ڪتاب جو نالو: ايءُ عشقَ جو آواز
مصنف: جبار آزاد منگي
ڇپائيندڙ: ايلسا پبليڪيشن حيدرآباد، سنڌ
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2020
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 09 اپريل 2020 ع
پڙهيو ويو: 470 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 102 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
جبار “آزاد” منگيءَ جو هيءَ ڪتاب “ايءُ عشقَ جو آواز” ڇهون ڪتاب آهي، جڏهن ته ريديو اسڪرپٽ جو سندس هي ٻيون ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن کي بڻياد بڻائي ڪمپيئرنگ ته شامل ڪئي ويئي آهي. انٽرنيٽ جي دنيا به، ”جيڪي منجھ جهان“ جي موضوع سان شامل ڪئي ويئي آهي ته سنڌ بابت معلومات به آهي، عام معلومات به آهي ته لطيف سائينءَ جا بيت به ڪتاب جي زينت بڻيل آهن. هن ڪتاب ۾ عالمي ڏينهن جو دائرو به وسيع ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ محنت ۽ جاکوڙ ڪئي ويئي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق واسطا اداري وٽ محفوظ آهن
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • مهاڳ: جبار آزاد منگي پيدائشي ڪمپيئر
  • پنهنجي پاران
  • آواز جي دنيا جو چمڪندڙ ستارو
  • جبارآزاد منگيءَ جي گفتگو جا موضوع
  • صوتي تصويرن جا چِٽَ چِٽيندڙ
  • جبار منگي واقعي (آزاد) آهي
  • جبار آزاد منگي ريڊيو لاڙڪاڻي جي باغ جو گلدستو
  • جبار آزاد منگي رهنمائي ڪندڙ دوست
  • ايءُ عشق جو آواز

  • پيغمبر اسلام جي تعليمات ۽ عالمگير معاشرو:
  • محبت جي مياڻ ۾ اسان انسانن ۽ جانورن:
  • معاشري ۾ وقت کي اهميت ڏجي
  • هن ڌرتيءَ تي سڀ کان افضل ۽ اشرف انسانذات:
  • اهو انسان ڪنهن نه ڪنهن منزل جي تلاش
  • سنڌ جو امن ۽ ڀائيچارو تباهه ڪرڻ جون سازشون ناڪام بڻايو!
  • جيڪي منجهه جهان

  • زال مڙس جو جهيڙو دل جي لاءِ نقصانڪار
  • قديم ترين زلزلو ڪڏهن ۽ ڪٿي آيو؟
  • لطيفي لات

  • جـــــــي مون پڙهي پاڻ لئي،سبق سابق جو
  • وحدت تان ڪثرت ٿئي،ڪثرت وحدت ڪُلُ
  • معلومات جي جهان ۾ جهاتي

  • معلومات جي جهان ۾ جهاتي ڪ
  • ڏاهپ ڀريا ڏاهن جا ڏَسَ

  • ڏاهپ ڀريا ڏاهن جا ڏَسَ ڪ
  • عالمي ڏينهن

  • جنوري
  • فيبروري
  • مارچ
  • اپريل
  • مئي
  • جون
  • جولاءِ
  • آگسٽ
  • سيپٽمبر
  • آڪٽوبر
  • نومبر
  • ڊسمبر

  • حق واسطا اداري وٽ محفوظ آهن

    ايءُ عشقَ جو آواز
    موضوع: ريڊيو اسڪرپٽ
    ليکڪ: جبار “آزاد” منگي
    ڇاپو: پهريون، جنوري 2020ع
    ڳاڻيٽو: 1000
    ڪمپوزنگ: محمد فهد آزاد منگي
    لي آئوٽ: آفتاب احمد هنڱورجو
    ٽائيٽل: قمر الزمان آزاد منگي
    ڇپائيندڙ: “ايلسا” پبليڪيشن، حيدرآباد
    0300-3200824
    ملهه: 300 روپيه

    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com

    EEOU ISHAQUE JO AWAZ
    Subject: Radio Script
    Writer: Jabbar Azad Mangi
    Edition: 1st January 2020
    Published by: Elsa Publication, Hyderabad

    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ (سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ) ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو


    ارپنا

    جناب جهانگير قريشي
    براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا جو وهائو تارو، جنهن جي چيچ پڪڙي گهڻو ڪجھه سکيو.
    ۽ پنهنجي پنجن نياڻين

    سنجيده آزاد منگي
    ڪائنات آزاد منگي
    فضـيلا غزل منگي
    عــــذرا جبين منگي
    فــخــــرالنساءَ منگي

    __ جبار “آزاد” منگي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ايءُ عشق جو آواز“ پيش ڪري رھيا آھيون. هي ڪتاب ليکڪ ۽ شاعر جبار آزاد منگي جي ريڊيو اسڪرپٽ جو مجموعو آهي.
    جبار “آزاد” منگيءَ جو هيءَ ڪتاب “ايءُ عشقَ جو آواز” ڇهون ڪتاب آهي، جڏهن ته ريديو اسڪرپٽ جو سندس هي ٻيون ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن کي بڻياد بڻائي ڪمپيئرنگ ته شامل ڪئي ويئي آهي. انٽرنيٽ جي دنيا به، ”جيڪي منجھ جهان“ جي موضوع سان شامل ڪئي ويئي آهي ته سنڌ بابت معلومات به آهي، عام معلومات به آهي ته لطيف سائينءَ جا بيت به ڪتاب جي زينت بڻيل آهن. هن ڪتاب ۾ عالمي ڏينهن جو دائرو به وسيع ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ محنت ۽ جاکوڙ ڪئي ويئي آهي.
    هي ڪتاب 2020ع ۾ ايلسا پبليڪيش، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون جبار آزاد منگي صاحب جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    جبار “آزاد” منگيءَ جي سڃاڻپ هڪ ڪھاڻيڪار واري آهي. هُن جا اسٽيج ڊراما يادگار آهن. هُو گذريل ڪيترين ئي ورهين کان ريڊيو تي ڪم ڪري رهيو آهي. ريڊيو تي “سنڌ رنگ” عنوان هيٺ پروگرام ۾ سنڌ جي تاريخ، ماڳ مڪان ۽ ادبي شخصيتن تي مبني خاڪا پيش ڪرڻ سندس انفرادي ڪم آهي. هُو ريڊيو تي لکيل اسڪرپٽ کي اخبار جو پنو نه ٿو سمجهي. پنهنجي لکيل اسڪرپٽ کي محفوظ ڪندو رهي ٿو ۽ اُنهن کي ڪتابي صُورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪري رهيو آهي. ريڊيو جي دنيا ۾ هزارين ماڻهن اسڪرپٽ لکيا آهن، پر اُنهن پنهنجين اسڪرپٽ کي سانڍي ڪتابي صُورت ۾ نه آندو آهي. ٻه يا چار ريڊيو جا ماڻهو آهن، جَن هِن دستاويز کي ڪتابي صُورت ڏئي نوجوان نسل کي ريڊيو جي ڏُکئي اسڪرپٽ واري ماحول کان واقف ڪيو آهي.
    جبار “آزاد” منگيءَ جو هيءَ ڪتاب “ايءُ عشقَ جو آواز” ڇهون ڪتاب آهي، جڏهن ته ريديو اسڪرپٽ جو سندس هي ٻيون ڪتاب آهي. جبار “آزاد” منگي صاحب تاريخ تي به ڪم ڪندو رهي ٿو، خاص طور تي پنهنجي شھر نصير آباد جي تاريخ تي ڪم ڪيو اٿائين. علم ۽ ادب سان هُن جي وابستگي هِڪ سنجيده ليکڪ جي هئڻ ناتي ڪم ڪندو رهي ٿو.
    جبار “آزاد” منگي جو هي ڪتاب “ايءُ عشقَ جو آواز” اسان “ايلسا” پبليڪيشن طرفان ڇپائي پڌرو ڪري رهيا آهيون. اُميد ته هي ريڊيو جو اهم دستاويز اوهان کي پسند ايندو.



    ــ واحد ڪانڌڙو


    مهاڳ: جبار آزاد منگي پيدائشي ڪمپيئر

    ريڊيو پاڪستان مٿان نظر ٿا وجهون ۽ ان جي تاريخ پڙهون ٿا ته ان جي مختلف اسٽيشنن، يونٽن، توڙي صدر دفتر ۾ اسان کي اڄ تائين سوين آفيسر، اسٽاف آرٽسٽ، پروڊيوسر، براڊڪاسٽر، انجنيئر، ڪل وقتي ڪمپيئر ۽ انائونسر توڙي جُز وقتي ڪمپئر ۽ انائونسراهڙا نظر اچن ٿا، جن جو واسطو قلم قبيلي سان رهيو آهي. انهن جا نالا کڻبا ته هوند هڪ الڳ ڪتابچو ڇپجي ويندو.
    ملڪ جي ٻين صوبن وانگر سنڌ صوبي ۾ قائم موجوده ريڊيو اسٽيشنن تي ماضيءَ کي ڇڏيو کڻي! پر موجوده وقت ۾ ڪيترائي قلمڪار ۽ ڏات ڌڻي پنهنجي صلاحيتن جا ڏيئا روشن رکيون پيا اچن، ادب جي جوت جلائيندا پيا اچن ۽ پنهنجي اندر ۾ موجود ۽ لڪل خداداد صلاحيتن کي ڀرپور نموني اظهاري رهيا آهن، جن ۾ لاڙڪاڻي ريڊيو تي ورهين کان مختلف پاسن تي ڪم ڪندڙ اسان جو دوست عبدالجبار آزاد منگي به شامل آهي، جنهن جي جنم ڀومي مردم خيز سرزمين نصيرآباد، اڳ لاڙڪاڻو ضلعو ۽ هاڻي قمبر شهدادڪوٽ ضلعو آهي.
    جبار آزاد منگيءَ کي ادبي ذوق ۽ صلاحيت، وڌيڪ مطالعي، صحبت جي اثر ۽ ادبي سنگت جي پليٽ فارم وسيلي ملي آهي، ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ ذات جا پوشيده محرڪات ٻيا به هجن! پر جبار آزاد منگيءَ جي ادبي ۽ قلمي ڏات کي عام ۽ اجاگر ڪرڻ جو گهڻو موقعو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي فراهم ڪيو آهي ۽ خوب فراهم ڪيو آهي. الائي ڇو مونکي لڳندو آهي ته جبار آزاد منگي پيدائشي طور ڪمپيئر آهي! اهوئي سبب آهي جو هُن جيئن ئي ان دنيا ۾ پير پاتو آهي ته اسٽيج تي به راڄ ڪندو رهيو آهي، هاڻي ريڊيو تي به راڄ ڪري رهيو آهي.
    عبدالجبار آزاد منگي ريڊيو پاڪستان جي سنڌ جي سڀني ريڊيو اسٽيشن جو واحد ڪمپيئر آهي، جنهن جو ريڊيو ڪمپيئرنگ جو هي ٻيو ڪتاب ڇپيو آهي، سندس پهريون ڪتاب 2015ع ۾ “ لفظ هوا ۾ خوشبوءِ ” جي نالي سان ڇپيو هو، جيڪو پڙهندڙن ۾ بيحد پسند ڪيو ويو هو.
    مان هن ڪتاب ۾ موجود مواد کي ڏسي ۽ پڙهي اها دعوا ڪري سگهان ٿو ته پڪ سان جبار آزاد منگي جو هي ٻيو ڪتاب به پڙهندڙن ۽ خاص ڪري ريڊيو ٻڌندڙن ۾ مانائتي موٽ ماڻيندو.
    ڪتاب جو ٽائيٽل “ايءُ عشق جو آواز ” پڙهيو ته مون ڀانيو ته ڪتاب “صوفي ازم” تي لکيل هوندو الائي ڇا!؟ پر مون هن ڪتاب ۾ موجود مواد ۽ شامل مواد جي جڏهن ورق گرداني ڪئي ته مونکي هي ڪتاب مختلف موضوعن جو ڀنڊار ۽ معلومات جو خزانو محسوس ٿيو. واقعي جبار آزاد ڪتاب لکڻ ۽ ترتيب ڏيڻ وقت ڏاڍي ڏاهپ ۽ ذهانت کان ڪم ورتو آهي. هونئن به ريڊيو ڪمپيئر يا براڊ ڪاسٽر ڏاهو ۽ ذهين يا حاضر دماغ ناهي ته اهو ناڪام براڊ ڪاسٽر آهي.
    مون ٻين براڊ ڪاسٽرن/ ڪمپيئرن جا ريڊيو ڪمپيئرنگ تي مشتمل اٺ ڏھ ڪتاب پڙهيا آهن پر مان وثوق سان چوان ٿو ته جبار آزاد منگيءَ جو لکيل هي ڪتاب انهن سڀني ڪتابن ۾ منفرد ۽ ممتاز حيثيت جو مالڪ آهي، خاص ڪري مواد جي چونڊ ۽ انفراديت جي حوالي سان اها ڳالهه ڪري رهيو آهيان.
    هن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن کي بڻياد بڻائي ڪمپيئرنگ ته شامل ڪئي ويئي آهي. انٽرنيٽ جي دنيا به، “جيڪي منجھ جهان” جي موضوع سان شامل ڪئي ويئي آهي ته سنڌ بابت معلومات به آهي، عام معلومات به آهي ته لطيف سائينءَ جا بيت به ڪتاب جي زينت بڻيل آهن.
    مان اگر جبار آزاد منگيءَ جي ڪمپيئرنگ تي مشتمل اڳين ڪتاب “ لفظ هوا ۾ خوشبوءِ” ۽ هن ڪتاب جو موازنو ۽ ڀيٽ ڪيان ٿو ته هن ڪتاب جو پهرين ڪتاب کان پُڙُ نه رڳو ڳؤرو پر گهڻو ڳؤرو لڳي رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ عالمي ڏينهن جو دائرو به وسيع ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ محنت ۽ جاکوڙ ڪئي ويئي آهي. ننڍين ننڍين Tips وسيلي جيڪا معلومات ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن سان Share ڪئي ويئي آهي، اها به مختصر ئي سهي پر جامع ۽ ڪارائتي آهي.
    ڪتاب “ ايءُ عشق جو آواز” ۾ شامل مواد ۾ سڀ کان اهم حصو آهي “لطيفي لات” مونکي اهو هڪ الميو لڳندو آهي ته اسان جو عام ماڻهو ته ڇڏيو پر اسان جو نوجوان به سنڌ جي سڃاڻپ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ پيغام جي معنيٰ، مفهوم ۽ روح کان اڻ واقف آهي. جبار آزاد منگي لطيف سائينءَ جي ڪيترن کي بيتن جو مفهوم سمجهاڻي ڏئي سچ به ته اسان تي احسان ڪيو آهي. اهو ان ڪري نٿو چون ته جبار منگي ڪو پهريون ماڻهو آهي جنهن اهو ڪم ڪيو آهي پر ان ڪري ٿو چوان ته اسان جي ريڊيو ۾ اڪثريت اهڙن ماڻهن جي آهي جن کي معذرت سان ڀٽ ڌڻيءَ جا بيت به صحيح نموني ۾ پڙهڻ ڪونه ٿا اچن! مان سڀني جي ڳالهه ڪونه ٿو ڪريان پر اڪثر پروڊيوسر، ڪمپيئرن ۽ انائونسرن جي ڳالهه ٿو ڪيان! هونئن به ريڊيو جو براڊ ڪاسٽر سماج جو هڪ استاد به هوندو آهي. جبار آزاد منگي هن ڪتاب ۾ لطيف سائينءَ کي شامل ڪري نه رڳو ڪتاب جي انفراديت قائم ڪئي آهي پر ان کي وڌيڪ مفيد به بڻائي ڇڏيو آهي.
    هونئن به ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو جڏهن کان هڪ سؤ ڪلوواٽ جي ٽرانسميٽر تي ميڊيم ويوز تي آيو آهي ته ان اسٽيشن جي اهميت ۽ وسعت ۾ بي پناھ اضافو ٿي ويو آهي ۽ ماضيءَ ۾ محدود رهندڙ هيءَ اسٽيشن هاڻي سرحدن جي محتاج ناهي رهي، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جا پروڊيوسر ۽ ريڊيو تي ڳالهائيندڙ دوست وڌيڪ محنت ڪن! وڌيڪ مطالعو ڪن، وڌيڪ ريسرچ ڪن، ان جو اهو مقصد ڪونهي ته هُو اهو ڪم ڪونه پيا ڪن پر منهنجو مقصد آهي ته ان ميسر موقعي مان وڌيڪ فائدو وٺن به ۽ پنهنجي ٻڌندڙن کي فائدو پهچائن به.
    مان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جا ڪڏهن ڪڏهن پروگرام ٻڌندو آهيان، انهن ۾ تمام سٺا آواز ٻڌڻ لاءِ ملندا آهن، تفريح به ملندي آهي، ڏاهپ ڀريون ڳالهيون به ملنديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن جنهن ڳالھه جو مونکي ڪٿي ڪٿي دوستن جي گفتگو ۾ فقدان محسوس ٿيندو آهي، اها آهي “پاليسي” يا “گائيڊ لائين” مونکي جبار آزاد منگيءَ جي چند عبارتن کي پڙهڻ کانپوءِ اهو احساس ٿيو ته هُن اهي ڳالهيون ان انداز سان ريڊيو پاڪستان جهڙي سرڪاري اداري ۾ ڪئين ديده دليريءَ سان ڳالهايون آهن! پر پوءِ سوچيم ته ماڻهوءَ جي شخصيت تي سندس نالي جي چاليهين پتيءَ جيترو اثر ضرور پوندو آهي ۽ جبار “آزاد ” آهي.
    مان آخر ۾ پنهنجي محترم دوست جبار آزاد منگيءَ کي ريڊيو ڪمپيئرنگ جو ٻيو ڪتاب منظرعام تي آڻڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪ پيش ڪيان ٿو ڇو ته اسان جا ريڊيو پروگرامن ۾ چيل لفظ هوا ۾ اڏامي ٿا وڃن جنهن ٻڌا ته ٺيڪ نه ته مڙئي خير! ڪتاب جي هڪ وڏي ڄمار آهي، پنهنجي اهميت آهي، جنهن وقت جيڪو پڙهڻ گهري ته اهو پڙهي سگهي ٿو.
    جبار آزاد منگيءَ کي هڪ دفعو ٻيهر جَسُ ٿو ڏيان ۽ سندس جو ٿورائتو به آهيان، جنهن مونکي ههڙي ڪارائتي ڪتاب جو مهاڳ لکڻ جو موقعو ڏنو.


    ڪوثر ٻرڙو
    سابق ڊائريڪٽر پروگرام
    ريڊيو پاڪستان
    15 ڊسمبر 2019ع


    پنهنجي پاران

    مون ڪڏهن سوچيو به نه هيو ته ائين منهنجا ڪتاب هڪٻئي پويان ايندا! پر شايد زندگيءَ جي آخري ايامن ۾ هي هڪ اثاثو گڏ ڪري، پنهنجي پاران ڪتابن جي صورت ۾ ڇڏڻ لاءِ جستجو پاڻ مرادو ٿي رهي آهي.
    منهنجي گهڻگهرن جو هميشه هي مطالبو رهيو آهي ته “ اوهان شارٽ اسٽوري لکندڙ آهيو ۽ اوهان جون کوڙ ساريون اسٽوريون اڻ ڇپيل پيل آهن، انهن کي ڇپايو” منهنجي دوستن جي اها گُهر بلڪل واجبي آهي. پر اها مونکي خبر آهي ته موجوده وقت ۾ لکيل منهنجون ڪهاڻيون ڪابه اخبار پنهنجي صفحن ۾ شايع نه ڪندي!
    محترم رسول بخش پليجي سان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪافي ڀيرا ڪچهريون ٿينديون رهيون، عوامي تحريڪ جي مختلف پروگرامن ۾ تقريبا منهنجا ئي لکيل اسٽيج ڊراما ٿيندا هيا، جن جي ڪچاين، ڦڪاين ۽ خوبين تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي. محترم رسول بخش پليجي صاحب جي اڄ به منهنجي ذهن تي هڪ نصيحت نقش ٿيل آهي. هُن چيو هو ته “پنهنجي ماڻهن جي مسئلن تي قلم کڻي لکو، حقيقتن کي لکو، سچ لکو، پنهنجي تخليق ڪنهن اخبار يا رسالي ۾ ڇپائڻ وارو خيال دل ۾ رکي نه لکو، ڇو ته! پوءِ اوهان کي انهن جي پاليسين موجب لکڻو پوندو. اوهان لکو ۽ وقت انهن کي پاڻ ئي ضرور ڇاپيندو پوءِ اوهان هجو نه هجو”.
    مون هڪ ڪهاڻي ڪارو ڪاريءَ جي ڪُڌي رسم جي پسمنظر ۾ “ ڪنڊن تي پهريون قدم” جي عنوان سان لکي، جنهن ۾ مون سنڌ جي هڪ عورت جي هڪ اهڙي عمل جي منظر ڪشي ڪئي آهي جنهن جو هن دور يا ايندڙ ڪجهه سالن ۾ تصور به نٿو ڪري سگهجي، پر مون ڪهاڻيءَ ۾ اهڙي ڪردار کي هڪ اهڙو ئي ڪم ڪندي ڏيکاريو آهي، جيڪو اسان جي سماج ۾ فلحال ممڪن ئي ڪونهي. اها ڪهاڻي جڏهن مون نصيرآباد ۾ محترم رسول بخش پليجي صاحب کي ٻڌائي ته هن تمام گهڻي پسند ڪئي. ڳالهه هن ڪتاب “ايءُ عشق جو آواز” بابت ڪرڻي هئي پر الائي ڪٿي وڃي نڪتس.
    سو هن ڪتاب جي آڻڻ جو مقصد هي آهي ته ريڊيو جي دنيا ۾ ههڙن ڪتابن جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ڇو ته اڄ ڪلهه مڙئي محنت گهٽ ٿي رهي آهي.
    ڪتاب “ايءُ عشق جو آواز” ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي قيام کان هن وقت تائين رازانو صبح جو هلندڙ پروگرام “روح رهاڻ ” ۾ پنهنجي ماڻهن سان ڪيل ڳالهين تي مشتمل آهي، جيڪي ڳالهيون هوائن جي آڌار پنهنجي ٻڌندڙن سان ڪيون آهن. اهڙين ڳالهين ۾ عوامي مسئلن جي نشاندهي، عوام سان مختلف طبقن پاران ٿيندڙ بيواجبين، انٽرنيٽ تي ايندڙ نتِ نئين کوجنائن جون ڳالهيون به شامل آهن، جيڪي ڪڏهن ڪهڙي، ڪڏهن ڪهڙي اخبار ۾ شايع ٿيندڙ خبرن، خطن ۽ رپورٽن تان ورتل آهن.
    ڪتاب“ ايءُ عشق جو آواز” ۾ آءُ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پنهنجا فرض سر انجام ڏيندڙ مهربان دوستن جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو، جن جي صحبت ۽ رهنمائيءَ ۾ مون گهڻو ڪجهه پرايو ۽ علم حاصل ڪيو. محترم ضمير بدايوني اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ محترم آغا محمد علي ( هنن ٻنهي مهربانن مونکي ريڊيو تي متعارف ڪرايو ۽ آڊيشن دوران ڪنسول پئينل تي جن انجنيئر ساٿين نگراني پئي ڪئي تن ۾ بهترين شاعر ۽ هم تخلص محترم اسلم آزاد شيخ ۽ منهنجو ڳوٺائي انجنيئر مرحوم شاهنواز واهوچو شامل هئا) ان کان سواءِ محترم اقبال اعظم فريدي (اسٽيشن ڊائريڪٽر) محترم رياض منهاس (اسٽيشن ڊائريڪٽر) محترم زاهد حيسن قلباڻي (اسٽيشن ڊائريڪٽر) محترم جهانگير قريشي(اسٽيشن ڊائريڪٽر) محترم گل حسن قريشي (اسٽيشن ڊائريڪٽر) محترم مختيار ملڪ (اسٽيشن ڊائريڪٽر)، محترم شوڪت خاصخيلي (پروڊيوسر ۽ اسٽيشن ڊائريڪٽر) محترم محمد علي ٻانڀڻ (پروڊيوسر ۽ اسٽيشن ڊائريڪٽر) محترم خليل ڪاڪيپوٽو (پروڊيوسر ۽ اسٽيشن ڊائريڪٽر) ، محترم علي نواز خاصخيلي اسٽيشن ڊائريڪٽر، محترم ڪوثر ٻرڙو(پروڊيوسر ۽ اسٽيشن ڊائريڪٽر)، جديد دور جو ترقي پسند اردو سنڌي شاعر ۽ صاحبِ ڪتاب، محترم عابد عباس ڪاظمي (پروڊيوسر) محترم وسندعلي مهر (پروڊيوسر) مير بهادر مهر(پروڊيوسر) محترم مشتاق تونيو(پروڊيوسر) محترم الطاف لغاري(پروڊيوسر) محترم وقار احمد جروار(پروڊيوسر، هي دوست ريڊيو پاڪستان جي نوڪري ڇڏي، ڪميشن پاس ڪري هن وقت روينيو کاتي ۾ مختيارڪار جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي) محترم خالد حسين چانڊيو(پروڊيوسر، انقلابي شاعريءَ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪندڙ منهنجي دوست زخمي چانڊئي جو وڏو پُٽُ) جي پيشڪش ۽ رهنمائيءَ مون هزارين پروگرام ڪيا.
    هتي هيءَ ڳالهه به ڪندو هلندس ته ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل لاءِ مون ڪمپيئر جي دنيا جي معتبر نانءَ ۽ پنهنجي سينئر دوست ياسر قاضيءَ کي حُجت سان عرض ڪيو۽ هن يار هميشه جيان حُجت جو ڀرم رکيو.
    حياتي ساٿ ڏنو ته ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي دنيا ۾ گهاريل هر پل ۽ هر هڪ دوست ۽ ساٿيءَ جو ذڪر الڳ هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ضرور اوهان اڳيان آڻبو.
    هتي آءُ سنڌ دوستي سٿ سيڪريٽري جنرل سميت سٿ جي سڀني ساٿين جو ٿورائتو آهيان جن هميشه وانگيان هن ڪتاب جي مهورت جو ذمو به پنهنجي مٿان کنيو آهي، پنهنجي جانشين ستن پٽن عبدالرحيم آزاد، محمد فهد آزاد، قمرالزمان آزاد، عبدالاحد آزاد، محمد طاهر آزاد، عبدالسلام آزاد ۽ ابوالڪلام آزاد جو ذڪر ڪندي کين ايترو چوندس ته هي سنڌ اسان جي امڙ آهي، پنهنجي امڙ جي مسڪين، ڏتڙيل ۽ نصيبن ماريل ماڻهن جو هر حال ۾، هر صورت ۾، هر جاءِ تي ۽ هر خيال ۾ بي لوث خدمت جو جذبو رکي خدمت ڪندا رهن ۽ ريڊيو تي ڪيل هر پروگرام ۾ چيل منهنجي آخري جملي جو ڀرم رکندا.
    هميشه پنهنجو، پنهنجي ماڻهن ۽ پاڙيسرين جو خيال ڪندا، پنهنجي ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت کي ڪڏهن به نه وساريندا. موڪلاڻي ڪانهي.
    سڪ سلامت ــ ساٿ سلامت

    جبار آزاد منگي
    منگي پاڙو، مهراڻ ڪالوني نصيرآباد
    ضلعو، قمبر شهداد ڪوٽ
    0300-8346818


    آواز جي دنيا جو چمڪندڙ ستارو

    جبارآزاد منگي صاحب سان منهنجي واقفيت مارچ 2002ع کان آهي، جڏهن مان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پروڊيوسر جي حيثيت سان جوائنگ ڪئي هئي. اها واقفيت آهستي آهستي دوستيءَ ۾ بدلجي ويئي، جيڪا دوستي اڄ تائين قائم آهي ۽ انشاءَالله قائم ۽ دائم رهندي.
    جبار آزاد منگي آواز جي دنيا جو چمڪندڙ ستارو آهي، جنهن ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪيترائي پروگرام ڪيا آهن، جن پروگرامن ۾ معلومات، تفريح ۽ بهترين موسيقي شامل ڪرڻ سندس ڪمال جو فن آهي. سنڌ جي تاريخ، تهذيب، تمدن ۽ ٻوليءَ جي رنگن سان سينگاريل سندس پروگرام “سنڌ رنگ” ريڊيو جي دنيا ۾ مٿانهين حيثيت رکي ٿو، جنهن پروگرام کي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان نشر ٿيندي هن وقت تائين ايڪيهه سال گذري چڪا آهن، جنهن پروگرام ۾ سندس محنت قابلِ داد آهي. هن ڳالهه ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو وڌاءُ ڪونهي ته هيءُ پروگرام جيڪڏهن ڪو ٻيو ڪمپيئر ڪري ها ته ايترا ورهيه بلڪل نڀائي نه سگهي ها! پر اسان جي هن يار سنڌ رنگ پروگرام سان مسلسل 21 سال واھ جو نڀايو آهي، جنهن جي ساراھ سندس سڀئي دوست ڪندا رهندا آهن.
    شاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر ۽ فلسفي تي مبني پروگرام “ لطيف رنگ/ وکر سو وھاءَ” به ريڊيو جي ٻڌندڙن وٽ هن لاءِ شاھ جي هڪ پارکو جي سڃاڻپ بڻيل آهي. 24 ورهين کان مسلسل ڊسڪ جاڪي پروگرام “روح رهاڻ” سان ناتو جوڙي رکندڙ اسان جو هي ساٿي، ريڊيو ٻڌندڙن جي روح سان رهاڻيون ڪندو رهي آهي، جيڪا رهاڻ هن ڪتاب“ايءُ عشق جو آواز” جي صورت ۾ اوهان تائين پهچي چڪو آهي.
    جبار آزاد منگي هڪ شاعر، ڊراما رائيٽر اسڪرپٽ رائيٽر، ڊائريڪٽر ۽ سوشل ورڪر پڻ آهي، هن جي شخصيت جا ڪيترائي روپ آهن. نصيرآباد شهر يا سنڌ جا سماجي يا اقتصادي مسئلا هجن، انهن مسئلن کي سوشل ميڊيا وسيلي اجاڳر ڪرڻ ۽ انهن حل واسطي پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن. جبار آزاد منگيءَ جو شمار اهڙي شخصيتن مان آهي، جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ سان بي انتها چاھ رکندا آهن. سائين جن جي خواهش هوندي آهي ته سنڌ جو هر ماڻهو سُکيو ۽ ستابو هجي، پاڻ اهڙي ڳالهين ۾ اڳڀرا هوندا آهن، جنهن ڪري ڪافي مسئلن کي پاڻ به منهن ڏيندا آهن. منهنجي خيال ۾ پاڻ ڪنهن سماجي تنظيم جا اڳواڻ ته نه آهن، پر پوءِ به سماجي ورڪر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندا رهن ٿا.
    جبار آزاد منگيءَ هن ڪتاب “ايءُ عشق جو آواز” کانسواءِ ٻيا به ڪيترا ڪتاب لکيا آهن، تن ڪتابن ۾ هي ڪتاب شامل آهن. ريڊيو اسڪرپٽ تي مشتمل ڪتاب “لفظ هوا ۾ خوشبوءِ”، (جنهن ڪتاب جون سموريو ڪاپيون ختم ٿي چڪيون آهن. سائين مونکي هڪ اعزازي ڪاپي ڏني هئي، جيڪا مون وٽان کڻي ڪنهن لائبريري کي موڪلي ڏنائين.) سياسي، سماجي پس منظرن تي لکيل ڪهاڻين ڪتاب “اندر ڪارو ڪانءُ”، ٻاراڻي ادب ۾ ٻارن لاءِ مزاحيه ڪالم ڪهاڻين جو ڪتاب “ٽمون شرارتي”، تعلقي نصيرآباد جي جاگرافي، “انت بحر عميق جو” (تعلقي نصيرآباد جي ڪلاسيڪل ۽ صوفي شاعر نور فقير باداڻيءَ جي شاعريءَ جو ڪتاب) ۽ هي ڪتاب جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي. سندس ادبي خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.
    جبار آزاد منگي عمر جي لحاظ کان ته وڏو آهي پر سندس سوچ، اٿڻ ۽ ويهڻ جا طور طريقا جديد دور جي نوجوانن جهڙا آهن، هن جي شخصيت ڪيترين ئي خوبين سان ڀريل آهي، جيڪڏهن اهڙيون خوبيون اسان جي اڄ جي نوجوان نسل ۾ هجن ته سنڌ ترقيءِ ۾ سڀ کان اڳتي هجي.
    جبار آزاد منگيءَ کي ڪتاب پڙهڻ سان وڏو چاھ آهي، اهڙي طرح سنڌ جي هر شاعر ۽ اديب جا به ڪتاب پڙهڻ ۽ پنهنجي لائبريريءَ ۾ رکڻ پسند ڪندو آهي، ان جي شوق جي حد اِها آهي ته جيڪو به ڪتاب ڏسندو آهي ته چوندو آهي ته اهو ڪتاب خريد ڪريان ۽ پڙهان، هڪ ڏينهن منهنجي آفيس ۾ رکيل ڪتابَ ڏٺائين ۽ چيائين ته اهي ڪتاب پڙهڻ لاءَ ڏيو، جيڪي مون کيس ڏنا. سندس هڪ يادگار ڪم نصيرآباد جي شهرين کي هميشه ياد رهندو، سو ڪم ٽائون ڪاميٽي نصيرآباد جو ميمبر ٿيڻ بعد پنهنجي ميمبر ساٿين سان جي سهڪار سان شهيد بينظير ڀٽو پبلڪ لائبريري قائم ڪرائڻ آهي ۽ جنهن جو پاڻ ڪنوينر آهي، جنهن لائبريريءَ ۾ ڪيترائي قيمتي ۽ معلوماتي، علمي ۽ ادبي ڪتاب نوجوانن جي مطالعي لاءِ رکرايا اٿائين ته جيئن علائقي جي نوجوانن ۾ علمي ۽ ادبي شعور ۽ ويجهي وڌي.
    جبار آزاد منگيءَ کي گهمڻ ڦرڻ جو تمام گهڻو شوق آهي، جڏهن به وقت ملندو اٿس ته دوستن سان گڏجي سنڌ توڻي پاڪستان جي ڪنهن نه ڪنهن شهر يا تاريخي ماڳ مڪان گهمڻ لاءِ نڪري پوندو آهي پوءِ اسان به ساڻس گڏ گهمڻ وارن ۾ شامل هوندا آهيون. سائينءَ کي قديم ۽ تاريخي ماڳ مڪانن بابت سٺي ڄاڻ آهي. چوڻ جو مطلب هي آهي ته اسان جو فقير منش هي يار هڪ اهڙو سيلاني آهي، جنهن کي پنهنجي تاريخي ماڳ مڪانن کي ڏسڻ جو عشق آهي.
    جبار آزاد منگي دوستن جو سچو دوست ۽ هڏ ڏوکي آهي، جنهن سان به دوستي رکندو آهي، تنهن سان نڀائيندو آهي ۽ دوستن سان ڪڏهن به منافقي يا ڪنهن به قسم جي چالاڪي نه ڪندو آهي، جيڪا ڳالهه ناگوار لڳندي اٿس، ان جو برملا اظهار ڪندو آهي ۽ منهن تي سچ چوندي ڪڏهن به ناهي ڪيٻائيندو. اڄڪلهه جي دؤر ۾ منافقي، ڪوڙ، ٺڳي، مطلب پرستي وڌي ويئي آهي، پر هن دوست جي دوستيءَ جي جيتري تعريف ڪجي، سا بنهه گهٽ آهي.
    دعا آهي ته جبار آزاد منگيءَ کي الله تعاليٰ هميشه سُکيو ستابو، قائم ۽ دائم رکي. آمين.

    علي مراد ٽانوري
    اسٽيشن ڊائريڪٽر
    ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو
    6 ڊسمبر 2019ع


    جبارآزاد منگيءَ جي گفتگو جا موضوع

    محترم عبدالجبار منگي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو باصلاحيت، ذهين ۽ سٺو آواز رکندڙ ڪمپيئر آهي. منگي صاحب شروعاتي ڏينهن کان ئي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان سلهاڙيل آهي. سال 1996ع آهي، ههڙي Talented ڪمپيئر کي متعارف ڪرائڻ جو ڪريڊٽ پروڊيوسر آغا محمد علي ۽ ان وقت جي اسٽيشن دائريڪٽر جناب ضمير علي بدايوني ڏانهن وڃي ٿو.
    ريڊيو جي دنيا ۾ هر ڪمپيئر جو الڳ انداز هوندو آهي، جيڪو ريڊيو ٻڌندڙ ڀليءَ ڀت ڄاڻن ٿا. ان حوالي سان عبدالجبار منگيءَ جي گفتگو جا موضوع سنڌ، عالمي دنيا جا ڏينهن، عام معلومات، شاھ لطيف جي فڪر جي ڳالهه، انٽر نيٽ جي دنيا مان ڄاڻ، سماجي مسئلا ۽ نيون ايجادون ۽ تحقيقون هوندا آهن.
    عبدالجبار منگي جيڪو صحافي، اديب، شاعر، اسٽيج ڊراما رائيٽر، مزاحيه ليکڪ، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن ( موجوده چونڊيل ڪائونسلر ٽائون ڪاميٽي نصيرآباد ) آهي. “ آزاد ” جو تخلص استعمال ڪندڙ واقعي پنهنجي طبيعت ۾ به آزاد رهيو آهي. وڏي عرصي تائين هو منهنجي نگرانيءَ / Production ۾ نشر ٿيندڙ مشهور ڊسڪ جاڪي پروگرام “روح رهاڻ ” جو ميزبان رهيو آهي ( ۽ هيئنر به آهي ) تنهنجي تخليقي صلاحيتن جو آءُ ۽ هزارين ٻڌندڙ معترف آهيون، سندس سلسلي “گيت ڳجهارت” ۾ ڪنهن گيت مان ڪو به هڪ لفظ چونڊي، ان لفظ تي ڳجهارت ٺاهڻ جو فن ڪمال جو اٿس، جيڪو فلحال ڪنهنجي وس جي ڳالهه ناهي.
    عبدالجبار منگي پنهنجين لکڻين کي سنڀالڻ ۽ ان کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو بهترين ڪم ڪرڻ ڄاڻي ٿو، جنهن جو ثبوت سندس هي ڪتاب ۽ اڳ شايع ٿيل ڪتاب“ لفظ هوا ۾ خوشبوءِ” آهن. ڪمپيئر جيڪا ٻولي / اسڪرپٽ Live پروگرام ۾ ڳالهائي ٿو، اهو جيڪڏهن محفوظ نه ٿيو ته هوائن ۾ وکري وڃي ٿو.( توڙي جو ان جو فائدو/ مزو ٻڌندڙ وٺي ٿو، جڏهن هو پروگرام ٻڌي ٿو)
    هن ڪتاب “ايءُ عشق جو آواز” جي پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ به معلومات حاصل ڪندو، جنهن عبدالجبار منگيءَ جا پروگرام “روح رهاڻ” “ لطيف رنگ” “ لطيفي لات ” “ وکر سو وهاءَ ” “ سنڌ رنگ ” ۽ “مهراڻ رنگ ” نه ٻڌا هوندا. سندس هن ڪتاب ۾ لطيف سائينءَ متعلق معلومات، سنڌ بابت ڄاڻ ۽ انٽرنيٽ تان کنيل انوکي ۽ دلچسپ معلومات شامل آهي.
    آءُ هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي دوست ۽ انتهائي مخلص ۽ محنتي ڪمپيئر عبدالجبار منگيءَ کي هن ڪتاب جي ترتيب ڏيڻ ۽ شايع ڪرائڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو. آءُ سندس وطن دوست ۽ سماج لاءِ درد رکڻ واري جذبي جو قدر ڪندي کيس سلام ۽ محبت ارپيان ٿو. هڪ ڳالهه اوهان سان ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو ته جڏهن به جبار آزاد منگيءَ جي شهر نصيرآباد مان گذرندا آهيون تڏهن اسان سندس محبت جي خوشبوءِ محسوس ضرور ڪندا آهيون.
    عبدالجبار منگي! اسان جو هي دوست هڪ سٺو سياح/ گهمڻ ڦرڻ جو جنون جي حد تائين شوق رکندڙ به آهي، ان ميدان ۾ سندس ٻين همسفر ساٿين سان ساٿ نڀائڻ به واقعي لاجواب آهي، گورک هل اسٽيشن، شاھ گودڙيو، نئين گاج ڊيم جا سير هميشه ياد رهندا. محترم علي مراد ٽانوري (اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو) ۽ حاجي خان جاگيراڻي جهڙا مخلص ۽ سچا انسان جنهن جا دوست هجن، اهڙي انسان جي ڪتاب لاءِ ڪجهه لفظ لکڻ منهنجي لاءِ باعثِ خوشي آهي. سلامت هجو جبار سائين!

    وسند علي مهر
    اسٽيشن دائريڪٽر
    ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاھ
    تاريخ: 13 نومبر 2019


    صوتي تصويرن جا چِٽَ چِٽيندڙ

    جبار آزاد منگي پنهنجي آواز ۽ تحرير وسيلي سماج ۾ تبديلي چاهيندڙ شخص جو نالو آهي. سرت ۽ ساڃاهه ڀريو اسان جو يارُ چاهي ٿو ته هر ماڻهو پاڻ ڀرو هجي، سچ سان سرشار هجي، سماج جو اڏيندڙ هجي، گرنهه گذر، بيروزگاري، اٽي، لٽي ۽ اجهي جهڙين پريشانين کان آجو هجي. تڏهن ته هيٺين سطح واري چونڊ ۾ وڏيرن ۽ ڀوتارن اڳيان به سينو تاڻي بيهي رهي ٿو ۽ ماڻهن جي اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابيون ماڻي وٺي ٿو.
    جبار اسان جي سماج جو هڪ ساڃاهيل ۽ ذميوار فرد آهي، هُن پنهنجي ٻولي، پنهنجن ڪردارن ۽ پنهنجن ماڳن مڪانن سان بي انتها پيار ڪيو آهي. هُن پنهنجي چوڌاري رهندڙ ماڻهن جي دکن، دردن، المين کي پنهنجو ڀائيندي سندن لُڙڪن کي پنهنجن نيڻن منجهان وَهايو آهي.
    مون سميت ڪيئي ماڻهو ننڍن شهرن کان نڪري وڏن شهرن ۾ وڃائجي ويندا آهن، جبارآزاد منگي نصيرآباد ۾ رهندي، شهر کي پنهنجو وجود محسوس به ڪرايو آهي، هن پنهنجي کي شهر ڇڏيو هرگز ناهي، جبار آزاد منگي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ذهين ڪمپيئرن منجهان آهي، جن جي پروگرامن لاءِ ريڊيو ڪَنائيندڙ ماڻهو انتظار ڪندا آهن. هُن پنهنجن پروگرامن جي تحريري مواد کي ڪتاب ڇپائڻ واري هن انداز سان محفوظ بڻائي ورتو آهي. ريڊيو تي منهنجا به ڪيئي پروگرام سندس آواز ۽ تحريرن سان سڳنديل رهيا آهن. جبار پنهنجي وجود ۽ آواز ۾ ڪراڙپ کي اچڻ ناهي ڏنو
    شل! اسان جو هيءُ دلبر دوست صوتي تصويرن سان ماڻهن جي دلين تي پنهنجا چِٽَ چِٽيندو رهي.

    خالد چانڊيو
    پروڊيوسر
    ريڊيو پاڪستان حيدرآباد


    جبار منگي واقعي (آزاد) آهي

    جبار آزاد منگيءَ جو نالو منهنجي ريڊيو پاڪستان جوائن ڪرڻ کان اڳ به مون لاءِ ڪو نئون نه هيو، ڇاڪاڻ ته ريڊيو پاڪستان کان اڳ مان ڪراچيءَ ۾ صحافت سان لاڳاپيل هيس ۽ جبار به ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان ڪمپيئر هئڻ سان گڏ نصير آباد مان ميڊيا جي مختلف ادارن سان پڻ وابستا رهيو آهي، پر جبار سان منهنجو ملاقاتن جو سلسلو تڏهن کان شروع ٿيو، جڏهن مان فيبروري 2013ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ کان بدلي ٿي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي جوائننگ ڪئي. آزاداڻي، پيار، محبت ۽ ڪافي ڳالهين ۾ هڪ جھڙائي واري طبيعت رکندڙ جبار سان ٿوري ئي وقت ۾ ايتري ويجھڙائي ٿي وئي ڄڻ هُن سان ننڍپڻ جو واسطو هجي. جبار سان منهنجو واسطو ان ڪري به وڌيڪ گھرو ٿيو جو اسان ٻئي سنڌ ڌرتي جي هڪ ئي تعلقي نصير آباد جي مٽيءَ سان واسطو رکون ٿا. جبار سان مختلف وقتن تي سنڌ ڌرتيءَ جي تاريخ، ثقافت، تعليم ۽ ترقيءَ سميت ٻين معاملن تي پڻ ڪافي گفتگو ٿيندي رهندي آهي، جنهن مان آءُ محسوس ڪندو آهيان ته سندس اندر ۾ به درد ونديءَ جي ديس ۽ ماروئڙن لاءِ اها ساڳي تڙپ آهي جيڪا پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت منهنجي من ۾ سمايل آهي.
    هي يار سنڌ جي سيلانين جيان گهمڻ ڦرڻ جو به ڪوڏيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي اسٽيشن ڊائريڪٽر علي مراد ٽانوري، جبار آزاد منگي ۽ ٻين دوستن سان گڏ ملڪ جي مختلف علائقن ڪوئيٽا، گورک هل اسٽيشن، رني ڪوٽ، بڊو جبل، ڪاڇو، همايون، ٻڍل فقيرجي درگاھ، نئين گاج جا سير، سيدي موساڻي سميت ڪافي علائقن جا ٽوئر پڻ ڪيا آهن.
    ڪمپيئرنگ جي حوالي سان بهترين آواز جو مالڪ جبار آزاد منگي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي سنڌ رنگ، روح رهاڻ ۽ وکر سو وهاءِ سميت ڪيترائي بهترين پروگرام ڪري پنهنجو پاڻ مڃايو آهي. اڄ ڪلھ ريڊيو جا ڪمپيئر دوست ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ گهٽ محنت ۽ تياري ڪن ٿا، ان باوجود جبار آزاد منگي جي اها خوبي آهي ته هو وقت جو پابند، ھر پروگرام لاءِ موضوع سان لاڳاپيل اسڪرپٽ تيار ڪرڻ، شاھ سائين جي شاعري کي سمجهڻ ۽ بهترين انداز ۾ پيش ڪرڻ سان گڏ گھرو مطالعو ۽ تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ ڪمپيئر آهي.
    جبار منگيءَ جا هن کان اڳ چار ڪتاب اچي چڪا آهن جن ۾ ريڊيو اسڪرپٽ تي لکيل ڪتاب (لفظ هوا ۾ خوشبو)، ٻاراڻي ادب جو لکيل ڪتاب (ٽمون شرارتي)، شارٽ اسٽوري تي مشتمل ڪتاب (اندر ڪارو ڪانءُ ) تعلقي نصير آباد جي جاگرافي شامل آهن ۽ اوهان جي هٿن تائين پهتل سندس هي ڪتاب “ايءُ عشق جو آواز” پڻ ريڊيو جي اسڪرپٽ جي حوالي سان ناياب ڪتاب آهي. جبار آزاد منگيءَ جو هيءُ ادبي پورهيو براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا توڙي ادب سان چاھ رکندڙ دوستن لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. اميد ته جبار منگي ھميشه جيان آزاد فضا جھڙا پنهنجا آزاد خيال، آزاد سوچون ۽ مفيد رايا سرجي سنڌ جي ادب جي خدمت ڪندو رهندو.


    مشتاق تنيو
    پروڊيوسر
    ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو.
    13 نومبر 2019ع


    جبار آزاد منگي ريڊيو لاڙڪاڻي جي باغ جو گلدستو

    جبار آزاد منگي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي اڱڻ ۾ موجود باغيچي ۾ سونهن ۽ سندرتا ڏيندر ڪيترن ئي قسمن جي گلن جو هڪ گلدستو آهي، جنهن جي ڪنهن به هڪ خوشبوءِ کي بيان نٿو ڪري سگهجي. جبار آزاد منگيءَ ۾ گلاب جي خوشبوءِ به آهي ته رابيل ۽ موتئي جي مهڪ به، بنا خوشبوءِ واري گلن جي سونهن به آهي، ته دل ۽ اکين کي راحت ڏيندڙ منظر ڪشي به آهي. مطلب ته هو ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ آهي، هو هڪ ئي وقت ليکڪ، شاعر، اديب، آرٽسٽ، سٺو ڪمپيئر ۽ بهترين ڊراما رائيٽر آهي ٻئي پاسي هو سنڌ جي ماروئڙن، پنهنجي ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت سان بي انتها محبت ڪندڙ به آهي ته وري سماجي خدمت ڪندڙ هڪ ڪارڪن به آهي، جنهن سبب هو پنهنجي شهر نصيرآباد جي وارڊ نمبر 11 جو آزاد اميدوار طور پ پ پ جي اميدوار کان چونڊ کٽندڙ فقير قسم جي طبيعت رکندڙ هڪ فاتح به آهي.
    آزاد سندس تخلص آهي پر واقعيءِ هي پنهنجي تخلص جو ڀرم رکي ٿو ۽ هر پاسي کان آزاد آهي، هو سچي ڳالهه ڪرڻ ۾ آزاد، پنهنجي ڪم کي خوش اسلوبيءَ سان توڙ تي نڀائڻ ۾ آزاد، ڪنهن جو ناجائز حڪم نه مڃيندڙ، هر جائز حڪم کي بنا ڪنهن سوال ڪرڻ ۽ دير ڪرڻ جي توڙ نڀائڻ ۾ آزاد آهي ته وري دوستيءَ رکڻ ۽ نڀائڻ ۾ به آزاد آهي. هو آزاد ذهن رکندڙ انسان آهي ۽ ڪڏهن به جبار پاڻ کي قيد ناهي رکيو، هن جا خيال به سندس تخلص وانگيان آزاد آهن. جبار آزاد منگي ڪيترين ئي خوبين سان مالامال آهي، سندس سياسي ۽ سماجي گڻ پڻ هن خوشبودار ۽ سهڻي گلدستي ۾ شامل آهن. ملڻ جلڻ ۾ جو ڪوڏيو، هلڪي مرڪ مرڪندڙ هي ماڻهو;کري پر پيار واري لهجي ۾ ڳالهائي پنهنجي ٻڌندڙن کي موهي وجهندڙ آهي. ريڊيو جي ٻڌندڙن ۾ هن يار جي هزارين چاهيندڙ آهن، جيڪي هن جي معلوماتي ۽ تفريحي پروگرامن کي ٻڌي گهڻو ڪجهه حاصل ڪندا آهن. منهنجي دعا آهي ته جبار آزاد منگي جي قلم کي الله پاڪ اڃا به گهڻي سگھ بخشي جو هي اسان جو گلن جي گلدستي وانگر دوست پنهنجي علم ۽ ڏاهپ وسيلي پنهنجي خوشبوءِ جو هڳاءُ جهر جهنگ ڦهلائيندو رهي. آمين.


    مير بهادرعلي مهر
    پروڊيوسر
    ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو


    جبار آزاد منگي رهنمائي ڪندڙ دوست

    رِيڊيو هڪ مڪمل فن آهي، ڪڏهن ڪڏهن دوست اسان کان به اهڙو ئي سوال ڪندا آهن ته “ ريڊيو تي اوهان جو آواز تبديل هوندو آهي ڀلا ڇو؟” منهنجو هڪ ئي جواب هوندو آهي ته هيءَ اسان جو فن آهي، آواز کي ڪٿان کڻجي ۽ ڪٿي ڇڏجي! ريڊيو تي جنهن وٽ فن ناهي سو ڪڏهن به ڪامياب نه رهندو. 1999ع کان ڪيترائي دوست تڪڙا تڪڙا ڪمپيئر بڻجي آيا ۽ خبر ئي نه پئي ته ڪيئن غائب ٿي ويا! باقي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪمپيئر دوست رهيا جن براڊ ڪاسٽنگ ۾ پنهنجي سڃاڻپ پيدا ڪئي.
    عبدالجبار منگيءَ جي شخصيت ۾ به مڪمل فن آهي. جڏهن شاھ لطيف جي فن ۽ فڪر تي مبني پروگرام “وکر سو وهاءِ” ڪندو آهي ته سندس لفظن ۾ سراپا لطيفي عشق نظر ايندو آهي، جڏهن سنڌ جي تاريخ، تهذيب، تمدن ۽ ٻوليءَ جي رنگن سان رنڱيل پروگرام “ سنڌ رنگ ” ڪندو آهي ته سندس آواز سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبوءِ بڻجي سماعتن تائين پڄندو آهي. جڏهن ڊسڪ جاڪي پروگرام روح رهاڻ ڪندو آهي ته واقعي ٻڌندڙن لاءِ روح جي راحت ئي کڻي آواز جي دنيا ۾ جادو جاڳائيندو آهي، اهائي ڪمپيئر جي خوبي هوندي آهي ته جو به پروگرام ڪري ته روح سان ڪري. اهو سمورو فن پياري دوست عبدالجبار منگي وٽ موجود آهي، جيڪو ذاتي زندگيءَ ۾ به هڪ نرالي شخصيت ۽ فقيري طبيعت جو به مالڪ آهي، هن فقير منش ڪمپيئر وٽ آواز جي دنيا ۾ هڪ ڏانءُ به آهي ته ڏات به آهي. ريڊيو جي دنيا ۾ رهنمائي ڪرڻ وارا تمام گهٽ ماڻهو بچيا آهن، اسان کائنس ڏاڍو پرايو. پنهنجي تلفظ جو فن به دوست عبدالجبار کي غور سان ٻڌندي مضبوط ڪيو ۽ سندس ئي صحبت ۾ ئي شاھ لطيف کي پڙهڻ جو چاھ وڌيو.
    جبارآزاد منگي صاحب جو“ ايءُ عشق جو آواز” ريڊيو اسڪرپٽ تي مشتمل هي ٻيو ڪتاب آهي، جيڪو اڳ ۾ آيل ريڊيو اسڪرپٽ تي مبني ڪتاب “ لفظ هوا ۾ خوشبوءِ ” وانگيان، ريڊيو تي اچڻ وارن نون دوستن جي رهنمائي ڪندو دوست عبدالجبار منگيءَ کي نئين ڪتاب جي اچڻ تي مبارڪن سان گڏ گذارش به ڪندس ته هاڻي لطيفيات بابت ڪو ڪتاب ترتيب ڪن، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ منهنجي وڏي خواهش آهي.


    حاجي حسين جلباڻي
    ڊيوٽي آفيسر
    ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو


    ايءُ عشق جو آواز

    پيغمبر اسلام جي تعليمات ۽ عالمگير معاشرو:

    پيغمبر اسلام جي تعليمات ۽ عالمگير معاشرو:
    محترم سامعين: الله تعاليٰ جي آخري پيغمبر حضرت محمّد صلعم جي ولادت باسعادت 12 ربيع الاول سومر جي مبارڪ ڏينهن حضرت عيسيٰ عه کان 571 سال پوءِ مڪي شريف ۾ ٿي، جنهن جي آمد سان ظلمت ۽ اونداهين جو انت آيو، اُميدن جا ڏيئا روشن ٿيا، هيڻن ۾ همٿ ۽ حوصلو بيدار ٿيو، هڪ ٻئي جا ڪٽر دشمن محبت جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا، عورتن کي زندهه دفن ڪرڻ واري دور جو خاتمو ٿيو ۽ عالَم انسانيت ۾ اهڙي انقلابي اصلاحي بهار جون هوائون گهليون جن جو اثر صرف عرب نه پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين محسوس ڪيو ويو. الله جي آخري رسول حضرت محمّد صلعم انسانن کي حقيقي پروردگار جي بندگي بجا آڻڻ جي تبليغ ڪئي ۽ زندگي گذارڻ جا اهڙا اٽل اصول ٻڌايا جيڪي الهامي تعليمات تي مشتمل هئا، جن تي عمل جي صورت ۾ انسانن جي لاءِ هر ميدان ۾ فلاح ۽ ڪامراني جي ضمانت يقيني هئي. هاڻي هڪ نئين قوم، نئين امت، نئون تمدن، نئون قانون ۽ نئين حڪومت زمين جي پردي تي قائم ٿي، جنهن جو بنياد برابري ۽ مساوات تي هو ڇوته انسان دوست عالمگير معاشري جي قيام لاءِ پهريون اصول انسانن جي وچ ۾ برابري آهي.

    سڀني شين جو اصل الله تعاليٰ آهي:
    سائين منهنجا: سڀني شين جو منڍ يا اصل الله تعاليٰ آهي. هن جي قدرت ۽ طاقت جي حد ڪانهي، هن جي ڏاهپ ۽ حڪمت ازل کان وٺي هلي اچي ۽ هُن جي چڱائي، مهرباني ابد تائين هلندي رهندي، هُن جي اشاري سان تارا پنهنجي پنهنجي دائرن ۾ ڊوڙندا وتن ٿا. هُن جي سڀني ڪمن مان عقل ۽ حڪمت جو آواز پيو اچي. انصاف ۽ رحم هُن جي درگاهه جا خدمتگار آهن، فضل ۽ ڪرم هميشه هُن جي حسن مان جلوا نما آهن. اي انسان! اهوئي آهي جنهن توکي پيدا ڪيو آهي، هُن زمين تي تنهنجي جاءِ مقرر ڪئي آهي، عقل ۽ هوش توکي هُن پنهنجي فضل سان عطا ڪيو آهي.

    نفس کي سڃاڻڻ الله تعاليٰ کي سڃاڻڻ جي ڪُنجي آهي:
    محترم سائين: اڄ اسين امام غزاليءَ جي لکيل ڪتاب “ڪيميائي سعادت” جي پهرين حصي جي پهرين انمول ڳالهه جو ذڪر ڪري رهيا آهيون، امام غزالي پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ لاءِ لکي ٿو ته“توکي هيءُ معلوم هجڻ گهرجي ته پنهنجي نفس کي سڃاڻڻ الله تعاليٰ کي سڃاڻڻ جي ڪُنجي آهي، تنهنجو نفس تو وٽ ويجهي ۾ ويجهي شيءِ آهي، جيڪڏهن تون پاڻ کي نه سڃاڻيندين ته پوءِ تون ٻين کي ڪيئن سڃاڻيندين!؟ پر جيڪڏهن تون چوين ٿو ته مان پاڻ کي سڃاڻان ٿو ته اهو صحيح ڪونهي، ڇا لاءِ جو اهڙي سڃاڻ الله تعاليٰ جي معرفت جي سڃاڻ نٿي ٿي سگهي، تون ته صرف پنهنجي ظاهري هٿن، پيرن، گوشت، چمڙي ۽ مٿي کي سڃاڻين ٿو، باقي اندر جي توکي هيءَ خبر آهي ته جڏهن بک لڳئي ٿي ته ماني کائين ٿو ۽ ڪاوڙ لڳئي ٿي ته وڙهين ٿو. تنهنڪري توکي پنهنجي حقيقت کان واقف ٿيڻ گهرجي، ته تون ڪهڙي شيءِ آهين؟ ڪٿان تون آيو آهين؟ ڪاڏي ويندين!؟ هن دنيا ۾ ڪهڙي ڪم لاءِ آيو آهين؟ ۽ تنهنجي نيڪي ۽ برائي ڇا ۾ آهي؟ تنهنجي اندر ۾ جيڪي مختلف صفتون آهن، ڪي حيواني ته ڪي روحاني، انهن مان ڪهڙين کي زور وٺائجي، جو تون وڃي حقيقي مالڪ جي حضور ۾ رسين.

    حضرت محمد ﷺ جو فرمان:
    محترم سامعين: پيغمبرِ اسلام ﷺ جي قولن کي انساني فطرت، ضرورت ۽ مقصدن جي تجربن تي ڏسجي ٿو ته اهڙو مثال دنيا جي ڪنهن به شخص جو نٿو ملي، جنهن انهن شين تي پهريائين پاڻ عمل ڪري، پنهنجو مثال ٻين جي سامهون رکيو. حضرت ﷴﷺ جن فرمايو آهي ته “ پهلوان ۽ طاقتور اهو ناهي جيڪو مقابل کي ليٽائي ڇڏي، پر پهلوان ۽ سگهارو حقيقت ۾ اهو آهي جيڪو غصي جي وقت پنهنجي نفس تي ضابطو رکي. (بخاري ۽ مسلم) توهان مان ٻه خدمتون اهڙيون آهن، جيڪي الله تعاليٰ کي محبوب آهن. هڪ بردباري ۽ ٻيو جلدي نه ڪرڻ.(مسلم) هر انهيءَ شخص تي جيڪو مزاج جو تيز نه هجي، نرم هجي، ماڻهن سان قرب ڪندڙ هجي ۽ نرم ڳالهائيندڙ هجي، دوزخ جي باهه ان تي حرام آهي

    روزي رکڻ جي حقيقت:
    محترم سائين: رحمت اللعالمين حضرت ﷴ ﷺ جن جو ارشاد آهي ته “ جيڪڏهن ماڻهن کي روزي رکڻ جي حقيقت (فضيلت) معلوم ٿي وڃي ته منهنجي امت اها تمنا ڪرڻ لڳي ته سڄو سال ئي رمضان المبارڪ رهي.” ان حديث جي روشنيءَ ۾ اسان کي هن ڀلاري مهيني ۾ پنهنجو احتساب ڪرڻ گهرجي ۽ خود کان سوال ڪرڻ گهرجي ته ڇا اسان جي حياتي ۾ جيڪي به رمضان شريف جا مهينا هن کان اڳ اچي چڪا آهن، ان ۾ اسان به ڪو اهڙو رمضان المبارڪ ڏٺو، جنهن ۾ عبادتن جي ادائگي دوران اسان تي به ڪا اهڙي ڪيفيت طاري ٿي هجي، جنهن ۾ اسان رمضان جي عبادتن جي سُرور ۽ ڪيف کان مستفيد ٿيا هجو؟ موجودهه دور ۾ جنهن ۾ پريشانين جا انيڪ قسم انسانن لاءِ مشڪلاتن جا باعث بڻيل آهن، روزو انهن سمورين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جو هڪ زبردست نسخو آهي.

