس هر ڪهاڻيءَ ۾ اهڙو تجسس هوندو آهي، جيڪو پڙهندڙ جي من کي مهڪائي ڏيندو آهي، سندس هر ڪهاڻي پڙهڻ پُڄاڻان ائين محسوس ٿيندو آهي ته اسان جي سوچ اڻ پوري هئي... ۽ ان ڪهاڻيءَ سوچ کي مڪمل ڪري اڳيان ڪيترائي رستا نروار ڪري ڇڏيا آهن. سندس ڪهاڻين ۾ سچ پچ به اهڙا رستا آهن، جن تي هلي سونهون، سونهون بڻجي سگهي ٿو. رسول ميمڻ جيتوڻيڪ نفسياتدان ڪونهي، پر جڏهن سندس ڪردارن جي پرک ڪجي ٿي ته هُو انهن جي نفسيات جي بلڪل ويجهو محسوس ٿئي ٿو. ڪهاڻيءَ جي تقاضا به اِها ئي هوندي آهي ته هڪ ڪهاڻيءَ جا ڪردار ائين ئي محسوس ٿين جيئن هُو حقيقي زندگيءَ ۾ هوندا آهن. پڙهندڙ جي به هڪ نفسيات هوندي آهي ۽ هُو پنهنجا مجموئي سماجي ۽ ڪلچرل رويا پڻ رکي ٿو ۽ پڙهندڙ جي ڪجهه واقفيت ڪهاڻيءَ ۾ موجود ڪردارن جي عادتن سان به هوندي آهي، ان ڪري انهن جي عادتن سان اڻ ٺهڪندڙ نفسيات ۽ مڪالما هوندا ته ڪهاڻي اهو تاثر نه ڇڏي سگهندي جيڪو هوند ڇڏڻ هن جي فطري تقاضا هوندي آهي، هونئن ڪهاڻيءَ جي پنهنجي به هڪ مجموعي نفسيات ۽ ماحول هوندو آهي، اهڙين مڙني ڳالهين کان رسول ميمڻ بخوبي آگاهه آهي ۽ سندس ڪهاڻي مجموعي تاثر، نفسيات ۽ ڪردارن جي گهرجن پٽاندر فن جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻيل هوندي آهي، آئون سندس ڪنهن هڪ ڪهاڻيءَ جو حوالو ان ڪري نه ٿو ڏيان ڇاڪاڻ ته سندس پڙهيل مڙني ڪهاڻين مان مون هڪ جيترو حض حاصل ڪيو آهي، هُو ڪٿي کُلي ڳالهائي ٿو ۽ کُلي ڳالهائڻ ۾ به هو فن کي مٿان نه ٿو ڇڏي، ڪهاڻيءَ کي ڳالهه وانگر شروع ڪري ٿو ۽ آهستي آهستي اهڙو فطري تجسس ڀرجندو وڃي ٿو جو پڙهندڙ ڪهاڻيءَ کي ختم ڪرڻ کانسواءِ ڪا ٻي ڳالهه نه ٿو ڪري...! اها ئي ڪهاڻيڪار ۽ ڪهاڻيءَ جي ڪاميابي هوندي آهي، جو ڪهاڻي پاڻ پڙهائي پوءِ ئي پڙهندڙ مان هٿ ڪڍندي آهي...!!


    سڃاڻ : ضمير لاشاري

    رسول ميمڻ جي ڪهاڻين ۾ جيڪا پُراسراريت سمايل آهي اها کيس سڀني ڪهاڻيڪارن کان منفرد بنائي ٿي ۽ اها ئي سندس سڃاڻ آهي.


    فِڪشن رائٽر : خالد بروهي

    Writing is a form of a prayer يعني “لکڻ هڪڙي عبادت آهي، ڊاڪٽر رسول ميمڻ انهن فِڪشن رائٽرس مان آهي جيڪي ان عبادت ۾ ڏينهن رات مصروف هوندا آهن. هو جنهن موضوع تي چاهي لکي سگهي ٿو. سندس شروعاتي دؤر جي ڪتاب “ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن.” کان وٺي تازو آيل ڪتاب “خدا، روح ۽ سائنس” تائين سندس ڪتابن جي هڪ ڊگهي قطار آهي.
    هن جي لکڻ جو الڳ اسٽائيل آهي ۽ مجموعي طور تي حقيقت پسنديءَ جو قائل نظر اچي ٿو پر سندس سطح عام ماڻهوءَ کان بُلند آهي، جنهن ڪري سؤلو سمجهه ۾ نه ايندو آهي.
    هن جي هر تخليق سگهاري ۽ زندگيءَ جي انيڪ وارتائن سان ٽُٻٽار هوندي آهي. هن جي ڪهاڻين جا موضوع گهڻي ڀاڱي سائنسي ۽ نفسياتي آهن. جن کي دُنيا جي بهترين ڪهاڻين سان ڀيٽي سگهجي ٿو.
    مان ته ائين به چوندس ته هُو انتهائي اُونهو مفڪر آهي، جنهن ڪائنات جي اسرارن ۽ زندگيءَ جي ڳنڀير مسئلن تي روانيءَ سان لکيو آهي ۽ لکندو رهي ٿو.
    سندس لکڻ جو انداز تمام پيارو آهي ۽ ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ پڙهندڙ ساڻس ويٺو ڪچهري پيو ڪري.


    قلم جي حرمت جو پاسدار ڪهاڻيڪار: بشير منگي

    هڪ دفعي جميل شهزاد چيو ته اڄ مان توکي اهڙي پڙهيل لکيل ۽ سلجهيل ماڻهوءَ سان ملايان ٿو، جيڪو پنهنجيءَ پر ۾ هڪ وڏي دانش گاهه آهي، هو هڪ اديب، دانشور ۽ ڪهاڻيڪار سان گڏ پئٿالوجسٽ به آهي، جنهن جو نالو “ڊاڪٽر رسول ميمڻ” آهي، مون کي ياد آهي ته ان وقت رسول ميمڻ ملٽري روڊ تي رهندو هو. پاڻ مختلف پرائيوٽ لئبارٽرين ۾ رت جي چڪاس ڪندو هو، سندس پنهنجي به هڪ ليبارٽري “الحبيب هوٽل” لڳ هوندي هئي، جڏهن ته صبح جو پاڻ سرڪاري اسپتال ۾ ليب انچارج هو.
    هڪ ڏينهن شام جو جميل ۽ مان مياڻي روڊ تي “ڪيوئر سينٽر” تي پهتاسين، اتان رسيپيشن تان پڇا ڪئي سين ته ڊاڪٽر رسول ميمڻ ڪٿي ٿو ويهي، ٻڌايائون ته سامهون ليبارٽري جو بورڊ لڳل آهي اتي وڃو ويٺو اٿو. اسان چند قدم اڳتي وڌي ليبارٽريءَ جي دروازي تي اچي بيٺاسين. دروازو ٻيڪڙيل هو، جميل آهستي در کي اندر واري پاسي زور ڏئي کوليو ته سامهون ڊاڪٽر رسول ميمڻ نظر آيو. جيڪو اکين تي دوربين چاڙهيون ويٺو هو. هو مريضن جي رت جا سيمپل چڪاسي رهيو هو، هو پنهنجي ڪم ۾ ايترو مشغول هو جو دوربين مان اک ئي نه پئي ڪڍيائين، آخر جميل سلام ڪري هن جي ڪم ۾ رخنو وڌو، هن هڪ اک دوربين ۾ ته ٻي اک سان جميل کي ڏٺو، جميل ۽ مون کي ويهڻ لاءِ چيائين، پر اسٽول هڪڙو هو، جميل ۽ مان هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو، آخر جميل، مون کي ويهڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ بيٺو رهيو، ڪمرو انتهائي سوڙهو هو، جنهن ۾ هڪ ڊاڪٽر جي ڪرسي ۽ هڪ اسٽول موجود هو، پر هن سوڙهي ڪمري ۾ ويڪري دل وارو روشن خيال شخص ويٺو هو، ڪمري ۾ سانت هئي، مون جميل کي ڪن ۾ سُسپس ڪندي چيو: “يار! ڪو وڏو سائنٽسٽ ٿو لڳي...” منهنجي سرٻاٽ تي هن دوربين کي پاسي تي ڪري ڇڏيو ۽ اسان سان اٿي ڪري ڀاڪر پائي مليو ۽ بيل هڻي پٽيوالي کي گهرائي وڌيڪ اسٽول لاءِ چيائين، تيستائين اسين بيٺا رهياسون، جيستائين اسٽول اچي، اسٽول آيو، جميل ويٺو ۽ هن پٽيوالي کي “پيپسي” آڻڻ لاءِ چيو. “پيپسي” ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي دلپسند برانڊ آهي.
    رسول ميمڻ جي اکين ۾ وشال سمنڊ جهڙي گهرائي هئي، هڪ رعبدار ۽ قداور شخص ڪنهن حسين ديوتا جي روپ ۾ پئي لڳو. جميل منهنجو تعارف ڪرايو، پوءِ ته هڪ محبتن وارو بي لوث سلسلو جڙي پيو. هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا پاڻ ۾ ملي وٺندا هياسين. ڪڏهن گهر تي ته ڪڏهن اسپتال ۾. موڪل واري ڏينهن ڊاڪٽر سان ڪچهري سندس گهر تي ٿيندي هئي، هو اسان کي برياني کارائيندو هو، ڪڏهن ڪڏهن وري لب مهراڻ تي نڪري ايندا هئاسون، جتي سنڌوءَ ڪناري هڪ ڇٽيءَ هيٺان بينچ تي ويهي درياءَ جي حسن تي ته ڪڏهن ڊولفن جي ڇالن بعد لهرن تي ڳالهائيندا هئاسون، اتي هو عجيب ڳالهيون ڪندو هو، رومانٽڪ بڻجي ويندو هو، جيڪي خيال منهنجي ننڍڙي ۽ اڌ پڙهيل دماغ ۾ ويهي نه سگهندا هئا. سدائين ائين چوندو هو مانس: “سائين! اهڙيون ڳالهيون ڪريو جيڪي اسان جي سمجهه ۾ اچن ۽ اسان به ان مان مزو وٺون.” منهنجي ان ڳالهه تي ٽهڪ ڏئي کِلندو هو.
    جڏهن سنڌي ادبي سگنت سکر جو سيڪريٽري ٿيو هئس ته ڏاڍو خوش ٿيو، چوندو هو: “بشير! تون سنگت سکر ۾ وڏو متحرڪ ڪردار ادا ڪيو آهي.” جڏهن سنگت سکر پاران سنگت جو ترجمان نيوز ليٽر جاري ڪيو ته رسول ميمڻ مختلف ليبارٽريز کان اشتهار وٺڻ ۾ مدد ڪئي، سڀ کان وڌيڪ اشتهارن جا پئسا به ڊاڪٽر رسول ميمڻ ڏيندو هو.
    اسان جي ياريءَ جي پهرين شروعاتي ڏينهن ۾ ڊاڪٽر رسول مون کي ٻه ڪتاب “اوشا جي آشا” ۽ “ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن” تحفي طور ڏنا، مون جڏهن ڪتاب پڙهي پورا ڪيا ته پڇيائين:
    “ڪتاب پڙهئي؟”
    “ها سائين! وڻندڙ شاعري هئي، عظيم ڏاهن بابت خاڪا به انتهائي دلچسپ هئا.”
    رسول ميمڻ جي شناخت پهريان شاعري هئي، “اوشا جي آشا” سندس شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ نثري/آزاد نظمن کانسواءِ وايون، ٽيڙو ۽ دوها آهن.

