لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نـاهـيـــون (تاريخ جي آئيني ۾)

ناهيون سنڌ جي هڪ ذات، برادري يا قبيلو آهي۔ محترم غلام مصطفى ناهيون صاحب جو لکيل ڪتاب ناهيون (تاريخ جي آئيني ۾) به ان ئي ذات بابت آهي، جيڪو اوهان اڳيان پيش آهي۔
هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو آهي۔ اسان ٿورائتا آهيون سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ ڏاهپ پبليڪيشن جي سرواڻ سائين رياضت ٻرڙو صاحب جا، جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوز ٿيل ڪاپي سنڌ سلامت تي پڙهڻ لاء موڪلي ڏني آهي۔
Title Cover of book نـاهـيـــون  (تاريخ جي آئيني ۾)

• رائدن جي نون پٽن جو سما نگر مان نڪرڻ ۽ جدا ٿيڻ

جيئن ’تحفة الڪرام‘ کان ويندي ’تاريخ سنڌ-٣‘ ۽ تقريبًا ٻين سمورن تاريخي ڪتابن ۾ رائدن پٽ ڪاڪو جا نو پٽ ڄاڻايل آھن (جيئن ھن مضمون جي شروعات ۾ ڏنل شجري اندر نقل ڪيل آھي). اھڙيءَ طرح ڪتاب ’تاريخ سميجا‘ جي مصنف قاضي محمد سليمان ڀان پڻ رائدن جا نو پٽ ئي ڄاڻايا آھن. پر انھن جي نالن ۾ ٿورو اختلاف ڏيکاريو آھي. سندس مطابق رائدن جي نون پٽن جا نالا ھن ريت آھن. ١. سمو جنھن مان سميجا آھن. ٢. ابڙو ٣. چنيسر ۴. منھي، جنھنجو اولاد مانڌر وارا منڌرا آھن. ٥. نوتيار، جنھن جو اولاد دلاسي ۽ چاچڪ پرڳڻن واري نوتيار قوم آھي. ٦. ڏاھر، جنھن مان ناھيان قوم آهي. ٧. ھڱورو، تنھن مان ناھيان قوم آھي. ٨. لاکو، جنھن مان ڊڀري ۾ لاکا سمان آھن. ٩. پلي، جنھن جا نھڙي، راھمون ننگر سمان ۽ ٻيون قومون آھن.
ھتي آئون ’ناھين‘ جي حوالي سان لکندس ته ھن صاحب رائدن جي ٻن پٽن جا نالا ڏاھر ۽ ھنڱور ڏنا آھن. جنھن مان ’ناھيان‘ قوم ڄاڻايل آھي. پر تحفة الڪرام جي ڳانڍاپي سان ’تاريخ سنڌ-۳‘ جو مصنف ٻن ڀائرن جا نالا (جنھن مان ناھيون قوم ڦٽندڙ سمجھي ويئي آھي) ١. ابڙو، جنھنجو اولاد ڦل ناھيان ۽ ڏاھر ناھيان. ٢. ناھيون لکيا آھن. جيتوڻيڪ وقت جي وڏي وٿيءَ ۽ گھٽ وسائل ڪري انھيءَ فرق جي تحقيق ۽ تصديق تي بحث ۽ دليل ڪنھن خاص اھميت جا حامل نه ٿا رھن، پر پوءِ به اھا ڳالھ نوٽ ڪرڻ جوڳي آھي ته سمورن تاريخي ڪتابن رائدن جي پٽن، جن مان اڄ جي ناھيون قوم آھي، انھن جو تعداد ٻه لکيو آھي.
’تاريخ سميجا‘ جو مصنف، رائدن جي انھن نون پٽن جو سمانگر (ٺٽي) کان نڪرڻ ۽ پوءِ ھميشھ لاءِ جدا ٿي پوري سنڌ ۾ پکڙجڻ جي سبب جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي ته: ’رائدن‘ جي پٽ ’سمي‘ جو سڱ جيسلمير جي ڳوٺ ’سمجھاڙيلي‘ ۾ مڱڻراءِ جي گھر ڪيو ويو ھو، جنھن لاءِ ’سمون‘ پنھنجي ڀائرن ۽ ڄڃ سميت شادي لاءِ سمجھاڙيلي اسھيو. واٽ تي رتي چائوڙي جو ڳوٺ نالو ’رتيو ڪوٽ‘ ھو، جتي ڄڃ ٿوري وقت لاءِ وڃي ترسي. ان ڳوٺ ۾ ئي رتي جو ڀاءُ مراد چائوڙو ھو، جنھنجي ڌيءَ نالي بيگ ٻائي وڏي پھلوان ۽ خوبصورت ھئي. اتي ئي اتفاق سان سمي جو گھوڙو (جنھن کي يا ته سمون خود جھليندو ھو، جو خود وڏو پھلوان ھو يا وري پنجاھ ماڻھو جھليندا ھئا) ڇنائي وٺي ڀڳو. پريان ئي مراد جي ڌيءُ بيگ ٻائي کير سان ڀريل قرسي ٻيلڙو مٿي تي ۽ مينھن جو ڦر ڪڇ ۾ کڻي پئي آئي. گھوڙي جي سئيس کيس گھوڙي جي راھ تان پري ٿيڻ لاءِ ھڪلون ڪيون، پر ھوءَ پري ڪا نه ٿي، ويتر جيئن ئي گھوڙو سندس پاسي کان لنگھيو