    رمضان شريف جو سمورو مهينو:
    سائين منهنجا: رمضان شريف جو سمورو مهينو انسان جڏهن روزا رکي ٿو، تڏهن سندس دل، دماغ ۽ وجود لاتعداد پريشانين جي بار هلڪا ٿين ٿا ۽ طبعي طور تي پڻ روزن جي فائدن کي انسان جي صحت لاءِ مثبت نسخو تسليم ڪيو وڃي ٿو. روزا انسان کي کائڻ پيئڻ کان احتياط جي ڏس ۾ جيڪا برداشت جي سگهه فراهم ڪن ٿا، ان جا بيشمار فائدا آهن، جهڙوڪ کائڻ پيئڻ ۾ اعتدال رکندڙ ماڻهو گهڻو کائڻ جي مرض کان محفوظ رهڻ ڪري پنهنجي معاشرتي زندگيءَ ۾ جڏهن هٻڇ کان آجو ٿئي ٿو، سندس طبيعت ۾ ٻين جا حق غضب ڪرڻ واري بدعت ڪڏهن به جنم وٺي نه سگهندي، يعني ٻين لفظن ۾ روزو معاشري کي اهڙن ماڻهن سان لبريز ڪري ٿو، جن ماڻهن جو وجود انسان ذات، چرند پرند ۽ ماحول لاءِ سراسر منافعي بخش ٿئي ٿو.

    قمري سال جو نائون مهينو رمضان المبارڪ:
    محترم سامعين: قمري سال جو نائون مهينو رمضان المبارڪ پنهنجي رحمتن ۽ فضيلتن سان جاري آهي. هن مهيني جي تفصيل بابت حديث شريف ۾ بيان ٿيل آهي ته “ رمضان شريف جو پهريون ڏهاڪو رحمت، ٻيو ڏهاڪو مغفرت ۽ ٽيون ڏهاڪو گناهن کان نجات جو آهي.” هڪ هنڌ رمضان شريف لاءِ اهو پڻ چيل آهي ته “ هي الاهي مهينو آهي، هي الاهي اولياءَ جو مهينو آهي.” اولياءَ ڪرام جو سال هن مبارڪ مهيني کان شروع ٿيندو آهي. رمضان شريف ۾ روزن رکڻ جو حڪم آهي. ارشاد رباني آهي ته “ اي ايمان وارؤ! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن، جيئن اوهان کان اڳ وارن ماڻهن تي فرض ڪيا ويا هئا ته جيئن اوهان پرهيزگار بڻجو” (سورة البقر) رمضان رمض مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ اس جي شدت آهي. هڪ قول مطابق رمضان لفظ “ارتماض” مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ بيچيني آهي، اهوئي سبب آهي جو روزي ۾ بک ۽ اڃ پٺيان رضا الاهيءَ جي گرمي ۽ تڙپ ئي روزيدار کي رب جي بارگاهه ۾ نيازمنديءَ جي آڌار مقبول بڻائي ٿي. هڪ حديث مبارڪ ۾ آهي ته “ آخرت ۾ جڏهن انسان پنهنجن نيڪ عملن جي آڌار جنت ۾ داخل ڪيا ويندا، تڏهن روزيدار صرف سندن لاءِ مخصوص ڪيل باب “ ريان ” مان لنگهي جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ انهي در مان ٻئي ڪنهن کي به داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي.

    رمضان جي آمد، انسان جي درجات جي بلندي:
    محترم سامعين: روزو حقيقت ۾ دينِ اسلام جو هڪ اهڙو نظامِ حيات آهي، جنهن نظام کي سادگي، قناعت، لوڀ ۽ لالچ کان آزاد قدرن جو نظام تسليم ڪجي ٿو.تنهن ڪري رمضان جي هن بابرڪت مهيني ۾ اسان کي روزو اهڙي انداز سان رکڻ ۽ کولڻ گهرجي، جو ان ۾ انفرادي پهلوءَ بدران اجتماعي پهلوءَ کي هٿي ملي. رمضان المبارڪ جي آمد ئي اسان جي درجن جي بلندي جي خوشخبري آهي، جو سڄو سال اسين ماڻهو روزگار جي غم ۾ ديوانا بڻجي هڪٻئي سان ترڪِ محبت جهڙو ماحول قائم ڪري ڇڏيندا آهيون. پر رمضان شريف ۾ گڏجي، روزو رکڻ (سحري) روزو کولڻ ( افطاري) با جماعت نماز پڙهڻ ۽ پوءِ عيد جي ميڙاڪن ۾ گڏجي نماز پڙهي، جڏهن هڪٻئي کي ڀاڪر پائي عيد جي مبارڪ ڏيندا آهيون ته رب تعاليٰ به اسان جي هڪٻئيءَ سان اهڙي محبت جي منظر کي ڏسي اسان کي پنهنجن برڪتن سان مالا مال ٿو ڪري ڇڏي.

    همدري ڇا آهي؟
    سائين منهنجا: همدري ڇا آهي؟ همدردي نالو آهي پنهنجائپ جو.همدري ٻيو روپ آهي قرب ۽ پيار محبت جو.اسين جڏهن ڪنهن به معاملي ۾ ڪنهن سان همدردي ڪندا آهيون ته دل کي سڪون ملندو آهي،همدردي يا پنهنجائپ بازار جي ڪنهن به دڪان تان، ڪنهن به قيمت تي ناهي ملي سگهندي.پر اها انمول ڪيفيت انسان جي اندر ۾ موجود هوندي آهي،جنهن وقت ڪوئي ڪنهن سان اوکي ويل ۾ صرف ٻه پيار جا ٻول ٻولي پنهنجائپ ڏيکاري ٿو ته اهو ماڻهو ڪيڏو نه ان وقت همدردي ڪرڻ واري ماڻهو کي پنهنجو پرين لڳي ٿو،تنهنڪري هميشه همدرديءَ جي سٿ ۾ رهجي ۽ ان کي پنهنجو محبوب سمجهي،پنهنجو سمورو جنم ارپي ڇڏجي.ائين ڪرڻ ۾ لطف آهي، مزو ۽ سڪون آهي.

    اکين کي آهين،عجب جهڙيو عادتون:
    محترم سامعين:قدرت پاران زبان جهڙو بي بها تحفو عطا ڪيو ويو آهي،ڳالهائڻ لاءِ ڪنن جو تحفو مليو ته ٻڌو ۽ سٺين ڳالهين تي عمل ڪريو، پرائي پچار کي هڪ ڪن مان ٻڌي، ٻئي مان ڪڍي ڇڏيو.اکين جهڙي نعمت ڏنائين ته اکيون کولي ڏسو، سچ کي سڃاڻو.سونهن جا ساٿي بڻجو.قدرت جي حسن جي واکاڻ ڪريو. اکيون جيڪي ڏسڻ سان گڏ ڳالهائينديون به آهن،اکيون جڏهن ڳالهائينديون آهن،تڏهن اکيون ئي اهي ڳالهيون سمجهنديون آهن.اکيون پيار،محبت جا سنيها ڏيڻ لاءِ به ڳالهائينديون آهن ته ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو به اظهار ڪري وجهنديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته لفظن جا تير به وسائينديون آهن. اکين جون سدائين سمجھ نه ايندڙ ڳالهيون هونديون آهن.
    اکين کي آهين، عجب جهڙيو عادتون،
    سور پرائي ساٿ جا، وڃيو وهائين،
    اُتي لنئون لائين، جت حاجت ناه هٿيار جي.
    (شاهه)

    چنڊ اصل ۾ آهي ڇا؟
    محترم سامعين: رات جي وقت اسان اڱڻ تي جڏهن سمهندا آهيون ۽ آڪاش تي ستارن جي سونهن ۾ چنڊ کي ڏسندا آهيون، يقينن ان وقت اسان چنڊ بابت ڪجهه سوچيندا ضرور آهيون ته “چنڊ اصل ۾ آهي ڇا؟”. سائنسدان چون ٿا ته چنڊ جو ڏينهن رات، زمين جي ڏينهن رات کان چوڏهن دفعا وڏو آهي. چنڊ تي زمين جو پاڇو مڪمل چنڊ گرهڻ وقت پوندو آهي. چنڊ زمين جي چوڌاري چڪر ڏيڻ وقت ٻه هزار ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي ٿو ۽ چنڊ زمين جي چوڌاري ستاويھ ڏينهن ست ڪلاڪ ۽ ٽيتاليھ منٽن ۾ هڪ ڦيرو ڏيئي ٿو. سال ۾ تيرنهن ڀيرا چڪر ڏيندو آهي. چنڊ ۽ سج وچ ۾ نو ڪروڙ ستاويھ لک ٻاهتر هزار مفاصلو آهي. چنڊ زمين کان ٻه لک اڻٽيھ هزار اٺ سو ستونجاھ ميل پري آهي. چنڊ جو قطر ٻه هزار هڪ سؤ سٺ ميل آهي ۽ چنڊ جي روشني هڪ ڏهائي ٽيٽيھ (1.33) سيڪنڊن ۾ ڌرتيءَ تي پهچي ٿي.

    سنڌ ۾ آپگهات جو رجحان ڇو پيو وڌي؟
    سائين منهنجا: سنڌ جي مختلف شھرن ۾ خودڪشين جو رجحان وڌي ويو آهي، ڪٿي غربت سبب ته ڪٿي وري دوست جي ناراض ٿيڻ تان، ڪٿي مال ملڪيت تان ته ڪٿي وري خرچي گهٽ ملڻ سبب پاڻ کي ڦاهو ڏيئي پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائڻ جون خبرون پڙهون ٿا! سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر يا ڳوٺ ۾ مختلف مسئلن جهڙوڪ: پسند جي شادي، عشق ۾ ناڪامي يا گهريلو حالات ٺيڪ نه هئڻ، والدين سان ڪاوڙجڻ، مهانگائي، بيروزگاري ۽ ٻين انيڪ مسئلن جي ڪري خودڪشيءَ ۾ به اضافو ٿيندو پيو وڃي، جيڪڏهن تحقيق ڪجي ته سماج ۾ وڌندڙ اڻ سهپ، عدم برداشت نه هئڻ سبب خودڪشي جهڙو وائرس تيزي سان ڦهلجندو ٿو وڃي، ان تي ضابطو رکڻ لاءِ حڪومت سميت مختلف ادارن، اين جي اوز ۽ لکيل پڙهيل طبقي کي اڳتي اچڻو پوندو، سنڌ جي هر شهر ڳوٺ ۾ پروگرام، جاڳرتا مهم ۽ سيمينار ڪرايا وڃن، استادن، ڊاڪٽرن ۽ لکيل پڙهيل طبقي شعوري ۽ سجاڳ ماڻهن پاران نوجوانن کي خودڪشيءَ جهڙي ڪڌي عمل خلاف آگاهي ڏني وڃي. ماڻهن ۾ هاڪاري رويا ۽ سوچون پيدا ڪرڻ ۽ نااميدي، مايوسي، ذهني طور مفلوج ٿيڻ کان بچاءَ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن.

    ماضيءَ کي ڪڏهن به نه وسارجي:
    سائين منهنجا: سياڻا چئي ويا آهن ته پنهنجي ماضيءَ کي ڪڏهن به نه وسارجي، ان کي سدائين ياد ڪندو رهجي.ڇو ته ماضيءَ جي تجربن مان ايندڙ وقت کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. ٽي اکر ي، الف ۽ د جڏهن پاڻ ۾ ملن ٿا ته هڪ لفظ “ياد ” ٺهي پوي ٿو، جيڪو هڪ وڏي معنيٰ ۽ مطلب رکي ٿو. رات جو ننڊ ڪرڻ کان اڳ جيڪڏهن اسان سموري ڏينهن جي ڪيل ڪمن کي ياد ڪيون ۽ انهن تي غور ڪيون ته اسين سڄي ڏينهن ۾ انسان ذات جي ڀلائي لاءِ ڪهڙا سٺا عمل ڪيا؟ جيڪڏهن اسان مان هر ماڻهو پنهنجي سمورين ڪا گذارين کي ياد ڪري ته هي سمورو سنسار وڌيڪ سونهن ڀريو ٿي ويندو. ماضيءَ ۾ جهاتي پائيندي جڏهن هڪ ياد، جيڪا وڇڙي ويل ساٿيءَ جي به ايندي آهي، تڏهن اندر جا اڌما ئي ٻيا هوندا آهن.

    تيز رفتاري يا “ون ويلنگ”:
    سائين منهنجا: تيز رفتاري يا “ون ويلنگ” ڪرڻ ڪنهن به پاسي کان سٺو ۽ وڻندڙ عمل ناهي، يا روڊ تي هڪٻئي کان گوءِ کٽڻ جي چڪر ۾ نه پئجي، اوهان جي سواري ۾ ويٺل مسافر، اوهان کان ڪڏهن به وسرڻ نه گهرجن، جن جا ذهن ان وقت بي سڪون ٿي وڃن ٿا جنهن وقت اوهان اسپيڊ کي وڌايو ٿا، تيز رفتاري جو انجام سدائين دکدائڪ نڪتو آهي، ان لاءِ تيز رفتاريءَ تي ڪنٽرول رکجي. اهو ضرور ناهي ته اوهين تيز پهچو، ضروري هي آهي ته اوهين ڀلي ڪجهه گهڙيون دير پهچو پر صحيح ۽ سلامت پهچو. اوهان جي هٿن ۾ ڪيترن انسانن جو جانيون آهن، جيڪي وري ڪيترن ئي فردن جا سهارا آهن. ان ڪري تيز رفتاريءَ جو مظاهرو ڪري، ڪنهن جا سهارا کسڻ جي ڪوشش نه ڪريو.

    جذبات هڪ اهڙي ڪيفيت جنهن سان نقصان ئي ملي ٿو!
    محترم سائين:جذبات هڪ اهڙي ڪيفيت آهي، جنهن مان صرف نقصان کي حاصل ٿي سگهيو آهي، ڇو ته جنهن وقت به جذبات انسان مٿان حاوي ٿي ويندي آهي، تنهن وقت انسان اُٻهرو ٿي پوندو آهي ۽ اٻهرائيءَ ۾ اهڙا فيصلا ڪري وجهندو آهي، جنهن جا نتيجا سٺا ناهن نڪرندا. دنيا جا سڀ ڏاها ۽ اڪابر، هن ڳالهه تي متفق آهن ته “جيڪڏهن ڪو ماڻهو جذبات ۾ هجي ته ان وقت نه هو ڪا راءِ ڏيئي نه ڪو فيصلو ڪري” نفسيات جا ماهر چون ٿا ته جذبات جو ٻيو نالو“چريائپ” آهي.ڇو ته چريائپ به اهڙي ڪيفيت آهي، جنهن ۾ نه نفعي جي ڄاڻ پوندي آهي نه ئي انسان نقصان جو سوچيندو آهي. تنهنڪري هردم پنهنجي جذبات تي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي، ڪڏهن به ان ڪيفيت جي تابع نه ٿجي، پر جذبات کي پنهنجي ئي حڪم هيٺ رکجي، جنهن مان فائدو ئي فائدو ملندو.

    مهانگائي گهٽ ڪري ماڻهن کي ڪجهه ته رليف ڏيو!
    محترم سامعين: جتي ٽماٽن، ڪريلن ۽ ٻين کائڻ جي روزمره وارين شين کانسواءِ بصر اسي روپيا ڪلو ۽ گوگڙون سٺ رپيه ڪلو هجن اتي هن وڌندڙ مهانگائي ۾ ماڻهو جيئي ته ڪيئن جيئي!؟ هن وقت اسان وٽ مهانگائيءَ ۽ بيروزگاريءَ سميت عام ماڻهو ڪاوڙ ۽ ڊپريشن سميت مايوسيءَ جو شڪار آهي. نوجوانن جو لاڙو خودڪشيءَ طرف وڌندو ٿو وڃي، ٻيو ته عوام ۾ شديد ڪاوڙ واري صورتحال آهي. وري جڏهن نوڪريون ڏيڻ بجاءِ مختلف ادارا بند ڪرڻ جا افواهه به ٻڌڻ ۾ اچن ۽ اهو به ٻڌڻ ۾ اچي ته گئس واپڊا سميت مختلف ادارا آءِ ايم ايف کي ڏيڻ وڃي رهيا آھيون، ته عوام ۾ شديد مايوسيءَ واري صورتحال ڦھلجندي ٿي وڃي. خدارا! ڪجهه خلق خدا تي به رحم کائو! ۽ مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ سميت بيروزگاريءَ جي خاتمي لاءِ تڪڙا به اپاءَ ورتا وڃن. ان سان گڏوگڏ ملڪي ادارن طرف به ڌيان ڏنو وڃي، ته جيئن عام ماڻهن کي ڪجهه رليف ملي سگهي.


    محبت جي مياڻ ۾ اسان انسانن ۽ جانورن:

    محبت جي مياڻ ۾ اسان انسانن ۽ جانورن:
    محترم سامعين: هن سموري ڪائنات ۾ يا کڻي ائين چئجي ته هن آسمان هيٺ، جيڪا به ساهواري مخلوق آهي، سا آهي ئي محبت جي مياڻ ۾ بند. اسان انسانن ۽ جانورن جو ازل کان واسطو رهيو ئي قرب ڪرڻ وارن سان آهي. جتي به انسان کي محبت ملندي آهي يا قرب ڏسڻ ۾ ايندو آهي، اُتي ئي ان کي سڪون ۽ آرام ملندو آهي. ڇو ته محبت ۽ قرب اهو گهاٽو وڻ آهي، جنهن جي ڇانوَ ڏاڍي ٿڌڙي ۽ وڻندڙ ٿئي ٿي. هن سماج ۾ محبتون ورهائيندڙ ۽ قرب ونڊيندڙ انسان به ٿڌا ڇانورا ڏيندڙ وڻَ آهن، جن جي ڇانوَ ۾ ويهي ماڻهو گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو. “جي ايندي چَوني آءُ، ويندي چَوني ويھ، ٻيو ڇڏي سارو ڏيھ، اڱڻ وڃجي انِ جي.

    تعليم طاقت رکي ٿي:
    سائين منهنجا: تعليم پنهنجي اندر ۾ هڪ طاقت رکي ٿي، اها ڳالهه تڏهن ممڪن آهي جڏهن ان جو مقصد مقرر ڪيو وڃي، ان کي منظم ڪيو وڃي ۽ ان جو رخ خاص منزل پاسي هجي يا ڪيو وڃي. اسان هميشه اهو سمجهندا آهيون ته جيڪو شخص اسڪول نٿو وڃي، اهو تعليم يافتا نه آهي. ايجوڪيشن اطالوي لفظ“ايڊوڪو”مان ورتو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ “اندر مان اڀرڻ” “انڪشاف ڪرڻ” آهي. ضروري ناهي ته تعليم يافتا شخص وٽ خاص يا عام تعليمي سندون هجن ته اهو پڙهيل آهي. تعليم يافتا ماڻهو اهو آهي، جنهن پنهنجي ذهن کي تربيت ڏني آهي ته هو بغير ڪنهن جو حق ڦٻائڻ جي، هر اها شيءِ حاصل ڪري سگهي ٿو جيڪا ان کي پسند آهي. علم حاصل ڪرڻ جا چار ذريعا آهن، هڪ پنهنجو پاڻ جي تربيت ۽ تعليم، ٻيولامحدود قابليت، ٽيون جمع ڪيل علم جيڪو لائبريرين ۾ موجود آهي ۽ چوٿون تحقيق ۽ سائنس.

    پوليو ڪيسن ۾ گهٽتائي بدران واڌ ڇو اچي رهي آهي؟
    محترم سامعين: پوليو جو مرض سڄي دنيا مان ختم ٿي ويو آهي پر پاڪستان ۾ هي مرض اڃان موجود آهي. پوليو بيماري نه پر ھڪ لاعلاج مرض آھي، جيڪو وائرس ذريعي پکڙجي ٿو، ھي وائرس وات جي ذريعي انساني جسم ۾ داخل ٿيندو آهي. رت ۾ ڦهلجڻ کانپوءِ تنتي سرشتي ۾ پهچي ان جي تباهي ڪرڻ شروع ڪندو آهي ۽ مريض کي اپاهج بڻائي ڇڏيندو آهي. هي وائرس آنڊن کان پائخاني جي ذريعي خارج ٿيندو آهي. ضروري حاجت بعد هٿ نه ڌوئڻ، پاڻي جي ناڪاره نيڪال نظام سبب هي مرض تيزي سان ڦهلجي ٿو. پوليو جي نشانين ۾ بخار سان گڏ ٿڪاوٽ، مٿي جو سور، الٽيون، قبض ۽ ڪڏهن ڪڏهن دست ٻانهن ڄنگهن ۾ سور ۽ ڪنڌ آڪڙجي ويندو آهي. هي بيماري ڪنهن به عمر جي ماڻهو کي لڳي سگهي ٿي پر اڪثر ڪري ٽن سال کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي شرح وڌيڪ آهي. پيدائش کان 59 مهينن جي عمر وارن ٻارن کي ھن بيماري کان بچاءَ لاءِ پوليو جا ڦڙا پيئاريا وڃن ٿا ۽ ان سان گڏ پوليو جا حفاظتي ٽڪا پڻ لڳايا ويندا آھن. پاڪستان ۾ 1994 ۾ پوليو مهم جو گهر گهر آغاز ڪيو ويو. جيڪو اڄ تائين جاري آهي پر پوليو جو خاتمو ممڪن نه ٿي سگهيو آهي.

    سوچ ڇا آهي؟
    محترم سائين: سوچ ڇا آهي؟ سوچ هڪ ڪارخانو آهي جنهن ۾ منصوبا ٺهندا آهن، عقل ۽ شعور ۾ خواهشون هڪ راھ کان اينديون آهن، انهن جي ترتيب ٿيندي آهي ۽ پوءِ عمل ۾ اينديون آهن. سوال هي آهي ته “ڇا انسان هر اها شيءِ حاصل ڪري سگهي ٿوجيڪا هو سوچي ٿو؟” جنهن جو جواب هي آهي ته ها واقعي انسان هر اها شيءِ سوچي حاصل ڪري سگهي ٿو. انسان جي عقل ۽ شعور، هن ڪائنات جي انسانن لاءِ گهڻي ئي ڪارناما سر انجام ڏنا آهن. هي سائنسي ايجادون، انساني صحت کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ مختلف بيمارين جون دوائون ٺاهي انقلاب برپا ڪري ڇڏيا. جيڪڏهن ارادا شاھ لطيف جي ڪردار سسئي وانگيان مضبوط آهن ته پوءِ انسان هر شيءِ پنهنجي شعور جي وسيلي حاصل ڪري سگهي ٿو.

    اسان تعليم جي لحاظ تمام گهڻو پوئتي پيل آهيون:
    محترم سامعين:اسان تعليم جي لحاظ تمام گهڻو پوئتي پيل آهي. هڪ عالمي اداري جي رپورٽ مطابق، اسان تعليمي ميدان ۾ نمبر 174 ملڪن مان 160 تي آهيون. ان ڳالهه مان اندازو لڳائجي ٿو ته، اسان جو تعليمي معيار پوري دنيا ۾ ڪهڙو پيغام پهچائي ٿو. هاڻي اچون ٿا، پنهنجي سنڌ صوبي جي تعليمي صورتحال ڏانهن، جيڪا ملڪ جي ٻين صوبن کان به گهڻو پٺتي پيل آهي. اسان جو وڏو درد اهو آهي ته، سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ کان سواءِ اهڙو ٻيو ڪو به شهر يا ضلعو نه آهي، جنهن ۾ 5 کان 9 سالن جي عمر جا ٻار 50 سيڪڙو به اسڪول ويندا هجن. سروي مطابق، سنڌ جو سڀ کان گهٽ تعليم يافته ضلعو ٿرپارڪر آهي. جنهن ۾ 86.4 سيڪڙو ٻار اسڪول وڃڻ کان محروم آهن. توهان کي اهو ٻڌي افسوس ٿيندو ته 100 مان 80 ٻار اهڙا آهن، جيڪي اسڪول وڃي نٿا سگهن.

    اها هستي استاد جي آهي:
    سائين منهنجا:اسين جنهن سماج ۾ رهون ٿا، ان ۾ هڪ هستيءَ کي هر هنڌ مان ۽ مرتبو ملندو رهي ٿو. اها هستي استاد جي آهي. اهڙو انسان جيڪو ڪنهن کي به ٻه لفظ سٺا سيکاري ٿو اهو استاد آهي. اسين جن اسڪولن مان پڙهي نڪتا آهيون، انهن جي ڇتين هيٺان علم، عقل ۽ شعور ڏنو، انهيءَ هستيءَ کي اسين استاد چئون ٿا ان جي ايتري ئي عزت ۽ احترام ڪريون ٿا جيتري پنهنجي پيءُ ماءُ جو ڪريون ٿا. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪجهه ورهين کان اسان ان هستيءَ کي وساري ويٺا آهيون. اها هستي هن وقت ڪنهن ٻي نظر سان ڏي وڃي ٿي. چوڻ وارا چون ٿا ته انهيءَ ۾ ڪجهه اهڙن استادن جو به عمل دخل آهي، جيڪي صرف پنهنجي پيشي کي پگهار حاصل ڪرڻ تائين محدود ڪري ويٺا آهن ۽ پنهنجي فرض کي قرض سمجهي ادا نٿا ڪن، جن جي ڪري استاد هستيءَ تي اڄ جا ماڻهو آڱريون کڻي رهيا آهن. جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اوترو ئي گهٽ آهي. اچو ته اسين سڀ پنهنجن فرضن کي ايمانداري ۽ سچائيءَ سان نڀايون ۽ هن معاشري ۾ هڪ ٻئي جي احترام کي اوليت ڏيون.

    عورتن جي ڀلائيءَ جي نالي ۾ ٿيندڙ هوٽلائي تقريبون:
    سائين منهنجا: سنڌ ۾ عورتن جي حقن جو ڏيهاڙو ملهائڻ جو رواج اسي واري ڏهاڪي کان پيو آهي، جنهن کي ملهائڻ ۾ وڏو ڪردار هتي ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيمن جو آهي، ان کان سواءِ ميڊيا جو به هن معاملي ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. پر انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته عورتن جي نالي ۾ ٿيندڙ انهن هوٽلائي تقريبن، سنڌ جي عورت جي زندگيءَ ۾ ڪا به تبديلي آڻي نه سگهيون آهن. سنڌ جي پيڙيل عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ يا سرگرمي ڪرڻ الڳ ڳالهه آهي ۽ انهن جي زندگيءَ ۾ تبديلي آڻڻ ٻي ڳالهه آهي. هن وقت سنڌ جي عورت ٻٽي عذاب ۾ آهي. عورت سان نابرابريءَ وارو سلوڪ رکيو وڃي ٿو، جيون ساٿي چونڊڻ جو اختيار کيس نٿو ڏنو وڃي، ملڪيت ٺاهڻ يا پنهنجي نالي منتقل ڪرائڻ جو به کيس حق حاصل ناهي، سندس ڪيل پورهئي کي قدر جي نگاهه سان نٿو ڏٺو وڃي. ڏسجي ته عورتن سان سياسي، سماجي، اقتصادي، قانوني ۽ ثقافتي شعبن ۾ نا انصافيون ٿين ٿيون. جنهن جي نتيجي ۾ سماج ۾ ڪا به وڏي تبديلي، ڪوششن جي باوجود نٿي اچي، ان جو فقط هي سبب آهي ته عورتن جي زندگيءَ کي تبديل ڪرڻ وارا هوٽلن ۾ چار سيمينار ڪرائي پنهنجي زندگيءَ کي ته تبديل ڪري رهيا آهن، پر زميني حقيقتن ۾ ۽ عمل جي ميدان ۾ هو بي عمل آهن. اچو ته گڏجي وچن ڪريون ته عورت جي سڀني روپن ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ ۽ زال کي قبول ڪريون ته جئين هوءَ وڌيڪ معاشري جي بهتري لاءِ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگهي.

    پنهنجا فرض صحيح طرح سان ادا ڪريون:
    محترم سامعين:گندگي جنهن جي نالي کڻڻ سان ڊپ ٿئي ٿو، جنهن مان هزارين مهلڪ بيماريون پيدا ٿين ٿيون. ڇا اهي بيماريون اسان پاڻ پيدا ته نه ڪري رهيا آهيون؟ اڄ اسپتالون ڏسو! ته بيمارن سان ڀريون پيون آهن، خانگي ڪلينڪون به مريضن سان سهڪن ٿيون، ڇا اسين ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته انهن بيمارين جي پيدا ڪرڻ جا اسين ئي سبب آهيون. جيڪي پنهنجي معاشري کي صاف سٿرو نٿا رکن، اهي اصل ۾ مختلف بيمارين کي پيدا ڪرڻ جا سبب پيدا ڪن ٿا. خبر ناهي ته اسان ايڏا بي حس ڇو ٿي ويا آهيون؟ جو اسان پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن کي پاڻ ئي گندگيءِ جي ازدها بلا جي وات ۾ وجهي رهيا آهيون، اسان اڪثر پنهنجي گهرن،دڪانن مان گند ڪڍي گهٽي ۽ رستي تي اڇلي انهن کي خراب ڪري رهيا آهيون، جنهن گهٽي يا رستي تان اسان ۽ اسان جا ٻار هر وقت گذر ڪريون ٿا، اسان هميشه اهو آسرو ڪندا آهيون ته اجهو ڄاڻ ڪي ڄاڻ صفائي ڪرڻ وارا اچي ويندا ۽ ماحول صاف ڪري ويندا. ٻي پاسي اهي عملي وارا اڪثر ڪم چور ٿين ٿا، جيڪي پنهنجي فرض کي ايمانداريءَ سان نٿا نڀائين. سوال هي آهي ته ڇا اسين ائين هڪٻئي تي ڀاڙي پنهنجي معاشري کي صاف ڪري سگهون ٿا؟ جواب آهي ته نه! ان جو آسان حل هي آهي ته اچو ته پنهنجي معاشري کي صاف رکڻ لاءِ پنهنجا پنهنجا فرض صحيح طرح سان ادا ڪريون.

    ماحول کي آلودگيءَ کان بچايون:
    سائين منهنجا: شهرن جي آبادي ۽ واڌ،صنعتي،تجارتي ۽ رهائشي مقصدن لاءِ اڻ ڳڻيون اڏاوتون ٿي رهيون آهن، جن ۾ ڪم ايندڙ سرون ٺاهڻ وارا بي شمار بٺا ڏينهن رات ٻري رهيا آهن، جن مان وڏي مقدار ۾ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ،گئس خارج ٿي رهي آهي، شهرن اندر صنعتي ادارن ۾ ڪتب ايندڙ خام ڪيميائي مادن جي استعمال سبب نڪرندڙ مواد، ڌاتن جي نمڪيات،تيزاب، روغنيات ۽ ٺوس مواد، پاڻي توڻي اڌ ٺوس گهاٽي مادي جي شڪل ۾ رات ڏينهن وڏن پائيپن وسيلي ويجهين ندين،شاخن توڻي واهن ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو. اهو زهر پاڻيءَ ۾ شامل ٿي نه رڳو آبي جيوت کي متاثر ڪري ٿ، پر اتي جي ماحوليات کي به تباهه ڪري رهيو آهي، ٻي طرف ڪينسر،دماغي بيماريون،ڦڦڙن،اکين ۽ معدي جي بيمارين جو سبب بنجن ٿا. ڪارخانن مان نڪرندڙ دونهون هوا ۾ شامل ٿي هوا کي گدلو ڪري رهيو آهي، جنهن مان ساهه ۽ چمڙيءَ جون بيماريون پڻ پيدا ٿي رهيون آهن. ان دونهين مان پيدا ٿيندڙ “ايسبٽاس فائيبر” هڪ خطرناڪ مرڪب آهي، جيڪو انسانن کان سواءِ ٻوٽن تي به خراب اثر ڇڏي ٿو، فاسفورس،آرسيٽڪ،شيهي، پاري ۽ جست جا ذرا فضا ۾ شامل ٿي انسانن،جانورن ۽ ٻوٽن جي ڄمار گهٽائين ٿا. چوڻ جو مقصد هي آهي ته اچو ته گڏجي پنهنجي ماحول کي آلودگيءَ کان بچايون.

    مسلسل جدوجهد ڪرڻ ۾ ئي ڪاميابي آهي:
    سائين منهنجا: هر ماڻهوءَ جي اها اميد هوندي آهي ته هو جنهن به مقصد کي هٿ ۾ کڻي، منزل جي ڳولا ۾ وکون کڻي ٿو، اهو مقصد ان جو پورو ٿئي ۽ اها منزل ان کي ملي. سائين! منزلون به ڪيتريون ئي آهن، جن تي انسان بيهي ٿو، ساهي پٽي ٿو، مقصد ماڻي ٿو ۽ پوءِ وري ٻي منزل جي ڳولا ۾ نڪري پوي ٿو. انسان جو مقصد ئي آهي مسلسل جدوجهد ڪرڻ، سدائين چر پر ۾ رهي. انساني علم جي ڄاڻ رکڻ وارن ڏاهن جو چوڻ آهي ته جيڪا شيءِ هڪ هنڌ بيهي وڃي ٿي ان کي بي جان چيو وڃي ٿو. اڻٿڪ محنت انسان کي صدين تائين زندهه رکي ٿي، اسين جڏهن به ڪو بهتر مقصد کڻي ان تي سوچون ته ان وقت هيءَ ڳالهه به ذهن ۾ رکون ته هزارها ڪلوميٽر/ ميل سفر ڪرڻ، تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن اسين سفر لاءِ پهرين وک کڻنداسين، پوءِ اسين منزلن مٿان منزلون ماڻيندا اڳتي نڪري وينداسون.

    ڏاهن جي ڏاهپ ڀريل ڳالهيون:
    محترم سامعين: ڏاهن جي ڏاهپ ڀريل ڳالهين ۾ اسان جي لاءِ بهتر زندگي گهارڻ جا سوين گس موجود آهن، حضرت مولانا رومي جو چوڻ آهي ته “جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته ڏينهن وانگر روشن ٿيان ته پنهنجي هستيءَ کي پنهنجي دوست اڳيان ساڙي ڇڏ ” حافظ شيرازيءَ فرمايو ته “ڪجهه نه ڪجهه عيب سڀني ۾ موجود ٿين ٿا، فرق فقط اهو آهي ته عقلمند پنهنجا عيب پاڻ محسوس ڪري ٿو ۽ دنيا محسوس نٿي ڪري، جڏهن ته بيوقوف پنهنجا عيب پاڻ محسوس نٿو ڪري ۽ دنيا هُن جا عيب محسوس ڪري ٿي” ابن جوزيءَ جو چوڻ آهي ته “ غور ڪريو ته دنيا ۾ اسان کي زندگي گذارڻ لاءِ جيڪو وقت ملي ٿو، ان جي حقيقت ڇا آهي؟ فرض ڪريو هڪ شخص سٺ ورهيه زندهه رهي ٿو، ان جا ٽيهه ورهيه آرام ۾ گذريا، پندرنهن ورهيه ننڍپڻ ۽ راند روند ۾، باقي جيڪو وقت بچيو اهو اسان جي کائڻ پيئڻ ۽ ڪمائڻ ۾ خرچ ٿي ويو. ان دائمي حياتيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ قيمتي وقت وڃائڻ نه گهرجي پر ان جي اهميت کي محسوس ڪرڻ کپي”

    پهريون پاڻ کي سڃاڻڻ گهرجي:
    محترم سامعين: دنيا جي عظيم انسانن هميشه هن ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به شخص کي پنهنجي وجود بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻي آهي ، هن ڪُل ڪائنات مان واقفيت حاصل ڪرڻي آهي يا پنهنجي پرائي کي سڃاڻڻو آهي ته پوءِ سڀ کان پهريون پاڻ کي سڃاڻڻو پوندو. هونءِ به سائين! جڏهن اسان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي وٺنداسين، تڏهن ئي دنيا جي اسرارن تان پردا هٽندا ۽ جڏهن عجب اسرارن تان پردا هٽڻ لڳندا آهن، تڏهن انسان همه اوست جي واديءَ ۾ گم ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ ماڻهو پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي جهومندي ۽ ڳالهيون ڪندي نظر ايندو آهي. ڏاهن جو چوڻ آهي ته جنهن پنهنجو پاڻ کي سڃاتو تنهن ڄڻ سڀ کي سڃاتو.

    دوستي ۽ احسان مندي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي:
    سائين منهنجا: دوستي ۽ احسان مندي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي، احسان واري جو هر هميشه خير گهرڻ ئي احسان چڪائڻ جو حق ادا ڪرڻ آهي. ڪو اسان کي رستو ڏسي ٿو ته ان جو احسان مڃڻ ۾ ڪو به حرج ناهي. هڪڙو ننڍڙو قصو اوهان جي سماعتن تائين.“ جهنگ ۾ هڪ نانگ ڊوڙندو هڪ شخص وٽ آيو ۽ کيس چيائينس ته “مونکي جوڳي پڪڙين ٿا ان ڪري مونکي لڪاءِ” تنهن تي ان شخص نانگ کي چيو ته “مان توکي ڪٿي لڪايان” نانگ ان کي چيو ته “پنهنجي اندر ۾ لڪاءِ” ان شخص نانگ کي پنهنجي اندر ۾ پناهه ڏني.” جڏهن جوڳي هليا ويا تڏهن نانگ جسم مان ٻاهر نڪرڻ کان انڪار ڪيو. اها صورتحال هڪ ٻگهه پکي ڏسي رهيو هو. تنهن ان شخص کي چيو ته “ پنهنجو وات ڦاڙ ته مان اهو نانگ کاوان ٿو” ٻگهه ائين ڪيو پر نانگ مرندي ان شخص کي چيو ته “مون پنهنجو سمورو زهر تنهنجي بدن ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي” چوڻ جو مطلب هي آهي ته هر شيءِ پنهنجي فطرت جا رنگ ڏيکاريندي آهي.

    سڀ اهو آهي ۽ انهيءَ کان ئي آهي:
    سائين منهنجا: جڏهن انسان غير الله کي ترڪ ڪري ٿو، يعني فنا في الله جي درجي تي پهچي ٿو، تڏهن لڪل ۽ ڳجهي نظر سان، سواءِ الله جي ٻيو ڪي ڪين ڏسي ٿو، تڏهن هن لاءِ ائين ئي ٿئي ٿو ته جيڪو هي ڏسڻ وارو آهي سو هو آهي، يعني هيءُ هُن ۾ گم آهي، تڏهن هِن ۽ هُن جي جدائي نٿي ٿئي، تڏهن ته چوي ٿو ته “ سوهي سو هُو، سو اجل سو الله ” جڏهن حقيقي محبوب جي ٻيو ڪي به ڪين ٿو ڏسي، تڏهن اجل به هڪ امُر الله جو ڀائنين ۽ چوي ٿو ته “سڀ اهو آهي ۽ انهيءَ کان ئي آهي” سو پرين منهنجو الله آهي، سو ئي منهنجو پساهه آهي، سو ئي منهنجو واهرو ۽ مددگار آهي، سو ئي سزا ڏيڻ وارو آهي. جيئن پساهه اندر ٻاهر هوندو آهي تئين منهنجو حقيقي محبوب به منهنجي اندر ۽ ٻاهر آهي.الله تعاليٰ پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي ته “ونحن اقرب اليه من حبل الوريد” يعني مان اوهان کي ساهه جي رڳن کان به ويجهو آهيان.”

    ڏاهن جون ڏاهپ واريون ڳالهيون:
    محترم سائين: هن دنيا جي ڏاهن جي ڏاهپ وارين ڳالهين ۾ اسان لاءِ هڪ صاف سٿرو رستو هوندو آهي، فرق فقط هي هوندو آهي ته اسان انهن نُڪتن کي سمجهي ان تي عمل ڪري پنهنجي زندگي کي بهتر بڻائي سگهون ٿا يا نه !؟ سنڌ جو ڏاهو امرجليل ڇوي ٿو ته “ سچ جي حمايت فقط ڪوڙ نه ڳالهائڻ سان نٿي ٿئي، پر سچ جي حمايت صرف سچ ڳالهائي ڪري سگهجي ٿي.” سنڌ جي عظيم محقق ۽ باباءِ تعليم سنڌ علامه آءِ آءِ قاضي چوي ٿو ته“انسان اشرف المخلوقات تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن هو زندگيءَ جو مقصد مقرر ڪري ٿو. ”لارڊ شين جي گم ٿيڻ بابت چوي ٿو ته“شيون وڃائجي ناهن وينديون، پر اصل ۾ اسان کين اتي ناهيون ڳوليندا، جتي اهي پيون هونديون آهن.” لبناني ڏاهو خليل جبران جو چوڻ آهي ته“تون محبت ۽ دلين جو روح آهين، تنهنجا نغما پاڪ ۽ آزادي جي ساٿ لاءِ آهن ۽ اهي گيت غلاميءَ ۾ ڪڏهن به آلاپي نٿا سگهجن” دوستي بابت چوي ٿو ته “دوستي فقط دوستيءَ خاطر ڪجي ڇو ته جيڪا دوستي ڪنهن مطلب لاءِ ڪئي وڃي ٿي، اها دوستي نه آهي پر هڪ ڄار آهي،جنهن ۾ شڪار ۽ شڪاري ٻئي ڦاسن ٿا”.

    سهڻي ڌرتيءَ ڪيئي روشن ستارا پيدا ڪيا:
    محترم سائين: فن ادب صحافت توڙي راندين روندين ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ همت افزائي ڪرڻ يا اخلافي ۽ مالي سهائتا ڪرڻ ٻين ادارن سان گڏ اسان جو فرض ۽ ذميواري آهي اهي ماڻهو جيڪي زندگي جي مختلف ميدانن ۾ نمايان ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪن ٿا تن جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ قوم ۽ ملڪ جو فرض آهي، ته کين سندن خدمتن عيوض اهو ساڳيو بلڪ ان کان وڌيڪ مانءُ ۽ احترام موٽائي ڏيون، جنهن سبب اسان جو ڪنڌ دنيا ۾ اوچو ٿيو آهي. اسان جي سهڻي ڌرتيءَ اهڙا ڪيئي روشن ستارا پيدا ڪيا آهن، جن تي اسان کي بجا طور تي ناز آهي، سنڌ به ان ڏس ۾ پٺتي ڪونه رهي آهي، اياز جهڙو شاعر امرجليل جهڙو ڪهاڻيڪار، عابده پروين، حميرا چنه ۽ صنم مارئي جهڙيون ڪلاسيڪل فنڪارائون، جيجي زرينه بلوچ، زيب النساءِ ۽ مائي ڀاڳي ۽ روبينه قريشيءَ جهڙيون لوڪ فنڪارائون، شير ميربحر جهڙو پهلوان، سلطانه صديقيءَ جهڙي ٽي وي پروڊيوسر، علي بابا ۽ شمشير الحيدري جهڙا آل رائونڊر، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ پير حسام الدين راشديءَ جهڙا مؤرخ، ڪنور ڀڳت، حيدر بخش جتوئيءَ، جيوڻي ٻائيءَ، ماسٽر چندر، استاد الهه ڏني نوناريءَ، علڻ فقير، محمد يو سف، استاد منظور علي خان، محمد ابراهيم ۽ استاد محمد جمن جهڙا سريلي آواز جا مالڪ، اسان جي دلين ۾ سدائين لاءِ زندهه آهن. قربان جيلانيءَ، عبداللطيف ساقيءَ، نور محمد لاشاريءَ، مشتاق جيسڪاڻيءَ، محمود صديقيءَ، مشتاق چنگيزيءَ، انور سولنگيءَ، مصطفيٰ قريشيءَ، محبوب عالم، محمد علي ۽ ملڪ انوکي جهڙا عظيم اداڪار، صحافتي دنيا ۾ سراج الحق، فقير محمد لاشاري، اسلم آزاد، انور پيرزادي، هدايت منگي ۽ ٻيا کوڙ سارا نالا جيڪي اسان جا هيرا آهن تن سان محبت ڪرڻ ڄڻ وطن سان محبت ڪرڻ برابر آهي .

    ٻين جو دوست ۽ مددگار بنجڻ جو طريقو:
    محترم سائين: اسان کي ٻين جو دوست ۽مددگار بنجڻ جو طريقو سکڻ گهرجي هميشه پنهنجائپ وارو سلوڪ ڪرڻ گهرجي اسان کي هن دنيا ۾ جنهن شيءِ جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي سا آهي دوستي، دوستي رکڻ نهايت ڏکيو ڪم آهي پر ان جي ڀيٽ ۾ دشمن بنائڻ ۾ ڪابه دير ناهي لڳندي، دوستي نالو آهي سهپ ۽ رواداري جو، اُهي شخص جيڪي خوش نظر اچن ٿا، تن کي اها خوشي ۽ ڪاميابي دوستن وسيلي ئي حاصل ٿيندي آهي. انسان جا جيترا گهڻا دوست هوندا، اوترآساني سان تڪليفن کي منهن ڏئي سگهندو. اسين جڏهن پاڻ کي هڪٻئي جو دوست چئون ٿا، تڏهن اسانکي ڏک ۽ سک ۾ گڏجي رهڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ گهرجي .

    عمل اسان جا پنهنجا ڪوجها آهن ۽ ڏوهه وري زماني جو:
    محترم سامعين: مون اڪثر ٻڌو ۽ پڙهيو آهي ته زمانو خراب آهي. فلاڻي سال يا صدي هيترا هاڃا ڪيا، هيترا نقصان ڪيا ۽ هيترا ماڻهو ماريا. اصل ۾ زمانو خراب ناهي ٿيندو، سالن ۽ صدين جو ڪو به ڏوهه ناهي، ساڳيون راتيون ساڳيا ڏينهن، ساڳيو سج، اوڀر کان اڀري اولهه طرف لهي ٿو. ڪابه تبديلي نه آئي آهي. هر شيءِ جيئن جو تيئن آهي، هر شيءِ پنهنجي مقرر وقت تي پنهنجون سرگرميون انجام ڏئي ٿي. جي بدليا آهن ته صرف ۽ صرف اسانجا ڪردار. اسان جي نيت ۾ بدنيتي اچي وئي آهي. اسان منجهان ماڻهپو موڪلائي ويو آهي ۽ پنهنجائپ پري ٿي وئي آهي، اڄ ڀاءُ جو ڀاءُ دشمن بڻيل آهي. اڳ جتي پيار، محبت، ڀائيچاري، ايڪي، اتحاد ۽ ٻڌيءَ جي پوک پوکي ويندي هئي، اڄ اُتي نفرتن جو ٻج ڇٽيو پيو وڃي، پنهنجي اوڳڻن ڏانهن به جهاتي پائڻ گهرجي، پراڻي يا نئين صدي يا سال کي ڏهي قرار ڏيڻ سان اسان پاڻ سان نا انصافي ڪريون ٿا. اڄ اسان پاڻ ۾ سچائي، نيڪ نيتي پيدا ڪريون ۽ ڪنهن ڏانهن آڱر کڻڻ کان اڳ اهو غور ڪريون ته باقي آڱرين جو رخ اسان ڏانهن آهي. پنهنجي اندر ۾ ستل ماڻهپي کي جاڳايون، ڪنهن جا جذبا مجروح نه ڪريون، حق ۽ سچ جي راهه جا راهي بڻجون ته شايد اهڙا ڏکيا ڏينهن ڪڏهن به ڏسڻا نه پون، ڪردار ۽ عمل اسان جا پنهنجا ڪوجها آهن ۽ ڏوهه وري زماني تي ڏيون ٿا!

    پيار جو رستو، ڀلو رستو آهي:
    محترم سامعين: اسان مان ڪي اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي پنهنجو سمورو ڏينهن شڪ ۽ وهم ۾ گذاري ڇڏيندا آهن ۽ ٻئي ڏينهن وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه. چوندا آهن ته شڪ ۽ وهم جو علاج ته حڪيم لقمان وٽ به نه هيو. اهڙي قسم جا ماڻهو ڪنهن جي به خوشيءَ ۾ خوش ناهن هوندا، انهن جي هر هميشه اها ڪوشش هوندي آهي ته صلح نه هجي، ماڻهو هڪٻئي کان نفرتون ڪن، پاڻ ۾ وڙهيل هجن. اهڙي قسم جي ماڻهن کي ٻين جو اٿڻ ويهڻ به ناهي وڻندو، ان ڪري هو هميشه هٿ جا ناٽڪ ڪري، ڪوڙيون ۽ غير ضروري ڳالهيون گهڙي، ٻين جو سُک ۽ آرام وڃائڻ ۾ پنهنجي معتبري سمجهندا آهن. اهي سدائين ان شڪ ۾ هوندا آهن ته فلاڻا ماڻهو پاڻ ۾ ڇو کليا؟ پاڻ ۾ ڇو مليا؟ جي مليا ته ڪهڙي ڪم خاطر مليا؟ ڪٿي دال ۾ ڪارو ته ناهي؟ پوءِ اهڙا سوال هوندا آهن ۽ اهو وهمي ۽ شڪي ماڻهو ويندو نفرتن جا پهاڙ ٺاهيندو تان جو اهي پهاڙ ٻرندڙ لائو بڻجي آسپاس جي ماحول کي ساڙي خاڪ بڻائي ڇڏيندا آهن، پوءِ به اهڙن ماڻهن جو پيٽ ناهي ڀربو ۽ وري هو پنهنجي ڪِرتِ ۾ لڳي ويندا آهن. اسان وٽ شل نه اهڙا ماڻهو ڪنهن عورت کي ڪنهن مرد سان يا ڪنهن مرد کي ڪنهن عورت سان ڀائپي برادريءَ جي ڳالهه ڪندي ڏسي وٺن! پوءِ آسمان مٿي تي هوندن ۽ راڄ گڏ ڪري پيا ٻين ماڻهن اڳيان اهي لقاءَ وڌائي پيا پيش ڪندا ۽ پاڻ کي ٻين کان وڏو سمجهي پاڻ ننڍن کي پيا ڪوسيندا ته هو ان معاملي ۾ اڳتي ڇو ڪونه ٿا اچن؟ اچو ته اهڙيون غير ضروري ۽ بيڪار ڳالهيون پاڻ مان ڪڍون، شڪ ۽ وهم کي پنهنجي اندر ۾ پناهه نه ڏيون ۽ پنهنجي اندر کي کير وانگي اڇو، شيشي وانگيان اجرو رکون، ڇو ته جڏهن اسان جو اندر اڇو اجرو هوندو تڏهن سمورو سنسار به اجرو ڏسڻ ۾ ايندو. اچو ته گڏجي پنهنجن ماڻهن سان محبت ڪريون ڇو ته پيار جو رستو، ڀلو رستو آهي، جيڪو ڪڏهن به ڪنهن کي، ڪنهن به قسم جي اوجهڙ ۾ ناهي اڇليندو.


    معاشري ۾ وقت کي اهميت ڏجي

    معاشري ۾ وقت کي اهميت ڏجي:
    محترم سائين: اسان جي معاشري ۾ وقت کي اهميت نه ڏيڻ ڪري، گهڻو ڪري ڪم مقرر وقت ٿي ناهن سگهندا. اسان اڪثر ڪري ڏٺو هوندو ته ملازم آفيسن ۾ وقت تي ناهن پهچندا، شاگرد وقت تي ڪلاس اٽينڊ نه ڪندا، ريل گاڏيون پنهنجي مقرر وقت تي نه پهچنديون، شادي جي تقريب ۾ ڪارڊ اندر لکيل وقت تي مهمانن کي ماني نه ملندي، هڪ دوست ٻئي دوست کي ڏنل وقت تي نه پهچندو، مطلب ته اسان وٽ اهو هڪ قسم جو رواج ٿي ويو آهي ته ڪو به ڪم مقرر وقت تي ناهي ڪرڻو، ٻيو ته ٺهيو پر سماج جا سلجهيل ماڻهو، اديب،شاعر، فنڪار، دانشور ۽ سياسي اڳواڻ به دير ۾ پهچڻ جي معاملي ۾ ڪنهن کان به گهٽ ناهن، اڪثر سيمينارن، ورڪشاپن، جلسن جلوسن ۽ مختلف دعوتن ۾ سماج جو ساڃاهه وند طبقو ئي وقت تي نه پهچندو آهي، هر تقريب ۾ دير بعد تقريرون شروع ٿينديون ته پرچي مٿان پرچي هوندي ته سائين جلدي ڪريو وقت تمام گهٽ آهي، ٻيا به آهن انهن کي به ڳالهائڻو آهي، وري تقرير ڪرڻ کان فورن بعد همراه هليو ويندو ته منهنجو وقت ٻئي هنڌ به آهي، ڪڏهن ته ائين به ٿيندو آهي جو صدر ۽ مهمان خاص هليا ويندا آهن پر تقريب جاري هوندي آهي. اهي ريتون يا وڏپايون ختم ٿيڻ گهرجن.

    ميڊيڪل اسٽورن تي نقلي دوائن جو وڪرو بند ڪرايو!
    محترم سامعين: ميڊيڪل اسٽورن تي نقلي دوائون وڪرو ڪرڻ هڪ وڏو آهي. نقلي دوائن جو ڪاروبار عام طور تي ٿوري ٽائيم ۾ گهڻو پئسو ڪمائڻ لاءِ ڪجي ٿو. ان ڪم ۾ تمام گهڻيون ڪمپنيون شامل آهن ۽ اهي ڊاڪٽر به جيڪي پنهنجي ڊگري وٺڻ وقت اهو قسم کڻندا آهن ته اهي صرف انسان ذات جي خدمت ڪندا. حڪومت انهن ڪمپنين خلاف ڪوئي قانوني قدم ناهي کنيو ۽ نه ئي انهن ميڊيڪل اسٽورن جي چيڪنگ ڪئي وڃي ٿي، جتي نقلي دوائن جو وڪرو عروج تي آهي، جنهن جو سڌو سنئون اثر صرف غريب عوام تي پوي ٿو جيڪو پنهنجي پگهر جي ڪمائي صرف انهن نقلي دوائن تي خرچ ڪري ڇڏين ٿا. حڪومت کي گهرجي ته اهو سستو ڪاروبار بند ڪرڻ لاءِ جلد کان جلد اُپاءُ ۽ انهن ڊاڪٽرن خلاف پڻ قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪي اهڙيون دوائون تجويز ڪن ٿا.

    برسات گهٽ پوڻ جو وڏي ۾ وڏو سبب وڻن جي واڍي آهي:
    سائين منهنجا: ماحوليات جي عالمي ماهرن جو خيال آهي ته برسات گهٽ پوڻ جو وڏي ۾ وڏو سبب وڻن جي واڍي آهي، ڇاڪاڻ ته برسات جو پوڻ وڻن سان لاڳو آهي. سنڌ ۾ هونئن وڻن جي غير قانوني واڍي واري مسئلي تي ڪا اين جي اوز به روڄ راڙو نٿي ڪري، سنڌو درياءَ جي ڪنارن وارا ٻيلا مڪمل ختم ٿي ويا آهن، ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه وڃڻ سبب لاڙ ۾ تمر جا ٻيلا به اجڙي ويا آهن. هوڏانهن ٿر واري ڪارونجهر جبل ۾ گُگَرَ جا وڻ به وڍجي چڪا آهن. اسان جا ماڻهو وڻن جي معاملي ۾ اڃا ايترا باشعور ۽ حساس نه ٿيا آهن، جو هر سال نوان وڻ پوکي سنڌ کي سوئيزرلينڊ بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪن. مهذب معاشري ۾ وڻ پوکڻ جو ڪم حڪومتون ڪنديون آهن پر اسان وڻن جي غير قانوني واڍي به روڪرائي نه سگهيا آهيون، وڻ ڌرتيءَ جي نه رڳو سونهن چيا وڃن ٿا پر وڻ ڌرتيءَ جي بقا پڻ آهن. سنڌ جي سڀني ماحول دوست ماڻهن ۽ تنظيمن کي هن مسئلي جو ضرور نوٽيس وٺڻ گهرجي.

    اسين رڳو سکڻن نعرن ۾ پنهنجي دل وندرائي رهيا آهيون:
    سائين منهنجا: هن ئي پروگرامن ۾ اسين وڻن جي اهميت تي ڪافي گفتگو وقت بوقت ڪندا آيا آهيون، اڄ اسين هن ڳالهه تي نظر وجهون ٿا ته هي جيڪي وڻ اسين ڪَٽي رهيا آهيون تن جو ڪيترو نقصان ٿي رهيو آهي. اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته وڻن جي وڍجڻ کان پوءِ دريائن جا وهڪرا گهٽجي ويندا آهن، جَرَ جو پاڻي اونهو ٿي ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻيءَ جو ڏڪار ٿيندو آهي، جيڪو اسين سنڌ واسي ڪافي عرصي کان ڀوڳي رهيا آهيون، ٻيلن جي وڍجڻ کان پوءِ سنڌ ۾ ايڪالاجيڪل تبديلي اچي رهي آهي، جهنگلي جيوت جو خاتمو ٿي رهيو آهي، سنڌ ۾ اسان ماڻهن وڻن جي ايتري ته واڍي ڪئي آهي جو هاڻ ٻارڻ لاءِ به ڪاٺيون اڻلڀ آهن. اڄ ٿر ۾ انهن ٻيلن جو نانءُ نشان به ڪونهي. سنڌوءَ جي ڪنارن وارا قيمتي ٻيلا اسان جي اکين اڳيان وڍجي ڀڳڙن مٺ تي وڪامجي ويا ۽ اسين رڳو سکڻن نعرن ۾ پنهنجي دل وندرائي رهيا آهيون، جيڪو عمل افسوس ناڪ آهي.

    امن لاءِ ڪوشش وٺي، پنهنجي وجود کي بچايون:
    سائين منهنجا: امن جتي به هوندو اتي ترقي ٻرانگهون ڀريندي اڳتي هلندي ويندي، ڇو ته امن سان ئي ساري سنسار جي سونهن ترقي ۽ بقا آهي. هن ڌرتيءَ جي گولي تي رهندڙ اهي انسان جن جي دلين ۾ انسانيت زنده آهي، جن جو من اڄ به پرائي درد تي جاڳي ٿو توڙي اهڙا انسان هن ڌرتيءَ جي گولي تي امن گهرندا آهن نه صرف امن گهرندا آهن پر امن لاءِ ڪو ششون به ڪندا آهن. اسان کي به اڄ اهو واعدو ڪرڻ گهرجي ته پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ امن قائم ڪريون، جتي جهيڙا وڏا نقصان ڏين ٿا، اتي گڏجي امن لاءِ ڪوشش وٺي، پنهنجي وجود کي بچايون ۽ سموري عالم ۾ امن لاءِ ۽ سموري عالم کي آباد رکڻ لاءِ ڌڻيءَ در دعاگو ٿيون.
    سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار
    دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

    هيءَ دنيا هڪ وهندڙ درياءُ آهي:
    سائين منهنجا: هيءَ دنيا هڪ وهندڙ درياءُ آهي. اها خبر اسان سڀني کي آهي ته جيڪا به شيءِ ڳري هوندي آهي، سا پاڻي ۾ ٻڏي ويندي آهي. چوڻ جو مقصد هي آهي ته دنيا جي هن درياءَ ۾ هر انسان کي ڪک پن وانگي هلڪو ٿي گذارڻ گهرجي، ڇو ته ڪک پن کي ٻڏڻ جو ڪو به خطرو نه هوندو آهي. ڪک ۽ پن ته خود ٻين جو سهارو بنجن ٿا، هن دنيا ۾ جنهن انسان پنهنجو پاڻ کي ڪجهه به نه سمجهيو، ان ئي سڀ ڪجهه حاصل ڪيو. اسين دنيا جي ڪنهن به عظيم انسان جي زندگيءَ تي نظر وجهنداسين، ته اهو معلوم ٿيندو ته ان عظيم انسان پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن به ڪاوڙ ۽ ڪروڌ نه ڪيوهوندو، هن هميشه ڪاوڙ کي پي ڇڏيو، هن وٽ هر ايندڙ ويندڙ عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي.

    هر ڪامياب ماڻهو اهوئي ٿيو آهي:
    محترم سامعين: هن دنيا ۾ هر انسان ڪامياب ٿيڻ لاءِ مختلف جتن ڪندو رهي ٿو ۽ هر ڪامياب ماڻهو اهوئي ٿيو آهي، جيڪو هنن ڳالهين تي عمل ڪري ٿو. ڪٿي دعا سان ته ڪٿي دوا سان، ڪٿي دنيا سان ته ڪٿي رضا سان، ڪٿي نياز سان ته ڪٿي ناز سان، ڪٿي نظر سان ته ڪٿي نينهن سان، ڪٿي علم سان ته ڪٿي عمل سان، ڪٿي عقل سان ته ڪٿي عدل سان، ڪٿي ذڪر سان ته ڪٿي فڪر سان، ڪٿي شڪر سان ته ڪٿي صبر سان، ڪٿي سينگار سان ته ڪٿي نثار سان، ڪٿي گفتار سان ته ڪٿي رفتار سان، ڪٿي اخلاق سان ته ڪٿي اخلاص سان، ڪٿي حسن سان ته ڪٿي سخن سان، ڪٿي شيريءَ سان ته ڪٿي فقيريءَ سان، انسان هن دنيا ۾ لکين ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون ماڻي سگهي ٿو. جنهن لاءِ هيءُ شرط لازمي آهي ته انسان کي ان رستي تي هلندي ڪجهه تڪليفون ضرور اينديون، ڪٿي لالچون ڏنيون وينديون ته ڪٿي ڌڙڪا، دهمان ۽ داٻا، پر ان عمل ۾ ڪڏهن به پنهنجي ڪردار کي داءَ تي نه لڳائڻ گهرجي.

    اسپتال جي فرش تي ٻار ڄڻيندڙ ماءُ ۽ صحت کاتو!
    محترم سامعين: صحت کاتي جي ڪارڪردگي تان پردو کڻڻ لاءِ ته ميڊيا جون رپورٽون ئي ڪافي آهن پر، سنڌ جي اسپتالن ۾ پيش آيل واقعا صحت کاتي سميت اعليٰ اختيارين جي منهن تي چماٽون آهن. هڪ طرف سنڌ جا واڳ ڌڻي چون ٿا ته جنهن کي ترقي ڏسڻي هجي اهو سنڌ ڏسي، ته ٻئي طرف وري مائرون اسپتالن ۾ فرشن تي ٻارن کي جنم ڏئي صحت کاتي جي ڪارڪردگيءَ تي سوال اٿاري رهيون آهن. سنڌ جي اڪثر اسپتالن ۾ عملي جي بي حسي ۽ غير معمولي لاپرواهيءَ سبب ڳورهاري عورتون اسپتال جي احاطي ۾ فرش تي ٻارن کي جنم ڏين ٿيون. هي ڪي نوان واقعا ناهن، پر ماضي ۾ ليئو پائڻ سان اهڙا کوڙ مثال ملندا جن سان سنڌ جي صحت کاتي تي ڪيئي سوال اٿاري سگهجن ٿا، ڪڏهن روڊن تي، ڪڏهن فٽ پاٿن تي، ته ڪڏهن وري رڪشائن ۾ عورتن ٻارڙن کي جنم ڏنو آهي. صحت کاتي کي ملندڙ اربين روپيا بجيٽ الائي ڪٿي خرچ ڪئي وڃي ٿي، ڪيستائين ڊاڪٽر غير ذميواري جو مظاهرو ڪندا رهندا؟

    اها محبت جي انتها آهي:
    سائين منهنجا: جڏهن نه ڪو پيارو ماڻهو رسي ويندو آهي تڏهن دل ۾ بيچيني ۽ بيقراري پيدا ٿي پوندي آهي ۽ ان بيقراريءَ کي ڏسندي، سنگتي ۽ ساٿي چريو چوڻ لڳندا آهن. سائين! هونءَ به چاهت ۾ ماڻهو کي چريو ئي سڏيو ويندو آهي. ڇو ته چاهت جي درياءَ ۾ اڻ تارو به پنهنجي پرينءَ جي چيچ پڪڙي گهڙي پوندو آهي، هو اهو ناهي ڄاڻيندو ته درياءَ جون تيز ڇوليون هن کي وڪوڙي نه وڃن. بس هو فقط پنهنجي پرينءَ جي سڪ ۽ اُڪير ۾ هلندو رهندو آهي. هو ته هميشه ان خيال ۾ رهندو آهي ته هُن جو محبوب هن کي ياد ڪري، پر جي هن کي پنهنجو پرين ياد به نه ڪري ٿو تڏهن به هو پنهنجي پرينءَ کي مياري نٿو سمجهي، اها محبت جي انتها آهي.