    اکيون نه ملاءِ اکين سان پوندا سي روئي
    ڳوڙها ڪنهن جا دامن سان اگهندو ناهي ڪوئي

    رسول ميمڻ سان سندس زندگيءَ جي پهرين رهاڻ 21 ڊسمبر 1997ع تي سکر جي هوٽل “مهراڻ” ۾ ملهائي وئي، جڏهن آءُ سنڌي ادبي سنگت سکر جو سيڪريٽري هئس. سخت سرديءَ ۾ سکر، خيرپور، شڪارپور، پنو عاقل، گهوٽڪيءَ مان ڪيئي دوست هن پروگرام ۾ شريڪ ٿيا. تقريرون ۽ مقالا پڙهيا ويا، فتاح ملڪ هن پروگرام جي صدارت ڪئي هئي. هيڏي وڏي پروگرام تي هو ڏاڍو خوش ٿيو. زبردست مان ۽ داد سندس فن ۽ فڪر جي بلنديءَ تي ڏنو ويو. غلام رسول ڪلهوڙي رسول ميمڻ جي ڪهاڻين بابت راءِ ڏيندي چيو ته: “رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون عام ماڻهوءَ جي سمجهه کان ڪجهه مٿي آهن.” ان جي جواب ۾ رسول ميمڻ چيو هو ته: “منهنجي ڪهاڻي ان بلنديءَ تي ئي رهندي، قاريءَ کي منهنجي ڪهاڻيءَ جي بلنديءَ تائين پهچڻو پوندو.”
    رسول ميمڻ جي رهاڻ جي سلسلي ۾ ڪهاڻيڪار اڪبر سومري کي ساڻ ڪري دعوت نامي وارا ڪارڊ کڻي خيرپور نڪتس دوستن ۾ ڪارڊ ورهائيندي اچي ٽيڪنيڪل ڪاليج پهتاسين. پرنسپال صاحب اڪبر سومري جو يار هو، مون سان به سندس پري جي دعا سلام هئي، پرنسپال صاحب آفيس ۾ ويٺو هو، اسان سلام ڪري اندر داخل ٿياسين، چار پنج استاد ويٺل هئا، پرنسپل صاحب اسان جي آڌر ڀاءُ سٺي نموني ڪئي، حالي حوالي ٿياسين. مون پرنسپل جي نالي لکيل ڪارڊ ڪڍي، هن جي اڳيان رکيو، پرنسپال ڪارڊ لفافي مان ڪڍي پڙهڻ لڳو، ڪارڊ پڙهي هن زور سان ڪارڊ منهنجي اڳيان اڇلائي ڏنو، هن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو، اچي دڙڪن ۾ شروع ٿيو، اوهان وڏا بي ادب آهيو، اوهان کي ڪنهن جي عزت ڪرڻ نه ٿي اچي، الائي ڇا مان ڇا پئي چيائين، همراهه هٿن مان پئي نڪرندو ويو، آخر مون چيو:
    “سائين! ڪهڙي غلطي آهي، جو اسان کي ايڏو بي عزت ڪيو اٿو؟” هي ڪارڊ ۾ ڇا لکيل اٿو، “رسول ميمڻ سان رهاڻ” هاڻي ٻڌايو “رسول”... ميمڻ ٿيندو آهي ڇا؟ توبهه نعوذ بالله...” اسان ڪارڊ ٽيبل تان کڻي دڙڪا کائي پرنسپال جي ڪمري مان نڪري ڪاليج جي ٻاهرين گيٽ کان ٻاهر نڪري وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي، موٽرسائيڪل اسٽارٽ ڪري سکر پهتاسين.
    ڊاڪٽر جاويد قاضيءَ جي ڪتاب جي مهورت هئي، رسول ميمڻ هڪ ڏينهن اڳ ۾ ٻڌايو هو ته شڪارپور هلڻو آهي، مون چيو: “سائين! هڪ ڪتاب طب جو آهي، ٻيو ڊاڪٽر جاويد منهنجو يار ناهي، سڀ ڊاڪٽر هوندا، مان هروڀرو بور ٿيندس.”
    چيائين: “نه بلڪل نه... بشير! توکي هلڻو پوندو، تون تيار رهجانءِ مان تو وٽ ايندس گڏجي هلنداسين.”
    وقت جو ايڏو پابند جو مقرر ٽائيم تي اچي گهر جو دروازو کڙڪايائين. اسان ٻئي ويگن ۾ چڙهي شڪارپور پهچي جيم خانه وياسين. جتي پروگرام رٿيل هو. ڊاڪٽر رسول ميمڻ ڪتاب تي تنقيد به ڪئي ته تعريف به ڪئي، مدلل انداز ۾ ڳالهايو. ڊاڪٽر شمس سومري جهڙي عالم چئي ڏنس:
    “ڊاڪٽر! واهه جي تقرير ڪئي اٿئي.” پوءِ اسان پنڊال مان نڪري مشهور ديوان جي هوٽل تي قلفي فالودو کائڻ وياسين. ڊاڪٽر ثناءَ الله کوکر، ڊاڪٽر شمس سومرو، ڊاڪٽر رسول سان کل ڀوڳ ڪندا رهيا. اهڙي مزاح وارو رويو مون پهريون ڀيرو ڊاڪٽر رسول ميمڻ ۾ ڏٺو. ڊاڪٽر ثناءَ الله کوکر ائين چئي ڏنس:
    “هاڻي گهڻو ڪمايو اٿئي هاڻي اهڙو ڪم ڪر جو توکي هميشه لاءِ جياري.” رسول ميمڻ وراڻيس: “مان لک پڙهه جو ڪم ڪيان ٿو، ڪهاڻيون لکان ٿو، اهو ئي ڪم مون کي جياريندو.”
    رسول ميمڻ جو ڪم يقينن کيس جياريندو، هن جو منفرد ڪم تاريخ ۾ پنهنجي جاءِ تي موجود رهندو، جيئن موزارٽ جون ڌنون چوري ٿي وڃن تڏهن به هن جا اوپيرا ختم نه ٿي سگهندا، صدين کانپوءِ به هن جي وائلن جا سُر سٽينزا جي سڏڪن سان گڏ اسٽيج تي نمودار ٿيندا رهندا، ليونارڊو ڊائونچي جي مونا ليزا جي مرڪ ۽ وان گاگ جي مصوري ۽ مائيڪل اينجلو جو ڊيوڊ ائين جيئرا سلامت رهندا، شيڪسپيئر پنهنجي اسٽيج ڊرامن ۽ شاعريءَ جي حوالي سان زنده رهندو، سعادت منٽو ۽ موپاسان پنهنجي عورت ڪردارن جي حساسيت جي حوالي سان زنده رهندا، اهڙي طرح ڊاڪٽر رسول ميمڻ پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ وجودي ليکڪ طور عوام جي دلين ۾ ڌڙڪندو رهندو.
    ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي ڪهاڻين ۾ پنهنجي ديس واسين جي درد جي سمفني آهي، هو عام ماڻهوءَ جي مسئلن ۽ مشڪلاتن مثال طور، بک، بيروزگاري، غلامي، بيماري، مايوسي، ناريءَ جي بي وسي جو ادراڪ رکي ٿو.
    رسول ميمڻ جو ڪتاب “ابابيل جي آخري اڏام” جڏهن ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو ته انتهائي خوش هو. پنهنجن هٿ اکرن سان اعزازي ڪاپي ڏيندي، چيو هيائين:
    “هن کي پڙهجاءِ ضرور...”
    مون هفتي کن ۾ ڪتاب پورو پڙهي ٻڌايومانس.
    چيائين: “يار! نوجوان ڪتاب گهٽ ٿا پڙهن، تنهن ڪري مون توکي زور ڀريندي چيو هو ته پڙهجان!” اها حقيقت آهي ته ان هدايت کانپوءِ مون ڪيئي ڪتاب پڙهي ورتا.
    الاهي اونهن اسرارن ۾ هٿ وجهڻ ڪنهن اعليٰ پائي جي صوفي سنت جو ڪم آهي يا وري رسول ميمڻ جهڙي ڏات ڌڻيءَ جو ڪم آهي، اهڙو اوکو ڪم رسول ميمڻ مختلف ڪهاڻين ۾ ڪري ڏيکاريو آهي.
    ڪتاب “فونو” ۾ هڪ ڪهاڻي “ڪربلا جا ڪبوتر” انتهائي درديلي ڪٿا آهي، مولا حسين جي ڪربلا تي حملو ۽ ڪبوترن جي اڏرڻ وارو منظر انتهائي دل روئاريندڙ آهي.
    “پر انهن سڀني کان ڏور حضرت حسين جي مزار جو پوڙهو پاريهر ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي ڪري رهيو هو. “هو...هو...هو” زخمي ماءُ مئل ٻار مٿان سينو ڪٽي رهي هئي.
    تازو مارڪيٽ ۾ آيل نئون ڪتاب “خدا، روح ۽ سائنس” رسول ميمڻ جي زندگيءَ جو شاندار ڪتاب آهي، جنهن جي پڙهڻ سان دماغ جا سڀ طبق روشن ٿي وڃن ٿا. هي ڪتاب سندس ٻين ڪهاڻي ڪتابن کان مختلف آهي، مڪمل مذهبي ڄاڻ، خدا جي نبين، ولين جي ڪهاڻي، حضرت نوح، حضرت يعقوب، حضرت يوسف، مصر ۽ عرب ڌرتيءَ جي تاريخ جي ڪهاڻي ۽ جديد سائنس جو سفر ۽ گاڊجين ۽ خدا جي تصور جي حقيقي ڪهاڻي قاريءَ کي پڙهندڙ لاءِ ملي ٿي.
    سائنس، مذهب، عشق، وجودي فلسفي جي اظهار لاءِ رسول ميمڻ ڪهاڻيءَ جو سهارو ورتو آهي، اصل ۾ رسول ميمڻ جي لکڻين جي فلاسافي سندس اردگرد جي خيالن، خوابن، وهمن، وسوسن ۽ حقيقتن جي وضاحت آهي. رسول ميمڻ جي تخليقن کي پڙهڻ سان شعور جي وهڪري ۾ اضافو ٿئي ٿو. رسول ميمڻ اسان جي عهد جي مسئلن ۽ مونجهارن ڏانهن خاص ڌيان ڏئي ان جو حل پنهنجي لکڻين ۾ ڏئي ٿو. سندس لکڻين ۾ ابهام ناهي، اُهي چٽيون آهن ۽ چٽي واٽ ڏسين ٿيون.
    هن پنهنجي زندگي سادگيءَ سان گذاري آهي ۽ قلم جي حرمت جي پاسداري ڪئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ادب ۾ سندس نانءُ معتبر ۽ اوچو آهي ۽ رهندو.
    سندس ڏات جو ڏياٽيون ديس واسين جون راهون روشن رکنديون ۽ لکڻيون مشعل راهه بڻبيون ۽ اسان جا نوجوان ليکڪ سندس اسلوبَ کي سونهون بڻائي تخليق جي ميدان ۾ پنهنجي لاءِ نوان رستا ڳولي سگهندا.
    شال سندس ڏاتِ جون ڏياٽيون هميشه روشن رهن.