ته پاڻ گھوڙي جي رسي تي لت رکيائين. گھوڙي گھڻا ئي زور لاتا پر ڇڏائي نه سگھيو. سمي جي ماڻھن اچي گھوڙو ورتو ۽ پوءِ وڃي ساري حقيقت کي سمي کا آگاھ ڪيو. سمون جيئن ته پاڻ به پھلوان ھو انڪري بيگ ٻائي، جي پھلواني ۽ خوبصورتي کان متاثر ٿي ڀائرن سان ضد ٻڌي بيھي رھيو ته ھو پھرين شادي ڪندو ته مراد جي ڌيءَ بيگ ٻائي سان ڪندو تنھن کان پوءِ اڳتي ھلي مڱڻراءِ جي گھران ڪندو. ڀائرن کيس سمجھايو ته ”مڱڻراءِ جي گھر جيئن ته تاريخ طئي ڪيل آھي انڪري پھرين ھلي شادي اتان ڪرڻ کپي، پوءِ اچي ھتان به ڪنداسين، نه ته راڄ پاڻ مان لائيندا ته ڄڃ ھڪ ڪنوار جي ۽ شادي ٻي ڪنوار سان ٿئي؟!!“ تڏھن به جڏھن سمون ضد تان نه لٿو تڏھن ڀائرن سمي کي ڌمڪي ڏني ته؛ ”ھو کيس ڀاڳ به ڪو نه ڏيندا“. سمي جواب ڏنو ته؛ ”ڀاڳ ڀائرن جو آھي، نه ڏيندا ته پرواھه ناھي. ھيءَ شادي اڳ ۾ ضرور ڪندس.“ ڀائرن ٻيھر ڌمڪايس ته؛ ”نه صرف ڀاڳ پر ڀونءِ مان پڻ ڪجھه به ڪين ڏينداسون“. سمي جوابيو ته؛ ”مون ۾ ھمت ھوندي ته وٺي ويندس، پر ھيءَ شادي اڳ ۾ ضرور ڪندس“.
نيٺ انھيءَ ڪشمڪش ۾ ڀائرن پيءُ جي پڳ ’سمي‘ کان ڦري ننڍي ڀاءَ کي ’پلي‘ کي ٻڌرائي. ائين ٻيا سڀ ڀائر ڪاوڙجي ھليا ويا. صرف ٻه ناھيان (ڏاھر ۽ ھنڱورو)، نوتيار ۽ منھي سمي جا ساڻي ٿي سندس شادي راتورات مراد جي ڌيءَ بيگ ٻائي سان ڪرائڻ کان پوءِ ٻي شادي وڃي، مڱڻراءِ جي گھران ڪرائي آيا، جنھن جي تصديق ۾ ’ساڌو‘ جا ٽي شعر پڻ نقل ڪيل آھن.
١ - جي رائڌڻ راءِ ته سمي ٻيو راڄ ڪيو،
اوڇلي ڀون اوپري ڪيائين کنيري کاڄ.
٢ - سمي جا سميجا ٿيا ساري ڊھٽ،
پهره پلي وھاريو ڄام سمي پڃاڻان کٽ.
٣ - ٽي مڌرا ٻه ناھيان، سمون ۽ نوتيار،
سندي تنھن واحد پلي کي پئدا ٿي.
مصنف اڳتي صرف سمي بابت لکي ٿو ته؛ ھو ٻئي شاديون ڪري سمانگر (ٺٽي) ڪو نه ويو ۽ نصرپور ۾ رھي پيو. پر حقيقت ائين نه ٿي ٿي سگھي، ڇو ته جيئن ڪھاڻيءَ جي احوال ۽ عنوان مان صاف ظاھر آھي ته نه صرف سمون پر سندس ساڻي ٻه ناھيان، نوتيار ۽ منڌرا پڻ ساڻس گڏ ئي رھيا ھوندا ۽ پوءِ ٿي سگھي ٿو ته، ڪجھه عرصي بعد، سمي کي اتي ڇڏي، باقي خود واپس ھليا ويا ھجن، يا وري مستقل ساڻس گڏ گڏ رھيا ھجن.
ھڪ ٻي توجہ طلب ڳالھه جيڪا ھن ڪھاڻي ۾ آيل آھي اُھا اِھا ته مصنف رائدن جي نون پٽن کي ’ٺٽي‘ شھر کان نڪتل ۽ آخر ۾ سمي جو ’نصرپور‘ ۾ رھي پوڻ ڏسيو آھي. پر تاريخن ۾ اچي ٿو ته ٺٽو شھر سمان گھراڻي جي آخري بادشاھه ڄام نظام الدين جي ڏينھن ۾ سمن جي اصلي تختگاھ سمانگر کان ٽي ڪلو ميٽر پري ٻڌايو ويو جڏھن ته نصرپور شھر پڻ تحفة الڪرام مطابق سن ٧٥١ھ ۾ سلطان فيروز تغلق جو ٻڌرايل ڄاڻايل آھي. ان حساب سان جڏھن مصنف شجري واري رائدن جي نون پٽن کي موجوده ٺٽي شھر مان نڪرڻ ۽ نصرپور ۾ رھائش اختيار ڪرڻ ٿو لکي ته اھو بلڪل غير حقيقي ٿو لڳي، ڇو ته ٺٽي شھر ٻڌجڻ وقت شجري وارا اصل ڪردار، رائدن، ناھيون، نوتيار، منڌرو وغيره نه پر انھن جو اولاد ۽ اولادن جو به اولاد (جيئن ڄام نظام الدين وغيره) پيدا ٿي چڪو ھو. ان لاءِ مٿي مصنف جي لکيل ٺٽي شھر کي سمانگر لکيو ويو آھي. جيڪو ٺٽي شھر بڻجڻ کان پھرين راءِ گھراڻي کان وٺي قائم ھو ۽ اھڙيءَ طرح منھنجي خيال ۾ سمي ۽ ساڻي ڀائرن جو نصرپور شھر ۾ نه پر موجوده نصرپور جي اردگرد رھڻ سمجھيو وڃي (وڌيڪ علم، الله کي).