    سي جي فنڊن کي اسڪولن جي بهتريءَ لاءِ خرچ ڪرڻ گهرجي:
    محترم سامعين: سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان سنڌ ۾تعليم جي سڌاري، اسڪولن جي بهتري ۽ شاگردن کي، بهتر سهولتون ڏيڻ لاءِ مختلف اسڪيمن تي ڪم ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ اسڪول مئنيجمينٽ ڪميٽيون قائم ڪري مقامي سطح تي ڪروڙين روپيا ڏنا پيا وڃن، جيڪي صحيح طرح استعمال ڪرڻ بدران هيٺ مٿي ڪري پنهنجا نوازي ڪئي ويئي آهي. ايس ايم سي جي فنڊن کي اسڪولن جي بهتريءَ لاءِ خرچ ڪرڻ بدران همراهه هڪٻئي کي ڪميشنون ڏيئي، انهن پيسن کي پنهنجي ذاتي سڌاري لاءِ سمجهي خرچ ڪيو پيو وڃي. اسان کي الائي اها ڳالهه ڪڏهن سمجهه ۾ ايندي ته اسان پنهنجي ٻارن جو مستقبل پاڻ تباهه ڪري رهيا آهيون ۽ ڏوهه وري ٻين تي ڏيون ٿا. اسين پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هڻي پوءِ ڦريل وانگيان يا ائين چئجي ته جعفر ڪوڙي وانگر رڙيون ڪري دنيا جي اڳيان اهو بانور ڪرائي رهيا آهيون، ته اسان جا هٿ صاف آهن ۽ اسين وڏا ايماندار آهيون.

    ڪوهه نور هيري کان به وڌ قيمتي هيرا:
    محترم سامعين: اسان اڪثر ڪري پنهنجي نفسانفسيءَ ۾ قوم جي هيرن کي وساري پنهنجن ڌنڌن ۾ لڳي ويندا آهيون، انهن ڪوهه نور هيري کان به وڌ قيمتي هيرن، اسان لاءِ آزاديءَ جو جنگيون وڙهي اسان جي ڪنڌن مان غلاميءَ جا طوق لاٿا، جن جي قربانين سبب اسان کي بقا ملي آهي، اسان کي وطن مليو آهي. اهڙن عظيم انسانن کي هردم هر گهڙي نه صرف ياد رکڻ کپي پر اهي اسان جي ساهه ۾ ائين سمايل هجن، جيئن اسان جو وجود انهن جي ئي دم سان هجي. وڏائي ان ۾ ناهي ته انسان وٽ ڌن ۽ دولت آهي، اها دولت ڪهڙي ڪم جي جيڪا غلام بڻائي. اهي انسان عظيم ڪٿي ٿي ٿا سگهن، جيڪي دولت حاصل ڪرڻ لاءِ غلاميءَ کي قبول ڪن ٿا. تاريخ ته عظيم انسان انهن کي لکيو آهي جيڪي ڏاڍ جبر ۽ ظلم خلاف اٿي وڙهيا آهن، جن ڌن دولت جي عيوض پنهنجو ايمان ۽ وطن نه وڪيو. اسان جا اهي انمول هيرا اسانجي عزت، آبرو، شان ۽ مانُ آهن، ان ڪري اسان کي پنهنجا هيرا وسارڻ نه گهرجن پر هر حال ۾ هر هنڌ انهن جي عظمت جا ڳڻ ڳائي پنهنجي عظيم تاريخ کي ياد ڪري اهو پڪو پهه ڪريون ته غلاميءَ کي ناپسند ڪبو پوءِ اها ڪهڙي به روپ ۾ ڀلي ڇو نه هجي.

    اسان به برابر جا قصوار آهيون:
    محترم سامعين: سنڌ جي آبپاشي نظام کي دنيا جو بهترين نظام مڃيو ويو، پر اڄ ان نظام جي حالت تمام بري آهي. واهن، ڪئنالن ۽ شاخن سان جيڪي وڻ لڳايا ويا هئا، اهي انساني آسيس ۽ ڪنارن جي مضبوطي خاطر پوکيا ويا هئا، جن کي اسان تمام ٿوري ذاتي فائدي لاءِ وڍائي ناس ڪري ڇڏيو. آبپاشي کاتي جا عملدار اول ته اها ڳالهه مڃيندا ئي ناهن ته ڪو وڻ وڍيا ويا آهن، پر جي ڪٿي نجي ڪچهرين ۾ مڃيندا به آهن ته وڻ وڍيندڙن جو بااثر هجڻ وارو بهانو بڻائي، پاڻ کي هر ذميواريءَ کان آجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جي کڻي ٿوري دير لاءِ مڃي به وٺجي، پر آبپاشي عملدارن کي وڻ وڍجڻ جي جاءِ تي نوان وڻ لڳائڻ کان ڪير روڪيندو هوندو!؟ هي هرسال پنهنجي رڪارڊ ۾ ڏيکارين ٿا ته اسان هر سال تمام گهڻي تعداد ۾ وڻ لڳايا آهن پر اصل ۾ اهي ڪاغذن جي سونهن بڻيل هوندا آهن. ڪجهه به هجي هر حال ۾ عام ماڻهوءَ جو ئي نقصان ٿيندو آهي.

    هيءَ ڪائنات ڪيڏي نه خوبصورت آهي:
    سائين منهنجا: ڪنهن ڏاهي ڪيڏو نه سچ چيو آهي ته “ هيءَ ڪائنات ڪيڏي نه خوبصورت آهي، حسين ڪائنات کي خلقيندڙ، حسن کي پسند ڪري ٿو، جيڪو حسن کي چاهي ٿو اهو خلقيندڙ جي ساراهه ڪري ٿو. هن ڌرتيءَ جا رنگ، هن ڪائنات جون خوش مجازيون، پکين جون وڻندڙ ٻوليون، ساوا ۽ سرسبز کيت ۽ باغ، درياءَ ۽ واديون سڀ حسن جو مظھر آهن. حسين دنيا کي خلقيندڙ دنيا جي سڀني رنگن کي ملائي هڪ حسين تر تحفو انسان هن ڌرتيءَ تي پيدا ڪيو، انسان کان وڌ هن ڪائنات ۾ ڪو به خوبصورت ناهي ۽ ان کي وري لفظن جي مالها ڏئي بي بها بڻائي، پنهنجي وڏائي ظاهر ڪئي ۽ سائين! جنهن انسان جي اکين ۾ جهاتي پائي ڏٺو تنهن ڄڻ حسن جي گهري ساگر مان انمول ماڻڪ موتي ميڙي ورتا.

    مايوسي هڪ اهڙي ڪيفيت آهي:
    سائين منهنجا: مايوسي هڪ اهڙي ڪيفيت آهي، جيڪا انسان کي بي همٿ، بزدل، نِٻَلُ ۽ نڪمو بڻائي اونداهين جي اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏي ٿي. مايوسي انسان جي ذهني توڻي جسماني سگهه جو انت آڻي ٿي ۽ انسان کي اهرو ته معذور ۽ مفلوج بڻائي ٿي، جو هو هن سنسار ۾ پنهنجي جيون کان بيزار ٿي پوي ٿو. سچ پچ ته انسان جي سڀ کان وڏي ويڌن مايوسي آهي ۽ ان کي آس جي آڌار مات ڏيئي سگهجي ٿي. هنن حالتن سان مقابلو ڪرڻو آهي ۽ اهو فن سکڻ گهرجي، ڇو ته انسان جون حالتون سدائين ساڳيون ۽ هڪجهڙيون ناهن رهنديون. اهو بلڪل وسارڻ نه گهرجي ته هر ڪاري رات کان پوءِ صبح ضرور ٿيندو آهي ۽ اهو صبح در تي انبار خوشين جا کڻي اچي در کي کڙڪائيندو آهي.
    وٺڻ حوصلي کان به ڪجهه ڪم جڳائي، روئڻ تي ئي خالي قناعت ڪجي ڇو؟
    جڏهن عزم ڪامل ئي موجود ناهي، تڏهن بخت جي ڪا شڪايت ڪجي ڇو؟

    زبان مان مٺا ۽ وڻندڙ ٻول ٻولڻ:
    محترم سائين: زبان مان مٺا ۽ وڻندڙ ٻول ٻولڻ سهڻا ۽ سنجيدهه سخن ڪڍڻ نرم ۽ سهائيندڙ ڳالهه ڳالهائيندڙ کي ئي مٺي زبان چئبو آهي، جنهن زبان مان مٺا ٻول نڪرندا آهن،تنهن ۾ جادوءَ کان به وڌيڪ اثر هوندو آهي، اهڙي زبان مرليءَ جي منڊ کان وڌيڪ آهي. مٺڙي زبان سان برهه واريون باتيون ڪري انسانن جون دليون فتح ڪري سگهبيون آهن. اها ئي مٺي زبان جڏهن ڳالهائيندي آهي، تڏهن ڄڻ پياسي دلين ۾ ۽ ذهنن تي محبت جا مينهن وسڻ لڳندا آهن ۽ قرب ڪڪر بنجي سورن جي سج کي لڪائي ڇڏيندا آهن. ان ئي زبان ۾ اهڙي طاقت آهي جو دشمن به دوست بنجي وڃن ٿا. انهن ئي مٺن گفتن جو مُلهه قيمتي موتين کان به مهانگو آهي.

    وڏي خوبي ڪري وري اٿڻ ۾ آهي:
    سائين منهنجا: انسان جي سڀ کان وڏي خوبي ڪڏهن به ڪرڻ ۾ ناهي پر وڏي خوبي هر دفعي ڪري وري اٿڻ ۾ آهي. ڪِري وري اٿڻ ۾ ڪاميابيءَ جو راز آهي، مشڪلاتن سان مقابلو ڪرڻ جو نالو ئي جياپو آهي ۽ ان تي ضابطورکڻ ڪاميابي آهي. جفا ڪشيءَ جي سمنڊ ۾ ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ جا موتي ڀريل آهن، ڪڏهن به ناڪاميءَ تي گهٻرائڻ نه گهرجي، ڇو ته ناڪامي ڪاميابيءَ جي ڏاڪڻ جو پهريون ڏاڪو آهي پر ان شرط سان ته پاڻ تي ڀروسو ۽ اعتماد هجي. ڀروسو سڀ کان وڏي طاقت آهي ۽ اعتماد ئي ڪامياب ڪري ٿو. شڪست نه کائڻ وارو ارادو، پريشان نه ٿيڻ وارو خيال ۽ ختم نه ٿيڻ واري جدوجهد به ڪاميابيءَ جي ضمانت آهي. جنهن لاءِ هر حال ۾ هر طرح، هر پاسي کان ۽ ڏک سک ۾ هميشه بردبار رهڻ ئي عقلمندن جو ڪم آهي.
    اڏارون اڃا به چون ٿيون اڏامون، مگر هي هوائون چون ٿيون ته هوريان،
    مونکي شوقِ منزل ۽ طوفان کي مستي، ٻئي زور ڏيون ٿا، ڏسجان زمانا.

    پکين جو تحفظ نه جهڙو:
    محترم سامين: ناياب پکين ۽ جانورن جي تحفظ لاءِ اسان وٽ ڪي ادارا موجود آهن، جيڪي انهن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ڏينهن رات سرگرم ضرور آهن، پر بنهه نه جهڙو ۽ ڏسڻ جي حد تائين. ماري پرديسي پکين کي ونجهرن يا ٻين ذريعن سان ڦاسائي شهرن ۾ ۽ عام روڊن رستن تي هٿن ۾ جهليو وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ اسان جي اکين تي پٽي ٻڌل آهي، اسان وٽ مهمان ٿي آيل پکين جو ڪوس ڇو ڏسڻ ۾ نٿو اچي؟ اسان جا آدرش، اسان جي مهمانوازيءَ وارا اخلاقي معيار ۽ رحمدلي وارا جذبا ڪٿي وڃي ڪريا آهن؟ اسين ايڏا ته مفادن جا محتاج ٿي ويا آهيون جو خسيس ذاتي مفاد لاءِ ٻين جي جان وٺڻ لاءِ هر وقت اُتامِرا بڻجي ويا آهيون. پرديسي پکين سان اسان جي سهڻي لطيف ڪيڏي نه محبت ڪندي ماريءَ کي ڪهڙي نظر سان ڏسي ٿو.
    مارِي! مَرِين شالَ! ڍَٻَ وَڃَنَئِي ڍَٻِيُون؛
    جِئن تو اَچِي ڪالَ، وِڌو وِچُ وِرِهَنِ کي.
    (شاهه)

    تعليم جي تباهيءَ جا ذميوار ڪير آهن؟
    محترم سامعين: هونئن ته سڄي ملڪ ۾ تعليم جي صورتحال ڪا بهتر ناهي پر خاص ڪري سنڌ، ملڪ جو واحد صوبو آهي، جتي سڀ کان وڌيڪ اسڪول بند ملندا، جيڪي اسڪول کليل آهن، اهي به جهڙا بند آهن. اڪثر کليل اسڪولن جي صورتحال اها آهي جو شاگرد آهن ته استاد ناهن ۽ جنهن اسڪول ۾ ڇهه ڇهه استاد آهن ته اتي وري شاگرد ناهن. ملڪ ۾ تعليمي ماهر لاچار ۽ آفيسر طبقو موجن ۾ آهي. ڏينهون ڏينهن زندگيءَ جي وڌندڙ رفتار ۾ والدين وٽ وقت ڪونهي جو هو اولاد تي ڌيان ڏيئي سگهن. ٻارن جي پڙهائي انهن جي اٿڻي ويهڻي جي نظرداري ڪري سگهن. والدين جي ان بي ڌياني جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اڄ جو ٻار مڪمل ڇڙواڳ ٿي ويو آهي. اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته تعليم جي چمن جو مالهي استاد آهي. جڏهن به مالهي ڪم ڪرڻ ۽ محنت ڪرڻ ڇڏي ڏيندا ته باغ اجڙي ويران ٿي ويندا آهن، جيئن اڄڪلهه سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اسڪول بند ملن ٿا. ائين به ناهي ته ڪو انهن بند پيل اسڪولن جا ذميوار صرف استاد ئي آهن، ٻئي پاسي سڀ کان وڌيڪ ذميوار تعليم کاتي جا ڪرتا ڌرتا ڪامورا آهن، جيڪي پنهنجي ڪوتاهين کي لڪائڻ لاءِ مختلف بهانا بڻائي تعليم جي تباهيءَ جا اصل ڪارڻ آهن.

    هر مشڪل انسان جي همت جو امتحان:
    محترم سامعين: هر مشڪل انسان جي همت جو امتحان وٺڻ ايندي آهي. حسد نيڪين کي ائين ساڙيندو آهي، جيئن باهه سڪل ڪاٺ کي ساڙيندي آهي. جيڪو ٻين جي خوشين ۾ خوش نٿو ٿئي، اهو پاڻ به ڪڏهن زندگيءَ ۾ خوش ناهي رهندو. وفا جو سبق سکجي ته گلن کان جيڪي ڪنڊن کان جدا ٿيندي ئي ڪومائجي ويندا آهن. وڏائي عقل جي ۽ مايوسي زندگيءَ جي تباهي آهي.سچ اهڙي دوا آهي جنهن جو ذائقو ڪڙو ۽ اثر تمام مٺو هوندو آهي. محبت سخت دلين کي به نرمائي ڇڏيندي آهي. جيڪڏهن ڪا شيءِ اسان جي قبضي مان نڪري وڃي ٿي ۽ ڪنهن ٻئي ماڻهو وٽ هلي وڃي ٿي ته اسان اهيو نه چئون ته منهنجو مال مون وٽان هليو ويو، پر اسين چئون ته اها شيءِ هڪ رعايت هئي، جيڪا ڪجهه فائدو ڏئي هلي ويئي، جيڪڏهن منهنجو مال هجي ها ته ٻين وٽان مون وٽ نه اچي ها ۽ مون کان ٻين تائين نه وڃي ها. سياڻا سچ چئي ويا آهن ته جاهل جي لاءِ سڀ کان سٺي ڳالهه خاموشي آهي ۽ عالم سان هڪ ڪلاڪ جي گفتگو ڏهن ورهين جي مطالعي کان به وڌيڪ آهي.


    هن ڌرتيءَ تي سڀ کان افضل ۽ اشرف انسانذات:

    هن ڌرتيءَ تي سڀ کان افضل ۽ اشرف انسانذات:
    محترم سامعين: هن ڪائنات ۾ هن ڌرتيءَ تي سڀ کان افضل ۽ اشرف انسانذات کي ان ڪري بڻايو ويو آهي جو انسان ۾ ٻي مخلوق جي ڀيٽ ۾ سمجهه ۽ سُرتِ گهڻي آهي، انسان، انسان جو ڏک محسوس ڪري سگهي ٿو، تڏهن ته انسان جو مانُ هن ڪائنات ۾ مٿانهون آهي. سٺي ۽ ڪَسيءَ جو انسان سوچي ٿو، ٻين جي مدد ڪري ٿو. جيڪو انسان ٻين جي مدد نٿو ڪري، ٻين ماڻهن لاءِ پنهنجي دل ۾ نيڪ تمنائون، ڀلايون، همدرديون ۽ پيار سانڍي نٿو رکي، اهو ان جانور مثل آهي جيڪو صرف پنهنجي ذات لاءِ جيئي ٿو، هر نئين ٿيندڙ صبح ۾ اسين جڏهن ننڊ مان اٿي پنهنجي ڪمن لاءِ نڪرون ٿا ته اسان ٻين لاءِ به اهوئي سوچون جيڪو پنهنجي لاءِ سوچون ٿا. اسين هڪ پهاڪو ته عام چوندا آهيون ته “ ڪر ڀلو ته ٿئي ڀلو ” سو اسان جڏهن پنهنجي دل ۾ ٻين سان ڀلائي لاءِ ڪجهه سوچي نڪرنداسين ته اهو يقين سمجهڻ گهرجي ته اسان جي لاءِ دنيا جا هر دروازا آسانيءَ سان کُلي پوندا ۽ ڪاميابيون ماڻيندا رهنداسين.

    هاريءَ جي سماجي حالت کي سڌاريو ۽ بهتر ڪيو:
    محترم سائين: زرعي ادارن کي اسان جي زراعت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ بهتر کان بهتر نموني جا قدم کڻڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته اسان جي آباديءَ جو وڏو دارومدار زراعت تي آهي. زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ضروري آهي ته هاريءَ جي سماجي حالت کي سڌاريو ۽ بهتر ڪيو وڃي، کين قرضن کان آجي ڪرڻ لاءِ ڪي تڪڙا اپاءَ وٺن ۽ مضبوط رٿا بندي ڪرڻ ضروري آهي، ڏسجي ٿو ته حڪومت پاران هارين کي ڀوتارن جي قرضن کان آجي ڪرائڻ لاءِ زرعي قرض جاري به ڪيا وڃن ٿا، پر اهي هارين تائين بلڪل نٿا پهچن. ان سموري سهولت ۽ قرض مان فقط زميندار ئي فائدو حاصل ڪري رهيا آهن ۽ قرض ڏيندڙ اداري جا ماڻهو پنهنجو حصو پتي حاصل ڪري جاوا ڪري رهيا آهن. وڏيرن ۽ سيٺين جو قرض هارين مٿان ته لهي ئي نٿو، ڀاڻ، زرعي دوائون ۽ ٻج ته وياج کان سواءِ ملندا ناهن، پر انهن ۾ نقلي هجڻ جون رڙيون به عام جام آهن. آباديءَ جي وڌڻ سان گڏ خوراڪ جي کوٽ جو مسئلو به ضرور پيدا ٿئي ٿو. هڪ اندازي موجب اٽڪل هڪ لک ايڪڙ ايراضي سم ۽ ڪلر جي ڪري ناڪاره ٿي وڃي ٿي. ڪيترن هنڌن تي بجلي يا ڊيزل جي مشينن وسيلي پاڻي ڪڍي آبادي ڪئي وڃي ٿي، جنهن جا خرچ ڳاٽي ڀڳا آهن، جيڪڏهن مناسب وقت تي فصل پوکڻ لاءِ پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ پاڻيءَ جي چوري روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن، مارڪيٽ ۾ هارين لاءِ اصلي سٺي ٻج جي دستيابي ممڪن بڻائي وڃي ۽ نقلي دوائن خلاف اثرائتا اپاءَ ورتا وڃن ته اسان جا هاري بهتر کان بهتر اپت حاصل ڪري سگهن ٿا.

    علم کانسواءِ انسان بي نور آهي:
    سائين منهنجا: علم انسان جي ٽين اک آهي، علم کانسواءِ انسان بي نور آهي. هڪ اکر پڙهائڻ وارو به استاد آهي ۽ استاد اهڙو پيشو آهي جيڪو انسان کي اوندهه مان ڪڍي روشني طرف آڻي ٿو. هن پيشي کي پيغمبري پيشو به چيو ويندو آهي. استاد کي ٻيو نمبر ماءُ پيءُ به چيو وڃي ٿو. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ان علم کي ڪي استاد ڪنهن ٻي نظر سان ڏسي رهيا آهن. اڄ جا استاد ڊيوٽي ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ڪمن ڪارين ۽ پنهنجن ذاتي ڪاروبار ۾ مشغول آهن. اهڙن استادن کي هي چوڻو آهي ته اوهان جا ڪاروبار اسڪول جي وقت کان پوءِ به هلي سگهن ٿا، پر علم کام محروم رهجي ويل ٻارڙا سڄي عمر لاءِ، علم جي روشنيءَ کان محروم ٿي ويندا، اهي ڪنهن کي پنهنجي جاهل هجڻ جو ڏوهه ڏيندا؟ استاد جي رشتي جون حدون ۽ گهرايون ڪو به ماپي نٿو سگهي، استاد هڪ بي بها موتي آهي، استاد اها هستي آهي جيڪا مٽيءَ کي به سون ڇڏيندي آهي.لبناني ڏاهي خليل جبران جو چوڻ آهي ته “جيڪڏهن استاد هن دنيا ۾ نه هجي ها ته ڪو به ترقيءَ جون منزلون ماڻي نه سگهي ها” تمام ڀلا استاد جيڪي پنهنجي فرض کي قرض سمجهي ايمانداريءَ سان ادا ڪري رهيا آهن، تن کي لکين شابسون آهن جيڪي پنهنجي فرض سان سچا آهن ۽ انهن جي ڪري ئي علم جو ڏيئو روشن آهي. هن پروگرام ذريعي استاد برادريءَ کي گذارش آهي ته اهي پنهنجون ڊيوٽيون ايمانداريءَ سان ادا ڪندا ته انهن جي رزق ۾ رب تعاليٰ تمام گهڻي برڪت وجهندو ۽ ذهني سڪون به ملندو ۽ ٻي طرف هن ستم جي ستايل قوم جا ٻارڙا علم حاصل ڪري ڪنهن سٺي منزل تي پهچي اوهان کي دل سان دعائون به ڏيندا رهندا.

    اسان کي ٻين جو مددگار بڻجڻ جو طريقو سکڻ گهرجي:
    محترم سامعين: اسان کي ٻين جو دوست ۽ مددگار بڻجڻ جو طريقو سکڻ گهرجي، هميشه پنهنجائپ وارو سلوڪ ڪرڻ گهرجي، اسان کي هن دنيا ۾ جنهن شيءِ جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي سان دوستي آهي نه ڪي دشمني. دوست بڻائڻ نهايت ئي ڏکيو ڪم آهي پر ان جي ڀيٽ ۾ دشمن بنائڻ ۾ ڪابه دير ناهي لڳندي. دوستي نالو آهي سهپ ۽ رواداريءَ جو. اهي شخص جيڪي خوش نظر اچن ٿا، تن کي اها خوشي ۽ ڪاميابي دوستن وسيلي ئي حاصل ٿيندي آهي. انسان جي جيترا گهڻا دوست هوندا اوترو آسانيءَ سان تڪليفن کي منهن ڏئي سگهبو. اسين جڏهن پاڻ کي هڪٻئي جو دوست چئون ٿا تڏهن ڏک ۽ سک ۾ گڏجي رهڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ گهرجي.

    اخلاق انساني سماج جو هڪ اڻ لکيل ضابطو:
    سائين منهنجا: اخلاق انساني سماج جو هڪ اهڙو اڻ لکيل ضابطو آهي جيڪو سمورن رواجن ۽ قانونن کان اڳ ۾ جنم وٺي چڪو آهي ۽ دنيا جي سمورن قانونن کان بلند مقام رکي ٿو. ان کان سواءِ اخلاق اهڙي گڻ جو نالو آهي جيڪو هر دور ۾ سماج جي گهرجن، قدرن، صحتمند سوچن، هڪٻئي جي حقن جي احترامن ۽ حساس جذبن توڻي اهڙين ٻين ڳالهين جي حوالي سان جڙندڙ اڻ لکيل ضابطن جي عڪاسي ڪري ٿو، وري جڏهن اسين تاريخ جي ورقن کي اٿلائي ڏسنداسين ته اهو معلوم ٿيندو ته اخلاقي ضابطو هر دور ۾ ساڳيو ناهي رهيو، پر مهذب قومون هميشه پنهنجي هن سرمائي کي سانڍينديون آيون آهن. تڏهن ته اهڙين قومن جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جا مثال دنيا جي هر ملڪ ۾ ڳايا وڃن ٿا. هيءَ ڳالهه به سج وانگر چٽي آهي ته مال ملڪيت ۽ ڌن دولت سان اخلاقي قدر حاصل ڪري نٿا سگهجن، ان لاءِ دنيا جو اهو انسان يا اها قوم وڏي دولت وارا آهن جيڪي بلند اخلاق جا مالڪ آهن.

    انسان ڪي نه ڪي مقصد کڻي هلي ٿو:
    محترم سامعين: هن ساري عالم ۾ هر انسان ڪي نه ڪي مقصد کڻي هلي ٿو، انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري ٿو. انهي رستي جو راهي هر انسان آهي، ڪي انسان انهيءَ رستي تي هلندي ڏکيائون سهندي ٿڪجي پوندا آهن، ڪي پوئتي موٽ کائيندا آهن ته ڪي وري ٿَڪُ ڀڃي وري پنهنجي سفر کي شروع ڪندا آهن. چوڻ جو مقصد هي آهي ته اهو ضروري ناهي ته هر ماڻهوءَ کي جلدي منزل ملي وڃي، منزل ضرور ملندي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مقصد سان سچو هجڻ تمام ضروري آهي. منزل جي حاصلات لاءِ ڪنهن به ڏکيائي کان گهٻرائجي وڃڻ نه گهرجيته پوءِ پنهنجي ان منزلِ مقصود کي ماڻي سگهنداسين ۽ منزلون اسان جي قدمن هيٺان هونديون.

    هر رستي تي ڪو نه ڪو ڪنڊو ضرور آهي:
    سائين منهنجا: هر رستي تي ڪو نه ڪو ڪنڊو ضرور هوندو آهي، هر ڪنڊو پنهنجي اندر ۾ ڪونه ڪو راز لڪائي رکندو آهي، راز مان ڪونه ڪو امتحان جنم وٺندو آهي، هر امتحان سان تجربو ۽ تجربي مان ڪونه ڪو سبق حاصل ٿيندو آهي ۽ وري هر سبق وسيلي محنت رنگ لائيندي آهي، هر محنت جي شروعات سان چند مسئلا در پيش ايندا آهن، هر مسئلي جو ڪونه ڪو حل ضرور هوندو آهي، هر حل ۾ وري ڪونه ڪو نقص هوندو آهي، هر نقص پنهنجي اصلاح ڪندو آهي، هر اصلاح پويان سٺي ترقي لڪل هوندي آهي، هر ترقي وري پاڻ سان کڻي ايندي آهي ڪيترائي خوبصورت رنگ، خوبصورت رنگ پيدا ڪندا آهن، حسين زندگي ۽ زندگي ساڻ آڻيندي آهي پاڻ سان محبت، پيار، اُنس، چاهت ۽ پريت ۽ جڏهن اسان کي اهي سڀ انمول شيون ملي وينديون آهن ته اسان زندگيءَ کي سمجهي وٺنداآهيون ۽ جڏهن زندگي کي اسان سمجهي ورتو ته پوءِ اسان کي هر حال ۾ زندگي گهارڻ جو ڏانءُ اچي ويندو ۽ سائين! جنهن اهيو ڏانءُ حاصل ڪري ورتو، ان ڄڻ دنيا جي وڏي شهنشاهيت حاصل ڪري ورتي.

    سڀ کان اول پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ:
    محترم سامعين: دنيا جي عظيم انسانن هيمشه هن ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن شخص کي پنهنجي وجود بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻي آهي، هن ڪل ڪائنات مان واقفيت حاصل ڪرڻي آهي يا پنهنجي پرائي کي سڃاڻڻو آهي ته پوءِ سڀ کان اول پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻو پوندو. هونءَ به سائين جڏهن حجاب جا پردا هٽڻ لڳندا آهن، تڏهن انسان “همه اوست” جي واديءَ ۾ گم ٿي ويندو آهي، پوءِ ماڻهو پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي جهومندي ۽ پنهنجي من اندر سان ڳالهيون ڪندي نظر ايندو آهي. ڏاهن جو چوڻ آهي ته “جنهن پنهنجو پاڻ کي سڃاتو، تنهن ڄڻ سڀ کي سڃاتو.”
    جهاتي پنهنجي جيءَ ۾ سائين، هڪڙو ڀيرو جي تون پائين،
    پاڻ سڃاڻي سڀ ڪي پسندين، لڪل سڀ ڪي راز او سائين.

    اهو شخص مالدار آهي جنهن وٽ سچا ۽ سٺا دوست موجود آهن:
    سائين منهنجا: هر انسان پنهنجي ڳالهين وسيلي پنهنجي ڏاهپ ۽ دانائي ظاهر ڪندو آهي،اهائي زبان آهي جيڪا پرائن کي پنهنجو ۽ پنهنجن کي پرائو ڪري ڇڏيندي آهي. اسان کي هر محفل، هر جاءِ تي جڏهن به ڳالهائڻ جو موقعو ملي ته پهريون سوچي سمجهي، ڳالهين کي توري تڪي، پوءِ ڳالهائڻ گهرجي. بهتر لفظ بهتر ادائگي اسان کي کوڙ سارا انمول دوست پيدا ڪري ڏيندي ۽ اها اسان سڀني کي خبر آهي ته سڀ کان وڏي دولت سٺا دوست ئي هوندا آهن. جنهن ماڻهوءَ وٽ بهتر ۽ سٺا دوست ناهن اهو غريب آهي پوءِ هن وٽ ظاهري دولت يا ملڪيت ڇو نه هجي. اهو شخص مالدار آهي جنهن وٽ سچا ۽ سٺا دوست موجود آهن پوءِ اهو ڀلي ظاهري مال دولت ۾ غريب ڀلي هجي، پر اهو امير آهي ان ماڻهوءَ کان جنهن جو ڪوبه سٺو دوست ناهي.

    نيت صاف منزل آسان:
    سائين منهنجا: هڪ چوڻي آهي ته “نيت صاف منزل آسان” سو سائين اسان کي گهرجي ته پنهنجي اندر ۾ ڪنهن لاءِ به ڪنهن به قسم جو مَيرُ نه رکون. اندر ۾ مَيرُ رکڻ سان ڇا ٿو ٿئي يا جيڪو به پنهنجي اندر ۾ بغض، ڪينو ۽ ڪدورت کي پناهه ڏئي ٿو، اهو ڪڏهن به سک جو ساهه نٿو کڻي. جنهن ماڻهوءَ جي من ۾ کوٽ هوندي آهي، اهو هميشه مايوس، ويڳاڻو ۽ اڪيلو رهي ٿو، ان جو ذهن هميشه غير متوازن رهي ٿو. هونءَ به سائين! جتي باهه ٻرندي آهي اتي ڪهڙا گل ڦٽندا آهن. سو نيت جي بدي به اها باهه آهي جيڪا من اندر جي مٺي زمين کي ڪلراٺو بڻائي ان ۾ پيدا ٿيندڙ هر سائي سَلي کي ساڙي ڇڏي ٿي. ان لاءِ ئي چيو ويندو آهي ته “ نيت صاف رکبي ته منزل پاڻ مرادو انسان جا پير چمندي.” لاکيڻي لطيف فرمايو آهي ته:
    منهن ته آهيريانئي اجرو، قلب ۾ ڪارو،
    ٻاهريان زيب زبان سين، دل ۾ هچارو،
    ان پر ويچارو، ويجهو ناهي وصال کي.
    (سر آسا داستان 4)

    ڪنهن به قوم جو مجموعي ڪردار تعليم کان ورتو وڃي ٿو:
    محترم سامعين: ڪنهن به قوم جي مجموعي ڪردار ۽ زندگيءَ گذارڻ جي نموني کي خاص سانچي ۾ سنوارڻ جو ڪم تعليم کان ئي ورتو ويندو آهي. اسان کي تعليم جي اهڙي خاص اهميت کي آڏو رکندي ئي هن اهم شعبي کي گهربل بنيادن تي بيهارڻ جي سخت ضرورت تي غور ڪرڻ گهرجي. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته اسان جي سنڌ سونهاري ۾ ڪنهن به شعبي کي عوام جي بنيادي ضرورتن ۽ اجتماعي مفادن مطابق ٺاهڻ جي بجاءِ، هر ماڻهو ان کي پنهنجي انفرادي مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سوچ رکي ٿو. ڪجهه ماڻهو استادن جو يوسي جي بنيادن تي مقررين کي صحيح نٿا سمجهن، ڪي وري استاد پٺتي پيل علائقن ۾ پنهنجي ڊيوٽي ڏيڻ لاءِ آماده نه آهن، تنهنڪري انهن علائقن جي اسڪولن کي هلائڻ لاءِ اتان جي مقامي ماڻهن کي ميرٽ جي بنياد تي مقرر ڪرڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته تعليم مان لاڀ پرائڻ جو گهربل مقصد ئي حاصل ٿي نه سگهندو. اسان اهڙن استادن کي مثال ڪري پيش ڪريون جن جي مقرري ٻهراڙين جي اسڪولن هلائڻ لاءِ ٿئي ٿي، پر اهي ڀوتان ۽ اعليٰ عملدارن جي مهربانين سان ڊپوٽيشن تي پنهنجي من پسند اسڪولن ڏانهن هليا وڃن ٿا ۽ ٻهراڙين جي انهن اسڪولن کي ويران ڪري وڃن ٿا، جن جي صدقي کين روزگار مليو.

    ميلا ملاکڙا ۽ رانديون، تفريح لاءِ آهن نه ڪي هوائي فائرنگ ڪرڻ لاءِ:
    سائين منهنجا: ميلا ملاکڙا ۽ رانديون، تفريح سان گڏ وگڏ صحتمند معاشري جي قيام لاءِ ڪارگر هوندا آهن. سنڌ ۾ ٻين راندين سان گڏ ڏاندن جي گوءِ به مشهور عوامي راند جو موقعو هوندو آهي. اخبارن جي هڪ خبر زينت بڻي آهي ته هڪ ڳوٺ ۾ ڏاندن جي گوءِ ۾ جڏهن هڪ ڌر جا ڏاند سوڀارا ٿيا ته انهن خوشيءَ ۾ هوائي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب هڪ نوجوان زخمي ٿيڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته سنڌ ۾ راند، تفريح ۽ ٻين خوشين جا موقعا جهمريون پائڻ، گهورون ڪرڻ، مٺائي ورهائڻ ۽ انعامن ڏيڻ بدران موت ڏيڻ جو سبب ڇو ٿي رهيا آهن؟ اسين ميلا ملاکڙا، ٻيلهاڙا، ڪوڏي ڪوڏي، ڏاندن جي گوءِ ۽ ٻيون صحتمند سرگرميون منعقد ڪرائيندڙن کي اهڙن موقعن تي هوائي فائرنگ ڪرڻ وارن خلاف قدم کڻڻ جو مشورو ڏيون ٿا. ڇو ته هوائي فائرنگ ڪرڻ اسان سنڌين جو ڪلچر ئي ناهي. سنڌ ته سُر سنگيت، محبت ۽ پيار جي ڌرتي آهي. جنهن کي “وڳوڙي علائقو” ثابت ڪرڻ لاءِ هٿيارن جي عالمي واپارين جي دلالن جي نمائندن سنڌ دشمن قوتن جي راضپي لاءِ هٿيارن کي شايد عام ڪرايو آهي، ته جيئن هڪ طرف سنڌ بد امنيءَ جو شڪار ٿئي ۽ ٻئي طرف هٿيارن جي کلي عام استعمال ڪري سنڌ جو پُر امن تعارف ميسارجي وڃي. وقت جي گهرج آهي ته پنهنجي حفاظت لاءِ ورتل هٿيارن کي پنهنجن جو رت وهائڻ جي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

    تعليم دشمني قرار ڏجي يا تعليم دوستي؟
    سائين منهنجا: تعليم کي سماج جي ترقيءَ جو بنيادي فيڪٽر مڃيو ويو آهي، پر اسان وٽ تعليم جي نظام کي هٿ سان تباهيءَ ڪناري تي پهچائڻ جا انتظام ڪيا پيا وڃن. اسان جي ٻهراڙين جا ڪيترائي اسڪول وڏيرن جون اوطاقون بڻيل آهن، استادن جون ڀرتيون سفارشي بنيادن کي ترجيح ڏئي ڪيون وڃن ٿيون، پر ڪير به نٿو سوچي ته جتي استاد، وڏيرن جي در جي سلامي ڀريندو هجي، اتي تعليم جي ترقيءَ لاءِ ڪير سوچيندو؟ عام مشاهدي موجب سفارشي بنيادن تي مقرر ڪيل استاد وڏن ماڻهن جي درن تي جتيون گسائڻ ۾ پورا آهن. اميرن وڏيرن ۽ مالدارن جا ٻار ته پرائيوٽ اسڪولن ۾ مهانگيون فيون ڀري پڙهن ٿا، باقي غريب ماڻهو پنهنجي ٻارن جي تعليم لاءِ ڪهڙي ڳالهه تي سوچين؟ لڳي ٿو ته ڪا مافيا آهي، جيڪا سوچي ٿي ته غريبن جا ٻار پڙهي ويا ته پوءِ وڏيرن جي وڏيرائپ جو ڇا ٿيندو؟ استاد به ڇو پڙهائين؟ جڏهن وڏيرن جي اوطاق جا ٻه چڪر ڪاٽڻ ۽ حد جي تعليمي آفيسر کي مٺائي ڏيڻ سان ڪم هلي ٿو ته پوءِ هو ٻين وڳي تائين ڇو شاگردن سان مٿي ماري ڪن؟ اهڙين ڪاررواين کي تعليم دشمني قرار ڏجي يا تعليم دوستي؟ فيصلو عوام جي ضمير جي عدالت ۾ آهي.

    موبائل جا بنيادي اصول استعمال نٿا ڪيا وڃن:
    محترم سامعين: اڄڪلهه موبائل فون ايتري ته عام ٿي ويئي آهي، جو هر امير توڙي غريب وٽ پنهنجي موبائل ضرور آهي، پر موبائل جا بنيادي اصول استعمال نٿا ڪيا وڃن، جنهنڪري ٻين کي سخت تڪليف ٿئي ٿي. مثال طور شاگرد ڪلاس رومن ۾ موبائل بند ڪري نٿا اچن ۽ ليڪچر هلندي انهن جي وڄندڙ فون سموري ڪلاس کي پريشان ڪري ڇڏي ٿي، يا استاد ليڪچر ڏيڻ ۾ مصروف هوندو آهي ته موبائل رکندڙ شاگرد گيم کيڏڻ، ميسج ڪرڻ، فيس بوڪ تي چيٽ ڪرڻ ۾ پورا هوندا آهن. هاڻي ته هي منظر اوهان اسان روزانو ڏسون ٿا ته بس، ڪوچ، ويگن يا ٻي گاڏي هلائيندڙ ڊرائيور حضرات گاڏي هلائيندي موبائل تي ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. جيتوڻيڪ ڊرائيوري ڪندي موبائل فون استعمال ڪرڻ غير قانوني عمل آهي، پرنه اسان ئي ٿا قانون جي پاسداري ڪريون نه ئي قانون جا رکوالا! آمريڪا جي هڪ رسالي ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته گهڻي موبائل استعمال ڪرڻ سان انسان جي ڪنن تي ناڪاري اثر پون ٿا، ڇاڪاڻ ته موبائل ۾ جيڪي مقناطيسي لهرون ٿين ٿيون، اهي انتهائي خطرناڪ آهن. رپورٽ جي حيرت ڏيندڙ ڳالهه هيءَ آهي ته موبائل تي گهڻا ميسج لکڻ يا گيم کيڏڻ سان آڱرين جي مٿانهين حصن جي طاقت گهٽجي وڃي ٿي. چوڻ جو مقصد هي آهي ته موبائل فون جو اجايو ۽ فضول استعال نه ڪرڻ گهرجي ۽ پاڻ سان گڏ ٻين کي تڪليف به نه ڏجي.

    دعا آهي ته اوهان کي، اوهان جي ڪم ۾ نفعو نصيب ٿئي:
    محترم سامعين: صبح جو وقت آهي، اوهان پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪرڻ وارا آهيو، ڇو ته دنيا داريءَ جي ڪمن ڪارين سان به لڳڻو آهي. اوهان جيڪڏهن ڪنهن سرڪاري يا خانگي اداري سان لاڳاپيل آهيو يا پنهنجي ڌنڌي ڌاڙِيءَ سان آهيو، دعا آهي ته اوهان کي، اوهان جي ڪم ۾ نفعو نصيب ٿئي. پر اڄ هي ارادو ڪريو ته جيڪو به اڄ ڪم ڪريو، اهو جائز هوندو ۽ اوهان ايمانداريءَ سان ڪندؤ. جي اوهان مزدور آهيو ته پنهنجي دل ۾ هيءَ ڳالهه سانڍي ڇڏيو ته اوهان جي محنت آهي جيڪا هن دنيا کي حسين بڻائي ٿي. اوهان هاري آهيو ته اوهان کي فخر هئڻ گهرجي ته اوهان جا هٿ سون کان به وڌيڪ قيمتي آهن، هي اوهان جائي هٿ ته آهن جيڪي انُ اپائي پوري دنيا جي انسانذات کي بک کان بچائين ٿا ۽ زندهه رهڻ جو سامان مهيا ڪن ٿا. سو پنهنجي محنت ۾ ڪڏهن به خيانت نه ڪجو. جي اوهان شاگرد آهيو ته پوءِ آءُ اوهان کي اهوئي چوندس ته علم پرايو ڇو ته علم ماڻهوءَ کي ماڻهپو سيکاري ٿو، علم ئي آهي جيڪو انسان کي زمين تان کڻي آسمان جي بلندين تائين پهچائي ٿو.

    هروڀرو ڪم مان عيب ڪڍڻ جا ماهر:
    سائين منهنجا: اسان اهڙا ماڻهو به ڏٺا هوندا، جيڪي هروڀرو ڪم مان عيب ڪڍي، پنهنجي عقل ۽ ڏاهپ جو رعب ڄمائڻ لاءِ ناڪام ڪوشش ڪندا رهندا آهن. اهڙا ماڻهو هر ڪم ۾ رنڊڪون وجهي ويهندا آهن. اهڙا ماڻهو ظاهر ۾ ڏاڍا مٺا هوندا آهن پر اهي اندر ۾ اوترائي ڪڙا ٿيندا آهن. انهن لاءِ اهيوئي اهي هر فساد جي جڙ هوندا آهن انهن کي امن راس ناهي ايندو، ڳوٺن ۾ برادرين ۾ جهيڙا ڪرائي ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ڪرائي به ماٺ ناهن ڪندا، اهي انساني نسل ختم ڪرائي به دم ناهن پٽيندا پر معتبري واسطي هو، اهو سڀ ڪجهه ڪرائڻ لاءِ آتا هوندا آهن جيڪي ڪم اخلاقيات جي دائري کان ٻاهر هوندا آهن. اسان کي الله تعاليٰ عقل ۽ سمجهه ڏني آهي، اسان کي اهڙن ماڻهن جي چوڻ تي هرگز نه لڳڻ گهرجي. سڀ کان اول اسان کي پنهنجي ديس جي ڀلي لاءِ پنهنجي ڳوٺ جي بهتريءَ لاءِ، پنهنجي اولاد جي روشن آئيندي لاءِ سوچڻ گهرجي ۽ اهڙا ڪي به ڪم نه ڪرڻ گهرجن، جن سان اجتماعي نقصان ملن، ڳوٺن مان امن هليو وڃي ٻار تعليم کان پري ٿي جهالت جي ورِ چڙهي وڃن

    ٻه يا ٽي منٽ يا ڪجهه گهڙيون ۽ انهن جي اهميت!
    سائين منهنجا: ٻه يا ٽي منٽ يا ڪجهه گهڙيون اسان جي هن زندگيءَ ۾ ڪهڙي اهميت رکن ٿيون؟ جيڪڏهن انهن کي صرف وقت جي حساب سان شمار ڪجي ته انهن جي ڪابه ايڏي وڏي اهميت ڪانهي، پر جيڪڏهن اسين انهن کي ڪڏهن ڪڏهن هن ڪم لاءِ ڪتب آڻيون ته ڪنهن نه ڪنهن کي خوش ڪجي، ڪنهن نه ڪنهن جي چپن تي مرڪ آڻجي ته پوءِ اهي ٻه يا ٽي منٽ يا چند گهڙيون تمام وڏي اهميت وارا آهن ۽ سون کان به وڌيڪ قيمتي ۽ بي بها آهن. هڪڙو منٽ ننڍڙي ٻار جي اکين مان وهندڙ لڙڪ کي سڪائي سگهي ٿو، هڪڙي گهڙي ورهين جي مصيبتن کي ٻهاري اڇلائي سگهي ٿي. اسان رڳو هي سوچون ته ٿي سگهي ٿو ته منهنجي هڪ گهڙي يا هڪ منٽ ڪنهن جي نااميديءَ کي ختم ڪري سگهي ٿو ۽ مونکي هڪ بهترين دوست ڏئي سگهي ٿو.

    ڪائنات ۾ اسان جي هن زندگيءَ جو وڏو ۽ اهم ڪردار آهي:
    سائين منهنجا: هن ڪائنات ۾ اسان جي هن زندگيءَ جو وڏو ۽ اهم ڪردار آهي، ائين کڻي چئجي ته هي ڪائنات انسان جي وجود ڪري ئي پيدا ڪئي وئي آهي ۽ اها حقيقت به آهي. پر اها زندگي انسان واري زندگي آهي، جنهن جو مقصد اهو آهي ته اسان پنهنجي هن وجود کي صرف پنهنجي ذات لاءِ مخصوص نه ڪريون، پر ٻين جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پنهنجي زندگيءَ کي وقف ڪري هن دنيا ۽ انهن انسانن جا درد دور ڪريون، جن جي پهچ دردن جي دوا تائين ناهي، انهن جا ڳوڙها اگهون جن کان هن سماج اهي ڳوڙها وهايا آهن. انهن جو ساٿ ڏيون جن کي پنهنجا ئي اڪيلا ڪري ڇڏي ويا آهن ۽ انهن سان ئي محبت ڪريون، جيڪي محبت جا محتاج آهن. اهائي آهي زندگي، جنهن جي ڪري هيءَ حسين ڪائنات جوڙي ويئي آهي. اسان اهو سمجهون ٿا ۽ اهو به چڱي طرح ڄاڻون ٿا ته، هن سماج ۾ اوچ نيچ جو هڪ غلط رواج قائم آهي، جنهن ۾ اسان پنهنجي حيثيت کان گهٽ ماڻهن کي گهٽ نظر سان ڏسند ا آهيون ۽ پاڻ کان مٿي وارن ماڻهن جي ڪُڌن ڪرتوتن تي پردن مٿان پردا وجهي پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ۾ مشغول هوندا آهيون. اهو اهڙوئي عمل آهي جنهن سان، اسان بجاءِ بهتريءَ جي انتهائي پستيءَ ڏانهن ڌڪبا ٿا وڃون ۽ پنهنجي ان لڪل ويريءَ کي به نٿا سڃاڻون

    ڏکن پٺيان سکن اچڻ جي آس:
    سائين منهنجا: ڏکن پٺيان سکن اچڻ جي آس، انسان کي زندهه رهڻ جو سامان مهيا ڪري ٿي. سکن جا سؤ سال به هڪ منٽ جيان گذري ويندا آهن، جڏهن ته ڏکن جو هڪ منٽ به ورهين جيان لڳندو آهي. انسان پنهنجي وس آهر سڀ حيلا استعمال ڪري ٿو ته جيئن ڏکن جي اها گهڙي يا ساعت جلد ختم ٿي وڃي. اميد جا روشن ڏيئا ٻارڻ ۽ خوشين جا لاڀائتا خواب ڏسڻ ته انسان جي سڀ کان وڏي ڪرت آهي، جيئڻ جا جتن جي آجپو ڏين ته مسرتن ڏانهن وڌيڪ جهول جهلجي، آرزوئن ۽ اميدن کي ڇڏي صرف جيئڻ ئي جنهن معاشري ۾ جنجال هجي، اتي اميدن جا ڏيئا روشن ڪرڻ به ڄڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي، پر وري به همت نه هارجي ۽ پنهنجي جستجو ۽ جدوجهد کي جاري رکڻ گهرجي. گذريل ڪيترن سالن کان سنڌڙي ويچاري جن ڀوڳنائن ۾ پيڙجي پئي، انهن اهنجن ۽ ايذائن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. سنڌ ۾ غريب ويچارو غريب تر ٿيندو ٿو وڃي ۽ اميرن کي ڪو لهر نه لوڏو آهي. هاريءَ لاءِ ته رئيس ئي ڪافي آهي پر مزدورن جي ٿيندڙ حق تلفين جو الزام ڪنهن تي ڏجي؟ ڪيتريون اميدون انسان پنهنجي اندر ۾ سانڍي، اها آس لڳائي ويٺو آهي ته هنن جي دردن جو درمان ٿيندو، بک بدحالي ۽ بيروزگاريءَ جو ڪو انت ايندو ۽ سکن جو ڪو نئون سج اڀرندو.

    اسان نئون نسل علم جي اصل مفهوم کان بي خبر آهي:
    محترم سامعين: پڙهيل لکيل نسل نه رڳو ڪنهن به قوم ۽ ملڪ جو مسقبل هوندو آهي پر اهو نسل قوم ۽ ملڪ جي سڃاڻپ پڻ هوندو آهي.افسوس! جو سنڌ جو نئون نسل “علم” جي اصل مفهوم کان بيخبر آهي. خاص ڪري وڏن شهرن ۾ پڙهندڙ ۽ رهندڙ نوجوان ڳوٺ جي اٻوجهه ۽ مسڪينن کي ماڻهو ئي ناهن سمجهندا. جيڪڏهن ڪو وڏي ڄمار وارو انهن کان ڪا ڳالهه پڇندو ته هو ان کي سڌي منهن جواب نه ڏيندا ۽ نه ئي ان جي ڳالهه غور سان ٻڌندا. اڄ جو نوجوان زندگيءَ جا اهم مسئلا پنهنجي منهن حل ڪرڻ گهري ٿو، هن جي وڏي ۾ وڏي ڪوشش هيءَ هوندي آهي ته منهنجي معاملن کان والدين اڻ واقف رهن ته سٺو آهي. اهڙن مامرن ۾ پسند جي پرڻن جو رجحان وڌيو آهي، نوجوانن پاران کنيل اهڙن قدمن جا سور وري به بيخبر والدين کي ڀوڳڻا ٿا پون ۽ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته اهڙا فيصلا اڳتي هلي نوجوانن کي ڳچيءَ ۾ پيا آهن. بزرگن جو احترام اسان جي فرضن ۾ شامل آهي. اهڙو حڪم الله تعاليٰ طرفان به ڪيل آهي ته “ مائٽن جو چوڻ نه وٺندڙ ۽ کين ناراض ڪندڙ هن دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ناهن ٿيندا. ” اعليٰ تعليم اهو هرگز نٿي سيکاري ته ماڻهو پڙهي پوءِ پنهنجي ماضي ۽ وڏن کان نفرت ڪرڻ شروع ڪري

    سموري سنڌي قوم ٽن قبيلن تي مشتمل آهي:
    محترم سائين: ڊگهي ۽ وسيع سوچ رکندڙ سنڌ جي اهڙن ماڻهن کي ان وقت ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي، جڏهن ڪو ماڻهو يا ڪنهن اخبار ۾ ڪنهن به ذات برادريءَ کي قوم چيو يا لکيو وڃي ٿو. اسين سنڌ جا جيڪي به رهواسي آهيون، اهي مختلف ذاتين طور سڃاتا وڃون ٿا، باقي سموري سنڌي قوم ٽن قبيلن تي مشتمل آهي. سماٽ، بلوچ ۽ دراوڙ نسل جڏهن هن ڌرتيءَ جو حصو بڻيا، تڏهن سنڌي قوم ٺهي، باقي اسان جون ذاتيون آهن نه ڪي قومون. اسان جا ڪيترائي پڙهيل لکيل ماڻهو به پنهنجي ذات کي قوم چوندا آهن. اهڙو عمل سنڌي قوم کي هزارين ٽڪرن ۾ ورهائڻ وارو عمل آهي. جنهن جو مطلب هي ٿيو ته سنڌ ۾ جيتريون به ذاتيون آهن، اهي سڀ قومون آهن؟ اهو اڻ پڙهيلن جو دستور آهي، جنهن کي ڪڏهن به قبول نه ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته قوم جي سڃاڻپ هي آهي ته ان کي پنهنجي ڌرتي هجي، پنهنجي تاريخ، پنهنجي ٻولي، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي تهذيب هجي. اهي وصفون صرف سنڌي قوم ۾ آهن نه ڪي ڪنهن ذات يا برادريءَ ۾. ان لاءِ اسان کي پنهنجي سڃاڻپ لاءِ پاڻ کي ذات جي ڪوڙڪي مان نڪري، پنهنجي ڌرتيءَ جي سڃاڻپ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي نه ڪي ڪنهن مخصوص گروهه کي هٿي ڏياري پنهنجي قوم کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ گهرجي.

    احساس بنا انسان اڌورو آهي:
    محترم سامعين: احساس انسانذات کي محبت ارپيندڙ لفظ آهي. احساس جو ٻيو مطلب آهي ته ميويدار وڻ جو اهو ٻوٽو جنهن کي پيار جو پاڻي ڏئي، سڪ جي سار سنڀال ڪري وڻ ڪيو وڃي ٿو. تئين اسان احساس کي زبان جي لفظن سان پاڻي ڏئي ادب ۽ احترام جي سار سنڀال لهي محبت پيار، امن ۽ ڀائيچاري جو ميويدار ۽ ڇانوَ وارو وڻ بڻائي ڇڏيون، ته جيئن ان وڻ تي سڪ جا پکي تنوارون ڪري، محبت جو پيغام پوري دنيا کي ٻڌائين، ته احساس بنا انسان اڌورو آهي. جنهن جي دل ۾ احساس ناهي، اهو رڃ جو راهي آهي، جتي سواءِ دوکي جي ٻيو ڪجهه به حاصل ناهي ٿيندو. احساس هر تڪليف ۽ ڏک جو منهن ٽوڙ جواب آهي.احساس جي رسيءَ کي محبت جي هٿن سان مضبوطيءَ سان جهلي نفرت جي پاڙ پٽڻ کپي. اچو ته سڀ گڏجي احساس جي پوئيواري ڪريون ته جيئن محبت جو ترانو پوري دنيا کي ٻڌائي سگهون.

    عيد جي بهاني عام ماڻهوءَ جي ابتي کل لاهڻ وارا واپاري:
    سائين منهنجا: اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، تنهن سماج ۾ ماڻهو، ماڻهوءَ جي احساسن جو احساس گهٽ ٿي رهيو آهي. ان جا ڪيئي مثال هر ڪنهن وٽ موجود آهن. اسان ايترا ته بي حس ٿي ويا آهيون جو سواءِ پنهنجي مفاد جي ٻيو ڪو به رستو نطر نٿو اچي، اسان جي هاڻي هر وقت اها ڪوشش رهي آهي ته ڪنهن به طرح اسان جا جائز ۽ ناجائز مطلب ۽ مقصد پورا ٿين، پوءِ کڻي انهن جي حاصلات لاءِ ڪنهن جو ڳلو ڇو نه گُهٽڻو پوي، شل نه ڪو عيد براد جهڙو ڪو وڏو اچي پوءِ ته واپاري ۽ دوڪاندار، سبزي وارا، گوشت وارا ۽ مڇيءَ وارا عيد جي بهاني عام ماڻهوءَ جي ابتي کل لاهڻ ۾ ڪسر ناهن ڇڏيندا. جي انهن کان وڌيڪ اگهه وٺڻ بابت معلوم ڪبو ته چوندا “سائين عيد آهي، انڪري اگهه مٿي آهي” ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اهي واپاري حضرات اهو نٿا چاهين ته ڪو غريب غربو عيد جي ڏينهن، ڪو چڱو چوکو کائي! هجڻ ته هيئن گهرجي ته اهڙن ڏينهن تي اسان جا واپاري عام ماڻهن لاءِ رعايت جي هوڪا حقيقي معنيٰ ۾ عوام کي ڪو فائدو ملي سگهي.


    اهو انسان ڪنهن نه ڪنهن منزل جي تلاش

    اهو انسان ڪنهن نه ڪنهن منزل جي تلاش ۾:
    سائين منهنجا: جنهن ڏينهن کان انسان هن ڌرتيءَ تي شعور سنڀاليو آهي، تنهن ڏينهن کان اهو انسان ڪنهن نه ڪنهن منزل جي تلاش ۾ رهيو آهي. انسان هميشه بهتر کان بهتر جي ڳولا ۾ به رهيو آهي. هونءَ به سائين جيڪو جيتري محنت ڪندو ان کي اوتروئي ڦل ملندو. اسين سڀ پنهنجي من اندر ۾ هڪ شهر بڻايون ويٺا آهيون، جنهن شهر ۾ موسيقيءَ جا سوين من کي موهيندڙ ساز وڄي رهيا آهن، جنهن شهر ۾ پيار، محبت، پريت ۽ الفت هوڪا ڏيندي پاڻ ڏانهن سڏي رهي آهي. هي اهوئي ته اندر وارو شهر آهي، جيڪو درد جو شهر به سڏبو آهي. جتي “ جفا آ ملي وفا جي شهر ۾، وفا ات ملي جت جفا ٿي ڀانيم” وارا آلاپ هوندا آهن ۽ اسين ان شهر جي رستن تان هلندي، پيار جي منزل جي تلاش ۾ هوندا آهيون ۽ پوءِ اها پيار واري منزل جڏهن ملندي آهي تڏهن اندر جا احساس ئي نرالا ٿي ويندا آهن.

    اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اتي سچ به آهي ته ڪوڙ به:
    سائين منهنجا: اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اتي سچ به آهي ته ڪوڙ به! پر اسان وٽ جيئن ته ڪوڙ بهتر کان بهتر چوغا پائي، اسان جهڙن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي، جنهن ڪري ڪجهه وقت لاءِ اسان ڪوڙ جي پاسي ٿي ويندا آهيون. اهري طرح اڄ جي هن دور ۾ جتي ناجائز طريقي سان پيسا ڪمائڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ لڳي پئي آهي، اتي انهيءَ ڊوڙ ۾ جيڪو به نقصان ٿئي ٿو، اهو غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن جو ٿئي ٿو. ڪي ماڻهو اخبارن ۾ سون جو پاڻي چڙهيل زيورن جو ڪاروبار ڪرڻ لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏيئي واضع ڪن ٿا ته اسان جي زيورن کي تيزاب به اثر نٿو ڪري ۽ هو اهڙن زيورن جي پنج سال گارنٽي به ڏين ٿا. پر مقامي ڪي سونارا اهڙي قسم جي زيورن کي غريب ۽ پهچ ماڻهن کي سچي سون جي اگهه ۾ ڏئي رات وچ ۾ آسودا ٿي وڃن ٿا. پر ڦرجي وڃن ٿا اهڙا ماڻهو جيڪي ڪنهن لاءِ به پنهنجي دل ۾ ڪنهن به قسم جو مَير نٿا رکن. اهڙا سادا سودا ماڻهو جڏهن پنهنجي ڦرجڻ جي دانهن ڪنهن امير ڏانهن کڻي وڃن ٿا ته اتي به انهن لاءِ ڄڻ انصاف جا در بند آهن. ٻئي پاسي وري اسان جي پوليس انهن ٺڳن کي ايستائين تنگ ڪندي جيستائين انهن جي کيسي مان رشوت نٿي نڪري، رشوت جي رقم بعد فريادي وسري ويو ۽ اهو پيو دانهون ڪندو پر ٻڌڻ وارو ڪير به نه هوندو. چوڻ جو مقصد هي آهي ته اسين جيڪي ڄاڻون ٿا ته ته اها ٺڳي آهي ته انهن تي فرض عائد ٿئي ٿو ته اهي هن ڪاروبار کي وائکو ڪن ۽ ڦريل ماڻهن جي هر حال ۾ مدد ڪري انهن کي پنهنجو حق ڏيارڻ جي ڪوشش ڪريون.

    هي جهان اميدن تي قائم آهي:
    محترم سامعين: هي جهان اميدن تي قائم آهي. اسان مان هر ڪوئي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪنهن نه ڪنهن مان اميدون جوڙيون ويٺو آهي. هونءَ به سائين سياڻا چئي ويا آهن ته اميد جو پلئه ڪڏهن به نه ڇڏجي، ڇو ته اها اميد ئي ته آهي جيڪا انسان کي جيئڻ جو دڳ ڏيندي آهي. جيڪو به ماڻهو اميد جي سهاري جدوجهد ڪري ٿو سوئي ڦل حاصل ڪري ٿو. بحرحال هي سموري حياتي پل پل اميد جي گهڙيءَ سان ٽِڪ ٽِڪ ڪري اڳتي وڌندي رهي ٿي.