    غير معمولي ڪتاب : قربان منگي

    مون پرنٽنگ جو ڪم سکڻ جي شروعات 1977ع ۾ ڪئي، 1977ع ۾ جڏهن مان هڪ ئي وقت خيرپور جي ٽالپر پريس ۾ پنهنجي استاد محمد نواز ڪيهر ۽ سکر جي ماڊرن پريس ۾ پنهنجي استاد غلام رسول ميمڻ وٽ ڪم ڪري رهيو هئس ته ان وقت ماڊرن پريس ۾ ٻه ڪتاب ڇپجڻ لاءِ آيا، جن مان هڪ رفيق سومري جو “انسان جي ڳولا” ۽ ٻيو رسول ميمڻ جو “اوشا جي آشا” شامل هيو. انهن ڪتابن جي ڪم منهنجو رسول ميمڻ سان پهريون تعارف ڪرايو. اڳتي هلي رسول ميمڻ هڪ بهترين شاعر ۽ سگهاري ڪهاڻيڪار جي روپ ۾ مون تي آشڪار ٿيندو ويو. پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران جڏهن نئين جذبي سان ڪتاب ڇاپڻ شروع ڪياسين ته رسول ميمڻ جا ڪيترائي ڪتاب ڇاپڻ جو موقعو مليو. اهڙن ڪتابن ۾ “سونو ڏند”، “اوڻويهه عورتون”، “حليمان”، “قالو بلا”، “عشق جو آسيب” ۽ “نجومي” شامل آهن.
    رسول ميمڻ جو جڏهن به ڪوئي ڪتاب ڇاپيوسين ته اهو هٿو هٿ وڪامي ويو. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو پڙهندڙن ۾ ڪيترو مقبول آهي. رسول ميمڻ لکڻ جي ڪم کي عبادت سمجهي سرانجام ڏنو آهي. لکڻ سندس لباس بڻجي چڪو آهي، منهنجي دعا آهي ته هُو ائين ئي لکندو رهي ۽ سنڌي ادب کي غير معمولي ڪتاب ارپيندو رهي.


    فن جي مڃتا ؛سعيد منگي

    پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران رسول ميمڻ جا جيڪي به ڪتاب شايع ٿيا آهن، انهن جا ٽائيٽل ٺاهڻ جي سانگي سندس ڪهاڻين ۽ ناولن کي به گهرائيءَ سان پڙهڻ جو موقعو ملندو رهيو آهي. مون جڏهن به رسول ميمڻ صاحب جون لکڻيون پڙهيون آهن پاڻ کي هڪ اڻ ڄاتي جادوءَ ۾ وڪوڙيل محسوس ڪيو آهي. سندس لکڻيون سرريئلزم ۽ ائبسٽريڪٽزم جو عجيب نمونو آهن. شال سندس قلم ڪڏهن به نه ٿڪجي.
    ٽماهي “پوپٽ” پاران رسول ميمڻ جي فَن کي مڃتا ڏيڻ جي لاءِ شايع ٿيندڙ هي خاص نمبر مون لاءِ پڻ خوشيءَ جو سبب بڻيو آهي.


    روشن ستارو: خواجه ذوالفقار

    رسول ميمڻ سنڌي ادب جي اُڀ جو اهو روشن ستارو آهي، جنهن جي هر سِٽ روح ۾ لهندي محسوس ٿيندي آهي. سندس ڪهاڻيون پڙهندي ڪردار پنهنجن سمورن رنگن سان ڪنهن ٻئي دنيا ۾ وٺي ويندا آهن. اهڙي ئي سگهاري سندس شاعري آهي، هو شخصي حوالي سان به انتهائي مٺڙو شخص آهي، ساڻس ڪچهري ڪندي وقت جو احساس ئي ناهي ٿيندو، شال هو ائين سنڌي ادب جي اُڀ تي چنڊ جيان چمڪندو رهي. سچ پچ ته هو سنڌي ادب جو اهو مانائتو ڪردار آهي، جنهن جو نانءُ کڻڻ سان ئي احساسن ۾ گلن جي خوشبوءِ جو واس ڦهلجي ويندو آهي.


