لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نـاهـيـــون (تاريخ جي آئيني ۾)

ناهيون سنڌ جي هڪ ذات، برادري يا قبيلو آهي۔ محترم غلام مصطفى ناهيون صاحب جو لکيل ڪتاب ناهيون (تاريخ جي آئيني ۾) به ان ئي ذات بابت آهي، جيڪو اوهان اڳيان پيش آهي۔
هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو آهي۔ اسان ٿورائتا آهيون سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ ڏاهپ پبليڪيشن جي سرواڻ سائين رياضت ٻرڙو صاحب جا، جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوز ٿيل ڪاپي سنڌ سلامت تي پڙهڻ لاء موڪلي ڏني آهي۔
Title Cover of book نـاهـيـــون  (تاريخ جي آئيني ۾)

• ڀاڻو ناھين کان آڳ ۽ پاڳ وڃڻ

جيئن مٿي ذڪر ڪيل آھي ته ڀاڻو ۽ لاکو، شيخ صاحب جي حياتيءَ کان وٺي، سندس خاص خليفا ۽ ڏوئي ڌڻي ھئا، يعني شيخ صاحب جي خاص ڏھاڙن تي آيل مريدن ۽ عقيدتمندن ۾ ننگر ورھائڻ سندن ڪم ھو. جن مان به ڀاڻو وڏو ھئڻ جي حيثيت ۾ وڏو خليفو ھو. پوءِ روايت موجب عرس جي ڏھاڙن ۾ ننگر جي وڌ وقت، ڀاڻو ٻوٽيون پاڻ، پنھنجي اولاد، پنھنجي مٽن مائٽن ۽ دل گھرين کي کارائيندو ھو ۽ باقي آيل مريدن ۽ عقيدتمندن کي صرف رکا چانور ڏيندو ھو. جنھنڪري ڪن مريدن اھا دانھن وڃي شيخ صاحب جي حضور ۾ پيش ڪئي ۽ پنھنجي دانھن اونائڻ لاءِ شيخ صاحب تي ٽن راتين جي جاڳرتا ڪئي.
جنھن کان پوءِ وڌ جي ڏوئي ۽ راڄ جي پڳ ٻئي' ڀاڻو' کان ڦري 'لاکي' کي ڏني ويئي ۽ ڀاڻو کي اولاد ۽ ھمدردن سميت شيخ صاحب تي عرس جي ٻوٽي کائڻ کان سختيءَ سان منع ڪئي. اھو به حڪم ٿيو ته جيڪڏھن ھو ٻوٽيون کائيندا ته اھي کين ڦاسي پونديون. تصديق آھي ته عبداللھ ناھيون جي ڳوٺ ۾ ڀاڻو جي اولاد کان سواءِ ٺٽي ۾ گل حسن ناھيون ۽ ٻين ڀروارن ڳوٺن جي ناھين لاءِ پڻ اھا ڳالھ جيئن جو تيئن قائم آھي.
ڀاڻو کان جيڪا پڳ لاکي کي ملي، اھا نسل در نسل ھلندي گذشته ويھين صديءَ ۾ ڳوٺ ڀليڏنو ناھيون تعلقه ٽنڊوالھيار ۾ وڏيري الھڏني جي بي اولاد وفات ڪرڻ تي بھي رھي آھي. پر ان پڳ ۾ شيخ صاحب جي دعا جو اثر آھي. اڄ به ’کرٽئي‘ جي ڪھڙي به مريض کي ’چڱي مڙس‘ جي استعمال ڪيل پٽڪي مان ڪا لينگھ ڦاڙي جي ٻڌبي آھي ته کيس کرٽيو ختم ٿي ويندو آھي.