    اسان جو هر عمل ٻين سان سلهاڙيل آهي:
    سائين منهنجا: اسان جڏهن پنهنجي ذات جي وجود تي سوچيندا آهيون، تڏهن زندگيءَ جي ٻين پاسن تي ته ضرور سوچڻ لڳندا آهيون، پر اهو اهڙو پاسو به آهي جنهن تي ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ جي سوچ ويندي آهي، باقي اڪثر ڪري ان پاسي اسان ڪن لاٽار ڪندا آهيون، سو پاسو آهي، پنهنجي ڀلائيءَ ۾ لڪل ٻين جي ڀلائيءَ وارو پاسو. اسان جڏهن به اها ڳالهه سمجهي ورتي ته “ ٻين جي ڀلائي ڪرڻ ۾ ئي اسان جي پنهنجي ڀلائي لڪل آهي” ته اسان جو روح، اسان جو جسم، اسان جو اٿڻ ويهڻ، اسان جو ڳالهائڻ ۽ اسان جو هر عمل ٻين سان سلهاڙيل آهي ته پوءِ اسان پنهنجي مفادن واري عمل کي اوليت ڏيڻ بجاءِ، گڏيل مفادن جي لاءِ عمل ڪندا رهنداسين ۽ پوءِ يقينن ائين ڪرڻ سان هيءَ ڪائنات جهومي پوندي.

    ٻين جي فائدي لاءِ پاڻ پتوڙڻ:
    محترم سائين: هن دنيا جي سموري سنسار ۾، ڪي اهڙا به انسان موجود آهن، جيڪي پنهنجي مفادن کي ڇڏي ڪري، ٻين جي فائدي لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا. اڄوڪي هن صبح جو به هن ڌرتيءَ جي مختلف خِطن ۾ اهڙا انسان پنهنجي نيڪ ڪم انسانيت سان محبت ڪرڻ واري ڪِرتِ سان لڳي ويا هوندا. در اصل اهڙا ماڻهو پنهنجي عمل سان سچا هوندا آهن، انهن جو انسان ۽ انسانيت سان عشق هوندو آهي ۽ سائين! جيڪي ماڻهو پنهنجي تن ۽ من کي تسيا ڏئي، پنهنجي سرير کي ساڙي ٿا ڇڏين، تن کي عشق جو اهو ٻيڙو هن دنيا ۾ تاريندو رهي ٿو ۽ اهڙو ماڻهو هميشه زندهه رهي ٿو.

    “سوَڙِ آهر پير ڊگهيرجن”:
    محترم سامعين: اسان جي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته “ سوَڙِ آهر پير ڊگهيرجن” يا “ پنهنجي وت آهر وزن کڻجي” سو سائين! اسان توهان اهڙا به انسان ڏٺا هوندا، جيڪي پنهنجي وت کان وڌيڪ وزن کڻي فخر محسوس ڪندا آهن، اهڙن ماڻهن ۾ اڪثريت بار کڻندڙ مزدورن جي آهي. دراصل ائين ڪرڻ وارا پنهنجي صحت سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ هڪ اهڙي ازل کي دعوت ڏين ٿا، جنهن جو ڪنهن به قسم سان فائدو ناهي. چوڻ جو مقصد هي آهي ته انسان کي سوچي سمجي قدم کڻڻ گهرجي، ڪنهن به معاملي ۾ ٽنگ اڙائڻ کان اڳ، معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ گهرجي. جي ائين نٿو ڪيو وڃي ته پوءِ ڪي اهڙا به نتيجا سامهون اچن ٿا، جنهن کانپوءِ اهو انسان ڪنهن به ڪم جو نٿو رهي ۽ هو کٽ تي هميشه ستل رهي ٿو.

    دولت کان لاطمع ماڻهو:
    سائين منهنجا: اسان پنهنجي هن سماج ۾ اهڙا ماڻهو به ڏٺا هوندا، جيڪي دولت کان لاطمع هوندا آهن جنهنڪري هو هن سماج جي هر ان عمل کان پري هوندا آهن، جنهن ۾ ڪنهن کي ڪا تڪليف پهچي.ان قسم جا ماڻهو هي به چوندا آهن ته هي دنيا مانجهاندي جو ماڳ آهي، هن دنيا ۾ انسان مسافر آهي، هي ڌن، دولت سڀ فريب آهن، اهي سڀ اهڙا دلفريب ڏيک آهن، جن کي ڏسندي انسان پنهنجي اصل مقصدن کان پري ٿي وڃي ٿو ۽ هو پنهنجي مفادن واري دنيا جو بڻجي وڃي ٿو، جنهن مان ڪنهن ڏکويل انسان کي ڪو به فائدو نٿو رسي، ابتڙ ان جي اهڙي قسم جا ماڻهو جيڪي ڌن دولت جا لالچي ٿي وڃن ٿا، تن مان غريب ماڻهن کي نقصان ئي ملندو آهي. سو اهڙا ماڻهو جڏهن مايا جو موهه ڇڏي ڏيندا آهن، تڏهن انهن جي من ۾ هڪ ئي مقصد هوندو آهي ته هن سنسار جا ستايل ماڻهو هڪ ٿي پنهنجي جيئڻ جو سامان پاڻ حاصل ڪن، جنهن لاءِ هو هر وقت جدوجهد جي عمل ۾ مصروف رهندا آهن.

    انسان هڪٻئي سان رشتن ۾ ڳنڍيل آهي:
    محترم سامعين: هن دنيا ۾ هر انسان هڪٻئي سان رشتن ۾ ڳنڍيل آهي. ڪٿي رت جا رشتا آهن ته ڪٿي روحاني، ته ڪٿي وري پيار ۽ محبت جا رشتا موجود آهن. مطلب ته انسان ڪنهن نه ڪنهن رشتي ۽ ناتي سان لاڳاپيل يا ڳنڍيل آهي. اهڙن سڀني رشتن ۾ هڪ رشتو عشق ۽ حسن جو رشتو به آهي، جنهن ۾ عشق سدائين اها صدا بلند ڪندو رهندو آهي ته، حسن هُن کان هميشه امتحان وٺندو رهي ۽ عشق وري اهڙي امتحان کي حسن جي خدمت سمجهندي پاڻ کي ڀاڳ وارو سمجهندو آهي. عشق جڏهن محبوب جي هٿ ۾ ڪاتي ڏسندو آهي ته هو نچڻ ۽ ڪُڏڻ لڳندو آهي. هيءَ عشق جي اها منزل آهي جتي انسان پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري نينهن جا نعرا هڻندو رهندو آهي.

    اسان جي زندگي ڇا آهي؟
    سائين منهنجا: هيءَ جيڪا اسان جي زندگي آهي، سا ڀرپور لطف انگيز به آهي ته صحر انگيز به. هن زندگيءَ جا سمورا منظر حسين به آهن ته اڻ وڻندڙ به آهن. انسان پنهنجي سموري جيون ۾ ڪڏهن هار کائيندو آهي ته ڪڏهن جيت هن جي دروازي تي فتح جا گيت ڳائيندي آهي. اهي جيت ۽ هار جا سلسلا صدين کان انسانذات سان لاڳاپيل رهيا آهن ۽ هميشه رهندا. انسان جڏهن هارائيندو آهي، تڏهن پنهنجي هار جو سبب ڄاڻائيندي پنهنجي ڪوتاهين کي لڪائيندو آهي۽ وري جيت ۾ فخر محسوس ڪندو آهي، پر هڪ لمحو اهڙو به آهي، جتي هار ۽ جيت جو مقصد هڪ ئي هوندو آهي ۽ اهو لمحو آهي پنهنجو پاڻ ۾ پيهي وڃڻ جو.

    هڪ ئي آواز ۾ گم ٿي ويا منصور حلاج ۽ اناالحق:
    سائين منهنجا: هي جيڪي اسان جا پير، فقير، صوفي بزرگ آهن، ته هميشه هيءَ دعا گهري آهي ته کين “عشق الاهي” عطا ٿئي. هنن جا هٿ آسمان طرف کڄندا هئا ته انهيءَ ئي عشق الاهيءَ لاءِ. جڏهن مالڪ حقيقي راضي ٿي پوندو آهي تڏهن انسان کي عشق الاهي عطا ڪندو آهي. جڏهن به جنهن کي عشق الاهي عطا ٿيو آهي، تڏهن اهي ڪٿي سچل جي سرمستيءَ ۾ گم ٿي ويا آهن ته ڪڏهن شاهه لطيف جي رهبري ۽ رهنمائي جي واٽ تي هليا آهن، ڪڏهن فريدڻ جو فياض، بلها شاهه جو سچ، شاهه عنايت جو جو کيڙي سوکائي وارو نعرو، منصور حلاج جو اناالحق ۽ روميءَ جون رمزون بنجي هڪ ئي آواز ۾ گم ٿي ويا آهن.

    ذميوار رياست جو بنيادي ڪم پنهنجي شهرين جي حقن جو تحفظ ڪرڻ:
    محترم سامعين: ڪنهن ذميوار رياست جو بنيادي ڪم پنهنجي شهرين جي حقن جو تحفظ ڪرڻ هوندو آهي. هن ملڪ جي آئين ۾ به شهرين جي بنيادي، انساني حقن جو تحفظ ڪيل آهي، جنهن ۾ آئين جي آرٽيڪل 8 کان ويندي 28 تائين جون شقون مختلف انساني حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏين ٿيون. ان کانسواءِ حڪومت پاران انساني حقن جي تحفظ جون وزارتون ۽ ڪميٽيون پڻ قائم ٿيل آهن. ڪيترائي قانون ۽ ائڪٽ به پاس ٿيل آهن، انهن سمورين ڳالهين باوجود به ملڪ اندر خاص طور تي سنڌ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جا واقعا معمول بڻيل آهن. اها لتاڙ جهڙوڪر سنڌ جي روزاني زندگي جو حصو بڻجي چڪي آهي، ڪو اهڙو شهر يا ڳوٺ خالي ناهي جتي انساني حقن جي بي رحمي سان لتاڙ نه ٿيندي هجي. ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته اسان مان هر انسان کي سچائي ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجا فرض ادا ڪرڻ گهرجن ته هي انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪڏهن به ٿي نه سگهنديون.

    ٽيڪسن مٿان ٽيڪس اهي به انساني حقن جي ئي لتاڙ آهي!
    محترم سامعين: انساني حقن جا ادارا پنهنجي جاءِ تي پر عورتن توڙي ٻارن جي حقن جي حوالي سان به الڳ ادارا، الڳ بجيٽ رکيل آهن، پر پوءِ به عورتن توڙي ٻارن سان جنسي ڏاڍائين کان ويندي تشدد، ملڪيت ۾ حصي کان ويندي کين صحت، تعليم، کاڌ خوراڪ جي بنيادي حقن کان محروم رکڻ تائين جي انيڪ واقعن تي ڪوبه قدم کڄندي نظر نه ايندو آهي.هتي عوام کي اهو ته ٻڌايو ويندو آهي ته سندن فرض ڪهڙا آهن، انهن فرضن جي بجا آوري تي زور ته ڏنو ويندو آهي پر عوام جا حق ڪهڙا آهن، انهن جي ڪيتري سنگين لتاڙ ٿئي ٿي، انهن جي تحفظ جي حوالي سان ڪک ڀڃي ٻيڻو نٿو ڪيو وڃي. هي جيڪو عوام کي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو وڃي ٿو سو به انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي ذمري ۾ اچي ٿو ۽ جيڪي اجايا ٽيڪس مٿان ٽيڪس مڙهيا وڃن ٿا اهي به انساني حقن جي تحفظ واري ذمري ۾ نٿا اچن. تنهنڪري سنڌ جو عوام اهو ڄاڻڻ جو حق رکي ٿو ته سندن حقن جو تحفظ ڪير ۽ ڪڏهن ڪندو؟

    ماڻهن کي ڪهري ميار ڏجي؟ جڏهن ڊينگو ئي ڍيري هجي!
    محترم سامعين: ماڻهن جي دماغي صحت کي ڪهڙي ميار ڏجي! جڏهن مهانگائي چوٽ چڙهيل هجي، بک بيروزگاريءَ کان ماڻهو غلط ڌنڌا اختيار ڪرڻ ۾ به عيب محسوس نه ڪن. نه بجلي هجي نه پاڻي، نه اٽو نه سواريءَ جو معقول انتظام، نه رهائش جي سهولت… صورتحال ايتري ڀيانڪ ٿي وڃي جو ماڻهو، پنهنجي گهر ۾ سڪون سان ننڊ نه ڪري سگهن. گهر گهٽيون رستا، گند سان ڀريا پيا هجن. هر پاسي بدبوءِ هجي. ان حالت ۾ ماڻهو پاڳل ٿي پاڻ کي چڪ هڻندو يا ٻئي کي… بس هڪ ننڍڙي موقعي جي تلاش آهي، پوءِ ڪٿي گهوٽڪي ته ڪٿي عمر ڪوٽ ته ڪٿي ٽنڊو محمد خان ته ڪٿي ڪراچيءَ ۽ نئين ديري جهڙا واقعا گهٽ، سانحا وڌيڪ ورجائبا رهبا! ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته اسان ماڻهن کي ڇا ڏيئي رهيا آهيون؟ تن جو اثر عوام جي صحت تي ڪهڙو پوندو؟ تنهن سوالن جا جواب بهترين سماجي ڊاڪٽر ئي ڏيئي سگهن ٿا ۽ انهن جي ڏنل صلاحن تي عمل ڪري پنهنجي ماڻهن کي جيئڻ جو درست دڳ ڏجي يا لائجي.

    سنڌ جي تعليمي ادارن جو معيار گهٽائڻ بدران وڌايو!
    محترم سامعين: تعليم قومن جي وجود ۽ جياپي جو بُنيادي جُز هوندي آهي. سماج ۾ علم جي ئي ذريعي تبديلي آڻي سگهجي ٿي، جيڪو هڪ غريب ۽ مظلوم جو مضبوط هٿيار آهي. 72 سال گذرڻ باوجود اسان جي خواندگي جي شرح 58 سيڪڙو آھي، جڏھن ته سنڌ ۾ تعليم جي شرح 36 سيڪڙو آھي، سنڌ جي ڪاليجن ۾ به سھولتون اهڙيون نه آهن، جيڪي هجڻ گهرجن. اسان وٽ سرڪاري تعليمي ادارن تي آڱريون کنيون وڃن ٿيون ته پڙھائي نه آھي پر حقيقت ۾ سنڌ اندر سٺا ڪاليج موجود آھن، جن تعليم جي ميدان ۾ پاڻ ملھايو آھي. جيڪڏهن وڌيڪ ۽ مناسب سهولتون ملن ته سنڌ جا شاگرد اڳ کان به اڳرا نظر ايندا. افسوس آهي جو لائبريرين ۾ سالن جا سال پُراڻا ڪتاب پيل آهن، جِن کي اڏوهي کائي وئي آهي، هڪ دفعو ڪتاب رکڻ کانپوءِ جديد دور جي حساب سان نوان ڪتاب لائبريرين ۾ رکڻ جي تڪليف به ناهي ڪئي وئي. هاڻي ته ڊجيٽل لائبريري جو دور آهي، سنڌ سرڪار کي اُن تي به ڌياڻ ڏيڻ گهرجي،ٻي پاسي ليبارٽرين جي حالت اها آهي جو پريڪٽيڪل ڪرڻ لاءِ سهولتون موجود نه آهن. سڀ کان اهم ڳالهه آهي نصاب ۾ تبديلي ۽ استادن جي تربيت. هيل تائين اسان جي نصاب ۾ جديد دور جي گهرجن موجب تبديلي نه آئي آهي، نه ئي وري استادن جي ڪا تربيت ڪئي وڃي ٿي ته جيئن هو شاگردن کي موجوده دور جي حساب سان تعليم ڏئي سگهن. چٽا ڀيٽي جو سلسلو به ڄڻ ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شروع ئي نه ٿيو آهي، نتيجي ۾ شاگردن جي اڪثريت اهڙي نظر ايندي، جيڪي چٽاڀيٽي جي واري مزاج کان ئي پري هوندا.

    پوليس جي ڪوڙن مقابلن جو خطرناڪ رُجحان!
    محترم سامعين: سنڌ پرڳڻي ۾ هر ٻئي ڏينهن اهڙا واقعا ٿيندا رهن ٿا، جنهن ۾ قانون ۽ عوام جي رکوالي ڪندڙ پاڻ به ملوث نظر ايندا آهن. اسان ڏٺو آهي ته قانوني عملدارن کي جتي عوام جي حقن ۽ خدمت لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، اتي هو انسانيت سان راند کيڏندي نظر ايندا آهن، ڪٿي ڪٿي ته قانوني عملدار پنهنجي حصي جي ماني جو گرهه به ڪنهن غريب کي کارائيندا ڏٺا ويندا آهن ته ڪٿي وري عملدار انسانيت جا ئي سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏين ٿا. پوليس جا ڪوڙا مقابلا ۽ گهرن تي چڙهايون ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪرڻ اُن جو مثال آهن. سنڌ ۾ ڪوڙن مقابلن جو خطرناڪ رُجحان ائين وڌي ويو آهي، جو پوليس دهشت جي علامت بڻجي وئي آهي ۽ ٻيا ادارا به سندن رستو روڪڻ بدران خاموش نظر اچن ٿا. روزانو اخبارن ۾ خبرون اچن ٿيون ته ڪوڙي مقابلي ۾ پوليس هاف فراءِ ڪري ڇڏيو يا فُل فراءِ ڪري ڇڏيو. اهڙا واقعا امن امان برقرار رکڻ بدران لاقانونيت کي وڌائڻ جو ڪردار ادا ڪن ٿا. جنهن کي فوري طور تي ٻُنجو اچڻ گهرجي.

    ماڻهو جي شخصيت ڄمڻ کان ئي تعمير ٿيڻ شروع ٿيندي آهي:
    محترم سامعين: ماڻهو جي شخصيت ڄمڻ کان ئي تعمير ٿيڻ شروع ٿيندي آهي. ٻار ۾ ڪيترائي والدين جي طرفان سٺا ۽ خراب جين، ڪئميڪلز ۽ هارمونس مليل هوندا آهن. تحقيق منجهان پڌرو ٿيو آهي ته ماءُ کي ٻار پيٽ ۾ هئڻ دوران ئي خبر پئجي ويندي آهي ته ڪهڙي قسم جو ٻار آهي. ٻار پهرئين ڏينهن کان وٺي اکيون ملائڻ، کلڻ، روئڻ، ذريعي ٻاهرين دنيا سان ڳانڍاپو جوڙيندو آهي، جن ۾ سڀ کان پهرين ماءُ، پيءُ، گهرڀاتي ۽ رشتيدار وغيره ايندا آهن. پوءِ ٻار جيئن وڏو ٿيندو آهي تيئن هن جو ٻاهرين دنيا سان ڳانڍاپو وڌيڪ گهرو، پيچيده ۽ دلچسپ ٿيندو ويندو آهي. ٻار ڳالهائڻ کان وڌيڪ ٻڌندو ۽ محسوس ڪندو آهي. ٻار جا جذبا ان وقت اڀرڻ شروع ٿيندا آهن جڏهن ماءُ کيس هنج ۾ ويهاريندي آهي. ان ڏس ۾ شروعاتي 18 سالن تائين ماءُ جو ڳانڍاپو ٻار لاءِ تمام گهڻو اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته دماغ جا سيل ورهائجندڙ هوندا آهن، ماءُ جو ٻار توڙي ٻي دنيا سان تعلق ۽ ورتاءُ ٻار جي شخصيت جوڙيندو آهي. ٻار شروعاتي 18 سالن ۾ روئڻ، لکڻ، عزت، احترام، پيار، ڪاوڙ، ناداني جهڙا جذبا سکندو آهي، جڏهن هو هڪ بالغ فرد بڻجي ويندو آهي ته ان کانپوءِ به ماڻهن، جهڙوڪ استادن، زال، ٻارن، وغيره سان ميل جول جي ڪري پنهنجي روين ۾ تبديلي به آڻيندو رهندو آهي. پر 18 سالن جي عمر تائين جيڪي جذبا ۽ رويا انساني شخصيت جو حصو بڻجي ويندا آهن، اهي گهڻو تبديل نه ٿي سگهندا آهن.

    100 فوٽ پُل لاءِ به فنڊ ناهن!
    محترم سامعين: هي ڊجيٽل ايج جو دور آهي جتي انفارميشن خبرن توڙي تصويرن جي صورت ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي ٿي. اهڙي دور ۾ جڏهن سمنڊن مٿان پليون وڇائيندڙ ملڪن جي ماڻهن ڏانهن سنڌ جون اهي تصويرن وڃن ته هتي جنازا به پُل بدران ڪاٺ جي تختي تان اُڪاريا وڃن ٿا ته ان کان وڌيڪ بدبختي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ جڏهن هڪ پيرسن جي اهڙي جنازي جي تصوير وائرل ٿي هئي ته وڏي وزير نوٽيس وٺندي پُل جي تعمير جو حڪم ڏنو هو پر سال گذرڻ بعد پُل نه ٺهي هڪ وڌيڪ جنازو اُڪاريو ويو. مُرده احتجاج ناهن ڪندا، تڪليف جيئرن ماڻهن کي ايندي آهي ۽ اهي جيئرا ماڻهو جڏهن زندگي ۾ بنيادي سهولتن لاءِ ٻاڪاري ٻاڪاري مري وڃن ٿا ته کين مئي پڄاڻان ته عزت ۽ مانُ ملڻ گهرجي!؟ پُل جي تعمير نه ٿيڻ جو سبب ڪهڙو به هجي، پر 100 فوٽ پُل لاءِ به جيڪڏهن فنڊ ناهن ته پوءِ سنڌ جا ماڻهو اهو پڇڻ ۾ حق بجانب آهن ته آخر سنڌ جي ماڻهن کان ٽيڪس جي صورت ۾ گڏ ڪيل پيسو وڃي ڪيڏانهن ٿو؟

    پنهنجائپ بازار جي ڪنهن به دڪان تان ناهي ملندي!
    اسان همدردي ڪندا آهيون ته دل کي سڪون ملندو آهي، همدردي يا پنهنجائپ بازار جي ڪنهن به دڪان تان، ڪنهن به قيمت تي ناهي ملي سگهندي. پر اها انمول ڪيفيت انسان جي اندر ۾ موجود هوندي آهي، جنهن وقت ڪوئي ڪنهن سان اوکي ويل ۾ صرف ٻه پيار جا ٻول ٻولي پنهنجائپ ڏيکاري ٿو ته اهو ماڻهو ڪيڏو نه ان وقت همدردي ڪرڻ واري ماڻهو کي پنهنجو پرين لڳي ٿو، تنهنڪري هميشه همدرديءَ جي سٿ ۾ رهجي ۽ ان کي پنهنجو محبوب سمجهي، پنهنجو سمورو جنم ارپي ڇڏجي.ائين ڪرڻ ۾ لطف آهي،مزو ۽ سڪون آهي ۽ اسين جڏهن ڪنهن سان همدريءَ ڪري پنهنجي من ۾ جهاتي پائيندا آهيون ته دل ۽ دماغ کي سڪون کي ملندي محسوس ڪندا آهيون.

    اکين کي آهين،عجب جهڙيو عادتون:
    محترم سامعين:قدرت پاران زبان جهڙو بي بها تحفو عطا ڪيو ويو آهي، ڳالهائڻ لاءِ ڪنن جو تحفو مليو ته ٻڌو ۽ سٺين ڳالهين تي عمل ڪريو، پرائي پچار کي هڪ ڪن مان ٻڌي، ٻئي مان ڪڍي ڇڏيو. اکين جهڙي نعمت ڏنائين ته اکيون کولي ڏسو،سچ کي سڃاڻو. سونهن جا ساٿي بڻجو. قدرت جي حسن جي واکاڻ ڪريو. اکيون جيڪي ڏسڻ سان گڏ ڳالهائينديون به آهن، اکيون جڏهن ڳالهائينديون آهن، تڏهن اکيون ئي اهي ڳالهيون سمجهنديون آهن. اکيون پيار،محبت جا سنيها ڏيڻ لاءِ به ڳالهائينديون آهن ته ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو به اظهار ڪري وجهنديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته لفظن جا تير به وسائينديون آهن. اکين جون سدائين سمجھ نه ايندڙ ڳالهيون هونديون آهن.
    اکين کي آهين،عجب جهڙيو عادتون،
    سور پرائي ساٿ جا، وڃيو وِهائين،
    اُتي لنئون لائين، جت حاجت ناه هٿيار جي.
    (شاھ)

    ماضيءَ کي ڪڏهن به نه وسارجي:
    سائين منهنجا: سياڻا چئي ويا آهن ته پنهنجي ماضيءَ کي ڪڏهن به نه وسارجي، ان کي سدائين ياد ڪندو رهجي.ڇو ته ماضيءَ جي تجربن مان ايندڙ وقت کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. ٽي اکر ي،الف ۽ د جڏهن پاڻ ۾ ملن ٿا ته هڪ لفظ “ياد ”ٺهي پوي ٿو،جيڪو هڪ وڏي معنيٰ ۽ مطلب رکي ٿو.رات جو ننڊ ڪرڻ کان اڳ جيڪڏهن اسان سموري ڏينهن جي ڪيل ڪمن کي ياد ڪيون ۽ انهن تي غور ڪيون ته اسين سڄي ڏينهن ۾ انسان ذات جي ڀلائي لاءِ ڪهڙا سٺا عمل ڪيا؟ جيڪڏهن اسان مان هر ماڻهو پنهنجي سمورين ڪا گذارين کي ياد ڪري ته هي سمورو سنسار وڌيڪ سونهن ڀريو ٿي ويندو. ياد جيڪا وڇڙي ويل ساٿيءَ جي به ايندي آهي، تڏهن اندر جا اڌما ئي ٻيا هوندا آهن.

    جذبات هڪ اهڙي ڪيفيت جنهن مان نقصان ئي ملي ٿو:
    محترم سائين: جذبات هڪ اهڙي ڪيفيت آهي،جنهن مان صرف نقصان کي حاصل ٿي سگهيو آهي، ڇو ته جنهن وقت به جذبات انسان مٿا حاوي ٿي ويندي آهي، تنهن وقت انسان اُٻهرو ٿي پوندو آهي ۽ اٻهرائيءَ ۾ اهڙا فيصلا ڪري وجهندو آهي، جنهن جا نتيجا سٺا ناهن نڪرندا. دنيا جا سڀ ڏاها ۽ اڪابر، هن ڳالهه تي متفق آهن ته “جيڪڏهن ڪو ماڻهو جذبات ۾ هجي ته ان وقت نه هو ڪا راءِ ڏيئي نه ڪو فيصلو ڪري” نفسيات جا ماهر چون ٿا ته جذبات جو ٻيو نالو“چريائپ” آهي. ڇو ته چريائپ به اهڙي ڪيفيت آهي،جنهن ۾ نه نفعي جي ڄاڻ پوندي آهي نه انسان نقصان جو سوچيندو آهي.تنهنڪري هردم پنهنجي جذبات تي ڪنٽرول ڪرڻ گهري، ڪڏهن به ان ڪيفيت جي تابع نه ٿجي، پر جذبات کي پنهنجي ئي حڪم هيٺ رکجي، جنهن مان فائدو ئي فائدو ملندو.

    غير معياري شين جي وڪري خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي!
    محترم سامعين: اسان وٽ اڪثر ڪري شارٽ ڪٽ هڻڻ ۽ راتو رات امير ۽ پئسي وارو ٿيڻ جو هر ڪنهن کي جنون سوار رهي ٿو. پوءِ ان پئسي ميڙڻ جو طريقو ڪهڙو به ڇو نه هجي. حد اها آهي ته ڪپڙن کان ويندي جوتن تائين جيڪڏهن ڪابه شيءِ مارڪيٽ ۾ ايندي آهي ته فوري طور تي ان جو سستو نقل به بازار ۾ اچي ويندو آهي ۽ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اهو نقل، اصل کان وڌيڪ وڪرو ٿيندو آهي. هڪ نقل ۽ غير معياري شيءِ ۾ اصل شيءِ وارو معيار ملڻ مشڪل هوندو آهي. اسان جو پنهنجي روزمره واري زندگي ۾ سڌي طرح سان جن شين سان تعلق رهي ٿو، گھر جي استعمال ٿيندڙ هر شيءِ کائڻ پيئڻ، دوائن، کير کان وٺي ٻارن جي چاڪليٽ، بسڪيٽ، صابڻ، شيمپو، جو نقل ۽ وڪرو سرِعام جاري آهي. اهڙين نقلي، جعلي ۽ غير معياري شين جا اسان جي زندگي تي واضع هاڃيڪار اثر پون ٿا. پوءِ اهڙين شين منجھان مختلف قسمن جون بيماريون پڻ جنم وٺن ٿيون. جعلي ۽ ٻه نمبر ڪم ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جا به ڏوهاري آهن ڇو ته اهڙا “عنصر” ٽيڪس کان به بچيو وڃن. جن سان ملڪ جي ترقي ۾ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون. اهڙين نقلي جعلي ۽ غير معياري شين جي روڪٿام لاءِ سخت قانون جوڙڻ ۽ انهن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي ضرورت آهي.

    هي سموري ڪائنات محبت جي مياڻ ۾ بند آهي:
    محترم سامعين: هن سموري ڪائنات ۾ يا کڻي ائين چئجي ته هن آسمان هيٺ،جيڪا به ساهواري مخلوق آهي، سا آهي ئي محبت جي مياڻ ۾ بند. اسان انسانن ۽ جانورن جو ازل کان واسطو رهيو ئي قرب ڪرڻ وارن سان آهي. جتي به انسان کي محبت ملندي آهي يا قرب ڏسڻ ۾ ايندو آهي،اُتي ئي ان کي سڪون ۽ آرام ملندو آهي. ڇو ته محبت ۽ قرب اهو گهاٽو وڻ آهي، جنهن جي ڇانوَ ڏاڍي ٿڌڙي ۽ وڻندڙ ٿئي ٿي. هن سماج ۾ محبتون ورهائيندڙ ۽ قرب ونڊيندڙ انسان به ٿڌا ڇانورا ڏيندڙ وڻَ آهن، جن جي ڇانوَ ۾ ويهي ماڻهو گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو.
    جي ايندي چَوني آءُ،ويندي چَوني ويھ،
    ٻيو ڇڏي سارو ڏيھ،اڱڻ وڃجي انِ جي.

    پرائيويٽ اسپتالن جي فيس تي نظرثاني ڪرائي وڃي!
    محترم سامعين: سرڪاري اسپتالن ۾ سھولتون نه ھجڻ ڪري ماڻھو پنھنجن عزيزن کي پرائيويٽ اسپتالن ۾ داخل ڪرائيندا آھن، پرائيويٽ اسپتالن ۾ هر ڳالهه جي فيس هوندي آهي، داخلا فيس الڳ ته ڊاڪٽر جي چڪاس جي فيس جدا. مطلب تي شاھوڪار ماڻھو به ان جو مشڪل سان خرچ برداشت ڪري سگھن ٿا، غريب ماڻھو ته پرائيويٽ اسپتالن ۾ ايڊمٽ ٿيڻ جو سوچي به نٿا سگھن. جڏھن غريبن جي مھيني جي مزدوري ڇھ کان ست ھزار آھي، جنھن مان کيس پنھنجي گھر جو گذر سفر به ڪرڻو آھي، پوءِ ھن مھانگائي دور ۾ مريضن کي ڪيڏانهن کڻي وڃن!؟ اسان صحت جي اختيارين جو ڌيان ڇڪايون ٿا ته يا ته سرڪاري اسپتالن جو نظام بهتر بڻايو وڃي يا گهٽ ۾ گهٽ پرائيويٽ اسپتالن جي فيسن تي نظرثاني ڪرائي وڃي.

    سنڌ ۾ هارين لاءِ ڪا تحريڪ ڇو ڪونهي؟
    محترم سامعين: سنڌ صدين کان زرعي خطو رهيو آهي. هڪ طرف درياھ جا وهڪرا هوندا هئا ته ٻئي طرف ريگستاني علائقا بارش تي آباد ٿيندا هئا ۽ اڄ به سنڌ ۾ زراعت جو ساڳيو ڪاروهنوار هلندڙ آھي. ٿر توڙي بئراج ۾ ھارپي جو قانون ٿوري گهڻي فرق سان ساڳين طور طريقن سان لاڳو آھي. جاگيرداري سڄي دنيا جيئن سنڌ ۾ به عروج تي رهي آھي. جاگيردار وڏيرا هزارين پورهيت هارين جي پگهر جي ڪمائي کي صدين کان هڙپ ڪري پنهنجا ڀڀ ڀري غريب هارين جو استحصال ڪندا رهيا آھن، نتيجي ۾ پورهيت جو حال بدتر ٿيندو ويو ۽ جاگيردار مچي مواڙ ٿيندو رهيو. سنڌ ۾ ھارپي جي نظام بابت لاتعداد ڳالهيون اڃان تائين منجهيل آھن. جاگيردار طبقو پنهنجا هٿ جا قانون ٺاهي پنهنجا مفاد ماڻي رهيو آھي ۽ هاري مسلسل پيڙهجي رهيو آھي. اهي سور هارين جو نصيب بڻايا ويا آھن. سوال اهو آهي ته سنڌ جو هاري جنهن تڪليف ۾ آهي، تنهن مان ڇوٽڪاري لاءِ اڄ ڪا هاري تحريڪ ڇو نٿي هلي سگهي؟ اهي هاري اڳواڻ ڪٿي آهن؟ جيڪي هارين جي حقن لاءِ ڳالهائيندا هئا! اڄ اهي ڇو خاموش آهن؟ ڇا انهن تسليم ڪري ورتو آهي ته سنڌ جو هاري هاڻي خوشحال ۽ سکيو ستابو آهي،تنهنڪري ڪنهن تحريڪ جي ضرورت ڪانهي؟

    سرڪاري اسڪولن ۾ سياسي دٻاءُ ۽ اثر رسوخ جو استعمال:
    محترم سامعين: سنڌ ۾ تعليمي نظام جي تباهيءَ جا ڪارڻ جيڪڏهن ڳوليا ويندا ته اُنهن ۾ هڪ ڪارڻ سرڪاري اسڪولن ۾ سياسي دٻاءُ ۽ اثر رسوخ جو استعمال به نظر ايندو. هتي سرڪاري اسڪولن جي استادن جون پگهارون نجي اسڪولن استادن کان وڌيڪ هونديون آهن، پوءِ به سرڪاري اسڪولن ۾ تعليمي معيار بدترين آهي. ادارا اها روايت به ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن ته سرڪاري اسڪولن جا استاد نجي اسڪولن ۾ نه پڙهائيندا، ڇاڪاڻ ته جڏهن سرڪاري استاد نجي ادارن ۾ پڙهائيندو آهي ته پوءِ هُن جو سرڪاري اسڪول ۾ پڙهائڻ تي گهٽ ڌيان هوندو آهي، کين ٻارن جو مستقبل سنوارڻ بدران پئسا گڏ ڪرڻ جي ڳڻتي هوندي آهي. حڪومت تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪئي ۽ نجي ادارن کي وارننگون به جاري ڪيون، پر عملي طور تي اُنهن جو ڪوبه اثر نظر نه آيو.


    سنڌ جو امن ۽ ڀائيچارو تباهه ڪرڻ جون سازشون ناڪام بڻايو!

    سنڌ جو امن ۽ ڀائيچارو تباهه ڪرڻ جون سازشون ناڪام بڻايو!
    سنڌ صدين کان تاريخي طور امن، ڀائيچاري ۽ رواداري جي علامت رهي آهي، هتي محبت ۽ پيار جي هُٻڪار هوندي هئي. پر هاڻي سنڌ جي امن ۽ ڀائيچاري جي پکين کي مارڻ لاءِ سازشون تيز ڪيون ويون آهن، جنهن تي هلندي ڪڏهن ورهاڱي جا بيان ڏنا ويندا آهن ته ڪڏهن وري نفرتون پکيڙڻ لاءِ ماحول تيار ڪيو ويندو آهي. اسين نمرتا جي واقعي کي به اهڙين سازشن جي ڪڙي طور ڏسون ٿا، اهو هڪ ناري يا شاگردياڻي نه پر سنڌ جي شعور جو قتل آهي. ڇاڪاڻ ته هوءَ تعليم جو روشن ڏيئو هئي، اُنهن جي مدد ڪندي هئي، جيڪا تعليم پرائڻ ته گهرن ٿا پر غربت جي جنڊ ۾ روزانو پيسجي ويندا آهن. ظاهر آهي ته تعليمي ادارن مان جڏهن لاش ملڻ جو سلسلو بند نه ٿيندو ته ماڻهو خوف ۾ وڪوڙجي ويندا. سنڌ جو تعليمي نظام هٿ وٺي تباهه ڪيو وڃي ٿو.

    ڏهين محرم جي لهندڙ سج انسانيت جي تاريخ:
    محترم سامعين: امام ڪربلا حضرت حسين بن علي رضي الله تعالى عنه ڪربلا جي ميدان ۾ الله تعالى جي ڪلمي جي سربلندي ۽ پنهنجي ناني محمّد ﷺ جي دين جي حفاظت جي خاطر پنهنجي 72 ساٿين سان گڏ شھادت جو عظيم رتبو حاصل ڪري دنيا کي واضح طور تي اهو پيغام ڏنو آهي ته ڪنهن به ڪامل ايمان واري مؤمن جي جان وڃي ته ڀلي وڃي پر هو ڪنهن به ظالم ۽ جابر حڪمران جي حڪومتي ڏاڍ ۽ ظلم جي آڏو ڪنڌ نه جهڪائيندو ۽ نڪي ڪمزور ٿي ان جي آڏو گوڏا کوڙيندو. ڏهين محرم جي لهندڙ سج انسانيت جي تاريخ جو هي دردناڪ واقعو ڏٺو، جنهن کي رت سان رنگين ڌرتي پنهنجي سيني تي هميشه جي لاءِ نقش ڪري ڇڏيو. نبوت جي چشم و چراغ پنهنجي رت سان اسلام جي ان وڻ کي سائو ڪري نه مٽجندڙ داستان رقم ڪيو، جيڪو ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راھ آهي. حضرت حسين عه رهندي دنيا تائين ايندڙ ايمان وارن کي اهو پيغام ڏنو ته ڪڏهن به ۽ ڪنھن به موقعي تي ظلم ۽ ڏاڍ جي زور ۽ ناجائز بنيادن تي ڪنهن جي به آڏو نه جهڪجي، بلڪه رت جي آخري ڦڙي تائين ظلم ۽ ڏاڍ جو مقابلو ڪجي ۽ اھو ئي حُسينيت ۽ ڪربلا جي واقعيءَ جو پيغام آهي.

    سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ مافيا جون وڌندڙ ڏاڍايون!
    محترم سامعين: سنڌ ۾ هونئن ته انيڪ مسئلا آهن پر ٽرانسپورٽ جو مسئلو سنگين صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي. خاص ڏينهن تي ٽرانسپورٽ مافيا ڪراين ۾ وڌيڪ اضافو ڪري عوام جو رت چوسين ٿا. خاص ڏينهن تي هر ڪو ماڻهو پنهنجن اباڻن علائقن ڏانهن ويندو آهي ڇو ته جيڪي ماڻهو ڪراچي توڙي حيدرآباد ۾ نوڪريون يا مزدوري ڪندڙ آهن، اهي موڪلن تي پنهنجي علائقن ڏانهن ضرور ويندا آهن. ان وچ ۾ سرڪاري ملازم يا پرائيويٽ ادارن کي موڪلون هونديون آهن. نه رڳو ملازم پيشه پر يونيورسٽي جي شاگردن توڙي سڀني ادارن کي موڪل هوندي آهي. مسافرن جي رش جو فائدو وٺندي ٽرانسپورٽ وارا ڇڪي ڪرايو وٺن ٿا. افسوس اهو آهي ته ٽرانسپورٽ وارا عوام جي مجبوري جو گهڻو فائدو وٺن ٿا. حد ته ان ڳالهه جي آهي ته موٽر وي پوليس وارا گاڏي جي ڇت تي ويٺل ماڻهن تي ڪو به ايڪشن نٿا کڻن. عام ڏينهن ۾ هو چالان ڪندي دير ناهن ڪندا. سنڌ جو ٽرانسپورٽ کاتو ان حوالي سان ڪو نوٽيس نٿو وٺي.

    ڪشميرين کي پنهنجي تقدير جو فيصلو پاڻ ڪرڻ ڏنو وڃي!
    محترم سامعين: ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ مودي سرڪار جي انتهاپسندي ۽ مسلمانن سان دشمني آهي، جنهن ڪشميرين جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آھي. ڀارتي سرڪار ڪشمير کي ترقي وٺرائڻ لاءِ نه پر سندن زمين ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ آرٽيڪل 370 جو خاتمو ڪيو. هاڻي حالت اها آهي جو ڪشميرين کي پنهنجي گهرن ۾ واڙي رکيو ويو آهي، جتي کين سمورين بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي. ان کان سواءِ ڀارت خطي ۾ جنگي جنون کي وڌائي حالتن کي جنگ ڏانهن ڌڪي رهيو آهي، جنهن جو عالمي برادري کي نه رڳو نوٽيس وٺڻ گهرجي پر ڀارت کان مطالبو ڪرڻ گهرجي ته اهو ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بند ڪري اتان پنهنجي فوج واپس گهرائي ۽ ڪشمير مسئلي جو پرامن حل ڪڍي ۽ پرامن حل اهو آهي ته ڪشميرين کي هاڻ پنهنجي تقدير جو فيصلو پاڻ ڪرڻ ڏنو وڃي.

    پرڏيهه ۾ ڪمائيندڙن کان فرمائشون نه ڪريو!
    محترم سامعين:تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته جيڪي ماڻهو ٻاهرين ملڪن ۾ روزي ڪمائين ٿا اهي ڪهڙين مشڪلاتن جو شڪار آهن جتي اڪثر ماڻهن جي زندگي انتهائي ڏکين حالتن ۾ گذري ٿي، هو روز صبح جو اٿي ڪم کي لڳن ٿا، چاهي ڊرائيور هجن، چوڪيدار، مزدور يا ٻيو عملو، انهن جي ننڊ به پوري نه ٿيندي آهي. متان ڊيوٽي جي لاءِ دير ٿي وڃي يا بس ۽ گاڏي نڪري وڃي! متان سيٺ نه ڪاوڙ ڪري. صبح جي نيرن به رستي تي کائيندا ويندا آهن، کين منجهند جو به ٽائيم نه ملي سگهندو اٿن. پوءِ به ڪم کي پورو ڪندا آهيون، ڏک هجي يا سک هجي ڪنهن کي به ناهن ٻڌائيندا. جتي انتهائي مجبوري جي حالت ۾ رهن ٿا. هڪ ته پنهنجي ملڪ ۾ روزگار جا وسيلا ناهن، جيڪڏهن هجن ها ته ڪير پرديس ۾ ڌڪا نه کائي ها! ٻيو ته پوين عزيزن کي به گهرجي ته انهن پرديسين جي ڪمائي جي پئسن کي پنهنجي ضرورت آهر استعمال ڪن، اهو سوچين ته اهو پيسو هنن جي رت پورهئي جي ڪمائي آهي، جيڪي بک ڏک تي رهي به پوري ڪمائي موڪليندا آهن، ته متان سڀاڻي دنيا وارا گهر وارن تي آڱر کڻن. سو مهرباني ڪري پرديسين کان فرمائشون ڪرڻ بدران اتي سندن مشڪلاتن جو تصور ڪريو!

    زبون حال اسڪولن طرف ڌيان ڏيئي تعليم بچايو!
    محترم سامعين: سنڌ ۾ بنيادي تعليمي نظام جي جيڪا حالت آھي ان مان سڀ بخوبي واقف آھيون، ساليانو ڪروڙين بلڪه اربين رپيا بجيٽ ھجڻ باوجود پرائمري اسڪولن کان ويندي هاءِ اسڪولن تائين اهم بنيادي ضرورتن جي اڻهوند جون خبرون روز اخبارن جي زينت بڻجن ٿيون، اسڪولن جي ڇت مان چاپڙ ڪرڻ جي ڪري ڪيترائي شاگرد روزانو زخمي ٿي رهيا آهن. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ زبون حال اسڪولن جو هڪ وڏو انگ آهي جن طرف حڪومتي ادارن کي توجھ ڏيڻ گهرجي. درسگاهن جي زبون حالي تعليم جي تباهي جي ڪارڻن مان به هڪ اهم ڪارڻ آھي، جنهن ڪري ٻارن ۾ هر وقت خوف رهي ٿو. خدارا زبون حال اسڪولن طرف توجهه ڏئي تعليم کي تباهي کان بچايو وڃي.

    شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪريو!
    محترم سامعين: پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 17 مطابق هر ڪنهن کي حق حاصل آهي ته هو سياسي پارٽي ٺاهي سگهي ٿو يا ڪنھن سياسي پارٽي جو ميمبر ٿي سگهي ٿو، ڇو جو آئين هر ڪنهن کي اظهار جي آزادي ڏئي ٿو. اهڙيءَ طرح سياست ڪرڻ هر شاگرد جو بنيادي حق آهي ڇو ته شاگرد سياست ئي سياست جو بنياد آهي. اڄ جا شاگرد سڀاڻي جا لکيل پڙهيل اڳواڻ ھوندا. جيڪڏهن شاگرد سياست تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي ته آئيندو نااهل ماڻهن جي هٿ ۾ اچي ويندو. شاگرد يونين تي پابندي هڻي کانئن آزادي کسي ويئي آهي، جنهن سبب شاگرد سخت پريشانين کي منهن ڏين ٿا. دراصل جن تعليمي ادارن ۾ شاگرد تنظيمن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي اهي ادارا بدترين ڪرپشن جي ور چڙهي ويا آهن جنهن جا ڪيترائي مثال موجود آهن. اتي شاگرد سان ناجائزيون ٿين ٿيون، يونيورسٽين توڙي ڪاليجن ۾ شاگردن سان ڪافي مسئلا پيش اچن ٿا جهڙوڪ هاسٽل الاٽمينٽ، ڪلاسن، پاڻي، بجلي يا صفائي سٿرائي جا مسئلا! جنرل ضياءَ جي دور ۾ شاگرد يونين مٿان لڳايل پابندي اڃان تائين جمهوريت جا دعويدار به هٽرائي ناهن سگهيا.

    نوڪريون ميرٽ تي آخر ڪڏهن ملنديون؟
    محترم سامعين: اڄ جي ھن مھانگائي واري دور ۾ اڳ ئي جيئڻ جنجال لڳو پيو آهي ته وري ٻئي طرف بيروزگاريءَ ترا ڪڍي ڇڏيا آهن. روز اخبارن ۾ نوڪرين جا اشتهار ڏسي ڪيترائي نوجوان 500 کان 1000 جا چالان ڀرائي درخواستون موڪلين ٿا، ان کانپوءِ لکت جي ٽيسٽ يا انٽرويو تائين ڪرايا ڀاڙا الڳ ڀرين ٿا، پر آخر ۾ پتو پوي ٿو ته اهي نوڪريون ئي ملتوي ٿي چڪيون آهن. هتي ميرٽ جي رڳو ڳالهه ڪئي وڃي ٿي حقيقت ۾ ميرٽ نالي ڪا شيءِ آهي ئي ڪانه! جيڪڏهن ميرٽ کي نظر انداز ڪري پنهنجا نوازي ڪئي ويندي ته هن خطي ۾ بيروزگاريءَ ۾ اضافو ٿيندو، مايوسي ۽ محڪومي وڌندي جنهن جا پوري سماج تي اُڳرا نتيجا نڪرندا.

    سرڪاري اسپتالن کي ملندڙ بجيٽ ڪيڏانهن وڃي ٿي؟
    محترم سامعين: سنڌ جي اڪثر سرڪاري اسپتالن ۾ داخل ٿيندڙ غريب مريضن کي سهولتون نٿيون ملن،انهن کي نه بيڊ ڏنو وڃي ٿو نه ڪو ڪمرو! انهن غريبن کي هيٺ پَٽَ تي ويهاري تذليل ڪئي وڃي ٿي! انهن اسپتالن ۾ غريب بي پهچ ماڻهن جي مجبوري جو فائدو کڻندي اهو چئي پئسا وصول ڪيا ويندا آهن ته ايمبولينس خراب آهي يا تيل نه آهي ۽ اسان کي مٿان کان پئسا نٿا ملن! اتي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته سرڪاري اسپتالن جي ملندڙ سالياني بجيٽ ڪيڏانهن وڃي ٿي؟ ڇا توهان کان اُهي قسم وسري ويا آهن؟ جيڪي توهان نوڪري ۾ ڀرتي ٿيڻ وقت کڻندا آهيو! “اسان اسپتال ۾ ايندڙ مريض جو علاج صحيح نموني ۽ ايمانداري سان ڪنداسين.” اُها ايمانداري ڪيڏانهن وئي؟ ڇا توهان وٽ انسانذات جي اهميت نه آهي؟ حڪومت سنڌ کي اپيل ڪجي ٿي ته جلد کان جلد نوٽيس وٺي ڪرپٽ ڊاڪٽرن کي هٽائي صحت کاتي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي ۽ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن ته جيئن غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي لاڀ حاصل ٿئي.

    ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ڪندڙ ڪاري ڪامڻ کي ڪير روڪيندو؟
    محترم سامعين: سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڪاري ڪامڻ ويڙھن جا ويڙها ويران ڪري ڇڏيا آھن. گذريل ڪجهه سالن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي انسانن کي اها بيماري ڳڙڪائي وئي آھي. سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جا ڪيترائي ڳوٺاڻا هن موذي مرض ۾ مبتلا آھن. خاص ڪري اهي علائقا هن موضي مرض ۾ وڪوڙيل آهن، جتي پيئڻ جو صاف پاڻي به انسانن کي نٿو ملي ۽ انسان ۽ جانور گڏ ئي ڪنهن بيٺل پاڻيءَ واري تلاءَ مان پاڻي پيئن ٿا. جن ماڻهن کي ڪاري ڪامڻ آهي ظاهر ٿي آهي، هي اُهي ماڻھو آھن جن ٽيسٽون ڪرايون ۽ کين خبر پئي ته کين ڪاري ڪامڻ آھي پر ان کان سواءِ کوڙ سارا ٻيا به اهڙا ماڻھو عورتون مرد هوندا جن کي هن ظالم بيماري جي خبر نه هوندي ۽ هي خاموش قاتل بيماري انهن کي ڪنهن مهل به کائي ڳڙڪائي سگهي ٿي. خبر ناهي ته صحت وارو کاتو ڪٿي ڪم ڪري رهيو آهي؟ خدارا سنڌ جي ماڻهن کي ان خطرناڪ بيماري کان بچايو. سنڌ جي ڳوٺن ۾ وڃي انسانن جي سار لهو! هنن جون ٽيسٽون ڪرايو۽ متاثر ماڻهن جو انسانيت جي واسطي علاج ڪرايو.

    ڌاڙيل آزاد باقي سوپاريون کپائيندڙ جيل اندر!؟
    محترم سامعين: روزانو اخبارن ۾ سنڌ جي هر شھر مان خبرون اينديون آھن ته اڄ فلاڻي ٿاڻي جي فلاڻي ايس ايڇ او وڏي ڪاروائي ڪري سوپاريون کپائيندڙن کي پڪڙي ڪيس داخل ڪري جيل اماڻي ڇڏيو ۽ ايس ايڇ او ۽ سپاهي وري وڏي لئي سان ان مجرم سان گڏ تصوير ڪڍرائي پنهنجي حد جي ايس ايس پي ڏي واٽس اپ ڪندا آھن. هن مهل تائين نشيدار سوپاريون کپائيندڙ هيترا ڪي هيترا ماڻهو پوليس پڪڙيا آھن پر سوپاريون ختم ئي نه ٿيون ٿين. ڪڏهن ڪڏهن ته ٽرڪن جون ٽرڪون سوپارين سان ڀريل پڪڙين ٿا! پر ڳالهه وري ساڳي ته اهي نشي واريون سوپاريون ڇو نه ٿيون کٽن؟ جيڪڏهن پوليس سوپاريون بند ڪرڻ ۾ سنجيده هجي ته پهريون ڪارخانا بند ڪرائي مالڪن ۽ ڊيلرن کي ٻڌي ها، پر اسان جي پياري پوليس کي پئسا به کپن ته وري پنهنجي ڪارڪردگي به ڏيکارڻي آھي! سو اهو سلسلو هندوستان جي ڊرامن وانگر پيو ٿو هلي ۽ ڪڏهن به ختم نه ٿيندو. جڏهن ته ٻئي طرف وري وڏا وڏا ڌاڙيل جيڪي اتر سنڌ ۾ سر عام ماڻھن کي اغوا ڪريو عورتن جي آواز ۾فون تي هرکائي پاڻ وٽ گهرائي ڀُنگ وٺن ٿا سي آزاد آهن.

    نوجوان رڳو سرڪاري نوڪرين تي نه ڀاڙين!
    محترم سامعين: ھر روز دنيا تبديل ٿي رهي آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به تبديل ٿيندي رھندي ڇو جو اھو ارتقا جو سفر آهي. ڪڏهن تبديلي جا اثر تمام جلد ظاھر ٿيندا آهن، ڪڏهن تمام دير سان. ان جو مطلب ھرگز اھو نه آھي ته تبديلي اچي ئي نٿي. مثال طور ڪيترا سال پھريان ڪنهن ماڻهو جي خيال ۾ به ڪونه ھو ته ڪو دور اھڙو به ايندو ته ماڻھو ڪيترو به پري ھوندو پر ھڪٻئي کي ڏسي به سگهندو ۽ ڳالھائي به سگھندو پر اڄ سائنس اھو ڪري ڏيکاريو. ھن وقت دنيا ۾ ھر ڪم آسان ٿي ويو آھي. پوري پاڪستان مان نوجوان ٻاھرين ملڪن ۾ تعليم لاءِ ڪوششون ڪري ڪري رھيا آھن. اسان جي سنڌي نوجوانن کي به گھرجي ته ٿوري محنت ڪيون ته منزل تي پھچي سگهون ٿا. مثال طور ڪو نوجوان ڪنهن يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪري رھيو آھي، ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ 4 کان 5 سال لڳن ٿا، انھي کان پوءِ ڪجهه نوجوانن کي نوڪريون ملي وڃن ٿيون، ڪجهه رھجي وڃن ٿا ۽ اھا پڻ حقيقت آهي ته ايتريون نوڪريون آھن به ڪونه جو ھر ھڪ کي نوڪري ملي سو منهنجي نوجوانن کي ھڪ صلاح آھي ته جيڪڏهن نوڪري نه ٿي ملي ته پريشان نه ٿيو، ھن وقت دنيا ۾ مختلف اسڪالرشپون ملن ٿيون، بيچلرس، ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي وغيره. واندي ويھڻ کان بھتر آھي ته انٽرنيٽ تي دنيا ۾ موجود مختلف ملڪن جي يونيورسٽين جي ويب سايٽس تي وڃي انهي مان فائدو وٺو. خاص ڪري چين ھن وقت تمام گهڻيون اسڪالرشپس ڏئي رهيو آهي، تنهنڪري اسان جي سنڌي نوجوانن کي صرف سرڪاري نوڪرين ته ڀاڙڻ نه گھرجي، ھن طرف به ڌيان ڏيڻ گھرجي.

    مڪاني ادارا عوام کي ڪهڙو رليف ڏيئي سگهيا آهن؟
    محترم سامعين: هن وقت سنڌ جا سمورا ادارا تباهه حال لڳا پيا آهن، خاص طور تي بلدياتي ادارن جي ڪارڪردگي ته انتهائي افسوسناڪ آهي. يونين ڪائونسلن ۾ ماهوار پنج لک جڏهن ته ٽائون ڪميٽين ۾ وارڊن جي حساب سان في وارڊ لاءِ چار لک ترقياتي مد ۾ ايندا آهن. ان کان علاوه پگھارن جي رقم ڌار آهي. ميونپسل ڪميٽيز ۾ ڪروڙن، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ اربن ۽ ميونسپل ڪارپوريشن ۾ کربين رپين جي بجيٽ هجڻ باوجود عوام کي ڪو به رليف ملي ناهي سگھيو. وڏيرن جا ڀرتي ڪيل پنهنجا ماڻهو جيڪي ايندا ئي نه آهن، تن جو ٻوجھ بجٽ تي تمام وڏو آهي. ڪجهه ته ڪچا ملازم پڻ رکيل آهن. سنڌ جي گهڻن مڪاني ادارن جو ڪوبه رڪارڊ نه آهي. جڏهن ته سبزي پڙي ۽ ريزڪي پڙيءَ جا ٺيڪا من پسند ماڻهن کي نوازڻ لاءِ ڏنا ويندا آهن. ۾ ترقياتي ڪم ته ڏسڻ ۾ ئي نٿا اچن! ڪروڙن جي بجيٽ هوندي به راڌڻ ۾ صفائيءَ جو سسٽم ناڪاره هجڻ ڪري بدبوءِ راڌڻ جي سڃاڻپ بڻجي وئي آهي. ڪنهن به ڳوٺ ۾ ڊرينيج جو سسٽم ئي نه آهي. ماڻهن جي گھرن ۾ گندي پاڻيءَ لاءِ کڏا ٺهيل هجڻ ڪري بيمارين جو امڪان وڌي ويو آهي. شهر جي ڪجهه وارڊن ۾ صاف پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ عوام پريشان هجڻ ڪري گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهي. راڌڻ جو عوام بي يارو مددگار بڻجي ويو آهي نيب وارا به خاموش تماشائي بڻيل آهن.

    ڪُتن جو آزار ڪڏهن ختم ٿيندو؟
    محترم سامعين: سنڌ ۾ ڇتن ڪتن جو آراز ايترو وڌي ويو آهي جو هر ضلعي جي اسپتال ۾ ڪتي جي چڪ وارا ڪيس ايندا رهن ٿا. پر ڏک اهو آهي ته ڪتي جي چڪ کان بچاءَ جون ويڪسين اتي نٿيون ملن. ڏٺو وڃي ته شهرن جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙين ۾ رولو ڪتا وڌيڪ هجڻ سبب اهڙا واقعا به اتي وڌيڪ پيش اچن ٿا پر جڏهن ضلعي اسپتالون ئي اينٽي ريبيز ويڪسين کان محروم آهن ته ٻهراڙين جي بنيادي صحت مرڪزن جو ڪهڙو حال هوندو؟ اها انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي پر صحت کاتي پاران ان ڏس ۾ ڪنهن سنجيدگي جو مظاهرو نه پيو ڪيو وڃي. ويڪسين نه ملڻ ڪري ڪيترا ماڻهو موت جي ننڊ سمهي چڪا آهن. جيڪڏهن صحت کاتي موجب اسپتالن ۾ ڪتي جي چڪ کان بچاءَ جون ويڪسين آهن ته پوءِ مريضن کي ڏنيون ڇو نٿيون وڃن؟ ٻئي پاسي ڪتا مار مهم شروع نه ٿي سگهي آهي. بدلياتي ادارن جا نمائندا ۽ چيئرمين آيل بجيٽ مان ڪرپشن ڪري پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ ته پورا آهن پر رولو ڪتن جو آزار ختم ڪرڻ لاءِ وٽن فنڊز ڪونهن. مهرباني ڪري هي انساني جانين جو مسئلو آهي، يا ته ڪتن جو آزار ختم ڪرايو وڃي، جيڪڏهن اهو نٿو ٿي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪتن جي چڪ کان بچاءَ جي ويڪسين ته هر اسپتال هئڻ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن سنڌ واسين جي جان جي حفاظت ممڪن ٿي سگهي.

    سنڌ جي ڳوٺ ۾ اسڪولي عمارتون ۽ استاد ڏيو!
    محترم سامعين: تعليم هر انسان جو بنيادي حق آهي، اهڙي ريت سڌريل ملڪن جي ترقي سڌي يا اڻ سڌي طرح تعليم سان لاڳاپيل آهي، اها کڻي سياسي، سماجي يا اقتصادي هجي. اسان وٽ ترقي کي وري روڊن سان ڀيٽيو وڃي ٿو ۽ تعليم تي ڪو خاص ڌيان نٿو ڏنو وڃي. گذريل ڪيترن ئي ورهين کان وٺي سنڌ جي تمام گهڻن ڳوٺ ۾ پرائمري بوائز اسڪول جي عمارتون نه هئڻ جي ڪري ٻار تعليم کان محروم آهن. نياڻين جي تعليم لاءِ به ڳوٺن ۾ ڪو خاص بندوبست به ناهي. اسان اعليٰ اختيارين جو ڌيان ڇڪايون ٿا ته سنڌ جي ڳوٺ کي نه رڳو اسڪولن جون عمارتون ڏنيون وڃن پر اتي استادن کي مقررڪري ڊيوٽي ڪرڻ جو به پابند بڻايو وڃي ته جيئن سنڌ جي ڳوٺن جا ٻار به تعليم حاصل ڪري پنهنجا بنيادي حق ماڻي سگهن ۽ هن جديد دور ۾ پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪري سگهن.

    ڊينگي کان بچاءَ لاءِ اپاءَ ڇو نه پيا ورتا وڃن؟
    محترم سامعين: اسپتالن کي ڪرپشن ذريعي ايترو ته برباد ڪيو ويو آهي جو ماڻھو لکين رپيا ڀري اسپتالن مان علاج ڪرائيندي به نٿا چاڪ ٿين. هينئر پوري ملڪ اندر ڊينگي مرض جا هزارين ڪيس ظاهر ٿيا آهن. هي مرض بظاهر هڪ زهريلي مڇر نما جيت ذريعي پکڙجي ٿو، جنهن جي ڏنگڻ سان ماڻھن ۾ مرض جي تصديق ٿئي ٿي پر هن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪي به احتياطي اپاءَ نٿا ورتا وڃن. عالمي صحت جي اداري ڊبليو ايڇ او جي رپورٽن مطابق دنيا اندر هر سال پنج ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ماڻهو ڊينگي بخار جو شڪار ٿين ٿا، جنهن سبب ساليانو 20 هزار ماڻهو فوت ٿين ٿا. افسوس سان اهو چوڻو ٿو پئي ته پهرين مڇرن جي ڏنگڻ سان هڪ عام بيماري مليريا جو مرض ڦھلبو هو، پر هاڻ ڊينگي هڪ موتمار صورتحال اختيار ڪري ويو آهي. ڊينگي جي حوالي سان چئني صوبن جي صورتحال کي ڏسي آساني سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پنهنجي ملڪ جو هيلٿ ڪيئر سسٽم ويهجي چڪو آهي، ان جي بحالي لاءِ تڪڙا اپاءَ نه ورتا ويا ته هي ملڪ بيمارين جو ڳڙهه ٿي ويندو ۽ هڪ بيمار معاشري سان ملڪ ترقي ناهن ڪندا.