    ڪهاڻيءَ جو ڪاريگر : سجاد مهر

    ڪي ڪي شيون حقيقت جي ابتڙ لڳنديون آهن، جن کي وري وضاحت سان به ظاهر ڪري ناهي سگهبو. ڪي ڪي تخليقون وري (Maths) جيان مٿي ۾ ناهن ماپنديون. تن کي پڙهڻ کان پوءِ وات ۾ آڱريون ڏئي، وائڙو ٿي وڃڻ کان پوءِ ٺپي رکي ڇڏڻو پوندو آهي. جيئن اڄوڪو سرجندڙ شاعري ڳري ۽ ڇپ معنائن ۾ ٻڌل هجڻ ڪري، اها ڳنڍ ڪو عام ذهن کولي ناهي سگهندو. شاعر ان کي ريئلزم جو ضد يعني سريئلزم سڏين ٿا.
    ڪاڪروچ کي ڪتو بڻائي ڇڏڻ، ڏائڻ کي هوا ۽ ڀوتن کي ڀِت مطلب ته انهن جي سوچ جو زاويو عام نظر کان گهڻو مختلف هجي ٿو. پڙهندڙ وٽ Explore ڪرڻ جو پنهنجو ماپو آهي. هو غير معمولي شين کي ڇُهي روايتي انداز کان اوپرو ٿي بيهڻ جو اعلان ڪري ٿو، توڙي جو روايت ۾ پنهنجو روح آهي پر جِدت جي جهان ۾ گم ٿي وڃڻ وارن جي هڪ دنيا ئي الڳ آهي. منفرد انداز ۾ نظر اچڻ، غير معمولي طريقي سان شين کي ڏسڻ ۽ بدلائڻ، پراڻ واري چولي لاهي نواڻ وارو نئون ويس ڍڪائڻ وارو تجربو ڪجهه ليکڪن ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪيو آهي.
    ڪهاڻيءَ به ڪاريگري آهي، ليکڪه قلم کڻڻ کان پوءِ ڄڻ ته وجدان واري ڪيفيت ۾ هليو ٿو وڃي، پوءِ ڪڏهن هو علامتن جي احساس ۾ ٿو وڪوڙجي ته ڪڏهن وري حقيقت جي هانوَ ۾ وڃي ٿو هٿُ وجهي، ڪڏهن لفظن جي سحر انگيزي ٿو ٽوپي ته ڪڏهن وري ايبسٽريڪٽ اسٽائيل جو سهارو ٿو وٺي، مجموعي طور ڪهاڻيءَ لاءِ قلم کڻڻ کان پهريان تخليقڪار دنيا جي دائري مان نڪري ڄڻ ته هوائن ۾ هليو ٿو وڃي ۽ فضائن ۾ ڦهلجي وسيع ڪائنات مان ڪجهه خواهشون سهيڙي وري ٿو. مشاهدو، تجربا، احساس ۽ خواهشون گڏائي هڪ شعوري پورٽريٽ ٺاهي ٿو. اهڙا مصور جيڪي ذهن جي ڪينواس تي حواسن جي رنگن سان خيالن جي پينٽنگ ڪرڻ جو فن ڄاڻن ٿا تن ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا نالا آهن. اسان جو رسول ميمڻ انهن ئي چند ليکڪن جي لسٽ ۾ اچي ٿو... هو پنهنجن ڪردارن تي ڪو ليبل هڻي انهن جي بهترين برانڊ هجڻ جي دعويٰ هرگز نه ٿو ڪري، پر سندس ڇُهيل مِٽيءَ جا ڪردار پاڻ مرادو ڳالهائڻ لڳن ٿا. هُن وٽ ڪمال جي بي ساختگي آهي. عجب ۾ وجهندڙ موضوع ۽ حيرت جي حدن کان نڪري ويندڙ نرالا احساس، هر وقت چُرپر ۾ رهن ٿا. تجسس ۽ تجريد وٽس ئي آهي، هو گهڻو تڻو مختلف ئي آهي. ڪنهن سان به ڪٿي ملي ئي نه ٿو. مون کيس جيترو پڙهيو آهي، ان بنياد تي دعويٰ ٿو ڪريان ته موجوده ٽهيءَ ۾ ته هن وٽ ڊڪشن، انداز ۽ منظرن کي چٽڻ جو فن ڪمال جو آهي، ها اها الڳ ڳالهه ته جيئن شاعريءَ ۾ خيال هڪ ٻئي سان ملي ويندا آهن يا شعرن جو تصادم ٿي پوندو آهي ائين ئي پلاٽ جو ملي وڃڻ يا ان جي لڳ ڀڳ هجڻ وارو ورجاءُ ڪٿي ڪٿي محسوس به ٿيندو آهي. گهڻو عرصو اڳ مون نور الهديٰ شاهه جي ڪهاڻي “پاروٿو گوشت” پڙهي هئي، جنهن جو ڪلائيميڪس به وري انتهائي ڪمزور هو ۽ پوءِ وري ساڳي عنوان سان ٺهڪندڙ سعاد حسن منٽو جو افسانو “ٺنڊا گوشت” پڙهيم ته ڪلڪ ٿيو. ڪٿي ساڳي ماجرا ته ناهي، پر پوءِ نالي جي نسبت کان اڳتي حالتون گهڻيون مختلف هيون، ائين ئي پوءِ انور شيخ جي ڪهاڻي “ڳاڙهي سٿڻ” ۽ “اگهاڙا ٽهڪ” اکين مان گذريا ته وري منٽوءَ جي “ڪالي شلوار” ۽ “ننگي آوازين” جهڙا شاهڪار افسانا اکين جي اسڪرين تي آيا... سوچيم پئي ته نالن جو هڪ جهڙو يا لڳ ڀڳ ساڳيو هجڻ ڪا معنيٰ نه ٿو رکي. هر ڪنهن جي پريزنٽيشن پنهنجي آهي. طارق عالم ابڙي جي ڪتاب “رهجي ويل منظر” جي بيڪ ٽائيٽل تي لکيل محترم عبدالقادر جوڻيجو جا اهي جملا ذهن تي تري آيا ته دنيا ۾ ڪل 36 ٿيمس آهن، جن تي 36 هزار ڪهاڻيون لکجي چڪيون، ڳالهه بس پريزنٽيشن جي آهي. محسوس ڪيم ته خيالن ۽ پلاٽ جو ملڻ پوءِ ته ناممڪن ناهي. رسول ميمڻ جو ڪتاب “حليمان” پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران 2013ع ۾ ڇپيو. پهرين فرصت ۾ پڙهي ورتم.
    “ڊائون سينڊ روم” کان “هو ۽ هن جو مالڪ” تائين پنو پنو اٿلايم، ڪهاڻي “ڊائون سينڊ روم” جو پلاٽ انتهائي مختلف آهي. پر ان ۾ صفحي نمبر 18 تي لکيل هيٺيان جملا پڙهي فريز ٿي ويم:
    “هو مذهب جي بازار ۾ حيران ۽ پريشان گهمندو رهيو، هن کي اتي پنهنجي منزل نظر نه آئي، هو مايوس ٿي ويو. جو جنهن به دوڪان جي اڳيان ٿي لنگهيو ته اتان آواز ٿي آيو:
    “خدا مان وٽ آهي”
    “اصل خدا منهنجي دڪان ۾ موجود آهي.”
    “مان وٽ اچ مان توکي خدا رعايتي اگهه تي ڏيندس.”
    “مان وٽ خدا مفت مهيا آهي، يا مان وٽ خدا سان گڏ تلوار جو تحفو به آهي.”
    ساڳي تسلسل ۾ ڪجهه وقت يعني 2012ع ۾ آيل هندي مووي “او ماءِ گاڊ” ۾ پاريش راول جا هڪ مذهبي دڪان ۾ اچي “ڀڳوان جي قيمت” وارا جملا الائجي ڇو پڙهيل شين جو تسلسل لڳا، پوءِ وري پريزنٽيشن تي خيال ويو ته حالتون گهڻيون اوپريون محسوس ڪيم. بعد ۾ ان ئي پلاٽ تي هڪ ٻي هندستاني فلم “P.K” به آئي، مقبوليت ڪمايائين ۽ ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو سڀ ڪجهه محفوظ ٿي ويو.
    رسول ميمڻ جو ڊڪشن ۽ انداز بنهه منفرد آهي، هن جي اکين ۾ Explore ڪرڻ وارو لينس عام اک کان الاهي الڳ آهي. زندگيءَ جي زاويي تي هن جي قلم جي سگهه وڏي برجستگيءَ سان هلي ٿي. “امن جي نالي” وارو نعرو کڻي نڪرندڙ هن قلمڪار وٽ الائجي ڪيترو مواد آهي، جيڪو لمحي لمحي هن جي قلم مان ٽمندو رهي ٿو. هن جي Observation جي گرفت به حد درجي جي آهي. تشبيهه ۽ منظر نگاريءَ ۾ ته هن جو ڪو ثاني ڪونهي. اسان جي اياز گل چواڻي “هي شخص جڏهن ادب ۾ انٽر ٿيو هو ته پڙهندڙ سندس ڪهاڻيون پڙهي حيران ٿي ويا هئا، اهي ڪهاڻيون نه امر جليل جون هيون، نه نسيم کرل جون. اهي رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون هيون.” ڪتاب “سونو ڏند” ۾ لکيل ڪهاڻي “صفوران چورنگي” ۾ جڏهن گل محمد جي گڏهه وارو حادثو، ٻانهن جو ڪپجڻ ۽ پوءِ به عزت جي روزي ڪمائي ڏيندڙ گڏهه جي منڊي ٿيڻ وارو احساس، ڪنهن جانور يا انسان سان انسيت، درد کي هڪ سانچي ۾ سهيڙي رکڻ ۽ ان جو اهڙي انداز ۾ ڇيد ڪرڻ، پڙهندڙ جي اکين کي آلو ڪري وجهي ٿو. اها ڪهاڻي پڙهي منهنجي ذهن تي مشهور ليکڪ بادل جماليءَ جي ڪهاڻي “جيجل” جو پلاٽ تري آيو. توڙي جو ٻنهي ڪهاڻين جي پاڻ ۾ ڪا هڪجهڙائي به ڪونهي پر احساس تقريبن هڪجهڙو ٺهي ٿو. سندس لکيل ڪهاڻي “جيجل” جنهن کي اسين “امڙ” سمجهون ٿا تنهن ۾ ڪمال ڪاريگريءَ سان ان گڏهه کي اهڙو ته ڪمائيءَ جو ذريعو ٻڌايو آهي ۽ زندگيءَ جو ڏيئو جلائڻ واري جوت سان ٽوپي ان جي هجڻ کي ماءُ جي هجڻ سان ڀيٽيو ويو آهي، لڳو هو جانور به اسان سان ائين سلهاڙيل هجن ٿا. جيئن اسان سان اسان جا رشتا.
    قلمڪار جي اهائي ته خوبي هجي ٿي جو هو جنهن ڪردار کي ڇُهي اهو ان ئي روپ ۾ پڙهندڙ اڳيان محسوس ٿي پوءِ اهو ڪردار چانديءَ جو هجي، پتل جو هجي يا سون جو، صرف ڇهڻ جي ڳالهه هجي ۽ ڪردار پنهنجو تعارف پاڻ ڪرائي. ساڳي ئي انداز ۾ رسول ميمڻ جي ڪهاڻي “سونو ڏند” به ڪمال جي ڪاريگريءَ ۽ لفظن جي سحرانگيزيءَ تي ٻڌل آهي. تشبيهون ۽ تجنيس حرفي واري حرفت “تڪ جا طهر”، “آڏاڻن سمان آمدني”، “ڪنب جي ڪناري”، “صابو صندل تي”، “حرڪت تي حيران”، “ڳوٿري ڳولهڻ جي ڪوشش”، “دونهون دکندو رهيو”، جهڙا برجستا جملا پڙهي لڳي ٿو ته ليکڪ کي ٻوليءَ تي گرفت ڪيتري شاندار آهي. اهڙي قسم جي ٻولي خاص ڪري “فٽ پاٿ جو فوٽو گرافر” “لوڊشيڊنگ”، “گڏهن جي آزادي”، “قلم جو قيدي”، “پريو مڙس” ۽ “گونگا، ٻوڙا ۽ انڌا” جي اڀياس مان پسي سگهجي ٿي.
    رسول ميمڻ جيئن پاڻ چوي ٿو ته “ڪهاڻيون” ڏاڍو پراڻو نالو آهي، منهنجي تخليقن کي ڪهاڻيون سمجهي پڙهيو وڃي ٿو ان ڪري اهي سمجهه جي دائري کان ٻاهر نڪري وڃن ٿيون، مونکي سمجهيو نه ويو آهي، ڇو جو صحيح معنيٰ ۾ پڙهيو نه ويو آهي.” “ڪهاڻيءَ” جو ٻيو نالو ڇا ٿي سگهي ٿو؟ وري اها ڳالهه منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي.
    شايد اهو ئي سبب آهي جو هن ليکڪ جي روح کي تخليق جي تواني سفر مان اهو ساءُ نه آئڙيو جو هن ان کان به ٻه قدم اڳتي وڌي “سائنس ۽ فلسفي” جي فارميٽ ۾ پنهنجا خيال کڻي “خدا، روح ۽ سائنس” جهڙي ڳوڙهي موضوع تي ڪتاب لکي ورتو. ڪتاب ڇا لکيائين ڄڻ پنهنجي شعوري سگهه جي ڪينواس کي ڪشادو ڪري اندر اوتيائين. ارتقا جو ڄڻ نه نئون آسمان تياڳيائين... مطلب ته هن جي قلم مان ڪرشما جاري هئا، جاري آهن، سچ ته هن جو سمورو ڪم فلسفيانه آهي.
    “رهجي ويل منظر” ۾ طارق عالم جيڪو نثر جو مزاج جوڙيو هو، رسول ميمڻ ان مزاج کان به مٿانهون ٿي، منهنجي نظر ۾ هڪ نئون جهان جوڙيو آهي. قلم قبيلي اندر جتي ليکڪن جا ڪٽڪ آهن. انهن جي انداز ۽ اسٽائيل کان هٽي ڪري به ٻولي ۽ آبزرويشن جي حوالي سان رسول ميمڻ هڪ الڳ مقام تي بيٺو آهي.
    قوي اميد آهي ته اڃا به هن جي قلم جي قيد مان نڪري، هوا ۾ پر هڻي، ڪروڙين ڪهاڻيون اڏري، اسان جي اکين جي آکيري ۾ اچي ويهنديون...