    مڪاني حڪومتون ڪارڪردگي ڇو نٿيون سڌارين ؟
    محترم سامعين: پاڪستان جي تاريخ تي نظر وجھنداسين ته مڪاني حڪومت جي شروعات ايوب خان جي دور ۾ ٿي ته جيئن عوام کي هيٺئين سطح تائين سهولتن جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. ايوب خان جي دور کانپوءِ جيڪي به حڪومتون آيون، تن مڪاني نظام کي ناڪام بڻائڻ ۽ ڪرپشن ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. سنڌ ۾ ضلعي جي اربن جي بجيٽ به ڪاغذن ۾ پوري ڪئي وڃي ٿي. ملازمن کي به ٽن ٽن مھينن تائين پگھارون نٿيون ملن! پر ٽائون آفيسرن کائي ٺٺ ڪياآهن، هن وقت به پوري سنڌ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي. جيڪڏهن پنجن سالن ۾ پنجن ڳوٺن کي به مثالي ڳوٺ بڻايو وڃي ها ته پوءِ به کڻي چئجي ها ته سنڌ حڪومت يا مڪاني حڪومت ڪم ڪري رھي آھي. حڪومت کي گھرجي ته لوڪل حڪومت تي سخت ۽ ڪڙي نظر رکي ۽ بجيٽ کي صحيح استعمال ڪن، جيڪو پئسو عوام جي ھڏن مان ٽيڪس جي صورت ۾ نڪري ٿو.

    استاد جي عظمت سڀني کان مٿي آهي:
    محترم سامعين: حديث شريف ۾ ارشاد آهي ته “استاد جو درجو پيءُ کان به مٿي آهي، ڇاڪاڻ ته بهترين پيءُ اهو آهي جنهن علم سيکاريو ”. اها حقيقت آهي ته هڪ استاد پنهنجي شاگرد کي روحاني رنگ ۾ رڱي اُن جي دل ۽ دماغ کي علم جي آب حيات سان اڇو اُجرو ڪندو آهي. گڏوگڏ شعور جا انيڪ دروازا کولي ڇڏيندو آهي. هونئن به تعليم جو مقصد ئي آهي ته هڪ ماڻهو ءَ کي صحيح دڳ تي آڻي ۽ مڪمل آبياري ڪري معاشري جو مهذب انسان بڻائي، ته جيئن هو صحيح معنيٰ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي. استاد کي پيغمبري پيشي سان ڀيٽيو ويندو آهي، نظرياتي طور ڏٺو وڃي ته مالڪ ڪائنات ھيءَ دنيا سکڻ ۽ سيکارڻ لاءِ جوڙي آھي، جنھن ۾ ڪي اھڙا ڪردار به آهن، جن کي انسانذات کي حق ۽ سچ ٻڌائڻ جون ذميواريون سونپيون ويون آهن. استاد دنيا جو ڪامياب ڪردار آھي، ڇو ته استاد ئي ڪاميابي جي رستي ۾ مشعل راهه آھي. آمريڪا سميت ڪيترن ئي ملڪ جا سربراهه رٽائرڊ ٿيڻ بعد استاد جو پيشو اختيار ڪندا آهن، جنهن جو مثال صدر نڪسن آهي. ڏٺو وڃي ته موجوده تعليمي نظام ۾ نفسياتي تقاضائن موجب تاڪيد ڪيل آهي ته پڙهائيءَ دوران شاگردن سان رلي ملي وڃڻ گهرجي، انهن جا مسئلا معلوم ڪجن ۽ انهن جا داخلي توڙي خارجي محرڪ ڳوليا وڃن ته جيئن تدريسي عمل ۽ شاگرد جي ذهني واڌ ويجهه تي ناڪاري اثر نه پئجي سگهن.اهو ئي استاد آهي جيڪو ٻار کي هڪ حقيقي انسان بڻائيندو آھي، ان کي بهتر رويو ۽ معاشرتي زندگي جو سليقو سيکاريندو آھي.

    خدارا! اسپتالن کي ڪوس گهر نه بڻايو!
    محترم سامعين: سڄي دنيا ۾ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ پهرين ۽ بنيادي ترجيح ڏني وئي آهي. اُن جي اُبتڙ پاڪستان ۾ صحت مرڪز يا اسپتالون عوام کي بنيادي سهولت مهيا ڪرڻ بدران عذاب گهر بڻيل آهن. سنڌ صوبي ۾ ته صورتحال ڇرڪائيندڙ آهي، جتي اسپتالن ۾ يا ته مريضن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي يا وري علاج نه ٿيڻ جي ڪري مريض تڙپي تڙپي فوت ٿي وڃن ٿا. مريضن جو نه ته وقت سر علاج ٿيندو آهي، نه دوائون ملنديون آهن ۽ نه ئي وري ڊاڪٽر توڙي ٻيو عملو اسپتالن ۾ڊيوٽي ڪندي نظر ايندو آهي. هن جديد دور ۾ به سنڌ جي اسپتالن ۾ بنيادي سهولتون نه ملن ته پوءِ عوام مايوسي جو شڪار نه ٿئي ته ٻيو ڇا ڪري؟ اها ڪيڏي نه تڪليف ڏيندڙ ڳالهه آهي جو هڪ پاسي وئڪسين نه ملڻ ڪري مائرن جي جهوليءَ ۾ اولاد مري وڃي ٿو، ٻئي پاسي وري اسپتالن جي دروازن تي عورتن جا ويم ٿين ٿا.اهڙن افسوسناڪ واقعن باوجود جڏهن سرڪار حرڪت ۾ نه ايندي ته لازمي ڳالهه آهي ته ڊاڪٽرن تي به ڪو اثر نه ٿيندو. اُن جي نتيجي ۾ سڌو اثر عوام تي پئجي رهيو آهي ۽ اسپتالون مسيحا گهر بڻجڻ بدران ڪوس گهر ۾ تبديل ٿي رهيون آهن.

    ٺلهن آسرن بدران نوڪريون ڏيو ۽ مهانگائي ختم ڪريو:
    محترم سامعين: عام چونڊن ٿيون، ملڪي ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ جوڙجڪ ٿي وئي، ملڪ جي مڙني عهدن تي ۽ هڪ ڪروڙ نوڪرين توڙي پنجاهه لک گهر ٺهرائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو ته عوام ۾ خوشي پيدا ٿي. بيروزگار نوجوان اهڙن اعلانن تي جهمريون پائڻ لڳا ۽ وڏا وڏا خواب ڏسڻ لڳا. وقت گذرڻ سان گڏ نوجوانن ۽ غريب عوام جي اُميدن تي پاڻي هارجي ويو . سوا سال جي عرصي ۾ جيتري مهانگائي ٿي آهي، تنهن عوام جي چيلهه ئي چٻي ڪري ڇڏي آھي. پگهاردار ماڻهن کان وٺي دڪاندارن ۽ واپارين تائين، هر ماڻهو مهانگائيءَ سبب پريشان آهي. ايتري آمدني نه آهي، جيترو خرچ ٿئي ٿو. نوان گهر ٺاهي ڏيڻ واري واعدي تي عمل ڪرڻ بدران حددخلين جي نالي تي ماڻهن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا ۽ دڪان ڊاهي مٽيءَ جي ڍيرن ۾ تبديل ڪيا ويا. مٿان وري ڪيترين ئي ٽيڪسن جي نالي تي ماڻهن جا کيسا خالي ڪيا ويا، اڃا به مهانگائيءَ جو طوفان گهٽجڻ بدران وڌي رهيو آهي. خدارا وطن سان محبت ڪندڙ عوام کي خالي آسرن ۽ دلاسن ۾ نه رهايو ، عملي طور ماڻهن کي مهانگائيءَ جي طوفان مان ٻاهر ڪڍي روزگار ڏيو، اوھان جي نيڪ نيتيءَ ڪوبه شڪ ڪونهي، پر دير ٿيڻ سبب وسوسا ۽ انديشا پيدا ٿيڻ فطري عمل آهي.

    خانگي تعليمي ادارن ۾ استادن جو استحصال روڪرايو:
    محترم سامعين: اسان جي معاشري جي ترقي ۽ سڌاري ۾ استاد جو مُکيه ڪردار هوندو آهي. سائنس توڙي ٻين شعبن ۾ دُنيا جيڪڏهن ترقي جا ڏاڪا مٿي چڙهي رهي آهي ته اُن ۾ استادن جو ڪردار اهميت جوڳو آهي. هاڻي اسان جيڪڏهن پاڻ تي نظر وجھنداسين ته صورتحال بلڪل مختلف نظر ايندي. هتي هڪ پاسي خانگي اسڪولن ۾ استادن جو استحصال ڪيو وڃي ٿو ته ٻئي پاسي سرڪاري اسڪولن کي ڄڻ ته غلام سمجهيو ويندو آهي. خانگي تعليمي ادارن ۾ به صورتحال خوفناڪ هوندي آهي، ڇاڪاڻ جو اُنهن کي ڪير به چوڻ وارو نه آهي. خانگي اسڪولن ۾ استادن کي هن دور ۾ به ڪجهه هزار پگهار ڏني ويندي آهي، جيڪڏهن ڪو پگهار وڌائڻ يا بونس جي ڳالهه ڪندو آهي ته اُن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ بدران کيس اسڪول مان ئي نيڪالي ڏني ويندي آهي. استادن جي عالمي ڏينهن تي اسان وقت جي حڪمرانن کي اپيل ڪريون ٿا ته خدا جي واسطي سرڪاري اسڪولن تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ خانگي تعليمي ادارن کي به ڇيڪ نه ڇڏيو وڃي. اُتي استاد جهڙي عظيم هستي سان ٿيندڙ زيادتين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن استادن کي مانُ ملندو ته نئون نسل سٺي نموني تعليم پرائيندو ۽ لازمي آهي ته اسان جو معاشرو ترقي ڪندو.

    ڇا فلاحي ڪم ئي ايمانداريءَ جي وصف آهي؟
    محترم سامعين: صرف فلاحي ڪم ئي ايمانداريءَ جي وصف نه آهي. ان لاءِ لازمي آهي ته جيڪو به ڪم اسان ڪري رهيا آهيون اهو صرف ۽ صرف سچائيءَ سان ڪريون. زندگي ڪاروبار وانگر آهي جنهن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ايمانداريءَ جي ضرورت هوندي آهي. اسان شعوري يا لاشعوري طور تي هن سان جيڪو به سلوڪ روا رکون ٿا اهو شايد اسان جي يادگيريءَ ۾ پنهنجي اصل شڪل صورت ۾ محفوظ نه هجي پر زندگي پاڻ ان کي هرگز نه وساريندي آهي. ڪنهن خاص مُدي پوري ٿيڻ کان پوءِ اسان کي انتهائي ايمانداري ۽ خلوص سان اهو ثمر واپس ڏيڻ شروع ڪندي آهي.اهو ثمر پنهنجي جهوليءَ ۾ ڏسڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو آهي ته اسان کي ڪو حق نه ٿو پهچي ته بدنيتيءَ جا ڪنڊا پوکي ان مان سڪون ۽ امن جي گلن جي پوک جي اميد رکون.

    مهرباني ڪري سوشل ميڊيا جو درست رخ ۾ استعمال ڪريو!
    محترم سامعين: جديد ٽيڪنالاجي جتي دنيا کي فائدو رسايو آھي اتي ان جا منفي اثرَ به سامھون اچن ٿا. دراصل اُھي منفي اثرَ انسان جي پيداوار ئي آھن. دنيا جتي سوشل ميڊيا کي انسان ذات جي فائدي لاءِ استعمال ڪري رھي آھي اتي اسان جي ملڪ ۾ ان جو انتھائي غلط استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪنھن سان ذاتي دشمني پاڙڻ خاطر ابتيون سبتيون اڌوريون پوسٽون ۽ ايڊٽ ٿيل تصويرون رکي ان جي ڪردارڪشي ڪئي وڃي ٿي. جيستائين سچ سامھون اچي ان وقت تائين ان شخص جو منفي پاسو ڏيکاريو وڃي ٿو. نه اڳ سوچيو وڃي ٿو نه وري پٺتي جي سوچ رکي وڃي ٿي، خاص طور تي فيس بڪ کي سنڌي جوان ڪافي غلط استعمال ڪري رھيا آھن. جعلي نالن ۽ تصويرن سان آءِ ڊيز ٺاھي ڪنھن جو به پٽڪو لاٿو وڃي ٿو. جعلي تصويرن جي ڀرمار ۽ ايڊٽ ٿيل تصويرن سان فيس بڪ ڀريل رھي ٿو. حالت اھا آھي جو ھمراھ فيس بڪ جي نه ھلڻ جي فراق ۾ ماني به نٿا کائن. ٻي مصيبت اھا آھي جو ھمراھ تصوير يا پوسٽ رکي ميسيج ڪري نادرشاھي فرمان جاري ڪندا آھن ته تصوير يا پوسٽ تي ڪمينٽ ڪريو يا لائيڪ ڪريو. سنڌي جوانن کي ايتروچوندس ته مھرباني ڪري سوشل ميڊيا جو درست رخ ۾ استعمال ڪيو ۽ سنڌ جي سماجي مسئلن کي نروار ڪيو

    سنڌ جي يونيورسٽين ۾ وڌايل فيسون گهٽايو!
    محترم سائين: سنڌ جي يونيورسٽين ۾ جيڪي شاگرد انٽري ٽيسٽ ڏين ٿا، تن ۾ اڪثريت غريب شاگردن جي هوندي آهي جيڪي پوئتي پيل علائقن، ڳوٺن مان ايندا آهن. پر يونيورسٽين ۾ وڌندڙ ميرٽ جي لتاڙ، فيسن ۾ اضافو، شاگردن جي بي چيني کي وڌائي ڇڏيو آهي. سيلف فنانس ۾ وڪرو ٿيندڙ سيٽن سبب ڄڻ ته يونيورسٽين جو ڪاروباري بڻجي چڪو آهي. گذريل ڪيئي ڏهاڪن ۾ اٻوجهه مسڪين غريب شاگردن جو سهارو بڻيل هي يونيورسٽيون مسلسل ڳرين فيھن ، غريب شاگردن جي اعليٰ تعليم واري آپشن کي محدود ڪري ڇڏيو آهي. شاگرد انٽري ٽيسٽ ۾ اسڪور ته سٺو ڪن ٿا پر يونيورسٽين طرفان گهڻي ڀاڱي ڊپارٽمينٽ جي ورهاست سيلف فنانس تي ڪرڻ سبب غريب شاگرد هئڻ ڪري هو ڳريون فيهون نه ٿا ڀري سگهن، جنهن ڪري مجبوري طور شاگردن کي وري ٽيسٽ لاءِ ڪافي وقت ضايع ڪرڻو ٿو پوي. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ مسلسل وڌندڙ فيسن جي ڪري شاگردن جي انرولمينٽ به گهٽ ٿيڻ جو خدشو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اعليٰ ڪميٽي ويهاري وڌايل فيهن تي نظرثاني ڪري فيهن کي گهٽ ڪيو وڃي ته جيئن غريب شاگردن کي ڪجهه رليف ملي سگهي.

    اڄ جو هيءُ هڪ وڏو سماجي مسئلو ٿي ويو آهي
    محترم سامعين: صبر ۽ سهپ وارو رويو رڳو هاڻي هڪ جنس تائين محدود ناهي رهيو پر هي کوٽ ته هر هنڌ ڏٺي وڃي ٿي. ايتري قدر جو هاڻي ته رتُ جي رشتن، ويجهن عزيزن يا کڻي ايئن چئجي ته ڀاءُ، ڀاءُ جي شناس ناهي رهي، ملڪيتن ۽ آسودگين جي ڪري اولاد والدين کي سڃاڻڻ لاءِ تيار ناهي، اِهو ڇا آهي؟ مزاجن ۾ پختگي ناهي رهي، برداشت ناهي رهي، هڪٻئي جي عزت ڪرڻ وارا جذبا ناهن رهيا، صبر ناهي رهيو، ٻئي جي شخصيت ۽ ڳُڻن کي مڃڻ واريون صلاحيتون گم ٿي رهيون آهن، هر هنڌ نفرت جا تڏا وڇايل آهن. جتي وڃ اُتي هر ڪنهن کي پنهنجي تڪليف جي ڳڻتي آهي، گاڏي هلائڻ مهل تيز کان تيز ڊرائيونگ ڪري، هارن تي هارن ڏيئي هر ڪنهن جو رستو ڪَٽي پنج منٽ اڳ ۾ پهچڻ جي تڪڙ آهي، سبزي، گوشت يا عام واهپي جي، جهڙي به شيءِ وٺڻي هجي اڳ ۾ “مان، مان” جو آواز ايندو آهي، ايتري قدر جو ڪنهن به سواريءَ تي چڙهڻ وقت، ڏسڻ وٽان ماحول هوندو آهي، هر هڪ کي پنهنجي جلدي هوندي آهي. پاڻ تي ضبط ڪونه، ڪاوڙ ايتري قدر جو ڳالهه ڳالهه تي وڙهيو پون، زالون اڳ ۾ ئي گهر جي ڪمن کان پريشان، ويتر مڙسن جو منهن ڏسي ڊڄيو وڃن. اڄڪلهه ته هي وڏو سماجي مسئلو ٿي ويو آهي.

    پهرين اسان پاڻ ۾ ته تبديلي آڻيون!
    محترم سامعين: ڪرپشن اسان جي معاشري جو ناسور ٿي ويو آھي، ان حوالي سان بحث ٿيندو رهي ٿو، ٻين ڏانهن آڱريون کڻندا رهون ٿا پر پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي نٿا ڏسون. جيڪي ماڻهو ڪرپشن ڪن ٿا، تن جي حوصله افزائي به ته اسان ئي ڪيون ٿا، مثال اسان ڪنھن به سرڪاري آفيس ۾ ڪم سانگي ويندا آهيون ته جائز ناجائز تڪڙو ڪم ڪرائڻ لاءِ ڪلارڪن يا آفيسرن کي پاڻ خوشي سان رشوت ڏيندا آهيون. ڪنهن ڪرپٽ سان دوستي آهي ته فخر محسوس ڪندا آهيون، پر ڪنهن محفل ۾ حڪمرانن مٿان هڪ لاهيندا ٻي چاڙهيندا آهيون، اهو ڪونه سوچيندا آهيون ته جيڪڏهن اسان کي ڪو موقعو ملي پوي ته گهٽ اسان به نه ڪنداسين. ان باوجود به جيڪڏهن ڪو چڱو ڪم ڪري ٿو ته ان کي انيڪ مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. جيڪڏهن اسان معاشري ۾ تبديلي جا خواهشمند آهيون ته پهرين پاڻ ۾ ته تبديلي آڻيون.

    ڏياري ھندن جو وڏو مذهبي ڏينهن:
    ڏياري ھندن جو وڏو مذهبي ڏينهن آهي جيڪو ھر سال برساتي مند کانپوءِ ۽ سياري جي شروعات ڪَتيءَ جي مھيني ۾ دَسھڙي کان 20 ڏينھن پوءِ ايندو آهي. هي ڏينهن ريتن رسمن تحت 5 ڏينهن ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن تي روزگار سانگي گهر کان پري رهندڙ ماڻهو به خوشي ملهائڻ لاءِ گهر اچن ٿا. ظاهري طور اھو ڏينهن انصاف جي ظلم تي فتح جي خوشي ۾ ملھايو ويندو آهي. جڏھن شري رام چندر پنهنجي پتني سيتا کي حاصل ڪرڻ لاءِ راوڻ سان جنگ ڪئي ۽ ان وقت راوڻ کي اھو غرور ھو ته رامچندر ۽ سندس چند ساٿي سندس زبردست لشڪر جو ڌڪ جھلي نه سگهندا پر کيس اھا خبر ڪانه هئي ته هو ظالم ۽ پنهنجي حوس پوري ڪرڻ لاءِ وڙهي ٿو، جڏهن ته شري رام ۽ سندس ساٿي سچ، انصاف ۽ پنهنجي حق لاءِ وڙھي رھيا آهن. آخر شري رامچندر ۽ سندس ساٿين راوڻ ۽ ان جي ظالم ساٿين کي ماري مات ڪيو ۽ سيتا حاصل ڪيائون. شري رامچندر کيس شڪست ڏيئي 14 سال بنواس ۾ ڪاٽي واپس ايوڌيا پهتو، سندس آمد جي خوشي ۾ جشن ملهايو ويو، جيڪو ڏياري جي صورت ۾ اڄ ڏينهن تائين ملهائجندوپيو اچي.


    جيڪي منجهه جهان

    زال مڙس جو جهيڙو دل جي لاءِ نقصانڪار

    زال مڙس جو جهيڙو دل جي لاءِ نقصانڪار:
    محترم سامعين:زال مڙس جو جهيڙو صرف جملن جي ڏي وٺ ناهي پراهو جهيڙو اسان جي شريانين کي به سخت متاثر ڪري ٿو.جيڪو عمل دل جي لاءِ سٺو نه آهي.اتاھ يونيورسٽيءَ جي ماهرن هڪ سؤ پنجاھ زال مڙسن تي تحقيق ڪئي آهي،جنهن مان اها ڄاڻ ملي آهي ته زال مڙس جي جهيڙي مان ٿيندڙ نقصان جو تعلق جنس تي به ٿيندو آهي. ماهرن موجب شريانين جي مرض جو واسطو وڌ ۾ وڌ پنهنجي ساٿيءَ جي ڪاوڙ واري رويي سان آهي،جڏهن ته مردن جو سبب ٻيو ڪجهه آهي.تحقيق لاءِ چونڊ ڪيل اهڙن جوڙن کي بحث لاءِ اهڙا موضوع ڏنا ويا،جن تي اڪثر ٻنهي زال مڙسن جو جهيڙو ٿيندو رهيو آهي،بحث هلندي اهڙن جوڙن جي باقاعدي معائنو ڪيو ويو.نتيجي مان اهو ثابت ٿيو ته جيڪي عورتون جهيڙو ڪندي وڌيڪ لفظن جو استعمال ڪن ٿيون،تن جي شريانين کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهچي ٿو.ٻئي پاسي اهي مرد جيڪي ڏکائيندڙ لفظ ٻڌي پنهنجي رويي تي ضابطي رکڻ جي ڪوشش ڪئي،اهڙن مردن جون شريانيون سخت متاثر ٿيڻ جو سبب آهن.ماهرن جو چوڻ آهي ته نااتفاقي هر انساني تعلق جو حصو هي پر ماڻهن لاءِ هي مشورو آهي ته پنهنجي ازدواجي تعلق کي بهتر کان بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏين.

    مليريا جي بچاءَ لاءِ ڊي ڊي ٽي استعمال ڪري سگهجي ٿو:
    محترم سامعين: اقوام متحده جي صحت واري اداري چيو آهي ته مليريا جي بچاءَ لاءِ ڊي ڊي ٽي جو استعمال ڪري سگهجي ٿو.صحت جي عالمي اداري اٽڪل چاليهه سال اڳ ڊي ڊي ٽي جي استعمال ڪرڻ تي اهو چئي بندش هنئي هئي ته ان جي استعمال سان صحت لاءِ مسئلا پيدا ٿين ٿا.ڊبليو ايڇ او جي ماهرن جو خيال آهي ته ڊي ڊي ٽي جي استعمال سان انساني صحت تي ڪي به منفي اثر نٿا پون ۽ مليريا کان بچاءُ لاءِ مهاري جو استعمال ضروري دوائون جو واپرائڻ ۽ ڊي ڊي ٽي جو ڦوهارو ڪري سگهجي ٿو.ڊبليو ايڇ او جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هر گهر ۾ ڊي ڊي ٽي جو ڦوهارو ڪيو وڃي ته ان جا ڪي به خراب اثر نٿا نڪري سگهن.

    ماءُ جو کير بلڊ پريشر جي واڌ کي گهٽ ڪري ٿو:
    تازو ڪيل هڪ کوجنا ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ماءُ جو کير پيئندڙ ٻارن ۾ بلڊ پريشر جو دٻاءُ گهٽ ٿئي ٿو ۽ ان تي مثبت اثر پون ٿا.کوجنا ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ماءُ جو کير پيئڻ ٻارن لاءِ هڪ بهترين ورزش به آهي ۽ ٻار جيترو ماءُ جو کير وڌيڪ وقت پيئندو،اوترو انهن جي صحت تي تمام سٺا اثر پوندا.هي نتيجا ٻه هزار ٻارن تي ڪيل تحقيق بعد سامهون آندا ويا آهن.انهن ٻارن جو تعلق ڊنمارڪ ۽ استونيا سان آهي.هن ڳالهه جو به پتو لڳايو ويو آهي ته کير پيئندڙ ٻارن تي جاگرافي حالتون به اثر انداز ٿين ٿيون يا نه ؟ ان جو نتيجو ڪڍيو ويو ته جاگرافي حالتون ٻارن جي تبديليءَ تي اثر انداز نٿيون ٿين.بحرحال هيءَ ڳالهه سامهون آئي آهي ته جيڪي ٻار ماءُ جو کير وڌيڪ عرصو پيئن ٿا،انهن جي رت جو دٻاءُ گهٽ رهي ٿو ۽ اهي اڪثر بيمارين کان محفوظ رهن آهي هن بيماري جو عام طور تي ٿلهائپ سان به تعلق ڏيکاريو ويو آهي.

    ذهني دٻاءُ گهٽ ڪريو ۽ صحتمند رهو:
    سائين منهنجا: هيءَ ڳالهه سائنسدان اڳ ئي ٻڌائي چڪا آهن ته ذهني دٻاءَ سبب دل جو دورو پئجي سگهي ٿو.پر اڄ تائين اهو معلوم نه ٿي سگهيو هو ته آخر ائين ٿئي ڇو ٿو؟ هڪ کوجنا ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ذهني دٻاءُ ئي دل جي دوري جو سبب آهي ۽ اهوعمل ڪيئن ٿو ٿئي؟ هن تحقيق ۾ دل جي اهڙن مريضن کي شامل ڪيو ويو،جن کي ذهني دٻاءُ سبب دل جو سوريا دل جو دورو پيو هيو. ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ ڊگهي عرصي کان ذهني دٻاءَ جو شڪار رهڻ ڪري رت جو دٻاءَ يعني بلڊ پريشر وڌي وڃي ٿو،جنهن سبب رت ۾ ڄمڻ وارن جزن جو پيدا ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿو،جيڪو شريانين کي بند ڪري ڇڏي ٿو. برٽش هارٽ فائونڊيشن وارن جو چوڻ آهي ته اسان سڀني کي انهيءَ ڳالهه جو پتو لڳائڻ گهرجي ته اسان کي اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا سڀ کان وڌيڪ ذهني دابءُ پيدا ڪري ٿي.تنهن بعد ان سان مدِ مقابل ٿيڻ ۽ ان تي ضابطو رکڻ جي طور طريقن تي عمل ڪرڻ گهرجي.هن جو مطلب هي ٿيو ته انسان کي مشڪل گهڙين ۾ پنهنجي ڪاوڙ يا جذبن تي ضابطو رکڻ جو فن سکڻو پوندو،جيڪو صحت لاءِ تمام بهتر آهي.

    درست فيصلا بي ڌياني ۾ ڪبا آهن:
    محترم سائين: آمريڪا جي يونيورسٽي آف روچسٽرم ۾ هڪ سائنسي کوجنا ۾ خبر پئي آهي ته ماڻهو چڱا فيصلا ان وقت ڪندا آهن،جڏهن انهن جو دماغ بي ڌيانيءَ ۾ ڪجهه ڪري وٺندو آهي،ماهرن جو چوڻ آهي ته الله تعاليٰ ماڻهوءَ جو دماغ اهڙو ٺاهيو آهي جو اڻڄاڻائيءَ ۾ ئي درست فيصلو ڪندو آهي.هن کوجنا کان اڳ ۾ سوچي سمجهي فيصلا ڪرڻ جي باري ۾ تحقيق ڪئي ويئي،جنهن مان اهو ثابت ٿي ويو ته تمام گهڻا فيصلا جيڪو ماڻهو ڪندو آهي اهي بنا سوچ سمجهه جي ٿيندا آهن. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته واٽ ويندي سگنل جي ڳاڙهي بتي کي ڏسي اسان ڄاڻي واڻي ناهيون بيهندا،جڏهن اسين فيصلن ڱي ڏسندا آهيون جيڪي اسان جي دماغ پاڻ ڪيا آهن،ته طبر پوندي آهي ته اهي سڀ جو سڀ فيصلا درست هئا.

    ڪائنات جي عمر جو نئون اندازو:
    محترم سامعين: اٽلي ۽ جرمنيءَ جي سائنسدانن هڪ نئين تحقيق کان پوءِ ٻڌايو آهي ته ڪائنات جو وجود اربين ورهيه کان به اڳ جو آهي.اٽليءَ ۾ زمين اندر ڪيل هڪ تجربي ۾ اهيو انڪشاف ٿيو آهي ته ستارن ۾ جوهري ردِ عمل جي رفتار انساني اندازي کان به تمام آهستي آهي انجو اهيو مقصد ٿيو ته فلڪي نظام جي زندگي مختصرآهي هن تحقيق موجب ڪائنات جي عمر اٽڪل چوڏنهن ڏهائي ست بلين سال ٻڌائي وڃي ٿي جڏهن ته ان کان اڳ ڪائنات جي عمر جو اندازو تيرنهن ڏهائي ست سال لڳايو ويو هيو هن کوجنا ۾ ماهر ڪاربن نائٽروجن ۽ آڪسيجن سائيڪل تي ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي سج جي مقابلي ۾ انتهائي گهٽ مقدار ۾ توانائي فراهم ڪن ٿا ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي ويئي آهي ته ڪائنيت جي قديم ستارن تي ڀاڙي ٿو تحقيقي نتيجا هن ڳالهه جي به نشاندهي ڪن ٿا ته ڪاربن نائٽروجن ۽ آڪسيجن محور جو عمل اسانجي اندازي کان به اڌ آهي.

    ڪائنات جو صرف چوٿون حصو اهڙي مادي سان ٺهيل آهي:
    محترم سامعين:سائنسدانن تازو معلوم ڪيو آهي ته ڪائنات جو صرف چوٿون حصو اهڙي مادي سان ٺهيل آهي جنهن جو واسطو اسانجي روز مرهه زندگي سان آهي يعني پاڻي، مٽي، وڻ ٽڻ،جانور، سج، چنڊ، تارا، آسمان، سيارا،مطلب هي ته آسمان زمين ۾اسانکي نظر ايندڙ هر هڪ شيءِ ايٽم ۽ ماليڪول سان گڏجي ٺهي آهي سائنسدانن لکين ڪروڙين نوري سال پريجي ستارن جي ڄاڻ ڏني آهي اهيو به ٻڌايو آهي ته انهن سڀني جسمن ۾ هائيڊروجن هيليم آڪسيجن ۽ ڪاربن وغيره شامل آهن پر اصل ڳجهارت هي آهي ته هن دنيا جو اهو سڀ ڪجهه ڪائنات جي صرف چوٿين حصي تي موجود آهي باقي ڪائنات جي بچيل ڇهانوي حصي جي باري ۾ ڪنهن کي به ڄاڻ ناهي سواءِ ان جي ته اها عام ايٽم ۽ ماليڪيول جي ٻي ڪابه خبر ناهي، هن پراسرار مادي کي سائنسدانن مادي کي سائنسدانن “ڊارڪ ميٽر” يعني اونداهي مادي جو نالو ڏنو آهي. حاصل مطلب هي آهي ته اسان جنهن دنيا ۾ رهون ٿا، ان جي ڇهانوي حصي کان سڀ اڻو اقف آهيون،۽ اها خبر ڪير به حاصل ڪري ناهي سگهيو ته آخر باقي دنيا ۾ ڇا آهي؟ اهيو آهي هن دنيا جي سمورن علم جي اقابرن ۽ ماهرن کان سوال جنهن جو فلحال ڪنهن وٽ به ڪو جواب ناهي .

    يقينن آسمان ۽ زمين جو خلقڻ وڏي ڳالهه آهي:
    سائين منهنجا: قران شريف ۾ ڪائنات جي تخليق جي باري ۾ فرمايو ويو آهي ته “ يقينن آسمان ۽ زمين جو خلقڻ انسان کي خلقڻ کان گهڻي وڏي ڳالهه آهي پر گهڻا ماڻهو ان جي وسعت کي نٿا ڄاڻين ۽ سمجهن”انساني ذهن لاءِ ڪائنات جي وسعت جو پورو اندازو لڳائڻ ممڪن ئي ناهي،اسان اهو نٿا ڄاڻون ته ڪائنات ڪيتري وسيع آهي، ان جي ڦهلاءَ جي حدن جو تصور ڪرڻ به انسان لاءِ تمام ڏکيو آهي.اسان ڪائنات کي سمجهڻ جي ڪوشش ڏرتيءَ کان ڪريون ٿا،ڌرتي شمس نظام جو هڪ ننڍو حصو آهي،شمسي نظام سج گرهڻ،اپگرهن،ننڍڙا گرهه ۽ ڪرندڙ تارن جو مجموعو آهي.گرهه يا سيارا سج جي چوڌاري چڪر لڳائين ٿا،اسان جو شمسي نظام هڪ وڏي ڪهڪشان يعني کير ڌارا جو هڪ ننڍڙو حصو ٿي سگهن ٿا ۽ هر ستاري جو پنهنجو شمسي نظام موجود آهي،جنهن کير ڌارا ۾ اسين رهون ٿا،ان کي عام طور “آڪاش ندي” “مِلڪي وي” سڏيو وڃي ٿو ۽ ان ۾ نظر ايندڙ ستارا اسان جي سج جيان آهن.

    دل واقعي ٽٽندي آهي:
    هڪ نئين کوجنا سامهون آئي آهي ته اوچتو ڏک واري خبر ٻڌڻ سان دل واقعي ٽٽي سگهي ٿي. جاپان هاپڪنز يونيورسٽي جي هڪ ٽيم جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي اوچتو ڏک ڀري خبر ٻڌائي وڃي ته انجي دٻاءَ سبب دل کي جهٽڪو لڳي سگهي ٿو ۽ دل درد وچان ٽٽي به سگهي ٿي. پر هيءَ سٺي ڳالهه به ٻڌائي وئي آهي ته اهي ٽٽل دليون پري جڙي به سگهن ٿيون.ماهر چون ٿا ته دٻاءَ سبب ٿيندڙ نقصان عارضي هوندو آهي ۽ ڪجهه هفتن ۾ دل صحيح ٿي ويندي آهي. هن کوجنا ۾ اهڙن اڻويهن مريضن کي شامل ڪيو ويو جيڪي دل ۾ تڪليف، سيني ۾ سور ۽ ساهه جي رڪجڻ جي عارضي شڪايت جي دانهن کڻي اسپتال ۾ آيا هئا. اهڙم مريضن ۾ وڌ ۾ وڌ تعداد پوڙهين عورتن جو هيو. ماهر چون ٿا ته اهڙن مريضن جي رت ۾ “ اسٽريس هارمون ” جو مقدار وڌي وڃي ٿو، جيڪو دل جي لاءِ نقصانڪار آهي. اهڙن مريضن کي دل جي تڪلي کان اڳ جذباتي ڳالهه جي ڪري ڌچڪو لڳو هيو.

    زيتون جي تيل ۾ هڪ مادو سور کي گهٽائي ٿو:
    محترم سامعين: آمريڪا ۾ هڪ کوجنا وسيلي هيءَ ڳالهه سامهون آئي آهي ته زيتون جي تيل ۾ هڪ مادو سور جي گهڻائي جي گهٽ ڪرڻ وارين دوائن جيترو اثر رکي ٿو. کوجنا ڪندڙن موجب پنجاهه گرام زيتون جو تيل بروفن جي ڏهين حصي جيترو اثر برابر آهي. فلاڊلفيا جي هڪ تحقيقي اداري جو چوڻ آهي ته زيتون جي تيل جو هڪ جزو سوڄ کي ختم ڪري ٿو. زيتون جو تيل بحريه روم جي رهواسين جي خوراڪ لاءِ اهم جزو آهي ۽ ان کي صحت جي لاءِ فائديمند تصور ڪيو ويندو آهي. تحقيق موجب زيتون جي تيل جي استعمال سان جسم ۾، دل جون بيماريون، ڇاتيءَ ۽ ڦڦڙن جي ڪينسر جهڙن موضي مرضن جي بچاءَ ڪندڙ نظام کي طاقت ڏئي ٿو. برٽش نيو ٽريشن فائونڊيشن سان واسطو رکندڙ سائنسدان ڪليئر وليمسن جو چوڻ آهي ته “ زيتون ۾ ڪيترائي بائيو ايڪٽو مرڪب ملن ٿا، جن بابت اڃا ڪجهه ٻڌائي نٿو سگهجي ته انهن جو ڪهڙو ڪم آهي. هن جو هي به چوڻ آهي ته اسان کي اميد آهي ته زيتون “اينٽي آڪسيڊنٽ” جي خاصيتن سان مالامال آهي، پر اهو تيل ڪنهن دوا جو نعمل بدل آهي، چوڻ وقت کان اڳ هوندو.

    مريخ سياري تي پاڻي جي موجودگي جا نوان ثبوت:
    محترم سامعين: آمريڪي خلائي اداري ناسا جي چوڻ تي مريخ سياري تي پاڻيءَ جي موجودگيءَ جا ڪجهه وڌيڪ ۽ نوان ثبوت حاصل ٿيا آهن. مريخ سياري تي پاڻي جي موجودگي وسيلي ان نظرئي کي هٿي ملي ٿي ته اتي زندگي ممڪن آهي. مريخ مان حاصل ڪيل تصويرن ۾ ڏسڻ ۾ آيو آهي ته اهڙا گهارا موجود آهن جن بابت خدشو آهي ته ڪجهه عرصي اڳ اتي پاڻيءَ جا وهڪرا موجود رهيا آهن. سائنسدانن کي مريخ جي گهارن ۾ هلڪي رنگ جي چمڪندڙ مادي جي ڄاڻ پڻ ملي آهي، جنهن جي آڌار تي اهو نتيجو ڪڍيو پيو وڃي ته اها گپ يا لوڻ هجي يا وري پاڻيءَ جي گذري وڃڻ کانپوءِ ڪوهيڙو ڇائنجي ويو هجي،جڏهن ته سائنسدانن جي انهيءَ موقف کان بلڪل لاتعلق ڪيليفورنيا رياست جي هڪ پروفيسر جو چوڻ آهي ته جتي پاڻيءَ جي وهڪري جي پڪي ثبوت جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، ممڪن آهي ته اتي تصويرن جو مخلب ڪجهه ٻيو ئي هجي؟ ڪولوراڊو يونيورسٽيءَ جي فلڪيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ان نئين حاصل ٿيل ثبوتن مان ان ڳالهه جو پتو پوي ٿوته مريخ تي زندگي کڻي ڪهڙي به دور جي ڇو نه هجي، پر اتي ٿيندڙ تحقيق جي اهميت ڇا آهي ۽ اتي زندگي جي ڳولها ڪيتري نه اهم آهي. سائنسدانن جي چوڻ موجب ڏينهون ڏينهن ان ڳالهه جا ثبوت پڪا ٿيندا پيا وڃن مريخ سيارو اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حرڪت ۾ آهي.

    ڪالن تي گهڻو نه ڳالهايو وڃي ته نقصان گهٽ ٿيندو:
    محترم سامعين: وائرليس ڪمپنيون ته پنهنجي ضد قائم آهن ته موبائل فون محفوظ آهن، پر هڪ مطالعاتي رپورٽ سوچڻ لاءِ ڪجهه نئون مواد ضرور فراهم ڪيو آهي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ جي رپورٽ مان خبر پوي ته موبائل فون تي هڪ ڪلاڪ تائين ڳالهائڻ سان دماغ جي حياتياتي ڪيميائي ڪيفيت حرڪت ۾ اچي ويندي آهي، پر تحقيق ڪندڙ اهو ٻڌائي ناهن سگهيا ته اها دماغي حرڪت صحت لاءِ فائديمند آهي يا نقصانڪار. پر ان سان موبائل فون جي محفوظ هجڻ يا نه هجڻ بابت وڌيڪ تحقيق جو مطالبو زور وٺي رهيو آهي.نيشنل انسٽيٽيوٽ آن ڊرگ ابيوز جي ڊاڪٽر نورا وولڪو ۽ سندس ساٿين هڪ سال ۾ 47 صحتمند ماڻهن جو معائنو ڪيو. سندس ساڄي ۽ کاٻي ڪنن ڀرسان مپبائل فون رکيل هيا،هڪ موبائل پنجاهه منٽ کليل رهيو پر ان جو آواز بند هو ۽ بعد ۾ موبائل کي بند ڪيو ويو، ان بعد سندس معائنو ڪيو ويو. ڪنن وٽ فون رکيل ماڻحن جي دماغ کي اميجنگ ٽيڪنڪ وسيلي اسڪين ڪيو ويو، جنهن مان ظاهر ٿيو ته سندس دماغ جي ان طرف جي گهرڙن ۾ ميٽابولڪ ايڪٽوٽي وڌيل هئي، جنهن طرف موبائل فون رکيل هو.ماهر وڌيڪ تحقيق جي نتيجن جا منتظر آهن، هنن صلاح ڏني آهي ته موبائل فون هٿ ۾ کڻي استعمال نه ڪيو وڃي، سيٽ جسم جي ويجهو نه رکيو وڃي ۽ ڪالن تي گهڻو نه ڳالهايو وڃي ته نقصان گهٽ ٿيندو.

    ڪوريئڙو شڪار جو شوقين ته آهي پر انسان جي خوراڪ جو محافظ به:
    محترم سامعين: جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته اسپائيڊر مين فلم ۾ مرڪزي ڪردار جي طاقت صرف افسانوي آهي ته اوهان کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته ڪوريئڙو شڪار جو شوقين ته آهي پر انسان جي خوراڪ جو محافظ به آهي. سائنسي کوج موجب ڪوريئڙن کي عام طور جيتري خوراڪ استعمال ڪرڻي هوندي آهي، ان کان 50 سيڪڙو وڌيڪ کي ماريندا آهن ۽ اهو صرف لطف اندوز ٿيڻ لاءِ ڪندا آهن، ڪوريئڙي جو هڪ قسم ڄار ٺاهي شڪار ڪندو آهي، شام جي وقت ڪوريئڙو پنهنجو ڄار ٺاهيندو آهي، رات جي وقت جيت اڏامندا آهن ته انهن کي ڄار نظر ناهي ايندو ۽ جيت ان ڄار ۾ ڦاسي پوندا آهن، ڪوريئڙو پنهنجي شڪار کي کائيندو ناهي پر اهو پنهنجو زهر جيت جي جسم ۾ داخل ڪندو آهي، جنهن کانپوءِ ان جي جسم جا سمورا ٽشوز مادي ۾ تبديل ٿي ويندا آهن ۽ انهن کي ڪوريئڙو چوسيندو آهي، ڪوريئڙو پنهنجي ڄار جو نمونو ٻني ۾ موجود شڪار جي تعداد ۽ ان جي جسماني بيهڪ موجب ٺاهيندو آهي ، ڪوريئڙو گوشت خور آهي، اهو فصل کي بلڪل نقصان ناهي پهچائيندو. جڏهن ته شڪار نه ٿئي ته ڪوريئڙي ۾ اها صلاحيت موجود آهي ته کاڌي پيتي بنا به ڪوريئڙو ڪيترائي مهينا جيئرو رهي سگهي ٿو.

    ماڻهو تصويرن کي ڏسي ۽ ٻڌي به سگهن ٿا:
    محترم سامعين: آمريڪي سائنسدانن موجب دنيا ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به موجود آهن، جيڪي تصويرن کي ڏسي ۽ ٻڌي به سگهن ٿا. سائنسدانن موجب اها خاص علامت هوندي آهي جنهن کي “ سنسٿيريا ” چئجي ٿو. هن ۾ ماڻهوءَ جا ڪيترائي سينسر يا حواس هڪ ٻئي سان گڏ ٿيندا آهن ۽ ماڻهو جيڪي ٻڌي سگهي ٿو، ان کي ڏسي به سگهي ٿو. آمريڪا جي “ نيو سائنسٽ ” ميگزين جو چوڻ آهي ته ڪيليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجيءَ جي ماهرن ان قسم جي ٽن ماڻهن کي ڳولي لڌو آهي، جن ۾ اهي علامتون موجود آهن. اهي جيڪي به شيون ڏسن ٿا انهن کي ٻڌي به سگهن ٿا. اها ڳالهه تڏهن ظاهر ٿي جڏهن هڪ شاگرد دعوا ڪئي ته آئون ڪمپيوٽر اسڪرين سيور ڪجهه آواز ٻڌي سگهان ٿو. ماڻهن ۾ هڪ عام علامت موجود هوندي آهي ته ڪجهه اکرن ۽ نمبرن کي رنگ جي طور تي ڏسي سگهندا آهن.

    ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ ئي سکڻ شروع ڪري ڏيئي ٿو:
    سائين منهنجا: هن جديد دور ۾ روز ڪنهن نه ڪنهن طرح جو انڪشاف ڪيو وڃي ٿو. برطانيا جي ناٽنگهم يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽرن جي هڪ جٿي ماءُ جي پيٽ ۾ موجود ٻارن کي موسيقيءَ ٻڌائي، ان جي ردِ عمل جو جائزو ورتو. الٽرا سائونڊ جي مدد سان حاصل ٿيندڙ معلومات موجب موسيقي ٻڌڻ سان ماءُ جي پيٽ ۾ موجود ٻارڙو به حرڪت ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آهي ۽ ان جي دل جي ڌڙڪڻ جي رفتار به وڌي ويندي آهي. ان کانسواءِ ماهرن اها پڻ دعويٰ ڪئي آهي ته اها موسيقي ان ننڍڙي ٻارڙي کي کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتي تائين ياد به رهي ٿي، تنهنڪري هاڻ ماهر هن ڳالهه تي به متفق ٿيندي نظر اچن ٿا ته ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ ئي سکڻ شروع ڪري ڏيئي ٿو. هن تجربي مان ثابت ٿئي ٿو ته هن ڪائنات جي تخليق ڪندڙ ڪا اهڙي هستي ته ضرور آهي، جنهن جي نظام جي ترتيب ۾ ڪا به ڪمي ناهي! تحقيق اها هستي رب پاڪ ئي آهي


    قديم ترين زلزلو ڪڏهن ۽ ڪٿي آيو؟

    قديم ترين زلزلو ڪڏهن ۽ ڪٿي آيو؟
    محترم سامعين: دنيا ۾ زلزلا ڪٿان شروع ٿيا ۽ تاريخ جو قديم ترين زلزلو ڪڏهن ۽ ڪٿي آيو اهو ته تصديق سان نٿو چئي سگهجي پر اهو پهريون زلزلو جيڪو انسان پنهنجي ليک ۾ رڪارڊ ڪيو تقريبن 3 هزار سال 1177 قبلِ مسيح چين ۾ آيو هو. پاڪستان به دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي اڪثر زلزلا ايندا رهن ٿا. گذريل سئو سالن دوران پاڪستاني علائقن ۾ ڪيترائي زلزلا آيا جن ۾ وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. 10 سيپٽمبر 1971ع تي گلگت جي ڪجهه علائقن ۾ زلزلو آيو هو جنهن جي نتيجي ۾ سئو کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ گهر تباهه ٿي ويا هئا. 31 مئي 1995ع تي نصيرآباد ڊويزن ۾ پڻ زلزلي جا لوڏا آيا هئا.

    ٿولهه ۾ گهٽائڻ لاءِ سمهڻ جي انداز ۽ وقت ۾ تبديلي به اهم قرار:
    محترم سامعين: سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته روزانو سمجهڻ جي وقت ۽ ان دوران بستري تي سمهڻ جي انداز ۾ معمولي تبديلي ڪري وزن ۾ حيرت انگيز تبديلي آڻي سگهجي ٿي. سائنسي رسالي انٽرنيشنل جرنل آف اوبيسٽي ۾ شايع ٿيل تحقيقي مقالي ٿولهه ۾ گهٽائڻ لاءِ ورزش، متوازن غذا ۽ ذهني سڪون کانسواءِ سمهڻ جي انداز ۽ وقت ۾ تبديلي به اهم قرار ڏني آهي. اسپين جي روويرا آئي ورجيلي يونيورسٽي جي ماهرن 1 هزار 986 مريضن جي رهڻي ڪهڻي، سمهڻ جي انداز ۽ ٻين طبي معاملن جو هڪ سال تائين جائزو ورتو، جنهن دوران ٿولهه جو شڪار انهن سمورن مريضن کي ڪيلوريز جو گهٽ مقدار وٺڻ، باقائدگي سان ڪم ڪرڻ ۽ رويي ۾ تبديلي آڻڻ جو به چيو ويو. تحقيق دوران ماهرن مشاهدو ڪيو ته جيڪي ماڻهو روزانو 6 ڪلاڪ هڪ ئي انداز ۾ سمهندا هئا، سندن وزن ۾ حيرت انگيز گهٽتائي ٿي پر اهي ماڻهو جن جي ننڊ جو وقت مقرر نه هو ۽ ننڊ دوران پاسا ورائيندا رهندا هئا، سندن وزن گهٽ نه ٿيو.

    عمر وڌڻ تي گهڻو ڪجهه هڪ ئي وقت ۾ ٿيندو آهي:
    محترم سامعين: عمر وڌڻ تي گهڻو ڪجهه هڪ ئي وقت ۾ ٿيندو آهي. اسان پنهنجي خوراڪ تي قابو رکندا آهيون، متحرڪ رهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون پر جڏهن اسان عمر جي هڪ خاص سطح تي پهچي وڃون ٿا ته پنهنجو وزن قابو ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي. تازو هڪ نئين ريسرچ سبب مختلف ماڻهن جي ڪيترائي ڪلو وزن وڌڻ جو سبب ڄاڻڻ ۾ مدد ملي آهي. سويڊن جي تحقيقي اداري ڪارولنسڪا انسٽيٽيوٽ جي سائنسدانن جو خيال آهي ته ان جو جسماني چرٻي ۾ تبديلي جي عمل سان ڪو واسطو نه هجڻ گهرجي. چرٻي ڳارڻ جو عمل انساني جسم جي اها صلاحيت جنهن کي چرٻي جو ذخيرو چئي سگهجي ٿو ۽ ضرورت موجب ان کي ڳاري سگهجي ٿو.

    هاڻي ڪنهن به شخص کي ان جي تريءَ ۾ موجود لکين ننڍين رڳن جي مدد سان سڃاڻي سگهجي ٿو:
    محترم سامعين: چين جي هڪ ڪمپني ايئرويو نالي اهڙو نظام پيش ڪيو آهي جيڪو ڪنهن به شخص کي ان جي تريءَ ۾ موجود لکين ننڍين رڳن جي مدد سان سڃاڻي سگهي ٿو. ايئرويو جي تياري ۾ هٿرادو ذهانت مان ڀرپور فائدو ورتو ويو آهي جڏهن ته ان کي ٺاهيندڙ ڪمپني جو چوڻ آهي ته چهري جي خدوخال يا آڱرين جي نشانن سان سڃاڻپ ڪندڙنظامن جي مقابلي ۾ هن نظام کي دوکو ڏيڻ تقريبن ناممڪن آهي. خاص ڳالهه اها آهي ته هن نظام ۾ ڪنهن اسڪينر تي تري رکي انتظار ڪرڻ جي ضرورت ناهي پر اسڪينر سامهون پنهنجي تري گذارڻي هوندي آهي. تيز رفتار اسڪينر ان دوران تري ۾ ننڍين رڳن جو تجزيو ڪري ٿو ۽ رڳو ٻڙي ڏهائي 3 سيڪنڊ ۾ سڃاڻپ جو عمل مڪمل ڪري وٺي ٿو. ايئر ويو ٺاهيندڙ ڪمپني ميلڪس جو چوڻ آهي ته هٿرادو ذهانت استعمال ڪندڙ موجوده شناتي نظام چهري تي 80 کان 280 هنڌن جي مدد سان ڪنهن فرد کي سڃاڻي ٿو.

    2019ع تائين وڌيڪ 2 کنڊ دريافت ٿي چڪا آهن:
    محترم سامعين: ممڪن آهي ته اوهان کي اڃان به اها ڄاڻ هجي ته دنيا ۾ 7 کنڊ موجود آهن ۽ اوهان پنهنجي ٻارن کي به اهو ئي ٻڌائيندا هجو پر ارضيات جي ماهرن موجب دنيا ۾ 2017ع کان 24 سيپٽمبر 2019ع تائين وڌيڪ 2 کنڊ دريافت ٿي چڪا آهن ۽ دنيا ۾ مجموعي طور تي 7 نه پر 9 کنڊ موجود آهن. ارضيات جي ماهرن فيبروري 2017ع ۾ دنيا جي اٺين کنڊ “زي لينڊيا“ کي بحرالڪاحل ۾ نيوزيلينڊ ۽ نيو ڪيليڊونيا ويجهو دريافت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي ۽ هاڻي يورپي ارضيات جي ماهر دنيا کي گهٽ ۾ گهٽ 20 ڪروڙ سال اڳ گم ٿيل کنڊ دريافت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سائنس جرنل “سائنس ڊائريڪٽ” ۾ شايع ٿيل هڪ مضمون موجب ارضيات جي ماهرن ڪيترن ئي سالن تائين ٽيڪنيڪي معاملن ۽ جيولاجيڪل سرويز تي ڪيل تحقيق کانپوءِ نئين کنڊ کي دريافت ڪيو آهي. دريافت ڪيل کنڊ اصل ۾ 20 ڪروڙ سال اڳ اتر آفريڪا کان ڌار ٿي ويو هو۽ هاڻي اهو ڏکڻ يورپ ۾ واقع آهي ۽ اهو کنڊ ارمينيا ۽ اٽلي ويجهو آهي. ماهرن موجب دريافت ٿيل کنڊ جو رقبو گرين لينڊ برابر آهي. گرين لينڊ جي ايراضي 21 لک ڪلوميٽر پکڙيل آهي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته هيءُ کنڊ به 21 لک ڪلوميٽر پکڙيل آهي.

    لکائي جو انداز اوهان بابت گهڻو ڪجهه ٻڌائي سگهي ٿو:
    محترم سامعين: دنيا ۾ هر شخص جي لکائي هڪ ٻئي کان مختلف هوندي آهي پر ڇا اوهان سوچيو آهي ته لکائي جو انداز اوهان بابت گهڻو ڪجهه ٻڌائي سگهي ٿو. جيڪي ماڻهو لفظن کي لکندي خالي جاءِ ڇڏين ٿا اهي آزاد پسند ۽ خودمختيار هوندا آهن جڏهن ته ان جي ابتڙ اهي ماڻهو جيڪي فاصلو گهٽ رکندا آهن اهي ٻين سان رهڻ پسند ڪندا آهن. اهڙي ريت جيڪي فاصلو ناهن رکندا ۽ لفظ ڳنڍي لکندا آهن اهي ماڻهو مداخلت ڪرڻ وارا هوندا آهن. ڪجهه ماڻهن کي وڏا اکر لکڻ پسند هوندو آهي ۽ اهڙا ماڻهو تڪڙ ۾ اوهان جا دوست بڻجي سگهن ٿا. ٻئي پاسي جيڪي ننڍا اکر لکندا آهن انهن جي شخصيت معصوميت واري هوندي آهي ۽ انهن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ ڏکيو هوندو

    ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گيس کي ٻارڻ ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو:
    محترم سامعين: آمريڪا جا ماهرن هڪ نئين ٽيڪنالاجي تيار ڪئي آهي جنهن جي تحت ماحول دشمن ۽ عالمي تپش جي ڪري ٺهندڙ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گيس کي ٻارڻ ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن واپاري پيماني تي اهو طريقو ڪامياب ٿي ويو ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڪيميائي صنعتن تي به انقلابي اثر پيدا ٿيندا. تحقيقي رسالي نيچر ۾ شايع رپورٽ موجب هيوسٽن ۾ واقع رائس يونيورسٽي جي ماهرن اهو طريقو تيار ڪيو آهي جيڪو روايتي تدبيرن کان هٽيل آهي، عام طور تي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ختم ڪرڻ لاءِ لوڻ جي پاڻياٺ استعمال ٿيندي رهي ٿي، پوءِ لوڻياٺ ۾ توانائي گڏ ڪئي ويندي آهي پر ان عمل ۾ فارمڪ ايسڊ جو هڪ گهاٽو سوپ بڻجي ويندو آهي جنهن کان جان ڇڏائڻ ڏکيو هوندو آهي،.نئين ٽيڪنالاجي ۾ مايي جي جاءِ تي ٺوس اليڪٽرولائٽ استعمال ڪيا ويا جنهن ۾ بسمٿ نالي ڌاتو سڀني کان اڳتي آهي، ان ٽيڪنالاجي ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي وڏي مقدار ۾ ٻارڻ ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، تجربي گاهه ۾ ڪيل شروعاتي تجربن ۾ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي مقابلي ۾ ٻارڻ جي شرح 42 سيڪڙو تائين حاصل ڪئي وئي جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي آهي.

    انساني دل پرنٽ ڪري ٽرانسپلانٽ آپريشن جي دنيا ۾ انقلاب:
    محترم سامعين: بائيوٽيڪ ڪمپني انساني دل پرنٽ ڪري ٽرانسپلانٽ آپريشن جي دنيا ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي رياست شڪاگو جي بائيوٽيڪ ڪمپني بائيولائف فروڊ اعلان ڪيو آهي ته ان ڪاميابي سان ٿري ڊي پرنٽر سان هڪ ننڍي انساني دل پرنٽ ڪئي آهي. پرنٽ ڪيل انساني دل جي بناوٽ بلڪل انساني دل جيان آهي، ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ٿري ڊي مان پرنٽنگ کانپوءِ دل جي ٽرانسپلانٽ آپريشنز ۾ تمام گهڻي مدد.

    عورتن جو شاپنگ سان گهاٽو لاڳاپو هوندو آهي:
    محترم سامعين: جيئن ته اسان کي خبر آهي ته عورتن جو شاپنگ سان گهاٽو لاڳاپو هوندو آهي ۽ کين شيون خريدڻ بي حد پسند هوندو آهي پر هر شئي پنهنجي انداز ۾ ڪئي وڃي ته بهتر آهي ڇو ته ڪنهن به شئي جو حد کان وڌيڪ استعمال اوهان لاءِ نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي. جيڪي عورتون شاپنگ ڪرڻ جون عادي هونديون آهن ۽ هو شاپنگ ڪرڻ کان پنهنجو پاڻ کي روڪي ناهن سگهنديون ته اهڙي عادت کي نظرانداز نه ڪجي. هڪ تحقيق موجب 20 ماڻهن مان هر هڪ فرد کي شاپنگ ڪرڻ جي عادت هوندي آهي جنهن کي گهٽ ماڻهو ئي سنجيده سمجهندا آهن. صحت جي بحالي مرڪز اها ڳالهه واضح ڪئي آهي ته خريداري جي عادت کي هڪ مرض قرار ڏئي ان کي علاج جوڳي مرضن جي سرڪاري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ماهرن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو آهي ته خريداري جي عادت ۾ مبتلا ماڻهن کي روڪڻ ڏکيو لڳندو آهي ۽ ان جو نتيجو نقصانڪار آهي جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ان عادت جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا. پريوري ويب سائيٽ ۾ لکيو ويو آهي ته خريداري جي عادت جنهن کي شاپنگ ڊس آرڊر اونيومينيا به چيو وڃي ٿو اها معاشي ۽ معاشرتي طور تي انسان جي نفسيات کي تباهه ڪري ڇڏي.

    دنيا جي سڀ کان تيز رفتار خردبين تيار ڪئي ويئي:
    محترم سامعين: ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ هڪ انقلابي ٿري ڊي خردبين (مائڪرو اسڪوپ) تيار ڪئي وئي آهي جنهن کي دنيا جي سڀ کان تيز رفتار خردبين چئي سگهجي ٿو. هن ايجاد سان جينيات، دل جي مرضن، حياتياتي تحقيق ۽ نيورو سائنس ۾ انقلاب اچي ويندو. هن ذريعي دماغي نيورون جي فائرنگ جو به جائزو وٺي سگهجي ٿو. ڪولمبيا يونيورسٽي سان واڳيل سائنسدان ايلزبٿ هلمان چوي ٿي ته جيڪڏهن اسان خردبيني تصويرڪشي جي عمل کي تيز ڪري ڇڏيون ته ان سان سڄي حياتياتي نظام جو جائزو وٺي سگهجي ٿو ۽ اهو روايتي خردبين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فائديمند هوندو. هن خردبين جو سڄو نالو سويپٽ ڪونفوڪلي الائنڊپليز ايڪسائٽيشن يا اسڪيپ مائڪرو اسڪوپ آهي. هن سان حياتياتي نظامن جي تصويرڪشي ٿي سگهي ٿي.

    هڪ شخص 24 لک ٻارن رت جو عطيو ڏنو:
    محترم سامعين: انساني رت جا قسم آهن ۽ طبي ماهرن انهن کي مختلف قسمن ۾ ورهايو آهي. اي نيگيٽو، اي پازيٽو، بي نيگيٽو، بي پازيٽو، او نيگيٽو، او پازيٽو، انساني رت جو عطيو ڊاڪٽرز مريض جي حياتي بچائڻ لاءِ حاصل ڪن ٿا پر اوهان اهو ڄاڻي حيران ٿيندا ته دنيا ۾ هڪ اهڙو شخص به موجود آهي جيڪو لاڳيتو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجي رت عطيو ڪري رهيو آهي ۽ سندس رت سبب هيل تائين 24 لک ٻارن جي حياتي بچائي وئي آهي. سڊني مارننگ هيرالڊجي رپورٽ موجب 81 سالن جي جيمز هيريسن جي رت ۾ هڪ غير معمولي اينٽي باڊي موجود آهي جيڪا جوريس نالي بيماري ۾ مبتلا ٻارن جي حياتي بچائڻ وارين دوائن ۾ استعمال ٿيندي آهي. جيمز ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجي رت عطيو ڪري رهيو آهي جنهن مان اها دوا ٺاهي وڃي ٿي ۽ مريضن کي ڏني وڃي ٿي. هن جي رت مان ٺهندڙ دوا ذريعي هيل تائين 24 لک ٻارن جون حياتيون بچايون ويون آهن.

    مان چور خالص سون سان ٺهيل ٽوائليٽ کڻي ويا:
    محترم سامعين: برطانيا جي ميوزيم مان چور خالص سون سان ٺهيل ٽوائليٽ کڻي ويا، ارڙهن قيراط سون سان ٺهيل هن انوکي ڪموڊ جي قيمت پنجاهه لک ڊالر آهي جنهن کي اٽلي جي آرٽسٽ ٺاهيو هو. پرڏيهي خابرو اداري موجب برطانيا جي بلين هيم محل ۾ آرٽ جي نمائش دوران رکيل 18 قيراط سون جي ٽوائليٽ کي چورن جو ٽولو کڻي ويو، پوليس چوري جي شڪ ۾ هڪ 66 سالن جي شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته سون جو ٽوائيلٽ چورائڻ جي شڪ ۾ آڪسفورڊ شائر مان هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي. نمائش خميس ڏينهن لڳائي وئي هئي جنهن ۾ سون جي ٽوائليٽ رکي وئي هئي. رپورٽ موجب جوابدار رات جو 4 لڳي 50 منٽن تي محل ۾ داخل ٿيا ۽ ٽوائليٽ کڻي فرار ٿي ويا چوري دوران ڪو به شخص زخمي ناهي ٿيو. انسپيڪٽر جيس جو چوڻ آهي ته آرٽ جو ٽڪڙو چوري ٿي ڪيو آهي سون سان ٺهيل هڪ قيمتي ٽوائيليٽ هو جيڪو محل ۾ نمائلش لاءِ موجود هو. واردات ۾ جوابدارن ٻه گاڏيون استعمال ڪيون آهن.

    اڌ آبادي پيدائشي طور تي اکين جي نور کان محروم:
    محترم سامعين: آفريقي ملڪ مورطانيا جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع علائقي “والي ڪمبه” جي اڌ آبادي پيدائشي طور تي اکين جي نور کان محروم آهي. مورطانيه ۾ مجموعي طور تي به نابينن جي شرح دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ يعنيٰ هڪ ڏهائي پنج سيڪڙو آهي. رپورٽ موجب موريطانيا جي ڪل آبادي 30 لک آهي جن مان 50 هزار ماڻهو نابينا آهن جڏهن ته 4 لک ماڻهن جي نظر ڪمزور آهي. “والي ڪمبا” ڳوٺ جا اڪثر ماڻهو ان مرض جو شڪار آهن جڏهن ته مقامي حڪومت ۽ عالمي طبي ادارن طرفان هيل تائين سندن علاج جو ڪو انتظام ناهي ڪيو ويو. هن علائقي واسين جو معاشري ذريعو ٻني ٻارو آهي. پر اکين جي نور کان محروم ماڻهو اهو ڪم نٿا ڪري سگهن جنهن سبب هو ڪسمپرسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ڄانايل علائقي جي ماڻهن ۾ اکين جي نور جي محرومي جو اهو مرض جدي پشتي آهي ۽ قديم زماني کان هتي نابينا ٻار جنم وٺي رهيا آهن. علائقي جي ٻن ٻارن جو نواڪشوط جي هڪ اسپتال ۾ آپريشن ٿيو آهي جنهن سان ٻنهي جي اکين جو نور واپس اچي ويو آهي.

    چنڊ تي موجود پراسرار مادي جون تصويرون جاري ڪيون ويون!
    محترم سائين: ڪجهه هفتا اڳ چين چنڊ تي موڪليل تحقيقي گاڏي روور ذريعي ورتل ڪجهه تصويرون موڪليون هيون جن ۾ چنڊتي هلڪي نيري رنگ جي ڪا پراسرار شئي نظر اچي رهي هئي ۽ هاڻي اهڙي شئي جون بهتر ۽ نيون تصويرون ورتيون ويون آهن. آگسٽ ۾ چيني يوٽو دوم گاڏي چنڊ جي ڏورانهين علائقي ۾ هڪ گهاٽي کڏي (ڪريٽر) ۾ هلڪي نيري شئي جون تصويرون جاري ڪيون هيون جنهن کي ماهرن اڳ جيل جهڙو ۽ رنگين مادو قرار ڏنو هو. نين تصويرن مان مادي بابت اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اها ڪهڙي شئي ٿي سگهي ٿي.

    اسان جي شمسي نظام ۾ ٻاهرين سيارن جو مدار عجيب آهي:
    محترم سامعين: ٿي سگهي ٿو ته اسان جي شمسي نظام جي ٻاهرين ڪنارن تي ڪو سيارو موجود نه هجي پر ڪو ننڍڙو ۽ قديمي بليڪ هول هجي، جيڪو شايد ڪائنات جي شروعاتي زماني ۾ وجود ۾ آيو هجي. اهو خلاصو آهي آمريڪي ۽ برطانوي فلڪيات جي ماهرن جي گڏيل تحقيقي مقالي جو جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ “آرڪائيوڊاٽ آرگ“ تي آن لائن شايع ٿيو آهي. اسان جي شمسي نظام ۾ ٻاهرين سيارن جو مدار عجيب آهي. ان بابت فلڪيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته شايد اسان جي شمسي نظام جي ٻاهرين ڪنارن تي ڪو وڏو ۽ وڌيڪ ڪميت وارو سيارو موجود آهي. جيڪڏهن هيل تائين هن سياري کي دريافت ناهيون ڪري سگهيا پر اهو پنهنجي زبرست ڪشش ثقل سبب ٻين سيارن جي مدارن تي اثرانداز ٿي رهيو آهي ۽ ان ۾ خلل وجهي رهيو آهي. اهو اسان جي شمسي نظام جو نائون سيارو به آهي. پر هاڻي ڊرهام يونيورسٽي برطانيا جي جيڪب شولٽز ۽ يونيورسٽي آف النوئي آمريڪا جي جيمس انون گڏيل تحقيق کانپوءِ چيو آهي ته ٻاهرين سيارن جي مدارن ۾ بي قاعدگي سبب ڪو وڏو سيارو نه پر هڪ ننڍو قديمي بليڪ هول ٿي سگهي ٿو. اڳوڻين رپورٽن موجب اسان جي شمسي نظام جي ٻاهرين ۽ اڻڄاتل سياري جي ڪميت اسان جي زمين کان وڌيڪ آهي.

    ماهرن گم ٿيل کنڊ ڳولي ورتو:
    محترم سامعين: سائنسدانن يورپي ملڪ اسپين کان ايشيائي ملڪ ايران تائين جابلو سلسلن ۾ گم ٿيل کنڊ جي حصن کي ڳولي ورتو آهي، گم ٿيل کنڊ جي باقيات 140 ملين (تقريبن 10 ڪروڙ 40 لک) سالن کانپوءِ ملي آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب نيشنل جيو گرافڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سائنسدانن کنڊ دريافت ڪيو آهي، گريتر ايڊريا نالي کنڊ يورپ سان ٽڪرائڻ کانپوءِ زمين، سمنڊ جي اندر دفن ٿي ويو جڏهن ته ملبو جبلن جي شڪل اختيار ڪري ويو ۽ ڪروڙين سالن کانپوءِ به باقيات موجود آهي، سائنسدانن جي ان تحقيق ۾ زمين جي 24 ڪروڙ سال پراڻي تاريخ هڪ ڀيرو ٻيهر جوڙي وئي آهي.سائنسدانن موجب اهو رومي سمنڊ جي علائقي جي زميني اسٽڊي آهي، ان ريسرچ ۾ يورپي ملڪ اسپين کان وٺي ايران تائين جي جابلو سلسلي ۾ ماضي قديم ۾ گم ٿيندڙ کنڊ جي حصن کي هٿ ڪيو ويو آهي، تحقيق مان خبر پئي آهي ته گريٽر ايڊريا سان ٽڪراءُ کانپوءِ امڪاني طور تي اٽلي، ترڪي، يونان ۽ ڏکڻ اوڀر يورپ ۾ جابلو سلسلا بڻيا.تحقيقي ٽيم جي قائد ۽ هالينڊ جي يوٽريڪٽ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊووي وان هينسبرگن جو چوڻ هو ته ايڊريا ڪڏهن به قديم زماني جي سپر کنڊ گونڊوانا جو حصو هوندو هو جيڪو ورهائجي آفريڪا، انٽرڪٽيڪا، ڏکڻ آمريڪا، آسٽريليا، ايشيا ۽ وچ اوڀر جي وڏن حصن ۾ ورهائجي ويو هو.خابرو اداري جو چوڻ هو ته 24 ڪروڙ سال اڳ گريٽر ايڊيا گونڊوانا کان الڳ ٿيو ۽ پاڻ کنڊ جي شڪل اختيار ڪري ورتي، پر ڪجهه حصا سمنڊ جي اندر ٻڏي ويا هئا ۽ سائنسدانن جو خيال آهي ته کنڊ ۾ مختلف ٻيٽن جو گروپ بڻجي ويو جيڪو برطانيه يا فلپائن جهڙا هوندا.

    آمريڪي عورت خواب ڏسندي منڊي کائي وئي:
    محترم سامعين: آمريڪا جي ناري منڊي جو خواب ڏسندي پنهنجي هٿ جي منڊي کائي وئي. ڪيليفورنيا جي رهواسڻ جينا ايوانس جو چوڻ آهي ته مون خواب ڏٺو ته ڪجهه لوفر ماڻهو منهنجو ۽ منهنجي مڱيندي جو پيڇو ڪري رهيا آهن منهنجي هٿ 2.4 قيراط جي هيري جي منڊي هئي جيڪا بچائڻي هئي ۽ ان لاءِ ان کي وات ۾ وجهي پيٽ ۾ اماڻڻ کانسواءِ مون لاءِ ٻيو ڪو به چارو نه هو، مون ائين ئي ڪيو۽ منڊي وات ۾ وجهي پاڻي جي گلاس سان پي ڇڏيم ان کانپوءِ جاڳي پيس. صبح جو اٿيس ته مڱڻي واري منڊي هٿ ۾ نه هئي پريشان ٿي ويس. مون کي کل وٺي وئي مڱيندي کي اٿاري ٻڌايم ته منڊي ڳهي وئي آهيان هوءَ ڊاڪٽرن ڏانهن وئي ته انهن به کيس گيسٽرولاجسٽ ڏانهن اماڻڻ بدران منڊي کي قدرتي طريقي سان نڪرڻ جي صلاح ڏني اينڊواسڪوپي ۾ اها منڊي نظر آئي جيڪا معدي جي ويجهو پيل هئي بعد ۾ ڊاڪٽرن ها ڪڍي سندس حوالي ڪئي.

    سونهن جون صلاحون ڏيندڙ آئينو تيار:
    محترم سامعين: اها چوڻي آهي ته آئينو سچ ڳالهائي ٿو پر جديد ٽيڪنالاجي سان تيار ڪيل اسمارٽ آئينو نه رڳو سچ ڳالهائي ٿو پر چمڙي مرضن جا راز به ٻڌائي ٿو. هن آئيني کي “هاءِ مرر” جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪو انتهائي گهرائي ۽ تفصيل سان هر روز اوهان جي چهري جو معائنو ڪري ٿو. هن جو خاص نظام 8 مختلف طريقن سان اوهان جي چهري جو جائزو وٺي ٿو. اهڙي ريت چهري جا داغ، خشڪي، پاڻي جي کوٽ، رنگ ۽ جلد جي سطح بابت به آگاهه ڪري ٿو. هاءِ مرر جو سافٽ ويئر اوهان کي چمڙي جي ڪنهن به مرض جي صورت ۾ لوشن ۽ ڪريم جي استعمال بابت صلاحون به ڏئي ٿو.

    اکين کي دوکو ڏيندڙ ناروي جي پل!
    محترم سامعين: ناروي ۾ هڪ اهڙي پل ٺاهي وئي آهي جنهن کي ڏسي گُمان ٿيندو آهي ته ڄڻ گاڏي پل جي آخر ۾ اونهي کاهيءَ ۾ وڃي ڪرندي، پر اهو رڳو اکين جو دوکو آهي. ناروي جي اولانهين حصي ۾ ائٽلانٽڪ روڊ تي هڪ اهڙي پل به آهي جنهن کي ڏسي نظرون دوکو کائي وينديون آهن، جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب اسٽور سيسنڊيٽ نالي انهيءَ پل جي ڊرامائي انداز سان اڏاوت ان کي دنيا جي خطرناڪ ترين روڊن ۾ شمار ڪري ٿي، جنهن کي ڏسي ماڻهو ڊپ ۾ وٺجي ويندا هجن، سڄي دنيا مان سياح هِن پل کي خاص طور ڏسڻ جي لاءِ ايندا آهن، هي پنج ميل ڊگھي پل 1989ع ۾ ٺَهي وئي هئي جنهن کي هِن وقت تائين هزارين سياح ڏسي چڪا آهن.

    نوجوان تلوار سان انگور ڪٽڻ جو عالمي رڪارڊ:
    محترم سامعين: گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ روزانو نوان نوان رڪارڊ داخل ٿيندا رهندا آهن. ان حوالي سان ايڊاهو، آمريڪا جي ڊيوڊ رش لڏندڙ تختي تي پاڻ کي هڪ هنڌ بيهاري، هوا ۾ اڏندڙ انگورن کي تلوار سان ڪٽن جو نئون رڪارڊ ٺاهي ورتو آهي، هي رڪارڊ هن هڪ منٽ 70 اڏندڙ انگورن کي تلوار سان ڪٽي ٺاهيو آهي. ڊيوڊ رش هِن وقت تائين 100 کان وڌيڪ گنيز رڪارڊز ٺاهي سڄي دنيا ۾ مشهور ماڻي چڪو آهي پر ان جي ڪارنامن جو بنيادي مقصد سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي (STEM) تي ٻڌل تعليم کي هٿي ڏيڻ آهي. سندس هڪ ساٿيءَ تيزيءَ سان ان ڏانهن انگور اڇلايا جِن کي هو تيزيءَ سان لڏندڙ تختي تي پاڻ کي سنڀاليندي وڏي تيزيءَ سان ڪٽيندو ويو. صرف هڪ منٽ ۾ هن پنهنجي تيز ڌار واري تلوار سان هوا ۾ اڏندڙ 70 انگور ڪٽي ڇڏيا جنهن جي تصديق اتي موجود گنيز ورلڊ رڪارڊ جي نمائندن به ڪئي. ان کان پوءِ ان کي هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.

    ساهيڙين سان گهاٽو لاڳاپو، بهتر صحت برقرار رکڻ آهي:
    محترم سامعين: هونئن ته دوستن سان سٺو لاڳاپو ذهني دٻاءُ مان ڇوٽڪاري جو سبب هوندو آهي پر تازو ماهرن چيو آهي ته عورتون جيڪڏهن پنهنجي صحت کي بهتر بڻائڻ چاهين ٿيون ته کين گهرجي ته پنهنجين ساهيڙين سان دوستي کي وڌيڪ گهاٽو ڪري وٺن. تازو ڪيل هڪ تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن عورتون پنهنجين سٺين ساهيڙين سان سٺو وقت گذارين ٿيون ته انهن ۾ اوڪسي ٽوسن نالي هارمون وڌي ٿو. اهو هارمون ٻين تي ڀروسو ڪرڻ ۽ دوستي جي جذبي ۾ واڌارو ڪري ٿو ان کي محبت جو هارمون به چيو وڃي ٿو. اصل ۾ دوستن سان سٺو وت گذارڻ ذهني ۽ دماغي صحت لاءِڪارائتو آهي. هن تحقيق ۾ اها ڳالهه به ثابت ٿي چڪي آهي ته مضبوط سماجي لاڳاپا ڪنهن شخص جي عمر ۾ واڌارو ڪري سگهن ٿا جڏهن ته ڊيمنيشيا جي خطري ۽ ذهني دٻاءُ ۾ به گهٽتائي ٿئي ٿي.

    ڳاڙهو بصر ڪئنسر کان بچائي ٿو:
    محترم سامعين: بصر ۽ ٻين ڀاڄين ۾ موجود هڪ هڪ پگمنٽ اينٿو سائنن جيڪو ڀاڄين کي رنگ ڏيندو آهي، ڪوئسٽن جي اثر کي وڌائيندو آهي. يعني بصر جو رنگ جيترو وڌيڪ ڳاڙهو هوندو، اوترو ئي ان ۾ اينٿو سائنن جو مقدار وڌيڪ هوندو ۽ اهو بصر ڪينسر خلاف اوتري ئي وڌيڪ ويڙهه ڪندو. تحقيق موجب ڳاڙهو بصر ڪينسر جي خلين جي وچ ۾ هڪ ٻئي سان رابطي کي ڪاٽيندو آهي جڏهن ته اهڙو ماحولي ٺاهيندو جنهن ۾ اهي وڌيڪ واڌ ويجهه ناهن ڪري سگھندا. ڳاڙهو بصر نه رڳو ڇاتي جي پر وڏي آنڊي جي ڪينسر سوڌو ٻين قسمن جي ڪينسر خلاف به اثرائتو ثابت ٿي سگھي ٿو.ماهرن جو چوڻ آهي ته ڳاڙهي بصر کان سواءِ ٻئي رنگ جي بصر ۾ به اينٽي آڪسيڊنٽس جيڪو وڏو مقدار ۽ ڪوئسٽن موجود هوندو آهي جيڪو ڪينسر سوڌو ٻين گھڻين بيماري کان تحفظ فراهم ڪري سگھي ٿو.

    وڌيڪ ڪم ڪندڙ ماڻهو جلد ٺوڙها ٿي وڃن ٿا:
    محترم سائين: جيڪڏهن اوهان ڪنهن بينڪ ۾ ڪم ڪري رهيا آهيو ته ڪيترائي ڪلاڪ ڪم ڪرڻ اوهان لاءِ ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو پر اهو اوهان جي وارن لاءِ چڱو ناهي. هڪ نئين تحقيق موجب ڪاميابي ماڻڻ جي قيمت ڪيترائي ڪلاڪ ڪم ڪرڻ سان واڳيل هوندي آهي پر اهي ماڻهو جيڪي هفتي ۾ 52 ڪلاڪ ڪم ڪن ٿا انهن ۾ ٺوڙهي ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن. گهڻا ئي اهڙا ماڻهو آهن جن جيڪي 40 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا.وڌيڪ ڪلاڪ ڪم ڪندڙ 13000 ماڻهن تي اهڙي ريسرچ ڪئي وئي.


    لطيفي لات

    جـــــــي مون پڙهي پاڻ لئي،سبق سابق جو

    جـــــــي مون پڙهي پاڻ لئي،سبق سابق جو،
    پهــــــــريون سڃاتم پنهنجي نفس جو نِهو،
    جت عرفان اصل ۾،ٿي روحن روز ڪيو،
    وري ورق پـــــيـــــو،گڏيم وَڍُ وِصالَ جو.
    (سُرُ يمن ڪلياڻ/ داستان 5)

    هن بيت جو حاصل مطلب هي آهي ته جڏهن مون پنهنجي سِرِ اصلوڪو سبق (الست بربڪم) پڙهيو،تڏهن روح جو اصلوڪو خزانو يا آستان سڃاتم،جتي روحن اصل ۾ خدائي علم جي رهاڻ پئي ڪئي.پوءِ اهڙو ورق وريو،جو جدائيءَ جو زخم يا ويڇو ميٽجي ويو.

    جـــــــــــوڙي جوڙ جهان جي، پاڻ ڪيائين پروار،
    حـــــامي، هـــــادي، هاشمي، ســــــــــردارين سـردار،
    سونهي صحابن وچ ۾،منهجهه مسجد مڻيادار،
    چارئي چڱا چوڌار،هئا هيڪاندا حبيب سين.
    (سر ڪلياڻ/ داستان 01 )

    هن بيت جو مطلب آهي ته پاڻ کي پڌري يا ظاهر ڪرڻ واسطي جهان کي بڻايائين،حضرت محمد ﷺ سردارن جي سردار،هاشميءَ کي هن امت لاءِ هادي يعني هدايت ڪندڙ ڪري موڪليائين،جو پنهنجي مسجد نبوي ۾ مڻيادرن يعني رازدار صحابن جي سٿ ۾ هدايت ڪندي پيو سونهي،صحابن ۾ چار ڄڻا ٻين صحابن کان چڱا هئا،جيڪي الله جي حبيب جي چوڌاري ۽ گڏ ويهندا هئا،شاهه لطيف هن بيت ۾ الله ۽ الله جي رسول ﷺ ۽ اصحابن سڳورن جي تعريف ڪئي آهي.

    وَٽَ وَٽَ وٽــــــــــيءَ ۾،مٽَ مٽَ منڌ ٻيــو،
    قـــــــدر ڪيف ڪـــــــلال جو،پياڪن پيو،
    اچن دُرس دڪان تي،ڪنڌ قبول ڪيو،
    سُـــــرها سِرَ ڏيو،چَکن سُرڪ سيد چئي.
    (سر يمن ڪلياڻ/ داستان 04)
    هن بيت جو حاصل مطلب هي آهي ته پياليءَ پياليءَ ۾ نئين جنس آهي ۽ مَٽَ مَٽَ ۾ ٻيو منڌ آهي،پيندڙن کي ئي ڪلال جي اٿاريل خمار جو قدر آهي،هو سر ڏيڻ قبول ڪري،برابر اچيو سندس دڪان وٽ وارد ٿين،سرها سر ڏيئي ٿا سرڪي پين.

    اڳيان اڏن وٽ،پوين سِــــــــــــــر سنباهيا،
    ڪاٽ ته قبول ۾، مُڇڻ ڀانيين گهٽ،
    مـــــٿا مُــــــهاين جـــــــا،پيــا نه ڏسين پٽ،
    ڪلڙڪي هٽ،ڪُسن جو ڪوپ وهي.
    (سر ڪلياڻ/ داستان 02)
    هن بيت جو مطلب هي آهي ته جي اڳيان آهن ته جا سِر اڏين تي آهن،پويان وري سر ڏيڻ جي سنبرڻ ۾ آهن،هي اها جاءِ آهي جتي سواءِ پنهنجي سر جهڪائڻ ۽ ڏيڻ جي ڪنهن به قسم جي قبولي ناهي ۽ انهيءَ سودي ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي نه ايندي ،متان اهيو سمجهين ته اهي پَٽَ تي پيل سِرَ نٿو ڏسين؟ مرشد جي در تي ڪسڻ جو ڪم جاري آهي.

    وحدهُ لاشريڪ لهُ، ايءُ وهائج ويءُ،
    کٽين جي هارائين،هنڌ تنهنجو هيءُ،
    پاڻان چوندءِ پيءُ، ڀري جام جنت جو.
    (سر ڪلياڻ/ داستان 01)
    هن بيت جو حاصل مطلب هي آهي ته “ هو هڪ آهي ء۽ سندس ڪو مَتَ ناهي” تون اهوئي سودو (دؤر) پيو ڪج، تنهنجي کٽڻ يا هارائڻ جو هنڌ هيءُ ئي جهان آهي. سپرين پاڻمرادو بهشت جو (روحاني) پيالو پُر ڪري، توکي چوندو ته “ پيءُ ”

    جن کي دور درد جو،سبق سور پڙهن،
    فڪر ڦرهي هٿ ۾، ماٺ مطالعو ڪن،
    پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسن پرينءَ کي.
    (سر يمن ڪلياڻ/ داستان 05)
    هن بيت جو مطلب هي آهي ته جيڪي پنهنجي اندر ۾ درد جي درس جو دؤر پيا ڪن، سي سور جئي سبق پيا پڙهن،انهن جي هٿ ۾ خيال جي پٽي آهي ،هو ماٺ جو اڀياس پيا ٿا ڪن،هو اهوئي ورق پيا پڙهن، جنهن ۾پرين کي ڏسن ٿا، يعني لطيف سائين هي ڳالهه فرمائي ٿو ته انسان جي اندر ۾ جڏهن ڪو درد ئي هوندو آهي تڏهن ئي هو پنهنجي حقيقي محبوب جي ڳولا ۾ نڪري پوندو آهي ۽ انهيءَ جي اڳيان دنيا جي ڪنهن به دنيوي ڪم جي ڪا به حيثيت ناهي هوندي ۽ هو صرف ۽ صرف پنهنجي ئي پرينءَ جي پسڻ لاءِ ڳولا ۾ هوندا آهن.

    عاشـــــــــــــــــق! معشوقن جي،وٺي ويهه ڳَري،
    جِــــــــــــــم ورچي ڇڏئين، سندي دوست دري،
    ڏيندا ٻــــــــــاجهه ٻُڪيءَ جي، ويندءِ ٺپ ٺري،
    اسان تان نه سري،تو ڪيئن سري سپرين؟
    (سر يمن ڪلياڻ/داستان 05)

    شاهه لطيف هن بيت وسيلي اسان کي سمجهاڻي ڏيندي فرمائي ٿو ته“اي عاشق تون معشوق جي گهٽي وٺي ويهه،متان بيزار ٿي محبوب جي ڳر کي ڇڏين،هو مِهي جي سُتي توکي ڏيندو،پوءِ مڙئي ڦٽ تنهنجا ميٽجي ويندا اي پرين تو سواءِ اسان جي نٿي سَري،اسين تو بنا نٿا جي سگهون ۽ تون آهين جو اسان کان سواءِ گهاري وڃي ٿو؟ اسان جي بنا تنهنجي ڪيئن سَري وڃي ٿي.

    ســـــرُ جـــــــو سَڃيو ســــــڄڻين،ٻيهـــــر ٻاڻُ ڀري،
    ڇمڪيو سو ڇوهه مان، ڪڙ ڪڙ ڪانُ ڪري،
    جيـــــــرا جـــــگر بــُــــڪيون،لنگهي پيون پـــري،
    لڳـــــــو جــــــــيءَ جــــــــڙي، تاڻيان تير نه نڪري.
    (سر يمن ڪلياڻ/داستان 03 )
    هي بيت اسان کي ڄاڻ ڏيئي ٿو ته “سڄڻ جو ٻيهر ڪانُ ڪشي هنيو آهي،سو ڪڙ ڪڙ ڪندو تيز مان، شوهه مان ڇم ڇم ڪندو اندر گهڙي ويو،جنهن ڪري جيرا،جگر۽ بڪيون ڪپجي پيون آهن ۽ تير جان ۾ اهڙو ته کُپي ويم جو ڇڪيان ٿو ته به ٻاهر نٿو نڪري.

    هيءِ هيءِ وهي هاءِ،من ۾ محبوبن جي،
    جـــــيرا جـــــــوش جــــلايا، بُڪين ٻري باهه،
    پــــسيو مـــــچ مــــــٿاءِ،ويســـــــاهه نه وسهو.
    (سر يمن ڪلياڻ/ 03)
    شاهه سائين هن بيت وسيلي اسان کي ٻڌائي ٿو ته “هيءِ هيءِ پرينءَ لاءِ “هاءِ هاءِ” جي ڪوڪار پئي پوي،محبت جي تاب جيرا جلائي ڇڏيا آهن ۽ بڪين ۾ باهه پئي ٻري،جي اوهان کي ويساهه نٿو اچي ته ،اچي ڏسو ته منهنجي سيني مٿان ڪيئن ٿي باهه پئي ٻري.

    سگهن سڌ نه سور جي،گهايل ڪيئن گهارين،
    پيـــــــل پاســـــــــو پٽ تــــــــان، واڍوڙ نه واريـــــن،
    پَرَ ۾ پَچَنِ پرينءَ لئه،هئي! هنــــــــجون هارين،
    سڄــــــــــڻ جي سارين،تن رويو وهامي راتڙي.
    (يمن ڪلياڻ/داستان 01)
    هن بيت جو حاصل مطلب هي آهي ته چڱن ڀلن کي درد جي ڄاڻ نه وري انهيءَ ڳالهه جي ته اهي ڪهڙي ريت پنهنجي زندگي گهارين ٿا،وڍيل عاشق جيڪي پَٽَ تي پيا آهن،اهي عاشق پاسو به نٿا مٽائين،هاءِ هاءِ هو ڳجهوئي پنهنجي پرينءَ لاءِ پچي ڪباب پيا ٿين ۽ ڳوڙها پيا ڳاڙين،جن کي پرينءَ جي سار آهي تن جي رات روئندي ٿي گذري.

    آگي ڪيا اڳهين، نسورو ئي نور،
    لاخوف عليهم ولا يحزنون،سچن ڪونهي سور،
    مــــــــــــــولا ڪيو معمور، انگ ازل ۾ ان جو.
    (سر ڪلياڻ/ داستان 01 )
    شاهه لطيف فرمائي ٿو ته“ ڌڻي انهن کي سراپا نور ڪري ڇڏيو آهي،انهن کي نه ڪي خوف آهي نه ڪي ڪو سور يا ڏک رسندو، ڇو ته اهي سچا آهن ۽ سچن انسانن کي ڪو به درد نٿو رسي.(ظاهر ۾ اهڙن انسانن کي تڪليف ضرور ايندي آهي،جيڪا ٻين ماڻهن کي نظر ۾ ايندي آهي،پر جيڪي سچا آهن اهي انهيءَ تڪليف کي به سچ جو سودو سمجهندا آهن ۽ ارها ناهن ٿيندا) ڌڻي تعاليٰ انهن جو بخت اعليٰ ڪيو آهي.

    وحـــــــد هُـــــــــو جي وڍيا، الاالله سين اورين،
    هنيـــــــــون حـــــقيقت گــــڏيو،طريقت تورين،
    معرفت جي مــــــــاٺ سين،ڏيساندر ڏورين،
    سُکُ نه سُتـــــا ڪـــــــــڏهين،ويهي نه ووڙين،
    ڪلهنئون ڪورين،عاشق عبداللطيف چئي.
    (سر ڪلياڻ/داستان 01 )
    هن بيت جو مطلب آهي ته جيڪي سالڪ هيڪڙائي جا ڪُٺل آهن،سي اهو ئي دور پيا ڪن ته سواءِ سائينءَ جي ٻيو ڪو به سائين نه آهي،هو پنهنجو هِنيون حقيقت سان هڪ ڪري طريقت جي واٽ تي تڪي توري پيا هلن،هو سچي ڄاڻ واري سُن سان روحاني ولايت پيا ڳولين،هو ڪڏهن به سک سان نٿا سمهن،ويسر ۾ ويهي نٿا رهن،شاهه سائين فرمائي ٿو ته عاشق پنهنجو سِرُ پنهنجي ڪلهن تان ڪپي/ڪَوري پيا ڏين،يعني پنهنجي هستي کي ختم ڪري ٿا ڇڏين.


    وحدت تان ڪثرت ٿئي،ڪثرت وحدت ڪُلُ

    وحدت تان ڪثرت ٿئي،ڪثرت وحدت ڪُلُ،
    حـــــــق حقيقي هيــــــــــڪڙو،ٻولي ٻي مَ ڀُلُ،
    هـــــــــــــــــــو هُلاچو هُل، باالله سندو سڄڻين.
    (سر ڪلياڻ/داستان 01 )
    محترم سائين: شاهه عبداللطيف فرمائي ٿو ته “مونکي قسم آهي الله جو ته هي جيڪو جهان ۾ ڪثرت يعني گهڻائي شين جي آهي، سا سموري وحدت يعني انهيءَ مالڪ حقيقي کان آهي،وحدت تان ڪثرت ٿئي،انهيءَ هڪڙي وٽان يا ان جي اَمُر سان يا ارادي سان يا گهرڻ وڌي ٿي،پر اها سموري ڪثرت جا وحدت کان آهي،در حقيقت هڪڙي آهي.ڇاڪاڻ ته اها ڪثرت سموري نفي آهي،انهيءَ جو وجود وحدت جي وجود سان آهي. هن جهان جي سءني شين جو اهرو مثال آهي،جيئن جَرَ تي پاڻيءَ جو ڦوٽو،جنهن جو هجڻ پاڻي جي ڪري ئي آهي،پاڻي کان سواءِ ڦوٽي جو ڪو به وجود ناهي. هن بيت جو مطلب هي ٿيو ته هن دنيا ۾ بقا صرف مالڪ حقيقي کي آهي،باقي جهان کي بي بقائيءَ جو مزو چکڻو آهي،ان ڪري حقيقي مالڪ اڳيان نفي ۾ هجڻ سان ئي منزل ماڻي سگهبي.

    عشــــــق جـــــــي ميــــــــــدان ۾،ڪر پڙاڏو پَٽُ،
    سِرُ سوري،ڌڙ ڪُنگرين،متان ڪُڇين ڪَٽُ،
    عشــــــق نانــــــگ نپٽُ،خـــــبر کاڌن کي پوي.
    هن بيت مان هي مطلب نڪري ٿو ته “عشق جي ميدان ۾ اهڙو نعرو هڻ جو پٽَ مان پڙاڏو نڪري،تنهنجو سِرُ سوريءَ تي هجي ۽ ڌڙ بُرجن تي تڏهن به متان ڪجهه ڪُڇيو اٿئي،عشق نسورو نانگ آهي،اها خبر انهن کي پوي ٿي جن کي انهيءَ نانگ کاڌو آهي.” ڪن سالڪن وري هن طرح جو مطلب ڪڍيو آهي ته تون پنهنجي پڙاڏي کي ئي نابود ڪري ڇڏ،نه عاشق ڪا باهر ٻِڙڪ ڪڍي نه ئي ان جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي.

    پاڻهين جـــــــل جـــــــــلال هُــــــو،پاڻهين جان جمال،
    پاڻهين صورت پرينءَ جي،پاڻهين حسن جمال،
    پاڻهين پـــــــير مــــــــريد ٿئي، پاڻهين پــــاڻ خيال،
    سڀ سڀوئي حــــــال، منجهان ئـــــي معلوم ٿئي.
    (ڪلياڻ 01)
    هن بيت جو حاصل مطلب آهي ته هو پاڻ ئي وڏي شان ۽ شوڪت وارو آهي،پاڻ ئي سونهن جو جوهر آهي،هو پاڻ ئي پرينءَ جو روپ آهي،پاڻ ئي حسن جي انتها آهي،هو پاڻ ئي مرشد ٿو ٿئي ۽ پاڻ ئي پنهنجو مريد ٿو بنجي،هو پاڻ ئي پنهنجو خيال آهي،جنهن مان هي سمورو مانڊاڻ يا پسارو نروار ٿيو آهي ۽ هو سمورو حال اندر مان ئي پروڙي ٿو.

    انڌا اونڌا ويڄ، کــــل ڪڄاڙيا کائين،
    اسان ڏُکي ڏِيل ۾، تون پيارين پيڄ،
    سوري جنين سيڄ، مرڻ تن مشاهدو.
    (ڪلياڻ 2)
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي هن بيت ۾ ظاهر جي طبيب / ڊاڪٽر کي مخاطب ٿيندي فرمائي ٿو ته اي انڌا يعني نابين، اونڌا يعني ابتا ويڄ طبيب منهنجي کل کي ڇا جي لاءِ ٿو کائين؟ هن جو مطلب هي آهي ته اي طبيب / ڊاڪٽر تون دل جي اکين کان نابين آهين ۽ ابتا تنهنجا خيال آهن جو منهنجي کل کي ڏنڀ ڏئي ساڙين ٿو،اهو تنهنجو ابتو ۽ غلط خيال آهي، ڇاڪاڻ ته ڏنڀن ڏيڻ ۾ گناهه آهي ۽ شريعت جي منع ٿيل آهي ۽ تنهنجي ظاهري طب جي اصولن موجب به ڏنڀ ڏيڻ نه جڳائي، جو ان ۾ پاڻ نقصان آهي. سور اندر ۾ آهي ۽ تون کل ساڙين ٿو، اسان کي پنهنجي محبوب جي ملڻ جو درد آهي تون وري اسان کي دوا ٿو پيارين، اسان لاءِ سوري به سيج مثل آهي.

    آيـــــل ان نه وِســــــــهان، هنـــــــــجون جي هارين،
    آڻيــــــو آب اکيــــــــن ۾، ڏيهه کــــــــي ڏيکارين،
    سڄڻ جي سارين، نه ڪي روئن نه ڪي چون.
    (يمن ڪلياڻ/ 01)
    هن بيت جي معنيٰ آهي ته اي منهنجي امڙ مان انهن کي ڪو نه ٿو مڃان يا اعتبار ڪريان، جيڪي هنجون هاري يعني ڳوڙها ڳاڙي رياءَ خاطر ڏيهه ۽ ڏيهه جي ماڻهن کي ڏيکارين ٿا. اکين ۾ روئڻ وانگي پاڻي آڻي ڏيکارڻ هڪ ڏوهه آهي،جيڪي سڄڻ کي ياد ڪن ٿا سي نڪي ظاهر ۾ روئندا آهن نه ڪي پنهنجي راز جون ڳالهيون ڪنهن کي چوندا آهن، اهي صابر، شاڪر ۽ ذاڪر هوندا آهن، انهن جي اندر ۾ هزارين درد موجود هوندا آهن پر اهي پنهنجي محبوب جي اڳيان ٻڙڪ به ٻاهر ناهن ڪڍندا. جيڪي ناٽڪي هوندا آهن، مطلب پرست هوندا آهن، اهي ڏيکاءَ وارا رستا وٺندا آهن ۽ پنهنجو مطلب پورو ڪري هليا ويندا آهن.

    ڪوڙ ڪمايئي ڪچُ، اُٿي اُور الله سين،
    ڪـڍ تون دغا دل مان، صاحب وڻي سچ،
    محبت سنـــــــدو من ۾، ماڻڪ ٻارج مچ،
    اِن پرِ ٿــــــي اچ، ته ســــودو ٿئي ســـــــڦرو.
    (سر سريراڳ/ داستان 01 )
    شاهه لطيف هن بيت وسيلي اسان کي سمجهائي ٿو ته “ تو هميشه ڪوڙ جو واپار ڪيو آهي،اٿي ڌڻيءَ سان پنهنجو حال اور، تون پنهنجي دل من ڪوڙ ۽ ڪُپت کي ڪڍي ڇڏ، ڇو ته صاحب وٽ رڳو سچ ٿو اگهامجي، اي املهه موتي يعني اي انسان پنهنجي من ۾ سچي محبت جو مچ ٻاري اچي پرينءَ جي پيش پئه ته تنهنجو وڻج واپار سجايو ٿئي.


    محترم سامعين: ذڪر ڪريون ٿا، لطيف سائينءَ جي رسالي جي سرن جو.
    ● سر ڪلياڻ: ڪلياڻ سنسڪرت لفظ آهي ۽ معنيٰ اٿس سک، شانتي، امن يا خير.
    ● سر يمن ڪلياڻ: يمن جي معنيٰ آهي من کي روڪڻ.
    ● سر کنڀات: سر کنڀات کي کماچ به چوندا آهن، کنڀات نالي هڪ شهر هندستان ۾ آهي.
    ● سر سريراڳ: هن سر کي سراڳ پڻ چيو ويندو آهي جنهن جي معنيٰ سٺو آهي.
    ● سر سامونڊي: هن سر تي اهو نالو ان جي مضمون ڪري پيو آهي، هن سر ۾ سمونڊ وسيلي وڻج واپار ڪندڙ سامونڊين جو ذڪر بيان ڪيل آهي.
    ● سر سهڻي: هن جو اصل نالو سر توڏي آهي، هڪ هندستاني راڳڻي آهي، هن سر ۾ سهڻيءَ جي سونهن، صداقت جو بيان ڪيل آهي.
    ● سر سسئي آبري: هيءَ سسئيءَ جي ڏکن ڏاکڙن جو سر آهي، معنيٰ اٿس، ڪمزور، هيڻي، ضعيف.
    ● سر معذوري: هي عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي هن سر ۾ به سسئي جو ذڪر آهي. مطلب اٿس بيحال.
    ● سرديسي: هي سر به سسئي جي داستان کي بيان ڪري ٿو. ديسي معنيٰ آهي ڏيهي،پنهنجي وطن وارا، پنهنجا ماڻهو.
    ● سر ڪوهياري: ڪوهه معنيٰ جبل. هن سر ۾ سسئيءَ جو جبلن ۾ هجڻ ۽ اتي جي پنڌ دوران آيل ڏکن ڏاکڙن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
    ● سر حسيني: حسيني هڪ نامياري فارسي ۽ عربي سر جو نالو آهي، هن ۾ ڪربلا جي شهيدن جا مرثيا ڳايا ويندا آهن.
    ● سر ليلا چنيسر: هن نالي سان سنڌ ۾ هڪ لوڪ داستان مشهور آهي ۽ هن ۾ زال جي بيوفائيءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
    ● سر مومل راڻو: هي پڻ سنڌ جو هڪ انمول لوڪ داستان آهي جنهن ۾ عورت جي محبت ۽ اٽڪل بازين ۽ جادوگريءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
    ● سر مارئي: هن سر ۾ مارئيءَ جي پنهنجي مارن، پکن، پنهوارن ۽ وطن سان حب جو ذڪر کولي بيان ڪيو ويو آهي.
    ● سر ڪاموڏ: هن کي سنپورڻ راڳڻي چوندا آهن، ڪاموڏ سنسڪرت لفظ ڪامودا جي بگڙيل صورت آهي، مطلب اٿس ڪام وهيڻي.
    ● سر گهاتو: گهاتو لفظ جي معنيٰ آهي ماري يا شڪاري. هن سر ۾ مڇي مارڻ وارن جو ذڪر شاهه سائينءَ ڪيو آهي.
    ● سر سورٺ: سورٺ سو راشٽر جي بدليل صورت آهي، هي پڻ مشهور لوڪ داستان آهي جنهن ۾ هڪ سخي سردار ساز تي پنهنجو سر ڏيئي ٿو.
    ● سر ڪيڏارو: ڪيڏارو معنيٰ جنگ جو ميدان، سنسڪرت لفظ ڪيدار جي بگڙيل صورت آهي.
    ● سر سارنگ: هن ۾ برسات جي نه وسڻ جي حالتن ۽ وسڻ بعد جي صورتحال جو ذڪر ڪيو ويو آهي، هن سر جي معنيٰ مينهن، برسات ۽ جهڙ آهي.
    ● سر آسا: هڪ راجڪماريءَ جو نالو آهي، جيڪو نالو پوءِ سر جو نالو بڻجي ويو.
    ● سر رپ: رپ لفظ جي معنيٰ ڳري آفت آهي، من ۾ جدائيءَ ۽ غم جو ذڪر هن سر ۾ ڪيل آهي.
    ● سر کاهوڙي: کاهوڙي لفظ جي معنيٰ آهي جاکوڙ ڪندڙ، جبل ۾ ڏٿ ڏوريندڙ. هن سر ۾ شاهه لاطيف جدوجهد ڪندڙن جو ذڪر ڪيو آهي.
    ● سر بروو سنڌي: بروو هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي، جنهن کي لاکيڻي لطيف نج سنڌي رنگ ڏنو آهي.
    ● سر رامڪلي: هن سر ۾ جوڳ ۽ ويراڳ جا خيال سمايل آهن.
    ● سر ڪاپائتي: ڪاپائتي لفظ جي معنيٰ آهي ڪتڻ واري يا ڪاتار. هن سر ۾ سٽُ ڪتڻ وارن جو بيان آهي.
    ● سر پورب: شاهه لطيف هن سر ۾ پورب، پرينءَ جي ديس کي سڏي ٿو.
    ● سر ڪارايل: هن لفظ جي معنيٰ مور يا هنج آهي ۽ انهن پکين جي خوبين کي هن سر ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
    ● سر پرڀاتي: هيءَ راڳڻي جو نالو آهي جا سر ويل ڳائبي آهي.
    ● سر ڏهر: هن جي معنيٰ آهي ٻن ڀٽن جي وچ واري ماٿري يا ميدان.
    ● سر بلاول: هي سر ڏک لاهيندڙ ۽ رب پاڪ جي ساراهه لاءِ موزون آهي.

    جــــي ڀائين پرينءَ مِڙان، ته سِکَ چوران ڪي ڌات،
    جـــــاڳڻ جشــــــن جِـــــــــــن کي، سُکُ نه ســــاري رات،
    اَجهـــــــــي ٻُجهـــــي آئــــيا، وائـــــــي ڪـــــــن نــــه وات،
    سلــــــي ســــــوريءَ چـــــــاڙهيا، بيـــــان ڪـــــن نه بات،
    تـــــوڻي ڪُسن ڪات، ته به ساڳي سَلنِ ڪين ڪي.
    (يمن ڪلياڻ/ 02)
    شاهه لطيف هن بيت ذريعي اسان کي سمجهائي ٿو ته جي چاهين ٿو ته پنهنجي پرينءَ سان ملان ته چورن جي روش سک، هنن لاءِ ساري رات جاڳڻ جشن آهي ۽ ذرو به هو آرام نٿا ڪن، هو ڄاڻي ٻجهي ٻاهر نڪريو پون ۽ زبان سان حرف به نٿا ڪُڇن، هو هڪٻئي سان سلهاڙجي وڃي سوريءَ تي چڙهن پر وات مان ٻڙڪ به ٻاهر نٿا ڪڍن، هو ڪات سان ڪُسيو وڃن تڏهن به سچي ڳالهه نٿا سلين، يعني محبوب سان ملڻ لاءِ سک ڦٽائڻو آهي آرام ناهي ڪرڻو، دل ۾ ڪنهن به قسم جو خوف ناهي رکڻو، ڪو به راز دل مان ناهي ڪڍڻو، کڻي ڪيڏي به تڪليف اچي پر هڪ ٻاڦ به ٻاهر ناهي ڪڍڻي.

    جَکـــــِري جِهـــــــو جُـــــــوانُ، ڏِســـــــــان ڪـــــــونَ ڏيــــھَ ۾؛
    مُـــــــهَڙُ مِڙَنــــــــي مُرۡسَلِيـــــــن، سَـــــــرسُ سَندسِ شــــــــانُ؛
    ”فَڪَانَ قَابَ قَوۡسَيۡنِ اَوۡ اَدۡنَىٰ“، اِيُ مُيسَرُ ٿِـيُسِ مَـڪانُ؛
    اِيُ آگـــــــي جو اِحۡسانُ، جَنهِـــــــــن هــــــــــادِي مـــــــيڙِيُمِ هَهِڙو.
    (سر بلاول 6 )
    جکري جھڙو جوان ساري جھان ۾ ڪونه ٿو پسان. هو سڀني روحاني رهبرن (پيغمبرن) جو مهندار آهي ۽ سندس شان مڙين کان مٿي آهي. ”حضرت جن (نبي سڳورو) ٻن ڪمانن جيترو (خدائي تخت جي) ويجھو آيا، بلڪ اُنهيءَ کان به ويجھو“ اهو رتبو حاصل ٿيس (قرآن شريف)“. اها ڌڻيءَ جي مهر آهي، جنهن مون کي ههڙو روحاني رهبر ملايو. (هتي اشارو پيغمبر صاحب ۽ معراج ڏانهن آهي)

    کَـپُرَ! گـــــاروڙِيُنِ ســــــــــين، وڏو وِڌُءِ ويرُ؛
    نانگَ! نه ويندين نِڪِرِي، تو ڏَرِ مَٿي پيرُ؛
    هِـــيُّ تنِين جو ڊيرُ، جن جُهوناڳَڙُھ جَلائِيو.
    (سر ڪارايل/ 7)
    اي ڪاري! تون منڊ منڊيندڙ جوڳين سان دشمي رکي آهي. اي نانگ! تون وٽائن پاڻ بچائي واپس نه ويندين. تو وڏي خطري مٿان پنهنجو پير رکيو آهي. هي اُنهن جو ديرو آهي (اُنهن جوڳين جو آستان آهي) جن ساري جھوناڳڙھ جي جھنگ کي يوگ ٻل سان جلائي خاڪ ڪري ڇڏيو.


    معلومات جي جهان ۾ جهاتي

    معلومات جي جهان ۾ جهاتي ڪ

    سائين منهنجا: اها ته اوهان کي خبر ضرور هوندي ته انساني دل هڪ ڏينهن ۾ هڪ لک اٺ هزار دفعا ڌڙڪندي آهي

    ● انسان هڪ سال ۾ ستاويهه مڻ پاڻي پيئندو آهي.
    ●يونان ملڪ ۾ هڪ اهرو علائقو آهي،جتان جا مانهو هر وقت “ڪارو لباس” پائيندا آهن، ڇو ته سن 1832ع ۾ ترڪن پاران شڪست کائڻ بعد اهي اڄ تائين ڪارو لباس پائي، پنهنجي شڪست جو سوڳ ملهائيندا آهن.
    ●فيبروري،مارچ ۽ نومبر جا مهينا ساڳي ڏينهن کان شروع ٿيندا آهن
    ●ڪو به جسم جيترو بلنديءَ تي ويندو،اوترو ان جو وزن گهٽبو ويندو
    ● ڪائنات ۾ هر شيءَ گرميءَ ۾ واڌ کائيندي آهي ۽ سرديءَ ۾ سوس،پر پاڻي گرميءِ ۾ گهٽبو ۽ سرديءَ ۾ واڌ کائيندو آهي
    ●برسات وقت کنوڻ اڳ ٿيندي آهي ۽ آواز پوءِ ٿيندو آهي،ڇو ته روشنيءَ جي رفتار آواز کان تيز آهي ۽ منهنجا سائين چمڙي کي ڏسڻ لاءِ اکيون ناهن هونديون.
    محترم سامعين: انسائيڪلو پيڊيا آف برٽينيڪا سن 1868ع کان سن 1901ع تائين تيار ٿي،سمورا حق ۽ واسطا آمريڪي حڪومت وٽ محفوظ آهن ۽ اها 24 جُلدن تي مشتمل آهي.
    ● شمس العلماءُ جو لقب ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي کان سواءِ مولانا محمد حسين آزاد ۽ مرزا قليچ بيگ کي پڻ مليو.
    ● هندن جو مقدس ڪتاب “رامائڻ” جنهن لکيو ان جو نالو “بالميڪ” هيو ۽ هو ڪتاب لکڻ کان اڳ وڏو ڌاڙيل هو.
    ● جڳ مشهور شاعر فيض احمد فيض ٻي مها ڀاري جنگ ۾ فوج ۾ شامل هو ۽ پوءِ ڪراچيءَ جي هڪ ڪاليج جو پرنسپل بڻيو.
    ● سنڌ جو مشهور شاعر قادر بخش بيدل سن 1814ع ۾ روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو،سنڌي،عربي،اردو ۽ هنديءَ ۾ شاعري ڪيائين.
    ● مسلمان ڪيميا دان ابوبڪر بن ذڪريا الرازي ڪيميا جي عنوان تي ڪل 21 ڪتاب لکيا ۽ مسلمان شائنسدان موسيٰ جابر بن حيان 300 ڪتاب ڪکيا.
    ● سنڌيءَ ۾ پهريون مڪمل سفر نامو حاجي حسين بخش“مرتضائي” باريجي سن 1931ع ۾ “ڪراچيءَ کان ڪربلا تائين” نالي لکيو ۽ مشهوي مفڪر،طبيب ۽ مصنف ابنِ سينا جي مزار همدان ۾ آهي.

    محترم سامعين: سنڌي ادب جو پهريون شاعر قاضي قاضن آهي
    ● چچ نامو اهو ڪتاب آهي جنهن ۾ ڪيترن ئي سياحن جو ذڪر آيل آهي
    ●مولانا محمد علي جوهر جيڪا اخبار ڪڍندو هيو ان جو نالو“ڪامريڊ” هيو
    ● مرد جي دماغ جو وزن 15.21 آئونس ۽ عورت جي دماغ جو وزن 14.52 آئونس آهي
    ●انساني جسم ۾ پاڻيءَ جو مقدار هڪ سؤ پائونڊ ۽ وزن ڏيڍ سؤ پائونڊ آهي
    ●سڪندرِ اعظم مصر 332 قبلِ مسيح ۾ فتح ڪئي
    ●پکين جا ڪل اٺ هزار ڇهه سؤ قسم آهن
    ●سن 59ع ۾ فرانس جو مشهور شهر “ليونز” باهه لڳڻ ڪري تباهه ٿي ويو
    ●دنيا جي پهرين جمهوري حڪومت حضرت عيسيٰء جي پيدائ کان اٽڪل ڇهه سؤ ورهيه اڳ “اٿينز” ۾ قائم ٿي
    ● همايون بادشاهه جو موت ڏاڪڻين تان ڪرڻ ڪري ٿيو.

    محترم سامعين: سوره بقره جي فقط هڪ آيت حجته الوداع جي موقعي تي مڪي پاڪ ۾ نازل ٿي ۽ باقي پوري سوره مديني منوره ۾ نازل ٿي
    ●هجري سن 16 جولاءِ 622ع کان شروع ٿئي ٿو
    ● 30 سيپٽمبر 786ع اها مشهور تاريخ آهي،جنهن تي هڪ عباسي خليفو مامون پيدا ٿيو،هڪ عباسي خليفو هادي فوت ٿيو ۽ هڪ عباسي خليفو هارون تخت تي ويٺو
    ●قرباني ۽ جهاد جوحڪم سن 2 هجريءَ ۾ ٿيو
    ● خانه ڪعبه جي هڪ دروازي جو نالو“ بابِ النبي” آهي
    ● امام حنيفه نعمان بن ثابت﷦ ‎رضه ولادت 80 هه ۾ ٿي ۽ وفات 150هه ڪوفي ۾ ٿي
    ●امام مالڪ بن انس رضه جي ولادت 93هه ۽ وفات 179ع مديني منوره ۾ ٿي
    ● امام محمد بن ادريس رضه ولادت 150هه غزه ۽ وفات 204هه مصر ۾ ٿي
    ●امام احمد بن حبل رضه ولادت 164هه ۽ وفات 241هه بغداد ۾ ٿي
    ● خليفي هارون الرشيد ۽ سندس گهر واري زبيده مڪي ۾ پاڻي آڻڻ لاءِ هڪ واهه “ زبيده واهه” کوٽايو● مسجد نبوي جي زمين حضرت ابوبڪر رضه خريد ڪئي ۽ صلحِ حديبه جو متن حضرت عليء تحرير ڪيو.

    سائين منهنجا: ويانا شهر کي رات جي نغمن جو سر زمين سڏيو وڃي ٿو
    ● تبت ملڪ کي ”دنيا جي ڇت” سڏيو ويندو آهي ۽ اڀرندڙ سج جي زمين جاپان کي سڏيو ويندو آهي
    ● ٻيٽن جو ديس اندونيشيا،نوابن جو شهر حيدرآباد دکن ۽ ڪيڪن جو ملڪ اسڪاٽ لينڊ آهي
    ● هوائن جو شهر شڪاسو،ڀارت جو روم دهلي،بحرِهند جو موتي سريلنڪا،لونگن جو شهر زنجبار،ريگستان جو چمن حبشا،گرجا گهرن جو شهر برسٽل،مندرن ۽ پادرين جو شهر مدراس ۽ يورپ جو ڪشمير سوئٽزرلينڊ کي چيو وڄي ٿو،شاعرن جو شهر فلورنس روم، گنبذن جو شهر استنبول،ڳاڙهين عمارتن جو شهر ڪوريا ۽ گلابن جو شهر شيراز آهي
    ● ڪولمبيا کي مانگر مڇن جي گاديءَ جو هنڌ،ترڪيءَ کي يورپ جو بيمار مرد ۽ سڊنيءَ کي ڏکڻ جي راڻي سان ياد ڪيو ويندو آهي
    ●نيو يارڪ جو پراڻوپ نالو نيو ايمسٽرڊم،آگره جو پرانو نالو جيپور،استنبول جو پراڻو نالو قسطنطنيه آهي
    ●دنيا جو سڀ کان بلند شهر“آڪن ڪوئليڪا” چلي،سڀ کان هيٺ برازيل ۽ دنيا جو گرم هنڌ “عزيزه ” لبيا آهي.
    محترم سامعين: سج زمين کان نوَ ڪروڙ ٽيهه لک ميل پري آهي
    ● چنڊ جي وچ ۾ نوَڪروڙ ستاويهه لک ٻاهتر هزار ميل جو مفاصلو آهي
    ●سج جي چوڌاري زمين پنهنجو هڪ چڪر ٽي سؤپنجهٺ ڏينهن پنج ڪلاڪ اٺيتاليهن منٽن ۽ ڇائيتاليهن سيڪنڊن ۾ پورو ڪندي آهي
    ● سج جي چوڌاري گردش ڪندي زمين سج جي ويجهو جولاءِ مهيني ۾ ۽ سج کان پري ڊسمبر مهيني ۾ ٿي ويندي آهي
    ● سج جي ڪشش زمين جي ڀيٽ ۾ اٺاويهه ڀيرا وڌيڪ آهي
    ● سج ٻين گئسن جي ڀيٽ جو مقدارگهڻو آهي
    ● سج جا شعلا هڪ سؤ پنجٽيهه هزار ميل بلند آهن
    ● پنجاهه سير وزن سج تي هڪ هزار چار سؤ سير ٿي ويندو
    ● سج گرمي جو هڪ ڀاڱي ويهه ڪروڙهون حصو زمين تي پهچي ٿو
    ● سج جي طرف زمين هڪ سيڪنڊ ۾ ڇويهه هزار ڇهه سؤ ميل سفر ڪري ٿي
    ● سج کير ڌار جي چوڌاري پنجويهه ڪروڙ وهين ۾ پنهنجو چڪر پورو ڪري ٿو
    ● سج زمين کان ٽي سؤدفعا وڏو آهي ۽ سج گرميءَ جو درجو ٻه ڪروڙ نوي لک فارن هائيٽ آهي

    محترم سامعين: هن دنيا ۾ جيتري به ڄاڻ حاصل ڪجي، اها اوتري ئي گهٽ آهي. ڄاڻ جو خزانو تمام گهڻو وڏو آهي، جنهن مان جيڪڏهن چند موتي به هٿ اچي وڃن تڏهن به ماڻهوءَ جو ذهن اتم بڻجي وڃي ٿو. هن دنيا ۾ جنهن جي جيتري جهولي هوندي ان کي ڄاڻ خزاني مان اوترا ئي موتي ملندا.
    ● مشهور سائنسدان الفريڊ نوبل 21 آڪتوبر 1833ع ۾ پيدا ٿيو
    ● سڪندرِاعظم جي ماءُ جو نالو اولمبايس ۽ پيءُ جو نالوفيليقوس هو
    ● اڪبر بادشاهه جي نون رتنن ۾ جيڪي شامل هئا تن ۾ بيربل، ابوالفضل فيضي، توڏر مل، بيرم خان، ملان دوپيازو، حڪيم همام سنگهه ۽ ابوالفتح شيرازي شامل هئا ● ٻي اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ افغانستان جو نمائندو عبدالرحمان، ماريطانيا جو مختيار الداد، مصر جو انورالسادات شامل هئا
    ● سلطان صلاح الدين ايوبيءَ جو تعلق ڪرد قبيلي سان هو
    ● تارپين جو تيل “ چيل ” جي وڻ مان حاصل ڪيو ويندو آهي
    ● برِصغير جي پهرين مسجد ڀنڀور سنڌ ۾ جوڙائي ويئي ۽ سڀ کان پهريان لوهه جي ٽڪلي ڀوٽان ملڪ جاري ڪئي.
    سائين منهنجا: هڪ نظر ڪيون ٿا معلومات جي جهان ڏانهن، جتي اسان کي هيءَ ڄاڻ ملي ٿي ته “منصر قلس” ۽ “حيدره” سنڌ جي منصوره واري علائقي جي بادشاهه جي جنگي هاٿين جا نالا هيا
    ● ننگر پارڪر جو علائقو“ سورا چند ” ان ڪري مشهور آهي جو اتان اڇي، پيلي ۽ ڳاڙهي رنگ جو لوڻ ملي ٿو.
    ● سنڌيءَ ۾ پهريون قصيدو مولانا ابوالحسن ٺٽوي لکيو.
    محترم سامعين اوهان کي خبر آهي ته سيوهڻ پرڳڻي ۾ “انون ٻيلو” هوندو هيو، جنهن ۾ سرمي۽ ٽامي جون کاڻيون هونديون هيون.
    ● انگريز حڪمران جنرل نيپئر سنڌ کي ٽن ضلعن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ ورهايو.
    ● شاهه سائينءَ جي رسالي جو سر رامڪلي سر سنگيت جي “ڀيرون ٺاٺ” ۾ آهي.
    ● گوڙي جو مندر ننگر پارڪر شهر کان اٽڪل پنجيتاليهه ڪلوميٽر پري آهي.
    ● گوڙي جي مندر ڀرسان “پولن جو آستان” نالي پڪين سرن جو ٺهيل برج آهي.
    ● ٿر جو مشهور “فتح ڪوٽ” ٽالپرن سن 1858ع ۾ ٺهرايو.
    ● سنڌو درياءَ جي انڌي ٻلهڻ جو وجود 14 لک سال پراڻو آهي.
    ● سوانح عمري تي سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب نرمل داس گربخشاڻيءَ لکيو.● موئن جي دڙي ۾ ايڪيتاليهه هزار ٻه سؤ پنجاهه گهر هيا.●

    سائين منهنجا: ڪجهه ذڪر ڪريون ٿا سونهاريءَ سنڌ جو. سنڌي ٻولي دنيا جي قديم ترين ٻولين مان هڪ آهي.
    ● يورپي عالمن سڄي دنيا جو پهريون نمبر ۽ عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي تسليم ڪيو آهي.
    ● شاهه سائينءَ جي برٽش ميوزم لنڊن ۾ رکيل قلمي نسخي ۾ 28 سُرُ “سر بسنت” ڄاڻايل آهي.
    ● ڀٽ شاهه تي رکيل شاهه جي رسالي جو پهريون بيت “ وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪُٺل ڪوڪاري” آيل آهي
    ● شاهه سائين جي 203 عرس تي خاص مهمان محمد ايوب کهڙو هيو
    ● قران شريف جو پهريون ترجمو سن 280هه ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيو.
    ● امام الحرمين جو منصب سنڌي عالمن کان شروع ٿيو.
    ● ڪڻڪ سڀ کان اول سنڌ ۾ اپائي ويئي.
    ● سڀ کان جهونو ڪتاب “ رگ ويد ” سنڌ ۾ لکيو ويو، تنهن زماني ۾ سنڌ اڄ کان تمام گهڻي وڏي هئي، جنهن کي “سپت سنڌو” چيو وڃيٿو.● دنيا جي قديم ترين تهذيب سنڌو ماٿر جي آهي
    ● راءِ سهيرس جي وقت ۾ سنڌ تي چار گورنر مقرر هئا.
    ● ملا احمد ٺٽويءَ کي اڪبر بادشاهه پنهنجي دور ۾ هڪ هزار ورهين تائين تاريخ لکڻ لاءِ مقرر ڪيو هو.
    ● نارنگي اهو ميوو آهي جيڪو سنڌ مان يورپ ۾ پکڙيو.
    ● پنجاب جو هڪ سِکُ مسلمان ٿي سنڌ ۾ آيو، سنڌ جي ڌرتيءَ جي پيار هن کي ايڏو ته متاثر ڪيو، جو هن سموري حياتي “سنڌي” چوائڻ پسند ڪيو، اهو ايشيا جو عظيم اڳواڻ امامِ انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي هو، جنهن چيو ته سنڌ هندستان جي استاد آهي.
    سائين منهنجا: دنيا جهان جي ڄاڻ مان هي به ڄاڻ آهي ته دنيا جي پهرين ڊاڪٽر عورت جو نالو ايزبيٿ بليڪ ويل هيو.
    ● دنيا جي مشهورسخي حاتم جو تعلق طائي قبيلي سان هيو.
    ● آمريڪا ۾ پهرين گشتي لائبريري بنجمن فرينڪلن قائم ڪئي.
    ● جرمنيءَ جو حڪمران هٽلر تقرير ڪندي پنهنجي هٿ ۾ جهليل عينڪ ڀڃي ڇڏيندو هو، جنهن ڪري سندس سيڪريٽري عينڪن جو سيٽ ساڻ کڻي هلندو هيو. ● مشهور مسلمان سياح ابنِ بطوطه 28 ورهين جي عمر ۾ 75 هزار ميل سفر ڪيو.
    ● بلب جي ايجاد ڪندڙ ايڊيسن جي موت جو سوڳ ۾ سموري آمريڪا جي بجلي هڪ منٽ لاءِ بند ڪئي ويئي.
    ● چنڊ جو پهريون نقشو ٿامس هيرٽ تيار ڪيو.
    ● دنيا جي پهرين پريس ڪانفرنس آمريڪي صدر وليم ميڪلي گهرائي ۽ دنيا ۾ سڀ کان گهاٽا جهنگ يا ٻيلا انڊونيشيا ۾ آهن.