    جينيئس ليکڪ: احمد شاڪر

     پراسراريت جي پڙدن پوئيان، جيڪڏهن ڪنهن ڳالهين جي ڳهيرَ جو ڳوٺ هوندو ته، اهو ساءِ رسول ميمڻ جو ئي هوندو، سندس قلم جي نوڪ انهن ڪردارن ۾ ساهه ڦُوڪيو آهي. جن ڪردارن کي هُن بچپن جي بيٺڪن ۾ “احمد زوار” جي زباني ٻڌو ۽ جيجل جي جهوليءَ ۾ لوليءَ سان گڏوگڏ خوبصورت ڪهاڻين جي ڪُڙم منجهان گذريو جتان اتساهيندڙ ڪردار Catch ڪندو ويو!
    قلم ڪيترو طاقتور آهي؟ قلم ڪيترا قبيلا فتح ٿو ڪري سگهي؟ انهن سوالن جا جواب مونکي صفا ويجهڙ ۾ ئي مليا آهن. ذهن جي زمين تيستائين زرخيز نه ٿي ٿيئي، جيستائين کيس “علم” جو آبِ سيراب نه ٿو ڪري، ساءِ رسول ميمڻ جا ناول ۽ ڪهاڻيون، يسوح مسيح جيان مڙدن ۾ ساهه ڦوڪڻ جيتري سگهه رکندڙ آهن. ناولن جي نگري ايتري ته وسيع هوندي آهي، جو گهمندي (پڙهندي) هڪ الڳ جهان جي جهنگلن مان ٿيندو، ٿيندو وشال ڳالهين جي ڳوٺن کي ڪراس ڪندو، عجب جي عجائب گهرن ۾ داخل ٿيندي پاڻ کي محسوس ڪبو آهي... ۽ اهڙا ناول مان گارشيا مارڪيز جي ناولن کان پوءِ سنڌ ۾ ساءِ رسول ميمڻ جا ناول ئي محسوس ڪري سگهيو آهيان.
    ساءِ رسول ميمڻ جي ناولن ۽ ڪهاڻين منجهه جيڪا طاقت آهي، اها انتهائي گهڻي “طاقتور” آهي! سندس ناول “اڻويهه عورتون” پڙهندي وقت جي دٻيل صدا سُڻي سگهجي ٿي ۽ ناول جي ڪردارن جي قريبي، قريبي پاڻ کي محسوس ڪري سگهجي ٿو! ساءِ رسول ميمڻ جا ٻيا به ناول انتهائي پاور فُل آهن. جن ۾ “ نجومي” ۽ “قالو بلا” اچي ٿا وڃن. ساءِ رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جا ڪتاب “فونو”، “سونو ڏند”، “حليمان” شاهڪار ۽ زنده جذبن جي ترجمانيءَ جا صحيفا آهن! هُن جون ڪهاڻيون پراسراريت جي قبيلي مان ائين گذارين ٿيون، جيئن سج ۽ چنڊ جي روشني اوزون گئس ڪراس ڪري ڪرڻن جي صورت اختيار ڪري ڌرتيءَ تي پهچي ٿي. سندس ڪتاب نوجوانن جي پسند وٽان پهريان، پهريان اچن ٿا. ساءِ رسول ميمڻ جو ڪتاب “خدا، روح ۽ سائنس” نئيون راهون تلاشيندڙ لاءِ پهرين وِک ثابت ٿيو آهي. ۽ نون سوالن جو اُڀار به آهي! “خدا، روح ۽ سائنس” جتي نون سوالن کي جنم ڏئي ٿو. ته اُتي ئي وري حيرت جي حد اورانگهي حقيقت جي ڄاڻ جي ڏيهه ۾ داخل ڪري ٿو.
    ليکڪ جون لکڻيون نوجوانن جي نگاهن مان گذري سندن ذهن کي زرخيز ڪري رهنمائيءَ جو سبب بڻجن، سچ ته پوءِ ان ليکڪ جي لکڻي لک لهي! ساءِ رسول ميمڻ جون لکڻيون اعليٰ پَدَ جون آهن. هو لکي ئي حقيقت جي حُسناڪيءَ تي ٿو، هُن جي هر ڪهاڻيءَ جي پُٺيان هڪ زنده ڪردار ساهه کڻندي نظر ايندو آهي ۽ هُن جي هر ڪهاڻيءَ ۽ ناول ۾ انتهائي حيرت ۾ وجهندڙ جُملا هوندا آهن. جيڪي دل ڇُهندڙ هوندا آهن. ساءِ رسول ميمڻ سنڌ جي انهن چوٽيءَ جي ليکڪن منجهان آهي، جن ۾ ساءِ علي بابا، ساءِ امر جليل اچيو وڃن ٿا. ساءِ رسول ميمڻ کي پڙهندڙن جو هڪ حلقو آهي. جيڪو نوجوانن تي مشتمل آهي ۽ اهو نوجوانن جو حلقو اڃان پيو وڌي ۽ اڃان پيو وڌندو.
    خوبصورت نثر لکڻ لاءِ به خوبصورتيءَ کان مدد ورتي ويندي آهي. نثر نينهن جان نشا چاڙهيندو آهي ۽ اهڙو نينهن جي نشي وارو نثر ساءِ عبدالواحد آريسر ۽ ساءِ اعجاز منگي کان علاوه ساءِ رسول ميمڻ جو به آهي. جيڪو ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ نمايان آهي. ساءِ رسول ميمڻ جو جتي ڪهاڻيءَ ۽ ناول منجهه ڀاري پاسو آهي. ته اتي ئي ٻيو شاعراڻو حساس پاسو به آهي! ۽ اهو “اوشا جي آشا” جي ڪتابي شڪل ۾ گهڻو عرصو اڳ اچي چڪو آهي. “نولکا” جي نرالي صنف کان “ڏيکارو” جهڙي منظر نگاريءَ سندس سُهڻي صنف جي شروعات ساءِ رسول ميمڻ جي کاتي ۾ اچي ٿي. پر هُن ڪڏهن به ڪاٿي واڪ ڏئي پاڻ کي ڪانه پڏائيو آهي، هو ڀلي “پيٿالاجي” جهڙي مصروف شعبي ۾ رهندي هُجومن کي “آٿت” جهڙي بي بها تُحفي سان ڏينهن جا گهڻا ڪلاڪ ڏيندي گهاري ٿو. پر هُن پنهنجي من اندر ۾ نج، پج سچي تخليقڪار کي گڏ رکيو آهي. اهڙو تخليقڪار جيڪو صدين جي سُنهري تاريخ جو نمايان نُقطو هوندو آهي. اهو جينيئس تخليقڪار هوندو آهي! ۽ جينيئس تخليقڪار سدائين اتساهه جو ذريعو بڻجندا آهن ۽ انهن جون لکڻيون صدين پڄاڻان به تازيون، توانيون هونديون آهن. ۽ اهڙو ئي اسان جي سنڌ جو ليکڪ، تخليقڪار ساءِ رسول ميمڻ به آهي.


    وجداني ڪهاڻيڪار: محمد دين راڄڙي

     ڪهاڻي توانائي ۽ مادي جيان شڪل ته مٽائيندي آهي، پر ڪهاڻيءَ جي پُڄاڻي ٿئي ئي ڪونه ٿي. ڪهاڻيءَ کي ته هن ڪائنات جي انت کانپوءِ به زنده رهڻو آهي. ڪهاڻيءَ جي پراسراريت کي اڃان عيان ٿيڻو آهي. ڪهاڻي ته سرجڻهار جو ڪيٿارسس آهي. اندر جي هلڪائي آهي. ڪهاڻي تخليقي آسيس، ڏڍ ۽ پناهگاهه آهي... هڪ غُفا آهي... غار آهي... جتي ڪهاڻيڪار ڀوڳنائن، داخلي توڙي خارجي حيات ۽ سماج-ڪٿا بيان ڪري پاڻ روئي بارش پڄاڻان بادل جيان هلڪو ٿي پاڻ روئي، پاڻ پرچي ٿو.
    ان ڏس ۾، ڊاڪٽر رسول ميمڻ به هڪ حوالي سان سنڌي ڪهاڻي جو بُت شڪن (Iconoclast) ڪهاڻيڪار آهي. جنهن سنڌي ڪهاڻيءَ کي ۽ سنڌي ناول کي (Thematic-variety) ته بخشي ئي آهي، پر سندس ڪهاڻي گهڻي ڀاڱي منفرد، اروايتي (Un-conventional) ، انوکي ۽ ماضي ۽ همعصر دور کان ابتڙ، زمان ۽ مڪان جي سرحدن کان ٽپندي ڪنهن مهل مابعد الطبعياتي (Metaphysical) مظهرن جي کوجنائن ۾ جنبيل محسوس ٿئي ٿي ته ڪڏهن لاشعوري کان تحت الشعور ۽ شعور جي رابطه ڪاري ڪرائيندي خوشگوار خوابن ۾ (تحت الشعور ۾ دٻايل بي شمار خواهشن) جو اڀار لڳندي آهي ته ڪڏهن شعور جي وهڪري (Stream of Consciousness) کان ٿيندي مغربي ادب جي انيڪ ادبي لاڙن ۽ تحريڪن جهڙوڪ Sur-Dadaism realism جو طواف ڪندي نظر اچي ٿي.
    ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي ڪهاڻيءَ جا پير ڌرتيءَ سان مضبوطي سان جُڙيل هجڻ باوجود به ڪنهن اَڄاتي، اڻ ڏٺل “ٻي دنيا” ڏانهن کنيل آهن.
    ان ڪري مان اڳ ۾ ڪيل ڳالهه دهرائيندس ته ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جي Multi-varied, diversity ڇهاءُ کي ان ليول تائين سمجهڻ واري Readership اڃان سنڌ ۾ اڀري نه سگهي آهي، جنهن جو مکيو سبب “مطالعاتي اڻاٺ” آهي.
    جڏهن دعويٰ ڪجي ته دليل ڏجي تنهن ڪري مٿئين دعوائن کي ثابت ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جا تاڪيا بين المتنيت (Inter-texuality) ۽ Deep-surface structure جي تناظر ۾ کولينداسين ته پرک ٿيندي ته ڪيئن ڪهاڻيڪار ماڻهوءَ جي روح جي پاتال تائين لهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي... ته ڪنهن مهل هو ڪردار جي نفسياتي بُحران تائين رسائي حاصل ڪري وٺي... ته ڪنهن مهل هن جا ڪردار سڃاڻپ جي فقدان ۾ سرگردان آهن...
    ڊاڪٽر رسول ميمڻ جا ڪردار به انوکا ۽ غير روايتي آهن، انهن جي Treatment سوچڻ جا انداز، انهن جا فيصلا، عمل، ردعمل، ظاهري طور غير منطقي ۽ ايبنارمل ان ڪري لڳن ٿا جو اهي ڪهاڻيون ڪنهن مخصوص ادبي تحريڪ تحت سرجيل آهن. سندس ڪهاڻين ۾ وجوديت (Extentialism) تي ڪيترائي ڪردار آڌرايل آهن... سندس ڪردارن جي پيڙا، اڪيلائي، اساٽ، قنوطيت، اداسي، بي وسي، وجودي وارتا جو ڏس ڏي ٿي.
    ڪهاڻي “سج سوا نيزي تي” ۾ ڪردار رمضان هنڱوري جي ذلت ۽ حياتيءَ پڄاڻان ايڌيءَ جي ايئرڪنڊيشنڊ سرد خاني ۾ سموري رات پيل لاش... ڇا ته ڇرڪائيندڙ پڄاڻي آهي... ان ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻيڪار ڌرتيءَ جي گرهه تي سرمائيدارانا ۽ سامراجي چڪيءَ ۾ پسجندڙ رمضان هنڱوري جهڙن ڪردارن جو ڄڻ ته سماجي F.I.R بيان رڪارڊ ڪيو آهي.
    ڪهاڻي “خوشبخري” شهري زندگي (Urbanization) ۽ زرعي سماج مان صنعتي سماج ۽ پروفيشنلزم جي اثر هيٺ اسان جي روحاني، سماجي، ثقافتي قدرن جي ڀڃ ڊاهه جو پردو چاڪ ڪندڙ ڪهاڻي آهي. جڏهن ڪردار جو پيءَ گذاري وڃي ٿو ته ڄڻ هن کي Comicrelief ملي ٿو... اهو هڪ نفسياتي رخ آهي، جنهن جي نشاندهي ڪهاڻيڪار ڪرائي آهي.
    “ماهِه لقا” absurd ڪهاڻي آهي. “اگهاڙو” ڪهاڻي جي ڪردار جو جيڪڏهن Psycho-analysis ڪجي ته: هي ڪردار جنسي بک جو شڪار آهي. سندس شڪايتي انداز Inferiority-complex کي ظاهر ڪري ٿو. ڪردار جي Sub-conscious ۾ سٿيل پيار جي خواهش ان جي شعور ۾ رات جو خواب ۾ اگهاڙو نظر اچڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي. جڏهن ته ڪهاڻي “اگهاڙو” جي Surprise-ending مغربي ادبي تحريڪ Dadaism تحت آڌاريل آهي ته ڪردار آچر رات ڀرپور تيار ٿي، فل سوٽ پائي، پرفيوم هڻي، وارن کي ڦڻي ڏيئي، محبوبا سان ملڻ لاءِ نڪرڻ بجاءِ بستري تي سمهي پئي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي خواب ۾ اگهاڙو ڏسي ٿو... Dadasim دراصل ترتيب کي بي ترتيب ڪرڻ، ريئلٽي کي Un-reality تصور ڪرڻ ۽ Anti-logic (اڻ منطقيت) تي ٻڌل ادبي ۽ فني تحريڪ هئي... هتي ڪردار محبوبا لاءِ تيار ٿي، فل سوٽ پائي، محبوبا سان ملڻ بجاءِ سمهي پئي ٿو۽ ڪپڙن باوجود اگهاڙو نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر رسول اهڙيون ڪجهه ڪهاڻيون لکيون آهن، جيڪي مون کي Dadaism جي لاڙي تحت لکيل لڳن ٿيون.
    ڊاڪٽر صاحب بهترين مشاهيڪار، ڄاڻو، مطالعاتي ۽ وجداني ڪهاڻيڪار آهي، هُن جو جيترو مطالعو آهي، ان کان وڌيڪ هو سوچي ٿو، سندس ڪهاڻي “ڳالهه به ايتري” ۾ جيت جو ٻه اڌ ٿي گم ٿي وڃڻ، جادوئي سحر نگاري (Magical-realism) جي جهلڪ پسائي ٿو، سندس هيءَ ڪهاڻي فلسفياتي، سياسي زمن، تصوف ۽ دنيا جي اهم فڪرن، نظرين بابت ادراڪ جو احساس ٿي پسائي ته ڪيئن هڪ بنهه ننڍڙي نان-اشو کي طوالت ڏني ويندي آهي.
    ڪهاڻي “آکيرو” ۾ وڻ، آکيرو، ڪانوَ، حويلي، ڪي علامتون آهن، جن جو ڪنهن داخلي ڪيفيت سان واسطو آهي.
    “واش روم” ڪهاڻي ماڻهوءَ جي نراسائي، وجودي ڪرب ۽ ڪردار جي ذهني ابتريءَ جي چوڌاري ڦِري ٿي. اِن ڪهاڻي ۾ ڪموڊ ۽ ٻيون شيون خود ڪردار “وجوديت” جي علامت آهن، ته ماڻهو وٽ Choice آهي، اختيار ناهي.
    “انبن جي موسم جو لوڪ گيت” سماجي طبقا بندي ۽ غربت جي عڪسبندي آهي. سندس “فطرت انصاف” وارو مرڪزي خيال صدين کان استحصال هيٺ رهندڙ قومن لاءِ ڏاڍ آهي ته جڏهن ظلم ليڪا لتاڙي ويندو آهي ته Natural Justice اوس ٿيندو آهي.