    سائين منهنجا: معلومات لاءِ ڏاها چئي ويا آهن ته ان کي جيترو ٻين ماڻهن ۾ ورهائبو اوترو ئي معلومات جي خزاني ۾ اضافو ٿيندو ويندو. خزاني جي دري کوليون ٿا جتي اسان کي ڄاڻ ملي ٿي ته سن 978 هجري ۾ سلطان محمود بکر واري قلعي تي ٻيهر ڪاهه ڪئي.* سر غلام حسين هدايت الله کانپوءِسنڌ جي وڏ وزات لاءِ خان بهادر الله بخش سومري کي دعوت ڏني.* شاهه لطيف جي سر مارئيءَ ۾ سنڌ جي ثقافت جي تصوير چٽيل آهي.* سنڌ ۾ هن وقت تائين 337 تاريخي ماڳ موجود آهن.* سنڌ صوبي جي سال 2000/2001ع واري بجٽ 29 جون 2001ع تي پيش ڪئي ويئي.* شاهه سائينءَ جي ڇهه سؤ بيتن جو انگريزيءَ ۾ محترما ايلسا قاضيءَ ڪيو.*پ پاڪستان جو قومي ترانو سن 1954ع ۾ منظور ڪيو ويو.* پکيڙ جي لحاظ کان خيبر پختون خواهه ( ڪي پي ڪي ) پاڪستان جو ننڍي ۾ ننڍو صوبو آهي.* پاڪستان جو قومي گل ياسمين آهي.

    سائين منهنجا: هڪ نظر هن جهان جي جهروڪن ۾. چون ٿا ته سقراط جي ڪيترن ئي شاگردن مان ٻه شاگرد تمام گهڻا مشهور ٿيا، تن ۾ هڪ جو نالو افلاطون ۽ ٻئي جو نالو زينوفون هيو.* مشهور ڪيميا دان ۽ انجنيئر الفريڊ نوبل سن 1822ع ۾ اسٽاڪ هوم ۾ پيدا ٿيو.* ڪامريڊ مائو زيتنگ، چيانگ ڪائي شيڪ کي شڪست ڏيئي، چين ۾ پنهنجي “قومي عوامي جهموري” حڪومت قائم ڪئي.* ٽيليفون ايجاد ڪندڙ گراهم بيل جو تعلق اصل ۾ ڊاڪٽر پيشي سان هو ۽ سڀ کان اول جن ٻن ماڻهن ٽيليفون وسيلي گفتگو ڪئي اهي گراهم بيل ۽ واٽسن هئا.* ترڪيءَ جي صبيحه بيگم کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هوءَ دنيا جي پهرين پائلٽ عورت بڻي.* ناروي جي رولڊ ايمنڊس کي اهيو اعزاز حاصل آهي ته هن ڏکڻ قطب کي ڳولي ورتو.* مشهور مسلمان سياح ابنِ بطوطا طنجا ۾ پيدا ٿيو، هن اٺاويهن ورهين ۾ پنجهتر هزار ميل سفر ڪيو.* مسلمان سائنسدان ابوالقاسم بن فوناس اندلسي دنيا جو پهريون سائنسدان هيو، جنهن پهريون ڀيرو هوائي جهاز جو تجربو ڪيو.* بحرِ ايٽلانٽڪ تي پهرين اڪيلي سِرِ پرواز ڪندڙ شخصيت کي چارلس جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو آمريڪي هيو.
    سنڌ پاڪستان جي چئن صوبن مان هڪ صوبو آهي، جيڪو ملڪ جي ڏاکڻي اوڀر طرف واقعي آهي. سنڌ، سنڌي قوم جو تاريخي وطن آهي، جنهن کي عام طور واديءَ مهراڻ پڻ چيو ويندو آهي. ايراض جي لحاظ کان سنڌ ٽيون نمبر وڏو صوبو، ۽ پنجاب کان پوءِ آبادي جي لحاظ کان ٻيون نمبر وڏو صوبو آهي. اولهه طرف سنڌ جا حدون بلوچستان، اتر طرف پنجاب، اوڀر طرف هندوستان جي راجستان ۽ گجرات سان لڳن ٿيون. سنڌ جي ڏکڻ ۾عربي سمنڊ واقعي آهي. سنڌ جي سر زمين گهڻو ڪري سنڌو درياھ جي وهڪري سبب آباد آهي، جڏهن ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٿر رڻپٽ واقع آهي جيڪو انڊيا جي رياست گجرات ۽ رڻ ڪڇ ريگستان سان ملي وڃي ٿو. سنڌ جي اولھ ۾ کيرٿر جبل واقع آهي. سنڌ جي آبهوا اونهاري جو سخت گرم ۽ سياري جو سخت ٿڌي رهندي آهي. سنڌ صوبي جي گادي جو هنڌ ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز آهي.
    ڪراچي پاڪستان جو ٻيو سڀ کان وڏو صنعتي شهر آهي جيڪو صوبي جي گادي جو هنڌ پڻ آهي جتي لاتعداد ملڪي ۽ بين الاقوامي بينڪن جو سسٽم موجود آهي، پاڪستان جا ٻه اهم بندرگاھ پورٽ قاسم ۽ ڪراچي بندرگاھ پڻ سنڌ ۾ آهن. باقي سنڌ زراعت واري صنعت تي مشتمل آهي، جيڪي لاتعداد ميوا، ڀاڄيون، ۽ فصل پيدا ڪري ٿي جيڪي سموري ملڪ استعمال ڪيا وڃن ٿا. سنڌ صوبو پاڪستان جي دوا ساز صنعت جو پڻ مرڪز آهي. سنڌ پنهنجي مختلف ثقافت جي ڪري مشهور آهي، جنهن تي گهڻو تڻو اثر صوفي ازم جو آهي، ڪيتريون ئي اهم صوفي مزارون سڄي سنڌ ۾ موجود آهن جيڪي لاتعداد عقيدتمند کي پنهنجي طرف ڇڪن ٿيون. سنڌ پاڪستان جو اڪيلو صوبو آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ هندو رهن ٿا ان کان علاوه ڪراچي به پاڪستان جو واحد شهر آهي جتي جدا جدا قومون آباد آهن جن ۾ مهاجر (جيڪي 1947ع ۾ انڊيا مان هجرت ڪري آيا هئا( برمي، ملباري، بنگالي، وغيره جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ ڪيترائي ڀيرا نسلي جهيڙا پڻ ٿيا آهن. سنڌ ۾ يونيسڪو(UNESCO) طرفان ٻه مقام عالمي ورثو قرار ڏئي پنهنجي نگرانيءَ ۾ آندا ويا آهن جنهن ۾ هڪ مڪلي جون ٽڪريون (ٺٽو) ۽ ٻيو موهن جو دڙو(لاڙڪاڻو) شامل آهن.


    ڏاهپ ڀريا ڏاهن جا ڏَسَ

    ڏاهپ ڀريا ڏاهن جا ڏَسَ ڪ

    جنهن ماڻهو وٽ حوصلي جو ڪمي نه آهي، ان لاءِ ڪابه منزل ڏکي ۽ ڏور نٿي ٿي سگهي. ( هونري گاريڊ)
    بلنديون هميشه انهن کي ملنديون آهن، جيڪي انهن سان پيار ڪرڻ سان گڏ و گڏ انهن ڏانهن سفر به ڪندا آهن. (گارليس ڊي)
    آئون طوفانن کان نٿو ڊڄان ۽ نه ئي مون کي کانئن شڪايت آهي، ڇوته انهن ئي مون کي اهو سيکاريو آهي ته ٻيڙا ڪيئن هلائبا آهن.
    (لئيسامي ايلڪوٽ)
    تڪليفن کان نه گهٻرايو ، ڇو ته تڪليفون انسان کي سوچڻ تي مجبور ڪنيديون آهن، سوچڻ سان ماڻهو ڏاهو ٿيندو آهي ۽ ڏاهپ ماڻهو کي جيئڻ جي جي لائق بڻائيندي آهي. ( رسول بخش پليجو)
    اچو ته شعور جي ٻيڙي ۾ سوار ٿي هن سمنڊ جهڙي ان سنسار جي سير لاءِ نڪرون، جتي سمجهه نالي ڪو ٻيٽ آهي، جتي اعليٰ ظرف ۽ دائمي خوشيءَ جا گل ٽڙن ٿا. ( ٽينو)
    دل گهرئي دوست جي آمد ڊگهي بارش کانپوءِ سج جي خوبصورت تڙڪي جيان هجي ٿي. ( شيڪسپيئر)
    هڪ انسان کي کليل دماغ ضرور هئڻ گهرجي، پر خالي دماغ نه ( چارلس بڪسٽن)
    ڪنهن ڪم دوران هر صورت ۾ ان جي بهتر نتيجي جي اڳڪٿي ڪرڻ بدران اهو چوڻ گهرجي ته هر ممڪن حد تائين ڪوشش ڪبي (انيتا هل)
    جيڪڏهن توهان پنهنجي اڄ کي سنڀالي نٿا سگهوته سڀاڻ توهان جو ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي. ان لاءِ پنهنجو اڄ ماڻيو ۽ فتح حاصل ڪريو.
    (ري مدر)
    ماڻهو توهان کي پنهنجو دوست محسوس ڪن ، توهان تي اعتبار ڪن ۽ توهان جي پرپٺ توهان جي حق ۾ ڳالهائين ، ان کان وڏي ٻِي ڪابه فتح نٿي ٿي سگهي ( جان جي گرڪ)
    ماڻهن جي خيال کي انهن جي عملن مان پرکي سگهو ٿا.
    (جان لاڪ)
    عمل کانسواءِ سکڻين خواهشن حوالي ٿي ويل زندگي جو ذائقو کٽي صوف جهڙو هوندو آهي. (ٽام هاپڪنس)
    پنهنجو نظرون جهڪائي نه هلو ، سدائين ڪنڌ کڻي هلو ته جيئن سامهون ايندڙ زندگي جو چهرو صاف ڏسي سگهو.(هيلن ڪيلر)
    ننڍا منصوبا نه ٺاهيو ، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڪابه ڪشش نه هوندي آهي ۽ نه ئي اهي ماڻهو جو رت گرمائيندا آهن، وڏاخواب ڏسو،وڏا منصوبا ٺاهيو ۽ پوءِ انهن لاءِ مسلسل محنت ڪيو. (ڊينئيل ايڇ)
    اميد جي آجيان ڪجي ، خوف سان مقابلو ڪجي ۽ بدتري جو انديشو رکي ان سان مقابلي لاءِ تياري ڪجي، زندگي سان محبت ڪجي. ( رسول بخش پليجو)
    ٿورائي جي صورت ۾ اسان ڏانهن دشمن ويجهو اچي ٿوته اسين ٽڙي پکڙي وڃون ٿا، دشمن ساهي کائي ٿو ته اسان ان جي ڪمزور حصي تي حملو ڪيون ٿا ۽ آهستي آهستي دشمن جو خاتمو ڪريون ٿا.( مائوزيتنگ)
    انسان کي انسان ڌوڪو ناهي ڏيندو آهي۔ انسان کي ان جون اُهي ئي اميدون دوکو ڏينديون آهن، جيڪي هو الله پاڪ کان سواء ٻين سان وابسته ڪري ڇڏيندو آهي۔
    هر مسئلي جو حل آهي پنهنجي پيشاني کي زمين جي طرف جهڪائڻ۔ ماڻهو جيڪي الله پاڪ جي عطمت ۾ گوڏن ۽ پيشانين سان جهڪن ٿا۔ هر مشڪل جي سامهون آرام سان بيهي سگهن ٿا۔
    انسان صرف ان وقت پريشان ٿيندو آهي جڏهن هو وقت کان اڳ ۽ نصيب کان وڌيڪ گهرندو آهي۔
    جڏهن ماڻهون ڪنهن سان محبت ڪندا آهن ته ان جون برائيون وساري ڇڏيندا آهن ۽ جڏهن نفرت ڪندا آهن ته هن جون سٺايون ۽ خوبيون وساري ڇڏيندا آهن۔
    زندگي ۾ سڀ کان وڏي تڪليف ڏيڻ واري ڳالهه اها آهي ته ڪنهن جي اکين ۾ توهانجي ڪري ڳوڙها اچن ۽ سڀ کان پياري ڳالهه اها آهي ته ڪنهن جي اکين ۾ توهانجي لاءِ ڳوڙها اچن
    سڀ پيارا ويجهو نه هوندا آهن ۽ سڀ ويجها پيارا نه هوندا آهن۔اهو آسان آهي ته ويجهن کي ياد رکجي پر تمام مشڪل آهي ته پيارن کي وسارجي۔
    ڪڏهن به پنهنجي اصليت کي ٻين جي خاطر نه بدلايو، ڇاڪاڻ ته ڪير به توهان جو ڪردار توهان کان بهتر انداز ۾ ادا نه ٿو ڪري سگهي، توهان بهتر آهيو جڏهن توهان توهان آهيو۔
    ماڻهون ٽن ڳالهن جي ڪري توهانجي غيبت ڪندا آهن ِيا پٺيان ڳالهائيند آهن۔
    هڪ اهو جيڪو اوهانجي ليول / اوچائي کي پڄي نه سگهندا آهن.
    ٻيو اهو جنهن وٽ اهو سڀ ڪجهه نه هجي، جيڪو توهان وٽ موجود هجي.
    ٽيون اهو جيڪو اوهان جهڙي زندگي گذارڻ جو نقل ڪندو هجي ۽ گهڻي ڪوشش باوجود به ڪامياب ٿي نه سگهي. تنهنڪري اوهان اهو ڪم ڪريو، جيڪو مستقبل لاءِ بهتر هجي.
    مفاصلو ڪنهن به رشتي کي ختم ناهي ڪندو ۽ ويجهڙائي ڪنهن رشتي کي مضبوط ناهي ڪندي۔ جيڪڏهن احساس سچا ۽ ديانت وارا آهن ته رشتا هميشه مضبوط رهندا آهن پوءِ مفاصلو ڪيترو به کڻي ڇو نه هجي.
    مُرڪ دل جو دروازو جلدي کوليندي آهي، مرڪ مفت ۾ آهي ، ان کي جمع نه ڪندا ڪريو۔ دنيا کي روشن ڪيو پنهنجي مرڪ سان۔ هميشه مرڪندا ۽ مهڪندا رهو.


    عالمي ڏينهن

    جنوري

    01 ــ جنوري امن جو عالمي ڏينهن:
    پهرين جنوري جي دنيا ۾ امن واري ڏينهن جي طور تي ملهايو ويندو آهي. اصل ۾ هي ڏينهن هر سال رومن ڪيٿولڪ چرچ پاران هر سال امن کي قائم رکڻ، ان جي آگاهي ڏيڻ ، دنيا جي امن ۽ امان جي شعور کي وڌائڻ آهي. عيسائي مذهبي رهنما پوپ پال ڇهين 26 مارچ 1967ع تي هڪ حڪم نامي تحت پهرين جنوري 1968ع تي ۽ پوءِ هر سال ،هن ڏينهن کي امن وارو ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو. اهڙي طرح 1982 کان، حڪومتي سطح تي، يو اين او پاران 21 سيپٽمبر کي امن جو عالمي ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. ڪنهن به معاشري ۾ امن جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، پر اڄ انساني تمدن جي بقا ۽ بچاءَ لاء تمام ضروري آهي. هيءَ ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي ته دنيا ۾ گهڻا ئي ملڪ بدامني سبب متاثر ٿي رهيا آهي

    31 ــ جنوري: ڪوڙھ جي مرِيضن جو عالمي ڏينهن:
    هي ڏينهن ڪوڙھ جي مريضن سان پنهنجائپ ڏيکارڻ جي حوالي سان ملهايو ويندو آهي.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد،ماڻهن جو ڌيان هن موذي مرض ڏانهن ڇڪائڻ آهي ۽ ان سان گڏ وگڏ ماڻهن ۾ اهو احساس به جاڳائڻو آهي ته ڪوڙھ جي بيماري جي علاج واسطي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي ڪنهن حد تائين ضرورت آهي.ان ضرورت کي اهميت ڏيندي، سن 1952ع ۾ ڪوڙھ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي شروعات ڪئي ويئي.


    فيبروري

    4 ــ فيبروري: ڪينسر کان بچاءَ جو عالمي ڏينهن:
    پاڪستان۾سميت پوري دنيا ۾ ڪينسرکان بچاءَبابت آگاهي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، يونين فارانٽرنيشنل ڪينسر ڪنٽرول طرفان هرسال4 فيبروري تي هـِي ڏهاڙوملهائڻ جومقصد دنيامان ڪينسرجي خاتمي لاءِ آگاهي مهم هلائڻ آهي. صحت جي عالمي اداري خدشوظاهرڪيو آهي ته جيڪڏهن بنا دير قدم نه کنيا ويا ته 2030ع تائين دنيا۾ڪينسرجي مريضن جوانگ اڍائي ڪروڙکان وڌي سگهي ٿو. هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ به هي مرض تيزيءَ سان ڦهلجي رهيوآهي، هرسال ماڻهو ڪينسر ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته علاج جون بهتر۽ سستيون سهولتون نه هئڻ سبب هرسال هزارين ماڻهوفوت ٿي وڃن ٿا. رپورٽ موجب پاڪستان۾ وات جي ڪينسرسان گڏڇاتيءَ جي ڪينسرجو مرض به تيزيءَ سان ڦهلجي رهيوآهي. سال2013ع ۾ڪينسرجي مختلف مريضن ۾ مبتلا91 هزارماڻهوفوت ٿي ويا. مردن۾ وات جي ڪينسر۽ عورتن۾ وري ڇاتيءَ جي ڪينسرتيزي سان ڦهلجي رهي آھي.

    فيبروري جو ٻيون آچر:شادي جو عالمي ڏينهن:
    اسان جي ملڪ سان گڏ سموري دنيا جا ملڪ فيبروري جي ٻئين آچر کي محبت کي جذبي کي اڀارڻ وارن جذبن سان“شاديءَ جو عالمي ڏينهن”ڪري ملهايو وڃي ٿو.ڪنوار يا زال جي ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد،هن ڳالهه کي مڃڻو آهي ته زال مڙس نه فقط پنهنجي ڪٽنب جا سربراھ اهن پر هو معاشري ۾ بنيادي ايڪائي/يونٽ جي حيثيت پڻ رکن ٿا.

    13 ــ فيبروري: ريڊيو جو عالمي ڏينهن:
    اسان جي ملڪ سميت پوري دنيا ۾ ريڊيو جوعالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو.سموري دنيا ۾ ريڊيو اسٽيشنن جو تعداد51هزار 800 کان مٿي آهي، عالمي سطح تي (60 سيڪڙو) 31 هزار 220 ريڊيو اسٽيشنون ڏهن ملڪن آمريڪا،فرانس،اٽلي، برازيل، ميڪسيڪو، روس، ترڪي، فلپائن، برطانيا ۽ پيرو ۾ ڪم ڪري رهيون آهن.جنهن مان 13 هزار 769 ريڊيو اسٽيشنون صرف آمريڪا ۾ آهن. پاڪستان ۾ ريڊيو اسٽيشنن جو تعداد 203 آهي. سرڪاري ريڊيو اسٽيشنن جو تعداد 56 آهي، جنهن ۾ 22 ميڊيم ويوو ۽ 34 ايف ايم ريڊيو اسٽيشننون آهن. ان کان سواءِ 147 خانگي ريڊيو اسٽيشنون ڪم ڪري رهيون آهن. 119 ڪمرشل جڏهن ته 28 مختلف يونيورسٽين ۾ نان ڪمرشل ايف ايم ريڊيو اسٽيشنون ڪم ڪري رهيون آهن. مجموعي طور تي 181 ريڊيو اسٽيشنون ڪم ڪري رهيون آهن. انٽر نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن موج دنيا جي 90 سيڪڙو آباديءَ تائين ريڊيو سگنل جي رسائي آهي. انٽرنيٽ ۽ موبائل فون تي ريڊيو ٻڌڻ جي اضافي سهولت سبب ريڊيو کي ٻڌڻ جي هڪ نئين جلا بخشي.صرف آمريڪا ۾ 8 ڪروڙ ماڻهو ريڊيو ٻڌڻ لاءِ انٽرنيٽ جو استعمال ڪري رهيا آهن. اسان جي ملڪ ۾ سرڪاري ريڊيو ۽ خانگي ريڊيو اسٽيشنون قائم ٿيڻ سان ريڊيو جي بقا کي هٿي ڏئي رهيون آهن. برٽش براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (بي بي سي) جي 2008ع ۾ ڪيل هڪ سروي موجب پاڪستان ۾ ريڊيو ٻڌندڙن ۾ 3 سيڪڙو بالغ مرد ۽ 20 سيڪڙو بالغ عورتون موبائل فون تي ريڊيو ٻڌن ٿا ۽ 4 سيڪڙو بالغ مرد ۽ 3 سيڪڙو بالغ عورتون گاڏين ۾ سفر ڪندي ريڊيو ٻڌي لطف حاصل ڪري رهيا آهن.

    14ــ فيبروري:ويلنٽائين ڊي:
    ويلنٽائن ڏينهن (انگريزي ٻولي: Saint Valentine's Day جنهن کي ويلنٽائن ڊي (Valentine's Day) ۽ سينٽ ويلنٽائن جي دعوت پڻ چيو وڃي ٿو هڪ مخصوص عالمي ڏينهن آهي جيڪو ہر سال 14 فيبروري تي ڪجهه مغربي ۽ سيڪيولر ملڪن ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري طور تي ملهايو ويندو آهي۔ هِن ڏينهن نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون پنهنجي محبت جو اظهار ڪندا آهن.جڏهن ته پنهنجي وڻن،مٽيءَ ڌرتيءَ سان به محبت جي اظهار طور ملهائڻ به بهتر آهي ڇو ته محبت رڳو مخالف ٻن جسمن جو نالو ناهي.

    20 ــ فيبروري:سماجي انصاف جو عالمي ڏينهن:
    هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد عالمي برادريءَ پاران غربت جي خاتمي ۽ روزگار جا گهڻي کان گهڻا ۽ هڪ جيترا موقعا پيدا ڪرڻ وارن قدمن کي اجاگر ڪرڻو آهي.نومبر 2007 تي گڏيل قومن جي اداري جي جنرل اسيمبليءَ هڪ قرارداد منظورڪندي،20 فيبروري کي باقاعدي نموني ملهائڻ جو اعلان ڪيو ۽ سن 2009ع ۾ پهريون ڀيرو هن ڏينهن کي عالمي سطح تي ملهايو ويو.

    21 ــ فيبروري؛مادري زبانن جو عالمي ڏينهن:
    انساني معاشري ۾ لڏپلاڻ،مختلف تهذيبن پاران هجرت ۽ آبادڪاري هڪ پاسي تهذيبن جي ميلاپ جو سبب بڻي ته ٻئي پاسي انهي لڏپلاڻ سبب ڪيتريون ئي تهذيبون آهستي آهستي ختم ٿي ويون جنهن جو اثر اتي ڳالهايون ويندڙ ٻولين تي پڻ پيو.اهو ڪارڻ آهي جودنيا ۾ ڳالهايون ويندڙ 6912 ٻولين مان 516 ٻوليون ختم ٿي ويون.زماني جي جدت ۽ سرڪاري زبانن جي وڌندڙ استعمال سان مادري زبانن جي اهميت گهٽ ٿي رهي آهي.عالمي سطح تي سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ چيني زبان آهي ۽ سرڪاري سطح تي سڀ کان استعمال ٿيندڙ زبان انگريزي آهي. يونيسڪو پاران هن ڏينهن کي 17 نومبر 1999ع تي ٻولي جي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل ان بنگالي شاگردن کي ڀيٽاطورڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو جيڪي شاگرد 21 فيبروري 1952ع تي پنهنجي ماءُ ٻولي کي پنهنجي اهميت ڏيارڻ لاءِ ڀرپور تحريڪ جو حصو هئا، ڍاڪا ميڊيڪل ڪاليج تي پوليس ۽ فوج گوليون وسايون ۽ اهي ٻولي تان قربان ٿي ويا.

    22 ــ فيبروري: اسڪائوٽنگ جو عالمي ڏينهن:
    اسڪائوٽ يا اسڪائوٽ تحريڪ جو عالمي ڏينهن هن ڏينهن تي ملهايو ويندو آهي،اسڪائوٽ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي شروعات هن طرح سان ٿي.لارڊ پائول آف گلول نالي هڪ همراھ سن 1907ع ۾ انگلستان جي “برائون سي ٻيٽ” ۾ ويهن ڇوڪرن تي ٻڌل جٿي تي پهرين اسڪائوٽ ڪئمپ قائم ڪئي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مطلب نوجوانن خاص ڪري شاگردن ۾ اسڪائوٽنگ جي حوالي سان سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۽ انهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ آهي.

    22 ــ فيبروري:سوچڻ جو عالمي ڏينهن:
    سوچڻ جو عالمي ڏينهن(World Thinking Day) ملهائڻ جي شروعات پهريون ڀيرو سن 1924ع تي چوٿين گرل گائيڊ بين الاقوامي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي،جيڪا آمريڪا ۾ منعقد ڪئي ويئي هئي.انهيءَ ڪانفرنس ۾ موجود ماڻهن فيصلو ڪيو ته هڪ اهڙو خاص ڏينهن هجڻ گهرجي جنهن ڏينهن تي گرل گائيڊ ۽ گرل اسڪائوٽ پوري دنيا ۾ هڪ ٻئي جي مهرباني مڃين ۽ هڪٻئي جي ساراھ ڪن نيٺ هڪ فيصلي هيٺ 22 فيبروري جي تاريخ مقرر ڪئي ويئي.ان تاريخ جي چونڊ ڪرڻ جو سبب هي هيو ته اها تاريخ بواءِ اسڪائوٽ تحريڪ جي باني لارڊ بيڊن پائول ، سندس گهرواري اوليو ورلڊ چيف گائيڊ جي جنم ڏينهن جي تاريخ آهي.تنهنڪري پوري دنيا ۾ سوچڻ جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو ۽ ان ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ هڪ عنوان تجويز ڪيو ويندو آهي.


    مارچ

    3 ــ مارچ جهنگلي جيوت جو عالمي ڏينهن:
    جهنگلي جيوت جو عالمي ڏهاڙو( انگريزي: World Wildlife Day) هرسال گڏيل قومن جي اداري پاران 3 مارچ تي ملهايو ويندو آهي. اقوامِ متحده جي جنرل اسيمبليءَ 20 ڊسمبر 2013ع ۾ پنهنجي 38 هين سيشن جي ايجنڊا اسم نمر 19 جي قراداد نمبر 205/68 تحت هر سال هن ڏينهن جي ملهائڻ جي رٿ منظور ڪئي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد سموري دنيا ۾ جهنگلي جيوت جي نسل جي واڌ ويجھ،انهن جو ماحول تي اثر ۽ جهنگلي جيوت جي حفاظت بابت ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي.

    3 ــ مارچ سماعت جوٻڌڻ عالمي ڏينهن:
    ٻڌڻ جو عالمي ڏينهن (World Hearing Day) هر سال دنيا ۾ هي ڏينهن 3 مارچ تي ملهايو ويندو آهي. ٻڌڻ واري صلاحيتن ۽ گوڙ سبب ٻڌڻ واري سسٽم تي پوندڙ خراب اثرن بابت ماڻهن کي شعور ڏيڻ لاءِ سال 2007ع ۾ پهريون ڀيرو گڏيل قومن جي اداري جي سب اداري “صحت جي عالمي اداري” پاران هي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. سال 2016ع کان اڳ هن ڏينهن کي “ ڪنن جي مرضن جي سار سنڀال جو عالمي ڏينهن” چيو ويندو هيو.

    8 ــ مارچ :عورتن جو عالمي ڏينهن:
    سائين منهنجا: اسان وٽ عورتن سان ٻٽي معيار وارو رويو عام آهي،اسين ڏسون ٿا ته ڪن قبيلن ۾ بنيادي جيئڻ جي حقن کان به اسان جي عورت کي محروم رکيو وڃي ٿو،ايتري قدر جو اهڙن قبيلن جي عورتن کي گوشت ۽ مڇيءَ جهڙي خوراڪ کائڻ کان به منع هوندي آهي.دنيااندرعورتن سان اهڙي قسم جهڙي مت ڀيد کي ڏسندي ۽ سماجي،اقتصادي ۽ سياسي شعبن ۾ عورتن جي حقن تي توجھ ڏيڻ لاءِ هر سال هن تاريخ تي سموري دنيا ۾ عورتن جي حقن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو اعلان سن 1975ع تي ميڪسيڪو شهر ۾ ٿيل عورتن جي عالمي سال کي عالمي ڪانفرنس جي سفارش سبب ڪيو ويو. ويهين صدي جي شروعات ۾ نارٿ آمريڪا ۽ يورپ ۾ مزدور تحريڪ جي سرگرمين کان پوءِ ”عورتن جي عالمي ڏهاڙي جو بنياد پيو.آمريڪا ۾ عورتن جو پهريون قومي ڏينهن 28 فيبروري 1909ع تي ملهايو ويو.اهو ڏينهن نيو يارڪ جي ڪپڙي جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن جي اعزاز ۾ هو. جن 1908ع ۾ پورهيي واري هنڌ جي انتهائي خراب ۽ ناموافق حالتن تي احتجاج ڪيو هو.دي سوشلسٽ انٽر نيشنل 11- 1910 ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ هڪ گڏجاڻي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 17 ملڪن جي هڪ سئو کان وڌيڪ عورتن يڪراءِ ٿي ”عورتن جي عالمي تحريڪ“ جي حمايت ڪئي. نتيجي ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 19 مارچ تي آسٽريا، ڊينمارڪ، جرمني ۽ سوئزرلينڊ ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو.

    مارچ مهيني جي ٻين خميس:گردن جو عالمي ڏينهن:
    هي ڏينهن هر سال مارچ جي ٻي خميس تي ملهايو ويندو آهي ان سال ملهائڻ جو مقصد ماڻهن ۾ گردي جي مستقل خرابي کان بچڻ جي سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ 10 مان هڪ ماڻهو گردي جي خرابي ۾ مبتلا ٿيو وڃي هر سال فقط پاڪستان ۾ گردي جي مستقل خرابي جا 25000 ماڻهو مريو وڃن. پهريون دفعو هي سال 2006ع ۾ ملهايو ويو، دنيا جون ٻه وڏيون تنظيمون انٽرنيشنل سوسائٽي آف نيفرالوجسٽ (آءِ ايس اين) ۽ دنيا جو گردي جو ادارو World kidney foundation اهو ڏينهن ملهائيندا آهن. ان سان جي جسم ۾ ٻه گردا ٿيندا آهن، جيڪي ٻنهي ڪُکين ۾ هوندا آهن، بُڪيون روزانو 200 ليٽر رت صاف ڪنديون آهن، اهي بلڊ پريشر ضابطو رکن ٿيون، رت جا ڳاڙها جزا ٺاهڻ ۾ مدد ڪن ٿيون ۽ هڏين کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿيون بڪيون رت مان خراب مادا پيشاب رستي ٻاهر نيڪال ڪنديون آهن، جيڪڏهن اهي خراب ٿي پون ته زهريلا مادا رت ۾ جمع ٿيندا آهن ۽ ماڻهو کي اُلٽيون، بک جو ختم ٿي وڃڻ ۽ پيشاب جو مقدار گهٽجي وڃڻ جون علامتون ظاهر ٿينديون آهن.جيئن ته بُڪيون اسان جي جسم جو اهم عضوو آهن،ان ڪري انهن جي سار سنڀال تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي.

    21 ــ مارچ : نسلي فرق جي خاتمي جو عالمي ڏينهن:
    سائين: هر ماڻهوءَ کي پنهنجي حقن جي آواز اٿارڻ جو پئدائشي حق آهي،جيڪڏهن ڪو ماڻهو يا ڪا قوم پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلم يا ڪنهن ظالم قوم هٿان وسيلن جي ڦرلٽ ڏسندي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪري ٿي،اهو ان جو اخلاقي،قانوني ۽ سماجي حق آهي،ڪنهن کي به اهو حق حاصل ناهي ته هو ڪنهن به فرد يا قوم ۽ نسل کي پنهنجي بنيادي حقن جي حاصل ڪرن واري آواز کي دٻائي سگهي.ان سلسلي ۾ سمورا حق اخلاقي ۽ قانوني طور مڃيل آهن،تنهن هوندي به ڪن ملڪن ۾ اهڙن احتجاجن کي ڪچلڻ لاءِ تشدد جو رستو اختيار ڪيو ويندو آهي.سن 1960ع ۾ ڏکڻ آفريقا جي علائقي “شارپ ويل” ۾ پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪندڙ “برائن آفريقي” ماڻهن جو پوليس قتلِ عام ڪيوهو،ان ظلم جي ياد کي تازو ڪرڻ لاءِ جنرل اسيمبلي سن 1966ع جي هڪ قرارداد هيٺ 21 مارچ کي نسلي فرق جي روٿام لاءِ ملهائڻ جو اعلان ڪيوويو.

    21 ــ مارچ : شاعريءَ جو عالمي ڏينهن:
    شاعري انسان جي اندر جي جذبن جو اظهار هوندي آهي ۽ شاعر جو داد واھ واھ هوندي آهي ، شاعرن کي جي خدمت کي ساراهڻ لاءِ شاعرن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد شاعرن جي ڪاوشن کي ساراهڻ ۽ معياري ادب جي تخليق لاءِانهن جي حوصله افزائي ڪرڻ آهي،گڏيل قومن جي اداري جي تعليم،سائنس ۽ ثقافتي شعبي(يونيسڪو) سن 1999ع ۾، 21 مارچ کي عالمي سطح تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو.شاعري هڪ ڪائناتي حيثيت رکي ٿي ۽ ڪو به فن شاعريءَ کان سواءِ مڪمل ناهي.اسان جو هي طبقو تمام حساس به ٿئي ٿو ۽ تيز نظر به.جتي عام ماڻهوءَ جي نظر پهچي نٿي سگهي،شاعر اتان ئي لفظن جا انمول موتي ميڙي اچي سڀني ۾ ورهائيندو آهي.

    22 ــ مارچ : پاڻيء جو عالمي ڏينهن:
    اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پاڻيءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي۔ پاڻي الله تعالى جي سڀ کان وڏي نعمت آهي. پاڻي هر ساهواري جي زندگي لاءِ اهم جزو آهي. جنهن کان سواءِهرساهواري جو زنده رهڻ ناممڪن آهي. جيتوڻيڪ پاڻي مان غذائيت معلوم نه ٿئي ٿي. پوءِ به پاڻي ۾ قدرت هر توانائي رکي آهي،پاڻي اسان جي غذا جو اهم جزو آهي. انسان جي جسم ۾ 60کان 70 سيڪڙو تائين پاڻي هوندو آهي. پاڻي جي مقدار ڪري انسان جي جسم ۾ چرٻي گهٽ وڌ ٿيندي رهندي آهي.کير پياڪ ٻارن ۾ 75 سيڪڙو پاڻي ٿيندو آهي. مَردن ۾ پاڻي جو مقدار 61 سيڪڙو جڏهن ته عورتن ۾ 51 سيڪڙو هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته انهن جي جسم ۾ چرٻي جو مقدار وڌيڪ آهي. پاڻي اسان جي ٿڪ، جگر، ٽائي رائيڊ، گلينڊس، ساهه ۽ خوراڪ جي نالين، اکين جي وچ ۽ بڪين ۾ موجود هوندو آهي۔
    23 ــ مارچ:ڪنن جي مرض ۽ ٻڌڻ جي حفاظت جو عالمي ڏينهن:
    ڪنن جي مرض ۽ ٻڌڻ جي حفاظت بابت ڄاڻ لاءِ سال2013ع تي پهريون ڀيرو صحت جي عالمي اداري (WHO) ملهائڻ جو اعلان ڪيو.ڊبليو ايڇ او موجب 642 ملين ماڻهو ٻڌڻ جي گهٽتائي جو شڪار آهن،جن ۾ 275 ملين ماڻهو ٻڌڻ جي صلاحيت کان بلڪل محروم آهن.ميڊيڪل سائنس جديد علاج وسيلي ٻڌڻ جي صلاحيت جي محرومي کي قابلِ علاج قرار ڏنو آهي.

    23 ــ مارچ : موسميات جو عالمي ڏينهن:
    سائين منهنجا:هن ڪائنات ۾ هر ساهواري يا بي جان شين تي موسمن جو اثر پئي ٿو،موسمون زندگي بخشينديون به آهن ته زندگي وٺنديون به آهن.جهڙي طرح سانوڻي جي رُت ۾ زمين ساوڪ سان سينگارجي ويندي آهي ته دل باغ و بهار ٿي پوندي آهي.تهڙي طرح سخت گرمي يا سرديءَ ۾ طبيعت ۾ مزو ناهي رهندو.ان ڪري هن ڪائنات ۾ موسم جي اهم حيثيت آهي.ان اهميت کي سمجنهدي ،سن 1950ع ۾ تاريخ 23 مارچ تي موسميات جو عالمي ڪنوينشن ٿيو ،تنهن بعد موسميات جو عالمي ادارو قائم ڪيو ويو.ان ڪري 23 مارچ کي موسميات جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي.جيڪڏهن اسان هن ڏينهن جي مناسبت سان پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ وڻ پوکڻ جي ڪوشش ڪريون ته اسان جي اها ننڍڙي ڪوشش،ماحول کي نه صرف خوبصورت بڻائيندي،پر اسان جي آبهوا به صاف ٿيندي،جنهن ڪري اسان وٽ بيمارين جو انگ به گهٽجي ويندو ۽ صحت اسان جي بهتر رهندي.سٺا شهري هميشه پنهنجي علائقن جي سٺي نموني سار سنڀال لهندا آهن.

    24 ــ مارچ: ٽي بي جو عالمي ڏينهن:
    پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ ٽي بي /سلھ جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ يا ٻن هفتن کان وڌيڪ کنگهه رهي، بلغم ۾ رت اچي، مسلسل بخار رهي، رات جو پگهر اچي، بک نه لڳي ۽ وزن گهٽ ٿيندو وڃي ته جلدي ٽي بي جي چڪاس ڪرائي وڃي، رڳو ڇهن مهينن جي مڪمل علاج سان هي مرض ختم ٿي سگهي ٿو.ٽي بي ڪا وڏي بيماري نه آهي پر علاج نه ڪرايو ويو ته اها خطرناڪ صورت اختيار ڪري سگهي ٿي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ٽي بي جو علاج اڌ ۾ ڇڏڻ انتهائي خطرناڪ آهي، اڌ ۾ علاج ڇڏيندڙ مريضن کي پوءِ ساڳيون دوائون اثر نه ٿيون ڪن. پاڪستان ٽي بي جي بيماري ۾ پنجين نمبر تي آهي، جنهن سان هر سال 5 لک ماڻهو متاثر ٿين ٿا. ڊبليو ايڇ او مطابق دنيا ۾ هر سال اٽڪل 90 لک ماڻهو هن بيماري ۾ مبتلا ٿين ٿا. انهن مان 3 سيڪڙو ماڻهو علاج نه ٿا ڪرائين.

    26 ــ مارچ:مرگهيءَ جي بيماريءَ جي آگاهي جو عالمي ڏينهن:
    سڄيءَ دنيا ۾ 26 مارچ کي هر سال جيان (Purple Day) يعني واڱڻائي ڏينهن، بطور مرگهيءَ جي آگاهيءَ جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي. 2008ع کان وٺي هي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. سڄيءَ دنيا ۾ اڄ انهيءَ ڏينهن جي حوالي سان عوام کي آگاهي ڏني ويندي آهي، پر انهيءَ جي ابتڙ اسان جنهن سماج ۾ رهون پيا، اتي جي صورتحال تمام خطرناڪ آهي، علم، واقفيت ۽ سائنسي ڄاڻ نه هئڻ سبب اڄ تائين مرگهيءَ جي مريضن کي وڏي اذيت مان گذاريو پيو وڃي، مرگهي، دماغ جي هڪ اهڙي حالت جو نالو آهي، جنهن ۾ دماغي گهرڙا (Cell) پنهنجي ڪم ۾ تيزي اچڻ سبب تيز هلڻ شروع ڪندا آهن يا کڻي ائين چئجي ته، دماغ جي گهرڙن (Neuron) جي ڪاروهنوار ۽ هلت ۾ اوچتي ڪنهن سبب جي ڪري تيزي اچڻ جي ڪري دماغي سرگرمي وڌي ويندي آهي، پوءِ اها تيزي، جنهن دماغ جي حصي سان وابسته هوندي آهي، انهيءَ حصي سان جُڙيل جسماني عضون ۾ حرڪت پيدا ٿيندي آهي، جيڪا تمام تيزيءَ سببان جَهٽڪن جي صورت اختيار ڪري وٺندي آهي، ڪجهه مريضن ۾ بيهوشي، جَهٽڪن سان گڏ ٿيندي آهي، ڪجهه مريضن ۾ بنا بيهوش ٿيڻ جي به جَهٽڪا ٿيندا آهن. مرگهيءَ جي ڪجهه قسمن ۾ سڄو جسم جَهٽڪن جو شڪار ٿيندو آهي، ڪجهه مريضن ۾ جسم جا خاص حصا جهڙوڪ هَٿَ، پيرَ، چَپَ ۽ اَکيون جَهٽڪن جو شڪار ٿيندا آهن، اڄ تائين مرگهيءَ جي اهم سببن جي ڳولا لاءِ کوجنا هلي رهي آهي.

    27 ــ مارچ : ٿيٽر جو عالمي ڏينهن:
    27 مارچ تي ٿيٽر جو عالمي ڏيهاڙو ملهايو ويندو آهي.اسان سڀني کي خبر آهي ته ٿيٽر/ناٽڪ منڊلي/ناٽڪ گهر کي فنونِ لطيفه جي سڀ کان مشڪل صنف مڃيو وڃي ٿو.ڏسندڙن جي سامهون سڌيءَ طرح پرفارمنس جي مزي کان اهي ئي فنڪار واقف آهن جيڪي پنهنجي بهترين پرفارمنس سبب ماڻهن کي تاڙين وڄائڻ تي مجبور ڪندا آهن.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد هي آهي ته ان فن جي پذيرائي ٿئي ۽ ان کي هٿي وٺرائي وڃي.ڏسجي ٿو ته اسان وٽ هي شعبو ڏينهون ڏينهن پوئتي پئجي رهيو آهي،ڪو زمانو هيو جو سنڌ ۾ ناٽڪ منڊيلن پاران ناٽڪ ڪري سماجي سجاڳي پيدا ڪئي ويندي هئي،پر اڄ ڪٿي ڪو ورلي ناٽڪ ٿي رهيو آهي.ان ڪري هن شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا وڃن.


    اپريل

    7 ــ اپريل: صحت جو عالمي ڏينهن:
    سائين منهنجا: عام چوڻي آهي ته صحت آهي ته باقي جهان آهي.تندرستي هزار نعمت آهي.اسان جي وڏڙن جي اها چوڻي هر دور ۾ سچ ثابت ٿي آهي.ان جو قدر ۽ اهميت صحت مند ماڻهن کي گهٽ ٿئي ٿو،صحت ناهي ته سڀ ڪجهه بيڪار لڳندو آهي.انسان جيستائين صحتمند ۽ تندرست رهي ٿو تيستائين هو پنهنجي زندگي جي گهڙين کي خوشگوار گهاري ٿو.صحت جي انهيءَ اهميت کي محسوس ڪندي،سن 1948ع ۾ تاريخ 7 اپريل تي صحت جي عالمي اداري جو وجود پيو.هر سال صحت جي ڪنهن خاص موضوع کي کڻي هن ڏينهن کي ملهايو ويندو آهي.

    12 ــ اپريل خلا ۾ انساني اڏام جو عالمي ڏينهن:
    محترم سامعين: اپريل خلا ۾ انساني اڏام جو عالمي ڏينهن
    (International Day of Human Space Flight )
    گڏيل قومن جي اداري پاران هر سال 12 اپريل تي هي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ سال 2011ع ۾، پنهنجي 65 هين سيشن جي ايجنڊا، اسم نمبر 50 جي قرارداد نمبر 65/271 تحت 12 اپريل سال 1961ع تي خلا ۾ سفر ڪندڙ پهرين روسي شهري يوري گيگارين کي مڃتا ڏيندي، هر سال ملهائڻ جو فيصلو ڪيو. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد خلا ۾ پهرين سفر ۽ ان جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي.سال 2011ع ۾ هن ڏينهن کي ملهائن جي شروعات ٿي.

    22 ــ اپريل ڌرتيءَ جو عالمي ڏينهن:
    هر سال 22 اپريل تي هيءُ ڏينهن ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جي مناسبت سان سموري دنيا ۾ ماحول جو تحفظ ڪرڻ واري شعور کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پوري دنيا ۾ تقريبون ڪيون وينديون آهن. ڌرتيءَ جو عالمي ڏينهن پهريون ڀيرو سن 1970ع ۾ ملهايو ويو ۽ هر سال “ارٿ ڊي نيٽورڪ” پاران 192 ملڪن کان وڌيڪ ملڪن ۾ ملهايو ويندو آهي.
    سن 1969ع ۾ سان فرانسيسڪو ۾ ٿيل يونيسڪو ڪانفرنس ۾، امن جي پرچارڪ جان مڪ ڪونل پاران ڌرتيءَ جي احترام ۽ امن جي تصور کي اجاگر ڪرڻ جي غرض سان، هڪ ڌينهن ملهائڻ جو خيال پيش ڪيو ۽ 21 مارچ 1970ع ( ڌکڻ همپشائر ۾ بهار جي پهرين ڏينهن) واري تاريخ تي ملهائڻ جي تجويز ڏني. تنهن بعد مڪ ڪونل انهيءَ تجويز کي هڪ اعلان نما صورت ۾ لکيو، جنهن تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اوٿان صحي ڪئي. هڪ مهيني کانپوءِ رياست هاءِ متحدا جي سينيٽر گيلارڊ نيلسن ماحولياتي تعليم جي غرض سان الڳ ڌرتيءَ جو ڏينهن 22 اپريل 1970ع تي ملهايو.

    23 ــ اپريل: ڪتاب ۽ ڪاپي رائيٽس جو عالمي ڏينهن:
    پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪتاب ۽ ڪاپي رائيٽس جو عالمي ڏينهن اڄ يعني 23 اپريل تي ملهايو ويندو آهي،ڪتاب جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سموري دنيا جي ليکڪن ۽ ڪتابن کي ساراهيو ويندو آهي ۽ ڪتابن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ تقريبون ڪيون وينديون آهن،جنهن ۾ ليکڪن جي ادبي خدمتن جي واڌاري کي ۽ ڪردار کي ساراهيو ويندو آهي.اڄوڪي ڏينهن تي مختلف ملڪن ۾ مختلف تنظيمون پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ ادبي سرگرميون ڪري ميڙو مچائينديون آهن،جنهن سان ڪتابن پڙهڻ جي ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ آهي ۽ انهن جي اهميت تي روشني وجهڻ آهي.اڄوڪي ڏينهن تي سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ ليکڪن جي ڪاوشن کي ساراهيو ويندو آهي.

    24 ــ اپريل: تجربي گاهن جي جانورن جو عالمي ڏينهن:
    سائنسي تجربن جي لاءِ استعمال ٿيندڙ جانورن جو عالمي 24 اپريل تي ملهايو وڃي ٿو.جنهن جو مقصد سائنس جي نالي تي لکين جانورن کي ايندڙ تڪليفن کان اجاگر ڪرڻ آهي.تحقيقي عمل سبب متاثر ٿيندڙ جانورن جي باري ۾ حقيقتن کي لڪايو پيو وڃي.اڪثر ماڻهو هن عمل ۾ استعمال ٿيندڙ جانورن جي مختلف قسمن ۽ انهن جي ڳاڻيٽي کان نا واقف آهن.ڇو ته انهيءَ طريقيڪار جي چڱي طرح ماڻهن کي ڄاڻ ڪونهي. مختلف جانورن تي تجربا ڪري انهن مان حاصل ٿيندڙ معلومات جي روشنيءَ ۾ جانورن ۽ انسانن جي علاج واسطي دوائون ٺاهيون وڃن ٿيون.

    25 ــ اپريل مليريا جو عالمي ڏينهن:
    مليريا جو عالمي ڏينهن( World Malaria Day ) گڏيل قومن جي صحت واري اداري جي سهڪار سان 2008ع کان هر سال پوري دنيا ۾ 25 اپريل تي ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جي ملهائيڻ جو مقصد هي آهي ته پوري دنيا کي مليريا جي مرض بابت ڄاڻ ڏيڻ آهي ۽ ان جي بچاءَ لاءِ سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي. هن ڏينهن تي صحت سان لاڳاپيل شخص ۽ ادارا سيمينار، پوسٽر، ريليون ۽ ٻيون تقريبون ڪري جاڳرتا پيدا ڪن ٿا. مليريا جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اخبارون ۽ رسالا خاص اشاعتن وسيلي مليريا بابت ڄاڻ ڏيڻ ۽ بچاءَ لاءِ تدبيرن جي باري ۾ عوامي جاڳرتا پيدا ڪن ٿا.

    26 ــ اپريل علم ڏاهپ ۽ دانش جي حقن جو عالمي ڏينهن:
    علم ڏاهپ ۽ دانش جي حقن جو ڏينهن ( World Inellectual Property Day )
    هر سال 26 اپريل تي گڏيل قومن جي عالمي تنظيم (World Inellectual Property Orgnaization ) پاران پوري دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جي شروعات WIPO سال 2000ع کان ڪئي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو ڪارڻ عالمي سطح تي علم ڏاهپ ۽ دانش جي حقن جو جي حفاظت جو شعور جاڳائڻ آهي.

    29 ــ اپريل: رقص/ ناچ جو عالمي ڏينهن:
    ورلڊ ڊانس ڊي جي شروعات 29 اپريل سن 1982ع تي انٽر نيشنل ڊانس ڪميٽي ڪئي.ان ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد عام ماڻهن کي رقص/ناچ کان واقف ڪرائڻ آهي ۽ انساني زندگيءَ ۾ ناچ/رقص جي اهم ڪردار کان آگاھ ڪرڻ به آهي.هن ڳالهه کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي ته پنهنجي خوشين کي ڀرپور انداز سان ملهائڻ جي لاءِ رقص ڪيوويندو آهي،پاڪستان جي چئني صوبن جا پنهنجا لوڪ ناچ آهن.پنجاب ۾ ڀنگڙا ناچ کي لوڪ رقص جي حيثيت آهي،ان کان سواءِ لُڊي،سمي به لوڪ رقص آهن.بلوچستان ۾ ليوا،چاپ ۽ جهمر کي لوڪ رقص ڪري مڃيو ويو آهي،خيبر پختون خواھ ۾ خٽڪ،اَٽن ۽ چترالي ناچ ۽ سنڌ ۾ ڌمال،هو جمالو ۽ جهمر کي لوڪ رقص جي حيثيت حاصل آهي.


    مئي

    پهرين ــ مئي: مزدورن جو عالمي ڏينهن:
    پهرين مئي 1886ع تي شڪاگو جي پر امن مزدورن پنهنجي رت سان تاريخي جدوجهد جو هڪ سونهري باب لکيو، جنهن کي سڄي دنيا جا مزدور هڪ نئين عزم سان ياد ڪندا آهن.مزدورن جو مطالبو هيو ته هنن جي اجرت کي وڌايو وڃي ۽ ڪم جي وقت کي گهٽايو وڃي،جنهن مطالبن جي مڃتا لاءَ هنن جمهوري حق ادا ڪندي روڊن تي نڪري پنهنجي آواز کي بلند ڪيو ۽ نتيجي ۾ سرمائيڪار مڇرجي مٿن حملو ڪرائي رت ۾ وهنجاريو.
    هن ڏينهن کي دنيا جي ظلم ۽ نا انصافي ۽ سرمائيدارن جا ستايل مزدور پنهنجن حقن ۽ پنهنجي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ هڪ نئون عهد ڪندا آهن. وقت سان گڏو گڏ هيءَ تحريڪ سرمائيدارن خلاف نه بيهڻ وارو وهڪرو ٿي وئي، هن تحريڪ دنيا جي نقشي تي وڏين وڏين سماجي ۽ سياسي تبديليون برپا ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي.هن تحريڪ کان پوءِ سموري دنيا ۾ مزدور تحريڪن گهڻو زور ورتو.

    3 ــ مئي : صحافت جي آزاديءَ جو عالمي ڏهاڙو:
    پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ صحافت جي آزاديءَ جو عالمي ڏيهاڙو اڄوڪي تاريخ تي ڀرپور انداز ۾ ملهايو ويندو آهي،هن ڏينهن جي حوالي سان پاڪستان ۾ صحافت جي دنيا ۾ ڪم ڪندڙ مختلف تنظيمن پاران سيمينار،ريليون ۽ مختلف تقريبون منعقد ڪيو وينديون آهن.صحافت ي آزاديءَ واري ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد پيشواراڻي فرضن جي بجا آوري جي لاءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي پيش ايندڙ تڪليفن،مسئلن، ڌمڪين وارن روين ۽ صحافين جي زندگين کي سامهون ايندڙ خطرن جي باري ۾ قوم ۽ پوري دنيا کي آگاهه ڪرڻ آهي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو هي به مقصد آهي ته سوسائٽي کي هي به ياد ڏيارڻو آهي ته عوام تائين حقيقتن تي ٻڌل خبرون پهچائڻ دوران ڪيترائي صحافي هن دنيا مام هليا ويا ۽ گهڻي تعداد ۾ صحافي زندانن ۾ قيد آهن.“ ورلڊ پريس فريڊم ڊي ” اسان جي ملڪ سميت پوري دنيا ۾ هر سال 3 مئي تي ملهايو ويندو آهي.هن ڏينهن جي ملهائڻ جي شروعات سن 1993ع ۾ ٿي ۽ هن ڏينهن کي ملهائڻ جي باقاعده منظوري اقوامِ متحده جي جنرل اسيمبلي ڏني هئي.

    12ــ مئي:نرسنگ جو عالمي ڏينهن:
    هي ڏينهن نرسنگ جي باني فلورنس نائٽنگل جي ڪيل بيمثال خدمتن جي حوالي سان ملهايو ويندو آهي.سموري دنيا ۾ 6 مئي کان 12 مئي تائين نرسن جو هفتو ملهايو ويندو آهي.نرسن جي بين الاقوامي ڪائونسل سن 1965ع کان هر سال هي ڏينهن ملهائي رهي آهي.جڏهن ته سن 1974ع ۾ باضابطه طور اعلان ڪيو ويو ته نرسن جو عالمي ڏينهن 12 مئي تي ملهايو ويندو.طب جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اسان جي ملڪ ۾ نرسنگ جو شعبوڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي.پاڪستان نرسنگ ڪائونسل موجب نرسنگ جي بنيادي تربيت لاءِ چئني صوبن ۾ 162 ادارا موجود آهن.جن ۾ 72 پنجاب ۾،59 سنڌ ۾،12 بلوچستان ۾ ۽ 19 صوبي خيبر پختون خواھ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.ٻي پاسي صورت حال آهي جو اسپتالن ۾ نرسن جو تعداد ضرورت کان ڪيترائي ڀيرا گهٽ آهي.

    مئي جو ٻيون آچر: مائرن جو عالمي ڏينهن:
    پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ مائرن جو عالمي ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.جنهن جو مقصد محبت جي خالص رنگ ۽ مقدس رشتي ماءُ جي عظمت ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ ماءُ جي لاءِ عقيدت، شڪرگذاري ۽ محبت جي جذبن کي وڌائڻ آهي. مائرن جي ڏينهن ملهائڻ جي شروعات آمريڪي عورت اينا هاروس جي ڪوششن جو لاڀ آهي.اينا هاروس جو خيال هيو ته هن ڏينهن کي هڪ مقدس ڏينهن طور ملهايو وڃي.جنهن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ 8 مئي 1914ع ۾ آمريڪي صدر ووڊ رولسن مئي جي ٻئين آچر کي سرڪاري طور مائرن جو ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو.اڄ مئي جو ٻيو آچر آهي،اسان جي ملڪ سميت ٻين ملڪن ۾ هي ڏينهن مائرن جي ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي.هن ڏينهن جي مناسبت سان پنهنجي مائرن کي خوش ڪرڻ لاءِ خاص بندوبست ڪيا وڃن ٿا.اسان وٽ به هن ڏينهن جي اهميت هاڻي عام ٿي رهي آهي.پر تنهن هوندي به اسان وٽ ٻن خيالن جا ماڻهو موجود آهن.هڪڙن جو خيال آهي ته هي ڏينهن مائرن جي عظمت کي ياد ڪرڻ جو اهم ڏينهن آهي جڏهن ته ٻئي طبقي جي ماڻهن جو خيال آهي ته مائرن لاءِ محبت ڪرڻ جو صرف هڪ ڏينهن مقرر ڪرڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟ ڇو ته ماءُ جهڙي عظيم هستي هر گهڙي ۽ پهر محبت جي عزت جي لائق آهي. هن ڏينهن جي موقعي تي اسان کي هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته والدين هڪ ٿڌي ڇانوَ وانگر آهن،جنهن جي ٿڌاڻ جو احساس ان وقت تائين نٿو رهي،جيستائين انهن جي ڇانوَ اسان جي مٿان موجود آهي.

    17 ــ مئي: مواصلات ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي جو عالمي ڏينهن:
    سن1865ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پهريون عالمي ٽيلي گراف ڪنوينشن پيرس ۾ ٿيو،جنهن ۾ ويھن ملڪن شرڪت ڪئي ۽ ٽيلي مواصلات جي بنيادي اصولن کي طئي ڪيو ويو. ان ڪنوينشن بعد 17 مئي واري ڏينهن کي ٽيلي مواصلات جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ٽيلي مواصلات جو انساني معاشري ۾ اهم شعبي جي حيثيت ۾ تمام گهڻو ڪردار رهيو آهي،ائين کڻي چئجي ته ڪو زمانو هيو جو تڪڙي پيغام رسائڻ جو اسان وٽ واحد ٽيلي گراف ئي رستو رهيو آهي.

    28 ــ مئي خوشيءَ جو عالگير ڏينهن:
    بين الاقوامي خوشي يا سعادت وارو ڏينهن، گڏيل قومن جي اداري پاران مقرر ڪيل هڪ عالمگير ڏينهن آهي، جنهن ڏيهاڙي ، يعني اڄوڪي ڏينهن تي خوشيءَ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، هن ڏينهن وسيلي سموري دنيا جي ماڻهن کي هي نياپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته اهي زندگيءَ ۾ پاڻ به خوش رهن ۽ پنهنجي آسپاس رهندڙ ماڻهن، مٽن مائٽن ۽ دوستن جي منهن تي مرڪون آڻڻ جي ڪوشش ڪن.
    هن ڏينهن کي عالمي سطح تي ملهائڻ جو اعلان 28 مئي 2012ع تي گڏيل قومن پاران ان وقت ڪيو ويو ۽ 193 ملڪن ان اعلان جي تائيد ڪئي. اصل ۾ هن ڏينهن ملهائڻ جو مشورو جيمي الين نالي هڪ شخص ڏنو. جيمي الين هڪ يتيم ٻار هيو، جيڪو هندستان جي ڪلڪتي شهر جر سڙڪن تي رلندو هيو، جنهن کي مڌر ٽريسا حاصل ڪيو، بعد ۾ ان ٻار جي پالنا آمريڪي عورت اينا بيلي الين ڪئي.


    جون

    1 ــ جون ٻارڙن جو عالمي ڏينهن:
    ٻارن جو عالمي ڏينهن(World Children`s Day) عالمگير سطح تي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ الڳ الڳ تاريخن تي ملهائڻ وارو ڏينهن ۽ موڪل آهي. هن ڏينهن جو مقصد ٻارن جي عزت افزائي ۽ انهن جي حقن جي پاسداري ڪرڻ آهي. سن 1925ع ۾ ٻارن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ ان ڏينهن جي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ سال 1954ع ۾ عالمي سطح تي هن ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ هڪ تاريخ مقرر ڪئي ويئي. 01 جون کي ٻارن جي حفاظت جو عالمي ڏينهن سال 1950ع کان ڪيترائي ملڪ ملهائڻ لڳا ۽ ان ڏينهن کي باضابطا ملهائڻ لاءِ 22 نومبر 1949ع تي ماسڪو ۾ ٿيندڙ وومين انٽرنيشنل ڊيموڪريٽڪ فيڊريشن ، پنهنجي اجلاس ۾ ڪيو ۽ گڏيل قومن جي اداري 20 نومبر تي ان ڏينهن ملهائڻ کي رائج ڪيو.

    5 ــ جون ماحوليات جو عالمي ڏينهن:
    محترم سامعين: روزانو ڪارخانن جي ڄمنين، بسن، موٽرن ڪارن مان نڪرندڙدونهين،وڻن جي واڍي ۽ ٻيون گئسون اسان جي ماحول کي گدلو ڪري رهيون آهن، جنهن سبب پوري دنيا ۾ ماحول تبديل ٿي رهيو آهي.
    ماحولياتي تبديلين سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سن 1074ع کان هر سال 5 جون تي سموري دنيا ۾ ماحول جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو.هن ڏينهن جي حوالي سان ماهر مختلف عنوانن جي چونڊ ڪندا آهن ته جيئن سموري دنيا هڪ ئي مسئلي تي غور ويچار ڪري سگهي.

    5 ــ جون : ماحوليات جو عالمي ڏينهن:
    سائين منهنجا: ماحول جو علم رکندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته هن دور ۾ گاڏين،ڪارخانن ۽ چمنين مان نڪرندڙ دونهين،مختلف شعبن ۾ استعمال ۾ ايندڙ گئسن ۽ وڻن جي تيزي سان واڍي ڪري اسان جو ماحول خراب ٿي رهيو آهي،جنهن ڪري مختلف بيماريون جنم وٺي رهيون آهن.جنهن لاءِ هي ڏينهن انساني ماحول جي تحفط،فضائي آلودگي ۽ زمين کي پيش ايندڙ خطرن جي مسئلن جي حل کي ڳولڻ لاءِ سن 1972ع ۾ سويڊن جي شهراسٽاڪ هوم ۾ اقوام متحده پاران انساني ماحول جي عنوان هيٺ ٿيل پهرين ڪانفرنس جي سالگرھ جي موقعي،هن تاريخ تي ماحوليات جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيوويو.