    ڊاڪٽر رسول ميمڻ جيئن مون شروع ۾ لکيو آهي ته Subject-matter (عنواني-نڪورتا) جي حوالي سان اَرواجي ڪهاڻيڪار هيئن به آهي ته هن سنڌي ڪهاڻيءَ کي تجرباتي توڙي شعوري بنياد تي نواڻ بخشي آهي... هُن جا Topic روايتي هوندي به اروايتي آهن. هن وٽ ڪهاڻي جي فني اُڻت نه رڳو سندس دلڪش ٻوليءَ سان سينگاريل آهي پر ڪٿي ڪٿي هو چيخوف چواڻي: “ڪهاڻيءَ کي شروعات هجڻ گهرجي پڇاڙي نه.” تي پڻ عمل پيرا آهي، ته ڪٿي نه شروعات ۽ نه پڇاڙي واري ٽيڪنيڪ تي...
    ڊاڪٽر جي ڪهاڻين ۾ ورجاءُ ناهي، ارواجي ان ڪري به ته هن وٽ کوکلي-نعري بازي ناهي، Fake-Heroism ناهي، جعلي قوم پرستي ناهي. جي آهي ته رياست تي چٿر آهي، انساني معاملا، مسئلا آهن. انسانيت آهي. سماجي معاملا آهن. اِن ڪري ئي Status-quo کان هن جي ڪهاڻي مختلف آهي. جنهن ۾ Realism کان ويندي Human-nature ۽ Human psychological study ٿيل آهي. ڊاڪٽر رسول ميمڻ جو الڳ ڊڪشن ۽ approach آهي. توڙي جو سڀئي ڪهاڻيون ائين ناهن. ڪافي ڪهاڻيون همعصر ڪهاڻيڪار وانگيان به لکيل آهن. پر ڊاڪٽر وٽ همعصر ڪهاڻيڪاريت ۾ جيڪا کوٽ محسوس ٿي، اُها هيءَ آهي ته سندس ٻوليءَ جو ذري گهٽ هڪ ئي لهجو ۽ Style آهي. ڪهاڻيون Interior-monologue کان ٿيندي واقعاتي، ضمير متڪلم، مڪالماتي، ضمير غائب وغيره ۾ لکيل آهن.
    جيئن نسيم کرل ڪچي جي ٻولي، چورن جي ٻولي، پوليس جي ٻولي، منظور ڪوهيار اوڏن جي ٻولي ۽ ٻين ذاتين جي ٻولي، اياز قادري، جمال ابڙو “مخصوص ڪردارن” جي جسماني ۽ لهجاتي عڪسبندي تي دسترس رکندا هئا، ائين ڊاڪٽر وٽ ناهي. ها باقي ان ڏس ۾، ڪهاڻي “پناهه” بهترين منظر نگاريءَ واري ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر چورن جي نفسيات ۽ ٻوليءَ جو مزو وٺائيندي هڪ ٻي زبردست علم ڏانهن اشارو ڪري ويو آهي. جنهن کي Omen Folk-wisdom (لوڪ ڏاهپ) چئبو آهي. جيئن ٻوڏ کانپوءِ ڪچي جي هڪ ڳوٺ ۾ چورن جو ٽولو گهڙي ٿو:
    هڪ چور چئي ٿو:
    “پکين کي خبر هُئي ته ٻوڏ اچڻ واري آهي.”
    “جڏهن ٻوڏ اچڻ واري هوندي آهي ته ڪانءُ هر هر تيڪ لاهيندو آهي.”
    ان کانسواءِ ڪهاڻي “مونجهارو” معاشرتي اجتماعي مائينڊ سيٽ ڏانهن اشارو آهي ته سماج جا سڀئي اسٽيڪ هولڊرز ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ دهشتگرديءَ ۾ ملوث آهن.
    جڏهن ته ڪهاڻي “فخرالنساءِ” هڪ Epistle-story آهي. Epistle-story يا ناول اهڙي تخليق هوندو آهي، جيڪو “خط” ذريعي لکبو آهي.
    ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي مختلف ادبي ميگزين ۾ ڇپيل 18 ڪهاڻين جي بنياد تي جيڪڏهن سندس فلسفي، نظريي، نقطه نظر تي research ڪجي ته هي ڪهاڻيڪار مونکي هڪ اهڙو يگانو ماڻهو محسوس ٿيو، جنهن جو مقصد “انسان ۾ انسانيت جي تلاش”، “انسان آهي ڇا؟”، ماڻهوءَ جو مرڪز ڇا هي؟”، جهڙن سوالن جي جوابن جو ڳولهائو آهي ۽ هڪ اهڙو تحقيقي ڪهاڻيڪار محسوس ٿيو جيڪو ڪهاڻيءَ جي خورد بيني سان ڪنهن پراسراريت جي تلاش ۾ آهي. ڪا ڳولا ڪرڻي آهي ان کي... ڇو ته پنهنجين ڪهاڻين ۾ هو پاڻ به هڪ پراسراريت ڪردار ۽ ڪهاڻيڪار طور سامهون آيو آهي. سندس مڪمل جاچ ۽ سندس لکيل سمورو تخليقي ڪم پڙهڻ کانپوءِ ڪا حتمي راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي.
    آخر ۾ ايتريون بور ڪندڙ ڳالهيون ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي مختلف ڪهاڻين منجهان سندس خوبصورت ٻولي پيش ڪجي ٿي، جنهن مان سندس مشاهدي، مطالعي ۽ ٻين جام شين جي پروڙ پئي ٿي.
    • ائين ٿو لڳي جاين خودڪشي ڪئي هُجي.
    • دانگيءَ جي پُٺ ٻوڏ ڌوئي ڇڏي آهي.
    • پيٽين جا ڍڪ ائين کليل هئا، جيئن ساهه منجهڻ ڪري انهن جا وات ڦاٽي ويا هجن.
    • سڄي عمر چاٻيون ڳوليندي گذري ويئي، مليون به ته تالا نه هئا.
    • ڪائنات جي هر شيءِ پناهه ورتي هئي، سج جُهڙ ۾، ڌرتيءَ پاڻي ۾، ماڻهن سرڪاري اسڪولن ۾، پکين آکيرن ۾، ڍورن وٿاڻن ۾، نانگن وڻن جي شاخن ۾، ٻوڏ کان بچڻ لاءِ پاڻيءَ پيٽي ۾ پناهه ورتي هئي. (ڪهاڻي: پناهه)
    • انسان گولي کائي سگهي ٿو، بندوقون ماني نه کائينديون آهن. (ڪهاڻي: سردخانو)
    • آچر جي رات ايتري ننڍي هوندي هئي، جيئن ماءُ سان ستل ٻار. (ڪهاڻي: اگهاڙو)
    • خاموشي ائين ڇانيل آهي جيئن لُڙ جي زبان ڪٽيل هُجي.
    • سج ائين چمڪي رهيو هو جيئن قدرت تازو پنهنجي دامن سان صاف ڪيو هجي.
    • انسان جي پيدائش اڻ مندائتي هوندي آهي پر پکين جي پيدائش جي موسم هوندي آهي، ڪانءُ جڏهن آکيرو ٺاهيندا آهن ته قدرت انهن کي آکيرو فراهم ڪندي آهي.
    • يادون پر ڪٽيل پکين جيان هونديون آهن، اڏرڻ چاهينديون آهن، اڏري نه سگهنديون آهن. (ڪهاڻي: پياري فخرالنساءِ)


    لکڻيءَ جي سحر ۾... : امر اقبال

    رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون هڪ عجيب پراسراريت جي ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل هونديون آهن، اها پراسراريت جيڪا سِٽ سِٽ سان گڏ پڙهندڙن جي ذهنن ۾ سرايت ڪندي ويندي آهي، اها ئي رسول ميمڻ جي لکڻين جي خوبي به آهي ته انفراديت پڻ. رسول ميمڻ جو قلم جڏهن ڪهاڻي کان ٿيندو ناول تائين پهچي ٿو، تڏهن به سندس لکڻ جو اهو انوکو انداز برقرار رهي ٿو. “اڻويهه عورتون” کان پوءِ سندس هي ناول “قالو بلا” پڙهندي، پڙهندڙ، سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي ئي رنگ ڍنگ واري هن سگهاري تقليقڪار جي لکڻيءَ جي سحر ۾ جڪڙيل ئي ملندو. بيشڪ رسول ميمڻ جي لکڻ جو انداز نرالو ۽ سندس بنهه پنهنجو ئي آهي، هو جيترو تيزيءَ سان لکي ٿو، نسدس لکڻين جو معيار ايترو ئي اوچو نظر اچي ٿو.


    منفرد ڪهاڻيڪار : پرهه ابڙو

    ڪهاڻيءَ جي تاريخ به اوتري ئي پراڻي آهي، جيتري انسان جي ڪهاڻي يا قصو. تنهن ڪري اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته انسان ۽ ڪهاڻيءَ جو جنم گڏ ٿيو آهي، جيئن جيئن ارتقا جون منزلون طئه ڪندي انسان اڳتي وڌيو آهي. تيئن ڪهاڻي به مختلف دورن مان گذرندي جدت ڏانهن وڌندي رهي آهي. اوائلي دور ۾ جڏهن سماج تعليم يافته نه هئو ته ڪهاڻيون قصن جي روپ ۾ موجود هيون، علم ۽ شعور جي روشني ڦهلجڻ سان ڪهاڻين ۾ نواڻ، نکار ۽ سگهه پيدا ٿي.
    سنڌي ڪهاڻيڪارن ۾ امر جليل وٽ متاثر ڪرڻ جي وڏي سگهه آهي، پر نسيم کرل، خيرالنساءِ جعفري، جمال ابڙو، نور الهديٰ شاهه، انيس انصاري، شرجيل، اخلاق انصاري، مدد علي سنڌي، طارق عالم، لياقت رضوي، ملڪ آگاڻي، رزاق مهر ۽ ٻين به خوف نڀايو آهي. موجوده دور ۾ ڪهاڻيءَ کي مٿانهون ڪرڻ ۾ ڪيترائي ناميارا ڪهاڻيڪار شامل آهن، جن جو ذڪر مٿي ڪري چڪا آهيون، انهن مان رسول ميمڻ جو نالو نمايان ملي ٿو.
    رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1977ع ۾ “امن جي نالي” ڇپجي پڌرو ٿيو، انهي مجموعي سنڌ ۾ تهلڪو مچائي ڇڏيو.
    “بند ڪمري ڪا راز” جي نالي سان سندس ڪهاڻيون اردوءَ ۾ به ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيون آهن، هتي رسول ميمڻ جي مختلف ڪتابن ۾ موجود مختلف ڪهاڻين تي تڪڙي نِهارَ وجهجي ٿي.
    “امن جي نالي”: هن ڪهاڻيءَ جو پلاٽ جنگ کان نفرت ۽ بيزاري تي ٻڌل آهي. سندس هن ڪهاڻي ۾ ايتري گهرائپ آهي جو شايد ئي ڪنهن لکندڙ ۾ ايتري گهرائپ هجي، ٻولي ۽ منظرنگاري ۽ مقصد چٽو ظاهر اٿس.
    “گونگا، ٻوڙا ۽ انڌا”: هيءَ ڪهاڻي موجوده سماج جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿي، اسان جي سماج ۾ ايترو ته ظلم ۽ ستم آهي هر پاسي نااميدي پکڙيل آهي جو اندهه ئي اوندهه نظر اچي ٿي، ناانصافيون آهن. هن ڪهاڻي ۾ به هڪ پوڙهو آهي جيڪو هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار آهي. هيءَ هڪ غريب ۽ عام ڪردار آهي جنهن کي معاشري جي ناانصافيءَ تنگ ڪيو آهي. هو سماج کي انڌو ٻوڙو ۽ گونگو محسوس ڪري ٿو. هن جي لاءِ اميد جا سڀ دروازا بند آهن هو هن سماج ۾ رڙيون ڪري ٿو ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ جتن ٿو ڪري سندس اهي رڙيون ڪير به نه ٿو سُڻي، هو آسمان، تارن ۽ اوندهه سان ڳالهائي ٿو. هُو پنهنجي بک، مجبوري جي ڳالهه ڪري ٿو.
    رسول ميمڻ هن ڪهاڻي ۾ احساس محرومي جي ڳالهه کي واضح ڪيو آهي. هن کي سماج ۾ اهڙو فرد نظر نٿو اچي جيڪو سماج جي انڌيرن کي مٽائي. پاڻ لکي ٿو.
    “ڪير آهي هن سماج جو رکوالو، هن اوندهه جي انڌي معاشري جو جوابدار ۽ بي نور قدمن هيٺان مجبور لاچار رڙين کان بيگانو.”
    “پيار”: هن ڪهاڻيءَ جو پلاٽ دنيا ۾ امن جي تباهيءَ تي ٻڌل آهي، هڪ نوجوان آهي، جنهن وٽ دنيا کي تبديل ڪرڻ جو جذبو آهي، جيڪو دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي اميد جاڳايو ويٺو آهي پر سندس پيءَ ان شيءِ کان نااميدي ظاهر ڪري ٿو.
    هن جو پٽ سياست ۽ سماجيات جي مضمون جو شاگرد آهي، هو سوچي ٿو، پنهنجي پيءَ کي چوي ٿو ته بابا اوهان جي راءِ درست آهي پر اهي نفرتون شعور وسيلي ختم ڪري سگهجن ٿيون.
    “مهديءَ جو جنم”: هن ڪهاڻيءَ جو پلاٽ سماج تي کلي تنقيد ڪري ٿو. اسان جو سماج ذات پات، قوم قبيلي، رنگ نسل، مذهب، فرقي، ٻولي زبان جي آڙ ۾ ورهايل آهي، هر هڪ پنهنجي ذات، قبيلي ۽ ٻولي کي معتبر سمجهي ٿو.
    هيءَ ڪهاڻي 20 هين صدي جي عڪاسي ڪري ٿي، رسول ميمڻ، مريم نالي هڪ تمثيلي عورت ڏيکاري ٿو. جنهن جو ڪو به قبيلو ناهي ڪا به زبان ناهي، پر ڪو به ملڪ هن کي تسليم نه ٿو ڪري، هندستان مان مسلمان سمجهي ڪڍي وڃي ٿي، پاڪستان مان عيسائي سمجهي ڪڍي وڃي ٿي، آمريڪا مان رنگ جي ڪري ڪڍي وڃي ٿي، نيٺ هماليا جبل ۾ پناهه وٺي رهي ٿي، سندس اهو جواب آهي ته مان نه مسلم، هندو، عيسائي، ڪاري، نه گوري آهيان. آئون سڀني جي وجود جو عڪس آهيان. مان انسان آهيان، ڪهاڻيءَ جي ٻولي ۽ منظر نگاري ايتري ته بهترين ٿيل آهي جو حساس دل جو مالڪ پڙهندڙ روئي پوي.
    رسول ميمڻ هڪ نئين سوچ کڻي ايندڙ ليکڪ آهي، موضوعن ۾ نواڻ اٿس. سندس ڪهاڻين مان معلوم ٿئي ٿو ته هو حساس دل جو مالڪ ليکڪ آهي اها دل جيڪا ڪنهن شاعر وٽ هوندي آهي.
    سندس ڪهاڻين ۾ جيڪي موضوع آهن انهن ۾ مفلسي، غربت، امن، جهالت، پيار شامل آهن. سندس سموريون ڪهاڻيون حقيقت نگاريءَ کي پيش ڪن ٿيون. ڪنهن شيءِ کي ڏسڻ کان پوءِ ان کي محسوس ڪري ورقن تي انهيءَ خوبصورتي سان لکڻ جو فن صرف ۽ صرف رسول ميمڻ وٽ آهي، ڪهاڻي پڙهڻ کانپوءِ ائين لڳندو ڄڻ ڪا شيءِ هن کي مجبور ڪندي هجي ۽ جنهن کان پوءِ هو لکڻ شروع ڪندو هجي.
    سندس ڪهاڻي ۾ نه رڳو فڪر آهي پر فن به آهي، هو پنهنجي افسانن کي سينگارڻ جو ماهر آهي، ٻوليءَ جي خوبصورتي، منظرن جي تبديلي سندس اهم خصوصيتون آهن. افساني جي فن لاءِ جيڪي شيون گهربل هونديون آهن هي سڀ سندس ڪهاڻين ۾ موجود آهن. رسول ميمڻ جون تخليقون سنڌي ادب جو اهم ۽ منفرد اثاثو آهن، جنهن تي اسان جا ايندڙ نسل به فخر ڪري سگهندا.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 872
    ڪتابن جو مشاهدو: 2461185
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 629484
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