    6 ــ جون: روسي زبان جو عالمي ڏينهن:
    روسي زبان جو عالمي ڏينهن گڏيل قومن جي اداري پاران ملهايو ويندو آهي.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو فيصلو عظيم روسي شاعر اليگزينڊر پشڪن جي جنم واري تاريخ کي مقرر ڪري روسي زبان جو ڏينهن ڪري ڪيو ويو.سائنس ۽ ثقافت جي واڌ ويجھ لاءِ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي شعبي يونيسڪو موجب هن وقت سموري دنيا ۾اٽڪل 26 ڪروڙن مان مٿي ماڻهو روسي ٻولي ڳالهائين ٿا.روسي ٻوليءَ ۾ زبردست قسم جا ناول ۽ ٻيو مواد ملي ٿو جنهن عالمي ادب تي پنهنجا گهرا اثر ڇڏيا،روسي زبان جي عظيم شاعر اليگزينڊر پشڪن،اليگزينڊر ٽالسٽاءِ،اينتانوف ۽ ناول نگارن ليوٽالسٽاءِ،فيودر دوستويوسڪي،چيخوف ۽ ميڪسم گورڪيءَ عالمي ادب جي آڪاش تي چمڪندڙ ستارا ٿي روشن رهيا.

    8 ــ جون سمنڊ جو عالمي ڏينهن:
    بحر يعني سمنڊ جو عالمي ڏينهن، ساري دنيا ۾ 8 جون تي ملهايو وڃي ٿو. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد انساني زندگيءَ ۾ پاڻيءَ جي اهميت، پاڻي وارن جانورن جي سار سنڀال ۽ حفاطت ۽ سامونڊي گدلاڻ کي گهٽ ڪرڻ آهي. گڏيل قومن جي ڏنل هڪ ڄاڻ موجب دنيا جي ڪل آباديءَ جو 40 سيڪڙو حصو، سمنڊ ۽ ان جي ڪنارن سان لاڳاپيل هڪ سؤ ڪلوميٽرن تائين پکڙيل علائقن جي آبادي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته سمنڊ اسان جي زمين جي دل ۽ ڦڦڙ آهن، جيڪي زمين تي استعمال ٿيندڙ چاليھ سيڪڙو تازو پاڻي ۽ پنجهتر سيڪڙو آڪسيجن پيدا ڪري ٿو، جنهن سبب سان ساھ کڻي رهاي آهيون. ان مناسبت سان سمنڊ جو بهتر ماحول انسان جي بقا لاءِ تمام اهم آهي. سمنڊ جي گدلاڻ نه فقط سامونڊي ڪنارن تي رهندڙ انسانن پر سمنڊ ۾ موجود نباتات ۽ سامونڊي جيوت لاءِ به خطرناڪ آهي.

    12 ــ جون پورهيو ڪندڙ ٻارن جو عالمي ڏينهن:
    ٻارڙن کان جبري پورهيو وٺڻ خلاف عالمي ڏينهن( ( World Day Against Child Labor
    پوري دنيا ۾ 12 جون ڏهاڙي ملهايو وڃي ٿو. هن ڏينهن تي سماجي تنظيمن پاران مختلف تقريبون ملهايون وينديون آهن. جن وسيلي جبري پورهيو ڪندڙ ٻارن جي مسئلن کي حڪومتن ۽ ٻين ذميوار ادارن تائين پهچائي سگهجي. هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ٻه ڪروڙ ڏھ لکن کان وڌيڪ ٻار مجبوري وچان مزدوري ڪري رهيا آهن، پاڻ وٽ غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائيءَ غريب ٻارن کي اسڪولن کان ايترو پري ڪري ڇڏيو آهي جو تعليم اهڙن ٻارڙن لاءِ هڪ خواب ئي بڻجي ويئي آهي. اهڙي قسم جا ٻاربوٽ پالش ڪرڻ کان وٺي هوٽلن، چانھ خانن، ورڪشاپن، مارڪيٽن، ننڍين فيڪٽرين، گاڏين تي هيلپري ڪرڻ، بٺن تي سرن کڻڻ، سي اين جي ۽ پيٽرول پمپن تي گاڏين جا شيشا صاف ڪرڻ جي ڪمن سميت ٻيا ڪيترائي پورهيا جبري طور ڪري رهيا آهن.

    14 ــ جون رت جي عطيي جو عالمي ڏينهن:
    هر سال پوري دنيا ۾ 14 جون يعني اڄوڪي ڏينهن تي رت جي عطيي ڏيڻ جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. اسان جي رڳن ۾ گردش ڪندڙ رت سان اسان جي زندگي جي ڏور ٻڌل آهي. اهو احساس اسان کي ان وقت ٿيندو آهي جڏهن ڪنهن پياري کي اوچتو رت جي سطت ضرورت پئجي ويندي آهي. اهڙي صورتحآل ۾ رت جو عطيو ڏيندڙ رضاڪار، ڪنهن فرشتي کان گهٽ ناهن هوندا جيڪي ڪنهن رشتي يا نفعي نقصان کان سواءِ پنهنجو رت ڏئي هڪ انساني زندگي بچائين ٿا. ڪنهن به بيمار کي رت ڏيڻ دنيا جو اخلاقي فرض آهي. هن سلسلي ۾ شعور ۽ آگاهي ڏيڻ لاءِ 14 جون تي رت جي عطيي ڏيڻ جو عالمگير ڏينهن ملهايو وڃي ٿو.

    17 ــ جون: پوک جي قابل ايراضيءَ کي بنجر ٿيڻ کان بچائڻ جو عالمي ڏينهن:
    پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ پوکائي جي لائق ايراضيءَ کي بنجر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هر سال هي ڏينهن ملهايو ويندو آهي،اقوام متحده ڊسمبر 1994ع ۾ 17 جون تي هي ڏينهن ملهائن جو فيصلو ڪيو هو.

    جون: جي ٽيئن هفتي جو آچر: پيئرن (والد فادرس) جو عالمي ڏينهن
    پيءُ گهر جو اهو فرد آهي جنهن جي مٿان گهر جون سموريون ذميواريون اچن ٿيون.پيءُ اها هستي آهي جيڪو گهر اندار شفقت،محبت،انصاف ۽ ٻين اهڙين سوين ڪيفيتن مالڪ آهي.جنهن جي هر گهر جي ڀاتيءَ تي نظر رکڻي پوي ٿي.پيءُ جي عظمت جو انڪار ڪري ئي نٿو سگهجي.اسان جي ملڪ سميت سموري دنيا ۾ پيءُ جي عطمت جو ڏينهن جون جي ٽئين هفتي جي آچر تي ملهايو ويندو آهي.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد اولاد لاءِ پيءُ جي قربانين،قربتن جي باري ۾ شعور ۽ ڄاڻ پيدا ڪرڻ آهي ۽ پيءُ جي عظمت کي اجاگر ڪرڻ آهي. پيءُ دنيا جو اهو انسان آهي جيڪو پنهنجي اولاد کي پاڻ کان وڌيڪ ڏسڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري ،اولاد لاءِ هر رڪاوٽ پري ڪرڻ جا جتن ڪندو رهندو آهي.

    20 ــ جون ورلڊ ريفيوجي ڏينهن، يا پناهگيرن جوعالمي ڏينهن:
    هر سال جون 20 تي، ورلڊ ريفيوجي، يا بين الاقوامي پناهگيرن جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. دنيا ۾ جنگ، تعصب، سماجي ۽ سياسي تڪرار، نسلي مت ڀيد ۽ ٻين قدرتي آفتن ڪري اٽڪل هڪ منٽ ۾ اٺ ماڻهو پنهنجي گهرن کان محروم ٿي وڃن ٿا. اهڙن ماڻهن سان پنهنجائپ جو اظهار ڪرڻ لاءِ 20 جون تي يعني هن ڏينهن کي دنيا جي پناهگيرن جو بين الاقوامي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي.
    هڪ ڄاڻ موجب هن وقت پوري دنيا ۾ 4 ڪروڙ ستٽيھ لکن کان وڌيڪ ماڻهو بي وطن زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته ٻه ڪروڙ پنجهتر لکن کان مٿي ماڻهو پنهنجي ئي ملڪن ۾ بغير ڇت ۽ ساز و سامان جي زندگي گذاري رهيا آهن.

    21 ــ جون يوگا جو عالمگير ڏينهن:
    21 جون جو ڏهاڙو هر سال يوگا جو ڏينهن ڪري ملهايو ويندو، اهري ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ 11 ڊسمبر 2014ع تي ڪيو. يوگا هڪ جسماني، ذهني ۽ روحاني مشق آهي، يوگا جو مقصد جسم کي ذهن سان سمائڻ آهي. ورزش انسان جي صحت کي بهتر رکڻ لاءِ تمام ضرور آهي، دنيا جو ڪو به اهڙو ڊاڪٽر ناهي جيڪو هن عمل جي حمايت نه ڪندڙ هجي.

    23 ــ جون: سرڪاري ملازمن جي عوامي خدمتن جو عالمي ڏينهن
    پاڪستان سميت دنيا جي سڀني ملڪن ۾ (پبلڪ سروس) سرڪاري ملازمن جي عوامي خدمتن جو ڏينهن اڄوڪي تاريخ تي ملهايو ويندو آهي.اقوام متحده جي جنر اسيمبليءَ 20 ڊسمبر 2002ع تي قرارداد نمبر 57/277 منظور ڪئي،جنهن قرارداد هيٺ تاريخ 23 جون کي هر سال پبلڪ سروس جو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد سٺي حڪمرانيءَ جي طور طريقي ۽ ترقيءَ جي عمل ۾ سرڪاري ملازمن جي ڪردار جي ضرورت ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي.


    جولاءِ

    جولاءِ جو پهريون ڇنڇر : گڏيل تعاون(امداد باهمي) جو عالمي ڏينهن:
    هي ڏينهن هرسال جولاءِ جي پهرين ڇنڇر تي ملهايو ويندو آهي.هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد عوام ۾ گڏيل تعاون/امداد باهميءَ جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ آهي ته پوري دنيا ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ کي تيز ڪرڻ ۽ اقتصادي بحران تي ضابطو رکڻ لاءِ گڏيل طور تي هڪ ٻئي سان تعاون ۽ امداد کي ترقي ڏيارڻ آهي.

    2 ــ جولاءِ: خلائي مخلوق جو عالمي ڏينهن:
    اسان جي ملڪ سميت پوري دنيا ۾ خلائي مخلوق جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي.2 جولاءِ سن 1947ع جي رات جو آمريڪا جي علائقي “روزويل” ۾ ڪيترن ئي ماڻهن ڪنهن شيءِ کي آسمان ۾ اڏندي ڏٺو.آمريڪي حڪومت تائين اها ڳالهه پهتي،جنهن ماڻهن کي ٻڌايو ته هي هڪ ڌات جا ٽڪر آهن جيڪي اصل ۾ هڪ موسمياتي ڦوڪڻي جا آهن.30 ورهين کان پوءِ انهيءَ حادثي جي تحقيق ۾ شامل ٽيم جي ميمر جيسي مارسل ٻڌايو ته اهي ڌات جا ٽڪرا ڪنهن ٻي دنيا جا آهن.ان ڪري هن تاريخ کي خلائي مخلوق جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي.

    11 ــ جولاءِ آباديءَ جو عالمي ڏينهن:
    آباديءَ جو عالمي ڏينهن پوري دنيا ۾ 11 جولاءِ تي ملهايو ويندو آهي.
    انسان جي شروعات کان 1800ع تائين انساني آباديءَ کي هڪ ارب تائين پهچڻ ۾ هزارين ورهيه لڳا. پر 1920ع جي ڏهاڪي ۾ آبادي بن اربن تائين پهچي ويئي، يعني ٻيڻي ٿيڻ ۾ صرف هڪ سؤ سال لڳا. پر وري پنجاھ ورهين بعد 1970ع واري ڏهاڪي ۾ آبادي وري ٻيڻي يعني چار ارب ٿي وئي. پوري دنيا جي آبادي جي ٻيڻي ٿيڻ ۾ يعني اٺ ارب ٿيڻ واري لڪير تي جلد پهچڻ واري آهي ۽ صرف اڄوڪي ڏينهن تي پنهنجي هن ڌرتيءَ تي اڍائي لک ماڻهن جو اضافو ٿي رهيو آهي.
    سن 1978ع ۾ معاشيات جي ماهر ٽامس رابرٽ مالٿس هڪ نظريو ڏنو هيو ته آبادي جيو ميٽرڪ جي حساب سان 1،2،4،8،16،32 فارمولي تحت وڌي رهي آهي، جڏهن ته وسيلن ۾ واڌ ارٿميٽڪ جي حساب سان 1،2،3،4،5،6،7، ٿي رهي آهي. هن نظريي موجب آبادي ۾ واڌ وسيلن تي ٻوجھ جي سبب بڻجي ٿي.
    عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته دنيا جي آبادي جنهن تيزيءَ سان وڌي رهي آهي تنهن تيزيءَ سان وسيلا مهيا نه ٿي رهيا آهن. دنيا جا تمام گهڻا مسئلا آباديءَ ۾ واڌ سان ٻڌل آهن، جنهن ۾ خوراڪ جي فراهمي، علاج، رهائش، تعليم ۽ ٻيون بنيادي شيون انسانذات بيحد ضروري آهن. آباديءَ جي واڌ سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ آباديءَ جو عالمي ڏينهن هر سال 11 جولاءِ يعني اڄوڪي ڏهاڙي تي ملهايو ويندو آهي

    25 ــ جولاءِ:والدين جو عالمي ڏينهن:
    ٻار جي معاشري ۾ بهترين فرد بڻجڻ لاءِ سندس صحيح پرورش ڪرڻ والدين جو فرض آهي. ٻارن جي سٺي تربيت لاءِ حڪومت ۽ والدين ذميوار آهن.انهن جي تعليم ۽ تربيت سٺي ڪري ٻار کي سٺو شهري بنائڻ بهترين والدين جي فرض ۾ شمار ٿئي ٿو.ٻنهي جهانن جي سردار حضرت ﷴ ﷺ فرمايو ته “پنهنجي ٻارن تي اڪرام ڪريو ۽ انهن کي سٺي تربيت ڏيو.”اڪرام جو مفهوم هي آهي ته ٻارن کي پيار ڏيو،انهن کي تعليم ڏيو ۽ انهن کي ادب سيکاريو. والدين جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد هي آهي ته ٻارن جي بهترين پرورش ڪرڻ وارن والدين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي.هن ڏينهن جي ملهائڻ جي شروعات سن 1992ع ۾ آمريڪي ڪانگريس جي هڪ بل جي منظوريءَ بعد ٿي.

    30 ــ جولاءِ:دوستيءَ جو عالمي ڏينهن:
    ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته“اهو دولتمند غريب آهي،جنهن جو ڪو به دوست نه آهي ۽ اهو غريب دولتمند آهي جنهن کي مخلص دوست آهن.”دوستي رڳو فردن وچ ۾ ناهي ٿيندي پر دوستي ٻن ملڪن وچ ۾ به ٿيندي آهي.دوستيءَ جو عالمي ڏينهن ملهائن جو مقصد دوستي جي رشتن وسيلي امن جي ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ آهي. سن 2011ع ۾ گڏيل قومن جي اداري هي ڏينهن هن عزم ۽ ارادي سان ملهايوته ماڻهن،ملڪن ۽ مختلف ثقافتن وچ ۾ دوستي سان امن جي ڪوششن کي وڌائي سگهجي ٿو ۽ مختلف قومن جي وچ ۾ معاملن کي به سميٽي سگهجي ٿو.


    آگسٽ

    9 ــ آگسٽ:قديم مقامي رهواسين جو عالمي ڏينهن:
    پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ قديم رهواسين جو عالمي ڏينهن 9 آگسٽ تي ملهايو ويندو آهي. ڊسمبر 1994ع ۾،اقوامِ متحده جي جنرل اسيمبليءَ سن 1995ع کان 2004ع تائين بين الاقوامي سطح تي قديم مقامي رهاڪن جي ڏهاڪي طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو هو. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد رياستن جي وچ ۾ معاهدن ۽ واسطن ذريعي قديم مقامي رهاڪن جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ آهي.

    9 ــ آگسٽ:محتاجن جو عالمي ڏينهن:
    سائين منهنجا:محتاجي ڪنهن به قسم جي هجي اها ڏاڍي ڏکائتي ۽ احساس ڏياريندڙ آهي،هڪڙا بلند ذهن جا ماڻهو پنهنجي محتاجي کي محنت ۽ جستجو ڪري دنيا کي ڏيکاريندا آهن ته محتاجي مجبوري ناهي.پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ محتاجن جو عالمي ڏينهن 9 آگسٽ تي ملهايو وڃي ٿو.هن ڏيهاڙي ملهائڻ جو مقصد دنيا جي محتاجن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي سار سنڀال جي لاءِ مثبت قدم کڻڻا آهن،محتاجن جي عالمي ڏينهن جي شروعات سن 1994ع ۾ گڏيل قومن جي اداري UNO جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ هڪ قرارداد جي منظوريءَ کانپوءِ ٿي.

    آگسٽ 12 نوجوانن جو ڏينهن آهي:
    جيڪو هر سال 12 آگسٽ تي سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد نوجوانن جي مسئلن ۽ انهن لاءَ ترقيء جا موقعا ڳولڻ، ۽ ٻاهرين ملڪ ۾ موقعن ج پتو لڳائڻ ۽ خطرن کان آگاھ ڪرڻ آهي. انهي سلسلي ۾ دنيا اندر نوجوانن جي ترقي لاءِ ڪم ڪندڙ مختلف تنظيمون مختلف تقريبون ڪنديون آهن. جن ۾ نوجوانن کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ تن جي حل تي بحث ڪيو ويندو آهي ۽ انهن جي ترقي لاء، ملڪ ۾ وسيلن جي ڳولا ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي نوجوانن جي ترقي لاء بهتر قدم کڻڻ لاءِ سوچ ويچار ڪيو وڃي ٿو. دنيا ۾ آبادي جو ڇهون حصو۽ پاڪستان ۾ آبادي جو اڌ حصو نوجوانن تي مشتمل آهي. اسان جي آبادي ۾ سڀ کان وڏو حصو نوجوانن جو آهي، يعني 15 کان 30 سالن جي عمر جو ڳاڻيٽو 40 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي.

    19 ــ آگسٽ: انسانيت جو عالمي ڏينهن:
    تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 19 آگسٽ کي انسانيت جو عالمي ڏينهن ملهايو،جنهن جي منظوري اقوامِ متحده جي جنرل اسيمبلي 2008ع واري اجلاس ۾ منظوريءَ بعد ملهايو ويو.هن ڏينهن جي ملهائڻ لاءِ گڏيل قومن جي سڀني ميمبر ملڪن خاص انتظام ڪيا.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد هي آهي ته سموري عالمِ انسانيت کي انسانيت جي جذبي کان اجاگر ڪري انسان ذات جي خدمت کي سر فهرست رکجي.دنيا جي سڀني مذهبي ڪتابن ۾ جنهن ڳالهه تي گهڻو زور ڏنل آهي اها ڳالهه انسانيت جي آهي.

    29 ــ آگسٽ: جوهري تجربن جي خلاف عالمي ڏينهن:
    جوهري تجربن جي خلاف بين الاقوامي ڏينهن 29 آگسٽ تي ملهايو وڃي ٿو.هن ڏينهن ملهائڻ جو هي مقصد آهي ته دنيا جي ماڻهن جو ڌيان ان طرف ڇڪائڻ آهي ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ٿيندڙ جوهري تجربن سبب ماحول ۽ ساهوارن کي ڪيترو نقصان پهچي چڪو آهي.هن ڏينهن ملهائڻ جي تجويز قازقستان پيش ڪئي هئي،ڇو ته سڀ کان پهريون جوهري تجربو روس قازقستان سر زمين تي ڪيو هو. هن قسم جي تجرن سان سموري حياتيات کي تمام گهڻو نقصان رسي ٿو، جنهن ڪري وڻن، ٻوٽن ۽ ٻين نباتات سميت انساني زندگيءَ تي به خطرناڪ اثر پون ٿا. تنهنڪري هن ڏينهن کي ملهائڻ وقت پنهنجو ڀرپور آواز اٿاري، جوهر تجربن کي ننديو وڃي.

    30 ــ آگسٽ: گم ٿي ويل ماڻهن جو عالمي ڏينهن:
    محترم سامعين:هر احساس مند انسان کي اهو احساس ضرور تڙپائيندو ته جن جا مٽ مائٽ گم ٿي وڃن ٿا،تن مٿان ڇا ڇا نه گذرندو هوندو،هنن جو هڪ هڪ پل ڪنهن عذاب کان گهٽ نه هوندو.ٻي طرف جيڪي ماڻهو گم ٿي وڃن ٿا يا گم ڪيا وڃن ٿا،اهي به تمام وڏي اذيت ڀوڳيندا هوندا. ان ڪري 30 آگسٽ تي پاڪستان سميت سموري دنيا گم ٿي ويل ماڻهن ۽ حراست ۾ ورتل ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهائي ٿي.هي ڏينهن پهريون ڀيرو لاطيني آمريڪا جي ملڪ اسٽاريڪا ۾ خفيه حراست جي خلاف ڪم ڪندڙ هڪ تنظيم پاران سن 1981ع ۾ ملهايو ويو.جنهن کان پوءِ هي ڏينهن هر سال 30 آگسٽ جي تاريخ تي ملهايو ويندو آهي.


    سيپٽمبر

    5 ــ سيپٽمبر خير واري ڪم جو عالمي ڏينهن:
    (انگريزي International Day of Charity ) گڏيل قومن جي اداري پاران هر سال پوري دنيا ۾ هي ڏينهن 5 سپٽمبر تي ملهايو ويندو آهي. اقوامِ متحدا جي جنرل اسيمبليءَ سن 2012ع ۾ پنهنجي 67 هين سيشن جي ايجندا نمبر 15 جي قرارداد نمبر 105/67 مطابق هر سال مڌر ٽريسا جي وفات واري ڏينهن تي هيءُ ڏينهن ملهائڻ جي قرارداد منظور ڪئي.
    هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد عالمي سطح تي خير واري ڪم ۽ ان سان لاڳاپيل غير سرڪاري تنظيمن، شخصيتن جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ خير واري ڪم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کڻڻ آهي. سن 2013ع ۾ هن ڏينهن جي ملهائڻ جي شروعات ٿي

    8 ــ سيپٽمبر: تعليمي شرح جو عالمي ڏينهن:
    محترم سامعين: ٻار مستقبل جا معمار آهن اڳتي هلي ملڪ ۽ قوم جون واڳون ٻارن جي هٿن ۾ اينديون جنهن ڪري ٻارن کي بهتر تعليم ۽ تربيت ڏبي ته اهي بهتر ماحول ۽ بهتر نظام قائم ڪندا. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد خاص ڪري ٻارن ۾ تعليم کي وڌائڻ انهن جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ آهي.اقوام متحده جي اداري يونيسڪو پاران 17 نومبر 1965ع تي تعليم جي شرح جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ سن 1966ع ۾ پهريون ڀيرو هن ڏينهن کي ملهائي عالمي ڏينهن جي شروعات ڪئي ويئي.

    10 ــ سيپٽمبر خودڪشيءَ کان بچاءَ جو عالمي ڏينهن:
    (World Suicide Prevention Day) صحت جي عالمي اداري جي سهڪار سان هر سال دنيا ۾ خودڪشيءَ کان بچاءُ جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو وڃي ٿو. انگن اکرن موجب هر سال 10 لکن کان مٿي ماڻهو خودڪشي ڪن ٿا جيڪا ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد عاڪمي سطح تي خودڪشيءَ کان بچاءُ جو شعور پيدا ڪرڻ، سماجي، معاشي ۽ ذهني صحت جي مسئلن تي ضابطو رکڻ آهي. هونءَ به بزدل ماڻهو جن ۾ هن سماج جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت نه هوندي آهي ، اهڙي ذهني ڪيفيت رکندڙ ذهن ئي خودڪشي ڪندا آهن. دلير، بهادر، همٿ ڀريا ۽ انسانن سان پيار ڪندڙ ماڻهو مڙس ماڻهو ٿي مسئلن کي منهن ڏئي حل ڪندا آهن.

    15 ــ سيپٽمبر جمهوريت جو عالمي ڏينهن:
    جمهوريت جو عالمي ڏينهن (انگريزي: International Day of Democracy) هر سال 15 سيپٽمبر تي بين الاقوامي پارليامينٽ يونين جي تحت ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جي شروعات سن 2008ع ۾ ٿي. اقوام متحدہ جي جنرل اسيمبليءَ سال ۾ 2007 ۾ پنهنجي 62 هين سيشن جي ايجنڊا نمبر 12 جي قرارداد نمبر 62/7 وسيلي هڪ قرارداد منظور ڪري هر سال 15 سيپٽمبر واري ڏينهن کي جمهوريت جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد بين الاقوامي طور جمهوريت پسندن جي حمايت ڪرڻ آهي ۽ ملڪن ۾ حڪومتي سطح تي جمهوريت کي وڌائڻ لاء قدم کڻڻ آهي.

    16 ــ سيپٽمبر اوزون ته جي تحفظ جو عالمي ڏهاڙو:
    اوزون ته جي تحفظ جو عالمي ڏينهن هر سال 16 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد اوزون ته جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. اوزون زمين جي چوڌاري اهو تھ آهي جيڪو سج جي خطرناڪ الٽرا وائلٽ شعاعن کي نه صرف زمين ڏانهن اچڻ کي روڪي ٿو پر تن شعاعن جي نقصانڪار اثرن کي به ختم ڪري ٿو. اوزون آڪسيجن جي ٽن اسمن سان گڏ هڪ شفاف ۽ نظر نه ايندڙ گئس آهي، جيڪا قدرتي طرح فضا ۾ موجود هوندي آهي. اوزون جو نوي سيڪڙو مقدار زمين جي سطح کان پندرنهن پنجونجاھ ڪلوميٽرن تائين فضا ۾ ملي ٿو. سن 1970ع جي ڏهاڪي ۾ هن ڳالهه جو انڪشاف ٿيو ته انساني ترقيءَ، زمين جي حفاطت ڪندڙ قدرتي نظام کي به ڪيترن ئي خطرن جي منهن ۾ آني رکيو آهي. انهن ئي خطرن جي بابت شعور پيدا ڪرڻ لاءِ سموري دنيا ۾ 16 سيپٽمبر تي اوزون تھ جي بچاءَ جو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد ساري مخلوقات کي صاف ۽ صحت مند مستقبل ڏيڻ لاءِ شعور ڏيڻ، ذميواري ۽ عملي ڪم کي اڳتي وڌائڻ آهي.انسان جي غير ذميواراڻي روين سبب زمين جا قدرتي وسيلا گهٽ ٿي رهيا آهن، اوزون تھ ۾ ٿيل خال سبب سج جا نقصان ڏيندڙ شعاع سڌي طرح ذمين تي پهچي، زمين جي زندگيءَ کي متاثر ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري گرمي پَدَ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي.

    سيپٽمبر جو ٽيون اڱارو امن جو عالمي ڏينهن:
    محترم سامعين:امن هڪ اهڙو عمل آهي جنهن سان پوري ڪائنات ۾ انسان ذات جي ترقي ممڪن آهي،پوري عال۾ ۾ امن هوندو ته انسان روز نئين کان نوان تجربا ڪري پنهنجي لاءِ نوان گس ڳوليندو رهندو،پر جڏهن امن جي جاءِ تي گوڙ،گهمسان ۽ افراتفري جو جهان هوندو ته اتي ترقي ناممڪن بڻجي وڃي ٿي.تنهنڪري امن جي اهميت کي سمجهندي ۽ امن جي ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نومبر 1981ع ۾ جنرل اسيمبلي ۾ هڪ قرارداد وسيلي هر سال سيپٽمبر جي ٽئين اڱاري کي امن جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائڻ جو فيصلو ڪيوويو.جنهن وسيلي حڪومتن ۽ قومن جي وچ ۾ امن جي تصورن کي مضبوط بڻا.ڻ تي خاص توجھ ڏيڻ آهي.

    27 ــ سيپٽمبر سياحت جو عالمي ڏينهن:
    سياحت جو عالمي ڏينهن پوري دنيا ۾ 27 سيپٽمبر جي ڏهاڙي ملهايو ويندو آهي. سياحت جو هي عالمي ڏينهن ورلڊ ٽوئرازم آرگنائيزيشن جي ايگزيڪيٽو ڪائونسل جي سفارش تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي قراداد موجب سال 1970ع کان ملهايو پيو وڃي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد دنيا کي هي يقين ڏيارڻو آهي ته سياحت بين الاقوامي برادريءَ لاءِ اڻٽر آهي ۽ سياحت سماجي، ثقافتي ۽ معاشي حالتن تي سڌيءَ طرح پنهنجا اثر ڇڏي ٿي.
    پاڪستان جو ڳاڻيٽو دنيا جي چند اهڙن ملڪن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي مهم جوئي سياحت، قدرتي حسن، مذهبي سياحت ۽ تاريخي ماڳن ۽ مڪانن سان مالا مال آهن. پاڪستان جي قدرتي نظارن ۾ سامونڊي ڪناري کان وٺي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ برف سان ڍڪيل جبل ۽ سندن چوٽيون، خوبصورت جهرڻا / آبشار، چشما، ساوڪ سان ڀريل جبل ۽ واديون، خوابن جي حسين منظرن جهڙيون ڍنڍون ۽ وڏيءَ ايراضيءَ تي پکڙيل دنيا جي مشهور صحرا شامل آهن.

    28 ــ سيپٽمبر ڪتن جي بچاءُ جو عالمي ڏينهن:
    (انگريزي: World Rabies Day) ڪتن جي چڪ کان بچاءَ جو عالمي ڏينهن هر سال 28 سيپٽمر تي گڏيل قومن جي ذيلي صحت جي عالمي اداري جي سهڪار سان سن 2007ع کان ملهايو وڃي ٿو. جنهن جي ملهائڻ جو مقصد ڪتن جي چڪ پائڻ واري مرض کان ماڻهن کي ڄاڻ ڏيڻ ۽ ان جي بچاءَ جو شعور پيدا ڪرڻ آهي.


    آڪٽوبر

    پهرين آڪٽوبر: بزرگن جو عالمي ڏينهن:
    سائين منهنجا:بزرگ ماڻهو اسان جي سماج جا اهي فرد آهن جن پنهنجي زندگي جي سمورن ڏينهن کي پنهنجن جي لاءِ وقف ڪري جستجو ڪئي ۽ نوجوانن لاءِ روشن مستقبل لاءِ هر راھ تان تڪليفن کي پري ڪيو.ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته“هڪ بزرگ سان هڪ ڪلاڪ جي ڪچهري،هڪ سؤ ڪتابن جي پڙهڻ کان وڌيڪ آهي”ان ڪري پهرين آڪٽوبر کي بزرگن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو،گڏيل قومن جي اداري UNO جي جنرل اسيمبليءَ تاريخ 14 ڊسمبر 1990ع تي پهرين آڪٽوبر کي بزرگ ماڻهن جي عالمي ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو ۽ سن 2002ع ۾ ان حوالي کي ڏسندي هڪ قرارداد به منظور ڪئي ويئي.

    پهريون سومر آڪٽوبر: ٻارڙن جو عالمي ڏينهن:
    هن ڏينهن کي ملهائڻ جي راءِ سڀ کان پهريون هڪ غير سرڪاري تنظيم“ٻارن جي ڀلائي واري بين الاقوامي يونين” پاران ڏني ويئي۽ سڀني کان پهرين انهيءَ تنظيم پاران آڪٽوبر سن 1953ع ۾ دنيا جي چاليھ ملڪن هن ڏينهن کي ملهايو ويو. سال 1954ع ۾ هن ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ اقوام متحده پاران هڪ قرارداد منظور ڪئي ويئي.جنهن تحت هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ٻارن جي ڀلائي خاطر وڏن کي اهيو ياد ڏيارڻ آهي ته اهي پاڻ کي ٻارن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ انهن جي خوشي ۽ فلاح جي ڪم لاءِ پاڻ کي وقف ڪر ڇڏين. هي ڏينهن هر سال آڪٽوبر جي پهرين سومر تي ملهايو وڃي ٿو.

    5 ــ آڪٽوبر:استادن جو عالمي ڏينهن:
    اڄ 05 آڪٽوبر تي هڪ عظيم پيشي سان تعلق رکندڙ استادن جو عالمي ڏينهن آهي. شاگرد پنهنجن پيارن استادن کي اڄوڪي ڏينهن تي خراج تحسين پيش ڪندي سلام ڪندا ڇو ته استاد معاشري جو هڪ اهم فرد آهي. سندس سکيا سان انسان پنهنجي منزل ماڻي ٿو. استاد سماج کي سيکاريندڙ ۽ سنواريندڙ آهي. استادن وٽ قوم جي مستقبل جون تقديرون هونديون آهن. جنهن قوم ۽ ديس جو استاد زندهه آهي، اها قوم ڪڏهن به مرڻي ناهي. استاد کي پنهنجي وطن ۽ قوم لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ۽ اها سوچ رکڻي آهي ته مان جنهن مقصد لاءِ آيو آهيان ان سان ڪهڙو انصاف ڪري رهيو آهيان اهو استاد ئي ته آهي جيڪو انسان کي علم سيکاري ٿو. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته استاد جو شان ۽ مرتبو وڏو آهي استاد ئي ٻارن جا روحاني والدين آهن. استاد پنهنجي قوم جا سفير هوندا آهن جيڪي ڀٽڪيل قوم کي سڌي راهه ڏيکاريندا آهن انهيءَ جي ڪري استاد کي گهرجي ته ٻارن کي نصاب کان سواءِ ٻي اهڙي تعليم به ڏئي جو ٻار کي غلامي ۽ آزادي جي خبر پوي ته آزادي ڇا آهي ۽ غلامي ڇا آهي؟ ٻارن کي تعليم جو قدر هئڻ گهرجي

    9 ــ آڪٽوبر:ٽپال جو عالمي ڏينهن:
    سائين منهنجا: هر ماڻهو پنهنجي پيارن کي هر وقت ياد ڪندو رهندو آهي،جيڪي پيارا ماڻهو پري هوندا آهن تن ڏانهن نياپا سنيها موڪليا ويندا آهن.اڳي جڏهن نياپن پهچائڻ جا جديد ذريعا نه هوندا هئا،تڏهن ڪانگ،ڪبوتر کي نياپي پهچائڻ جو ذريعو سمجهيو ويندو هيو. وري جڏهن ٽپال جي نظام جو وجود پيو ته خط انسان جي پيغام جو بهترين وسيلو ٿي پيو.جيئن جيئن دنيا ترقي ڪري رهي آهي،تيئن تيئن ٽپال جو نظام به جديد ٿي رهيو آهي.اڳي جيڪو نياپو يا خط ڏينهن جا ڏينهن کائيندو هيو،اهو اڄ سيڪنڊن ۾ پهچي وڃي ٿو.سن 1872ع ۾ 9 آڪٽوبر جي تاريخ تي سوئيزرلينڊ جي شهر “برن” ۾ عالمي ٽپال بابت هڪ ڪانفرنس ٿي،جنهن ۾ “جنرل پوسٽل يونين” نالي هڪ تنظيم جو بنياد وڌوويو.ان ٺاھ تي 22 ملڪن صحيحون ڪيون ۽ پهرين جولاءِ 1875ع کان ان تي عمل ڪيوويو.يونين پهرين جولاءِ 1948ع تي اقوام متحده جي خصوصي ايجنسي بڻي. ٽپال جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مطلب هي آهي ته جيئن دنيا جا سمورا ملڪ ٽپال جي نظام کي بهتر کان بهتر ڪري سگهن.

    11 ــ آڪٽوبر: ٻارڙين/ننڍڙين نياڻين جو عالمي ڏينهن:
    اسان جي ملڪ سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ٻارڙين جو عالمي ڏينهن 11 آڪٽوبر تي ملهايو وڃي ٿو.دنيا اندر ٻارڙين سان ٿيندڙ زيادتين جهڙوڪ ننڍي عمر ۾ شادي،تعليم جي ميدان ۾ پوئتي ڌڪڻ،ٻين جي گهرن ۾ سخت پورهئي ڪرائڻ ۽ تشدد جي واقعن سبب ٻارڙين تي حد کان وڌيڪ ڌيان ڏيڻ ضروري ٿي پيو آهي.نياڻيءَ سان ظلم ۽ زيادتي جي تاريخ جيتري پراڻي آهي اوتري اها ننڍڙي نياڻيءَ عورت جي روپ ۾ عزم ۽ همٿ جو داستان بڻجي پنهنجي پويان نه مٽجندڙ تاريخي نشان ڇڏيا آهن.اسان جي سنڌي سماج ۾ نياڻيءَ جي عظمت کي ايترو مڃيو ويو آهي جو نياڻيءَ کي ميڙ جي صورت ۾ ناهي موٽايو ويندو ۽ نياڻي جي اچڻ سان وڏي کان وڏا ڏوھ به معاف ڪيا وڃن ٿا.

    15 ــ آڪٽوبر بصارت (نظر کان محروم ماڻهن) جو عالمي ڏينهن:
    15 آڪٽوبي سموري دنيا ۾ نابينن جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي،هن ڏينهن کي سفيد لڪڻ جو به ڏينهن چوندا آهن،ڇو ته سفيد لڪڻ اکين جي روشني کان محروم ماڻهن جي نشاني ۽ سهاري طور استعمال ٿئي ٿو.هي ڏينهن نابينن جي بين الاقوامي فيڊريشن پاران هر سال ملهايو وڃي ٿو.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد معاشري کي اکين جي روشني کان محروم ماڻهن جي مسئلن ۽ تڪليفن جو احساس ڏيارڻ آهي ته جيئن انهن ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت، روزگار تحفظ لاءِ جوڳا انتظام ڪيا وڃن.

    15 ــ آڪٽوبر هٿ ڌوئڻ جو عالمي ڏينهن:
    (انگريزي: Global Hand washing Day) سڄي دنيا ۾ سال 15 آڪٽوبر تي سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. هي هڪ عالمي مهم آهي ۽ هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد هٿ ڌوئڻ جي اهميت ۽ صحت تي پوندڙ اثرن واري شعور کي بلند ڪرڻ آهي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جي شروعات سن 2008ع ۾ ٿي. هٿ ڌوئڻ انساني صحت جو خاص ڪم آهي جنهن جي ادا ڪرڻ سان انسان ڪيترين ئي بيمراين جي حملي کان بچي سگهي ٿو.

    16 ــ آڪٽوبر:خوراڪ جو عالمي ڏينهن:
    سموري دنيا اندر خوارڪ جي مسئلن بابت عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ بک،ناقص غذا ۽ غربت جي خلاف جدوجهد واري اتحاد کي مضبوط ۽ پائيداربڻائڻ لاءِ اقوام متحده جا ميمبر ملڪ هن ڏينهن کي خوراڪ جي عالمي ڏينهن طور ملهائيندا آهن.16 آڪٽوبر 1945ع تي ڪئنيڊا جي ڪوٽيبڪ واري هنڌ خوراڪ ۽ زراعت جي اداري جي قائم ٿيڻ جي سالگرھ جي موقعي تي هڪ ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ ان ڏينهن جي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد دنيا ۾ پيدا ٿيل خوراڪ جي بحران تي ضابطو آڻڻ آهي. اسين دنيا تي نظر وجهون ٿا ته دنيا ۾ خوراڪ جي گهٽتائي سبب ڪيترن کي ملڪن ۾ انسان جو جيئڻ جنجال بڻيل آهي، خاص طور تي آفريقي علائقا بک ۽ بد حاليءَ جو شڪار آهن. جتي ماني انسان جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي.

    17 ــ آڪٽوبر غربت جي خاتمي جو عالمي ڏينهن:
    هر سال 17 آڪٽوبر تي سموري دنيا ۾ غربت جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد غربت واري زندگي گذاريندڙ ٻارن ۽ خراب حالت ۾ زندگي گهاريندڙخاندانن جي حقن ڏيارڻ واري ضرورت کي اجاگر ڪرڻ آهي. غربت ۽ محروميءَ واري زندگي بسر ڪندڙ انسانن جي مشڪلاتن کي سمجهڻ ۽ انهن جي مسئلن کي ٻڌڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي. هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد غربت، محرومي ۽ اڻ برابريءَ کي ختم ڪرڻ، ٻارن جي حقن جي حفاظت ۽ غريب ماڻهن جي ڏکين حالتن ۽ انهن جي ڀلائي ۽ بهتريءَ وارن منصوبن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سيمينار، مذاڪرا، بحث مباحثا ۽ خاص پروگرامن جو بندوبست ڪيو ويندوآهي. دنيا ۾ اهڙا به ملڪ آهن جتي غربت لي لڪير کان به تمام گهڻو هيٺ انسان پنهنجي زندگي گهاري رهيا آهن.

    19 ــ آڪٽوبر بيت الخلا جو عالمي ڏينهن:
    بيت الخلا جو عالمي ڏينهن (انگريزي: World Toilet Day) گڏيل قومن پاران هر سال سموري دنيا ۾ 19 آڪٽوبر تي ملهايو يوندو آهي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد عوام کي بيت الخلا جي استعمال، ان جي اهميت ۽ انساني صحت تي پوندڙ بيت الخلا جي اثرن جو شعور جاڳائن آهي. هن ڏينهن جي شروعات سن 2011ع ۾ عالمي بيت الخلا تنظيم پاران ڪئي وئي هئي.

    20 ــ آڪٽوبر: فضائي ٽريفڪ ڪنٽرول ڪرڻ وارن جو عالمي ڏينهن:
    اسان جي ملڪ سميت پوري دنيا ۾ هوا ۾ هلندڙ آمد ورفت تي ضابطو رکڻ وارن“ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول ڪندڙ“ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر” جو عالمي ڏينهن اڄوڪي تاريخ يعني 20 آڪٽوبر تي ملهايو وڃي ٿو.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد فضائي سفر دوران ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول ڪرڻ جي اهميت کان آگاھ ڪرڻ آهي.هن ڏينهن جي مناسبت سان پوري دنيا جي هوائي اڏن تي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر جي اعزاز ۾ تقريبون ڪيون وينديون آهن.

    24 ــ آڪٽوبر: ترقياتي ڪمن بابت آگاهي جو عالمي ڏينهن:
    پاڪستان سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ترقياتي ڪمن جي باري ۾ معلومات ۽ ڄاڻ ڏيڻ جو ڏينهن 24 آڪٽوبر تي ملهايو وڃي ٿو،جنهن جو مطلب هي آهي ته ترقياتي ڪمن جي حوالي سان پيش ايندڙ مسئلن جي ڄاڻ ۽ ان شعبي ۾ عوامي خيالن جو ڌيان بين الاقوامي تعاون جي گهرج ۽ اهميت ڏانهن ڇڪائڻ آهي. اسان کي هميشه هيءَ ڪوشس ڪرڻ گهرجي ته پنهنجي آسپاس ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن تي نه صرف نظر رکون پر جن اصولن ۽ ضابطن تحت اهي ترقياتي ڪم ڏنا ويا آهن،تن کان واقف ٿيون ۽ انهن اصولن پٽاندڙ پنهنجي علائقي ۾ ٺهندڙ،روڊ،اسڪول جي عمارت،اسپتال جي عمارت يا ٻيون اهڙيون اسڪيمون جيڪي عوام جي ڀلائي لاءِ هجن انهن تي نظر رکي صحيح اصولن تحت ڪم ڪرائي،ملڪي ناڻي جي حفاظت ڪريون.

    24 ــ آڪٽوبر:اقوام متحده جو عالمي ڏينهن:
    سن 1945ع ۾ اقوام متحده جي منشور جي نافذ ٿيڻ واري عمل جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ،سڀ ميمبر ملڪ هر سال هي ڏينهن “اقوام متحده جو ڏينهن” ڪري ملهائيندا آهن.جنهن جو مقصد دنيا جي ماڻهن کي اقوام متحده جي مقصدن ۽ ڪارنامن کان واقف ڪرڻ آهي ته جيئن هن عالمي اداري جي ڪم لاءِ حمايت حاصل ڪري سگهجي.


    نومبر

    14 ــ نومبر: ذيابطيس جو عالمي ڏينهن:
    سموري دنيا ۾ ذيابطيس کان بچاءَ جو عالمي ڏينهن14 نومبر تي ملهايو وڃي ٿو.دنيا جا 24 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ ماڻهو هن مرض ۾ مبتلا آهن.سال 1985ع ۾ دنيا ۾ 3 ڪروڙ ماڻهو هن بيماري جو شڪاررهيا،جيڪي سن 2000ع ۾ 15 ڪروڙ ،سال 2003ع ۾ 19 ڪروڙ 49 لک ٿي ويا.22 ورهين ۾ شگر جي مريضن ۾ 21 ڪروڙن کان وڌيڪ،جڏهن ته گذريل ستن ورهين ۾ 9 ڪروڙ 60 لک يعني 64 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.عالمي سطح تي ساليانو 38 لک (20 کان 79 سالن جي عمر) ماڻهو ذيابطيس ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ ٻين مرضن سبب هي دنيا ڇڏي وڃن ٿا.هڪ سروي موجب ذيابطيس جي مرض ۾ مبتلا سڀ کان وڌيڪ ماڻهواولھ بحرالڪاهل جا آهن جن جو تعداد 6 ڪروڙ 70 لک آهي.جڏهن ته اسان جوملڪ شگر ۾ مبتلا ماڻهن جي حوالي سان دنيا ۾ ستين نمبر تي آهي،جتي 69 لک ماڻهو شگر جي مرض ۾ مبتلا آهن.ماهرن جي اڳڪٿي موجب سال 2025ع تائين ملڪ ۾ شگر جي مريضن ۾ 66.6 سيڪرو اضافو ٿيندو ۽ مريضن جو انگ هڪ ڪروڙ 15 لکن تائين پهچندو.سال 2025ع ۾ پاڪستان شگر کان متاثر ٿيل ملڪن ۾ پنجين نمبر تي وڏو ملڪ بڻجي ويندو.

    16 ــ نومبر سهپ / برداشت جو عالمي ڏينهن:
    سهپ يا برداشت جو عالمي ڏينهن پوري دنيا ۾ هر سال 16 نومبر تي ملهايو ويندو آهي، جنهن کي سڀ کان پهريون يونيسڪو پاران سن 1995ع ۾ عالمي سطح تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. ان سان گڏ هڪ ئي قراداد منظور ٿي هئي، جنهن ۾ سهپ يا برداشت کي نه خوشي ۽ نه ئي همدريءَ واري جذبي جي کوٽ سان جوڙيو ويو. پر هن ڏينهن کي دنيا جي سمورن انسانن ۽ قومن جي تهذيب ۽ رهڻي ڪهڻيءَ واسطي عزت ۽ وقار جي سڃاڻپ قرار ڏنو ويو.

    17 ــ نومبر: شاگردن جو عالمي ڏينهن:
    دنيا جي سڀني شاگردن جو عالمي ڏينهن،پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ هن تاريخ يعني 17 نومبر تي ملهايو وڃي ٿو.هي ڏينهن چيڪوسلواڪيا تي جرمني پاران ڪيل قبضي جي خلاف 17 نومبر 1939ع ۾ گاديءَ واري شهر پراگ جي رستن تي مزاحمت ڪندڙ شاگردن جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي.هن ڏينهن کي عالمي سطح تي ملهائڻ جو باقاعدي اعلان 17 نومبر 1941ع ۾ “لنڊن انٽرنيشنل ڪائونسل”پاران ڪيوويو.

    19 ــ نومبر مردن جو عالمي ڏينهن:
    پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اڄ مردن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد مردن جي حقن جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ نه پر مرد پنهنجي صحت جو هميشه خيال رکڻ وارو مقصد آهي.
    هن ڏينهن ملهائڻ جي شروعات سال 1999ع کان ڪئي ويئي. مردن جي عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد هي به آهي ته مردن جي ڪيل محنتن ۽ ڪم کي ساراهجي، ڇو ته عورتن جي ڀيٽ ۾ مرد، مختلف بيمارين جو شڪار گهڻو ٿين ٿا،خطرناڪ ۽ سخت محنت وارا ڪم مردن جي روزگار ۾ شامل آهن، اهوئي سبب آهي جو 93 سيڪڙو مرد پنهنجو ڪم يا نوڪري ڪندي راھ رباني وٺي وڃن ٿا. سماجي، گهريلو ۽ معاشي مسئلا به مردن کي وڌيڪ متاثر ڪن ٿا. نشيدار شيون واپرائڻ، ورزش نه ڪرڻ جهڙا مسئلا به مردن جي عمر گهٽائن ٿا ۽ صحت جي خرابيءَ جو سبب بنجن ٿا. مرد پيءُ هجي ڀاءُ هجي يا مڙس پنهنجي گهر جو ڇپر ۽ ڇانوَ هوندو آهي، جيڪو پنهنجي گهر ۽ مٽن مائٽن کي سکيو رکڻ لاءِ زندگيءَ جي هر ڏکيائي کي گرمي هجي يا سردي سهندو رهي ٿو.

    21 ــ نومبر:ٽيليويزن جو عالمي ڏينهن:
    اسان جي ملڪ سميت سموري دنيا ۾ ورلڊ ٽي وي ڊي(ٽيليويزن جو عالمي ڏينهن) 21 نومبر تي ملهايو وڃي ٿو.ٽيلي ويزن لاطيني زبان جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ پري کان ڏسڻ آهي.ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ پهريون ڀيرو تصويرن کي فيڪس مشين وسيلي احساسن جي ترجماني ڪندڙ طور سامهون آندو ويو ۽ اها ايجاد سن 1926ع ۾ ٽي وي جي صورت ۾ سامهون آئي،جنهن کي اسڪاٽ لينڊ جي رهواسي بئيرڊ ايجاد ڪيو.1930ع جي شروعات کان ئي ٽي وي معلومات ڏيڻ جو اهم ذريعو بڻجي وئي.

    21 ــ نومبر:ماهيگيري/ مهاڻن ۽ مڇيءَ جي پالنا جو عالمي ڏينهن:
    پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ 21 نومبر تي ماهيگيري ۽ مڇيءَ جي پالنا جي باري ۾ عالمي ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو.ان ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد مڇي ماريندڙن جي اڳيان ايندڙ مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن مسئلن جي حل کي ڳولڻ واسطي قدم کڻڻ بابت جائزو وٺڻ آهي.مڇي ماريندڙن/گهاتن/مهاڻڻ جو وڏو تعداد سنڌ ۾ رهندڙ آهي.جن کي هن ڏينهن جي مناسبت کان ڄاڻ ڏيڻ تمام ضروري آهي ته جيئن اهي هن شعبي سان بهتر نموني سلهاڙيل رهن.

    نومبر جي ٽين خميس: فلسفي جو عالمي ڏينهن:
    فلسفياڻي گفتگو جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ، يونيسڪو پاران دنيا ۾ فسلفي جو عالمي ڏينهن نومبر جي ٽين خميس تي ملهايو ويندو آهي. پهريون هي ڏينهن 21 نومبر تي ملهايو يوندو هيو. سن 2002ع کان شروع ٿيندڙ هن عالمي ڏينهن تي سماج ۾ فلسفياڻي گفتگو/ مباحثي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. فلسفو تعليم جو هڪ اهڙو شعبو آهي، جنهن جي ساراھ اڃا تنازعي واري آهي، تنهن هوندي به ڳوڙهي خيال ڪرڻ بعد ائين چئي سگهجي ٿو ته فلسفو آسپاس جي حالتن بابت شخصي نظريو آهي. شايد ڪا اهڙي علم جي شاخ هجي جنهن انسان جي سوچ ۾ اهڙيون انقلابي تبديليون آنديون هجن، جيڪي فلسفي ذريعي ٿيون هجن. فلسفي انسانن کي سوال ڪرڻ سان گڏ جيئڻ سيکاريو آهي.

    29 ــ نومبر: فلسطيني عوام سان ايڪتا ۽ ٻڌي جو عالمي ڏينهن:
    دنيا ۾ جڏهن به ڏاڍ ۽ جبر جي مڪمل حڪمراني قائم ٿي ويندي آهي، تڏهن ان جو سڌو اثر هر ان مظلوم ڌر تي پوندو آهي، جيڪا تاريخ جي وهڪري ۽ حالتن ۾ ڪمزور ٿي وئي هجي، ظلم ۽ استحصال جو دائرو هڪ فرد کان شروع ٿي ڪٽنب، قبيلي، فرقي، ذات، برادري ۽ قوم تائين وسيع ٿي ويندو آهي، فلسطين جيڪو وچ اوڀر ۾ هڪ عرب ملڪ آهي، گذريل ڪيترن ئي ورهين کان سڌي ظلم هيٺ آهي، دنيا ۾ ڪنهن مظلوم ۽ مزاحمت ڪندڙ قوم جو نالو کڻجي ته فلسطين جو رتبو ۽ درجو اولين هوندو.فلسطيني قوم جي مٿان سرائيل ۽ سندس اتحادي عالمي سامراجي ملڪن جو ظلم ان انتها تي پهتل آهي جو هاڻ فلسطيني جڏهن پنهنجا شهيد ٿي ويل ساٿي ۽ زخمي کڻي احتجاج ڪندا آهن يا کين اسپتالن طرف وٺي ويندا آهن ته انهن جي اکين ۾ لڙڪ ۽ غم نه هوندو آهي پر اهي جذبات ۽ خوشي ۾ فلسطين جي آزاديءَ جا ترانا ڳائيندي ڏٺا ويندا آهن، دنيا جا حساس ۽ ظلم خلاف جدوجهد ڪندڙ ماڻهو جڏهن اهڙا منظر پنهنجي ٽي وي اسڪرين تي ڏسندا آهن ته ان بابت اهو فيصلو ناهن ڪري سگهندا ته هنن واقعن تي خوش ٿجي يا ڏک ڪجي.فلسطين جي عوام سان ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهائڻ لاءِ اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي 2 ڊسمبر 1977ع تي هڪ قرارداد منظور ڪئي،جنهن تحت يو اين او جا ميمبر ملڪ هي ڏينهن ملهائيندا آهن.


    ڊسمبر

    1 ــ ڊسمبر:ايڊز جي بچاءَ جو عالمي ڏينهن:
    سموري دنيا ۾ ايڊز کان بچاءَ جو ڏينهن پهرين ڊسمبر تي ملهايو وڃي ٿو.ايڊز جو عالمي ڏينهن دنيا ۾ پهريون ڀيرو سن 1987ع ۾ ملهايو ويو.صحت جي عالمي اداري جي انگن اکرن موجب دنيا ۾ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو ايڇ آءِ وي ايڊز جي وائرس جو شڪار آهن.جن ۾ ٻن ملين کان به وڌيڪ ٻار به ايڊز جي مرض ۾ ورتل آهن.حياتياتي ماهرن مطابق ايڊز جي بيماري جو سبب هڪ وائرس آهي،جنهن کي “ايڇ آءِ وي” جو نالو ڏنو ويو آهي.اهو وائرس مڪمل “پيراسائيٽ” آهي،جنهن جو مطلب آهي،ٻين جي زندگيءَ تي مدار رکندڙ وائرس.

    3 ــ ڊسمبر: معذورن جي عالمي ڏينهن:
    اسان جي ملڪ سميت پوري دنيا ۾ گڏيل قومن جي طرفان ملهائجندڙ معذورن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي انهن خصوصي فردن ۾ معذوري ڳولڻ بدران سندن قابليتون ڳوليون وڃن، هڪ اندازي موجب مختلف معذورين وارا هڪ ارب ماڻهو هن ڌرتي جي گولي تي رهن ٿا ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته کين انساني ترقي ۾ برابر جو حصيدار بنائڻ لاءِ کين انسان طور سماج جي سمورن شعبن سان ڳنڍڻ گھرجي،گڏيل قومن پاران هر سال 3 ڊسمبر تي معذور ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد معذورن بابت شعور آگاهي ڦهلائڻ، انهن جي حقن جو تحفظ ۽ انهن کي خودمختيار بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي .

    5 ــ ڊسمبر رضاڪارن جو عالمي ڏينهن:
    جيڪو شخص بنا ڪنهن لوڀ، لالچ ۽ معاوضي جي ڪنهن انسان يا سماج جي خدمت ڪري ٿو، تنهن کي اسين رضاڪار چئون ٿا. پنهنجي دل ۾ ڏکايل انسانن جو درد رکندڙ رضاڪارن جو بين الاقوامي ڏينهن هر سال 5 ڊسمبر تي گڏيل قوم جي اعلان موجب 1985ع کان ملهايو وڃي ٿو. هن ڏينهن ملهائڻ ڪري رضاڪار تنظيمن ۽ انفرادي رضاڪارن جي سهڪار کي ظاهر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي، پوءِ اهو مقامي، قومي يا بين الاقومي سطح تي ڀلي ڇو نه هجي! رضاڪارن جو عالمي ڏينهن غير سرڪاري تنظيمن، هلالِ احمر، اسڪائوٽ تحريڪ ۽ ٻين تنظيمن پاران ملهايو ويندو آهي، جنهن کي گڏيل قومن جي رضاڪارن جي پڻ حمايت به حاصل آهي.

    7 ــ ڊسمبر شهري هوا بازيءَ جو عالمي ڏينهن:
    شهري هوا بازيءَ جو عالمي ڏهاڙو (انگريزي: International Civil Aviation Day) اقوامِ متحده جي خصوصي اداري “ عالمي شهري هوا بازي تنظيم” جي سهڪار سان هر سال پوري دنيا ۾ 7 ڊسمبر تي ملهايو وڃي ٿو. هن ڏينهن ملهائڻ جي شروعات عالمي شهري هوا بازي تنظيم جي پنجاهين سالگرھ جي موقعي تي سن 1994ع ۾ ٿي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ سال 1996ع ۾ پنهنجي 51 هين سيشن جي ايجنڊا جي اسم نمبر 162 جي قرداد نمبر 51/33 وسيلي هر سال هن ڏينهن ملهائڻ جي منظوري ڏني ويئي. هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد سموري دنيا ۾ شهري هوابازيءَ جي اهميت ۽ ان جي قانونن بابت عوام ۾ سجاڳي آڻڻ آهي.

    9 ــ ڊسمبر بدعنواني، جعلسازي ۽ ٺڳيءَ کي روڪڻ وارو عالمي ڏينهن:
    بدعنواني، جعلسازي ۽ ٺڳيءَ کي روڪڻ وارو عالمي ڏينهن (انٽر نيشنل اينٽي ڪرپشن ڊي / International Anti-Corruption Day) هر سال 9 ڊسمبر تي پوري دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد هي آهي ته ملڪن ۾ ڪرپشن ۽ ناانصافي کي ختم ڪري ۽ هر ڪم ميرٽ مطابق هلائي عوام اندر وڌندڙ مايوسي ۽ نا اميديءَ کي ختم ڪري ۽ قانون جي حڪمرانيءَ کي يقيني بڻايو وڃي. ڪو به شخص قانون کان مٿانهون نه هجڻ گهرجي. ڪرپشن اسانجي معاشري جو حصو بڻجي وئي آهي، والدين، استاد، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا کي بدعنواني، جعلسازي ۽ ٺڳيءَ خلاف تحريڪ هلائڻ گهرجي.

    10 ــ ڊسمبر:انساني حقن جو عالمي ڏينهن:
    انساني حقن جي عالمي منشور جي منظوري جي سالگرھ واري ياد کي تازو ڪرڻ لاءِ هر سال هن تاريخ تي سموري دنيا ۾ انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو.جنرل اسيمبليءَ پاران هن منشور جي منظوري 10 ڊسمبر 1948ع ۾ ڏني ويئي.سن 1950ع ۾ جنرل اسيمبليءَ سڀني ميمبر ملڪن ۽ واسطيدار ادارن کي دعوت ڏني ته اهي هن ڏينهن کي “انساني حقن جو عالمي ڏينهن” ڪري ملهائين ته جيئن انساني حقن کان بي خبر ماڻهن تائين اهو پيغام پهچي ته هر انسان جا بنيادي حق ڪهڙا آهن.

    11 ــ ڊسمبر جبلن جو عالمي ڏينهن:
    (انگريزي:Mountain Day) پاڪستان سميت دنيا ۾ هر سال 11 ڊسمبر تي ملهايو ويندو آهي. جبلن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي شروعات 11 ڊسمبر 2002ع ڪئي وئي ۽ هن ڏينهن ملهائيندي، دنيا ۾ جبلن جي حالت کي بهتر بڻائڻ ۽ انهن جي قدرتي ماحول کي برقرار رکڻ لاءِ خاص قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو ويندو آهي.
    پاڪستان لاءِ هيءَ ڳالهه فخر لائق آهي ته دنيا جي ٻين اوچي چوٽي ڪي ٽو (8611 ميٽر) ۽ نائين بلند بالا چوٽي نانگا پربت ( 8126 ميٽر) سميت اٺ هزار ميٽرن کان مٿي بلند بالا 14 چوٽين منجهان پنج چوٽيون پاڪستان ۾ آهن. عالمي سطح تي هر سال 5 ڪروڙن کان مٿي سياح جابلو علائقن ڏانهن رخ رکن ٿا. جنهن ڪري پهاڙن علائقن ۾ وڌندڙ گدلاڻ هڪ مسئلو بڻجي ٿي. هن عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد جبلن جي قدرتي حسن کي قائم رکڻ واري عمل کي اجاگر ڪرڻ آهي.

    18 ــ ڊسمبر مهاجرن جو عالمي ڏينهن:
    دنيا جي ڪنهن به خطي يا ملڪ ان ڪنهن به مسئلي سبب لڏ پلاڻ ڪري ڪنهن ٻئي ملڪ يا خطي ۾ عارضي بنياد تي پناھ وٺندڙ يعني جن کي پنهنجي ڌرتي ناهي هوندي، تن کي مهاجر سڏيو ويندو آهي. مهاجرن جو عالمي ڏينهن ( International Migrants Day)
    هن ڏينهن کي ملهائڻ جي شروعات فلپائني مهاجرن ۽ ٻين ايشيائي مهاجر تنظيمن پاران 1977ع ڪئي ويئي. اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ 4 ڊسمبر 2000ع جي قرارداد نمبر 93/55 وسيلي هر سال هن ڏينهن کي ملهائڻ منظور ڪري ورتو. هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد دنيا ۾ رهندڙ مهاجرن جر حفاظت، بنيادي حقن، انهن سان انساني همدريءَ وارو ورتاءُ ڪرڻ واري شعور کي جاڳائڻو آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 923
    ڪتابن جو مشاهدو: 2927497
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 760888
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